سيڪشن: علميات

ڪتاب: خوابن جي تشريح

باب:

صفحو:2 

تاريخوار سوانحي خاڪو:

(هي سوانحي خاڪو فرائيڊ جي دانشوراڻي ارتقا جي حوالي سان، نهايت مختصر ۽ خاص واقعن تي مبني آهي)

·       1856ع 6، مئي تي موراويا جي شهر فرئي برگ ۾ پيدائش.

·       1860ع ۾ سندس خاندان ويانا ۾ سڪونت پذير ٿيو.

·       1865ع ۾ ثانوي اسڪول ۾ پڙهائيءَ دوران ڪسرت گاهه ۾ داخل ٿيو.

·       1873ع طب جي شاگرد جي حيثيت ۾ ويانا يونيورسٽيءَ ۾ داخل ٿيو.

·       1876ع کان 1882ع تائين بروڪيءَ جي نگرانيءَ هيٺ ويانا جي انگ وديالا (Gymnasium) ۾ ڪم ڪيو.

·       1877ع ۾ انگ وديا (Anatomy) ۽ مرڪزي تنتي سرشتي (Physiology) متعلق سندس پهريان ليک شايع ٿيا.

·       1881ع طب جي معالج جي ڊگري حاصل ڪيائين.

·       1882ع ۾ ”مارٿا برنئيس“ سان مڱڻو ڪيائين.

·       1882ع کان 1885ع تائين ويانا جي جنرل اسپتال ۾ ڪم ڪيائين، خاص طور ميڄالي جي تشريح ڪيائين ۽ سندس ڪجهه مضمون شايع ٿيا.

·       1884ع کان 1887ع تائين  علاج جي سلسلي ۾ ناريل جي ست مان تيار ڪيل بيهوش ڪندڙ دوا (Cocaine) جي استعمال تي تحقيق ڪيائين.

·       1885ع ۾ يونيورسٽيءَ ۾ اعصابي بيمارين جي علاج“ جي موضوع تي استاد مقرر ٿيو.

·       1885ع (آڪٽوبر)، 1886ع (فيبروري) پئرس ۾ چارڪوٽ (Charcot) جي نگرانيءَ ۾ ”اعصابي نظام جي خلل جي علاج“ واري اسپتال (Salpetriere) ۾ ان علاج متعلق علم حاصل ڪندي گذاريائين، جنهن جي ڪري پهريون ڀيرو هن جو لاڙو ”رحم جي روڳ“ (Hysteria) ۽ مصنوعي انداز ۾ مورڇل/ خوابيده بنائڻ (Hypnosis) طرف ٿيو.

·       1886ع مارٿا برنئيس سان شادي ڪيائين ۽ ويانا ۾ خانگي طور تنتي سرشتي جي خلل سبب پيدا ٿيندڙ بيمارين جي علاج جو ڪم شروع ڪيائين.

·       1886ع کان 1893ع تائين ويانا جي ڪاسووز (Kassowitz) جي اداري ۾ لڳاتار ست سال، اعصابي بيمارين، خاص طور ٻارن ۾ مغز يا ”ميڄالي جي بي حسي“ (Cerebral Palsies) تي ڪم ڪيائين، گڏوگڏ سندس ڪيترائي مضمون به شايع ٿيا. ان زماني ۾ ئي اعصابي بيمارين جي علاج سان گڏ نفسياتي علاج جي طريقي ڏانهن به سندس دلچسپي پيدا ٿي.

·       1887ع کيس پهرين ڌيءَ ڄائي، سندس نالو ”ميٿلڊي“  (Methilde) رکيو ويو.

·       1887ع کان 1892ع دوران برلن جي ”ولهيلم فليس“ (Wilhelm Fliess) سان دوستي ڳنڍيائين ۽ ساڻس لکپڙهه ڪيائين. ان دوران فرائيڊ جا هن ڏانهن لکيل اهي خط سندس مرڻ کانپوءِ 1950ع ڌاري شايع ٿيا، جنهن ۾ سندس خيالن جي ارتقا تي روشني پوي ٿي.

·       1887ع ۾ منڊڻ، يعني هٿراڌو طور تي بيهوش ڪرڻ جي (Hypnotic) تجويزن تي ڪم ڪيائين.

·       1888ع معروف نفيسيات جي ماهر براير جي حوالي سان منڊڻ (هٿراڌو انداز سان بيهوش ڪرڻ) ذريعي، رحم جي روڳ جي جذباتي حملي جو علاج (Cathartic treatment of Hysteria) ڪيائين، بعد ۾ ”براير“ (Breuer) واري، منڊڻ جي طريقي کي ڇڏي، پنهنجي خيال مطابق ڪم ڪيائين.

·       1889ع ۾ بيرنهيم (Bernheim) ۾ نينسي وٽ سندس صلاحن ۽ طريقن سکڻ لاءِ ويو، ان سال کيس پهريون پٽ ڄائو، جنهن جو نالو ”مارٽن“ (Martin) رکيو ويو.

·       1891ع ۾ ”ترجمانيءَ جي قابليت جو نقصان“ (Aphasia) جي عنوان سان مقالو لکيائين ۽ کيس ٻيو پٽ ڄائو، جنهن جو نالو ”اوليور“ (Oliver) رکيائين.

·       1892ع ۾ کيس ننڍو پٽ ڄائو، ”ارنسٽ“ (Ernst).

·       1893ع ۾ براير ۽ فرائيڊ جا ڪتاب ”خيالن جي ابتدائي ڏي وٺ“ (Preliminary Communication) شايع ٿيا، جنهن ۾ رحم جي روڳ جي نظريي (Trauma theory of hysteria) ۽ ”جذباتي حملي جي علاج“ (Cathartic treatment) بابت اظهار ڪيل آهي. ان سال کيس ٻي ڌيءَ پيدا ٿي، جنهن جو نالو ”صوفي“ (Sophie) رکيو ويو.

·       1893ع کان 1898ع تائين ”رحم جي روڳ“، خيالن يا سوچ جي غلبي“ (Obsessions) ۽ ”فڪر ڳڻتي“ (Anxiety) تي تحقيق ڪيائين ۽ ننڍا ننڍا مضمون لکيائين.

·       1895ع ۾ براير سان گڏجي ”رحم جي روڳ“ تي اڀياس لکيائين، جنهن ۾ مريض جي معاملن جي ڄاڻ کي پنهنجي طريقي سان بيان ڪيائين، گڏوگڏ ”تحليل نفسيءَ“ جي پهرين ڇنڊ ڇاڻ به شامل ڪيائين.

·       1893ع کان 8196ع تائين ”براير“ ۽ فرائيڊ جي خيالن ۾ آهستي آهستي اختلاف پيدا ٿيو. فرائيڊ، اعصابي خلل، سبب پيدا ٿيندڙ دٻاءَ ۽ ان جي بچاءَ جي نظريي کي متعارف ڪرايو ۽ ان کي، آپي (Ego) ۽ جنسي طلب (Libido) جي وچ ۾ تضاد جو نتيجو ظاهر ڪيو.

·       1895ع ۾ تجرباتي نفسيات جي منصوبي تي ڪم ڪيائين، جنهن ۾ نفسيات جي ماهر ”فليس“ (Fliess) ڏانهن لکيل خط به شامل ڪيائين، جيڪي پوءِ 1950ع ڌاري پهريون ڀيرو شايع ٿيا. ان کان علاوه نفسيات جي حوالي سان، تنتي سرشتي جي علمي اصطلاحي ڄاڻ بابت هڪ اڻپوري ڪوشش ڪيائين، پر فرائيڊ جي بعد جي نظرين ۾ انهن جو اهڃاڻ وڌيڪ نظر ٿو اچي. ساڳئي سال کيس ٻي ڌيءَ ”اينا“ (Anna) ڄائي.

·       1896ع ۾ تحليل نفسيءَ (Psychoanalysis) کي متعارف ڪرايائين. ساڳئي سال سندس والد (اسي سالن جي ڄمار ۾) گذاري ويو.

·       1897ع: فرائيڊ جو ”ذاتي تجزيو“ (Selfanalysis): ”ڪنهن صدمي يا تشدد سبب لڳندڙ ذهني ڌڪ بابت نظرين“ (Trauma theory) ۽ ”ٻاراڻن جنسي رحجانن“ (Infantile Sexuality) ۽ ”پاڻ سان پيار تي مبني موه“ (Oedipus Complex) کي ترڪ ڪرڻ يا تياڳڻ ۾ وڏي رهبري ڪندڙ قدم هو.

·       1900ع ۾ هن خوابن جي تعبير کي مڪمل ڪيو، جنهن جي آخري باب ۾، ذهن جي عملي ڪمن جهڙوڪ: لاشعور (Unconscious)، خوشي حاصل ڪرڻ جي اصول (Pleasure Principle) جي شدت بابت ڪيل ڳوڙهو غور فڪر موجود آهي.

·       1901ع ۾ ”روزمره زندگيءَ ۾ نفسياتي علاج“ (Psychopathology of every day life) لکي، خوابن جي ڪتاب ۾ شامل ڪيائين، ته سندس ”نظريا“ رڳو مرض جي نوعيت ڄاڻڻ لاءِ نه پر عام رواجي ذهن واري ماڻهوءَ جي علاج لاءِ به ڪارآمد آهن.

·       1902ع ۾ غير معمولي استاد جي حيثيت ۾ مقرر ٿيو.

·       1905ع ۾ جنسي نظريي تي ٽي مضمون لکيائين، جنهن ۾ پهريون ڀيرو ڄاڻايائين ته ماڻهوءَ ۾ ”جنسي جبلت“ (Sexual instinct) جي ارتقا ننڍپڻ کان وڏي ٿيڻ تائين ٿيندي رهي ٿي.

·       1906ع ۾ نفسيات جو معروف ماهر ”جونگ“ (Jung) سندس تحليل نفسي جو حامي ٿيو.

·       1908ع دوران ”سالس برگ“ (Salzburg) ۾ تحليل نفسي تي پهرين بين الاقوامي گڏجاڻي ٿي.

·       1909ع ۾ فرائيڊ سان گڏ ”جونگ“ کي به آمريڪا ۾ تقرير ڪرڻ لاءِ سڏايو ويو.

·       1910ع ۾ ”پاڻ سان پيار واري ڪيفيت/ نرگسيت“ (Narcissism) جي نظريي جو، پهريون ڀيرو ۽ اوچتو اظهار ٿيو.

·       1911ع کان 1915ع تائين تحليل نفسيءَ (Psychoanalysis) جي طريقي تي مضمون لکيائين.

·       1911ع ۾ نفسيات جي نامور ماهر ”ايڊلر“ کان علحدگي اختيار ڪيائين. ساڳي سال هڪ نفسياتي مريض تي تحليل نفسيءَ جو تجربو ڪيائين، جنهن جو ذڪر ”ڊاڪٽر شيربر (Dr.Scherber) جي آتم ڪهاڻيءَ“ ۾ درج آهي.

·       1912ع ۽ 1913ع ۾ ”سڃاڻپ جي علامت“ (Totem) ۽ ”حرام يا ناجائز رسم“ (Taboo) جي حوالي سان تحليل نفسيءَ کي ”انساني علم“ (Anthropology) جي معاملن سان لاڳو ڪيائين.

·       1914ع ۾ ”تحليل نفسيءَ جي تواريخي تحريڪ“ تي، ”جونگ“ کان جدا ٿي ڪم ڪرڻ لڳو. جنهن ۾ ايڊلر ۽ جونگ جي تضاد کي به شامل ڪيائين. ساڳي سال هن پنهنجو آخري ۽ وڏو تواريخي دستاويز ”بگهڙ ماڻهو“ (Wolf Man) لکيو. جيڪو 1918ع تائين شايع نه ٿيو.

·       1915ع ۾ نظرياتي سوالن جي بنياد تي، ”مافوق الفطرت نفسياتي“ (Meta Psychological) اثرن جي موضوع تي ٻارنهن مضمون لکيائين. جن مان رڳو پنج محفوظ ٿي سگهيا آهن.

·       1915ع کان 1917ع تائين، ”تعارفي تقريرون“ جي عنوان سان ڪتاب مرتب ڪيائين، جنهن ۾ پهرين مهاڀاري لڙائيءَ دوران سندس خيالن جو وڏي پئماني تي اظهار ٿيل آهي.

·       1919ع ۾ جنگ جي ڪري ”اعصابي مونجهارن“ جي پيدا ٿيڻ سبب ”پاڻ سان پيار واري نظريي“ کي لاڳو ڪيائين.

·       1920ع ۾ سندس ٻيو نمبر ڌيءَ انتقال ڪري وئي. ساڳي سال ”خوشيءَ کان به مٿانهين نظريي“ (Beyond the pleasure Principle) کي پيش ڪيائين، جنهن ۾ چٽيءَ ريت ۽ بي ڊپائيءَ سان ”ورجاءَ جي پابندي“ (Compultion to repeat) ۽ ”موت جي جبلت“ (Death instinct) تي پنهنجي نظرين جو اظهار ڪيائين.

·       1921ع ۾ مجموعي نفسيات جي سلسلي ۾ ڪم ڪيائين، جنهن ۾ ”آپي“ (Ego) جي ابتدا کان وٺي، ترتيبوار تجزياتي اڀياس ڏنو اٿس.

·       1923ع ۾ ”آپي“ (Ego)۽ ”هستيءَ“ (Id) جي وضاحتن تي نظرثاني ڪيائين، جنهن ۾ دماغ جي ساخت ۾ ڪم جي باري ۾ ٻيهر ۽ نهايت وڏي پيماني تي ونڊ ورڇ ڪري، ان کي هستيءَ (Id) آپي (Ego) ۽ ماڻهپي (Super Ego) جي معاملن کي سمجهايو اٿائين. ساڳئي سال ناسور (Cancer) تي ڪم جي ابتدا به ڪيائين.

·       1925ع ۾ ”عورتن اندر جنسي رحجانن جي ارتقا“ متعلق خيالن تي نظرثاني ڪيائين.

·       1926ع ۾ ڪنهن ”لاڙي، جذبي يا سوچ کي روڪيندڙ ذهني عمل“ (Inhibitions)، ان جا اهڃاڻ (Symptoms) ۽ ”ڳڻتيءَ“ (Anxiety) متعلق اڀياس ڏنائين ۽ ڳڻتيءَ“ جي مسئلن متعلق خيالن تي نظرثاني ڪيائين.

·       1927ع ۾  مذهبي تصور متعلق بحث جي حوالي سان ”تصور جو مستقبل“ (The Future of an Illusion) لکيائين، سماجي ڪم جي سلسلي ۾ فرائيڊ جو هي پهريون ڪم هو، جنهن لاءِ هن پنهنجي حياتيءَ جا باقي سال به وقف ڪري ڇڏيا هئا.

·       1930ع ۾ هن ”تهذيب ۽ ان جون بي اطمينانيون“ (Civilization and its Discontents) لکيائين، فرائيڊ جي هيءَ اهو وسيع اڀياس آهي، جنهن ۾ هن ”هاڃو رسائيندڙ جبلت“ (Destructive Instinct) جو، خاص ڪري ”موت جي جبلت“ (Death Instinct) جي حوالي سان اڀياس ڏنو آهي.

·       ساڳي سال فرائيڊ کي فرئنڪفرٽ شهري حڪومت طرفان کيس ”گوئٽي“ انعام سان نوازيو ويو. ۽ هن ئي سال سندس والده جو 95 سالن جي ڄمار ۾ انتقال ٿي ويو.

·       1933ع ۾ هٽلر جرمني تي قبضو ڪيو ۽ فرائيڊ جي ڪتابن تي، برلن ۾ پابندي لڳائي ڇڏي.

·       1934ع کان 1938 تائين جي عرصي ۾ فرائيڊ حضرت ”موسيٰ عليه السلام ۽ توحيد“ (Moses and Monotheism) متعلق مقالو لکيو، جيڪو سندس حياتيءَ ۾ ئي ظاهر ٿيو.

·       1936ع ۾ سندس اسي سالن جو جنم ڏينهن ملهايو ويو، اعليٰ سماجي رڪن جي نمائندي طور اليڪشن لڙيائين.

·       1938ع هٽلر، آسٽريا تي ڪاهه ڪئي، فرائيڊ. ويانا ڇڏي لنڊن هليو ويو. آخر ۾ ”تحليل نفسيءَ جو خاڪو“ (Outline of Psycho Analysis) لکيائين. جيڪو اڻپورو ئي رهجي ويس، پر اهو تحليل نفسي جو انتهائي ڳوڙهو اڀياس آهي.

·       1939ع ۾ 23 سيپٽيمبر تي سندس لنڊن ۾ انتقال ٿيو.

باب پهريون

 

خوابن جي مسئلن سان سائنسي ادب جو رويو/ تعلق

SCIENTIFIC LITERATURE DEALING WITH THE PROBLEMS OF DREAMS

 

هنن صفحن ذريعي مان اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس ته اهو ”نفسياتي طريقو“ ئي آهي جنهن سان ”خوابن جي تعبير“ ڪرڻ، ممڪن ٿي سگهي ٿي، ۽ جيڪڏهن اهو طريقو استعمال ڪيو وڃي ته هر ”خواب“ جو ”نفسي سٽاءُ“ خود بخود ظاهر ٿي پوندو، جنهن کي پنهنجي هڪ الڳ معنيٰ هوندي آهي ۽ خود هن جاڳندڙ شعوري زندگيءَ طرفان ذهني تحرڪ جي سپرد ڪيل مرڪزي نڪتي کي سمجهڻ لاءِ دلچسپيءَ جو سبب بڻجي پوندو آهي.

ان کانسواءِ انهيءَ عملي معاملن جي به تشريح ڪندس، جيڪي خواب جي انوکي ۽ مبهم هجڻ جي ڪري، مونجهارو پيدا ڪندا آهن، جيڪي خاص طور انهن نفسي قوتن جي فطري عمل مان نتيجا حاصل ڪرڻ وقت پيدا ٿيندا آهن. جيڪي متفق طور تي يا گڏيل مخالف عمل ذريعي، خواب جي تخليق ٿيڻ جو سبب بڻجندا آهن.

ان حوالي سان منهنجو هي ليک، خوابن جي ان نڪتي تائين ضرور پهچندو، جتي خواب جو مسئلو تمام وڏن مونجهارن ۾ مبتلا ٿي ويندو آهي. خوابن جو حل، اصل ۾ ڪنهن ٻئي قسم جي مواد تي منحصر هوندو آهي.

مان پهرين هن موضوع تي، انهن ليکڪن جي ڪيل ابتدائي ڪم جو ذڪر ڪندس، جنهن کانپوءِ اڄ جي تجرباتي دنيا جي تازي صورتحال مطابق، خوابن جي مسئلن جو ذڪر ڪندس. ان قسم جي موضوعن تي بحث مباحثي جي سلسلي ۾ مون، ڪنهن به موقعي تي پٺي ڪانه ڏني آهي. ان ڏس ۾ هزارن سالن جي ڪوششن جي باوجود، خوابن جي معاملن کي واضع ڪرڻ جي تجربن تي تمام مختصر اڳڀرائي ٿي آهي. حقيقت اها آهي ته ادب ۾ ان کي عام انداز سان به مڃتا ڏني وئي آهي، پر انهن جي حمايت ۾ غير ضروري مثال به ڏنا ويا آهن. اهڙين لکيتن ۾، ڪيترا ئي جوش ۽ غصو ڏياريندڙ مشاهدا به پيش ڪيل آهن ته انهن ۾ دلچسپيءَ جو به گهڻو مواد موجود آهي، پنهنجي موضوع جي لحاظ کان اسان اهي به کڻي سگهون ٿا، پر انهن ۾ معمولي قسم جي اعتبار جوڳي ڳالهه به موجود نه آهي جا خواب جي ڪنهن فطري ضرورت کي ڇهي سگهي يا خواب جي پيروليءَ جي ڀڃڻيءَ ۾ مدد ڪري سگهي، ۽ اڃان تائين اها ڳالهه ڪنهن پڙهيل لکيل (اڻواقف) جي علم کان به دور ئي آهي.

ٿي سگهي ٿو اهو پڇيو وڃي ته ”خوابن جي باري ۾ آڳاٽي وقت جي اوائلي ماڻهن جا ڪهڙا خيال هوندا هئا؟ ۽ انهن، سندن زماني يا روح متعلق جوڙيل نظرين تي ڪهڙا اثر ڇڏيا؟(1).

اصل ۾ هي موضوع ايترو ته دلچسپ آهي جو نه چاهيندي به مان ان کان پاسو ڪري نه ٿو سگهان. مان پنهنجي پڙهندڙن کي، هن معاملي ۾ نه رڳو ”سر جان لوباڪ“ (John Lubbock Sir)، ”هربرٽ سپينسر“ (Herbert Spencer)، ”اي، بي ٽيلر“ (A.B.Tylor) ۽ ٻين جي ٿيل معياري ڪم کان به آگاهه ڪرڻ ٿو چاهيان پر مون ان ۾ ان ڳالهه جو  اضافو ڪيو آهي ته: ”اسان مسئلن، سوچ يا ڪلپنا جي انهن  وسيع مسئلن کي مڃڻ يا صحيح دڳ سان ڏسڻ جي تيستائين قابل نه ٿي سگهنداسين، جيستائين خوابن جي تعبير کي پنهنجو پهريون فرض ڪري نه سمجهنداسين.“

ان ۾ شڪ نه آهي ته خوابن متعلق، آڳاٽي زماني جي خيالن جو پڙاڏو، ماضيءَ جي يادگار طريقن تي هلندڙ هاڻوڪن ماڻهن جي رويي ۾ به نظر اچي ٿو، جيڪي ان کي هڪ حقيقت جيان قبول ڪن ٿا.(1) ته ”خواب، عام انساني دنيا کان مٿانهين ڪنهن قوت سان وابستا هوندا آهن، جن لاءِ کين يقين آهي ته اهي ”خدا ۽ شيطان“ طرفان ”الهامي ۽ شيطاني“ پڌرائي ڏيندڙ هوندا آهن.“ اهڙو ته ڪو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي، ڇاڪاڻ ته خواب، ”خواب ڏسندڙ لاءِ هڪ اهم مقصد آهي.“ جيڪو سندن مستقبل جي اڳ ڪٿيءَ جي باري ۾ وٽن مروج آهي. خواب جي سٽاءَ ۾ تمام گهڻين مختلف شين يا ڪنهن خاص قسم جي علامتن جو نظر اچڻ، انهن ماڻهن لاءِ مشڪل ضرور پيدا ڪندو آهي. بهرحال خواب جي سٽاءَ متعلق ساڳي نوعيت جو جواز وٽن وضع ٿيل به هوندو آهي، پر پوءِ به انهن لاءِ ضروري ٿي پوندو آهي ته هو انهن اهم ۽ معتبر ماڻهن تي مشتمل ٽولي جي ڀروسي جوڳي درجي بنديءَ ۽ تقسيم تي يقين ڪن. خوابن جي سلسلي ۾ داناءَ ماڻهن، ڪنهن حد تائين پنهنجي انفرادي فطرت مطابق، آڳاٽي دور جي جيڪا سوچ اختيار ڪئي آهي، اها عام طور تي ”پيشنگوئيءَ“ جيان آهي.

”ارسطوءَ“ جي ٻن ڪمن ۾، جيڪي سندس سپنن سان سلهاڙيل آهن، سي اڳ ئي نفسيات جي اڀياس جا موضوع رهيا آهن. اسان ٻڌو آهي ته ”خواب خدا جي طرفان موڪليل نه هوندا آهن ۽ نه ئي اهي الهامي نوعيت جا هوندا آهن، پر اهي خود ”روحاني“ (Daemonic) هوندا آهن. ڇاڪاڻ ته فطرت ازل کان ”الهامي نه پر روحاني“ رهي آهي. خواب، ڪنهن مافوق الفطرت منشور طرفان نه اڀرندا آهن، پر انساني روح جي قانون جي پوئواري ڪندا آهن. بهرحال هاڻي به اهو ئي سچ آهي ته خواب، الهام جي ساڳين خصلتن جهڙو هوندو آهي. خواب، ستل ماڻهوءَ جي ذهني سرگرميءَ کي بيان ڪندو آهي، حالانڪ هو ستلئي هوندو آهي.“(2)

ارسطوءَ خوابن جي دنيا جي ڪجهه خصلتن کان واقف هو، مثال طور هن ڄاتو ٿي ته خواب، ننڊ دوران ماڻهوءَ جي اندر پيدا ٿيل تمام معمولي ۽ ننڍڙين ترغيبن کي به وڌائي وڏو ڪري پيش ڪندو آهي، ”جنهن تي ماڻهو سوچيندو آهي“ مثال طور ”هن ڏٺو ته هو باهه تي پئي هليو، جيڪا نهايت ساڙيندڙ هئي.“ ان جو مطلب ته سندس بدن جي ڪنهن حصي ۾ تمام معمولي گرمي پيدا ٿي هوندي. (3) ۽ انهن حالتن ۾ هو ان نتيجي تي پهچندو آهي ته خواب ڪنهن معالج ڏانهن وڃڻ تي آماده ڪندڙ نه آهي، جڏهن ته اها سندس جسم ۾ تبديليءَ جي پهرين نشاني آهي، جنهن جو مشاهدو کيس جاڳ واري حالت ۾ ڪونه پئي ٿيو.(4) ارسطوءَ کان اڳ، جيئن اسان ڄاڻون ٿا ته آڳاٽي زماني جا ماڻهو، خواب کي، ”خوابيده ذهن جي پيداور“ نه سمجهندا هئا پر انهن کي ڪن الهامي اختيارين ذريعي متعارف ڪرايل خيالن جي حوالي سان ڏسندا هئا، جيڪي اڳ ۾ ئي ٻن مخالف نظرين تي مبني هئا، جن مان اسان تواريخ جي ان عرصي دوران، خوابن تي اثرانداز ٿيندڙ ”خيال“ ڳولهي سگهون ٿا، جيڪي پاڻ ئي پنهنجو اظهار آهن. سچي ۽ سڦل خواب جي وچ ۾ اهو فرق ڪيو ويو ته اُهي خواب ڏسندڙ ۾ گرمجوشي پيدا ڪرڻ يا ايندڙ وقت جي ڪنهن پيشنگوئيءَ لاءِ اچن ٿا ۽ اسڦل، پاکنڊي ۽ فضول قسم جي خوابن جو مقصد کيس گمراه ڪرڻ ۽ تباهه ڪرڻ آهي.“

ميونخ جي ماهِر نفسيات ”گروپي“ (930، 2، 1906- (Gruppe خوابن جي ”تفريق ۽ تقسيم“ به انهيءَ ئي ترتيب سان ڪئي آهي، جيئن ”مئڪروبس“ (Macrobius) ۽ ”آرٽيميڊورس“(Artemidorrus) خوابن کي ٻن حصن ۾ ورهايو آهي. جن مان هڪڙا اهي جيڪي ”حال ۽ ماضيءَ“ جي اثر هيٺ هوندا آهن، پر انهن ۾ مستقبل جي متعلق ڪا نشاني موجود  نه هوندي آهي، انهن ۾ اوجاڳو يا بي خوابيءَ (Insomnia) به شامل هوندي آهي، جيڪا خيال جي سڌي سنئين يا ان جي مخالف نمائندگي ڪندي آهي. جئين: ”بک يا ڀريل پيٽ“ واري حالت ۾ ٿيندو آهي.

تنتي سرشتي جي صلاحيتن جا اهي ”چار حصا“، جيڪي دماغ جي مرڪزي پوئين حصي کي ترتيب (Quadrigemina) ڏيندا آهن، يعني ڪيميائي ترڪيب جي حوالي سان مادي جي خاص صفت يا جن کي الله سائينءَ جي طرفان خاص صفتون (Corpora) عطا ٿيل هجن، اهي ان خيال کي، ڊيڄاريندڙ خواب (Nightmare or ephialtes) ذريعي حيرت انگيز نموني ۾ وڌائي يا پکيڙي پيش ڪندا آهن، مثال طور ”اوٿارا.“

وري ”ٻئي ٽولي“ وارن جو نظريو، ان خيال جي ابتڙ آهي، اهي خواب کي، مستقبل جي نشاندهي ڪندڙ سمجهندا آهن، جن ۾ اهي ڳالهيون به شامل آهن ته:

1.      خوابن ۾ سڌيءَ طرح بشارتون (Oraculum) ٿينديون آهن.

2.     يا مستقبل جي ڪن واقعن جي اڳواٽ خبر (Visio) پوندي آهي.

3.     علامتي خواب (Somnium) جن کي تعبيرن جي ضرورت هوندي آهي.

اهي نظريا ڪيتريون ئي صديون قائم رهيا. قدرن ۾ اها ڦير گهير به خواب کي ئي سونپيل هئي، جا خواب جي تعبير جي ئي مسئلن سان نهايت ويجهڙائي سان وابستا هئي. ايسيتائين جو ڪي اهم نتيجا ڪڍڻ جو انحصار، عام طور تي خوابن تي هوندو هو، پر خواب سڄا سارا ۽ هڪدم سمجهه ۾ اچڻ جهڙا نه هئا ۽ اهو چوڻ به ناممڪن هو ته ”اهو معنيٰ خيز ۽ سمجهه ۾ نه ايندڙ خواب آهي، ڀلي ته ان ۾ ڪو اهم اعلان نه به هجي.“ انهيءَ ڳالهه ئي ڏاهن کي، خواب جي تشريح جي طريقن کي متعارف ڪرڻ تي اڀاريو، جنهن جي نتيجي ۾ خواب جي نه سمجهه ۾ ايندڙ سٽاءَ، اها جاءِ والاري ته ”خواب اهميت وارو ۽ سمجهه ۾ ايندڙ هوندو آهي.“

قديم تواريخ جي ايندڙ سالن ۾ خوابن جي تعبيرن جي سلسلي ۾ ارشميدس کي عظيم ماهر قرار ڏنو ويو ۽ سندس سدائين قائم رهندڙ جامع ڪم (Oneirocritica) هن موضوع متعلق ٻين اهڙين لکيتن جي حوالي سان يقيني طور تي اسان جي نقصان جو پورائو ڪري ٿو.(1) خوابن جي متعلق سائنسي کوجنائن کان اڳ واري دور جي راءِ، لڳڀڳ قديم تواريخ جي ماڻهن سان ملندڙ جلندڙ هئي، خود ڪائنات جي باري ۾ به عام طور تي سندس خيالن ۾ هڪجهڙائي هئي، جيڪا کين ٻاهرين دنيا ۾ پکيڙڻ لاءِ اڀاريندي هئي، ڇاڪاڻ ته جن کي هو حقيقت سمجهندا هئا، اها اصل ۾ سندن ئي ذهن جي حقيقت هئي، جنهن تي پيا لطف اندوز ٿيندا هئا. ان کان علاوه خوابن جي باري ۾ انهن جو رايو، صبح جي ننڊاکڙي دماغ جي تيار ڪيل ”تاثراتي اصول“ تي ٻڌل هو ته ”خواب سندن حافظي ۾ ڇا ڇڏي ويو آهي”: مثال طور ڪنهن اوپري ۽ اڻڄاتل قسم جو تاثر، جيڪو دنيا جي ڪنهن ٻيءَ ڪنڊ مان اڀري آيو هجي ۽ ذهن جي باقي بچيل متن سان تضاد پيدا ڪندو هجي. اتفاق سان، ائين سمجهڻ ته خوابن جي اها فطرت کان مٿانهين حقيقت، ان جي ڪنهن سنڀاليندڙ حاميءَ کانسواءِ ئي اسان جي ڏينهن ۾ نازل ٿي آهي ته اها غلطي ئي هوندي. اسان کي انهن فرمانبردار ۽ روحاني قسم جي قلمڪارن کي هڪ پاسي ڪرڻو پوندو، جيڪي سچ پچ ته ان ڪرت ۾ بجا طور تي درست آهن، لڳي ٿو ته ڪنهن غازيءَ سندن لاءِ ”خيال ۽ عمل“ جو ايڏ وڏو ميدان ڇڏيو آهي جو اڃان تائين سائنسي وضاحت ان کي فتح ڪري نه سگهي آهي. پر انهن ڳالهين کان علاوه ڪو اهڙو شخص به آهي جيڪو اچي ٿو ۽ انهن صاف ذهن وارن کي بنا ڪنهن خام خيال جي اورانگهي لنگهي وڃي ٿو، ۽ ان جو انسان کان مٿانهين روحاني قوتن جي وجود ۽ سرگرميءَ ۾ ايمان آهي ۽ سندن مذهبي عقيدي جي هوبهو ڪنهن خواب جي هڪ پراسرار صورت جيان مدد حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ”(هافنر“ جي باب تان (CF.Haffner-1887).

ان عظيم احترام ۾، جنهن ۾ خوابي جيون، ڪن نظرياتي مڪتبن جو مقرر ڪيل آهي، مثال طور ”شيلنگ“
 (Schelling) جا پوئلڳ چون ٿا ته: (1) ”اهو الاهي فطرت وارن خوابن جو چٽو پڙاڏو آهي، جنهن ۾ قديم تواريخي اعتبار کان ڪڏهن به اختلاف نه رهيو آهي. نه ئي خواب جي، اڳ خبردار ڪندڙ خاصيت ۽ انهن جي مستقبل جي پشنگوئين جي قوتن تي ڪي بحث آهن. اصل ۾ نفسياتي وضاحتون ڏيڻ لاءِ ورتل ڪوششن جي سلسلي ۾ گڏ ٿيل مواد اڻ پورو ۽ ناڪافي هو، جنهن ڪري آخرڪار انهن جون همدرديون حاصل ڪرڻ ضروري ٿي پيو جن جو ذهن، تجرباتي سانچي ۾ پيٺل هو، ته ٿي سگهي ٿو ته منجهن اهڙن اعتقاد رکندڙن جي خلاف لاڙو موجود هجي.“

خوابن جي مسئلن جي سائنسي مطالعي جي تواريخ لکڻ نهايت مشڪل ڪم آهي، ڇاڪاڻ ته هَڻي ڌُڻي ان اڀياس لاءِ اهم ڳالهيون به چند ئي ملن ٿيون، هن ڏس ۾ اهڙو ڪو به اڳڀرو قدم کنيل نه آهي جنهن جي ڳولها ڪجي، نه ئي ڪي پراعتماد دريافتن جا بنياد رکيا ويا آهن، جن جي آڌار تي تازي کوجنا ڪندڙ پنهنجي ڪا تعمير ڪري سگهن، بس هر ليکڪ ساڳئي ئي مسئلي کي جيئن اهو شروع کان ئي موجود هو، ٿورو تازو ڪري، وري ٻيهر جائزو ورتو آهي.

جيڪڏهن مان انهن جي سوالن کي کڻڻ جي ڪوشش ڪريان، جن انهن تي تواريخ وار ۽ ترتيب سان لکيو آهي ۽ خوابن جي مسئلن تي انهن جي خيالن جو اختصار ڪريان ته پڪ سان، هن موضوع متعلق تازي معلومات ۽ ان جي جامع تصوير پيش ڪرڻ جي اميد کي، ترڪ ڪرڻو پوندو. جنهن ڪري انهن ليکڪن تي ڀاڙڻ بجاءِ، ان موضوع متعلق مون کي پنهنجو طريقي ڪار اختيار ڪرڻو پوندو ته جيئن مان جنهن به خواب جي مسئلي ۾ هٿ وجهان ته ان جي موٽ ۾ مان ادب ۾ جيڪو حل ڏنل آهي، اهو پيش ڪري سگهان.

ان هوندي به، هن موضوع تي سموري ادب جو احاطو ڪرڻ بهرحال مون لاءِ نهايت ناممڪن آهي، ڇاڪاڻ ته اهو ائين جو ائين ۽ تمام گهڻو ٽڙيل پکڙيل، ۽ ڪيترن ٻين کيترن جي اونهين کاهين ۾ پيو آهي. مان پنهنجي پڙهندڙن کي ان کان به واقف ضرور ڪندس، بشرطيڪ اهي بنيادي حقيقت جي ان وسعت تي مطمئن ٿين، جڏهن ته منهنجي لکت ۾ ڪو به اهم نڪتي نظر، اميد ته نظرانداز نه ٿيندو.

هاڻوڪي وقت ۾ به گهڻا ليکڪ اڃان تائين ”ننڊ ۽ خواب“ کي هڪ ئي موضوع سمجهي رهيا آهن، ۽ تقليد ڪندي ان کي ”روڳ وديا“ (Pathology) جي معمولي ۽ هڪجهڙائي رکندڙ حالتن سان ڳنڍي رهيا آهن، ۽ خواب ڄڻ ڪا اهڙي ”حالت“ هجي، جيئن سوداءُ،  وهم يا ڪشف واري حالت ٿيندي آهي. هاڻوڪا ڪم، ان جي ابتڙ، پابندين لڳل عنوانن کي ترجيح ڏيڻ جو ڏيکاءُ ڪن ٿا ۽ انهن کي موضوع بڻائي لکن ٿا، جنهن ڪري ”خواب جيون“ (Dream life) متعلق ڪي اڙيا ٿڙيا سوال به نظر اچن ٿا.

هن کيتر ۾ روايتي خيالن ۾ تبيدليءَ جو رويو ڏسي مان ڏاڍو خوش ٿيندس ته اهڙي اڻ چٽي مواد ۾ رڳو اها ڳالهه ممڪن آهي ته انهن تشريحن تائين پهچجي ۽ تفصيلي کوجنا تحت انهن جي نتيجن سان سهمت ٿجي. ان قسم جي کوجنا جو هڪ تفصيلي حصو، جنهن ۾ نفسياتي رويي کي اهميت ڏنل هجي، اهڙيون سموريون ڳالهيون مان هنن صفحن ۾ آڻيندس. مون کي ”ننڊ جي مسئلن“ سان منهن ڏيڻ جا موقعا گهٽ مليا آهن، پر اهو بهرحال نفسيات جو اهم مسئلو آهي، باوجود ان جي ته ننڊ جي حالت واريون خاصيتون به ذهني سرشت جي حالتن ۾ ترميم آڻينديون آهن. ننڊ جي ان موضوع تي ادب ۾ تمام گهڻي بي ڌيانيءَ جو ورتاءُ ڪيو ويو آهي.

اتفاق سان خوابن جي باري ۾ جيڪڏهن سائنسي انداز جي پڇا ڳاڇا جا سوال پيدا به ٿيا! ته ٿي سگهي ٿو ته اهي انهن ئي بنيادن تي ٿين. بهرحال ڳالهين جو هڪ ٻئي ۾ گڏو چڙ ٿي وڃڻ واري صورت کان لنوائي نه ٿو سگهجي.

( 1 )

خوابن جو جاڳندڙ حياتيءَ سان تعلق

 

THE RELATION OF DREAMS TO WAKING LIFE

 

سجاڳيءَ جو سادو حساب هن ريت آهي ته ڪو شخص ننڊ مان سجاڳ ٿئي ۽ اهو سمجهي ته: سندس خواب ڀلي ته ڪنهن ٻي دنيا کان پنهنجو پاڻ نه آيا هجن، ته به  ان جا سمورا واقعا کيس ٻئي جهان ڏانهن ئي ڇڪيندا رهن ٿا.

جهوني حڪيم ”برداخ“ (Burdach- 1838-499) جنهن جا اسان نهايت ٿورائتا آهيون، جنهن خوابن جي ڳالهه کي هڪدم سمجهي وٺڻ جي معاملي ۾ انتهائي احتياط کان ڪم ورتو آهي. جنهن پنهنجي ڪامل يقين سان جيڪو انڪشاف ڪيو آهي، ان جو حوالو هتي ڏيڻ ضروري آهي:

”خوابن ۾ به روزمره واري زندگي ئي نظر ايندي آهي، پنهنجي سمورين محنتن مشقتن، خوشين ۽ مسرتن سان، جن ۾ سک به آهي ته ڏک به، پر اها ٻيهر نه ملندي آهي، جڏهن ته خوابن جو مقصد اسان کي انهن ڏکوئيندڙ معاملن کان ڇوٽڪارو ڏيڻ آهي، حالانڪ اسان جو سمورو ذهن، گهڻين ئي شين سان ڀريل رهندو آهي، ۽ اسان جڏهن ڪنهن گهري ڏک وچان ڀڄي ڀري پوندا آهيون يا جڏهن اسان جي ادراڪ جي سموري طاقت ڪنهن مسئلي ۾ منجهي پوندي آهي، ته ان وقت سپنا، اسان جي طبيعت جي سهپ کان وڌيڪ ڍنگ يا اهڙيون علامتون اختيار نه ڪندا آهن، حالانڪ اهي طريقا ۽ علامتون، حقيقت جي نمائندگي به ڪندا آهن.“

آءِ. ايڇ فيختي (I.H.Fixhte-1864, 1, 541) به ساڳئي خيال کان، اصل ۾ ان کي ”اعزازي خواب“ چيو آهي، ۽ انهن جي تشريح ڪندي چوي ٿو ته: ”اهي روح جي طرفان پاڻمرادو شفا ڏيڻ واري فطرت جي، ڳجهي احسانن مان هڪ هوندو آهي.“

”اسٽرومپيل“ (Strumpell- 1877,16) به ”فطرت ۽ خوابن جي بنياد“ متعلق پنهنجي اڀياس ۾  ساڳيو تاثر ڏنو آهي ته: ”خوابن جو اهو بنيادي ڪم، احترام ڪرڻ يا مانُ ڏيڻ ۾ نهايت وسيع ۽ حق ادا ڪندڙ جيان ادا ڪندو آهي.“ مثال طور: هڪ ماڻهو خواب ڏسي ٿو ته کيس شعوري دنيا مان نيڪالي ڏني وئي آهي.“ ۽ پڻ اڳتي لکي ٿو (ص: 17) ته:

”خوابن ۾ اسان جي جاڳيل شعور جي، يادگيرين جو سٽاءُ ۽ ان جو عام رواجي رويو؛ انهن جي مڪمل طور تي گم ٿي وڃڻ جي حالت ۾ به ايترو ئي سٺو هوندو آهي.“ ۽ اڳتي صفحي 19 تي لکي ٿو ته: ”يادگيرين جي موجود نه هجڻ سبب، خوابن ۾ ذهن جو رابطو، عام رواجي سٽاءَ ۽ جاڳندڙ زندگيءَ جي معاملن کان گهڻو ڪري ڪٽجي ويندو آهي.“

پر ٻين ڪيترن ئي اهم ليکڪن، جو خيال بهرحال ان جي بنهه مختلف آهي ته ”خواب جو جاڳندڙ زندگيءَ سان واسطو آهي.“

اهڙيءَ ريت ”هافنر“ (ص: 245) جو خيال به آهي ته:

”خواب: پهرين ته جاڳندڙ زندگيءَ مان ”مواد“ کڻي ٿو. اسان جا خواب، انهن خيالن سان هر وقت پاڻ ۾ ڳنڍيل هوندا آهن، جيڪي اسان جي شعور ۾ ٿورو اڳ آيل هوندا آهن. بلڪل ٺيڪ طرح جو مشاهدو به گهڻو ڪري، ان لڙيءَ کي ڳولهيندو آهي، جيڪا خواب جي گذريل ڏينهن جي تجربن سان ڳنڍيل هوندي آهي.“

ويگانت (Weygant- 1893,6)، خاص طور تي ”برداخ“ جي بيان جي ترديد ڪئي آهي ته:

”ان جو امڪان وڏو آهي ۽ ظاهري طور ڪيترن ئي خوابن جي باري ۾ مشاهدو به ٿيو آهي ته اهي حقيقت ۾ اسان کي، اسان جي ماضيءَ کان آزاد ڪرڻ بجاءِ، اسان جي گذاريل عام زندگيءَ ڏانهن وٺي وڃن ٿا.“

”مائوري“ (Maury- 1878.51) وري ان کان ٿورو اڳڀرو ۽ توريل تڪيل نسخو ڏسيو آهي ته:

”اسان جيڪو ڪجهه جاڳ دوران ڏسندا آهيون، اهو ئي خواب ۾ ايندو آهي، ”چيل“، من ۾ خواهش ڪيل ۽ ڪجهه عملي طور ڪيل.“ (ف-س).

”جيسن“ (Jessen. 1855,530) پنهنجي نفسيات جي ڪتاب ۾ ٿورو ٿڪو پر ڪجهه وڌيڪ ئي ڊيگهه ڪندي لکيو آهي ته:

”خواب جو متن، گهٽ يا وڌ خواب ڏسندڙ جي انفرادي طور تي تعين ڪيل شخصيت تي، بنا ڪنهن ڦيرڦار جي ٻڌل هوندو آهي، جنهن ۾ سندس عمر، جنس، سماجي درجو، تعليم جو معيار ۽ رهڻي ڪهڻيءَ جو معمول ۽ سندس زندگيءَ جا واقعا، تجربا ۽ سندس پوري گذاريل حياتي اچي وڃي ٿي.“

ان سوال تي نهايت سخت مزاجيءَ وارو رويو وري هڪ فيلسوف جَي، جِي، اِي ماس (J.G.E. Maass- 1805-1, 168,173) اختيار ڪيو آهي.(1) جنهن جو حوالي ڏيندي ”ونٽرسٽين“ (Winterstien- 1912) لکي ٿو ته:

”تجربي اسان جي ”خيال“ کي ثابت ڪيو آهي ته اسان گهڻو ڪري انهن شين جا خواب ڏسندا آهيون، جيڪي اسان جي آرزوئن ۽ جذبن جا مرڪز هونديون آهن، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته پڪ ئي پڪ اسان جا جذبا ئي اسان جي خواب جي سرجڻ تي اثرانداز ٿين ٿا. شديد خواهشون رکندڙ ماڻهو، فتح يا ڪاميابيءَ جا خواب ڏسندو آهي ته هن ڪجهه کٽيو آهي يا تصور ڪندو آهي ته هن ڪجهه حاصل ڪيو آهي، يا هو پاڻ کي انهن ۾ شامل ڏسندو آهي، جيڪي سدائين ڪاميابي حاصل ڪندا رهندا آهن، جڏهن ته پيار ڪندڙ، خوابن ۾ پاڻ کي پنهنجي پيارين اميدن ۽ امنگن جي خيالن ۾ مصروف ڏسندو آهي.... سموريون حسي خواهشون ۽ مخالفتون به ٿي سگهن ٿيون، جيڪي دل جي اندر پيون گهيرٽ کائينديون آهن، جيڪڏهن انهن مان ڪا به شيءَ متحرڪ ٿيندي آهي ته خواب جا سبب انهن ئي خيالن مان اڀرندا آهن، جيڪي انهن سان ڳنڍيل هوندا آهن يا اهي ”خيال“، خواب جو سبب بڻجندا آهن، جيڪي خواب ۾ مداخلت ڪندا آهن، جيڪي به اڳ ۾ ئي موجود هوندا آهن.“

آڳاٽي دور ۾ به خوابي سٽاءُ جي سهائتا لاءِ جاڳندڙ زندگيءَ جي متعلق اهو ساڳيو ئي خيال اڳيان رکيو ويو هو.

راڊيسٽاڪ (Radestock- 1879, 134) اسان کي ٻڌائي ٿو ته يونان جي خلاف مهم جي شروعات ڪرڻ کان اڳ ايران جي بادشاهه زيرزيس (Xerxes) ڪيئن نه مايوس ڪرڻ جهڙي، پر هڪ پختي صلاح ڏني هئي، پر اها به هميشه جيان سندس خوابن جي پوئواريءَ تي ٻڌل هئي: جنهن تان خوابن جي جهوني ۽ ذهين، تعبير ڪندڙ فارسي دان ”ارتبنوس“ (Artabanus) نهايت درست مشاهدو ڪيو ته جيئن اصول آهي ته خوابي تصويرون، جاڳيل ماڻهوءَ ۾ پهرين کان ئي موجود سوچ تي مشتمل هونديون آهن.

”لوڪريٽس“ (Lucretius) جو هڪ نصيحت ڀريو شعر آهي، جنهن جي هڪ ٽڪري جو نثري ترجمو، هت پيش ڪجي ٿو (IV,962):

”۽ جيتري قدر به پاڻ ارپڻ واري حالت ۾ ان هڪڙي تلاش سان واڳيل رهبو، يا جيتري قدر به ماضيءَ ۾ جن مشغوليت ۾ گذاري آيا آهيون، ته ذهن به ساڳئي ئي جستجو تحت، ان کي ڳولهڻ جو پڪو اردو ڪندو آهي،

۽ عام طور تي ان جستجو يا تلاش جو طريقو به ساڳيو ئي هوندو آهي، جيڪو اسان جي خوابن ۾ مدمقابل نظر ايندو آهي،

”وڪيل، پنهنجي مقصد جي وڪالت ڪندا آهن،

۽ ڏاڍي ڌيان سان قانوني نڪتا بيان ڪندا آهن،

۽ سربراهي ڪندڙ مجموعي اصول، چٽاڀيٽيءَ لاءِ جنگ ۾ مصروف ٿي ويندا آهن (1) .“

سسرو (Cicero) جي اڳڪٿي (De divinatione II, Ixvii, 140) ۾ بلڪل ساڳيو تاثر ڏنو ويو آهي، جيئن ڪيئي سال بعد ”مائوري“ لکيو ته: ”پوءِ ذهن، خاص ڪري اسان جي جاڳ واري حالت دوران پيدا ٿيل سوچن کي يادگار بنائيندو آهي ۽ خواهشون، اسان جي روح ۾ قيد ٿي وينديون آهن.(2)

جاڳ واري حالت ۽ خواب واري صورت جي باري ۾، انهن ٻنهي خيالن جي وچ ۾ جيڪو تضاد آهي، اهو حقيقت ۾ ڪڏهن به حل ٿيڻ جهڙو نه آهي. ان ڪري، هن نڪتي کي، ”هلڊيبرانٽ“ (Hildebrandt, 1875,8) جي هن موضوع تي ٿيل بحث جي حوالي سان ڏسنداسين، جنهن جو يقين هو ته:

”خواب جي خاصيتن جي تشريح ڪرڻ، ان صورت ۾ بلڪل ناممڪن آهي، جو اختلافي سلسلي جي انهن ”ٽن“ مقصدن کي ڇڏي ڏجي، جيڪي تضاد ۾ تيزي پيدا ڪندا آهن، جن مان هڪڙو ته آهي ”فرق“. هو لکي ٿو ته: ”ڇا هڪ طرف اها ڳالهه پنهنجي مڪمل هجڻ جي صورت ۾ مڃڻ جهڙي به آهي؟ جيڪا خوابن کي حقيقي ۽ اصل زندگيءَ کان اڳ ڪري ٿي ڇڏي. جڏهن ته ٻئي پاسي، انهن جو هڪ ٻئي تي قبضو، قائم ۽ دائم آهي، ۽ انهن جو هڪ ٻئي تي ئي دارومدار آهي. هڪ خواب، ڪنهن حد تائين، جاڳ واري زندگيءَ جي حقيقي تجربن منجهان ئي خدمتون سرانجام ڏيندو آهي، جيئن ڪو جوڳ پچائيندڙ، پنهنجي وجود ۾ بند ڪيل هوا (حبس دم) ذريعي! نه اڪرجي سگهجندڙ وسعتن ذريعي پنهنجي حقيقي زندگيءَ کان علحده ٿي سگهي ٿو. هو اسان کي حقيقت کان جدا ڪري ٿو ڇڏي، عام يادگيرين کي فنا ڪري ٿو ڇڏي ۽ اسان کي ان ٻي دنيا ۾ ٿو رسائي ڇڏي، جنهن جي حياتياتي ڪهاڻي ئي ڪا ٻي آهي. جنهن ۾، اسان جي هن زندگيءَ واريون ضرورتون موجود نه آهن....“

ان صورتحال کي سمجهائيندي ”هلڊيبرانٽ“ ٻڌائي ٿو ته ”اسان جڏهن گهري ننڊ ۾ هوندا آهيون ته ڪيئن نه اسان جو سمورو وجود به زندهه صورت ۾ موجود هوندو آهي. پر جيئن هيو تيئن نظر نه ايندو آهي، ڄڻ اهو چور دروازي مان نڪري ويو هجي.“

پوءِ! ممڪن آهي ته خواب ڏسندڙ ڪو سامونڊي سفر ڪري، ”سينٽ هيلينا“ (St. Helena) وڃي، نيپولين (Napoleon) کي ڪا تجويز ڏئي، جيڪو اتي قيد آهي. يا موزيل درياهه جي واديءَ ۾ تيار ٿيندڙ شراب (Moselle) جي سودي کي  منتخب ڪري. ڪو گذريل بادشاهه نهايت ڪشاده دليءَ سان سندس آجيان ڪري، ۽ پوءِ ڏاڍو ڏکارو ٿئي، جڏهن ننڊ مان جاڳي ۽ پاڻ کي بستري تي ڏسي، پنهنجي دلچسپ تصور کي تباهه ٿيندي ڏسي.

پر اچو ته پهرين خواب ۾ نظر ايندڙ صورتحال جي ڀيٽ ڪريون، جنهن کي ”هلڊيبرانٽ“ حقيقي انداز ۾ بيان ڪيو آهي ته خواب ڏسندڙ ڪڏهن به شراب جو واپاري نه رهيو هو، ۽ نه ئي شراب جي ڪا سڌ ڪئي هنائين. هن ڪڏهن به سامونڊي سفر نه ڪيو هو، جيڪڏهن هو ڪري به ها ته سينٽ هيلينا سندس آخري جاءِ هجي ها، جتي هو وڃڻ چاهي ها. نيپولين کي ڪو آسرو يا سهارو ڏيڻ لاءِ به سندس دل ۾ اهڙي ڪا به همدردي موجود ڪانه هئي. پر ان جي ابتڙ هن لاءِ منجهس قومي ڪاوڙ ۽ نفرت هئي. پر سڀني کان وڌيڪ اهم ڳالهه اها هئي ته جڏهن نيپولين ان ٻيٽ تي مئو هو ته خواب ڏسندڙ اڃان ڄائو به ڪونه هو، انڪري ان سان سندس ڪنهن ذاتي رشتيداريءَ جو به امڪان ڪونه هو. اهڙيءَ ريت خواب جو تجربو، حياتيءَ جي انهن ٻن حصن جي وچ ۾ ڪنهن ”اوپري“ دلچسپيءَ جيان نظر اچي ٿو، جن ۾ مڪمل تسلسل آهي ۽ اهي هڪ ٻئي سان پوريءَ ريت ڳنڍيل آهن.

”۽ اڃان به“....”هلڊيبرانٽ“ اڳتي ساڳي هنڌ (صفحو: 10) تي، لکي ٿو ته: ”ان درست ۽ سچ جهڙي ڳالهه جي ابتڙ ڇا ظاهر ٿيو؟ انهن سمورين ڳالهين جي باوجود، هڪ نهايت ويجهو تعلق، هٿ هٿ ۾ ڏئي پيو هلي. مان گوشي نشيني ۽ علحدگيءَ کي مڃان ٿو. اسان ان پاسي به وڃي سگهون ٿا ته جيئن چئي سگهون ته خواب اسان کي جيڪي ڪجهه به پيش ڪري سگهن ٿا، اهي حقيقت جي مواد ۽ ادراڪ واري زندگيءَ مان آڻين ٿا، جيڪا ان ئي حقيقت جي چوڌاري گهمي ٿي، ۽ جنهن مان ڪيترائي عجيب نتيجا به حاصل ڪري سگهن ٿا، پر سچ ته اهي حقيقي دنيا ۽ زبان، سوچ، احساس يا اسلوب جي عظمت يا بلنديءَ کان الڳ ٿي ئي نه ٿا سگهن، ساڳئيءَ ريت ان جي انتهائي بيهودي بناوت به يقينن، ان بنيادي مواد مان اڌاري ڪري کنيل هوندي آهي، جيڪا ڀلي ته اسان جي حسي دنيا ۾، اکين اڳيان گذري چڪي هجي يا اسان جي جاڳ دوران آيل خيالن کي، يا ٻين لفظن ۾ ائين چئي سگهجي ٿو ته اسان جي ذهن، اسان جي داخلي يا خارجي طور تي ڪيل تجربي يا مشاهدي کي، اڳ ۾ ئي پاڻ وٽ سانڍي ورتو آهي.


(1)  هي حصو 1914ع ۾ شامل ڪيل آهي.

(1)  هي حصو 1914ع ۾ شامل ڪيل آهي، جيڪو ”بوشين شيوز“ (Buchenschutz) جي عالماڻي مطالعي تي ٻڌل آهي.

(2)  اڳڪٿي ۽ علامتي خواب“ (De divinatione per Somnum) حصو ٻيو ترجمو 1935،ص: 377) ۽ ”علامتون“ (Somniis) حصو ٽيون، ترجمو 1935ص: 365.

(3)  اڳڪٿيون حصو پهريون، ترجمو 1935ص: 375.

(4)  هي حصو 1914ع ۾ شامل ڪيل آهي: يوناني حڪيم بقراط (Hippocrates) جي مشهور ڪم جي هڪ باب ۾ ڄاڻايل آهي ته: هن خوابن جي تعلق کي ”بيماريءَ“ سان منسوب ڪيو آهي. ڏسو آڳاٽي طب، حصو ڏهون، ترجمو: 31، 1923. ۽ ”حڪومتي نظام“ (Regimen) حصو چوٿون، 88 ۽ ٻين ڪيترن هنڌن تي، ترجمو 1931ص: 425 وغيره.

(1)  وڌيڪ تواريخي حوالن لاءِ ڏسو ”ڊيپن“ (Diepgen- 1912) جو ڪتاب ”وچئين دور جي خوابن جي تعبير جي تواريخ“، ۽ ”فورسٽر“ (Forster- 1910-1911) ۽ ”گوٿارڊ“ (Gotthard- 1912)جا مقالا. يهودين ۾ خوابن جي تعبير تي ”المولي“ (Almoli-1637) جو ڪيل بحث، ”آمرم“ (Amram-1901) ۽ ”لوونگر“ (Lowinger- 1908) ۽ تحليل نفسيءَ تي تازو لوئر (Lauer- 1913) جو تجزيو پڻ. ”ڊريڪسل“ (Drexl-1909) جي عربن ۾ خوابن جي تعبير متعلق معلومات،”شوارٽز“ (Schwartz- 1913 ۽ پادري ”نفنجي“ (Tfinkdji- 1913) جپانين ۾ ”ميورا“ (Miuara- 1906) ۽ ايوايا“ (Jwaya- 1902) چيني لوڪن ۾  ”سيڪر“ (Secker- 1909-10) هندستانين ۾ ”نيگيلين“(Negelein-1912).

(1)  جرمنيءَ ۾ همه اوست (Pantheism) کي کولي سمجهائيندڙ عظيم شخصيت جو ڏنل ”فطرت جو فلسفو“ اڻويهين صديءَ جي شروعاتي حصي ۾ ڏاڍو مشهور ٿيو هو، فرائيڊ گهڻو ڪري ان جي ڏسيل، ”خوابن جي راز جي معنيٰ“ جي سوال متعلق دورو ڪندو هو. ڏسو: نيون تعارفي تقريرون 1933ع، تقرير 30، ص: 2، 60.

(1)  هي حصو 1914ع ۾ شامل ڪيل آهي.

(1)  روزي (Rouse) جي انگريزي ترجمي تان، لوئيب ڪلاسڪل لئبرري، 317. 1924).

(2)  فالڪونر (Falconer) جي انگريزي ترجمي تان: (لوئيب ڪلاسڪل لئبرري، 527، 1922)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org