سيڪشن: علميات

ڪتاب: خوابن جي تشريح

باب:

صفحو:15 

خوابن ۾ تبديلي آڻڻ جو عمل: ”يا“..... ”يا ته“ (Eighter-Or) واري سوچ سان ڪڏهن به ۽ ڪنهن به حالت ۾ اظهار نه ڪري سگهندو آهي، اهي ٻئي متبادل سدائين خواب جي مواد ۾ هڪ خيال وانگر داخل هوندا آهن، ۽ اهي هڪ جيترو جواز رکندڙ هوندا آهن. ”ارما“ جي سئيءَ وارو خواب ان جو بهترين مثال آهي. هن جا اهي لڪل خيال نهايت چٽي نموني ڊوڙڻ لڳا هئا: ”ارما جي سور جي شدت لاءِ مان ذميدار نه آهيان؛ ذميداري يا ته هن جي ضد تي آهي جو منهنجي حل کي قبول نه ٿي ڪري يا ناسازگار جنسي عمل واريون حالتون آهن جن ۾ هوءَ رهي ٿي، ۽ جن کي مان گهٽائي يا ڪاٽي نه ٿو سگهان، يا حقيقت اها آهي ته سندس سور! ڪنهن به ريت زناني جنسي بيماريءَ جا نه آهن، پر اهي عضوياتي قسم جا هئا.“

۽ خواب! ٻئي پاسي، انهن سمورين ممڪن ڳالهين جو پورائو ڪيو هو، جيڪي لڳڀڳ گڏيل اڪيلائيءَ ۾ ٿيون هيون. ۽ مان ان چوٿين حل جي متعلق اهو چوندي ڪا هٻڪ محسوس نه ٿو ڪريان ته اهي واقعي خوابي خواهش تي ٻڌل هئا ۽ ان ڪري مون تشريح جي حوالي سان ”يا“ ۽ ”يا ته“ کي خوابي خيالن جي متن ۾ ڏنو آهي. پر خوابي خيالن ۾ جيڪو پيش ٿيندو آهي اهو متبادل نه پر ان ۾ ”هڪ“ ۽ ”۽“ حرفن جو سادو جوڙ شامل هوندو آهي. ”يا“ ۽ ”يا ته“ گهڻو ڪري ان خوابي عنصر کي بيان ڪرڻ لاءِ استعمال ٿيندو آهي، جنهن ۾ ابهام يا اڻ چٽائي هوندي آهي، ۽ ان طريقي سان حل ٿيڻ جي قابل ٿيندو آهي. اهڙن معاملن ۾ تشريح جوا صول اهو آهي ته: ”ٻه واضع نعم البدل، جن ۾ هڪ جيترو جواز هجي ۽ انهن کي ”هڪ“ ۽ ”۽“ حرفن جي سادي جوڙ ذريعي پاڻ ۾ ڳنڍجي.

مثال طور هڪ ڀيري منهنجو دوست ”فليس“ اٽليءَ ۾ ترسيو! مون کي ساڻس اهم گفتگو ڪرڻي هئي پر هن سان ملڻ لاءِ گهڻن ڏينهن تائين مون کي سندس ڏس ڪو نه ٿي مليو. ”پوءِ  خواب ۾ مون کي هڪ ٽيليگرام ملي، جنهن ۾ هن جو ڏس لکيل هو. مون ڏٺو ته اهو ٽيليگراف فارم جي هلڪي نيري پني تي ڇيپل هو، جنهن جو پهريون اکر اڻ چٽو هو، ۽ ان جي ٻئي اکر جو آواز اٽليءَ جي ڪنهن ماڻهوءَ جي نالي جو پئي نڪتو، جنهن مون کي ياد پئي ڏياريو ته مون کي پنهنجي دوست سان لفظن جي ڇيد ڪرڻ واري علم (Etymology) بابت گفتگو ڪرڻي هئي، گڏوگڏ منهنجو اهو خفو ۽ ڪاوڙ به ظاهر پئي ٿيو ته هن ڪيترن ڏينهن کان پنهنجي ڏس پتي کي مون کان ڇو لڪايو هو.“ ٻئي پاسي: تشريح جي سلسلي ۾ ان پهرين اڻ چٽي اکر جا ٽي متبادل سامهون آيا، جيڪي خيالن جي ڪڙين جي ابتدائي نڪتي کي سمجهڻ لاءِ انفرادي ۽ هڪ جيترا معقول هئا.

منهنجي والد جي لاڏاڻي کان هڪ رات اڳ خواب ۾: مون هڪ ڇپيل نوٽيس ڏٺو، ڪو بئنر هو يا پوسٽر! پر اهو اهڙن ڌيان ڏياريندڙ نوٽيسن جهڙو هو جيڪي ريلوي اسٽيشن جي انتظار واري ڪمري ۾ سگريٽ ڇڪڻ جي منع لاءِ لڳل هوندا آهن، جنهن تي يا ته ائين لکيل هو:

”توهان کي درخواست ٿي ڪجي ته پنهنجون اکيون بند ڪريو!“

يا لکيل هو: ”توهان کي درخواست ٿي ڪجي ته هڪ اک بند ڪريو.“(1)

جڏهن ان خواب جي تشريح ڪبي ته اهي ٻئي موقف پنهنجي جاءِ تي پنهنجي انفرادي معنيٰ رکندڙ ۽ مختلف ڏسائن ۾ رهبري ڪندي نظر ايندا. مون نهايت سادين رسمن سان ڪفن دفن جو بندوبست ڪيو، ڇاڪاڻ ته مون ڄاتو ٿي ته منهنجو پيءُ پاڻ گهڻين ۽ وڏين رسمن جو قائل نه هو، پر خاندان جي ٻين ڀاتين جو مسيحي ڪٽرپڻي سبب ان سادگيءَ سان اختلاف هو، ۽ ڪفن دفن جي رسمن ۾ شامل ٻين ماڻهن اڳيان، بيعزتي محسوس پئي ڪيائون.

ان ڪري هڪڙو موقف هي آهي ته: ”توهان کي درخواست ٿي ڪجي ته پنهنجي هڪ اک بند ڪريو.“ يعني ”ميڇ ڏيڻ“ يا ”لنوائي ڇڏڻ.“

ان ريت ”يا“ ۽ ”يا ته“ جي ذريعي اڻ چٽي ”اظهار“ جي معنيٰ کي آسانيءَ سان سمجهي سگهجي ٿو. خواب جو عمل، خوابي خيالن لاءِ مڪمل صورت ۾ لفظن بيان ڪرڻ جو ڪم نه ڪري سگهندو آهي، جيڪي ساڳئي وقت مبهم ۽ اڻ چٽا هوندا آهن، ۽ خيال جون ٻه مکيه سٽون، نتيجي طور خود خوابن جي مسودي کي پڌرو ڪرڻ لاءِ مختلف رخن ۾ وڃڻ شروع ڪنديون آهن.

ڪڏهن ڪڏهن خواب جي ڪم کي متبادل جي اظهار ۾ مشڪل به پيش ايندي آهي، تڏهن هو ان کي ٻن هڪ جيترن حصن ۾ ورهائيندو آهي.

خواب جنهن طريقي سان غير موافق ۽ اختلافي سطح سان لهه وچڙ ۾ ايندو آهي ته اها هن جي انتهائي اعليٰ ڪارڪردگي هوندي آهي. اهو ڏاڍي سادي انداز سان رڳو انڪار (No) ڪندو آهي، يعني خواب چوندو آهي توهان في الحال ٻاهر نه اچو. اهي حصا غير موافق خيالن کي هڪ وحدت ۾ ڳنڍڻ لاءِ هڪ خاص اهميت ڏيکاريندا آهن يا وري انهن جي هڪ هجڻ جو ويس ڌاريندا آهن، ڄڻ اهي هڪڙا ۽ ساڳيا هجن.

خواب پاڻ کي آزاد ڀائيندا آهن، ۽ گڏوگڏ هن جي مرضيءَ کانسواءِ ڪو به جزو اظهار نه ڪندو آهي، ان ڪري اتي موافقت جو اهڙو ڪو رستو نه آهي جو پهرين نظر ۾ ئي فيصلو ڪري وٺي، ڀلي ته خوابي خيالن ۾ ڪو غير موافق جزو موجود ڇو نه هجي! ۽ ڀلي ته اهو مثبت هجي يا منفي.(1)

مٿي آندل خوابن مان هڪڙي شق جي تشريح ته اسان اڳي ئي ڪري آيا آهيون ته هن خواب ۾ ڏٺو ته: ”هوءَ مٿانهينءَ کان ڪنهن اڻڄاتل ڪاٺين جي ٺهيل لوڙهي تي لهڻ لڳي، سندس هٿن ۾ تازن ٽڙيل، گلن جي هڪ ٽاري هئي....“ ۽ سندس ان خواب جو تصور! فرشتي جهڙي معصوم عورت سان ملي ٿو، جنهن جي هٿن ۾ گلدستو آهي، جيڪا ان وقت جي يادگار آهي، جڏهن الله سائينءَ جي فرشتي بيبي مريم کي حضرت عيسيٰ عليهه السلام جي ڄمڻ جي خوشخبري ڏيندي مريم جا گل آڇيا هئا، جڏهن ته خواب ڏسندڙ عورت جو سندو نالو به ”مريم“ هو.

”۽ اڇن ڪپڙن واريون ڇوڪريون، گناهن بخشرائڻ لاءِ مسيحي جلوس ۾ وڃڻ لڳيون، تڏهن گهٽيون ساين ساين ٽارين سان سينگارجي ويون.“

ان ۾ ٿورو به شڪ نه آهي ته خواب ۾ ”ٽاريءُ“ جو نظر اچڻ، جنسي رحجان کي سادگيءَ سان ظاهر ڪرڻ جي علامت آهي، ۽ اها ٽاري، ڳاڙهن گلن سان جهنجهيل به هئي ۽ هرهڪ ڄڻ سدا بهار هو. گلن جي تازگي به مرجهائجي ويل يعني سندس جهڪي ٿي ويل جنسي رحجان جي نشاندهي ٿي ڪري ۽ بنا مبالغي اهو تصور ”ماهواريءَ“ ڏانهن وڃي ٿو. ان فرشتي جهڙي معصوم عورت جي هٿن ۾ ان ساڳي ٽاريءَ ۾ سوسن جا گل آهن، ان جو سبب اهو به آهي ته روايت مطابق سوسن جي گلن ۾ واڌ ويجهه جي سگهه هوندي آهي.

ٽڙيل گلن جي اهڙين ٽارين متعلق ”گوئٽي“ پنهنجي هڪ شعر (Der Madchens) ۾ معصوم جنسي رحجان ۽ ان جي غير موافق احساس جي تشريح ڪئي آهي، ۽ ساڳئي خواب! سندس گذرندڙ حياتيءَ ۾ ڪاميابي ۽ خوشيءَ کي اظهاريو آهي، اهو سندس ئي خيالن جي وهڪري جي ڪجهه نڪتن جو الٽو ڏيک آهي، جن سندس ٻالڪپڻي وارن مختلف شيطاني خيالن جي خلاف جنسي سٺائيءَ جو احساس پيدا ڪري ڏيکاريو آهي.

خواب جي تشريح جي حوالي سان ڏسبو ته سندس خيال جي ٻن وهڪرن ۾ واضع فرق نظر ايندو، جن مان هڪڙو ته کيس سکڻو دلاسو ڏيندڙ آهي ۽ ٻيو ندامت محسوس ڪرائيندڙ خيال آهي، ۽ اهي ٻئي هڪ ٻئي ۾ فطري طور اختلاف رکندڙ خيال آهي، جيڪي خواب جي پيشڪش ۾ برخلاف يا غير موافق جزن جي هڪ جهڙائيءَ واري نمائندگيءَ ذريعي پيش ٿيندا آهن.

خواب جي جڙڻ واري جوڙجڪ يا ترتيب جي ذريعي، انهن منطقي لاڳاپن جو رڳو هڪڙو ئي جزو تمام گهڻو مددگار هوندو آهي، جنهن کي اسان: ”هڪ جهڙائيءَ جو لاڳاپو،“ هم آهنگي، ويجهي حالت يا صحيح جي ويجهو“ سڏي سگهون ٿا ۽ ان کي ”بلڪل ائين“ وارو تعلق به چئي سگهون ٿا. اهو تعلق ڪنهن ٻئي کي پسند نه ڪندو آهي، ۽ ان لاڳاپي ۾ ئي اهو گڻ هوندو آهي جو اهو ڀانت ڀانت جي رستن ۽ طريقن سان خواب ۾ پيش ڪري سگهندو آهي.

برابريءَ جي بنيادن تي يا مثال ۽ حوالو ڏئي پيش ڪرڻ لاءِ: ”بلڪل ائين“ هڪ اڻ ڇڄندڙ خاصيت جيان خوابي خيالن ۾ موجود هوندو آهي، جيڪو خواب جي جڙڻ لاءِ پهريون بنيادي ڍانچو ترتيب ڏيندو آهي، ۽ خواب جي ڪم جو ڪو به غير مناسب يا ناموافق حصو انهن تازن هڪ جهڙائيءَ وارن واقعن کي اڳيان آڻي ۽ انهن کي شامل نه ڪري سگهندو آهي، جيڪي موجود ته هوندو آهي پر اهي، مزاحمت يا مخالفت جي ذريعي مڙهيل ڇنڊڇاڻ واري پابنديءَ سبب خواب ۾ پنهنجو رستو نه ڳولهي سگهندا آهن. هڪ جهڙاين واري لاڳاپي جو اظهار خواب جي ڪم جي رغبت جي ذريعي، گهٽائڻ يا اختصار ڪرڻ ۾ مدد ڪندو آهي.

هڪ جهڙائي (Similarity) ۽ هم آهنگي (Consonance)، ڪنهن شيءِ يا معاملي کي جوڙڻ يا واسطي ظاهر ڪرڻ جي وابستگيءَ سان گڏيل هوندا آهن، ۽ خواب ۾ اهي رلمل ٿيل صورت ۾ ظاهر ٿيندا آهن، اهي يا ته خوابي خيالن جي مواد ۾ اڳ ۾ ئي موجود هوندا آهن يا ٿي سگهي ٿو ته انهن جي ويجهڙائيءَ ۾ اڏاوت ٿي هجي. اهي سمورا امڪان ٿي سگهي ٿو پهرين ”مماثلت/ نشاندهيءَ“ جي ۽ پوءِ ”جوڙجڪ/ ترتيب“ جي ذريعي بيان ڪيل هجن، مماثلت/ نشاندهي“ اتي استعمال ٿيندي آهي جتي ماڻهوءَ جو تعلق يا واسطو هوندو آهي ۽ ترتيب يا جوڙجڪ وري هڪ جهڙائيءَ وارين شين يا ٻئي مواد جي ذريعي ٿيندي آهي. ان جي باوجود ترتيب يا جوڙجڪ سدائين ماڻهن سان لاڳو ٿيندي آهي ۽ خود جايون يا نظارا به ماڻهوءَ جي صورت ۾ بيان ٿيندا آهن.

”مماثلت/ نشاندهيءَ“ ۾ عام خوبين جي حوالي سان لاڳاپيل ماڻهن مان رڳو هڪڙو ئي خواب جي مسودي کي پڌرو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيندو آهي، جڏهن ته ٻيا يا باقي بچيل ماڻهو ان ۾ دٻيل ۽ لڪل نظر ايندا ايندا آهن. پر خواب ۾ اها اڪيلي نظر ايندڙ تصوير انهن سمورن لاڳاپن/ رشتن ۽ واقعن ۾، يا ته سندن ذات لاڳاپيل هوندي آهي يا وري انهن تصويرن ذريعي پاڻ کي واضع ڪندو آهي. ان ترتيبي جوڙجڪ ۾ جتي اها ماڻهن جي وسعت ۾ واڌرو آڻي ٿي، ته ساڳئي وقت تي خوابي تصوير انهن مشتمل تصويرن ذريعي، خاص ان ماڻهوءَ سان يا ان سان تعلق رکندڙ ماڻهن سان واسطو رکندي آهي، پر اهي ٻيا پاڻ ۾ گهڻا گهرا گهاٽا دوست نه هوندا آهن، ان ڪري انهن تصويرن مان نڪرندڙ راهه، هڪ مرڪب تصوير جي شڪل ۾ هڪ نئين اتحاد کي اظهارينديون آهن. ان مرڪب تصوير جو اصل عمل هڪ جاءِ تان ٻي جاءِ تي کڻي وڃڻ لاءِ مختلف رستا اختيار ڪري سگهي ٿو.

هڪ پاسي خوابي تصوير! ٿي سگهي ٿو ته ان ماڻهوءَ سان واسطو رکندڙ شخصن مان ڪنهن هڪ جي نالي جو سهارو وٺي. اهڙي معاملي ۾ اسان پنهنجي جاڳ واري معلومات ذريعي مشابهت رکندڙ کي آسانيءَ سان سڃاڻي سگهون ٿا، ته هي يا هو ماڻهو ڪو مخصوص نموني جو ڪم ڪندڙ آهي. ڀل ته ان جا نظر ايندڙ نقش، ڪنهن ٻئي شخص سان ملندا هجن.

يا وري ٻئي پاسي، خوابي تصوير جي جوڙجڪ جا تصويري عنصر، حقيقي طور ٿورو/ اڻپورو هڪ شخص سان ته ٿورو/ اڻپورو ڪنهن ٻئي سان واسطو رکندڙ هجن. يا وري ٿي سگهي ٿو ته خوابي تصوير ۾ ڪنهن ٻئي شخص جو شامل حصو ٽيڪ ڏيندو هجي، پنهنجي نظر ايندڙ مهانڊي ذريعي نه پر جسم جي ڪنهن حصي جي حرڪت يا ڪنهن ارادي کان آگاهه ڪندڙ ان عمل جو ادراڪ ڏيندو هجي، جيڪو اسان ساڻس منسوب ڪري سگهون، مثال طور ڪو لفظ جيڪو اسان جي وچ ۾ گفتگو جو سبب بڻيو هجي، يا ڪو واقعو جنهن ۾ اسان کيس جائيتو ڪري سگهون.

ان آخري صورت ۾ ”مرڪب تصوير جي جوڙجڪ ۽ ان جي حصن جي شناخت جي وچ وارو تفاوت پنهنجي نج هئڻ کي وڃائڻ شروع ڪندو آهي، پر گهڻو ڪري ائين به ٿيندو آهي ته ان قسم جي مرڪب تصوير جي جوڙجڪ ڪامياب نه ٿيندي آهي، جيڪڏهن ڪامياب ٿي وڃي ته خواب ۾ نظر ايندڙ منظر واسطيدار ماڻهن مان ڪنهن هڪ سان منسوب ٿي ويندو آهي، جيتوڻيڪ ٻيا (سدائين اهم ترين) تيماردار واري صورت ۾ پر بنا ڪنهن ٻئي ڪم جي ظاهر ٿيندا آهن.

خواب ڏسندڙ هن مثال ذريعي به بيان ڪري سگهي ٿو:

”منهنجي والده اڃان اتي هئي.“ (اسٽيڪل)

خواب جي مسودي ۾ ان قسم جو عنصر ”عزم يا پڪي ارادي“ سان ڀيٽي سگهجي ٿو، جيڪو هيرو غليفي (Hieroglyphic) لپيءَ يعني نه سمجهه ۾ ايندڙ قديم تصويري علامتون جيڪي مصر وار استعمال ڪندا هئا، جنهن جو مقصد ”اچارڻ“ نه هوندو هو پر محض ٻين نشانين جي وضاحت ڪرڻ هوندو هو.

”عام عنصر“ جيڪو ٻن ماڻهن جي امتزاج سان منصفاڻي انداز سان جواز پيدا ڪري ٿو يا تائيدي ثبوت جو ڪارڻ بڻجي ٿو، ٿي سگهي ٿو ته اهو خواب ۾ پيش ٿيندو هجي، يا ٿي سگهي ٿو ان مان نڪري ويندو هجي، جيئن اصول آهي ته گهڻ رخي شخص جي سڃاڻپ يا ان جي شخصي تعمير ڪنهن خاص مقصد جي ڪري زندگيءَ جي عام عنصرن کي اظهارڻ کان لنوائيندي آهي، مثال طور: ”الف نالي شخص کي مون سان ڪا دشمني آهي، ۽ ائين بي نالي شخص جو به مون الائي ڇا بگاڙيو آهي.“ ان حوالي سان مان خواب ۾ هڪ مرڪب تصوير ٿو جوڙيان، يا مان تصور ٿو ڪريان ته الف شخص ڪنهن ٻئي قسم جو ورتاءُ ٿو ڪري، ۽ اهو ورتاءُ وري بي نالي شخص جي ڪردار ۾ موجود آهي، ته اهڙي صورت ۾ خواب هڪ نئين قسم جي لاڳاپي جو اظهار ڪندو، ۽ الف ۽ بي سان لاڳاپيل حقيقت يا حالتون اهڙي انداز سان پيش ڪندو جيڪي مون لاءِ پورو جواز رکندڙ هونديون، يعني انهن ۾ اهڙا عام عنصر شامل ڪندو جيڪي انهن ٻنهي ۾ هڪ جهڙا هجن، جهڙوڪ: مون سان دشمنيءَ وارو رويو. ان طريقي سان خواب جي مسودي ۾ اختصار جي، غير معمولي ڪاريگريءَ سان پيش ٿيڻ جو امڪان موجود رهندو آهي.

جڏهن خواب ۾ ٻن ماڻهن جي وچ ۾ هڪ جهڙو عنصر پيش ٿيندو آهي ته اهو هڪ ٻئي/ اضافي پاسي ڏسڻ جو اشارو هوندو آهي، جنهن کي هڪ جهڙي مخفي عنصر سان، ڇنڊڇاڻ جي ذريعي پيش ڪرڻ ممڪن نه هوندو آهي. حقيقت اها آهي ته خواب ۾ اڻ ڌرين ۽ هڪ جهڙن عنصرن سان نظر ايندڙ مرڪب تصوير! نتيجي اخذ ڪرڻ ۾ اسان جي رهنمائي ڪري ٿي ته مخفي گڏيل/ هڪ جهڙي، مخفي عنصر کان علاوه ڪو ٻيو عنصر به خوابي خيالن ۾ موجود آهي.

ان ريت، شناخت يا مرڪب تصوير جي جوڙجڪ خوابن ۾ گهڻن مقصدن کي سرانجام ڏيڻ جو فرض  ادا ڪندي آهي، جن مان پهرين ته اهو عنصر پيش ڪندي آهي جيڪو ٻن ماڻهن ۾ هڪ جهڙو هوندو آهي، ٻيو رهجي يا وڃائجي ويل هڪ جهڙو عنصر ظاهر ڪندي آهي، ۽ ٽيون فقط هڪ جهڙي خواهش وارو عام عنصر جو اظهار ڪندي آهي. ائين ٿيندو آهي ته هڪ جهڙين خواهشن رکندڙ ٻن ماڻهن جا ورتاءَ هڪ ٻئي سان ملندڙ جلندڙ هوندا آهن، ۽ ائين اهي هڪ کان ٻئي تائين منتقل به ٿي ويندا آهن، جيئن مون ”ارما جي انجيڪشن“ واري معاملي کي هڪ ٻي مريضا عورت ڏانهن منتقل ڪيو، ۽ خواب منهنجي خيال کي ان ڏانهن لاڙي ڇڏيو جنهن کي مان ”ارما“ ٿي ڀانيو. منهنجي چاچي واري خواب جي متعلق به خواب جو مرڪزي نڪتو ان قسم جي ”ڏيوٺ“ ئي هيو. مون پاڻ کي وزارت واري عهدي ذريعي پئي سڃاتو ۽ پنهنجي ساٿيءَ سان انصاف وارو ورتاءَ پئي ڪيو.

منهنجو تجربو اهو ٿو ٻڌائي ته هرڪو خواب خواب ڏسندڙ سان ئي واسطو ٿو رکي، خواب مڪمل طور تي خود غرض ٿيندا آهن. منهنجو پنهنجو آپو (Ego) به ڪڏهن ڪڏهن خواب جي متن ۾  نظر نه ايندو آهي، پر رڳو ڪجهه ٻاهرين يا بنهه اڻ لاڳاپيل ماڻهن کي ڏسندو آهيان ته آسانيءَ سان تسليم ڪري وٺندو آهيان ته ان شخص جي مماثلت ذريعي منهنجو پنهنجو مطلبي پاڻ پڻو (Ego) مخفي انداز سان ڪاربند آهي، اهڙيءَ ريت مان پنهنجو آپو خواب جي متن ۾ شامل ڪري سگهندو آهيان. ٻين موقعن تي منهنجو آپو جڏهن خواب ۾ ظاهر ٿيندو آهي، ۽ جنهن صورتحال ۾ ظاهر ٿيندو آهي ته لڳندو آهي ته اهو مون کي سمجهائي ٿو ته منهنجي آپي جي پويان، مماثلت ذريعي، اهو ئي ”مخفي طور ٽيڪ ڏيندڙ“ ماڻهو آهي. اهڙي معاملي ۾ خواب مون کي آگاهه ڪندو آهي ته جڏهن مان خواب جي تشريح ڪريان ته مان ان کي پاڻ ڏانهن منتقل ڪريان، جيڪو گڏيل/ هڪ جهڙو مخفي عنصر ان ٻئي ماڻهوءَ سان منسلڪ آهي. ڪجهه اهڙا خواب به آهن جن ۾ منهنجي آپي جا عنصر ٻين ماڻهن سان گڏ ظاهر ٿيندا آهن، پوءِ جڏهن مماثلت جو حل ڪڍندو آهيان ته وري ٻيهر منهنجي آپي جيان پڌرا ٿيڻ لڳندا آهن، تڏهن انهن هڪ جهڙاين جي ڪري مون کي پنهنجي انهن خيالن جي سلسلي ۾ آپي ڏانهن رجوع ڪرڻ ۾ مدد ملندي آهي، جيڪي ڇنڊڇاڻ واري عمل جي ڪري قبوليت کان وانجهجي ويل هوندا آهن، رلي گم ٿي ويو آهن. اهڙيءَ ريت خوابن ۾ منهنجو آپو ڪيترائي ڀيرا وڌاءَ واري صورت ۾: ڪڏهن سڌو سنئون ته ڪڏهن اڻ لاڳاپيل ماڻهن جي تمثيل ۾ ظاهر ٿيندو رهيو آهي. اهڙيءَ ريت خيالن جي تمام گهڻي غير معمولي مواد منجهان، گهٽائي ڇڏڻ وارو عمل ممڪن ٿو لڳي.(1)

اها حقيقت آهي ته خواب ڏسندڙ جو پنهنجو ”آپو“ خواب ۾ ڪيترائي ڀيرا ۽ ڪيترن ئي شڪلين ۾ نظر ايندو آهي، جنهن جي بنياد ۾ اسان جي شعوري خيالن، مختلف هنڌن يا ڳانڍاپن کانسواءِ ٻي ڪا غير معمولي ڳالهه نه هوندي آهي. ان جو مثال ائين آهي، جيئن مان چوان ته: ”مان ننڍي هوندي ڪيڏو نه تندرست هوندو هوس.

ڪنهن ٻئي شخص يا گروهه جي احساس يا اوصاف کي پاڻ سان منسوب ڪرڻ واري مماثلت، جي حوالي سان ڪن خاص علائقن جا نالا، ماڻهن جي نالن جي معاملي ۾ وڌيڪ آسانيءَ سان حل ٿي ويندا آهن، ۽ انهن ۾ آپي ذريعي ڪا مداخلت ڪا نه ٿيندي آهي، جيڪي خوابن ۾ نمايان جاين يا علائقن واري والار ڪندا آهن. منهنجي پنهنجي خواب ۾ (ڏسو: باب پنجين: خوابن جو مواد ۽ ماخذ: جو حصو ٻيو: خوابن جي بنياد ۾ ٻالڪپڻي جو مواد) مون جنهن شهر ۾ پاڻ کي ڏٺو ان کي ”روم“ ٿي سڏيو ويو، پر گهٽيءَ ۾ جرمني زبان ۾ عوام جي آگاهيءَ لاءِ لڳل ڪيترن ئي اشتهارن کي ڏسي حيران ٿي ويو هوس. ان پوئين نڪتي منهنجي ان خواهش کي ظاهر ڪيو هو، جنهن مون کي هڪدم پئراگ جي ياد ڏياري ڇڏي هئي، اهو جرمن قوم پرستن واري دور جو احساس هو، جتي مان پنهنجي جواني گذاري آيو هوس، جيڪو هڪ انقلاب جيان گذري ويو هو.

جامع تخليقي جوڙجڪ جو امڪان سڀ کان اڳ ۾ ڪرداري خاصيتن تي بيٺل هوندو آهي، جيڪو گهڻو ڪري خوابن کي عارضي طور تي وڏي عاليشان صورت ۾ اظهاريندو آهي ۽ جنهن لاءِ ان ۾ خوابن جي عنصرن جو اهو مواد متعارف ڪرائيندو آهي، جيڪو حقيقي ادراڪ جي نفي نه ڪري سگهندو آهي. خوابن ۾ مرڪب يا جامع تصويرن جي جوڙجڪ جو نفسياتي عمل تڏهن  ساڳيو ۽ بلڪل چٽو هوندو آهي جڏهن اسان تصور ڪندا آهيون يا جاڳ واري حالت ۾ يوناني ڏندڪٿائي بلا (جنهن جو مٿيون ڌڙ ماڻهوءَ جو هيٺيون ڌڙ گهوڙي جهڙو ٿو ٿئي، (Centaur يا وات مان باهه جا الا ڪڍندڙ ارڙ بلا (Dragon) جي تصوير ڪشي ڪندا آهيون. فرق رڳو اهو ٿو ٿئي ته اسان پنهنجي جاڳ واري حالت ۾ تصوراتي پيداوار کي ڪهڙو رخ ٿا ڏيون ۽ ان جو ڪهڙو تاثر ٿا محسوس ڪريون، جيڪو يقينن هڪ نئين جوڙجڪ جو بنياد فراهم ڪري ٿو، پر جڏهن ته خواب ۾ مرڪب جوڙجڪ انهن جزن جي ذريعي تعين ڪندي آهي، جيڪي اصل صورت سان بنهه اڻ لاڳاپيل هوندا آهن، جن کي اسان خوابي خيالن جا عام جزا يا عنصر سڏيندا آهيون. خوابن ۾ مرڪب تصويرن واري جوڙجڪ تمام گهڻن ۽ ڀانت ڀانت جي وسيلن سان جڙندي آهي.

انهن عملي طريقن جون گهڻيون بي اثر ڳالهيون، رڳو معلومات سان واسطو رکندڙ، هڪڙي شيءِ جي خوبي بيان ڪنديون آهن، جيڪي پڻ ڪنهن ٻئي سان وابستا هونديون آهن. انهن ٻنهي خيالن جي جزن کي گهڻي محنت طلب طرز سان هڪ نئين تصوير ۾ ملائيندي آهي، ۽ ان عمل ۾ ڪنهن به مماثلت کي نهايت ذهانت سان استعمال ڪندي آهي، ايتري قدر جو اهي خيال واقعي ڪنهن نه ڪنهن سان وابستا هوندا آهن. اها نئين جوڙجڪ ٿي سگهي ٿو ته نهايت بيڪار ۽ بيهودي نظر ايندي هجي، يا اسان کي پنهنجي اڪابريءَ جي تصوراتي ڪاميابي محسوس ڪرائيندي هجي.

جيڪڏهن ماڻهو يا شيون، هڪ وحدت ۽ اختصار ۾ تبديل ٿي ويا آهن ته اهي پڻ خواب جي ڪم ۾ ناموافق/ هم آهنگيءَ يا تال ميل جي ٺهڪاءَ کان وانجهيل ۽ غير موزون آهن. خواب جو ڪم گهڻو مواد تي منحصر ٿئي ٿو، هو عصبي مرڪز جي غلطي نه ڪرڻ جوڳي تقابلي تجزيي سان، ۽ ڪيترين ئي ننڍڙين ۽ انوکين خاصيتن ۽ مهانڊن کي ساڻ ڪري، مرڪب ۽ جامع تصوير تخليق ڪري ٿو. ان حوالي سان ٿي سگهي ٿو ته رلمل ٿيڻ جو عمل هڪ واحد تصوير ۾ ڪاميابي ماڻي نه سگهندو هجي، پر ٻن صورتن ۾ ويس ڌارڻ ۽ عڪسن جو هڪ ٻئي مٿان ظاهر ٿيڻ ۽ ”ٻن منظرن“ جي وچ ۾ مواد جي فطري تقاضا لاءِ ڪجهه پيش ڪرڻ جو عمل جاري رهي ٿو. جن منجهان هڪ ته مماثلت رکندڙ عڪس ان خاڪي ۾ اچي سگهي ٿو، جيڪڏهن ڪو شخص ان جي تشريح جي ذريعي رستو ڳولهي وٺي، جنهن ۾ عام نظريو انفرادي ادراڪ وارن ڪيترن ئي منظرن منجهان جڙندو آهي ته کيس ڳالهه سمجهه ۾ اچي ويندي.

خواب! يقينن انهن مرڪب جوڙجڪ جو ڍير آهي، جنهن جا ڪيترا ئي مثال مون اڳ ۾ ئي ڏنا آهن، جن مان هڪ ۾ مريض جي زندگي ”گلن جي زبان“ ۾ هئي، هن جي خوابي آپي سندس هٿن ۾ سايون سايون ٽاريون ڏنيون، جن کي اسان ڏٺو ته انهيءَ ٻن ڳالهين کي واضع ٿي ڪيو، يعني هن جي معصوميت ۽ شيطاني جنسي رحجان. ٽارين جي تازگي، خواب ڏسندڙ جي پنهنجي تازگيءَ جي ياد ڏياريندڙ هئي، جيڪا منجهس موهيندڙ احساس جي واڌ هئي. ان مرڪب جوڙجڪ جي جزن ۾ هڪ جهڙيون نشانيون خوابي خيالن ذريعي ظاهر ٿيون هيون. تازيون ٽڙندڙ ٽاريون، سندس تصور يا خيالن کي ساراهڻ، ڪاميابيءَ ۽ ڪوشش جي حوالي سان جڙيون هيون.

منهنجي هڪ ٻي مريضه پنهنجي خوابن منجهان هڪ ۾ هڪ شيءِ پيدا ڪئي هئي، جا شهر جي ٻاهران ويجهڙائيءَ ۾ سمنڊ جي پاسي ٺهيل غسل خاني ۽ گهر واري ڇڄهري (Attic) جي وچ ۾ هئي. پهرين ٻن عنصرن، ”اگهاڙي ٿيڻ ۽ ڪپڙن لاهڻ“ جو پاڻ ۾ هڪجهڙو لاڳاپو آهي، ۽ ان جي ٽئين عنصر سان مماثلت سندس ننڍپڻ دوران ”اگهاڙي ٿيڻ“ جي مجموعي تاثر سان وابستا آهي.

هڪ ٻي مرد ٻن جاين جي حوالي سان هڪ مرڪب علائقو خواب ۾ ڏٺو، جتي ”علاج“ ٿيندو هو، انهن مان هڪ ته منهنجي معائني جو ڪمرو هو ۽ ٻي تفريحي جاءِ هئي، جتي پهريون ڀيرو ان عورت سان ملاقات ٿي هئي، جنهن اڳتي هلي سندس زال جي حيثيت حاصل ڪئي.

هڪ ڇوڪريءَ کي پنهنجي وڏي ڀاءُ مڇيءَ جي آنيءَ جو آچار (Caviare) کارائڻ جي دعوت ڏيڻ جو وعدو ڪيو، ان رات هن خواب ۾ ڏٺو ته سندس ساڳئي ڀاءُ جون ٽنگون مڇيءَ جي ڪاري رنگ جي آنيءَ جي داڻن سان لڦيل آهن. اخلاقي سوچ مطابق اهو سندس جذبي يا خيال جو ڦهلاءُ هو ۽ پنهنجي ننڍپڻ دوران بيباڪيءَ سان ڳالهائڻ واري يادگيريءَ جو حوالو هو، جنهن سندس ٽنگن تي ڳاڙهن داغن جي بجاءِ ڪاري رنگ جا ڏيکاريا، ۽ مڇيءَ جي آنيءَ جي داڻن سان ملائي هڪ نئون خيال پيدا ڪيو، جنهن خيال کي اسان ائين چئي سگهون ٿا ته: ”هن کي پنهنجي ڀاءُ کان ڇا حاصل ٿيڻو هو.“

ان خواب ۾ يا ٻين خوابن ۾ نظر ايندڙ جسم جا عضوا يا حصا: ماڻهن يا شين جي ”عمل“ يا ”جذبن“ جو ڌيان ڇڪائيندڙ ورتاءُ جي حوالي سان نظر ايندا آهن. فيرينزيءَ (Ferenczi-1910) جي پيش ڪيل هڪ خواب ۾ مرڪب تصوير ڊاڪٽر ۽ گهوڙي تي ٺهيل آهي، جنهن ۾ پڻ ڊاڪٽر کي رات جو سمهڻ واري قميص پهريل آهي. انهن ٽنهي ڀاڱن ۾ هڪ جهڙو يا گڏيل عنصر هڪ مريضه جي تجزيي کانپوءِ ان وقت ظاهر ٿيو هو، جڏهن هن اهو ٻڌايو هو ته رات جو سمهڻ واري قميص جو تصور ننڍپڻ دوران سندس والد سان وابستا هو. انهن ٽنهي معاملن ۾ سندس جنسي تجسس جو سوال موجود آهي. جڏهن هوءَ ننڍي هئي ته سندس سنڀاليندڙ خاتون کيس فوجين جي گهوڙن جي ڪُڙهه ڏيکارڻ وئي هئي، جتي کيس گهڻي تعداد ۾ گهوڙن کي ڏسڻ جو موقعو مليو هو ۽ جن کي ڏسي هوءَ ڏاڍو خوش ٿي هئي ۽ ان وقت جي سرهائي سندس معلوم ڪرڻ يا ڄاڻڻ واري دلچسپي، سوچ کي روڪيندڙ ذهني عمل ذريعي تجسس ۾ تبديل ٿي وئي هئي

مان مٿي دعويٰ ڪري آيو آهيان ته خوابن کي ”اختلاف جي وابستگيءَ سان“ سروڪار نه هوندو آهي. پر فطري ترتيب جي اختلاف سان يا وري بلڪل ”نه“ واري ضد سان هوندو آهي، پر هاڻي مان ان دعويٰ جي سلسلي ۾ پهرين ترديد اها ڪرڻ ٿو چاهيان ته: انهن معاملن يا واقعن جي مخصوص هڪ جهڙائي، جيڪا ٿي سگهي ٿو ته ”سدائين مزاحمت ڪندڙ“ احساس جي عنوان تي مشتمل هجي يا سادي نموني شناخت ذريعي اظهاربي هجي. اهڙا ڪيترا ئي واقعا آهن جن ۾ خيالن جي مٽاسٽا ٿيندي آهي يا ٿي سگهي ٿو ته ان تضاد سان لاڳاپيل ڪو ٻيو متبادل اڀري اچي.


(1)  فرائيڊ هي خواب ”فليس ڏانهن خط“ (نومبر 1896) ۾ لکيو هو، جيڪو پوءِ 1950 ۾ فرائيڊ جي خطن ۾ (پنجاهون خط) شامل آهي.

(1)  هي حاشيو 1911ع ۾ شامل ڪيو ويو هو: مان ”ڪي ايبل (K.Abel) جو هڪڙو مضمون: مقدم اکرن جي معنيٰ جو تضاد“ (Antithetical Meaning of Primal Words- 1884) پڙهي حيرت ۾ پئجي ويو هوس. ان تي مون 1910ع ڌاري تبصرو به لکيو هو ۽ لسانيات جي هڪ ٻئي ماهر جي ذريعي حقيقتن جي تصديق به ڪئي هئي، ته تمام آڳاٽيون ٻوليون به بلڪل خوابن ۾ پيش ٿيندڙ ٻولين جي طريقي سان ورتائبيون هيون. پهرين سٽ ۾ واقعي يا مثال پيش ڪرڻ وقت انهن وٽ پنهنجي سرگرمين يا خصلتن جي سلسلي انتهائي ۽ آخري حد تائين، ٻن غير موافق ڳالهين کي بيان ڪرڻ لاءِ رڳو هڪڙي لفظ جو ”ضد“ استعمال ٿيندو هو، جهڙوڪ: بهادر- ڪمزور، پوڙهو- جوان، ويجهو- پري، ٻڌڻ- ڇوڙڻ. اهي ثانوي عمل جي طور تي، عام لفظن ۾ جدت پيدا ڪندي ٻن اختلافي معاملن لاءِ نهايت نيارن ۽ واضع اصطلاحن جي جوڙجڪ ڪندا هئا. ”ايبل“ ان قسم جي سمجهاڻي خاص طور قديم مصر جي اهڃاڻن ذريعي ڏني آهي، پر هن اهو به ڏيکاريو آهي ته سامي ۽ جرمني زبانن جي ادب ۽ ثقافت ۾ ساڳين اهڃاڻن کي چٽو ڪرڻ جو انداز ٿورو منفرد آهي.

(1)  مان جڏهن خواب ۾ نظر ايندڙ تصوير تي شڪبو آهيان، جنهن جي پويان منهنجو آپو مون ڏانهن نهاريندو آهي ته مون کي مٿين اصول جو مشاهدو ٿيندو آهي ته نظر ايندڙ شخص، جيڪو مون کي خارج ٿيڻ (Emission) جو احساس ڏياري ٿو، ان جو تجربو مان ننڊ ۾ پر پنهنجي سر ڪري رهيو آهيان، جنهن کي منهنجي آپي ڳجهو ڪري رکيو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org