( 2 )
خوابن جو مواد، خوابن ذريعي يادگيرين جو اچڻ
THE MATERIAL OF DREAMS MEMORY IN DREAMS
خوابن جي سٽاءَ کي تيار ڪندڙ سمورو مواد، ڪنهن نه
ڪنهن طريقي سان، تجربن مان ايندو آهي، جنهن کي
خواب ذريعي ٻيهر پيدا ڪرڻ يا يادگيري ڏيارڻ چئي
سگهجي ٿو، ايستائين جو آخرڪار اسان ان کي بنا ڪنهن
بحث تڪرار جي حقيقت ئي تسليم ڪندا آهيون، پر ان کي
ائين سمجهڻ غلط ٿيندو ته خواب جي سٽاءَ ۽ حقيقت جي
وچ ۾ ان قسم جو ڳانڍاپو، آسانيءَ سان ظاهر ٿيڻ
لاءِ پابند هوندو آهي، جو ٻنهي کي ڀيٽي ۽ جلد ئي
ڪو نتيجو اخذ ڪري سگهجي. ان قسم جي ڳانڍاپي جو
ضروري عنصر ”مستقل مزاجي“ هوندو آهي يا ائين چئجي
ته اهو ڳانڍاپو، ڪنهن تسلسل ذريعي ڏسي سگهجي ٿو، ۽
سمورن معاملن
(Cases)
۾ گهڻو ڪري اهي يادگيريون، لڪل يا ڳجهيون رهنديون
آهن. ان جو سبب اهو آهي ته يادون ڪيترن ئي مختلف ۽
نرالن اندازن تي مبني هونديون آهن، جيڪي خواب ۾،
يادن جي ايوانن مان پنهنجو نماءُ ڪرڻ لڳنديون آهن
۽ جيتوڻيڪ انهن تي ٽيڪا ٽپڻي به ٿيل هوندي آهي پر
پوءِ به ان وقت تائين انهن متعلق ڪيل وضاحت رڪاوٽ
بڻيل هوندي آهي. ان ڪري اهميت ان ڳالهه جي آهي ته
انهن انوکين خوبين کي نهايت غور سان جاچڻ گهرجي.
ٿي سگهي ٿو ته خواب جي سٽاءَ ۾ يادن جو ڪو مختصر
حصو ظاهر ٿيو هجي، جنهن کي اسان پنهنجي جاڳ واري
حالت دوارن، اسان جي علم ۾ اضافي يا تجربي جي طور
قبول نه ڪيو هجي. اسان ياد ته يقينن گهڻو ئي ڪجهه
رکندا آهيون، جن بابت اسان خواب به ڏسندا آهيون پر
اسان کي اهو ياد نه رهندو آهي ته حقيقت ۾ اهو
تجربو اسان ڪڏهن ۽ ڪيئن ڪيو هو! اهڙيءَ ريت اسان
شڪ شبهي ۾ مبتلا ٿي ويندا آهيون ته اهو تجربو وري
ڪهڙي ڏسا مان خواب ۾ ظاهر ٿيو آهي ۽ ان ريت اسان
ڌتارجي، ويساهه ڪرڻ لڳندا آهيون ته اهو ڪنهن
خودمختيار قوت جي پيداوار آهي، ۽ بعد ۾، ڪنهن وڏي
وقفي کان پوءِ ڪي تازا تجربا، وسري ويل واقعن جي
ياد ڏياريندا آهن ۽ ساڳئي وقت ”خواب جو ڪارڻ“ به
پڌرو ٿي پوندو آهي. اهڙيءَ ريت اسان مڃڻ لڳندا
آهيون ته خواب ۾ اسان اهو ڪجهه ڄاتو ۽ ياد ڪيو،
جيڪو اسان جي جاڳ واري حالت دوران پهچ کان نهايت
دور هو.
ان ڏس ۾ ”ڊيلبوايوف“
(Delboeuf-1885,107)
پنهنجي تجربي جو هڪ زوردار مثال ڏنو آهي. ”هن خواب
۾ پاڻ کي پنهنجي گهر جي اڱڻ ۾ ڏٺو، جيڪو برف سان
ڍڪيل هو، اتي هن ٿڌ کان ڄمي ويل ٻه سانڊا
(Lizards)
برف ۾ دٻيل ڏٺا. ساهوارن سان پيار ڪرڻ واري احساس
سبب هن انهن کي ٻاهر ڪڍيو ۽ کين گرمائش ڏئي، کڻي
جاءِ ۾ ٿيل ان سوراخ ۾ رکي ڇڏيو، جتي اهي رهندا
هئا. جنهن کان پوءِ هن کين کائڻ لاءِ گلن ٻوٽن جو
جهڳٽو ۽ ديوار تي چڙهيل ول جا ڪجهه پن ڏنا، جن
لاءِ کيس اندازو هو ته اهي هنن کي ڏاڍا پسند هئا.
خواب ۾ هن ڄاتو پئي ته ان ٻوٽي جو نالو ”فرن“ يعني
وڏن پنن وارو يا شاخن وارو ٻوٽو
(Asplenium ruta muralis)
هو.“
خواب اڃان اڳتي وڌيو ۽ ٿوري دير کانپوءِ هو وري
سانڊن ڏانهن موٽي آيو. ته ڊيلبوايوف نهايت حيرت
مان ٻه ٻيا نوان سانڊا ڏٺا، جيڪي فَرن جي بچت کائڻ
۾ مصروف هئا. پوءِ هن پنهنجي چوڌاري نهاريو ته هن
پنجون سانڊو به ڏٺو، جنهن کان پوءِ ڇهون....، جيڪو
ديوار جي ان سوراخ ۾ پنهنجي رستو ٺاهي رهيو هو،
جڏهن ته سڄو رستو سانڊن جي انبوه سان ڀريل هو ۽
سڀني جو رخ هڪ ئي پاسي هو. ۽ ائين.....“
پوءِ هو جاڳي پيو.
ڊيلبوايوف ڪجهه لاطيني ٻوٽن جي نالن کان واقف هو،
جن ۾ ”فرن“
(Asplenium)
جو نالو موجود نه هو. پوءِ هن پنهنجي حيرت سبب ان
حقيقت جي تصديق ڪئي تڏهن کيس خبر پئي، ته ”فرن“ جي
نالي وارو ٻوٽو موجود هو، جنهن جو اصل نالو
Asplenium ruta muraria
هو، جيڪو خواب ۾ ٿوري بگڙيل صورت ۾ آيو هو. ٿي
سگهي ٿو ته اهو اتفاق هجي، جيڪو ”ڊيلبوايوف“ جي
لاءِ ڪو ڳجهو معاملو بڻيو هجي ته ڪيئن هن خواب ۾
آيل ”فرن“
(Asplenium)
جي نالي مان ڪا معلومات حاصل ڪئي هئي.
خواب 1862ع ۾ ڏٺو ويو، پر سورنهن سال بعد، جڏهن هي
فيلسوف پنهنجي هڪ دوست ڏانهن گهمڻ ويو ته هن ان وٽ
هڪ دٻيل گلن جو اهڙو آلبم ڏٺو، جيڪو، ٻاهران آيل
سياحن لاءِ سئٽزرلئنڊ جي ڪن علائقن جي خاص تحفي،
جي صورت ۾ وڪامندو هو. گلن جي ان آلبم ڏسڻ دوران
سانڀر، هن جي ذهن ۾ اڀرڻ شروع ڪيو. هن خشڪ ڪيل گلن
ٻوٽن جو آلبم کوليو، جتي هن خواب ۾ آيل لفظ
“Asplenium”
کي پنهنجي ئي هٿن سان لکيل ڏٺو ته هن کي حقيقت
معلوم ٿي.
1860ع ۾ يعني ٻه سال اڳ سانڊن متعلق ڏٺل خواب:
”ان ساڳئي دوست جي ڀيڻ شاديءَ کان پوءِ ڊيلبوايوف
وٽ اچي ڪجهه ڏينهن لاءِ گهمڻ آئي هئي، وٽس به اهو
آلبم هو، جيڪو سندس ڀاءُ تحفي طور کيس ڏنو هو،
تڏهن ڊيلبوايوف، ڪوشش ڪري، هڪ ماهر نباتات کان
پڇي، ان جي هرهڪ گل تي لاطيني نالو لکي ڇڏيو. سٺو
ٿيو جو ان محفوظ ڪيل دستاويز جو مثال موجود هو،
جنهن جي ڪري ڊيلبوايوف جي خواب جي ٻئي حصي جي
سٽاءَ جي گم ٿي ويل سبب کي ڳولهڻ ۾ آساني ٿي سگهي.
1877ع دوران هڪ ڏينهن هن ڪنهن سلسليوار تصويري
رسالو پئي ڏٺو، جنهن ۾ هن هڪ تصوير ڏٺي، جنهن ۾
سانڊن جي هڪ وڏي لانڍ نظر پئي آئي، جيڪا هن خواب ۾
1862ع ڌاري ڏٺي هئي. رسالو 1860ع ڌاري شايع ٿيو
هو، تڏهن ڊيلبوايوف کي ياد آيو ته هو ان رسالي جو
شروع کان خريدار رهيو هو.
اها حقيقت آهي ته خوابن کي، ياداشت تي پنهنجي
اختياري هوندي آهي، جنهن تي عام جاڳيل حالت ۾ پهچ
نهايت مشڪل هوندي آهي. اها ايتري ته غير معمولي
نوعيت جي ۽ خيالي يا غير عملي اهميت جي حامل هوندي
آهي جو مان ان تي اڃان به وڌيڪ ڌيان ڏيڻ چاهيندس
ته جيئن ان کي روڳ وديا جي حوالي سان غير معمولي
درجي جي تفصيلي يادگيريءَ کي قائم رکڻ جي خوابن
(Hypermnesic Dreams)
متعلق ڪجهه ٻين معاملن تي به غور ڪري سگهان.
”مائوري“ (ص: 142) اسان کي ٻڌايو آهي ته ڏينهن
دوران ڪيئن نه ٿوري وقت لاءِ لفظ ”موسيدان“
(Mussidan)
سندس مغز ۾ اچي ويهندو هو. جنهن متعلق هن ڪجهه به
نه ٿي ڄاتو، سواءِ ان جي ته اهو فرانس جي هڪ شهر
جو نالو هو. هڪ رات هن خواب ٿي ڏٺو ته هن ڪنهن سان
گفتگو پئي ڪئي، جنهن کيس چيو هو ته ”هو موسيدان
مان آيو آهي.“ ان تي هن کائنس پڇيو هو ته ”اهو ڪٿي
آهي؟“ جنهن تي هن جواب ۾ ٻڌايو هوس ته: ”اهو
ڊورڊون جو هڪ ننڍڙو شهر آهي.“ پوءِ مائوري جڏهن
جاڳيو ته کيس خواب ۾ مليل ان معلومات تي ويساهه ڪو
نه ٿي آيو. پوءِ هن جاگرافيائي نالن واري فهرست
(Gazetteer)
جو مطالعو ڪيو ته کيس اهو درست نظر آيو.
هن خواب جي معاملي ۾ خواب جي شاندار ۽ نهايت وڏي
ساڃاهه جي حقيقت ته ثابت ٿئي ٿي، پر ان ”ڄاڻ جي
ويساري جو ڪارڻ“ پڌرو نه آهي.
”جيسن“ (ص: 551) به گذريل وقت جي حوالي سان، ساڳي
ئي قسم جو خواب بيان ڪيو آهي:
”ان حيثيت وارن سان وابستا ڪجهه ٻين مان ”وڏڙي
شيليگر“ جو هڪ خواب“، جنهن جو حوالو ”هيننگس“
(Hennings,1784-300)
به ڏنو آهي، جنهن ويرونا جي ڪنهن معروف شخص جي
تعريف ۾ هڪڙو شعر لکيو هو. هڪڙو شخص، جيڪو پاڻ کي
”برگنولس“
(Brugnolus)
سڏائيندو هو، سو کيس خواب ۾ نظر آيو ۽ شڪايت ڪرڻ
لڳو ته هن کي نظرانداز ڪيو ويو آهي. حالانڪ
”شيليگر“
(Scaligar)
کي ياد ڪونه هو ۽ نه ئي هن ٻڌو هو ته هن مٿس ڪي
شعر لکيا آهن. ٿورو عرصو پوءِ جڏهن سندس پٽ ويرونا
۾ پڙهڻ ويو ته برگ نولس نالي ڪو شخص واقعي
تنقيدنگار جي حيثيت وارو هڪ مشهور شخص موجود هو.“
”واشيدي“
(Vashide,1911,232)،
مارڪئس ڊي هاروي ڊي سينٽ ڊينيس
(Marquis D, Harvey de St. Denys,1867-305)،
جو حوالو
ڏيندي بيان ڪيو آهي ته:
”غير معمولي درجي جي تفصيلي يادگيريءَ کي قائم رکڻ
جي، خواب ۾ هڪ انوکي خاصيت هوندي آهي، اهڙي قسم جو
خواب ڪنهن ٻئي خواب جي حوالي سان ايندو آهي، جيڪو
مڪمل طور تي ان ڳالهه جي تصديق ڪندو آهي ته شناخت
نه ٿيندڙ يادگيريءَ ۾ پهرين ڇا هو! مون هڪ ڀيري هڪ
نوجوان عورت جو خواب ڏٺو، جنهن جا وار سون جا هئا،
جنهن کي مون پنهنجي ڀيڻ سان ڳالهائيندي ڏٺو، ان
وقت هوءَ کيس ڪو ڀرت ڏيکاري رهي هئي. خواب ۾ هوءَ
مون کي نهايت پنهنجي پنهنجي پئي لڳي، سمجهان پيو
ته کيس اڳ به ڪٿي ڏٺو اٿم. جاڳڻ کانپوءِ به هن جو
چهرو ڏاڍي چٽيءَ ريت منهنجي اکين اڳيان پئي ڦريو،
پر مان کيس سڃاڻي نه پئي سگهيس. پوءِ مان وري سمهي
پيس، ته وري ساڳي ئي خواب جو منظر نظر اچڻ لڳو....
هن ٻئي خواب ۾ مون سونهري وارن واري ان نوجوان
عورت سان ڳالهايو ۽ پڇيو ته ”اڳ جيڪڏهن مون کي
ساڻس ڪٿي ملڻ جي خوشي نه ٿئي ها ته جيڪر....“
”جي جي بلڪل...“ چوڻ لڳي، ”توکي ياد نه آهي، سج جي
سطح تي ٿيندڙ روشنيءَ جو محور هو، ۽ تون مان
هئاسين...“ مان هڪدم جاڳي پيس ۽ ساڻس خواب واري
تعلق جو سمورو موهيندڙ منظر تفصيلي طور تي واضع ٿي
ويو.
ساڳئي ليکڪ (ساڳئي ڪتاب جي 306 صفحي تي) ”واشيدي“
جو ٻيهر حوالو (4، 233) ڏيندي ٻڌائي ٿو ته هڪ
موسيقار پنهنجي ڄاڻ کي هڪ ڀيري خواب ۾ هڪ نئين ڌن
جي انداز ۾ ٻڌو، ۽ پوءِ ڪي گهڻا سال نه گذريا هئا
جو پنهنجي گڏ ڪيل ڌنن مان کيس اها ڌن به ملي وئي،
جڏهن ته کيس يقين ڪونه ٿي آيو ته هن ان ڌن کي اڳ
ڪڏهن ڏٺو هو.
مان سمجهان ٿو ته ”مايرس“
(Myers, 1892)
غير معمولي درجي جي تفصيلي يادگيريءَ کي قائم رکڻ
وارن خوابن
(Hypermnic Dreams)
جي سمورن قسمن کي، جسماني تحقيق جي سماجي
ڪاروائيءَ لاءِ گڏ ڪري شايع ڪيو آهي. بدقسمتيءَ
سان اها تحقيق مون کي هٿ اچي نه سگهي آهي.
مان نه ٿو سمجهان ته ڪوبه شخص، جيڪو سدائين سپنن
سان سلهاڙيل هجي ته اهو، جاڳ دوران، ذهن ۾ گڏ ٿيل
ڳالهين کي ڳولهڻ ۾ ناڪام به ٿي سگهي ٿو پر
”يادگيرين ۽ ڄاڻ متعلق شاهدي ڏيڻ“ سپني لاءِ هڪ
عام ڳالهه آهي.
گهٻراهٽ جي مريضن جي تحليل نفسيءَ بابت ڪيل منهنجي
ڪم ۾، (جنهن متعلق مان پوءِ ڳالهائيندس) هفتي جو
ڪيترو وقت مريض سان، سندس خوابن جي حوالي سان اهو
ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رڌل رهندو آهيان ته ”اهي گهڻو
ڪري حوالن ۽ ڪن فحش قسم جي لفظن وغيره تي ٻڌل
هوندا آهن، جيڪي خوابن ۾ پيا استعمال ٿيندا آهن،
جيتوڻيڪ اهي جاڳ واري حالت ۾ ماڻهوءَ کان وسريل
هوندا آهن.
مان خواب ۾ غير معمولي درجي جي تفصيلي يادگيريءَ
کي قائم رکڻ جو هڪ سادو مثال شامل ٿو ڪريان، ته
جيئن ان ”معلومات جي ذريعي“ کي آسانيءَ سان ڳولهڻ
ممڪن ٿي سگهي، جنهن تائين رڳو خواب جي ذريعي ئي
پهچي سگهجي ٿو.
منهنجي هڪ مريض ڪنهن عمل دوران چڱو ڊگهو خواب ڏٺو
ته هو جڏهن ڪنهن ڪيفي ۾ ويٺو هو ته هو ”ڪونتوزوڪا“
(Kontuszowka)
آڻڻ جو حڪم ڏئي رهيو هو. مون کي ٻڌائڻ کان پوءِ هن
مون کان ڪونتوزوڪا متعلق پڇيو ته اهو ڇا آهي،
ڇاڪاڻ ته هن ان قسم جو لفظ اڳ ڪڏهن به نه ٻڌو هو،
جنهن تي مون کيس ٻڌايو ته اهو پولينڊ جي شراب جو
نالو آهي. هن کي اصل ۾ ان جي خبر ڪانه هئي پر جيئن
ته مان ان جو هڪ وڏو اشتهار ڏسي چڪو هوس ان ڪري
مان ان نالي کان واقف هوس. پهرين ته هن مون تي
يقين نه پئي ڪيو، پر ڪجهه ڏينهن کانپوءِ، ان ڪيفي
۾ ئي هن جو اهو خواب سچو ثابت ٿيو، جتان هن گهٽيءَ
جي ڪنڊ تي لڳل تختي تي ان جو نالو لکيل ڏٺو، جنهن
کيس پنهنجي ماضيءَ جو اهو خواب ياد ڏياري ڇڏيو ۽
پوءِ ته ڪيترن مهينن تائين اٽڪل ڏينهن ۾ ٻه ٻه
ڀيرا پنهنجي ماضيءَ کي پيو ياد ڪندو هو.
مون پنهنجي خوابن تي پاڻ به ڌيان ڏئي ڏٺو آهي
ته انهن ۾ ڪيتري حد تائين اتفاقي ڳالهيون موجود
آهن، جو جيڪڏهن ڪو شخص خواب جي خاص عنصرن ۽ ان جي
سببن کي ڳولهي ته ان کي ان جو سڳ ملي سگهي. ايتري
قدر جو هن ڪتاب کي مڪمل ڪرڻ کان ڪيترا سال اڳ ۾ ئي
مان ”گرجا جي ٿنڀي“ جي تصوير کي سمجهڻ جي پويان
لڳل هوس، جيڪو ٺهيل ته نهايت سادو هو، جنهن لاءِ
مون کي ياد نه آهي ته مون ان کي ڪڏهن ڏٺو به هو،
پر سالزبرگ ۽ ريشنهال ريلوي لائين جي وچ ۾ ٺهيل هڪ
ننڍي اسٽيشن تي مون ان کي اوچتو سڃاڻي ورتو، بلڪل
پڪي يقين سان، سو به تڏهن جڏهن مان ارڙهن اڻويهن
سالن جي ڄمار دوران، يعني 1886ع ڌاري ان طرف
پهريون ڀيرو سفر ڪري رهيو هوس. بعد ۾ مان جڏهن
خوابن جي اڀياس ڪرڻ ۾ محو ٿي ويو هوس ته منهنجي
خوابن ۾ ور ور ڪري اها خاص تصوير، بلڪل ڪنهن غير
معمولي عمارت جيان نظر ايندي هئي جنهن، ڄڻ ته صفا
بيزار ڪري ڇڏيو هو.
”مون سان وابستا خاص ماحول جي ڪشادگيءَ ۾، مون
پنهنجي کاٻي پاسي، هڪ اونداهون حصو ڏٺو، جتي سنگ
مرمر جون ٺهيل ڪيتريون ئي کِل ڏياريندڙ شڪليون ٽم
ٽم ڪري رهيون هيون. مون کي اها اڻ چٽي يادگيري
آهي، جنهن کي نه چاهيندي به مڃيندو آهيان. مون کي
ٻڌايو ويو ته اهو شراب گڏ ڪرڻ جو تهه خانو هو، پر
ان خوابي تصوير توڙي ان جي حقيقي هجڻ جي باوجود،
مان ان جو سڳ ڳولهڻ ۾ ناڪام ٿيو آهيان.“
1907ع ڌاري روم جي شهر پاڊيوا
(Padua)
۾ ويو هوس، جتي مون کي افسوس ٿيو، جو 1895ع تائين
منهنجو اوڏانهن وڃڻ ڪونه ٿيو هو. جهڙيءَ ريت بيبي
مريم جي آکاڙي ۾ گيوٽو
(Giotto)
جي پهلوانيءَ جا ڪرتب ڏسي نه سگهيو هوس، تهڙيءَ
ريت ان پياري علمي شهر ڏانهن منهنجو پهريون دورو
نهايت مايوس ڪندڙ هو. مان مرڪزي گهٽيءَ جي اڌ تان
ئي موٽي ويس ۽ اچي اهو چيم ته ان ڏينهن تي خاص طور
تي ڪليسا بند هئي. ٻارهن سالن کانپوءِ منهنجي ٻئي
دوري دوران مون ان ڪميءَ کي پوري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو
۽ پهريون ڪم اهو ڪيو جو ڪليسا جي آکاڙي جي باري ۾
لکڻ ۽ ڇپائڻ شروع ڪيو. اها گهٽي، جيڪا اوڏانهن پئي
وئي، سا منهنجي کاٻي طرف هئي، جنهن تان جيئن مان
هلندو ويندو هوس، بلڪل ائين ئي ان جو هر ممڪن
نُڪتو مون ان ۾ شامل ڪيو، جنهن کان پوءِ مان 1885ع
ڌاري اتان موٽي آيس. مان ان جاءِ تان موٽيو هوس،
جنهن کي مون سدائين سپنن ۾ ڏٺو هو، ان جي ٺهيل حصي
۾ سنگ مرمر جي چمڪندڙ شڪلين سميت..... ۽ حقيقت ۾
اهو ئي طعام کائڻ واري باغ ۾ داخل ٿيڻ جو دروازو
هو.
انهن ذريعن مان هڪڙو، جنهن مان خواب، مواد کي ٻيهر
پيدا ڪرڻ لاءِ ان مواد ڏانهن ڪاهي ٿو، جنهن کي نه
ته ياد رکيو ويو هو نه ئي ان کي جاڳيل حالت دوران
سوچ ويچار ذريعي استعمال ڪيو ويو هو. ۽ اهو مواد
آهي ”ٻالڪپڻي جا تجربا“. مان هتي انهن چند ليکڪن
جا مثال پيش ڪندس جن انهيءَ حقيقت تي زور ڏنو آهي.
”هلڊيبرانٽ“ (ص:23) لکي ٿو ته: ”مان اڳ به واضع
طور تي قبول ڪري چڪو آهيان ته خواب، ڪڏهن ڪڏهن
اسان جي ذهن کي، نهايت دلڪش ۽ طاقتور انداز سان
ياد ڪرائيندا آهن، ڀلي ته اهي پراڻا يا اسان جا
تمام آڳاٽا ۽ وسري ويل واقعا ڇو نه هجن.“
”اسٽرومپيل“ (ص: 40) لکي ٿو ته: ”اها حالت به
نهايت غير معمولي هوندي آهي، جڏهن اسان اهو مشاهدو
ڪندا آهيون ته خواب، اسان جي ابتدائي يا جوانيءَ
جي تجربن کي ڪيئن نه وقت جي لٽ ۾ لٽجي ويل ڪچري جي
نهايت گهري کڏ مان ساڳي ئي چٽائي سان کڻي ايندا
آهن، بلڪل ساڳين جاين جون تصويرون، شيون، ماڻهو،
پنهنجي مڪمل ۽ حقيقي تازگيءَ سان.
اها ڳالهه رڳو انهن تجربن تائين ئي محدود نه هوندي
آهي جيڪي، جڏهن ظاهر ٿيندا آهن ته نهايت جيئرا
جاڳندا احساس پيدا ڪندا آهنٰ يا جنسي اهميت جي
مٿانهين درجي جو سرور ڏئي ڇڏيندا آهن ۽ خواب ۾
اهڙي ته اصلوڪي انداز ۾ ايندا آهن، جو جاڳ واري
حالت ۾ به دل بهار بهار پئي ٿيندي آهي. پر ان جي
ابتڙ، خواب ۾ يادگيريءَ جي گهرائي، آڳاٽن وقتن جي
ماڻهن، شين، جاين ۽ واقعن جي تصويرن کي به شامل
ڪندي آهي، ڀلي ته انهن سان، ماڻهوءَ جي ڪا اهم
طبعي وابستگي نه به هجي، يا ساڻن نهايت معمولي
درجي جي واقفيت هجي، يا اهي بلڪل به ڌاريون جايون
۽ اَڻ ڏٺل چهرا هجن، ايستائين جو ڀلي ته جاڳ واري
حالت ۾ ماڻهو انهن جي اصليت بابت کوجنائون ڪندا
هجن.“
”والڪيلٽ“
(Volkelt, 1875,119)
لکي ٿو ته: ”خاص طور تي اها ڳالهه پڻ غير معمولي
آهي ته ٻالڪپڻي جون يادگيريون، خوابن ۾ ڪيئن نه
ٺهه پهه اچي ٿيون وڃن ۽ ڪيئن نه پنهنجو رستو ٺاهي،
نروار ٿين ٿيون. خواب اسان کي انهن شين متعلق به
مسلسل ياد ڏياريندا رهندا آهن، جيڪي گهڻو ڪري اسان
لاءِ غير اهم هونديون آهن. جن تي اسان سوچڻ ڇڏي
ڏنو هوندو آهي.“
خوابن کي گهڻو ڪري ننڍپڻ جي مواد تي وڌيڪ دسترس
هوندي آهي، ۽ جيئن ته اسان سڀئي ڄاڻون ٿا ته اهڙي
مواد جو گهڻو حصو، اسان جي يادگيرين جي شعوري شعبي
جي وٿين ۾ وڃائجي ويندو آهي. اهي اثرانداز ٿيندڙ
حالتون، غير معمولي درجي جي تفصيلي يادگيريءَ کي
قائم رکندڙ ۽ دلچسپ خوابن کي اڀارينديون رهنديون
آهن، جن متعلق مان ڪجهه ٻيا مثال به پيش ڪندس.
”مائوري“ صفحي 92 تي لکي ٿو ته ”جڏهن هو ننڍو
هوندو هو ته هن ڪيئن نه پنهنجي جنم ڀومي ”ميوز“
(Meaux)
کان، ڀر واري ڳوٺ ”ٽرل پورٽ“ وڃڻ جو تجربو ڪيو هو،
جتي سندس والد هڪ پل جي تعميرتي ”داروغو“ هو. هڪ
رات خواب ۾ هن پاڻ کي ٽرل پورٽ ۾ موجود ڏٺو هو ۽
هڪ ڀيرو ٻيهر پڻ انهن ڳوٺاڻين گهٽين ۾ راند کيڏندي
ڏٺو هو. هڪ ماڻهو وٽس آيو، جنهن کي ڪنهن قسم جي
وردي پيل هئي. مائوري کائنس نالو پڇيو ته هن کيس
ٻڌايو ته کيس ”سي“ چوندا آهن، ۽ هو اتي ”پهرو“
ڏيندو آهي.“ مائوري جاڳيو ته سهي پر يادگيريءَ جي
نه اچڻ سبب وهم ۾ مبتلا ٿي ويو، هن پنهنجي پراڻي
نوڪرياڻيءَ کان پڇيو، جيڪا ساڻس ننڍپڻ کان گڏ
رهندي هئي.
”تون ان نالي واري شخص کي سڃاڻي ٿي؟“
”ها ڇو نه،“ هن کيس جواب ۾ چيو، ”جن ڏينهن ۾
تنهنجو پيءَ ان پل جي تعمير دوران داروغو هو ته هو
انهن ڏينهن ۾ اتي چوڪيداري ڪندو هو.“
”مائوري“ (ص: 4 ۽ 143) ننڍپڻ جي يادگيريءَ جي
تائيد ۾ هڪ ٻيو ۽ ٺهڪندڙ مثال ڏنو آهي. هن مثال
وارو خواب ”مانزيور- ايف“
(Monsieur-F)
ڏٺو هو، جيڪو جڏهن ننڍڙو هو ته ”مونٽ بريسن“
(Montbrison)
۾ رهندو هو. اتان لڏڻ جي پنجويهن سالن کانپوءِ
پنهنجي خاندان جي ڪجهه عزيزن سان گڏجي، هن ٻيهر
اوڏانهن وڃڻ جو فيصلو ڪيو. وڃڻ کان هڪ رات اڳ ۾ هن
خواب ڏٺو ته هو اڳي ئي مونٽ بريسن ۾ موجود آهي ۽
شهر جي ويجهو هڪ شريف ماڻهوءَ سان مليو، جيڪو سندس
واقف نه هو، پر هن کيس چيو ته:
”مان ”مانزيور ٽي“ آهيان ۽ تنهنجي پيءُ جو دوست
آهيان.“ خواب ڏسندڙ ان ڳالهه کان واقف هو ته جڏهن
هو ننڍو هوندو هو ته اهڙي نالي واري شخص کي
سڃاڻيندو هو. پر جڏهن هو ننڊ مان جاڳيو ته کيس
بنهه ياد ڪونه ٿي آيو ته ان صورت وارو شخص ڪير هو!
پوءِ ڪجهه ڏينهن کانپوءِ جڏهن هو مونٽ برسن پهتو
ته اتي اهو ئي علائقو ڏٺائين، جنهن کان اڳ اڻواقف
هو ۽ ان شخص سان به مليو جيڪو سندس خواب ۾ نظر آيو
هو. البت حقيقي شخص، خواب واري شخص کان ٿورو وڌيڪ
پوڙهو هو.
هن نڪتي تي مان پنهنجو هڪ خواب شامل ڪرڻ ٿو
چاهيان، جنهن ۾ ڪنهن شيءِ جي تلاش هئي، اهو ان جو
”تاثر“ نه پر هڪ ”لاڳاپو“ هو. مون خواب ۾ هڪ اهڙي
ماڻهوءَ کي ڏٺو، جنهن کي مون سڃاتو پئي ته هو
منهنجي اباڻي شهر جو ڊاڪٽر هو. سندس صورت گهڻي
واضع ڪانه هئي، پر سندس شڪل منهنجي پرائمري اسڪول
جي هڪ استاد جهڙي پئي لڳي، جنهن سان ڪڏهن ڪڏهن ملڻ
جلڻ پيو ٿيندو هو. جڏهن جاڳيس ته سمجهي نه سگهيس
ته انهن ٻنهي شخصن جي وچ ۾ ڪهڙو لاڳاپو هو. مون
پنهنجي والده کان پڇيو ته هن ڊاڪٽر جي متعلق،
منهنجي ننڍپڻ واري عرصي جي ڳالهه ڪندي ٻڌايو ته
”ان کي رڳو هڪڙي اک هوندي هئي،“ ۽ خواب ۾ ان اسڪول
جي استاد جو روپ ڌارڻ ڪيو هو، جنهن کي به رڳو هڪڙي
اک هئي. ۽ ان ڊاڪٽر کي ڏٺي به مون کي ٽيهه سال ٿيا
هئا، ۽ پنهنجي جاڳ واري زندگيءَ دوران مون ڪڏهن به
ان کي ياد نه ڪيو هو. ٿي سگهي ٿو منهنجي کاڏيءَ
وارو داغ منهنجو ڌيان ان طرف ڇڪرائيندو هجي.
ٻئي طرف ڪجهه ليکڪن دعويٰ ڪئي آهي ته اهڙا عنصر
گهڻن ئي خوابن ذريعي لڀندا آهن، جيڪي خواب ڏسڻ کان
ڪجهه ڏينهن اڳ وارن تجربن ۽ واقعن سان وابستا
هوندا آهن، ۽ اهي ماڻهوءَ جي جذبن يا خيالن جي
گهرائي جاچي، خوابي سٽاءَ ۾ ننڍپڻ جي تجربن جي
ڳوراڻ کي هلڪو يا برابر/هموار ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا
آهن. حالانڪ ”روبرٽ“
(Robert, 1886.46)
اصل ۾ چٽيءَ ريت لکيو آهي ته: ”جيئن قانون آهي ته
عام قسم جي خوابن جو واسطو گذريل چند ويجهن ڏينهن
جي معاملن سان هوندو آهي.“ اسان ”روبرٽ“ جي جوڙيل
خواب جي نظريي تحت کوج لڳائينداسين، ته هن ان
ڳالهه کي ضروري قرار ڏنو آهي ته ”خواب جو سٽاءُ،
نهايت تازو پيش آيل نشانين کي اڳتي آڻي ٿو ۽
گذريلن کي نظرانداز ڪري ڇڏي ٿو.“
هن جو اهو خيال درست نه آهي، ڇاڪاڻ ته اها ڳالهه
مان پنهنجي کوجنا مان ثابت ڪرڻ جي اهل آهيان.
آمريڪا جي هڪ ليکڪ ”نيلسن“
(Nelson, 1888.380)
جو رايو آهي ته: ”خواب جي سٽاءَ ۾ شامل ٿيندڙ
ڪيتريون ئي نشانيون گذريل ڏينهن جي تجربن مان
اڀرنديون آهن، پر خواب ايندڙ ڏينهن يا گذريل ڏينهن
جي تجربن مان به جڙندو آهي. پر ايندڙ وقت دوران
پيش ايندڙ تجربن کي ”گهٽائي يا پرانهون ڪري پيش
ڪرڻ خواب لاءِ ايترو آسان نه هوندو آهي.“
ڪيترا ليکڪ، جيڪي خواب جي سٽاءَ ۽ جاڳ واري حالت
جي وچ ۾ ڪنهن شڪ شبهي کي شمار نه ٿا ڪن، اهي ان
حقيقت کان متاثر ٿيل نظر اچن ٿا ته ”انهن تجربن،
جن سان جاڳ واري حالت وارا خيال وڏي اتساهه ۽ گرم
جوشيءَ سان پنهنجي جاءِ والارين ٿا، جيڪي ڏينهن
دوران آيل خيال، ڪم ڪار جي ڪري هڪ پاسي ڌڪجي وڃن
ٿا، اهي ئي خواب ۾ نظر اچن ٿا.“
”ڊيلاگي“
(Delage,1891,40)
جو چوڻ آهي ته:
”اهڙيءَ ريت اهو به قاعدو آهي ته ڪنهن پرين پياري
جي گذاري وڃڻ کانپوءِ، صدمي جي غلبي سبب ماڻهو ان
جِي خواب سان ابتدا نه ڪندو آهي. ٻئي طرف هڪ بلڪل
تازو مشاهدو آهي، ۽ ان ڏس ۾ ”مس هالم“
(Hallam and Weed, 1896,410,11)
ڪيترائي واقعا گڏ ڪيا آهن، اهڙيءَ ريت اسان منجهان
هر ڪنهن جي ”نفسياتي انفراديت“
(Psychological
Individualism)
جي درست دعويٰ ڪئي آهي. خوابن ۾ يادگيريءَ جي ٽئين
۽ انتهائي اثرائتي، وسيع ۽ سمجهه لائق خاصيت، ٻيهر
تخليق ڪيل مواد جي چونڊ آهي. ان جومقصد اهو نه
هوندو آهي جاڳيل حالت جيان، اهو مواد ڇا لاءِ
ڳولهيو ويو؟ ۽ نه ئي اها ڳولها ان واقعي جي ياد
ڏيارڻ جي اهميت لاءِ هوندي آهي، پر ”وڌيڪ اهم ڇا
آهي!“ يا ائين به چئي سگهجي ٿو ته وڌيڪ اڻ ڌريو ۽
بي معنا ڇا آهي؟ هن نڪتي تي مان انهن ليکڪن جا
حوالا ڏيندس جن پنهنجي حيرت جا انتهائي مضبوط مثال
ڏنا آهن.
”هلڊيبرانٽ“ (صفحو: 11):
”غير معمولي شيءَ لاءِ وضاحت هن ريت ڪئي آهي ته
”خواب جا عنصر ڪن وڏن يا سرگرم واقعن مان نه جڙندا
آهن ۽ نه ئي گذرندڙ ڏينهن جي ڪن طاقتور يا لاچار
ڪندڙ دلچسپين تي ٻڌل هوندا آهن، پر اهي واقعاتي
تفصيل مان، ڪن بي معنيٰ، ٽٽل ۽ اڻپورن تجربن ۽
ڳالهين مان جڙندا آهن، جنهن لاءِ ائين چئي سگهجي
ٿو ته تازو ڪهڙو تجربو ڪيو ويو هو يا ماضيءَ جي
پراڻي معاملي ۾ ڇا هو؟ ڪو خانداني ڏک، محرومي يا
خاليپڻو، جنهن اسان کي گهرائيءَ سان موڙي ڇڏيو هجي
۽ رات جي سمهڻ وقت ان جو تازو اولڙو، پيو هجي،
جيڪو اسان جي جاڳڻ جي پهرين لمحي تائين، سانڀر مان
ميسارجي ويو هجي، اهو جاڳندي ئي، مونجهارو پيدا
ڪرڻ سبب ٻيهر موٽي وڃي ٿو. ٻئي طرف گهٽيءَ ۾ گڏجي
ويل ڪنهن اجنبيءَ جي ڳِل تي تِر هجي، ۽ ان جي گذري
وڃڻ کانپوءِ ڪو ٻيو رايو قائم نه ڪندا هجون ته اهو
ئي ڪردار اسان جو سپنو ادا ڪري ٿو.
”اسٽرومپيل“ (صفحو: 39):
”اهڙا ڪيترائي خواب آهن جن جي تجزبي ڪرڻ سان خبر
پوي ٿي ته انهن جا جزا، سچ پچ گذريل ڏينهن جي
تجربن مان کڄي آيل آهن، يا انهن جا جانشين آهن، پر
اهي تجربا ان لحاظ کان غير اهم به آهن جو جاڳ واري
يا شعوري حالت جي حوالي سان اهي ظاهر ٿي وري هڪدم
وسري به ويندا آهن. ان قسم جي تجربن جو مثال
حادثاتي طور تي لڪي يا بيخبريءَ ۾ ٻڌل ڳالهين کي
شامل ڪرڻ جيان هوندو آهي، يا ڪنهن ٻئي شخص جي عملن
جو هلڪي انداز ۾ ڪيل مشاهدو، يا گذرندڙ ماڻهوءَ جو
ڪو ڀاوُ، ڪنهن شيءَ يا انوکي قسم جو پڙهيل ٽڪرو
وغيره هوندو آهي.“
”هيولاڪ ايلس“
(Havelock Elis, 1899,727):
”جاڳ دوران، شدت سان محسوس ٿيندڙ اهي سوال ۽
مسئلا، جن تي اسان پنهنجي وڏي دماغي صلاحيت
استعمال ڪندا آهيون، اهي مسئلا اهي نه هوندا آهن
جيڪي عام طور تي خواب جي شعوري سطح تي پاڻ کي حاضر
ڪري وٺندا آهن. جيستائين اسان جي ويجهي ماضيءَ جو
تعلق آهي ته اهي گهڻو پري، زياده تر معمولي يا غير
اهم، اتفاقي ۽ حادثاتي هوندا آهن، پر اسان جي
خوابن ۾ روزاني زندگيءَ جا ”وسري ويل“ نشان ئي
گهڻو ڪري ظاهر ٿيندا آهن. نفسي يا ذهني صلاحيتون،
هڪڙيون اهي هونديون آهن جيڪي نهايت شدت سان جاڳيل
هونديون آهن ۽ ٻيون اهي جيڪي شدت سان ننڊ پيون
هونديون آهن.“
”بنز“
(Binz, 1878,44-5):
اصل ۾ ان کي خاص طور خواب ۾ يادگيريءَ جي ”نرالي
خاصيت“ بنايو آهي، موقعي مطابق پنهنجي بي قراري
ظاهر ڪرڻ لاءِ، جن کي خوابن جي وضاحتن سان، اها
خاصيت پاڻ ئي هٿي ٿي ڏئي: ۽ فطري طور خواب ساڳئي
مسئلي کي اڀاري ٿو. ڀلا اسان سدائين گذاريل ڏينهن
جي ياداشت ۾ مدد ڏيندڙ
(Mnemic)
نشانين جا خواب ڇو نه ڏسندا آهيون؟ يا عام طور تي،
بنا ڪنهن مراد، خيال ۽ تصور جي ئي ظاهر يا چٽائيءَ
بجاءِ ناياب ۽ وڃائجي ويل ماضيءَ جي يادن ۾
زبردستيءَ داخل ٿيل ڇو نه ڏسندا آهيون؟ اسان جو
شعور گهڻو ڪري گذاريل ڏينهن جي ياداشت ۾ مدد ڏيندڙ
نشانيون، خوابن ۾ لاتعلق نموني جي ئي شڪلين ۾ ڇو
آڻيندو آهي؟ جيئن ته ذهن جا جيوَ گهرڙا تجربي ۾
آيل اهي انتهائي حساس نشانيون کڻي ايندا آهن، جن
جا ڪيترائي ئي حصا، تيستائين خاموش يا بي حرڪت
هوندا آهن، جيستائين اهي، جاڳ دوران ٿورو وقت اڳ
جي يا تازين تحريڪن کي اڀارڻ يا ڀڙڪائڻ جو عمل نه
ڪن؟
اهو ڏسڻ آسان آهي ته خواب ۾، يادگيريءَ جي حوالي
سان لاتعلق ٿيل غير معمولي اهميت جا معاملا ڪيئن
نظر ايندا آهن ۽ گهڻو ڪري بنا اطلاع جي ايندا آهن،
ڇاڪاڻ ته جاڳ دوران ڪيل تجربو به عام طور تي
ماڻهوءَ کي نظرانداز ڪرڻ تي اڀاريندو آهي، پر
خوابن جو پنهنجي آزاد هجڻ وارو رويو اهو آهي جو،
ماڻهو جاڳ واري زندگيءَ دوران جن واقعن يا ڪنهن
خاص واقعي کي آزاديءَ سان ثابت ڪرڻ ۾ مشڪل محسوس
ڪندو آهي، خواب ان کي حل ڪرڻ ۾ وڏي آساني پيدا ڪري
ڇڏيندو آهي. اهڙيءَ ريت ”مس ويٽون ڪاڪنس“
(Miss Whiton Calkins, 1893.315)
پاڻ بابت ڪيل اڀياس متعلق ڪڍيل انگن اکرن ۽ پاڻ
سان گڏ ڪم ڪندڙ ساٿيءَ جي خوابن کي جاچيندي ڏٺو
ته جاڳ واري زندگيءَ سان وابستا، يارنهن سيڪڙو
خوابن ۾ ڪو به تصويري رابطو نه هو.”هلڊيبرانٽ“
(صفحو: 12) پنهنجي دعويٰ ۾ بلاشڪ درست آهي ته
اسان هر خوابي خاڪي جي پيدا ٿيڻ جي تشريح ڪرڻ جي
قابل به ٿي سگهون ٿا بشرطيڪ ان جي بنياد جي کوج
لڳائڻ لاءِ اسان پورو وقت ڏيڻ جي ڪوشش ڪريون. ان
معاملي ۾ هن جو چوڻ آهي ته ”اهو هڪ انتهائي محنت
وارو ۽ بي قدريءَ وارو ڪم آهي. اهو به اصول آهي ته
ماضيءَ سان وابستا، ڪنهن جي يادن جي محل مان مڪمل
طور تي ڳولهي ڪڍيل واقعي جو اختتام به ڪنهن اجائي
يا بيڪار، جسماني واقعي تي ٿيندو هجي ۽ مڪمل طور
تي ماضيءَ کان لاتعلق ٿيل هر قسم جي وساري ڇڏيل
ساعت، جنهن ۾ هر هڪ گهڙي اڀريل هجي، ان کي ڇڪي
ٻيهر روشنيءَ ۾ آڻجي ته شايد پوءِ ظاهر ٿئي.“
مان رڳو ان تي افسوس ڪري سگهان ٿو ته هن وسيع نظر
ليکڪ پاڻ کي ان رستي تي هلڻ کان روڪيو آهي، جنهن
جي اها نڀاڳي شروعات آهي، جيڪڏهن هو ان تي هلڻ لڳي
ته اهو ئي رستو جنهن ۾ يادون، سپنن ۾ پنهنجو عمل
ڪنديون آهن، سندس رهنمائي ڪندي کيس سپنن جي اونهي
تشريح تائين رسائي ڇڏينديون. ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي
ته يادن جي نظريي ۾ ان عمل جي ئي عام طور تي تمام
وڏي اهميت آهي. اها ئي ڳالهه اسان کي سيکاري ٿي.
بقول ”شولز“
(Scholz, 1893,59)
ته:
”ائين بلڪل به نه آهي ته جيڪو هڪ ڀيرو اسان جي ذهن
سان لڳاپيو، اهو ڪو صفا گم ٿي ويو!“ يا جيئن
”ڊيلبوايوف“ (صفحو: 115) پيش ڪيو آهي ته: ”جيڪو به
دلالي ڪندڙ ويچار يا ڪو نقش، ڀل ته ان نه بدلجڻ جي
قابل سراغ يا ڪو غير اهم نشان يا تاثر ڇڏيو هجي،
اهو اڻ چٽو يا مبهم ئي سهي پر ”بحال هجڻ“ جي قابل
هوندو آهي. نتيجو اهو ئي ٿو نڪري، جنهن سبب اسان
مرض وديا جي حوالي سان ذهني زندگيءَ جي ڪيترين ئي
اهڙين فطري حالتن مان پڻ گذريا آهيون.
خوابن جي متعلق ڪجهه اصول ، ۽ خوابن جي بيهودگي ۽
علحدگيءَ متعلق وڌيڪ دليلن کي سمجهڻ جا معاملا
جزوي يا ٿوري ويسر جي حوالي سان اسان اڳتي شامل
ڪنداسين ته اسان ڏينهن دوران ڇا ڏٺوسين.
اسان جڏهن پنهنجي دماغ کي تمام اعليٰ قسم جي اهليت
وارو ڀائيندا آهيون ته اسان پنهنجي يادن کي خوابن
۾ نمائش ڪندي ڏسي سگهندا آهيون، اسان انهن تضادن
متعلق به هوش حواس سان ويچار ونڊيندا آهيون، جن
سان اهي اصول لاڳاپيل هوندا آهن.
ٿي سگهي ٿو ته اسان کي ائين به لڳي ته خوابي سٽاءُ
يادن ۾ سانڍيل ان سموري واقعي کي گهٽائي پيش ڪري
ٿو، ٿي سگهي ٿو ته ٻيهر تخليق ڪرڻ جي متحرڪ اصول
تحت اهي فرض ڪري ورتل هجن، اهو متحرڪ اصول رات جو
به پنهنجي ڪم ۾ رڌل رهندو آهي ۽ ائين پنهنجي
پڄاڻيءَ تي به پهچندو آهي. اها ڳالهه جن ليکڪن جي
بيانن سان ملي ٿي، انهن ۾ ”پيلز“
(Pilcz, 1899)
به شامل آهي. جنهن مطابق، خواب جي ظاهر ٿيڻ ۽ ان
جي انهيءَ متن جي وچ ۾ مشاهدي جوڳو هڪ پڪو پختو
واسطو آهي، جيڪو ماضيءَ جي تمام آڳاٽين نشانين
مان، گهري ننڊ دوران خواب ۾ ٻيهر تخليق ٿئي ٿو،
جيڪو صبح تائين ڪيترين ئي تازين نشانين جيان ظاهر
ٿيندو رهي ٿو پر ان قسم جا رايا ڪنهن شخص ۾ فطري
غير امڪاني انداز يا اسلوب جا پابند آهن، جن ۾
خواب، انهيءَ مواد سان لهه وچڙ ۾ ايندو آهي، جيڪو
ياد رکڻ جهڙو هوندو آهي.
”اسٽرومپيل“ (صفحو: 18) درست نشاندهي ڪئي آهي ته:
”خواب، تجربن کي ٻيهر تخليق نه ڪندا آهن، اهي هڪ
قدم اڳتي کڻندا آهن، پر ٻئي قدم ۾ سنگهر درگذر ٿيل
هوندي آهي يا اها ڦيرڦار ٿيل صورت ۾ ظاهر ٿيندي
آهي، يا وري اها ڪنهن بنهه اڻ لاڳاپيل
(Extraneous)
۾ تبديل ٿي ويندي آهي. خواب، ڪنهن به اڻپوري حصي
جي ٻيهر تخليق ڪرڻ کان وڌيڪ اڳڀرائي نه ڪندا آهن،
۽ اهو هڪ عام طريقو آهي ڇاڪاڻ ته نظرياتي نتيجا،
انهيءَ تي ٻڌل هوندا آهن. اهو سچ آهي ته ڪڏهن ڪڏهن
ڪن معاملن ۾ خواب، اسان جي جاڳيل يادگيرين جي
ذريعي، مڪمل ۽ حاصل ٿيڻ جوڳي صورت ۾ تجربن کي ٻيهر
ورجائيندا به آهن.“
”ڊيلبوايوف“ (صفحو 239) چوي ٿو ته:
”سندس يونيورسٽيءَ جي هڪ ساٿيءَ خواب ڏٺو، جنهن ۾
هن اهي سمورا تفصيل ٻيهر ڏٺا، جيڪي سندس گاڏيءَ جي
حادثي دوران پيش آيا هئا، اهو ڪو معجزو ئي هو جو
سندس جان بچي وئي هئي. ”مس ڪاڪنس“ (1893)ٻن خوابن
جو ذڪر ڪيو آهي، جن جو متن، گذريل ڏينهن جي واقعي
جي بلڪل ٺيڪ نموني ٻيهر تخليق تي ٻڌل آهي ۽ منهنجي
حياتيءَ ۾ به ڪيترائي اهڙا موقعا آيا آهن جو خوابن
۾ پنهنجي ننڍپڻ جا تجربا بنا ڪنهن ترميم جي، ٻيهر
ظاهر ٿيا آهن، جن جو ذڪر اڳتي ايندو.
( 3 )
ترغيب ۽ خوابن جا ماخذ/ بنياد/ ذريعا
THE STIMULI AND SOURCES OF DREAMS
مشهور چوڻي آهي ته ”خواب بدهاضمي جي ڪري ايندا
آهن.“ ۽ اها ڳالهه اسان کي اهو ڏسڻ ۾ مدد ڪري ٿي
ته ترغيب ۽ خوابن جي بنياد يا ماخذ جي معنيٰ ڇا
آهي! انهن نظرين جي پويان اهو ڪهڙو اصول ڪارفرما
آهي ۽ ڪهڙا خواب، ننڊ جي مونجهاري يا بي آراميءَ
جو سبب بڻجن ٿا! اسان کي تيستائين ڪو به خواب نه
ٿو اچي جيسيتائين ننڊ دوران ڪو مونجهارو يا
بيقراري نه هجي يعني خواب ان بي آراميءَ يا
مونجهاري جو ردعمل هوندو آهي.
خواب جي موضوع تي هلچل پيدا ڪندڙ سبب ادب ۾، وڏي
جاءِ والارين ٿا. مسئلو گهڻو ڪري خواب جي ڏسڻ
کانپوءِ اڀرندو آهي، جيڪو پوءِ حياتياتي سرشتي جي
جاچ يا تفتيش جو موضوع بڻجندو آهي. گذريل زماني جي
ماڻهن جو يقين هوندو هو ته ”خواب خدائن (ديوتائن)
جي خيال سان وابستا هوندا آهن. جن جي بنياد يا
ترغيب جي تلاش لاءِ ڪنهن ٻئي پاسي واجهائڻ جي
ضرورت نه آهي. انهن جي نظر ۾ ڇاڪاڻ ته خواب آسيبي
قوتن طرفان اظهاريل هوندو هو، جن جو متن، انهن جي
ڄاڻ ۽ علم جي حوالي سان هوندو هو يا انهن جي ذهني/
باطني قوتن جي سبب هوندو هو. انڪري مطالعي، مشاهدي
۽ تجربي مان حاصل ڪيل ڄاڻ
(Science)
کي پهريون ئي اهو سوال آڏو آيو ته خواب ڏسندڙن کي
هر وقت ساڳي ئي قسم جي تحريڪ يا ترغيب ٿئي ٿي يا
انهن جا ڪي ٻيا قسم به آهن؟ يا انهن ويچارن سان
وابستا آهن جو انهن خوابن جي تشريح جا نتيجا،
نفسيات يا علم بدن جي انتظام هيٺ حاصل ڪيا ويندا!
ڪيترائي ماهر انهن سببن سان متفق آهن ته اها بي
آرامي آهي، جيڪا خوابن جو بنياد بڻجي ٿي ۽ اها
مختلف قسمن جي به ٿي سگهي ٿي ۽ اها طبعي
(Somatic)
ترغيب ۽ دماغي جوش وارين حالتن جيان اچي ٿي ۽
خوابن کي ڀڙڪائڻ جو ڪم ڪري ٿي.
انهن ويچارن تي اختلاف به وسيع آهن، بهرحال، ترجيح
جي حوالي سان انهن کي خوابن جي نتيجن ٻڌائڻ وارن
ڪارندن جيان جيڪا ذميداري ڏني وئي آهي. اهي رڳو
ڪنهن هڪ لاءِ ظاهر ڪندا آهن يا اهميت جي لحاظ کان
خوابن جو ڪو ٻيو بنياد/ ماخذ ٻڌائيندا آهن. خوابن
جي بنيادن/ ماخذن جو مڪمل ڳاڻيٽو، چئن قسم جي
بنيادي نڪتن کي مڃي ٿو ۽ اهي خوابن جي پنهنجي درجي
بنديءَ ۾ پڻ استعمال ٿين ٿا، جيڪي هن ريت آهن:
الف. ٻاهرين (خارجي) دماغي جوش واريون حواسي
حالتون
(External Sensory excitations)
(Objective).
ب. اندروني (داخلي) دماغي جوش واريون حواسي حالتون
(Internal Sensory excitations)
(Subjective).
ٻ. اندروني (عضوياتي) جسماني ترغيب:
Internal (organic) somatic Stimuli).
ڀ. ترغيبن جا خالص مافوق الفطرت اثر قبوليندڙ نفسي
بنياد
(Purely Psychical Sources of stimulation)
( الف )
ٻاهرين (خارجي) دماغي جوش واري حواسي حالت
EXTERNAL (Objective) SENSORY STIMULI)
”اسٽرومپيل“ هڪ فيلسوف جي نوجوان فرزند خوابن
متعلق لکيل پنهنجي ڪتاب (صفحو4) جي انگريزي ترجمي
(160، 2، 1912) ۾ انهن مسئلن تي گهڻا ئي اشارا ڏنا
آهن، ان ۾ سندس هڪ مريض بابت ڪيل سندس مشاهدي جو
هاڪارو ذخيرو شايع ٿيل آهي. سندس مريض عام طور بدن
جي سُن
(Anaesthesia)
ٿي وڃڻ جي مصيبت ۾ مبتلا هو، سندس گهڻا ئي اهم حسي
عضوا اڌ رنگ
(Paralysis)
جيان بي حس ٿي ويندا هئا ۽ جن حواسن ذريعي هو
شعوري طور ٻاهرين دنيا سان لاڳاپيل هو، اهي به بند
ٿي ويا هئس، بس رڳو ننڊ ۾ غلطان پيو هوندو هو.
هاڻي اسان پاڻ ڏانهن ٿا نهاريون ته اسان جڏهن ننڊ
ڪرڻ جي خواهش ڪندا آهيون ته لڳ ڀڳ اهڙي ئي صورت
پيدا ٿي ويندي آهي، جهڙي ”اسٽرومپيل“ جي تجربي ۾
آئي آهي. اسان پنهنجا انتهائي اهم شعوري رستا بند
ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون، خاص ڪري پنهنجون اکيون
ٻوٽي، ٻين عضون کي به ٻاهرين ترغيبن کان بچائڻ جي
ڪوشش ڪندا آهيون يا ترغيبن جي ترميمي ڪردار ادا
ڪرڻ کان پاڻ بچائيندا آهيون، پوءِ اسان سمهي پوندا
آهيون، حالانڪ اسان جو ڪو منصوبو، مڪمل طور تي
تسليم ٿيل به نه هوندو آهي، پر اسان پنهنجي ترغيب
کي ڪنهن به صورت ۾ پنهنجي حواسن کان پري ڪري نه
سگهندا آهيون ۽ نه ئي جلد جوش ۾ اچڻ واري حالت
(Excitability)
کي حسي عضون کان مڪمل طور تي ملتوي ڪري سگهندا
آهيون. حقيقت اها آهي ته ڪا طاقتور ترغيب ئي،
نهايت سچائيءَ سان ۽ ڪنهن به وقت اسان کي
جاڳائيندي آهي، بقول برداخ: ان جو مشاهدو اهو آهي
ته ”ننڊ جي حالت ۾ به اسان جو روحاني رابطو، دنيا
جي مادي نوعيت سان مسلسل رهندو آهي“، ۽ اها حواسي
ترغيب اسان ننڊ واري حالت ۾ اسان جي خوابن جو
بنياد بڻجندي آهي.
اصل ۾ اهڙين ترغيبن جو تعداد تمام گهڻو آهي، جيڪي
لنوائي نه سگهڻ وارين ڪيفيتن ۽ حدن مان اينديون
آهيون، جن کي خود ننڊ واري حالت ضروري سمجهي شامل
ڪندي آهي، يا ڪا اهڙي ڀڙڪائيندڙ حادثاتي ترغيب،
جنهن کي هو وقت بوقت برداشت ڪندو رهيو آهي، تنهن
کي سمهڻ جي آخر تائين برقرار رکندي آهي. مثال طور
ڪا چڀندڙ روشني ڪو رستو ٺاهي اسان جي اکين ۾ لڳندي
هجي، يا ڪو آواز پاڻ مرادو ٻڌڻ ۾ اچي، يا سخت قسم
جي ڪا بوءِ نڪ جي نالين ۾ گندي بدبوءِ ڀري ڇڏي.ننڊ
جي دوران غير ارادي چرپر جي ذريعي اسان جي بدن جا
ڪي عضوا اگهاڙا ٿي پيا هجن ۽ اهي ٿڌ جو احساس ظاهر
ڪندا هجن، يا جسماني حالت جي تبديليءَ جي ڪري به
ٿي سگهي ٿو ته اسان پاڻ ئي، دٻاءَ يا ميلاپ جو
احساس کڻي ايندا هجون. اسان ڪنهن مڇر کان ڏنگجي
سگهون ٿا، يا رات جي دوران، اسان جي ڪا ننڍي غلطي،
اسان جي ڪيترن ئي حواسن ۾ هڪدم مداخلت جو سبب بڻجي
سگهي ٿي.
هوشياريءَ سان مشاهدو ڪندڙ ليکڪ، سموري قسم جي
خوابي سلسلن کي گڏ ڪري چڪا آهن، جن ۾ جاڳ واري
حالت جي ترغيب جي آگهيءَ ۽ خوابي حصي جي متن جي وچ
۾ مطالعي جون دور رس تحريرون آندل آهن، جن جي
ذريعي خواب ۾ ترغيب جي بنياد/ ماخذ جي نشاندهي ڪرڻ
ممڪن لڳي ٿي.
مان ”جيسن“ (صفحو: 527) جي ان قسم جي گڏ ڪيل خوابن
جو حوالو ڏيندس، جيڪو ٿي سگهي ٿو ته اهي ٿورو يا
گهڻو حادثاتي، حواسن جي اڀاريا ترغيب جي عملي مقصد
جي ڳولها ۾ مددگار ثابت ٿين.
”هر آواز، خوابي تصويرن جي تعلق کي، بنا فرق جي
ساڃاهيندو ۽ اڀاريندو آهي. گجگوڙ جو ڪن ڦاڙيندڙ
آواز، تصويري طور تي اسان کي جنگ جي ميدان ۾
بيهاري سگهي ٿو. ڪڪڙ جي ٻانگ، ٿي سگهي ٿو ته خود
ماڻهوءَ جي ڊپ مان ڪيل رڙ جي صورت اختيار ڪري وٺي.
دروازي جو چرڙاٽ، ٿي سگهي ٿو ته کاٽ هڻندڙ چور
واري خواب ۾ تبديل ٿي وڃي. جيڪڏهن رات جو اسان جي
بستري جي چادر وغيره لهي وڃي يا ڪري پوي ته ٿي
سگهي ٿو ته خواب ۾ اسان پاڻ کي اگهاڙو گهمندي يا
پاڻيءَ ۾ ڪرندي ڏسندا هجون. جيڪڏهن اسان بستري تي
آڏا ٽيڏا ستل هونداسين ۽ اسان جا پير پلنگ يا کٽ
جي ڇيڙن کي لڳندا هوندا ته ٿي سگهي ٿو ته اسان
خواب ۾ پاڻ کي پاڻيءَ رستي سامان نيڻ واري ڪنهن
بندرگاه يا ڪنهن جبل جي اڀڪپري حصي تي بيٺل ڏسندا
هجون. يا ڪنهن سامونڊي ڪناري تان ڪرندي ڏسندا
هجون. جيڪڏهن اسان جو ڪنڌ وهاڻي جي هيٺان اچي ويو
هجي ته اسان ڪنهن وڏي ۽ ٻاهر وڌيل پهاڙ جي هيٺان
دٻيل ڏسندا هجون ۽ ان جو وزن محسوس ڪندا هجون. تخم
منيءَ جو ڍڳ يا ڍير، خواب ۾ عيش يا لست ڏياري سگهي
ٿو. عام قسم جو سور به پنهنجي بيمار هجڻ، حملي ٿيڻ
يا زخمي ٿي پوڻ جا خيال پيدا ڪري سگهي ٿو وغيره.
هڪ ڀيري ”ميئر“
(Meier.1758,33)
خواب ڏٺو ته ڪنهن طاقتور شخص کيس هيٺ زمين تي
ڪيرائي، دسي ورتو آهي ۽ زمين ۾ ٿوڻي هڻي سندس پير
ٻڌي ڇڏيا آهن. پوءِ جيئن ئي هن کي خواب جو خيال
آيو ته هو جاڳي پيو ۽ ڏٺائين ته ڪا تيلي سندس پيرن
جي وچ ۾ ڦاٿل هئي. هڪ ٻئي موقعي تي، ”هيننگس“
(صفحو 258) جي مطابق، جڏهن ”ميئر“ پنهنجو پهراڻ
پهرڻ لاءِ رڳو ڳچيءَ ۾ وڌو هو، جنهن تي خواب
ڏٺائين ته کيس ڦاسيءَ تي چاڙهيو پئي ويو. ”هوف
بوار“
(Hoffbauer.1796.146)
جڏهن ننڍو نوجوان هو ته خواب ڏٺو هئائين ته ”ڪنهن
ڊگهي ڀت تان ڪري رهيو آهي“ ۽ پوءِ جڏهن جاڳيو ته
پاڻ کي هيٺان وڇايل چادر ۾ ويڙهيل ڏٺائين ۽ هو
واقعي هيٺ پٽ تي ڪرڻ وارو هو. ”جان گريگوريءَ“
ٻڌايو ته هڪ ڀيري، جڏهن هن هڪ پير سيڪڻ لاءِ گرم
پاڻيءَ جي بوتل تي پير رکيا هئا ته خواب ۾ ڏٺو
هئائين ته ”هو ”ايتنا“
(Etna)
جبل تي چڙهي رهيو آهي پر زمين ڏاڍي تتل آهي.“ هڪ
ٻئي شخص، جنهن سمهڻ وقت مٿي تي گرم لپري
(Poultice)
ٻڌي هئي، خواب ڏٺو ته ڳاڙها هندستاني
(Red Indians)
سندس مٿي جي کل لاهي رهيا آهن. جڏهن ته هڪ ٽئين
شخص، سمهڻ وقت پسيل
(Damp)
قميص پاتي هئي، ان خوابي تصوير ۾ ائين ڏٺو ته هو
ڪنهن پاڻيءَ جي وهڪري ۾ لڙهندو پيو وڃي.“ ”مئڪنش“
(Macnish .1835.40)
لکي ٿو ته: ”سمهڻ وقت اوچتو ڪنهن ٻڪر جو ٽڪر لڳڻ،
خواب ڏسندڙ کي انهيءَ يقين جو سبب ٿي سگهي ٿو ته
هو ملحدن کي چٿڻ وارن جي هٿ چڙهي ويو آهي ۽ کيس
تختي تي ليٽائي سزا ڏني پئي وڃي.
دليل، ترغيب، اڀار يا تحريڪ ۽ سپني جي متن يا
سٽاءَ جي وچ ۾، هڪجهڙائي هوندي آهي ۽ ان جي اختصار
يا نچوڙ کي فائدي وارو به بنائيندا آهن. جيڪڏهن
ممڪن هوندو آهي ته حواس پنهنجي ترغيب، سمهڻ واري
شخص کي ڄاڻي ٻجهي منتقل ڪندا آهن ۽ منجهس ان ترغيب
جي حوالي سان، سپني جي سرجنا ڪندا آهن. ”مئڪنش
مطابق، جنهن جو حوالو ”جيسن“ (صفحو: 529) به ڏنو
آهي، ان قسم جا تجربا پهرين ”گيرو ڊي بزارينگيوز“
(Girou de Buzareingues. 1848,55)
ڪيا آهن: ”هو پنهنجو گوڏو ڍڪي نه سمهيو هو، ۽ خواب
ڏٺائين ته هو رات جو ٽپال واري گاڏيءَ ۾ سفر ڪري
رهيو آهي.“ جنهن تي هن رايو ڏنو ته: ”ان ۾ شڪ نه
آهي ته مسافر ان ڳالهه کان واقف ضرور هوندا آهن ته
ريل ۾ رات جو ڪنهن جا گوڏا ڪيترا نه ٿڌا هوندا
آهن. ٻئي دفعي هو پنهنجو مٿو پويان بنا ڍڪڻ
کانسواءِ ئي سمهي پيو، جنهن تي هن ڏٺو ته هو کليل
فضا ۾ منعقد ٿيل ڪنهن مذهبي تقريب ۾ شريڪ ٿيو آهي.
هتي اهو ٻڌائڻ ضروري ٿو سمجهان ته جنهن ملڪ ۾ هو
رهندو هو، اتي اهو رواج هو ته رات جو ماڻهو سدائين
مٿو ڍڪي سمهندا هئا.
”مائوري“ (ص: 6-154) خوابن جا ڪجهه نوان مشاهدا به
آندا آهن، جن کي هن پاڻ سرجيو هو، جڏهن ته سندس
ٻيا ڪيترائي تجربا ناڪام ٿيا هئا. لکي ٿو:
1.
”هن جي چپن ۽ نڪ جي چوٽيءَ تي، کنڀ لڳڻ سان
ڪتڪتائي ٿي رهي هئي. هن سخت سزا جو نهايت ڀوائتو
سپنو ڏٺو: هڪڙو نقاب سندس منهن تي وڌو ويو ۽ پوءِ
کيس مٿي ڇڪيو ويو ته جيئن سندس بدن تان کل لاٿي
وڃي.
2.
ٻن قينچين کي، ٻن چمٽين
(Pliers)
تي تکو ڪيو پئي ويو، هن گهنٽين جو گڏيل شور ٻڌو،
جيڪو ننڊ مان اٿاريندڙ گهڙيال مان اچي رهيو هو، ۽
هو جون 1848ع جي ڪنهن ڏينهن تي موٽي آيو.
3.
هن کي ڪي خوشبودار عطر سنگهڻ لاءِ ڏنا ويا، هو ان
وقت ڪئرو
(Cairo)
شهر ۾، ”جوهان ماريا فرينا
(Johann Maria Farina)
جي دڪان ۾ موجود هو، اتي ڪي بيهودي قسم جا واقعا
ڏٺائين، جن کي هو تحرير ۾ نه آڻي سگهيو هو.
4.
هن کي ڪنڌ وٽ ڪا هلڪي شيءَ چڀي هئي، هن خواب ڏٺو
ته کيس ڄانڀي جي تيل وارو ليپ لڳل آهي، جنهن تي
کيس خيال آيو ته هن کي ڊاڪٽر وٽ وڃڻ گهرجي، جيڪو
کيس ٻار سمجهي علاج ڪندو.
5.
گرم استري سندس منهن جي ويجهو آندي وئي هئي، جنهن
تي هن خواب ڏٺو ته گاڏي هلائيندڙ
(Chauffeurs)
کيس اندر گهر ۾ وڃڻ جو رستو ٺاهي ڏنو ۽ سندس
رهواسين کان رقم جي طلب ڪندي، سندن پير سگريءَ جي
ٻرندڙ ڪوئلن سان ساڙڻ لڳو. ابرانٽيس
(Abrantis)
حڪمران جي بيوه زال، جيڪا سندس سيڪريٽري هئي، اها
به خواب ۾ موجود هئي، جيڪا کيس پوءِ نظر آئي.
6.
پاڻيءَ جو هڪ ڦڙو سندس نراڙ تي ڪريو، هو ان وقت
اٽليءَ جي شهر ۾ هو ۽ تمام گهڻو پگهريل هو ۽
”اورويٽو“
(Orvieto)
نالي اڇو دارون پي رهيو هو.
7.
ڳاڙهي ڪاغذ جي وڏي حصي مان، موم بتيءَ جي روشنيءَ
مان، بار بار سندس منهن تي اولڙا ٿي پيا، هن هوا ۽
گرميءَ جو خواب پئي ڏٺو ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر پاڻ کي
طوفان ۾ ڦاٿل ڏٺو، جنهن جو تجربو کيس انگريزي
نشريات ۾ ٿيو هو.
خوابن جي سرجڻ جي سلسلي ۾ ٻيون ڪوششون ”هيروي ڊي
سينٽ ڊينيز“ (376 ۽
(Harvey de Saint-Denys,1867,268
، ڪيون آهن، ان کانسواءِ ”ويگانت“ ۽ ٻين به
تجرباتي انداز ۾ بيان ڪيون آهن.
ڪيترن ليکڪن ”خواب جي ان حيرت انگيز تجربن تي
پنهنجي راءِ ڏني آهي، جنهن سان خواب، پنهنجي حواسن
جي ساخت واري دنيا مان، تاثر هڪدم ئي اڻي وٺڻ
(Weave)
جي قابل هوندا آهن ته ڪنهن آفت جي منصوبا بنديءَ
جي خبر اڳواٽ ئي پئجي سگهي ٿي ته جيئن ان جي سلسلي
۾ رهنمائي ٿي سگهي.“
”هلڊيبرانٽ“ (صفحو: 36) چوي ٿو ته ”مان پنهنجي
نوجوانيءَ ۾، وقت سر اٿڻ لاءِ سدائين گهڙيال جي
گهنٽيءَ جو استعمال ڪندو هوس، ۽ سوين ڀيرا ائين
ٿيو جو گهنٽيءَ جو اهو آواز، بناوٽي تبديليءَ سان
ڊگهو ٿي ويندو هو، ۽ ڪنهن سپني سان سلهاڙي ڇڏيندو
هو، حالانڪ اهو سمورو سپنو، ان هڪ ئي واقعي سان
وابستا هوندو هو، جنهن ۾ منهنجي وقت سر پهچڻ جي
پڄاڻي هوندي هئي، ۽ اها بلڪل هڪ منطقي ۽ بنهه
ضروري پڄاڻي هوندي هئي.....( اڳتي سندس ڪتاب جي
صفحي 37 تي به ڏنل).
مان انهن ٽن گهڙيال جي گهنٽين وارن خوابن جو حوالو
ڏيندس، جن جو تعلق ڪجهه ٻين ڳالهين سان آهي:
”والڪيلٽ“ (صفحو: 108) لکي ٿو ته: هڪ موسيقار هڪ
ڀيري خواب ڏٺو ته هو ڪلاس ۾ شاگردن کي موسيقي
سيکاري رهيو آهي ۽ سندس ڪوشش آهي ته پنهنجي شاگردن
کي واضع طور سمجهائي. پوءِ جڏهن هن ائين ڪري ورتو
ته هڪ ڇوڪري ڏانهن مڙي ويو ۽ کانئس پڇڻ لڳو ته هن
کي ڪجهه سمجهه ۾ آيو؟ جنهن تي شاگرد ڪنهن چرئي
وانگر رڙ ڪندي چيو: ”هائو هائو“. تنهن تي هن ڪاوڙ
وچان کيس دڙڪو ڏنو، جنهن تي سموري ڪلاس جا شاگرد
رڙيون ڪري پهرين: اورجا، اورجا، چوڻ لڳا، ان بعد
يورجا چوڻ لڳا، نيٺ آخرڪار ”فيورجو“
(Feuerjo)
چوڻ لڳا.
ان وقت هو جاڳي پيو ته گهٽيءَ مان ايندڙ ”فيورجو“
جي رڙ ٻڌائين.
”گارنيئر“
(Garnier, 1872,1,476)
ٻڌائي ٿو ته نيپولين پهريون، جڏهن پنهنجي گاڏيءَ ۾
ستل هو ته ڪنهن شيطاني ڪل
(Machine)
جي ڦاٽڻ سبب جاڳي پيو هو، هن خواب پئي ڏٺو ته
آسٽريا جي بمباريءَ دوران هو هڪ ڀيرو ٻيهر
تاگليامينٽو
(Tagliamento)
پار ڪري رهيو هو، ۽ آخرڪار رڙ ڪري چيائين؛ ”اسان
پاڙئون پٽجي وياسين.“
”مائوري“ (ص:161) جو ڏٺل هڪڙو خواب به ڏاڍو مشهور
ٿيو هو. هو تڏهن بيمار هو ۽ پنهنجي ڪمري ۾ بستري
تي ستل هو، ڀرسان والده به ستل هئس، ته هن خواب ۾
پاڻ کي شاهي حڪومت جي ڏهڪاءُ دوران ڏٺو. ڪيترن
خوفناڪ قتل و غارت جي منظرن ڏسڻ کانپوءِ آخرڪار هن
کي به انقلابي عدالت ۾ آندو ويو، جتي هن روبيس
پيري، مارات، فوقير تنويليءَ (گهوڙن جي قسمن) کي
موجود ڏٺو ۽ انهن ڏينهن جي ڪيترن ئي زير نه ٿيندڙ
گهوڙن کي ڏٺو. هن کان سوال ڪيا ويا، ۽ ڪيترن ئي
واقعن کان پوءِ، جيڪي هن کي ياد ڪونه پئي آيا، هن
کي ڏوهاري قرار ڏنو ويو ۽ کيس ڦاهو ڏيڻ لاءِ،
ماڻهن جي انبوهه ڏانهن وٺي ويا. هن کي سوريءَ تي
چاڙهيو ويو، ۽ کيس ڪواز سان ٻڌو ويو. پوءِ اهو مٿي
کڄيو، ۽ سر کي ڌڙ کان ڌار ڪندڙ ڪات سندس ڪنڌ تي
ڪرڻ وارو هو، جو هن محسوس ڪيو ته سندس ڌڙ، سسيءَ
کان ڌار ٿي ويندو. انهيءَ ڊپ ۽ ڳڻتيءَ کان هڪدم
جاڳي پيو، تڏهن ڏٺائين ته هو بستري تان ڪافي هيٺ
لڙڪي آيو هو ۽ سندس ڪنڌ به انهيءَ پاسي لڙهڪي ويو
هو، جنهن پاسي ڪات مٿان ڪرڻ وارو هوس.
”فلاسفڪ رويو“
(Reuve Philophique)
رسالي ۾ خواب متعلق ”لورين“
(Lorrain. 1894)
۽ ”ايگر“
(Egger 1895)
جي وچ ۾ هڪ دلچسپ بحث جو بنياد پيو هو. سوال اهو
اٿيو هو ته ”خواب ڏسندڙ لاءِ اهو ڪيئن ۽ ڪيتري قدر
ممڪن آهي ته ايڏي جهجهي مواد يا متن کي ايترو
گهٽائي ننڍو ڪري وٺي سو به ترغيب جي اڀرڻ ۽ سندس
ادراڪي قوت ذريعي سمجهه ۾ اچڻ ۽ سندس جاڳڻ واري
تمام مختصر وقت ۾؟
ان قسم جا مثال، اهو تاثر ڇڏيندا آهن ته خواب جا
سمورا بنياد/ ماخذ يا ڪارڻ، پڪ ئي پڪ ننڊ دوران
خارجي حواسي ترغيبن تي منحصر هوندا آهن. ۽ اهي
ڪنهن عام ماڻهوءَ لاءِ رڳو ڪارڻ ئي آهن، پر ڪو
پڙهيل لکيل ماڻهو، جيڪو خوابن جي معلوماتي ادب کان
اڻواقف هجي ته هو، اهو سوال ضرور ڪندو ته ”آخر اهي
خواب ايندا ڪيئن آهن؟“ ته ان جو سادو جواب ڪنهن حد
تائين، جاڳ کانپوءِ، خارجي حواسي ترغيب جي وضاحت
جي حوالي سان ئي ملي ويندو.
مشاهدي ۽ مطالعي جي ذريعي ٿيندڙ کوجنا، بهرحال اتي
ئي رڪجي نه ٿي وڃي، پر مشاهدي ۾ آيل حقيقتون، اڃان
به وڌيڪ سوالن لاءِ موقعن جي تلاش ۾ آهن ته ترغيب:
جيڪا ننڊ دوران حواسن ۾ بيجا مداخلت ڪري ٿي، سا ته
پنهنجي اصل صورت ۾ خواب ۾ ظاهر ڇو نه ٿي ٿئي! پر
ڪنهن ٻئي ۽ اهڙي تخيل ۾ بدلجي وڃي ٿي، جيڪو ڪنهن
نه ڪنهن حالت ۾ ان سان ئي وابستا آهي. پر خواب جي
ترغيب کي ڪنهن ٻئي معاملي يا خواب سان ملائڻ جو
نتيجو اهو ئي آهي جيڪو ”مائوري“ (صفحو: 72) جي
حوالي سان ڏنو آهي ته: ”ڪنهن به قسم جي فطري نسبت
ضروري آهي، پر اهو يگانو، لاثاني، نرالو يا عجب ۾
وجهندڙ نه آهي.“ (ف-س)
اچو ته ان تعلق جي حوالي سان ”هلڊيبرانٽ“ (صفحو:
37) جي گهڙيال جي ننڊ مان سجاڳ ڪندڙ گهنٽيءَ وارن
ٽن خوابن تي غور ڪريون. سوال ٿو پيدا ٿئي ته
گهنٽيءَ جي ساڳئي ترغيب جي باوجود ٽن مختلف انداز
سان بيدار ڪرڻ جا خواب ڇو آيا؟ انهيءَ طريقن سان
سجاڳ ڪرڻ بجاءِ ڪنهن ٻئي انداز جا خواب ڇو نه آيا؟
پوءِ مون هڪ خواب ڏٺو ته ”بهار جي صبح جو مان گهمڻ
لاءِ نڪتس ۽ جيستائين ڀر وارو ڳوٺ اچي، تيستائين
ساوڪ سان ڀريل ٻنيءَ تان پسار ڪندو پئي ويس، اتي
مون تمام سٺي لباس ۾ ملبوس ڳوٺاڻا ڏٺا، سندن بغلن
۾ حمد وثنا
(Hymn)
جا ڪتاب جهليل هئا ۽ ميڙاڪي جي صورت ۾ گرجا ڏانهن
پئي ويا. پڪ سان اهو آچر جو ڏينهن هو ۽ صبح جا ڪم
ڪار به جلد شروع ٿيڻ وارا هئا. مون ان ۾ شريڪ ٿيڻ
جو فيصلو ڪيو، پر پهرين مون کي تڪڙي ڊوڙ پائي گرم
ٿيڻو هو. آخرڪار مان گرجا جي احاطي ۾ گهڙيس، اتي
هڪڙو وڻ هو جيڪو گرجا جي گهيري ۾ ٿڌڪار ڪيو بيٺو
هو، مان جڏهن ڪنهن قبر جو ڪتبو پئي پڙهيو ته مون،
گهنٽي وڄائڻ واري کي، مناري تي مٿي چڙهندي ڏٺو،
هاڻي مون هڪڙي ڳوٺاڻي قسم جي ننڍڙي گهنٽي ڏٺي،
جيڪا ارپنائن جي ابتدا جو اطلاع ڏئي رهي هئي. ٿوري
دير جي لاءِ اها بغير چرپر جي ٽنگجي پئي، پوءِ وري
هلڻ لڳي ۽ اوچتو ان جا ڇوڏا بلڪل صاف نموني ۽ وڏي
آواز سان وڄڻ شروع ٿي ويا، اهي ايترو ته صاف ۽ وڏي
آواز سان پئي وڳا جو منهنجي ننڊ ڦٽي وئي. پر اصل ۾
ننڊ ڦٽائڻ وارو منهنجو پنهنجو ئي گهڙيال پئي وڳو!
هي ٻيو واقعو آهي: اهو سياري جو ڏاڍو روشن ڏينهن
هو ۽ گهٽيون، برف سان ڍڪيل هيون، مون برف واري
گاڏي هلائيندڙ سان شامل ٿيڻ لاءِ حامي ڀري، پر مون
گهڻو ئي انتظار ڪيو ته خبر اچي ته برف واري گاڏي
دروازي تي اچي وئي آهي يا نه! مان ان ۾ وڃڻ لاءِ
تياري ڪرڻ لڳس، ڪوٽ ۽ مفلر پائي ورتم، جوراب به
پائي ورتم ۽ آخرڪار مان گاڏيءَ ۾ اچي ويٺس، پر
گاڏي وري به هلڻ ۾ دير ڪري رهي هئي پوءِ هن، انهن
منتظر گهوڙن جو لغام ڇڪي، کين هلڻ جو اشارو ڪيو ته
بهرحال اهي هلڻ لڳا، وڏا لوڏا پئي آيا. گاڏيءَ ۾
لڳل گهنٽيون به وڏي گوڙ شور سان پنهنجي بي تڪلف ڇڻ
ڇڻ ڪندي ٽٽڻ پئي لڳيون، سچ پچ ته ان لمحي، منهنجو
ڪوريئڙي جي ڄار جهڙوڪ نازڪ خواب ٽٽي پيو ۽ بس اهو
ئي ساڳيو، ننڊ مان اٿارڻ واري گهڙيال جو چڀندڙ
آواز هو.
هاڻي اڃان ٽيون مثال به آهي. مون ڏٺو ته بورچياڻي،
رنڌڻي مان ڳاڻاٽي کان به گهڻيون ٿالهيون هڪ ٻئي جي
مٿان رکيو، ماني کائڻ واري ڪمري مان گذرندي، کنيو
پئي وئي. سندس ٻانهن مان، چينيءَ جي ٿالهين جون
نڪتل ڪنڊون ڏسي مون کي ڊپ پئي ٿيو ته اهي سندس هٿن
مان ڇڏائجي نه وڃن. ”سنڀالجانءِ“ مون چيو، ”يا اهو
بار لاهي رک.“ پر جيڪي ٿيڻو هو، ان کان بي نيازيءَ
سبب هن ڪو به جواب نه ڏنو، هوءَ ان قسم جي ڪم جي
ماهر هئي. بهرحال مان انديشي سبب ايندڙ صورتحال جو
انتظار ڪرڻ لڳس. هن چانئٺ وٽ ٿاٻو کاڌو ۽ ٽاڪئين
چينيءَ جون سموريون ٿالهيون سندس هٿن مان ڇڏائجي
پٽ تي ڪري ڇيهون ڇيهون ٿي ويون، پر آواز بند ٿيڻ
بجاءِ مسلسل ٿيندو پئي رهيو ۽ جلد ئي لڳو ته اهو
ڪو کڙ کڙ جو آواز هو، جيڪو گهڙيال جي گهنٽيءَ ۾
تبديل ٿي ويو ۽ گهنٽيءَ جي وڄڻ سان مان جاڳي پيس ۽
هوش ۾ آيس ته مون ڏٺو ته مون کي وقت تي اُٿارڻ
واري اها گهنٽي هئي جا پنهنجو فرض پورو ڪري رهي
هئي.“
اهو سوال ته دماغ، خوابن ۾ خارجي حواسن جي فطري
ترغيب ۾ غلطي ڇو ٿو ڪري؟ ته لڳڀڳ ان قسم جو جواب
”اسٽرومپيل“ (صفحو: 103) وٽان به ملي ٿو، جيئن
”وونٽ“
(Wundt.1874,659)
لکيو آهي ته: ”جيڪا ترغيب دماغ وٽ اچي ٿي، ته اها
ننڊ دوران اهڙين حالتن ۾ پهچي ٿي جيڪي حالتون هڪ
تصور يا غير حقيقي تخليق لاءِ فائديمند آهن. ان
سوچ واري تاثر کان اسان واقف هوندا آهيون ۽ ان جي
تشريح به درست ڪندا آهيون. ڳالهه ائين آهي ته اها،
يادگيرين جي ”ان“ مجموعي ۾ جاءِ والاريندي آهي، جن
جو اسان جي سڀني گذريل تجربن سان سنٻنڌ هوندو آهي،
۽ ان مجموعي مان، جيڪي تاثر پيدا ٿيندا آهن، اهي
گهڻي قدر ضرورت مطابق ۽ مضبوط هوندا آهن، صاف ۽
ديرپا هوندا آهن، ۽ مواد يا متن تي غور فڪر ڪرڻ جو
اوترو ئي وقت ڏيندا آهن، جيترو اسان چاهيندا
آهيون. جيڪڏهن اهي حالتون عملي نه هونديون ته اسان
تاثر جي بنيادي ”مقصد“ حاصل ڪرڻ ۾ غلطي ڪري
ويهنداسين، جنهن لاءِ اسان هڪڙو تصور قائم ڪري
وٺندا آهيون: ته جيڪڏهن ڪو شخص گهمڻ جي لاءِ ڪنهن
کليل علائقي ڏانهن وڃي ۽ پري جي شين کي اڻ چٽو
ڏسندو هجي ته پهرين ڀيري ڏسڻ سان سمجهندو ته اهو
گهوڙو آهي پر ويجهڙائيءَ کان ڏسڻ سان شايد زمين تي
کيس ڳئون ويٺل سمجهه ۾ ا چي، ۽ ٿي سگهي ٿو ته سندس
تصور آخرڪار پاڻ ئي يقيني طور زمين تي ويٺل ماڻهن
جي انبوهه ڏسڻ تي ڄمي وڃي. ننڊ دوران جيڪي به
خارجي ترغيبون، ذهن وٽ پهچنديون آهن، انهن ۾ اها
ساڳئي فطري اڻچٽائي هوندي آهي، ۽ انهن جي ئي بنياد
تي، ذهن تخيل جوڙيندو آهي ۽ ٿورا ڪي گهڻا، پر
لڳاتار تاثرن جي ذريعي گذاريل ڏينهن جي ياداشت ۾
مدد ڏيندڙ تخيل پيو اڀاريندو آهي، ۽ انهن جي وسيلي
ئي اهو جسماني قدر حاصل ڪندو آهي.
انهن يادگيرين جي تمام گهڻي جمع پونجيءَ سان
وابستا ڪهڙا تصور اڀرندا آهن؟ ۽ انهن سان ويجهڙائپ
جو ممڪن واسطو رکندڙ ڪهڙيون وابستگيون عملي طور ڪم
ڪنديون آهن؟ اهي سوال ”اسٽرومپيل“ جي نظريي جي
حوالي سان پڻ اڻ چٽا آهن ۽ ذهن جو هڪ ڇڙواڳ قسم جو
فيصلو پويان کليل ڇڏي ٿا وڃن.
هن نڪتي تي اسان ٻن مان ڪنهن هڪ کي چونڊي ان سان
منهن ڏينداسين. اسان کي اهو هڪ حقيقت جيان مڃڻو
پوندو ته خواب متعلق جوڙيل قاعدن مطابق وڌيڪ اڳتي
وڌڻ ناممڪن آهي، ۽ اسان کي انهن سوالن کان پاسو
ڪرڻو پوندو، توڙي جو خواب جي تشريحن تي ٻيا ۽ قطعي
اختيار خواب ڏسندڙ پنهنجي انهن تصورن تي رکندو
هجي، جن کي شعوري يا حواسن جو تاثر سڏجي ٿو. يا ٻي
صورت ۾ اسان شڪ شبهي ۾ مبتلا ٿي سگهون ٿا ته حواسي
ترغيبون، جيڪي سمهڻ واري سان مداخلت ڪن ٿيون، اهي
سندس خواب جي سٽاءَ ۾ رڳو محتاط ۽ اعتدال پسند
حصي کي پيش ڪنديون آهن ۽ ٻيا جزا، گذاريل ڏينهن جي
ياداشت ۾ مدد ڏيندڙ خيالن جي قطعي چونڊ ۾ رڌل رهن
ٿا، جيڪي به منجهس اڀرڻ وارا هوندا آهن. حقيقت ۾
جيڪڏهن اسان ”مائوري“ پاران آزمائشي طور تي پيش
ڪيل خوابن کي جاچينداسين، (جن کي مون ان جي ڪري ئي
نهايت تفصيلي طور کنيو آهي). اسان وڏي اعتماد سان
چئي سگهون ٿا ته تجربو، حقيقت ۾ خوابن جي اصليت جي
رڳو هڪڙي جزي جي سمجهاڻي ڏئي ٿو يا ان جو نبيرو
ڪري ٿو، ان جو باقي بچيل متن پاڻمرادو مقرر حدن
اندر روڪيندي نظر اچي ٿو، تفصيل ۾ پڻ بلڪل يقيني
ٿئي ٿو، ۽ انهن جزن سان ضرورت مطابق اڪيلي سر ۽
سراسري وضاحت کي موزون انداز ۾ رکي ٿو جيڪي
آزمائشي طور تي خارجي پيداوار آهن.سچ ته ڪو به
ماڻهو، تخيل جي نظريي ۽ خارجي تاثرن جي قوت جيڪا
خوابن کي ڪا صورت ڏئي ٿي، ان متعلق شڪ ۾ مبتلا ٿي
سگهي ٿو، جڏهن هو کوج لڳائي ٿو ته خوابن ۾ اهي
تاثر ڪڏهن ڪڏهن خاص، غير ممڪن يا اڻ ٿيڻي تشريح جو
سبب بڻجن ٿا. اهڙيءَ ريت ”سائمن“
(Simon.1888)
اسان کي خواب بابت ٻڌائي ٿو: جنهن ۾ هن ڪنهن ديو
جهڙي
(Gigantic)
هڪ ماڻهوءَ کي هوٽل ۾ ويٺي ڏٺو، سندس خوفناڪ ٽڙڪاٽ
ڪندڙ آواز هن صاف پئي ٻڌو، جيڪو ڪجهه ڏندن ڪَرٽڻ ۽
سندس ساهه سان گڏ پئي نڪتو. پوءِ هو جڏهن جاڳيو ته
هن گهوڙي جي سنبن جو آواز ٻڌو، جيڪو دريءَ جي
ٻاهران گذري رهيو هو. گهوڙي جي سنبن جي آواز،
متعلق رٿيل خيال، ٿي سگهي ٿو ته گليور جي مسافرين
(Gulliver’sTravels)
متعلق جمع ٿيل يادگيرين سان ڳنڍيل هجي. بروب
ڊيگئنگ
(Brobdignag)
جو ديو قامت ۽ نادر ۽ اعليٰ نسل جي گهوڙي ”هائون
ام“
(Houyhnhnm)
جي متعلق جيڪڏهن مان خواب ڏسندڙ جي مدد کانسواءِ
ئي ان جي تشريح ڪرڻ جو جو کم کڻان ته گڏ ٿيل اهڙين
نرالي قسم جي يادگيرين جي چونڊ، جيئن اهي خارجي
ترغيبن بجاءِ منشا يا تحرڪ ذريعي سهوليت پيدا ڪندڙ
هيون
ته ان ذريعي مان ٿيڻ جوڳي يا ثابتيءَ واري تشريح
پيش نه ڪري سگهندس.
|