( 3 )
خوابن
۾ جسماني جيوگهرڙن جو بنياد
THE SOMATIC SOURCES OF DREAMS
جيڪڏهن ڪنهن شخص کي، ڪنهن عام آدميءَ جي خوابن جي
مسئلن بابت تربيت ڪرڻ جو شوق هجي ته بهرحال اهو
خيال ذهن ۾ ضرور رکي ۽ ان کان ايترو پڇڻ ضرور
گهرجي ته خوابن بابت سندس ڪهڙو خيال آهي ته: اهي
ڪهڙي ذريعي سان پيدا ٿين ٿا؟ ته توهان ڏسندو ته ان
سوال جي جواب ڏيڻ وقت هو پاڻ کي نهايت پراعتماد
محسوس ڪندو. ۽ پهرين سٽ ۾ ئي خوابن جي جڙڻ کي
هاضمي جي خرابيءَ يا معدي جي تڪليفن جو اثر
ڄاڻائيندي چوندو: ”اهي هاضمي جي خرابيءَ سبب
ايندا آهن.“
ننڊ دوران جسم جي انداز يا چرپر يا ڪجهه خارجي
واقعن سبب گهڻو ڪري ائين ئي سمجهيو ويندو آهي. هن
تي اهو ته واضع ئي نه ٿيندو آهي، جڏهن ته اهي
سمورا سبب، هڪ هنڌ جمع ٿي سندس ضرورتن جي وضاحت
لاءِ ڪانه ڪا شيءِ پويان ئي رهائي ڇڏيندا آهن.
پهرين باب جي حصي ٽئين ۾ مان ان معاملي تي گهڻو
بحث ڪري آيو آهيان،
۽ ”خوابن جي جڙڻ ۾ ترغيب ۽ خوابن جي ماخذن يا
بنيادن“ بابت لکڻ جو ڪم تجرباتي ڪم ڪندڙ ليکڪن
پاران مون کي سونپيو ويو هو، ان ڪري هتي مون کي
رڳو ان معلومات جي نتيجن کي ياد ڏيارڻ جي ضرورت
آهي. جنهن سلسلي ۾ اسان کي ٽن قسمن جي جسماني
جيوگهرڙن جي ترغيب جو بنيادي فرق نظر آيو:
1. خارجي حسي ترغيب: جيڪا بيروني سببن جي ڪري اڀري
ٿي.
2. انهن حساس عضون جي داخلي جوش واري حالت: جن جو
بنياد اندروني حالت تي مدار رکي ٿو.
3. جسماني جيوگهرڙن جي ترغيب: جيڪا جسم جي اندران
پيدا ٿئي ٿي.
ان کان سواءِ اسان اهو به ڏٺو آهي ته تجزيو ڪندڙ
ماهرن وٽ خوابن کي انهن جي جسماني جيوگهرڙن واري
چرپر تي ڌيان ڏيڻ بجاءِ انهن کي پس منظر ۾ ڌڪڻ، يا
خوابن جي نفسي، امڪاني بنيادن کان صفا علحده ڪري
ڇڏڻ جو لاڙو موجود آهي.
پر
اسان جي جاچ جي دعويٰ جو دارومدار جسماني جيوگهرڙن
واري چرپر جي آڌار ۽ بنياد تي رکيل آهي، جنهن ڪري
اسان انهيءَ نتيجي تي پهتا آهيون. حسي عضون جي
خارجي ترغيب (ننڊ دوران ڪڏهن وقتي يا اتفاقي طور
تي اثر انداز ٿئي ٿي ته ڪڏهن وقتي طور اڀرندڙ اها
ترغيب، ننڊ واري ذهن تي ڪا مداخلت ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي
وڃي ٿي). ڪيترن ئي مشاهدن ۽ تجربن ذريعي پڪ
پڪاڻيءَ تي قائم آهي. داخلي حسي تحرڪ جيڪو ڪردار
ادا ڪري ٿي، اها اڻپوري يا ننڊاکڙي شعور جي حسي
عڪسن وارن خوابن ۾ وري وري ٿيڻ واري عمل ذريعي
اظهار ڪندي نظر اچي ٿي. ۽ آخرڪار اها ظاهر ٿئي ٿي،
جڏهن ته اهو ثابت ڪرڻ نهايت مشڪل آهي ته اسان جي
خوابن ۾ نمودار ٿيندڙ عڪس ۽ خيال، داخلي جسماني
جيوگهرڙن جي چرپر جا، ايتري حد تائين پيرا کڻي
هلندا آهن، جيڪي اصل معاملي جي ساک ڏيندا هجن،
توڙي جو ان جو اصل بنياد عالمگير سطح تي مڃيل اثر
رسوخ به ان پٺڀرائيءَ جي ڳولها ڪندو هجي، جنهن جي
مشق وارو عمل اسان جي خوابن جي ذريعي، اسان جي
هاضمي، پيشاب ۽ جنسي اُڀار پيدا ڪندڙ عضون ۾ جوش
جو سبب هوندو آهي.
جڏهن ته تنتي سرشتي جو جوش ۽ جسماني جيوگهرڙن جو
تحرڪ خواب جي جسماني جيوگهرڙن جي چرپر جو ڪارڻ
بڻجي ظاهر ٿيندو آهي. ڪيترن ئي ليکڪن جي حوالي سان
ائين به چئي سگهجي ٿو ته اهو انهن خوابن جو واحد
ڪارڻ آهي.
ٻئي طرف اسان ڪيترائي نظر آيل شڪ شبها اڳي ئي بيان
ڪري آيا آهيون، جيڪي تنقيد طرف، درستگيءَ جي
ثابتيءَ لاءِ نه پر جسماني جيوگهرڙن جي چرپر جي
نظريي جي مناسبت ۾ اشارو ڪن ٿا.
بهرحال هن نظريي جي تائيد ڪندڙن جي پڪ به خاص طور
تي، جيستائين اتفاقي ۽ خارجي تنتي چرپر جو تعلق
آهي ته انهن کي به ان جي اصل بنياد جو احساس ڏياري
سگهي ٿي. اهو نظريو بنا ڪنهن مشڪل جي خوابن جي
سٽاءِ ۾ ناڪام نه ٿيو آهي ته خواب ۾ تمثيلي مواد
جي قيمتي شين ۾ لاڳاپو ڏيکارڻ اڪيلي سر خارجي تنتي
چرپر لاءِ ناممڪن آهي. ”ويٽون ڪاڪنس مس“
(Whiton Calkins Miss, 1893.312)
ان ئي سوال تي لڳاتار ڇهن هفتن تائين پنهنجي ۽ هڪ
ٻئي شخص جي خوابن کي جاچڻ جو ڪم ڪيو هو. هن ڏٺو ته
انهن ۾ 13.2 فيصد ۽ 6.7 سيڪڙو خوابن مان خارجي
حواسن ذريعي محسوس ڪرڻ جا ارڪان ملڻ ممڪن هئا،
جڏهن ته انهن گڏ ڪيل سمورن سپنن مان رڳو ٻن ۾
عضوياتي احساس اخذ پئي ٿيا. هتي اسان ڳاڻاٽي جي
علمي حوالي سان به تصديق ڪئي آهي ته مون کي منهنجي
تجربن جي اٻهرائيءَ وچان ڪيل معائني، ڪهڙي گمان
ڏانهن ٿي ڌڪيو.
تنتي سرشتي جي تحرڪ وارن خوابن ۽ ٻين قسم جي خوابن
کي علحده ڪرڻ جي صلاح لڳاتار ڏني وئي آهي ته جيئن
انهن جي نوعيت ۽ خوبين کي مڪمل طور تي جاچي سگهجي.
”اسپيٽا“
(Spitta.1882.223)
انهن کي ٻن صورتن ۾ علحدو ڪيو
آهي:
1.
تنتي سرشتي جي تحرڪ سبب ايندڙ خواب.
2.
لاڳاپي يا تعلق سبب ايندڙ خواب.
هڪ کي ٻئي کان جدا ڪرڻ وارو اهو عمل بهرحال اڃان
تائين اطمينان ڏياريندڙ نه ٿي سگهيو آهي ۽ جسماني
جيوگهرڙن جي چرپر جي بنياد ۽ خواب جي تمثيلي مواد
جي وچ ۾ ڳانڍاپي کي محدود ڪري ڇڏيو آهي. جنهن ڪري
سمجهڻ ۾ ناممڪن بڻجي ويو آهي. جڏهن ته ان جي پهرين
اعتراض جي حوالي سان هڪ ڳالهه ته اها چئي سگهجي ٿي
ته ”تحرڪ يا جوش پيدا ڪندڙ احساسن جي خارجي بنيادن
جو اڻپوري طريقي سان وقوع پذير ٿيڻ آهي“، ٻيو ته
انهن ذريعن طرفان خوابن جي اڻپوري وضاحت مهيا ڪيل
آهي.
اسان کي ان نظريي جي حمايت ڪندڙن مان اميد رکڻ جو
پورو پورو حق آهي ته اسان کي انهن ٻنهي نڪتن جي
وضاحت ڏين:
1. ائين ڇو آهي ته ڪنهن
خواب جو خارجي تحرڪ پنهنجي اصل ڪردارن ذريعي نظر
نه ايندو آهي! پر ان جي جاءِ تي گهڻو ڪري مختلف ۽
نه سمجهه ۾ ايندڙ ٿي پوندو آهي؟ (ڏسو گهڙيال جي
آلارام وارو خواب. باب پهريون: خوابن جي مسئلن سان
سائنسي ادب جو رويو/ تعلق، حصو ٽيون: ترغيب ۽
خوابن جا ماخذ/بنياد).
2. ته ائين ڇو آهي ته ذهن جو سمجهه يا ادراڪ وارو
ردعمل: انهيءَ نه سمجهه ۾ ايندڙ جوش واري جذبي يا
احساس کي پيش گوئي جي قابل نه بڻائي سگهڻ ۽ انيڪ
قسم جي معنائن ۽ نتيجن ڪڍڻ طرف رستو ڏيکاريندو
آهي؟
انهن سوالن جي جواب ۾ ”اسٽرومپيل“
(Strumpell-1877,108)
ٻڌائي ٿو ته:
”ڇاڪاڻ ته ننڊ دوران دماغ جو تعلق خارجي دنيا کان
هٽي ٿو وڃي، ان ڪري اهو خارجي حسي چرپر جي درست
تشريح نه ٿو ڏئي سگهي، ان جي جاءِ تي تصور جوڙڻ جي
ڪوشش ٿو ڪري، ان بنياد تي ته ان ۾ غير يقيني نقش
ڪيترن حوالن سان موجود آهن.“ هن جا پنهنجا لفظ آهن
ته: ”ننڊ دوران ذهن ۾ جيترو جلدي قبول ڪرڻ جي
صلاحيت يا ان صلاحيت جو مونجهارو يا احساس يا ڪنهن
به قسم جو ڪو نفسي عمل اڀري ٿو ته نتيجي ۾ ذهن
خارجي يا داخلي تنتي اڀار ذريعي پنهنجي حواسن جي
مدد سان سڃاڻڻ لڳي ٿو، ان عمل کي حسي تصوراتي صورت
سڏجي ٿو، جيڪو تجربن جي ان دائري مان جڙي ٿو جنهن
کي ذهن جاڳ واري حالت دوران پاسيرو ڪري رکيو هو
جنهن کي ويجهڙ ۾ ڪيل ادراڪ چئجي ٿو. اهي يا ته
پڌرا هوندا آهن يا وري خاص نفسي معيار ذريعي ساٿ
سنگت ۾ شامل هوندا آهن. اهو عمل جيئن هيو تيئن ئي
ڪيترن ئي وڏن توڙي ننڍن عڪسن سان پاڻ هرتو گهيرو
ڪندو آهي ۽ انهن جي وسيلي تاثر، تنتي چرپر مان پيش
رفت ڪري، پنهنجي نفسي طور ڪٿيل معيار يا اهميت
ذريعي ظاهر ٿيندو آهي. اسان اتي ننڊ واري دماغي
حالت ۾ تنتي تحرڪ ذريعي جوڙيل انهن تاثرن جي تشريح
۾ ائين ئي ڳالهائيندا آهيون، جيئن عام طور تي جاڳ
واري حالت ۾ اسان جو انداز هوندو آهي. تشريح جي ان
نتيجي کي اسان ”تنتي تحرڪ جي ذريعي آيل خواب“ سڏيو
آهي. اهو خواب جنهن جا عنصر تنتي تحرڪ جي ذريعي
طئي ٿيل هوندا آهن، ذهن ۾ ٻيهر پيدا ڪرڻ جي عمل
مطابق پنهنجا نفسي اثر پيدا ڪندو آهي.“
”وونٽ“
(Wundt.1874,656)
پنهنجي ساڳئي بنيادي نظريي تحت تڏهن ئي ڪجهه چيو
آهي، جڏهن پڪ ڪري ٿو ته خوابن ۾ نمودار ٿيندڙ
خيال، حواسي تحرڪ مان خاص طور جسم جي اندرين عضون
جي احساسن جي تجربي مان لنگهڻ واري گڏيل صلاحيت
(Coenaesthesia)
۽ ادراڪ سان گڏجي گهڻي حصي لاءِ پنهنجي پيش رفت ڪن
ٿا ۽ ان سبب اڪثر ڪري تصوراتي عڪس، رڳو ٿوري ئي
امڪان هجڻ جي گنجائش، گذاريل ڏينهن جي ياداشت ۾
مدد ڏيندڙ
(Mnemic)
خيال، زور وٺائڻ جي عمل ذريعي سوداءِ يا وهم ۾
تبديل ٿي وڃن ٿا.
”اسٽرومپيل“
(Strumpell-1877,84)
اڌ اکري لاڙو رکندڙ
(Apt)
جي تشبيهه کي ان تعلق سبب رد ڪيو آهي. جيڪو سندس
خواب جي متن ۽ ان جي تحرڪ جي وچ ۾ جوش جي نظريي ۾
موجود آهي، جڏهن هو لکي ٿو ته: ”اهو ائين آهي جو
اهو ماڻهو جيڪو موسيقيءَ کان واقف نه هجي ۽ پوءِ
به پنهنجي ڏهن ئي آڱرين سان پيانو وڄائيندو هجي.“
جڏهن
ته خواب ان انداز جو نه هوندو آهي، اصل ۾ ذهني
مظهر، نفسي تحرڪ تي ٻڌل هوندو آهي، پر عضوياتي
تحرڪ جو نتيجو، نفسي ارڪانن ذريعي اظهاربو آهي
ڇاڪاڻ ته ان مشيني سرشتي تي، جنهن تي جوش اڀاريندڙ
جذبو بيجا مداخلت ڪندو آهي ته اهو ڪنهن ٻئي طريقي
سان تاثر ڏيڻ جي قابل نه هوندو. ساڳيءَ ريت پهروڪي
واقعي ڏانهن ڪيل اشارو به موجود هوندو آهي. پر
هڪدم نظر نه ايندو آهي، هڪ جهڙائيءَ جو احساس
ڏياريندڙ يا مشابهت رکندڙ صورت جي حوالي سان
”مينيرٽ“
(Meynert)
وهم گمان وارن خيالن جي غلبي جي تشريح ڪرڻ جي ڪوشش
ڪئي آهي: ”گهڙيال جي شڪل جهڙي مشابهت رکندڙ، جنهن
تي ڪي ڇپيل تصويرون، هلڪين يا خاموشيءَ کي ظاهر
ڪرڻ بجاءِ گهڻو ڪري ۽ واضح طور تي اڀريل ٿين ٿيون.
بهرحال خوابن بابت جسماني جيوگهرڙن جي چرپر جو
نظريو ڪيترو مشهور آهي ۽ اها ڪيتري پرڪشش آهي، ان
کي جاچي سگهجي ٿو ۽ ان جا ڪمزور نڪتا به آسانيءَ
سان ظاهر ٿي سگهن ٿا. جسماني جيوگهرڙن جو هر هڪ
خوابي تحرڪ، جنهن کي ذهني طور ننڊ ڪرڻ يا ڪرائڻ
واري اوزار جي ضرورت هوندي آهي، جيڪو تصور جي
تعمير ذريعي تشريح ڪرڻ لڳندو آهي ۽ انهن کي اهڙو
اڀاري ڏيندو آهي جنهن مان تشريحي ڪوششن جا بيشمار
رستا کلي پوندا آهن. ائين چئي سگهجي ٿو ته اهو
انتهائي انيڪ خيالن جي ذريعي خواب جي متن ۾
نمائندگي ڪري سگهجي ٿو،.
پر ”اسٽرومپيل“ ۽ ”وونٽ“ جي حوالي سان سندن نظريو
غور فڪر ڪرڻ لاءِ وڌيڪ ان مقصد جو پورائو ڪندي نظر
نه ٿو اچي، جيڪو خارجي تحرڪ ۽ خوابي خيال جي وچ ۾
انتظامي حڪم هلائڻ جو تعلق جوڙي سگهي، جنهن مقصد
کي خواب جي تشريح لاءِ ان منتخب ڪيو آهي، اهو ناقص
آهي.
ان جي وضاحت جي سلسلي ۾ ”لپس“
(Lipps, 1883,170)
ان کي هن ريت بيان ڪري ٿو ته: ”گهڻو ڪري غير
معمولي چونڊ ئي انهيءَ پيدا ٿيل تحرڪ سبب پنهنجي
پيداواري سرگرميءَ جي حوالي سان خوابن کي جوڙي
ٿي.“
ان اشاري تي اعتراض اڃان به وڌي وڃن ٿا، جنهن تي
تصور جي سموري نظريي جو بنياد ٻڌل آهي، اشارو اهو
آهي ته ننڊ جي حالت وارو دماغ، حواسن جي خارجي
چرپر، جوش يا اڀار کي ان جي سچي ۽ فطري حقيقت
مطابق سڃاڻڻ جي قابل نه هوندو آهي. ”برداخ“
عضوياتي علم جو ماهر هو، ان تمام گهڻو اڳ ٻڌائي
ڇڏيو هو ته ”ڀلي ته ننڊ هجي پر دماغ، پاڻ وٽ
پهچندڙ سمورن منظرن يا حواسن وسيلي محسوس ڪرڻ وارن
تاثرن جي، انهن جي ردعمل ذريعي بلڪل درست تشريح
ڪرڻ جي قابل هوندو آهي، ۽ انهيءَ عمل لاءِ هو ان
خاص منظر جي حقيقت کي ياد ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي،
جيڪا ننڊ پيل شخص لاءِ ايتري اهم هوندي آهي، جيتري
عام صورت ۾ لنوايل واقعي يا منظر مان اميد رکندو
آهي. ننڊ دوران اهي تاثر ئي موضوع بڻبا آهن، (جيئن
سنڀاليندڙ نوڪرياڻي يا کير ڌارائيندڙ دائي ۽ ان جي
ذميداريءَ جي معاملي ۾ ٿيندو آهي). ٻيو ته ننڊ پيل
شخص پنهنجي نالي يا ڪنهن ٻئي لاتعلق آواز واري
تاثر تي جاڳي پوڻ بابت تمام گهڻو يقيني هوندو آهي.
اهي سڀئي تاثر جيڪي دلالت ڪرڻ جو عمل ڪندا آهن ته
ننڊ دوران دماغ، احساسن جي وچ ۾ فرق ڪرڻ لڳندو
آهي. ”برداخ“ انهن مشاهدن مان نتيجو ڪڍيو آهي ته:
”اسان کي يقيني طور اهو مفروضو قائم ڪرڻو پوندو ته
ننڊ واري حالت کي حواسي چرپر ۾ مداخلت ڪرڻ جي
اهليت ته هوندي آهي پر انهن ۾ دلچسپي نه هوندي
آهي. ”ساڳيا دليل جيڪي برداخ“ 1830ع ۾ استعمال ڪيا
هئا، اهي ٻيهر وري بنا ڪنهن ترميم جي ”لپس“ پنهنجي
”جسماني جيوگهرڙن جي چرپر جي نظريي تي تنقيد
1883ع“ ۾ پيش ڪيا. ان صورت ۾ دماغ جو رويو ائين ٿو
لڳي ڄڻ اهو ڪو افسانو جوڙيندو هجي. جڏهن ڪنهن
کانئس پڇيو ته ڇا هو ستل آهي؟ ته چوڻ لڳو: ”نه
ته!“ پر جڏهن هن کيس چيو ته: ”پوءِ مون کي ڏهه
فلورنس (رپيا) ڏي. جنهن تي هو پريشان ٿي ويو ۽
ناخوشگوار انداز ۾ چوڻ لڳو: ”مان ستل آهيان.“
خوابن متعلق جسماني جيوگهرڙن جي اڀار يا جوش جي
اڻپوري نظريي کان ڪن ٻين طريقن سان سمجهائي سگهجي
ٿو. مشاهدو اهو ٿو ٻڌائي ته ضروري ناهي ته جڏهن يا
جيڪڏهن مان خواب ڏسان ته خوابن متعلق خارجي تحرڪ
مون کي مجبور ڪري، ڀلي ته اهو تحرڪ منهنجي خواب جي
متن ۾ نمودار به ٿئي. مثال ٿا وٺون ته جڏهن مان
سمهان ٿو ته مون کي ڪنهن شيءِ جي ڇهاءَ جهڙو احساس
ٿئي ٿو ته مون تي ڪيترن مختلف قسم جا ردعمل ٿيڻ
شروع ٿين ٿا، مان انهن کي نظر انداز ڪريان ٿو جڏهن
جاڳان ٿو ته ڏسان ٿو ته اتفاق سان پنهنجي ڄنگهن تي
ڪپڙو پيل نه ٿو ڏسان يا پنهنجي ٻانهن تي ڪو دٻاءُ
پيل ڏسان ٿو، مرض جي تشخيص جو علم اهڙا ڪيترائي
مثال مهيا ڪندو آهي، جن ۾ جلد جوش ۾ اچڻ وارا
مختلف ۽ طاقتور احساس ۽ جوش پيدا ڪندڙ تحرڪ، ننڊ
دوران بنا ڪنهن اثر يا نتيجي جي. مسلسل جاري رهن
ٿا. يا ٻيهر مان پنهنجي ننڊ ۾ ان احساس کان واقف
ٿي سگهان ٿو، مان ان کان ائين واقف ٿي سگهان ٿو
(جيئن تحريڪ پيدا ڪندڙ تڪليف جي اصولي معاملي ۾
ٿيندو آهي) جنهن لاءِ چئي سگهجي ٿو ته: ”مان ان
درد کي ننڊ دوران، پر بنا ڳوهڻ يا رچائڻ جي محسوس
ڪري سگهان ٿو. ۽ ٽيون ته مان ان اُڀار يا تڪليف جي
رد عمل طور جاڳي به سگهان ٿو ته جيئن ان مان
ڇوٽڪارون حاصل ڪري سگهان.
۽ چوٿون امڪان اهو آهي ته اهو تنتي بکيڙو منهنجي
خواب لهڻ جو سبب بڻجي سگهي ٿو. ٻيا امڪان مڃڻ لائق
تڏهن ٿيندا آهن جڏهن خواب جي اها آخري جوڙجڪ
لڳاتار عمل ڪندي هجي. ۽ تيستائين اهو عمل نه ٿي
سگهندو آهي جيستائين خواب جي جڙڻ جو مقصد جسماني
جيوگهرڙن جي چرپر جي بنياد بنسبت ڪنهن ٻي شيءِ تي
انحصار نه ٿو ڪري.
ڪجهه ٻيا ليکڪ جهڙوڪ: ”شيرنر“
(Scherner.1861)
۽ ”والڪيلٽ“
(Volkelt,1875)
به آهن، جن مان ”شيرينر“ جي خيال کي فلسفين ان ريت
اختيار ڪيو آهي جو انهن، خوابن ۾ جسمانيءَ
جيوگهرڙن جي چرپر جي سلسلي ۾ رڳو انهن خلائن کي
ڀرڻ بابت تخمينو لڳايو آهي،جن جي مون هتي تشريحي
نشاندهي ڪئي آهي. انهن ليکڪن دماغي سرگرمين بابت
نهايت سٺي ڪوشش ڪئي آهي، جيڪا جسماني جيوَگهرڙن جي
چرپر کي ان قسم جي خوابي عڪسن جي صورت ۾ بدلائي،
مختلف ڪري ڇڏڻ جي پيداوري اڳواڻي ڪري ٿي. ٻين لفظن
۾ ائين چئجي ته خواب جي سلسلي ۾ اهي عڪس، ذهن جي
نفسي سرگرميءَ جيان ضروري سمجهندي هڪ ڀيرو ٻيهر
تلاش ڪن ٿا.
”شيرنر“ خوابن جي پيداواري سلسلي ۾ نفسي ڪرداري
خاصيتن جي، شاعراڻي احساس ۽ زندگيءَ جي رونق وسيلي
نه رڳو تشريح ظاهر ڪئي آهي پر هو اهو به مڃي ٿو ته
هن اهو اصول به ڳولهي لڌو آهي، جنهن سان ذهن، پاڻ
وٽ آيل تحرڪ سان لهه وچڙ ۾ اچي ٿو. سندس خيال آهي
ته خواب جو ڪم، جڏهن ڏينهن واري تصور جي ٻنڌڻ کان
بلڪل آزاد هوندو ته هو عضون جي ان فطرت کي ڳولهي،
علامتي نمائندگيءَ ذريعي پيش ڪندو آهي، جنهن مان
تحرڪ ۽ خود تحرڪ جي فطرت اڀرندي آهي. اهڙي ريت هن
خوابن جي تشريحي رهبريءَ بابت هڪ قسم جو ”خواب
نامو“ پيش ڪيو آهي، جنهن جي ذريعي، عضون جي حالت ۽
جسماني جيوگهرڙن جي ڪرداري خاصيت جي تعلق جي حوالي
سان جسماني جيوگهرڙن جي چرپر مان پيدا ٿيندڙ
احساسن جي خوابي عڪسن مان نتيجو ڪڍڻ يا قياس آرائي
ڪرڻ کي ممڪن بڻايو ويو آهي.
”اهڙيءَ ريت ٻليءَ جو عڪس، نرم مزاجيءَ جي حالت کي
ظاهر ڪري ٿي ۽ هلڪن رنگن واري ماني، جنسي اگهاڙپ
کي ظاهر ڪري ٿي.“
”والڪيٽ“
(Volkelt, 1875,32)
لکي ٿو ته انساني جسم جي پوري تصوير، خوابي عڪس ۾
هڪ گهر ۽ بدن جا علحده عضوا گهر جي حصن جو عڪس
بڻجي ظاهر ٿين ٿا. ڏند جي جوش يا
تڪليف واري خواب ۾: هڪ هال جي داخلا وارو حصو. ۽
قيمتي ڇت: ڏند جي خالي ٿي ويل حصي ۽ ڏاڪڻ: نڙيءَ
کان اٽڪل نوَ انچ ڊگهي هلڪي تهه واري پيٽ طرف
ويندڙ ناليءَ
(Oesophagus)
سان تعلق رکي ٿي. مٿي جي سور سبب ايندڙ خوابن ۾
مٿي جو مٿيون حصو، ڪمري جي بڇان ڏياريندڙ ڏيڏرن ۽
ڪوريئڙن سان ڍڪيل ڇت جي ذريعي نمائندگي ڪري ٿو.“
علامتن جي ايتري قسمن کي استعمال ڪرڻ جو، خواب جو
مقصد ساڳئي عضوي جي نمائندگي ڪرڻ آهي. اهڙيءَ ريت
ساهه کڻندڙ ڦڦڙن جي علامتي نمائندگي باهه واري بٺي
يا آتشدان، ۽ ان جي اڀرندڙ شعلن جو آواز، هوا جي
لنگهه جي نمائندگي ڪري ٿو. دل جي نمائندگيءَ ۾
اندران خالي کوکا يا صندوقون: مثانو: گول پيتيءَ
جي شڪل جي شين يا عام طور تي خالي پيتين جي صورت ۾
ڪري ٿو. ان ڳالهه جي خاص اهميت آهي ته خواب جي
اختتام تي واسطيدار عضوا يا انهن جو عمل، خواب
ڏسندڙ جي پنهنجي بدن جي تعلق ذريعي پڌرو نظر ايندو
آهي. ان ريت ڏند جي تڪليف واري احساس ۾، عام طور
خواب جي ختم ٿيڻ تي خواب ڏسندڙ پنهنجي ڏند کي
جهلندي ڏسندو آهي.
خوابن جي تشريح جي نظريي بابت اهو موضوع ٻين ليکڪن
تائين موافق انداز سان نه پهتو آهي. ان جون مکيه
خوبيون به ضرورت کان وڌيڪ نظر ٿيون اچن ۽ منهنجي
خيال ۾ انهن جي دعويٰ کي سمجهڻ ۾ ڪافي رنڊڪ پيدا
ٿئي ٿي. جيئن اڳي نظر ايندو ته خوابن جي اها
تشريح، علامتن جي نظريي مطابق نئين سري سان پيشڪش
۾ سلهاڙيل آهي، اهو ساڳيو اصول قديم دور ۾ به لاڳو
هو، سواءِ ان ميدان جي، جتان تشريحون گڏ ڪرڻ،
انساني جسم جي پهچ کان مٿي جي ڳالهه هئي. ان حوالي
سان شيرنر جي لاڳو ڪيل نظريي تحت تشريح، ڪنهن به
قسم جي فني گهٽتائي، تجربي ذريعي ثابت ڪرڻ سان
گرفت ۾ اچي سگهي ٿي، جنهن منجهان سندس مرضيءَ واري
تشريح جا دروازا کليل رهجي ويل نظر اچن ٿا، خاص ان
جي معاملي ۾ پڻ ساڳيا جسماني جيوگهرڙا، خوابن جي
متن ۾، مختلف قسمن سان نمائندگي ڪري سگهن ٿا.
اهڙيءَ ريت ”شيرنر“ جو شاگرد ”والڪيٽ“ خود ان راءِ
کي ثابت ڪرڻ ۾ پاڻ کي لاچار ٿو ڀانئي ته: ”جسم گهر
جي نمائندگي ڪندڙ هوندو آهي.“ اختلاف پڻ انهيءَ
پيدا ٿيندڙ حقيقت تي پابند آهن ته ذهن، بيڪار ۽ بي
مقصد عمل وانگر، هڪ ڀيرو ٻيهر خواب جي ڪم سان
واڳيل رهي ٿو: انهيءَ ڪري اسان ان نظريي تحت هتي
بحث ڪري رهيا آهيون.
ذهن، انهيءَ موضوع يا مضمون ذريعي، جسماني
جيوگهرڙن جي سلسلي ۾ تحرڪ جي ڪنهن به قسم جي فطري
اڪلاءِ يا لاڙي لاءِ بنا ڪنهن پرانهين اشاري جي
اهو ئي خيال ۽ تصور جوڙيندو آهي، جنهن سان هو
سلهاڙيل هوندو آهي.
هتي هڪڙي خاص تنقيد بهرحال پيدا ٿئي ٿي، جنهن سان
”شيرنر“ جي جسماني جيوگهرڙن واري علامتي نظريي کي
تمام وڏو نقصان رسي ٿو. اهي جسماني جيوگهرڙا، هر
وقت حاضر هوندا آهن، عام طور تي اهو سمجهيو ويندو
آهي ته ذهن جاڳ جي ڀيٽ ۾ ننڊ دوران، انهن ڏانهن
وڌيڪ رسائيءَ جوڳو هوندو آهي. اهو سمجهڻ ڪجهه ڏکيو
آهي، جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ ذهن ساري رات مسلسل
خواب ئي ڇو نه جوڙيندو رهندو آهي، ۽ سچ ته هر رات
سمورن عضون جا خواب ڇو نه ٿو ڏسندو رهي. ان تنقيد
کان پاسو ڪرڻ لاءِ ڪجهه وڌيڪ صورتحال شامل ڪري،
هڪڙي ڪوشش ڪري سگهجي ٿي ته خوابي سرگرميءَ جي اڀرڻ
جي حوالي سان، اکين ڪنن، ڏندن ۽ نظام هضم وغيره
ذريعي خاص طور جلد جوش ۾ اچڻ واري حالت جو گذرڻ
ضروري آهي، پر مشڪل وري اها آهي ته خواب، پوءِ
جسماني جيوَ گهرڙن جي انهيءَ خارجي فطرت کي وڌائي،
اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو، جيڪو تمام گهٽ تعداد
وارن معاملن ۾ ئي ممڪن آهي. جيڪڏهن اڏرڻ جا خواب،
ڦڦڙن جي ڦوڪجڻ ۽ سوڙهي ٿيڻ جي علامت آهن (ڏسو باب
پهرين، خوابن جي مسئلن سان سائنسي ادب جو رويو/
تعلق جو حصو ٻيو: جسماني جيوگهرڙن جي اندروني
ترغيب) ته پوءِ اسٽرومپيل ته اڳ ۾ ئي نشاندهي ڪئي
آهي ته عام حالتن جي باوجود ڀلي ته اهڙا خواب بار
بار ايندا هجن يا اها ڳالهه ثابت ڪرڻ ضروري آهي ته
اهي پنهنجي سلسلي ذريعي ساهه کڻڻ جي سرگرميءَ کي
وڌائيندڙ هوندا آهن. هتي هڪ ٽيون امڪان به آهي،
جيڪو انهن سڀني ۾ وڌيڪ ممڪن آهي، ٿي سگهي ٿو ته
خاص مقصد، عارضي طور تي اثر انداز ٿين جيڪي
اندروني عضون کي متاثر ڪندڙ شديد جوش
(Visceral)،
احساسن جو سڌو سنئون ڌيان ڇڪائيندو آهي، اهي يڪسان
طور تي هر وقت هر حال رهندا آهن. اهو امڪان،
بهرحال ”شيرنر“ جي نظرياتي پيش منظر کان پري وٺي
ٿو وڃي.
اهو بلڪل سچ آهي ته خوابن جو سٽاءُ جسم جي عضون ۽
انهن جي عمل جي علامتن تي ٻڌل هوندو آهي. مثال طور
خواب ۾ پاڻي، پيشاب جي تحرڪ جي نشاندهي ڪندو هجي.
خوابن جي معاملي ۾ جنهن ۾ ڏسڻ واري حد، ٻين خوابن
جي بي رنگيءَ جي ڀيٽ ۾ پوريءَ ريت متحرڪ ۽ روشن
رنگن واري هوندي آهي، جن کي شايد انهن خوابن جيان
تعبير نه ڪيو وڃي، جيڪي پنهنجي تصويري تحرڪ سان
نظر ايندا آهن ۽ نه ئي اهڙي تاثرن يا تصورن جي
ذريعي عمل ۾ ايندڙ انهن حصن تي ڪنهن کي اعتراض ٿي
سگهي ٿو جيڪي اڻوڻندڙ ۽ بيزار ڪندڙ گوڙ ۽ مونجهارو
پيدا ڪندڙ آوازن ذريعي خوابي سيرت نگاريءَ جو
اظهار ڪن ٿا.
شيرنر ٻن سهڻن جوان ڇوڪرن جو هڪ خواب بيان ڪيو
آهي، جنهن ۾ ”اهي هڪ پل تي ٻئي ڄڻا هڪ ٻئي جي
سامهون بيٺا آهن، هڪ ٻئي سان وڙهڻ لڳن ٿا ۽ وري
پنهنجي اصل حالت ۾ بيهي رهن ٿا، آخرڪار خواب ڏسندڙ
پاڻ کي پل تي ويٺل ڏٺو، ۽ پنهنجي وات مان هڪ وڏي
ڏند کي ڇڪڻ لڳو.“
ساڳيءَ ريت والڪيٽ به اهڙو خواب بيان ڪيو آهي،
جنهن ۾ ”هڪ ڪٻاٽ جي ٻن خانن جي وچ ۾ گڙ ٻڙ پئي
هلي، جنهن جي آخر ۾ به خواب ڏسندڙ پنهنجي ڏند کي
پئي ڇڪيو.“
اهڙي قسم جا خوابي سٽاء، اسان کي شيرنر جي نظريي
جي اصل روح جي سچائي طرف ڌيان ڏيڻ بجاءِ ڪا اجائي
کوجنا سمجهي، منسوخ ڪرڻ کان روڪين ٿا، (ڏسو باب
ڇهون، ”خواب جو عمل“ جو حصو چوٿون: نمائندگيءَ ۽
مقصد تي غور ويچار) ته پوءِ اسان جي ذميداري اها
آهي ته اسان انهن ٻئي قسم جي علامتن کي به ڳولهيون
ته انهن ۾ ”ڏند جي تحرڪ“ متعلق ڪهڙو تمثيلي بيان
آيل آهي، (هن قسم جا خواب اڳتي ڏسو: باب ڇهون:
”خواب جو عمل“ حصو پنجون: خوابن ۾ علامتن ذريعي
اظهار ۽ ڪجهه مثالي خواب).
خوابن جي طبعي سبب واري نظريي جي ان سموري بحث
متعلق، مان خوابن لاءِ جوڙيل پنهنجي تجزيي لاءِ
جواز ڏيڻ کان پاسو ڪريان ٿو. ٿي سگهي ٿو ته ان
طريقي سان ثابت ٿي وڃي، جنهن کي ٻين ليکڪن پنهنجي
خوابن مواد متعلق لاڳو نه ڪيو آهي. نفسي يا دماغي
عمل جي ڪري، اهڙا خواب پنهنجي هڪ الڳ اهميت ۽
وابستگي رکندا آهن. اهي خواهشون، انهن جي تعمير جو
سبب بڻجنديون آهن ۽ گذريل يا هلندڙ ڏينهن جا اهي
تجربا، انهن جي متن لاءِ کي تازو مواد مهيا ڪندا
آهن. پوءِ جيڪڏهن خوابن متعلق ٻيو ڪو نظريو، تحقيق
جي ان اهم طريقي کي نظر انداز ڪري ٿو ۽ خوابن کي،
طبعي تحرڪ جي نفسي ردعمل کي بيڪار ۽ منجهائيندڙ
ڪري بيان ڪري ٿو ته اهو ڪنهن ضروري تنقيد جي نندڻ
جو ڳو ٿي پوندو. يا اهو انتهائي ناممڪن نظر ايندو.
انهن وٽ خواب جا ٻه مختلف قسم آهن، جن مان رڳو
هڪڙو منهنجي مشاهدي ۾ آيو پر ٻيو خوابن تي دسترس
رکندڙ ويجهڙن ماهرن جي مشاهدي ۾ آيو. اهي سڀئي!
خوابن متعلق ويجهڙائي ۾ منهنجي ئي جوڙيل نظريي
مان، انهن حقيقتن کي ڳولهڻ لڳا، جيڪي خوابن جي
طبعي تحرڪ تي ٻڌل آهن.
اسان ان دعويٰ جي اڳڀرائي لاءِ پهريون قدم اڳ ۾
کڻي چڪا آهيون (ڏسو باب پنجون: ”خوابن جو مواد ۽
ماخذ“: ”خوابن ۾ تازو ۽ غير متعلق مواد) ته خوابي
عمل، ”ڳنڍڻ“ يا ”ملائڻ“ جي ضرورت تحت انهن سمورن
چورڻ، يا ڀڙڪائڻ وارن معاملن ۾ ”اتحاد“ پيدا ڪندو
آهي جيڪي، ان وقت متحرڪ هوندا آهن، اسان ڏٺو ته
جڏهن ٻه يا وڌيڪ تجربا، گذاريل پوئين ڏينهن جي
ڪنهن تاثر کي تخليق ڪرڻ جي لائق هوندا آهن ته
خواهشون انهن مان پيش رفت ڪري هڪڙي خواب ۾ گڏ
ٿينديون آهن ۽ ساڳئي وقت اهم نفسي تاثر ۽ گذريل
ڏينهن جا اڻ ڌريا تجربا کڄي، خوابي مواد ۾ گڏجي
ويندا آهن، ۽ انهن جي وچ ۾ مواصلاتي سلسلي جو
سدائين ممڪن طريقو اختيار ڪندا آهن. اهڙيءَ ريت
خواب هر هڪ شيءِ جي رد عمل طور ظاهر ٿيندو آهي،
يعني ساڳئي وقت ويجهڙائيءَ ۾ پيش آيل متحرڪ مواد
جيان خوابيده ذهن ۾ نماءُ ڪندو آهي. هيل تائين
اسان وٽ خواب جي مواد جو اهو ئي تجزيو موجود رهيو
آهي، جنهن کي اسان نفسي جمع پونجيءَ ۽ يادگيرين جي
تلاش وانگر ڏٺو آهي، جنهن ۾ (هلندڙ يا ويجهڙائيءَ
واري ۽ ٻالڪپڻي جي مواد جي اظهار جي اهميت جي
حوالي سان) اسان هيل تائين انسان وجود جي
”ويجهڙائيءَ واري موجود تحرڪ جي قابليت“ جو غير
تعين پذير لاڳاپو ڏيکارڻ جي پاسي پئي هلياسين.
اسان بنا ڪنهن تڪليف جي پيش بيني ڪري ٿي سگهياسين،
جنهن کان پوءِ ڏسجي ها ته جيڪڏهن ننڊ دوران انهن
”تازين متحرڪ يادن“ سان احساس جي صورت ۾ تازو مواد
به شامل ڪجي ته ڇا پئي ٿي سگهيو! جيڪڏهن ٻيهر ان
وجود جي ”ويجهڙائيءَ واري تحرڪ“ جي حقيقتن جي
پابندي ڪبي، ته جلدي جوش ۾ اچڻ واري حواسي چرپر
خواب لاءِ نهايت اهم نظر ايندي، ڇاڪاڻ ته اها ٻئي
متحرڪ نفسي مواد سان ڳنڍيل هوندي آهي، اهو فراهم
ڪرڻ لاءِ ته خواب جي تعمير ۾ ڇا ٿو استعمال ٿي
سگهي.
ان کي هڪ ٻئي طريقي سان به ڏسي سگهجي ٿو ته جوش يا
تحرڪ ننڊ دوران، اڀري ايندو آهي، جيڪو ڪن ٻين جزن
جي خواهشن جي پورائي متعلق ڪم ڪرڻ لڳندو آهي، جيڪي
”ڏينهن جي موڙيءَ“ سان نفسي طور واقف هوندا آهن.
ان قسم جي امتزاج کي ظاهر ٿيڻ جي ضرورت نه هوندي
آهي، پر جيئن ته مان اڳ ۾ ئي نشاندهي ڪري چڪو
آهيان ته ننڊ دوران خواب ۾ جسمانيءَ جيوگهرڙن جو
ردعمل هڪ کان وڌيڪ رستن سان ٿيندو آهي. اهو ردعمل
جڏهن ظاهر ٿيندو آهي ته ان جو مطلب آهي ته اهو
تمثيلي مواد ڳولهڻ ممڪن آهي، جيڪو خواب جي طبعي
توڙي نفسي سٽاءِ طور استعمال ٿئي ٿو.
خواب جي بنيادي فطرت، طبعي متن يا ان جي ترڪيبي
جزن جي حقيقت کي گهٽائڻ نه آهي، البت نفسي سببن کي
ڳنڍڻ ضرور آهي، جنهن ڪري خواب، خواهشن جي پورائي
جو تسلسل بڻجي پوندو آهي. پر ضروري نه آهي ته
ويجهڙائيءَ واري متحرڪ مواد جي ذريعي خواهشن جي
پورائي متعلق ڪهڙي طريقي سان اظهار ڪري ٿو.
ڪن خاص حقيقتن جي کوجنا جي نڪتي تي مان گنجائش ڇڏڻ
لاءِ تيار آهيان، جيڪا خواب جي خارجي تحرڪ جي
عارضي ڦير گهير ۾ اهميت رکي ٿي. مون انفرادي،
جسماني توڙي حادثاتي حقيقتن جي امتزاج جي تصوير
ڪشي هن طرح ڪئي آهي، ته اها پل اپل جي حالتن ذريعي
پيدا ٿيندڙ آهي، جيڪا اهو تعين ڪري ٿي ته ان شخص
جي خاص، ”خارجي طبعي شديد تحرڪ“ وارن معاملن، ننڊ
دوران ڪهڙو رويو اختيار ڪيو هوندو. عادت مطابق يا
حادثاتي طور تي ننڊ جي گهرائي، جوش يا تحرڪ جي زور
کي، هن جي ڪنهن هڪ معاملي سان ڳنڍڻ لاءِ کڻي، ان
جي شدت کي دٻائڻ لاءِ ممڪن بڻائي ٿي، ته جيئن سندس
ننڊ ۾ خلل نه پوي، ۽ ٻيو معاملو هن کي جاڳڻ تي
مجبور ڪري ٿو يا ان جي اڻت ڪري سندس جوش تي قابو
پائڻ جي همت افزائي ڪري ٿو. انهن مختلف ۽ ممڪن هڪ
جهڙاين ذريعي، خارجي (ٻاهريون) زور، خوابن ۾ ٿوري
يا گهڻي شدت وارو، اهو تاثر ٻئي جي ڀيٽ ۾ ڪنهن هڪ
شخص ۾ نظر ايندو آهي. منهنجي پنهنجي معاملي ۾،
جڏهن ته مان نهايت زبردست ننڊ ڪندڙ آهيان ۽ ڪنهن
شيءِ کي پنهنجي ننڊ خراب ڪرڻ نه ڏيندو آهيان، پر
ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي ته ٻاهرين معامملن جي
جستجو يا جلد جوش ۾ اچڻ واري حالت منهنجي خوابن جو
رستو ڳولهي وٺندي آهي، جڏهن ته نفسي نيتون،
آسانيءَ سان خواب ڏسڻ جو سبب بڻجنديون آهن. حقيقت
اها آهي ته مان رڳو هڪڙي ئي خواب تي ڌيان ڏئي
سگهيو آهيان، جنهن ۾ ٻاهرين ۽ نهايت درد جو احساس
ڏياريندڙ تحرڪ، شناخت ٿيڻ جوڳو هو، ۽ ان جي انهن
نتيجن کي جاچڻ ۾ نهايت ڄاڻ ڏيندڙ هو، جيڪي خاص طور
ان خواب ۾ ٻاهرين تحرڪ کي پيدا ڪري رهيا هئا:
”مان اڇي ڪاري چٽڪٻري گهوڙي تي سواري ڪري رهيو
هوس، ڊڄندي ۽ اڍنگي انداز سان ابتدا ڪئي هيم،
حالانڪه مان اڪيلو ئي ان کي ڊوڙائي رهيو هوس.
پنهنجي ساٿين مان هڪ ”پ“ سان مليس، جيڪو گهوڙي جي
مٿان ويٺل هو، اوني سوٽ پاتل هوس، ۽ ڪنهن پاسي
منهنجو ڌيان ڇڪائي رهيو هو (شايد منهنجي غلط ويهڻ
تي). مان هاڻي پاڻ کي مستحڪم انداز ۽ آرام سان
پنهنجي نهايت سياڻي گهوڙي تي ويهڻ لڳس، ۽ محسوس
ڪيم ڪافي سڪون سان آهيان. منهنجو پاکڙو طول وهاڻي
جهڙو هو. ان رستي تي مان ٻن گاڏين جي وچ مان پئي
ويس، گهٽيءَ واري ٿوري فاصلي طئي ڪرڻ کان پوءِ،
مان واپس مڙيس ۽ گهوڙي تان لهڻ جي ڪوشش ڪيم. پهرين
ته هڪ کليل ڪليسا جو ننڍو ملازم، گهٽيءَ جي منهن ۾
بيٺو هو. پوءِ مان واقعي گهوڙي تان لٿس ته هڪ ٻي
عبادتگاهه جو ننڍو ملازم به سندس ڀرسان موجود ڏٺم.
منهنجي سراءِ به ان گهٽيءَ ۾ هئي، مان گهوڙي کي
پنهنجي مرضيءَ تي ڇڏي ٿي سگهيس، پر مون ان کي گڏ
ڇڪي هلڻ وڌيڪ مناسب ڄاتو، ڇاڪاڻ ته مون ان جي
پٺيءَ تي چڙهي هلڻ سٺو نه پئي سمجهيو. جوتا صاف
ڪرڻ وارو به سراءِ جي در تي ئي بيٺو هو، هن مون کي
منهنجي ئي هڪ چٺي ڏيکاري، جيڪا هن ڪٿان لڌي هئي، ۽
مون تي کلڻ لڳو. اها چٺي ٻٽن اکرن ۾ لکيل هئي ۽
سٽن جي هيٺان ليڪ به ڏنل هئي: ”ماني ناهي“. گڏوگڏ
ٻيو به جملو (غير واضع) لکيل هو جهڙوڪ: ”ڪم ناهي“.
ٻنهي کي ملائڻ کان پوءِ ائين لڳو ته ”مان ڪنهن
اوپري شهر ۾ آهيان، جتي مون لاءِ ڪو ڪم ڪونهي.“
پهرين سٽ ۾ ائين نه ٿو چئي سگهجي ته هي خواب ڪنهن
دٻاءَ هيٺ وجود ۾ آيو هو، يا تڪليف رسائيندڙ ڪنهن
مجبوريءَ سبب جڙيو هو. پر ڪجهه ڏينهن کان مان
ڦرڙين جي تڪليف ۾ مبتلا ضرور هوس، جيڪي هر وقت
پيون سور ڪرائينديون هيون، هڪڙي ڦرڙي ته اصل صوف
جيڏي وڏي ٿي وئي هئي ۽ منهنجي آنوري جي کل ......
تي اڀري آئي هئي، جنهن جي ڪري قدم کڻندو هوس ته
سور جي شدت وڌي ويندي هئي، جيڪا تڪليف جي سبب بي
ڪيفيءَ ۾ ڪجهه وڌيڪ ئي مهربان ٿي پوندي هئي. کاڌي
جي گهٽتائي ۽ ڪم جي سختيءَ جي باوجود مان ڪجهه ڪري
نه ٿي سگهيس. سور سميت انهن سمورين ڳالهين گڏجي،
مون کي ذهني دٻاءَ ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو هو. مان
پنهنجي طبي فرضن کي به ڇڏي ڪونه ٿي سگهيس. اهڙي
حالت ۾ خواب ذريعي، منهنجي تڪليف جي هڪڙي ئي فطري
تفريح هئي، جنهن ۾ مون کي خواب آندو هو. اها
منهنجي تڪليف کي وڏي قوت بخشيندڙ ترديد هئي، جنهن
کي ممڪن حد تائين تصور ۾ آڻي سگهجي ٿو. حقيقت ۾
مان گهوڙي سواري نه ڪري سگهندو آهيان، نه ئي مون
وٽ ڪو گهوڙو آهي، ان جي پٺيءَ تي چڙهيو ضرور
آهيان، پر اهو به سنجن کان سواءِ ۽ جنهن مان ڪو
مزو به ڪونه آيو هو، پر هن خواب ۾ مان گهوڙي سواري
ائين ڪري رهيو هوس ڄڻ مون کي مقعد جي ڀرسان واري
حصي تي ڦرڙي ته هئي ئي ڪانه، يا ڪنهن حد تائين هئي
به ته منهنجو ان ڏانهن ڌيان جو ڪونه ٿي ويو.
”منهنجي چمڙي جي گدي“ جنهن کي، ان جي تصوير ڪشيءَ
مان جاچي سگهجي ٿو ته اها لپري هئي، جنهن منهنجي
گهري ننڊ کي ممڪن بڻايو هو، ۽ انهيءَ آٿت سبب شايد
ننڊ جي پهرين ڪلاڪن ۾ تڪليف جي شدت کان به بي خبر
رهيس. جنهن کان پوءِ سور واري احساس جاڳائڻ جو
اعلان ڪيو ۽ خوابي منظر ۾ سڪون واري انداز ۾ چوڻ
لڳو: ”نه....وڃ... ننڊ ڪر... ننڊ مان جاڳڻ جي
ضرورت نه آهي، توکي ڪا ڦرڙي به ڪانه آهي، انڪري
تون گهوڙي سواري به ڪري رهيو آهين، ڇاڪاڻ ته توکي
ان خاص جاءِ تي ڦرڙي هجي ها ته تون گهوڙي سواري نه
ڪري سگهين ها.“ خواب ڪامياب ٿيو، سور هلڪو ٿيو ۽
مان سمهي پيس.
پر خواب جو مواد ”رستو ٺاهي ڏيڻ تي“ مشتمل نه هو.
منهنجي ڦرڙي، ان سان غير مستقل مزاج خيال تي ضد
ٻڌي بيٺي ۽ اهڙو رويو اختيار ڪيائين جيئن هڪ ماءُ
ڪنهن نقصان جي ڊپ سبب سچو تصور نه ڏيندي آهي، يا
جيئن ڪو واپاري، چوريءَ جي ڀَوَ کان مال لڪائيندو
آهي.
احساسن جي تفصيل جيڪا ٻيو ڪجهه به ڪرڻ کان انڪاري
هوندي آهي، ۽ جيڪا تصوير جڙندي آهي اها، انهيءَ
احساس جي شدت کي دٻائڻ ۾ مصروف هوندي آهي، اهو
تاثر ٻئي مواد سان ڳنڍڻ لاءِ خواب جي مطلب جو
پورائو ڪندو آهي، حالتن جي آڌار تي اهو ئي تازي
مواد جو تحرڪ هو، جيڪو صورتحال جي ذريعي منهنجي
ذهن ۾ آيو، ۽ ان خواب کي نمائندگي لاءِ پيش ڪيو،
مان اڇي ڪاري چٽڪٻري گهوڙي تي سوار هوس، جنهن جو
رنگ هوبهو ڪارن مرچن ۽ لوڻ جهڙو هو، جيڪو منهنجي
هڪ ساٿيءَ ”پ“ جي ڪپڙن جو هو، جنهن سان مان هڪ سال
اڳ شهر ۾ مليو هوس.
ڦرڙين جو ڪارڻ منهنجي نهايت مرچن واري کاڌي سان
منسوب هو. علت شناسي، يعني عارضي جي سببن جي نظريي
(Aetiology)
مطابق گهٽ ۾ گهٽ کنڊ ته مٺي پيشاب جي مرض جو ڪارڻ
هئي ئي، جنهن جو تعلق به ڦرڙين جي رونما ٿيڻ سان
هو. منهنجو ساٿي ”پ“ به منهنجي هڪ مريض عورت جي
حوالي سان به مون تي گهوڙي وانگر چڙهي ايندو هو،
جنهن جي لاءِ مون عام اصطلاح جيان ڪاريگريءَ ۽ غير
رواجي همٿ سرانجام ڏني هئي، خواب ۾ به مان ڪنهن
چالاڪ ۽ ڪاريگر گهوڙي سوار جيان، نهايت ڇهاءَ جوڳي
سواري ڪرڻ واري قصي جيان هوس.
اها مريض عورت جڏهن به تڪليف محسوس ڪندي هئي ته
مون کي وٺي ويندي هئي. ان حوالي سان گهوڙي ان عورت
جي علامتي صورت اختيار ڪئي، خواب ۾ اهو نهايت ذهين
پئي لڳو، جنهن جي ڪري مان مٿس وڏي آرام سان ويٺل
هوس، ائين جيئن پنهنجي مريض عورت وٽ سڪون سان
هوندو هوس، پر مون ٿوري عرصي کان پوءِ هن کي ”پ“
جي حوالي ڪيو. ان ساڳئي گهر جي حوالي سان هن شهر
جي معروف ڊاڪٽرن منهنجي علاج جي چند طريقن مان هڪ
جي باري ۾ ڌيان به ڇڪايو هو: ”تون مون کي مستقل
زورائتا ڌڪ ٿو هڻين، جيئن گهوڙي کي ٿي هنيهءِ.“
واقعي، اها لاجواب ڪاريگري هئي، جو ايتري سور جي
باوجود، روزاني اٺ ڏهه ڪلاڪ نفسي يا ذهني علاج جو
ڪم پئي ڪيو. پر مون ڄاتو ٿي ته مان تيستائين اهو
مشڪل ۽ نيارو ڪم نه ڪري سگهندس جيستائين مڪمل طور
تي تندرست نه ٿيندس، ۽ منهنجو خواب انهيءَ صورتحال
متعلق، مڪمل طور تي ملال وارو تاثر ڏيندڙ هو، ۽
خواهش واري واقعي جو اهو رستو ڳولهي وٺڻ ۾ ڪامياب
ٿيو هو، جنهن ۾ منهنجي پنهنجي سوٽ سان ان ڳالهه تي
نااتفاقي ٿي وئي هئي، جيڪو مون کان هڪ سال وڏو هو
۽ هاڻي هو انگلينڊ ۾ ٿو رهي، (ڏسو باب ڇهون: خواب
جو عمل (ڪجهه مثال) حصو ڇهون: ”خوابن ۾ ڳڻپ ۽
تقريرون“).
ٻي ڳالهه ته خواب، منهنجي اٽليءَ واري سفر مان به
ڪجهه حصا کنيا هئا، خواب ۾ جيڪا گهٽي نظر آئي هئي،
اها ”ويرانا“ ۽ ”سيانا“ واري تاثر تي ٻڌل هئي.
اڃان به ان جي گهرائيءَ ۾ وڃبو ته ان خواب جي
تشريح جنسي خوابي خيالن جي پاسي ڇڪي ٿي، ۽ مون کي
ان جي حوالي سان ياد ٿو اچي ته اهو اٽليءَ جي هڪ
مريض عورت جو خواب هو، جنهن اٽليءَ جهڙو سهڻو شهر
ڪڏهن نه ڏٺو هو، ان جي خواب ۾ ”اٽليءَ ڏانهن“
(Gen Italien)
جنهن جو اچار ”جينيٽالين“
(Genitalien)
پئي ٿيو ۽ اهو
“Genital”
(توليدي عضوو) پئي ٿيو، جيڪو ان گهريلو عورت سان
وابستا هو، جتي مون ڦرڙيءَ جي تڪليف سبب پنهنجي
دوست ”پ“ کي ڊاڪٽر جي حيثيت ۾ موڪليو هو.
هڪ ٻئي خواب جي
تشريح به ساڳئي انداز سان گمان پيدا ڪندڙ هئي،
جيڪو حواسي جوش جي ڪري آيو هو. اهو رڳو اتفاق هو،
پر مان ان خواب ۽ حادثاتي جوش جي وچ واري تعلق کي
ڳولهي ورتو، ۽ ائين خواب منهنجي سمجهه ۾ اچي ويو.
”اهو هڪ سخت سياري جو صبح هو ۽ مان ”ٽيرول“ جي هڪ
پهاڙي هوٽل ۾ ترسيل هوس. اهو معلوم ڪري مان خواب
مان جاڳي پيس ته ”پادري مري ويو“. مان هن خواب جي
تشريح ۾ ناڪام ٿي پيس، ڇاڪاڻ ته هن ۾ ڪا تصوير
ڪانه هئي. رڳو ايترو ياد پئي آيو ته ٿورو عرصو اڳ
مون ڪنهن اخبار ۾ پڙهيو هو ته اهو مقدس شخص ٿورو
ناچاق هو. ان ئي صبح جو منهنجي زال پڇيو ته: ”تو
متان صبح جو گرجا جون ڊيڄاريندڙ گهنٽيون ٻڌيون
هجن.“
مان انهن گهنٽين کان بي خبر هوس، پر مون کي خواب
سمجهه ۾ اچي ويو. ٿي سگهي ٿو اهو منهنجي ننڊ جي
ضرورت جو ردعمل هجي، جنهن ڪري ٽائرول شهر جي خدا
ترس باشندي جي فوتگيءَ تي وڄندڙ گهنٽيون مون کي
ننڊ مان جاڳائي نه سگهيون هجن. اهو منهنجو گهنٽين
جي خلاف ننڊ ذريعي انتقام هو ۽ نتيجي طور خواب
پنهنجو سٽاءُ جوڙي ورتو.
ابتدائي بابن ۾ ڪيترائي خواب آندل آهن، جن ۾ ان
اجائي حواسي جوش يا تحرڪ متعلق گهڻا مثال پيش ٿيل
آهن. جن ۾ منهنجو هٻڇ وچان ”پاڻي پيئڻ“ وارو خواب
(باب ٽئين: خواب، خواهشن جو پورائو ڪندڙ هوندا
آهن، جي شروع ۾) به شامل آهي. اصل ۾ جسماني
جيوگهرڙن جو تحرڪ ظاهري طور رڳو سبب هوندو آهي ۽
خواهش، حواسن مان هلي ايندي آهي، جيئن ”اڃ“ ته اها
ظاهري طور رڳو ”منشا“ هوندي آهي. ٻين سادن خوابن
جي سلسلي ۾ به ساڳيو معاملو آهي، جن ۾ طبعي تحرڪ
پاڻ ئي خواهشن کي جوڙڻ جي قابل هوندو آهي. ان مريض
عورت جو خواب، جيڪا رات جو پنهنجي ڳل تان ٿڌو آلو
هٽائي ڇڏيندي هئي، (باب ٽيون: خواب، خواهشن جو
پورائو ڪندڙ هوندا آهن) اهو تڪليف جي تحرڪ جو،
خواهشن جي پورائي سان غير رواجي طريقي جو رد عمل
آهي. اهو ائين ظاهر ٿيندو آهي، جيئن مريض ٿوري وقت
لاءِ سور جي احساس کي برداشت ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي،
۽ سور ڪنهن ٻي جاءِ تي اظهار ڪندو هجي.
منهنجو خواب ٽن نتيجن وارو خواب (باب پنجون: خوابن
جو مواد ۽ ماخذ، حصو ٻيو: خوابن جي بنياد ۾
ٻالڪپڻي جو مواد) صاف طور تي بک جو خواب آهي، پر
اهو پنهنجي ننڍپڻ دوران ماءُ جي ڇاتين مان غذا
حاصل ڪرڻ جي خواهش طرف لڙي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿئي ٿو ۽
اها معصوميت جي خواهش، انهيءَ وڌيڪ اهم معاملي جي
اوٽ لاءِ استعمال ٿئي ٿي، جا ائين واضح طور مظاهرو
نه ٿي ڪري سگهي. ”ڪائونٽ ٿن“ متعلق منهنجو خواب
(باب پنجون: خوابن جو مواد ۽ ماخذ، حصو ٻيو: خوابن
جي بنياد ۾ ٻالڪپڻي جو مواد) ڏيکاري ٿو ته اتفاقي
جنسي ضرورت، ذهني اڇل يا ترغيب سان، گهڻي شدت سان،
ڪيئن سلهاڙجي وڃي ٿي. پر ساڳئي وقت انهيءَ شدت جو
مقدار گهٽجي به وڃي ٿو. ساڳئي قسم جو معاملو
”گارنيئر“
(Garnier, 1872,1,476)
جي حوالي سان به آيل آهي ته سفارتي عيوضيءَ جي
خواب، جنگ دوران بم جي ڦاٽڻ جو آواز اُڻيو ته ڪيئن
ننڊ مان اُٿي ويٺو، (باب پهريون: خوابن جي مسئلن
سان سائنسي ادب جو رويو/تعلق، جو حصو ٽيون: ”ترغيب
۽ خوابن جا ماخذ/بنياد“) سندس خواب، محض مقصد جي
فطرت تحت، نهايت چٽائيءَ سان ظاهر ٿيو هو، جنهن
ننڊ دوران سندس ذهني تحرڪ پاڻ هُرتو احساسن سان
لاڳاپي جي اڳواڻي ڪئي. هڪ نوجوان ۽ وڏي درجي وارو
وڪيل ڏيوالپڻي جي متعلق پنهنجي پهرين ۽ اهم قانوني
ڪارروائيءَ کان واندو ٿيو ته شام ڌاري سمهڻ لاءِ
بستري تي آ هلي پيو، جنهن دوران کيس ننڊ اچي وئي
ته خواب ۾ هن پاڻ کي ”نيپولين“ وانگر رويو اختيار
ڪندي ڏٺو. هن لڳ ڀڳ ”گاليشيا“
(Galicia)
جي شهر واري جي. ريچ حُسيتن
(G.Reich of Husytin)
کي خواب ۾ ڏٺو، جتان هو ڏيوالپڻي واري معاملي
دوران ٿي آيو هو. لفظ ”حُسيتن“ پڻ سندس ڌيان
ڇڪائيندڙ هو، جو جڏهن هو ننڊ مان جاڳيو ته دم
ڪُشيءَ جي عارضي ۾ مبتلا پنهنجي زال کي انتهائي
خطرناڪ کنگهه جي حالت ۾ ڏٺائين. خواب ۾ حسيتن کي
ڏسڻ سندس ويجهي ذهني احساس سبب هو، ڇاڪاڻ ته جرمني
زبان ۾
Husytin
کنگهه جي دوري متعلق ئي استعمال ٿيندو آهي.
|