(الف)
خوابن ۾ ڳڻپ
CALCULATIONS IN DREAM
خواب جي ڪم جي اصل فطرت ۽ اهو طريقو جنهن ذريعي هو
متن يا مواد سان کيڏندو آهي، ته ان وقت خوابي خيال
کيس ڄاڻ ڏيندڙ بنجي ويندا آهن. اهڙيءَ ريت جڏهن
اسان، خوابن ۾ نظر ايندڙ ڪجهه ڳالهين تي غور ڪرڻ
لڳندا آهيون يا انهن جو مطلب ڪڍندا يا حساب ڪندا
آهيون ته انهن مان گهڻا مافوق الفطرت لڳندا آهن، ۽
مستقبل جي متعلق ڪنهن اظهار جو انداز اختيار ڪندا
آهن، پر ڪي خواب وري ”ڳڻپ“ جي ذمري جا هوندا آهن،
ڪجهه اهڙي قسم جا خواب هتي ڏجن ٿا:
(1)
هڪ عورت جي خواب جو مختصر حصو، جيڪو هن علاج جي
اختتام کان ٿورو اڳ ۾ ڏٺو هو:
”هن کي ڪنهن شيءِ جي لاءِ ڪجهه پئسا ڏيڻا هئا، هن
جي ڌيءَ سندس ٻٽونءَ مان ٽي فلورنس ۽ 65 ڪروزرس
کنيا، خواب ڏسندڙ کانئس پڇيو: ”ڇا پئي ڪرين؟ خرچ
ته رڳو 21 ڪروزرس ايندا.“
خواب ڏسندڙ جي گهريلو حالتن متعلق منهنجي معلومات
مطابق هي خواب بنا ڪنهن ٻي وضاحت جي سندس ذهانت جي
نشاندهي ڪري ٿو. اها عورت ڪٿان ٻاهران آيل هئي ۽
سندس ڌيءَ ويانا جي اسڪول ۾ پڙهندي هئي. ان ڪري هن
تيستائين مون کان علاج ڪرائڻ پئي چاهيو، جيستائين
سندس ڌيءَ ويانا جي اسڪول ۾ هئي. سندس ڌيءَ جي
اسڪول جو سال به لڳڀڳ ٽن هفتن کانپوءِ پورو ٿيڻو
هو، ان جو مطلب هو ته عورت جو علاج به ختم ٿيڻو
هو. خواب ڏسڻ کان هڪ ڏينهن اڳ اسڪول جي هيڊ
ماسترياڻيءَ کيس چيو ته: ”تون ان ڳالهه تي غور ڪر
ته تنهنجي ڌيءَ اسڪول ڇڏي نه وڃي ۽ ٻئي سال لاءِ
به پڙهي، هيڊ ماسترياڻيءَ جي صلاح کانپوءِ هن جو
خيال اهو به هو ته ساڳئي وقت کيس پنهنجو علاج به
ڪرائڻو پوندو. ۽ اهو ئي معاملو هو جيڪو خواب ۾
حوالو بڻجي پيش ٿيو.
تجزيو: هڪ سال اٽڪل 365 ڏينهن تي مشتمل ٿئي ٿو، ۽
ڇوڪريءَ جي اسڪول ڇڏڻ جي ٽن هفتن جا 21 ڏينهن ٿين
ٿا. خواب ۾ انگن جو عدد، وقت ۽ دورانيي جو تعلق،
پئسن جي حوالي سان پيش ٿيو آهي، يعني ”وقت ئي پئسو
آهي“ ۽ خواب ڏسندڙ جي من ۾ اهو خيال ويٺل آهي ته
جيڪر سندس علاج ۽ ڌيءَ جي پڙهائيءَ جو خرچ ڪجهه
گهٽجي ته بهتر.
(2)
هڪ ٻئي خواب ۾ عدد ۽ ڳڻپ جو مثال ٿورو مونجهارو
پيدا ڪندڙ آهي، هڪ عورت جنهن جو خيال آهي ته هوءَ
اڃان به جوان آهي، جنهن ڪجهه سال ٿيا آهن ته شادي
ڪئي آهي. سندس مڙس ”ايلس“ به هن جو همعصر رهيو
آهي، هو جڏهن مڱيا هئا ته هن عورت هي خواب ڏٺو هو:
”هوءَ هڪ اسٽيج ڊرامو ڏسڻ لاءِ پنهنجي مڙس سان گڏ
ويٺي آهي، سندس پاسي واريون ڪرسيون صفا خالي آهن.
هن جي مڙس کيس چيو ته: ”اتي رڳو مسٽر ايلس ۽ ان جي
مڱيندي پڻ ويهڻ چاهين ٿا، پر اهي ڪي سٺيون سيٽون
نه آهن. ٽي عدد، هڪ فلورن ۽ 50 ڪروزرس لاءِ! ان
ڪري اهي کڻڻ ضروري نه آهن. هن سوچيو ته جيڪڏهن
اسان وٽ هجن ها ته اسان کي ڪو نقصان نه هو.“
تشريح: هڪ فلورن ۽ 50 ڪروزرس جو بنياد ڪهڙو آهي؟
ان جو گذريل ڏينهن جي واقعي واري حقيقت سان ڪهڙو
تعلق آهي؟
تشريح: هن جي ماٽيلي ڀيڻ پنهنجي مڙس هٿان 150
فلورن وارو تحفو ڏانهس موڪليو هو، ڇاڪاڻ ته پاڻ
زيورن خريد ڪرڻ لاءِ کيس تڪڙو وڃڻو هو. اهو به ڏسڻ
گهرجي ته 150 فلورن، هڪ سئو فلورن ۽ 50 ڪروزرس کان
سئو ڀيرا وڌيڪ هئا، ته اهي ٽي عدد ڪٿان اچي ويا؟
جي! اصل ۾ اهو ٽن جو عدد هن جي هڪ ساهيڙيءَ جي
مڱڻي جي عرصي سان ڳنڍيل هو، جيڪا هن کان ننڍي هئي.
باقي جيستائين خالي ڪرسين جو معاملو آهي ته اهو هن
جو پنهنجي مڱيندي کي چيڙائڻ واري معاملي تي معافي
تلافيءَ جي نوعيت کي ظاهر ڪري ٿو، جو هن ان ڊرامي
ڏسڻ جو منصوبو جوڙيو هو ۽ ان لاءِ هن کيس ٽڪيٽن
خريدڻ لاءِ چيو هو، ۽ هن کيس لنوائيندي چيو هو ته
”ٽڪيٽون سڀ وڪامي ويون آهن.“ پر جڏهن هوءَ پاڻ
پنهنجي مڱيندي کي ساڻ ڪري ٽڪيٽون خريد ڪرڻ آئي ته
کيس ٽڪيٽون به ملي ويو ۽ ايتري قدر جو اندر هال ۾
هڪ پاسو خالي به هو.
خواب ۾ پيش ٿيل خوابي خيال متعلق منهنجو تجزيو هن
ريت آهي ته: ”جلدي شادي ڪرڻ جو معاملو ڪجهه مناسب
نه هو، مون کي ايتري ”تڪڙ“ به ڪا نه هئي، مان ايلس
جي حوالي سان سوچيان ٿي ته مون کي هن کان ”سئو
ڀيرا“ وڌيڪ سٺو مڙس ملي ٿي سگهيو. مان جيڪڏهن
انتظار ڪريان ها، جيڪڏهن ماٽيلي ڀيڻ کي تڪڙ نه هجي
ها ته ٻن جي بجاءِ ماٽيلي ڀيڻ سميت ٽي ٽڪيٽون وٺان
ها. ۽ ٻن کان وڌيڪ سٺا ٽي ٿين ٿا، جو فيصلي ڪرائڻ
۾ آساني ٿئي ٿي.
(3)
مان جنهن بلاڪ ۾ رهندو آهيان، ان جو مالڪ پوليس
کاتي ۾ آفيسر آهي، خواب ڏٺائين ته:
”هو گهٽيءَ جي سنڀال تي مامور آهي، انسپيڪٽر هن ڏي
اچي ٿو، هو 22 نمبر آهي پر سندس ڪالر تي لڳل 62 يا
26 جو عدد لڳل آهي، ۽ اهڙا ٻيا به ڪيترائي نمبر
لڳل آهن.“
”گهٽيءَ جي سنڀال“ وارو معاملو ته هن جي خواهش جو
پورائو آهي، باقي خواب ڏسندڙ سموري عدد کي ٽوڙيو
آهي، ڇاڪاڻ ته اهو 2262 آهي. هن کي ياد آيو ته هڪ
ڏينهن اڳ ۾ ٿاڻي تي ملازم پيشه ماڻهوءَ جي ملازمت
جي عرصي بابت گفتگو پئي هلي، ۽ ان انسپيڪٽر کي 62
سالن جي عمر ۾ رٽاير ٿي پينشن تي وڃڻو هو، ۽ خواب
ڏسندڙ رڳو 22 سال نوڪري ڪئي هئي، جڏهن ته ٻن سالن
ٻن مهينن کانپوءِ سندس 90 سيڪڙو پگهار ۾ اضافو
ٿيڻو هو. هن کان وڏو آفيسر يعني 2262 نمبر
انسپيڪٽر جنهن جي ڪالر تي اهو نمبر لڳل آهي، اهو
سڀڪجهه خواب ڏسندڙ پاڻ آهي، جيڪو رٽاير ٿيڻ وقت
پوري ۽ ڀرپور پينشن کڻندو.
(ب)
خوابن ۾
تقريرون/ گفتگو
SPEECHES IN DREAMS
اسان آسانيءَ سان چئي سگهون ٿا ته حقيقت ۾ ”خواب
جو ڪم“ ئي ڪا ”ڳڻپ“ يا درست يا غلط نه ڪندو آهي،
پر هو رڳو اهي عدد يا انهن جي ڳڻپ پيش ڪندو آهي
جيڪي خوابي خيالن ۾ موجود هوندا آهن، خاص طور ان
مواد جو تصور پيدا ڪرڻ لاءِ جيڪو ڪنهن ٻئي طريقي
سان پيش نه ٿي سگهندو آهي. ان حوالي سان خواب جو
ڪم عددن يا ڳڻپ کي مقصد جي اظهار طور کڻندو آهي،
بلڪل ان ريت جيئن سندس خيالن سان، انهن جي لفظن،
نالن، گفتگو يا تقريرن سان لهه وچڙ وارو انداز
هوندو آهي، جن جي سڃاڻپ زباني انداز سان پيش ڪرڻ
ذريعي ڪندو آهي.
خواب جو ڪم پاڻ ئي ڪا گفتگو يا تقرير نه گهڙيندو
آهي، پر جيڪا گفتگو يا تقرير ڪيل هوندي آهي ۽ اها
خيالن ۾ موجود به هوندي آهي ته به انهن ۾ پنهنجي
طرفان ڪجهه به نه ڳنڍيندو آهي، البت انهن کي ٽڪرن
۾ ورهائي يا ان جا ٽڪرا ڪاٽي يا رد ڪري ۽ هڪ نئون
روپ ڏئي پيش ڪندو آهي، جنهن جي تشريح ڪرڻ وقت خبر
پوندي آهي ته خواب جي ڪم ڪهڙن ٻن ٽن يا ان کان
وڌيڪ حصن کي ڪاٽيو يا جوڙيو آهي، ۽ اسان ان ڳالهه
تي حيران ٿيندا آهيون ته خواب اهڙو حقيقي ۽ تازو
توانو ڪم ڪيڏي نه محنت سان ڪيو آهي.
هن ڏس ۾ اهو ٻڌائڻ به ضروري آهي ته اعصابي
مونجهارن/ دماغي خلل ۾ مبتلا ماڻهوءَ جو رويو به
بلڪل خوابن جهڙو هوندو آهي، مان هڪڙي مريضه کي
سڃاڻان ٿو جنهن ۾ اهي ئي علامتون آهن، غير شعوري
طور تي ۽ پنهنجي مرضيءَ جي خلاف... ڪجهه نه ڪجهه
ٻڌندي رهندي آهي، جيڪي هن جا وهم ۽ سوداءَ
(Hallucination)
آهن، هن جي ذهن ۾ گانا پيا وڄندا آهن، يا گانن کي
سمجهڻ کان سواءِ ئي جهولڻ لڳندي آهي، پر هن کي
وِسوسي يا ماليخوليا
(Paranoia)
جي بيماري به نه آهي.
اسان جيڪڏهن ويجهو وڃي ڏسنداسين ته خوابن ۾ گفتگو
يا تقريرون ائين لڳنديون جيئن ڪنهن وڏي عمارت ۾
مٽيءَ جي گاري يا سيمنٽ سان جوڙيل ننڍيون وڏيون
سرون هجن.
حقيقت اها آهي ته خوابن ۾ اهڙي قسم جي خاڪَي چِٽڻ
جو عملي تعلق ان گفتگو سان هوندو آهي، جنهن گفتگو
۾ حساسپڻي جي لياقت هوندي آهي، جنهن کي خود خواب
ڏسندڙ ڪنهن سان بيان ڪيو هوندو آهي. ٻئي قسم جون
تقريرون يا بيان اهڙا هوندا آهن، جيڪي هن جا چيل
نه هوندا آهن، پر ڪنهن ٻئي کان ٻڌل هوندا آهن، پر
ان جي باوجود هن جي سوچ جو محرڪ بڻجي ويندا آهن.
يا ڪنهن قسم جي غير متوقع گفتگو به خوابي خيالن جو
حصو بڻجي ويندي آهي. ”مان نه ٿو سمجهان، مان نه ٿو
ڄاڻان، مون نه سوچيو آهي، مون سان فضيلت سان
ڳالهاءِ“ جهڙا جملا به خواب ۾ شامل ٿي ويندا آهن،
جنهن کي اسان خواب جو معصوميت وارو ڪم سڏيندا
آهيون، ان حوالي سان خواب جي انهن معصوم آوازن/
گفتگو جو پهريون حصو خواب جي ٻئي حصي جي تصور جو
سبب بڻجندو آهي ۽ خواب ۾ نهايت شاندار نموني سان
هڪ تصوراتي دنيا اڏجي ويندي آهي ۽ ساڳئي وقت ان کي
رد به ڪري ڇڏيندو آهي.
هتي هڪڙو مثال پيش ڪريان ٿو، جنهن ۾ ”گهڻن“ جي
بجاءِ ”سمورن“ جي ساڳئي نتيجي تي پهچڻ جو حوالو
اچي ٿو:
”خواب ڏسندڙ هڪ وسيع اڱڻ ۾ بيٺو آهي، جتي ڪجهه مئل
ماڻهن جا لاشا ساڙيا پيا وڃن، ”مان وڃان ٿو....“
هو چوڻ لڳو، ”مان هي سڀڪجهه ڏسن برداشت نه ٿو ڪري
سگهان.“
پوءِ هو ڪاسائيءَ جي ٻن ٻارن سان مليو، ”واهه!“ هن
چيو، ”ڇا هن جو ذائقو سٺو نه آهي؟“
”نه“ ٻن ڇوڪرن مان هڪ چيو، ايترو سٺو به ناهي.“
”حالانڪ اهو ماڻهوءَ جو ماس هو.“
هن جو جملو: ”مان هي سڀڪجهه ڏسڻ برداشت نه ٿو ڪري
سگهان.“ اهو هن جو پنهنجو جملو نه هو. باقي خواب
جي معصوم پيشڪش هن حوالي منجهان ظاهر ٿئي ٿي:
خواب ڏسندڙ ۽ ان جي زال رات جي مانيءَ جي دعوت تي
پاڙي وارن ڏانهن ويا، اهي نهايت شاندار ماڻهو هئا
پر انهن شروع ۾ بک وڌائڻ لاءِ ڪا سوادي شيءِ سندن
آڏو پيش نه ڪئي، البت هڪ ميزبان پوڙهي عورت سندن
آڏو گوشت اچي رکيو ۽ مٿن زور ڀريو. ان زور ڀرڻ
متعلق جرمنيءَ ۾ هڪ مزاحيه پهاڪو آهي، جيڪو گهڻو
ڪري ماڻهو پنهنجو خيال پيش ڪندي چوندو آهي، جنهن
جو مطلب ”جبر بالزنا“ جي ويجهو نڪري ٿو.
”هن مان ڪجهه چَکو!“ خواب ڏسندڙ اهو جملو نه
ٻڌايو، پر هن چيو ته: ”ڪا سوادي شيءِ اسان جي
اڳيان پيش نه ڪئي وئي آهي.“ جنهن تي ان عورت چيو
ته: ”توهان هٿ ته وڌايو، کائي ته ڏسو.“ ان کان
پوءِ هن انهن جي دل رکڻ لاءِ ان گوشت مان ڪجهه حصو
کاڌو، جنهن کانپوءِ چوڻ لڳو: ”واقعي هي ته ڏاڍو
لذيذ آهي.“
خواب ڏسندڙ جو اهو جملو ته: ”مان هي سڀڪجهه ڏسڻ
برداشت نه ٿو ڪري سگهان.“ ان پاڙيواري ميزبان
پوڙهي عورت متعلق سندس لڪل جنسي خواهش جو اڻوڻندڙ
اظهار آهي.
ڪجهه صفحا پهرين مون ”بروڪي ليبارٽري“ جي حوالي
سان هڪ خواب پيش ڪيو هو، اهڙو هڪ ٻيو خواب هتي پيش
ڪريان ٿو جنهن ۾ ڪجهه ٻيون هدايتون به ڏسي سگهجن
ٿيون:
”مان رات جو ”بروڪيءَ جي تجربيگاهه“ ۾ ويس، دروازي
کڙڪڻ سبب دروازي کولڻ لاءِ ويس، دروازو کوليم ته
پروفيسر ”فليشل“
(Ernst Fleischl Von Marxow-1846-91)
ڪجهه اجنبي ماڻهن سميت اندر آيو، ۽ چند جملن
ڳالهائڻ کانپوءِ اچي پنهنجي ٽيبل تي ويٺو.“
ان کانپوءِ مون ٻيو خواب ڏٺو ته: ”منهنجو دوست
”فليشل“ ڏاڍي خاموشيءَ سان جولاءِ ۾ ويانا آيو“
مان هن سان هڪ جاءِ تي پنهنجي دوست ”پ“ سان گفتگو
دوران مليس، ۽ پوءِ انهن سان گڏجي ڪنهن جاءِ تي
ويس، جتي هو هڪ ٻئي جي سامهون ٿي ويٺا، وچ ۾ ڪا
ننڍي ميز رکي هئي. مان ان جي سوڙهي ڪنڊ تي ويهي
رهيس، فليشل پنهنجي ڀيڻ جي متعلق چوڻ لڳو، ته رڳو
ڪلاڪ جي ٽئين حصي ۾ هوءَ فوت ٿي وئي، (وري چوڻ
لڳو) اها شايد ابتدا هئي، منهنجي دوست ”پ“ هن جي
ڳالهه نه سمجهي. فليشل مون ڏانهن منهن ڪري چوڻ
لڳو: ”مان ”پ“ کي انهن معاملن متعلق ڪيترو
سمجهايان، (هن ڪجهه سمجهيو ئي ڪو نه پئي... ڇاڪاڻ
ته هو زندهه نه هو)، پر مون ساڻس اصل ۾ ڇا ٿي چوڻ
چاهيو، تڏهن مان پنهنجي غلطي محسوس ڪرڻ لڳس، تڏهن
مون ”پ“ کي ذهن ذريعي دماغ ۾ وجهڻ وارين نظرن سان
نهاريو.
منهنجي چتائي نهارڻ تي هو پيلو ٿي ويو، هن جو
هُليو ڌنڌلو ٿي ويو ۽ سندس اکيون صفا نيريون ٿي
ويون، ۽ پگهرجي ويو. مون سرهائي محسوس ڪئي ۽ محسوس
ڪيم ته ارنيسٽ فليشل پڻ خوش ٿيو آهي، پر ڪنهن ڀوت
کان گهٽ نه! اهڙو ڀوت جيڪو موٽي آيو هجي. ۽ مون کي
ائين لڳو ته اهڙي قسم جا ماڻهو تيستائين جيئندا
رهندا آهن، جيستائين ٻيا ان کي ساريندا رهندا
آهن.“
هي خواب ڪيترين ئي خصلتن سان ڀريل آهي، ۽ حقيقت
اها آهي ته مان ان خواب متعلق انتهائي تنقيدي
تجربي مان پئي گذريس، ۽ مون کي لڳو ته مان غلطيءَ
تي آهيان، ڇاڪاڻ ته ”منهنجو خيال بجاءِ
(Non Vivit)
چوڻ جي ته ”اهو جيئرو نه آهي،“ مون چيو:
(Non Vixit)
”هو زنده نه رهندو.“ سائنسي نڪتي نظر سان منهنجو
انهن ماڻهن سان واسطو نه هجڻ جهڙو هو، جيڪي مئل
هئا ۽ خوابن ۾ به لڳندو هو ته اهي ”مئل“ ئي آهن،
پر منهنجي بگڙيل خيال ۽ آخري انومان مون کي مطمئن
ڪري ڇڏيو ته ”مان غلطيءَ تي هوس.“
سچ پچ ته هي خواب پريشان ڪندڙ اهڙين گهڻين ڳالهين
سان وابستا آهي، ۽ مون کي انهيءَ منجهائيندڙ مام
کي مڪمل طور تي حل ڪرڻ جو ڪشالو آڏو هو، ۽ ان ۾ شڪ
نه آهي ته مان انهيءَ ڪم کي مڪمل ڪرڻ جي لائق نه
هوس. پوءِ هن خواب ۾ مون ڇا پئي ڪيو؟ شايد مان وڏن
۽ اهم ماڻهن جي اڳيان پنهنجي امنگن جي قرباني ڏيڻ
پئي چاهي. يا سوچيم پئي ته خوابن جي متعلق معنائن
لڪائڻ وارو خيال منهنجي سموري ڪم تي پاڻي ڦيري
ڇڏيندو.
هن خواب جو مرڪزي عنصر اهو منظر آهي، جنهن ۾ مان
تباهه ڪندڙ نظرن سان ”پ“ ڏانهن نهاريو، هن جون
اکيون عجب جهڙيون ٿي ويون هيون ۽ منهنجي چتائي
نهارڻ تي هو پيلو ٿي ويو، هن جو هُليو ڌنڌلو ٿي
ويو هو. اهو منظر بنا مبالغي جي ان جاءِ تان نقل
ٿي آيو هو، جتي مان اصل ۾ تجربو پئي ڪيو. ان وقت
منهنجي ذهن ۾ خيال آيو هو ته ”مان نفسياتي اداري ۾
مثالن سان سمجهائڻ وارو استاد هوس، ۽ ان سلسلي ۾
مان صبح جو سوير ئي ڪم شروع ڪري ڏيندو هوس، جا
ڳالهه ”بروڪيءَ“ جي ڪنن تائين پهتي ته مان شاگردن
جي تجربيگاهه ۾ ٿورو دير سان ٿو اچان. هڪ ڏينهن هو
پنهنجي پوري وقت تي اچي تجربيگاهه ۾ ويٺو ۽ منهنجي
اچڻ جو انتظار ڪرڻ لڳو، ۽ جڏهن مان آيس ته هن مون
کي ڪجهه به نه چيو، بس رڳو هڪ گهوريندڙ ۽ خطرناڪ
نگاهه مون تي وڌائين (جيئن خواب ۾ مون ”پ“ ڏانهن
نهاريو هو) ۽ مان پاڻ کي گهٽجندي، ننڍو ٿيندي
محسوس ڪرڻ لڳس. اصولن ۽ پابندين جي اڳيان منهنجي
لاءِ ته ڪو ٻيو چارو به نه هو. اهڙيءَ نهار جو،
شايد ئي ڪنهن کي اندازو هجي، پنهنجي استاد يا
انتهائي اهم ماڻهوءَ جي اهڙين نگاهن جو... جن اکين
۾ مون سدائين سونهن ۽ شفقت ڇلڪندي ڏٺي هئي، هن جي
پوڙهي هجڻ جي باوجود سندس اکيون وڻندڙ هيون، جن ۾
مون ڪڏهن به ڪاوڙ ڪا نه ڏٺي هئي، انهن ۾ ڪاوڙ کي
ڏسي مون ۾ جيڪو خوف پيدا ٿيو هو، اها سموري ڪيفيت
منهنجي ان خواب جي تصوير ۾ هئي.
”هو زندهه نه رهندو“
(Non Vixit)
۽ ”هو مئل آهي“
(Non Vivit)
جي اصل مفهوم کي ڳولهڻ ۾ مون کي ڪافي عرصو لڳو،
بهرحال مان فيصلو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويس، پر آخرڪار
اهي ٻئي لفظ منهنجي خواب ۾ چٽيءَ طرح ظاهر ٿيا،
اهي ”چيل يا ٻڌل“ لفظ نه هئا پر اهي ڏٺل لفظ هئا،
پوءِ منهنجي ذهن ۾ آيو ته اهي لفظ مون ڪٿي ڏٺا
هئا، ها ياد آيو: ”اهي لفظ ويانا جي ”هاف برگ جي
بادشاهي محل ۾ ”قيصر جوزف“ يادگار جي قدمن وٽ
اُڪريل هئا.“
خواب ۾ مون ڏٺو ته منهنجو دوست فليشل جولاءِ جي
مهيني ۾ ويانا آيو هو، جڏهن ته جاڳ جيون ۾ فليشل
ڪڏهن به جولاءِ ۾ ويانا نه آيو هو، پر جولاءِ جو
حوالو اصل ۾ ”جوليئس سيزر“ جي نالي پٺيان منسوب
ٿيل آهي، ان ڪري خواب پنهنجي ثانوي ڪم واري خصلت
ذريعي منهنجي خواب ۾ جولاءِ جي مهيني کي شامل ڪيو.
هڪڙي مزيدار ڳالهه اوهان کي ٻڌايان ته: ”مان جڏهن
ٻاريهن سالن جو هوس ته هڪ ڀيري اسان ٻارن جي اڳيان
”شلر“
(Schiller)
جو لکيل ڊاءِ روبر“
(Die Rauber)
ڊرامو پيش ڪيو هو، جنهن ۾ ”سيزر“ جي مقابلي ۾
”بروٽس“ جو ڪردار مون ادا ڪيو هو، جنهن ۾ منهنجو
سوٽ ”جان“ به شامل هو، جيڪو وڏي عرصي کانپوءِ هڪ
ڀيري انگلينڊ کان اسان وٽ ”جولاءِ“ ۾ گهمڻ آيو هو.
ٻي مزيدار ڳالهه اها آهي ته مان جڏهن ننڍو هوس ته
منهنجو پنهنجي ان سوٽ سان کل مذاق، پيار يا جهيڙو
جهڳڙو به ٿيندو رهندو هو، هڪ ڀيري ”جان“ بابا کي
دانهن ڏني، جنهن تي بابا ته مون کي ڪجهه نه چيو پر
ڏاڏي ڇينڀ ڪڍي ۽ دڙڪو ڏيندي پڇيو ته: ”جان کي ڇو
ماريو اٿئي؟“
مان لڳ ڀڳ ٻن ٽن سالن جو مس هوس ۽ پوريءَ طرح
ڳالهائي به نه سگهندو هوس، تڏهن به ڏاڏي کي ٻڌايو
هيم ته: ”مون هن کي ان ڪري ماريو ڇاڪاڻ ته هن به
مون کي ماريو هو.“
منهنجي خواب ۾ ٻالڪپڻي جو اهو منظر پيش ٿيو هو
جنهن ۾ مون
Non Vixit
۽
Non Vivit
جا لفظ استعمال ڪيا هئا، اهي لفظ منهنجي ان عمر جي
ٻاتي ٻوليءَ سبب مون کان
Wichsen
واري اچار سان ادا ٿيا هوندا، جيڪو انگريزيءَ ۾
لفظ
Vixen
هو، جنهن جو مطلب آهي جهيڙاڪ، چيڙاڪ.
اوهان ڏسندا ته خواب اهڙي ڳالهه کي ملائڻ لاءِ
ڪنهن به قسم جو شرم محسوس نه ڪندو آهي.
( 8 )
بي معنيٰ خواب:
ABSURD DREAMS
خوابن جي تجزيي جي سلسلي ۾ اسان بي معنيٰ، اجاين،
نامناسب يا کل ڏياريندڙ نتيجن متعلق چند ڳالهيون
ضرور ڪيون آهن، پر انهن جي مڪمل کوجنا واري معاملي
کان بلڪل به لنوائي نه ٿو سگهجي، ڇاڪاڻ ته انهن
حالتن منجهان به اسان کي خوابن جي حقيقتن جي
نشاندهي ڪرڻ ۾ مدد ملندي آهي ۽ اهو ياد رکڻ گهرجي
ته ”خوابن جو اهو اجايو، بي معنيٰ يا کل جهڙو رويو
ئي انهن شين، ڳالهين ۽ معاملن جو اصل اظهار هوندو
آهي، جن جي متعلق ”خواب انهن جي اهميت کان انڪار
ڪندو آهي.“
ان سلسلي ۾ مان ڪجهه مثال ڏيندس، جن ۾ اها بي
معنويت رڳو ظاهر هوندي آهي، ۽ جيترو جلدي ٿي
سگهندو آهي، اوترو جلدي خواب جي ان مفهوم کي ائين
گم ڪري ڇڏيندي آهي، جو اسان ان کي آسانيءَ سان
سمجهي به ويندا آهيون. مون کي اهڙا ڪي چند خواب ئي
هٿ لڳا آهن، جيڪي اتفاق سان خواب ڏسندڙ جي مري ويل
پيءُ سان وابستا آهن.
( i )
هي هڪ مريض جو خواب آهي، چئن سالن جو هو ته سندس
پيءُ وفات ڪري ويو هو:
”هن جو پيءُ ساڻس قبر جهڙي مصيبت ۾ مليو، هو رات
واري ريل ۾ سفر ڪري رهيو هو، جيڪا پٽڙيءَ تان لهي
وئي هئي، دٻن جون سيٽون به هڪ ٻئي ۾ ڦاسي ۽ هر
پاسي کان دٻجي ويون هيون.“ (پوءِ خواب ڏسندڙ ڏٺو
ته) هو بستري تي پيل آهي ۽ هن جي کاٻي اک جي ڀرسان
زخم آهي، جيڪو سڌي رخ ۾ آهي، هو حيران ٿي رهيو هو
ته هو پنهنجي پيءُ سان ان مصيبت ۾ مليو ڪيئن هو!
جڏهن ته هو اڳ ۾ مئل هو. (پوءِ هن ٻڌايو ته) هن
جون اکيون ڪيئن صاف هيون!“
خوابن جي اصولي نظريي مطابق اسان پهرين هن خواب جي
متن کي بيان ڪنداسين، جنهن جي شروعات ڪرڻ لاءِ
دليل به ڊوڙائينداسين، ته جڏهن خواب ڏسندڙ کي خواب
۾ حادثي جو خيال آيو هو ته هن کان پنهنجو پيءُ
وسريل هو، جيڪو قبر ۾ (خواب دوران) ساڻس سالن کان
گڏ هو، پر جيئن خواب اڳتي وڌي ٿو ته يادگيري به ان
۾ شامل ٿئي ٿي، ۽ حيرت“ ئي سندس خواب ۾ اڳواڻي ڪري
ٿي، حالانڪ هو ننڊ ۾ ستل آهي. تجزيو اسان کي
بهرحال اهو ضرور سيکاري ٿو ته ان قسم جي وضاحت
لاءِ ڪوشش وٺڻ بلڪل بيڪار آهي، ڇاڪاڻ ته خواب
ڏسندڙ ٻه ڏينهن اڳ ۾ پنهنجي پيءُ جو مجسمو ڏٺو هو،
(جنهن جو مٿيون ڌڙ سندس خواب جو حصو بڻيو آهي)، ۽
سندس پيءُ جو مجسمو ان خود نه ٺاهيو هو، البت اهو
مجسمو به ڪنهن تصوير تان ئي ٺاهيو ويو هو. ان ڪري
هن جو خيال ”تباهيءَ“ يا ”مصيبت“ جي پاسي لڙي ويو
آهي، ۽ ٻيو ته جنهن اهو مجسمو ٺاهيو هو، ان مجسمي
کي پنهنجي ڪمري جي هڪ ڪنڊ ۾ رکي ڇڏيو هو، جيڪو
تمام سوڙهي جاءِ تي رکيل هو.
خواب ڏسندڙ جي پيءُ کي جڏهن به ڪاروباري يا گهريلو
پريشاني ٿيندي هئي ته مٿي کي هٿ ڏئي ويٺو سوچيندو
هو، جنهن کي خواب ڏسندڙ خواب ۾ سندس لوندڙين جي
حوالي سان ۽ ”ريل جي دٻن جون سيٽون به هڪ ٻئي ۾
ڦاٿل ۽ دٻجي ويل“ ڏٺيون. خواب ڏسندڙ جڏهن چئن سالن
جو هو ته سندس پيءُ کيس تحفي طور ڇَري واري بندوق
وٺي ڏني هئي، ۽ اتفاق سان اها ڀريل به هئي، سو
جڏهن هن هلائي ته گولي سندس پيءُ جي اک ۾ لڳي هئي،
جيڪا اک بعد ۾ هن ڪڍرائي ڇڏي هئي: (هن جون اکيون
ڪيئن صاف هيون!) خواب ڏسندڙ کي پنهنجي پيءُ جي
زخمي ٿيڻ جو واقعو سدائين ياد ايندو هو ته هو ان
غم ۾ ڪيتري دير اداس ٿي ويندو هو.
پر هن خواب جي بگڙيل صورت، ڪنهن به ريت لاپرواهيءَ
جو نتيجو ظاهر نه ٿي ڪري.
(ii)
هتي هڪڙو ٻيو خواب پيش ڪريان ٿو، جيڪو منهنجي
پنهنجي ذات سان وابستا آهي:
”منهنجو پيءُ 1896ع ۾ گذاري ويو. ”پنهنجي مرڻ کان
اڳ منهنجي پيءُ تاتاري نسل جي وچ ۾ هڪ سياسي ڪردار
ادا ڪيو، ۽ انهن کي کڻي پاڻ سان گڏ سياسي ميدان ۾
آندو. (هتي مون هڪ ننڍي ۽ غير واضع تصوير ڏٺي)
ماڻهن جو وڏو انبوهه هو، حالانڪ اهي جرمن
پارليامينٽ ۾ موجود هئا، پر ڪي ماڻهو ڪرسين تي به
بيٺا هئا ۽ ڪيترائي ماڻهو سندس چوگرد ڪٺا ٿيل هئا.
مون کي ”گاريبالدي“
(Garibaldi)
ياد آيو، جيڪو پنهنجي موت جي بستري تي به خوش هو
ته هن جو ڪيل وعدو سچو ثابت ٿيو.“
اسان بهرحال ان کان وڌيڪ منجهيل خواب به ڏسي سگهون
ٿا!
هي خواب انهن ڏينهن جو آهي، جڏهن هنگريءَ جا
رهواسي پارلياميٽ جي ڪمن ۾ رنڊڪ پوڻ سبب رياست ۾
برپا ٿيل وڳوڙ کي ختم ڪرائڻ لاءِ گڏ ٿيا هئا، جن
کي ”ڪولومن زيل“
(Koloman Szell)
ذريعي تحفظ مليو هو.
ان منظر جي ”غير اهم تصوير“ جو خواب ۾ ”تمام ننڍڙي
ماپ واري تصوير“ ذريعي نظر اچڻ، ڪنهن وضاحتي واسطي
کانسواءِ نه آهي. ڇاڪاڻ ته اسان جا خوابي خيال
سدائين تصويرن ذريعي پيش ٿيندا آهن، جيڪي لڳڀڳ
زندگيءَ جيڏا ڊگها هوندا آهن. خواب ۾ جيڪا تصوير
مون ڏٺي، اها جنڊيءَ تي لٿل ڪاٺيءَ وانگر، آسٽريا
جي تاريخ کي بيان ڪرڻ واري انداز سان پيش ڪيل هئي،
ڪاريگر ”پريسبرگ“
(Pressburg)
جي پارليامينٽ ۾ ”ماريا ٿيريسا“
(Maria Theresa)
کي ڏيکاريو هو .
ماريا ٿريسا جيان، منهنجي خواب ۾ اهو منهنجو پيءُ
هو، جنهن جي چوگرد ماڻهو ڪَٺا ٿيل هئا.
منهنجي پيءُ جي پوسٽ مارٽم ٿيڻ سبب سندس ڳٽا ڳاڙها
ٿي ويا هئا، مون کي جڏهن اهي ياد آيا ته منهنجي
خيالن مان ڊوڙي وڃي خواب ۾ رسيا.
جنهن ٻار جي اکين اڳيان سندس پيءُ جو موت ٿئي ٿو
ته ان ٻار جي ذهن تي نه مٽجندڙ منظر ۽ ڪيفيت قائم
رهي ٿي، ۽ اهو سڀڪجهه چاهي به نه ٿو! ۽ اها ئي
صورت خواب ۾ بگڙيل يا منجهيل انداز سان اچڻ جهڙي
ٿي ويندي آهي، ۽ انهن يا اهڙين تصويرن کان آجپو
ناممڪن آهي. مري ويل ماڻهن جو نظر اچڻ، انهن سان
ڳالهائڻ، انهن سان ميل ميلاپ ڪرڻ/ رکڻ وارن خوابن
جي تشريح ڪرڻ تمام آسان آهي، ڇاڪاڻ ته اهي ان ڪري
ظاهر ٿيندا آهن جو اسان انهن جي متعلق سوچيندا
آهيون، ”منهنجو پيءُ جيئرو هجي ها ته جيڪر مان
هيئن چوانس ها!“ خواب ان خيال ”جيڪڏهن“ واري قسم
کي اظهارڻ جي لياقت نه رکندا آهن.
مثال طور ”هڪ جوان ماڻهو، جنهن جي ڏاڏي پنهنجي
پويان تمام وڏو ورثو ڇڏيو آهي، ۽ هو پنهنجي ڪمن
ڪارين لاءِ ان ملڪيت منجهان خرچ ڪرڻ لڳي ٿو ته ان
جو ڏاڏو سندس خيالن ۾ اچي ٿو (ڄڻ ٻيهر جيئرو ٿئي
ٿو) ۽ اهڙيءَ طرح هو احتياط سان ان جي ملڪيت کي
خرچ ڪرڻ متعلق غور ڪرڻ لڳي ٿو.“ ۽ اسان اهو به ڏٺو
آهي ته ماڻهوءَ جي مرڻ کانپوءِ اسان لاپرواهي به
ڏيکاريندا آهيون ته مرڻ وارو مري ويو، هاڻي سڀڪجهه
منهنجي حوالي آهي. ساڳيءَ طرح خواب به حقيقي طور
تي مئل ماڻهوءَ جي شاهدين، واقعن ۽ سندس اطمينان
واري احساس کي انساني ذهن ۾ زنده به رکندو آهي ته
ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي ته ان جي احساسن ۾ مداخلت
کي گهڻو وقت قائم رکڻ بجاءِ ڊاهي به ڇڏيندو آهي.
هڪ ٻئي قسم جو بگاڙو يا مونجهارو به ٿيندو آهي،
جيڪو خوابن ۾ پنهنجي مئل مائٽن جي حوالي سان ظاهر
ٿيندو آهي، جنهن ۾ ذليل ڪرڻ، چرچو ڪرڻ يا طعني ڏيڻ
جو اظهار نه ٿيندو آهي
۽ ڪجهه به نه ڪرڻ جي انتهائي درجي جي نشاندهي به
ڪندو آهي، ۽ ان دٻايل خيال جي نمائندگيءَ کي ممڪن
بڻائيندو آهي، جنهن کان خواب ڏسندڙ گهڻو ڪري
بيپرواهه هوندو آهي، يعني خوابن جو اهو قسم
تيستائين چٽو نه هوندو آهي يا وضاحت ڪري نه سگهندو
آهي، جيستائين ڪو شخص پنهنجي ذهن ۾ ان حقيقت کي نه
ٿو ويهاري ته خواب: ”ڪهڙي ڳالهه جي خواهش ڪئي آهي؟
۽ حقيقت ڇا آهي؟“ جي وچ ۾ فرق نه ڪري سگهندو آهي.“
مثال طور ڪو شخص پنهنجي پيءُ جي پوڙهپڻي ۾
بيماريءَ دوران خدمت ڪري ٿو، ان جي موت تي کيس
نهايت وڏو صدمو رسي ٿو، ته ڪڏهن ڪڏهن ههڙو سمجهه
کان ٻاهر خواب به اچي سگهي ٿو:
”هن جو پيءُ ٻيهر زندهه ٿيو آهي ۽ هن سان سدائين
وانگر ڳالهائي ٿو پر (غير معمولي ڳالهه اها آهي
ته) هو واقعي مئل هو، ۽ هو ان ڳالهه کان ئي واقف
نه هو.“
هي خواب ان صورت ۾ سمجهه ۾ اچي سگهي ٿو، جيڪڏهن
انهن لفظن: ”پر هو واقعي مري ويل هو“ ٻڌڻ کانپوءِ
اسان نتيجي طور ان ۾ خواب ڏسندڙ جي خواهش کي شامل
ڪريون! جيڪڏهن اسان ان جي وضاحت ڪريون ته: ”هو ان
ڳالهه کان واقف نه هو،“ ته پوءِ اها هن جي خواهش
ئي هئي.
هن جڏهن بيماريءَ دوران پنهنجي پيءُ جي خدمت پئي
ڪئي ته هن جي دل ۾ ڪيترا ئي ڀيرا اهو خيال آيو هو
ته ”جيڪر سندس پيءُ مري وڃي.“ اهڙي ٻاجهاري پٽ کي
اهو خيال رڳو ان ڪري پئي آيو ته هن جي ان بيماريءَ
۾ چُڙڻ کان جان آزاد ٿي وڃي. پيءُ جي مرڻ کانپوءِ
هن جو صدمي سبب غم جو اظهار ڪرڻ به ساڻس همدرديءَ
جو جهُٻو (خواهش) به لاشعوري طور پنهنجي بدناميءَ
يا الزام کان بچڻ سبب آهي.
اهو سچ آهي ته مري ويل ماڻهوءَ سان خواب ڏسندڙ جي
پيار سبب ان جي خوابن جي تشريح ڪرڻ آسان ته آهي،
پر خواب ڏسندڙ ڪڏهن به ان تشريح منجهان مطمئن نه
ٿيندو آهي، ان جو سبب سندس انتها درجي جو جذباتي
واسطو هوندو آهي. ان حوالي سان عام طور تي اهو ڏٺو
ويو آهي ته ان قسم جي خوابن ۾ مئل ماڻهو جيئرو ئي
نظر ايندو آهي، ۽ اوچتو ان جي فوتگيءَ جو احساس به
پيدا ٿيندو آهي، پر اهو وري به خوابن ۾ جيئرو نظر
ايندو آهي. اهو تاثر يقينن منجهائيندڙ هوندو آهي.
ٻئي قسم جي خوابن ۾، جن ۾ خواب ڏسندڙ مئل ماڻهوءَ
سان تعلق ۾ هوندو آهي ته خواب ڏسندڙ گهڻو ڪري ان
منجهان پنهنجي لاءِ موت جو تاثر اخذ ڪندو آهي. ان
صورت ۾ جيڪڏهن خواب ڏسندڙ اوچتو پاڻ کي اهو چوڻ
لڳي ته: ”هو ايترو گهڻو اڳ ۾ ڇو مري ويو.“ ته هو
پنهنجي سوال جو انڪار ڪري رهيو آهي ۽ اهو مڃڻ لاءِ
تيار ئي نه آهي ته اهو سندس ئي موت جي نشاني آهي.
پر مان هڪ خاص ارادي سان ان احساس کي مڃان ٿو ته
خوابن جي تشريح جي ذريعي، خوابن جي ان خاصيت جا
سمورا راز اڃان ظاهر نه ٿي سگهيا آهن.
(iii)
هتي مئل پيءُ متعلق هڪ ٻيو خواب پيش آهي:
”اسپتال جي ڪمن لاءِ ڪنهن جي رهيل پئسن جي واسطي
مون وٽ 1851ع واري سال ۾، منهنجي ڄم واري هنڌ تان،
ٽائون ڪائونسل جي هڪ گاڏي مون کي کڻڻ آئي. مان پاڻ
کي هڪ گهر ۾ موجود ڏٺو ۽ مان 1851ع تائين اڃان
جيئرو هوس، ۽ هڪ ٻيءَ جاءِ! منهنجي پيءُ سان
وابستا هئي، ۽ منهنجو پيءُ اڳ ۾ ئي مئل هو. مان هن
وٽ ٻئي ڪمري ۾ ويس، جتي هو هڪ بستري تي ستل هو، ۽
مون کيس ان گاڏيءَ متعلق ٻڌايو. مون کي عجب لڳو ته
هن ياد ڪندي چيو ته 1851 ۾ مان گهڻو پيتل هوس ۽
مون پاڻ کي قفل ۾ بند ڪري ڇڏيو هو، هي اهو وقت هو
جڏهن هو ”ٽ“ جي فرم ۾ ڪم ڪندو هو. ”سو تو شراب
استعمال ڪيو آهي؟“ مون کانئس پڇيو، ”ڇا تون ان
کانپوءِ جلد ئي شادي به ڪندين؟“ مون ڳڻپ ڪئي ته
مان واقعي 1856ع ۾ ڄائو آهيان، جيڪو بدلجي ويل نظر
پئي آيو.“
اسان سڀئي گهڻو ڪري ان ڳالهه جو مشاهدو ڪندي حيران
ٿينداسين ته هن خواب ۾ ڪنهن ديني تڪرار يا بحث ۾
پوڻ وارو معاملو کلي پيو آهي، ۽ منهنجو پيءُ صاف
گوئي ڪندي ان بيهودگيءَ تي اختلاف ڪري رهيو آهي.
ان قسم جو کليل اظهار، خاص طور خواب جي عمل جي
ناتي ڇنڊڇاڻ جو ڪم اسان جي عقيدن ۾ تضاد پيدا ڪري
رهيو آهي. صورتحال بلڪل واضح آهي بهرحال! جيڪڏهن
ان تي غور ڪجي ته هن واقعي ۾ منهنجو پيءُ محض هڪ
ڏيکاءَ واري صورت ۾ پيش ٿيو آهي، ۽ اختلاف به ڪنهن
ٻئي جي حوالي سان نمودار ٿيو آهي، جيڪو هن خواب ۾
هڪ تصور جيان ظاهر ٿيو آهي. جڏهن ته هي خواب ڪنهن
جي خلاف بغاوت جي وهنوار ڏانهن مڙيل آهي، جنهن جي
پويان خواب ڏسندڙ جو پيءُ ڍڪيل آهي، ۽ مخالف هتي
بلڪل سچو آهي. تجسس جي ڪارڻ خواب ان قسم جو اظهار
ڪيو آهي. ان خواب جي ظاهر ٿيڻ کانپوءِ مون ٻڌو ته
مون کان تجربي ۽ عمر ۾ منهنجي هڪ پراڻي نفسياتي
علاج ڪندڙ ساٿيءَ، (جنهن جو فيصلو تنقيد کان
مٿانهون هوندو آهي) چيو آهي ته ”رد ڪرڻ ۽ عجب
کائڻ“ جي حقيقت اها آهي ته هڪ مريض جي سلسلي ۾
سندس تحليل نفسيءَ وارو علاج خود پنجين سال ۾ داخل
ٿيو هو.
خواب جو پهريون جملو ان لڪل حقيقت جو چٽو اشارو
ڪنايو آهي، ته ڪنهن وقت منهنجي ان ساٿيءَ منهنجي
پيءُ جي خدمت ڪئي هئي، پر منهنجي پيءُ ان جون
گهرجون پوريون نه ڪيون هيون“ يعني اسپتال جي ڪمن
لاءِ ڪنهن جا رهيل پئسا
(Fees)
ادا نه ڪيا هئا ۽ پوءِ جڏهن اسان جي دوستيءَ وارو
تعلق گهٽجڻ لڳو ته مان پاڻ پيءُ ۽ پٽ جي وچ ۾، ان
قسم جي جذباتي تضاد ۾ ڦاسي ويس، جيڪو اڳ ۾ ئي پيدا
ٿيل هو.
خوابي خيالن انهيءَ رويي جي خلاف شديد قسم جو
احتجاج ڪيو آهي، جنهن اڳ ۾ منهنجي مريض جي علاج کي
سامهون آندو آهي، جنهن جو علاج مان ايترو تڪڙو نه
پئي ڪري سگهيس، ان ڪري خواب ٻين ڳالهين کي به شامل
ڪري ڇڏيو آهي.
”ڇا هو ڪنهن ٻئي ڊاڪٽر کان واقف هو؟“ مان سوچڻ
لڳس، ”ٻيو ڪير هن جو تڪڙو علاج ڪندو؟“ ”ڇا هو ان
ڳالهه کان واقف ناهي، ته منهنجي علاج جي معاملي
کانسواءِ ٻيا به ڪيترا معاملا آهن.“ بهرحال ان قسم
جون حالتون لڳڀڳ حياتيءَ جي آخري لمحي تائين
پنهنجي سر تي کڻڻيون پونديون آهن، جڏهن ماڻهوءَ کي
علاج کانپوءِ تندرست زندگي گذارڻ جي اميد هجي ته
سڄي زندگيءَ جي مقابلي ۾ علاج لاءِ چئن يا پنجن
سالن جو عرصو ڪهڙي وڏي اهميت ٿو رکي.
هن خواب ۾ مونجهاري يا بگاڙي جي تاثر جو وڏو حصو،
خوابي خيالن جي مختلف حصن مان آيل جملا آهن، جيڪي
بنا ڪنهن مٽ سٽ جي گڏجي ڊوڙندا آيا آهن. جهڙوڪ:
”مان هن وٽ ٻئي ڪمري ۾ ويس.“ اهو جملو پنهنجو اصل
موضوع ڇڏي اچي پهتو آهي، ڇاڪاڻ ته اصل ۾ مان
پنهنجي پيءُ وٽ اهو اطلاع ڪرڻ ويو هوس ته ”مان
شادي ڪري رهيو آهيان، توهان جي صلاح کانسواءِ.“
مون کي ياد ٿو اچي ته منهنجي ان جملي تي، منهنجي
پوڙهي پيءُ ان موقعي تي پنهنجي بي غرض محبت جو
اظهار ڪيو هو، جيڪو ڪنهن ٻئي عام پيءُ کان مختلف
هو، ۽ اهڙي مشاهدي خواب کي، پنهنجي پيءُ تي چٿر
ڪرڻ جي اجازت ڏني، ڇاڪاڻ ته خوابي خيالن ۾ اهڙا
خيال پيءُ جي بجاءِ ٻين جي حوالي سان جمع ٿيل هئا،
خاص طور انهن ماڻهن سان اٿڻ ويهڻ سبب جيڪي ٺٺوليون
ڪندا رهندا آهن ۽ گهڻو ڪري ائين ئي اسان جا
پسنديده شخص به هوندا آهن. پر هر قسم جي ڇنڊڇاڻ جي
عمل جي فطرت اها هوندي آهي ته سچين شين جي بجاءِ
اها منع ٿيل، ڪوڙين ۽ غلط ڳالهين کي همٿائيندي
آهي.
ٻيو جملو ”يادگيريءَ جو تاثر ٿو ڏئي ته: ”هن ياد
ڪندي چيو ته 1851 ۾ مان گهڻو پيتل هوس ۽ پاڻ کي
قفل ۾ بند ڪري ڇڏيو هو.“ جيڪو منهنجي پيءُ سان نه
پر اهو هڪ مهان شخص ”مينيرٽ“
(Theodor Meynert- 1833-1892)
سان وابستا هو جيڪو ويانا يونيورسٽيءَ ۾ نفسياتي
علم جو پروفيسر هو، مان جنهن جي قدمن جي نشانن تي
هليس ۽ جنهن جو مون سان ڏاڍو سٺو رويو هو ۽ مان
سندس عزت به ڪندو هوس پر ٿورڙي ئي عرصي ۾ هن جي
رويي ۾ تبديلي اچي وئي ۽ هو منهنجو ظاهر ظهور دشمن
بڻجي ويو.
خواب مون کي ياد ڏياريو ته هن هڪ ڀيري اهو چيو هو
ته: ”هو جڏهن جوان هو ته هن کي ڪلوروفارم
(Chloroform)
هڪ بي رنگ ڪيميائي پاڻياٺ، جنهن کي ڊاڪٽر بيهوشيءَ
لاءِ استعمال ڪندا آهن) سان نشي وٺڻ جي عادت هئي.“
ان خواب مون کي سندس مرڻ کان ٿورو اڳ وارو هڪ ٻيو
واقعو به ياد ڏياري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ منهنجي
مرداڻي ڇتپڻ
(Male- Hysteria)
جي موضوع متعلق ان تحرير سبب تنازعو پيدا ڪري مون
کي ڇڪتاڻ ۾ مبتلا ڪيو ويو هو، جنهن کي هن رد ڪيو
هو.
مان جڏهن سندس اڻٽر بيماريءَ سبب عيادت ڪرڻ لاءِ
وٽس ويس ۽ سندس طبيعت متعلق پڇيم ته هو ڪافي دير
تائين ڳالهائيندو رهيو، جنهن جي پڇاڙيءَ ۾ هن چيو:
”توکي خبر آهي ته مان پاڻ مرداڻي ڇتپڻ جي اهڙن
مريضن مان هڪ چٽو پِٽو مريض رهيو آهيان.“ پوءِ هن
مڃيو ۽ مون کي مطمئن ڪندي حيرت ۾ وجهي ڇڏيائين.
مان سوچڻ لڳس ته پوءِ ڇو ايترو وقت اجائي ضد ۾
مبتلا رهيو. انهن چئن يا پنجن سالن جو عرصو اهو
عرصو هو جيڪو مون پنهنجي ان ساٿي پروفيسر ”مينيرٽ“
سان گذاريو هو، جنهن جو ذڪر مون پهرين به ڪيو آهي،
پر اهو عرصو منهنجي شاديءَ جي حوالي سان به ثابت
ٿئي ٿو ۽ خود ان مريض سان به منسلڪ آهي، جنهن جي
تندرست ٿيڻ ۾ چار پنج سال لڳا هئا.
”پنج سال ڇا آهن؟“ خوابي خيالن سوال پڇندي چيو،
”اهڙو ڪو به عرصو نه آهي، ڇاڪاڻ ته جيستائين
منهنجو تعلق آهي ته اهو ڳڻپ ۾ نه ٿو اچي.“
”مون وٽ منهنجي لاءِ وڏو وقت آهي.“
ايڪونجاهه (51) سال اها عمر آهي، جيڪا ماڻهوءَ کي
ٿوري مشڪل ۽ خطري واري لڳندي آهي، ۽ مون کي ياد
آهي ته منهنجو ساٿي اوچتو ان ئي عمر ۾ گذاري ويو
هو. ان معاملي تي تفصيلي گفتگو اسان اڳتي هلي
ڪنداسين.
(iv)
نمبرن متعلق خواب
”منهنجي هڪ واقف: ”هير ايم“
(Herr M)
کي سندس هڪ مضمون جي سلسلي ۾ مٿس انتهائي غير
واجبي طور تي حملو ڪيو ويو هو، منهنجو خيال آهي
ته هو ”گوئٽي“ کان گهٽ حيثيت وارو نه هو، پر ”هير
ايم“ کي بهرحال ان حملي ۾ ڏاڍي خراب نموني ۾
لتاڙيو ويو هو. هن ڪنهن ميز جي ڀرسان اٿي بيهي
پنهنجي ساٿين کي پئي ٻڌايو: هن جو ڪفن دفن ”گوئٽي“
تي ڪو اثر ڇڏيندڙ نه هو، بهرحال اهو منهنجو ذاتي
تجربو هو. مان نتيجو ڪڍڻ لاءِ تاريخوار انگن اکرن
تي هلڪي روشني وجهڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳس، پر اهو ڪم
مون کي محال نظر آيو. ”گوئٽي 1832ع ۾ مئو هو، ان
صورت ۾ ”هير ايم“ ان کان اڳ مئو هوندو، ”هير ايم“
ان وقت صفا جوان هو، اها به اعتبار جوڳي ڳالهه آهي
ته هو ان وقت ارڙهن سالن جو هو، مون کي گهڻي پڪ نه
آهي پر بهرحال اسان ڪهڙي عمر ۾ هئاسين، ان ڪري
منهنجي سموري ڳڻپ، اڻ چٽائيءُ ۾ پگهرجي وئي. اتفاق
سان اهو حملو ”گوئٽي“ جي ”فطرت“ تي لکيل مشهور
مضمون تي مشتمل آهي.“
اسان هن خواب ۾ ”هڪ اڻوڻندڙ ڳالهه جي جواز ڏيڻ
واري طريقي کي“ جلدي ڳولهي سگهون ٿا.“ ”هير ايم“
کي مان سڃاڻان ٿو (ميز جي چوگرد ويٺل ساٿي). گهڻو
عرصو نه ٿيو آهي جو هن مون کي پنهنجي ڀاءُ جي چڪاس
لاءِ چيو هو، جنهن ۾ هن ”عام قسم جي اڌرنگ“ جون
علامتون ڏٺيون هيون. هن جو شڪ درست هو، پر هن جي
اچڻ واري موقعي تي، گفتگو دوران هڪ غيرواجبي واقعو
پيش آيو. مريض پنهنجي ڀاءُ کي پنهنجي نوجوانيءَ جي
نادانين تي ڳالهائڻ کان روڪي رهيو هو. مون ڳالهه
بدلائي کانئس ڄمڻ جو سال پڇيو، ته جيئن مختصر حساب
لڳائي کيس سمجهائي سگهان ته ان جي ذهني ياداشات جي
ڪمزوريءَ جو ڪهڙو سبب آهي! پوءِ به هو ان ڳالهه تي
بضد هو ته هو بلڪل چڱو ڀلو آهي. ان حوالي سان مان
خواب ۾ پنهنجي ئي اڌرنگ جي وِساري واري ارڪان جو
رويو پئي ڏيکاريو: (ته هو ان وقت ارڙهن سالن جو
هو، مون کي گهڻي پڪ نه آهي پر بهرحال اسان ڪهڙي
عمر ۾ هئاسين، ان ڪري منهنجي سموري ڳڻپ، اڻ
چٽائيءَ ۾ پگهرجي وئي.)
خواب جي مواد جو ٻيو حصو وري ويجهڙائيءَ واري
واقعي مان جُڙيو آهي: ”طب متعلق هڪ رسالي جي
ايڊيٽر سان منهنجا سٺا دوستاڻا تعلقات هئا، هن
منهنجي برلن جي هڪ دوست ”ايف“
(Fliess)
جي آخري ڪتاب جي هڪ مضمون تي سخت ناگوار جملن سان
جُلهه ڪري ڄڻ سندس شخصيت کي چيڀاٽي
(Crush)
ڇڏيو هو. تنقيد هڪ نوجوان تبصري نگار ڪئي هئي،
جنهن جي سوچ ۽ راءِ تمام معمولي سطح جي هئي. ان
ڪري مون خيال ڪيو ته ان جي خلاف هڪ مضمون لکي ان
دوست ايڊيٽر کي ڏيان، پر ٿيو ائين جو هن منهنجي
مضمون شايع ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، پر مون
دانشمنديءَ کان ڪم وٺندي کيس خط لکيو ته: ”اهڙين
ڳالهين جي ڪري اسان جي وچ ۾ تعلقات تي اثر نه پوڻ
گهرجي.“ (هن جو ڪفن دفن ”گوئٽي“ تي ڪو اثر ڇڏيندڙ
نه هو).
خواب جي مواد جو ٽيون حصو، منهنجي هڪ مريضه جي
ڀاءُ جي سلسلي سان وابستا آهي، جيڪو ذهني بيماريءَ
۾ مبتلا هو: (فطرت) ۽ ڊاڪٽرن جو چوڻ هو ته: هن جي
دماغي خلل جو سبب ”گوئٽي“ جي ”فطري اڀياس/نظريي“
جو مضمون آهي. منهنجو پنهنجو خيال اهو ته ماڻهن ۾
جنسي معلومات جي ڪمي آهي، انڪري انهن جو لاڙو گهڻو
جنس پرستيءَ ڏانهن ٿئي ٿو، ۽ ثابت به ائين ٿيو! ته
مريض جي پنهنجي عضوي ڏانهن رغبت گهڻي هئي: (هو ان
وقت ارڙهن سالن جو هو).
مان اها ڳالهه به هتي ڪرڻ ضروري ٿو سمجهان ته
”فليس“ جي جنهن ڪتاب تي سخت قسم جي تنقيد ٿي هئي،
ته ان تي عجب کائڻ به فطري هو، ۽ ان جي جواب ۾
مضمون لکڻ لاءِ تاريخوار تفصيل گڏ ڪرڻ به ضروري
هئا: (مان نتيجو ڪڍڻ لاءِ تاريخوار انگن اکرن تي
هلڪي روشني وجهڻ لڳس).
هن خواب ۾ معاملن کي ”ابتڙ“ انداز ۾ پيش ڪرڻ جا
گهڻائي مثال موجود آهن. مثال طور: جيڪڏهن چئجي ته
گوئٽي ان نوجوان تي حملو ڪيو ته غلط ٿيندو پر
جيڪڏهن چئبو ته نوجوان ”گوئٽي تي حملو ڪيو ته درست
ٿو لڳي، ڇاڪاڻ ته ”گوئٽي“ امر آهي، پر مان ته
تحقيق جي سلسلي ۾ ”گوئٽي“ جي گذاري وڃڻ جي سال تي
پئي سوچيو.
( 9 )
خوابن ۾ ڏاهپ واريون سرگرميون
INTELECTUAL ACTIVITY IN DREAMS
منهنجي هيءَ ٻي ذميواري آهي ته مان اهو ثابت ڪريان
ته: ”خواب جو ڪم“ انهن ٽن عنصرن جي ميلاپ تي ئي
ٻڌل آهي، جيڪي موضوع مطابق چئن حالتن جي سنٻنڌ سان
”خواب جي ڪم جي ترجمي“ ڪرڻ کانسواءِ ڪو ٻيو مخصوص
ڪم نه کڻي ايندا آهن. سوال اهو ئي آهي ته يا ته
ذهن ئي پنهنجي سموري ڏاهپ، فطري مهارت تي ٻڌل سگهه
يا صلاحيت سان خوابن کي هلائي ٿو يا رڳو ڏاهپ جي
انهن شعبن جي حصن ذريعي، غلط سانچو ٿو گهڙي يا
حقيقتن کي مسخ ٿو ڪري!
هن مهل تائين اسان ڪيترائي خواب بحث هيٺ آندا آهن،
جن ۾ متن جي ساڃاهه ڪنهن هڪ جاءِ يا حالت مان ٻي
جاءِ يا حالت ۾ وڃڻ، حصن ۾ ورهائڻ، پري هليو وڃڻ،
تنقيد ڪرڻ يا تعريف جو اظهار ڪرڻ وارن عنصرن تي
روشني وڌي آهي، ته اهي خواب جي ڪجهه مخصوص عنصرن ۾
ڪيئن نه عجب جهڙو احساس پيدا ڪن ٿا، ۽ انهن لاءِ
وضاحتن ڏيڻ جي ڪوشش به ڪئي وئي آهي ۽ جوازن جي
سيڙپڪاري به ڪئي وئي اهي. مان هاڻي اها ڪوشش ڪندس
ته انهن اٿيل اختلافن جي حوالي سان چند حقيقتن کي
پيش ڪريان، جنهن لاءِ مون ڪجهه مثالن جي چونڊ ڪئي
آهي.
منهنجو جواب (مختصر طور تي) هن ريت آهي ته: خوابن
۾ جيڪا به شيءِ، ساڃاهه يا فتويٰ جي طور تي ظاهري
سرگرميءَ جيان پيش ٿئي ٿي، اها ”خوابي ڪم“ جي ڪا
ڏاهپ واري مهم يا ڪاريگري نه ليکبي، پر ان کي
”خوابي خيالن“ جي ”مواد جي ميڙي چونڊي“ چئبو، جيڪا
ڪنهن ٺهيل ٺڪيل اڏاوت جيان کڄي اچي، خواب جي پيشڪش
واري مواد تائين پهچي ٿي.
مان ان ڳالهه جو حوالي اڳتي به ڏيندس، ڇاڪاڻ ته
فيصلو وري به ”جاڳڻ کانپوءِ“ ٿيندو آهي، ۽ اهو به
ان خواب جو جيڪو ياد رهجي ويندو آهي، ۽ ڪي احساس
مرتب ڪندو آهي ۽ خواب جي هڪ حصي کان وٺي ان جي
وسعت ۾ جيڪو به لڪل مواد هوندو آهي، اهو تشريح جي
ذريعي ئي سمجهه ۾ ايندو آهي.
(
i
)
باب ڇهين: ”خواب جي عمل“ جي حصي ٽئين: ”خوابن ۾
نمائندگيءَ جي مقصد“ ۾ مان هڪ حيرت انگيز مثال ڏئي
آيو آهيان، (اهڙو ٻيو مثال ان کان اڳ ۾ به ڏنو
اٿم) جنهن ۾ هڪ مريضه عورت پنهنجي خواب ٻڌائڻ کان
انڪار ڪيو هو، ڇاڪاڻ ته اهو ايترو واضع نه هو ته
”خواب ۾ هن جنهن مرد کي ڏٺو هو اهو سندس مڙس هو يا
سندس پيءُ هو.“ ان کان پوءِ سندس خواب جو هڪ ٻيو
حصو اهو هو، جنهن ۾ هڪ ”گند جي ٽوڪري“
(Misttrugerl- Dust-bin)
ظاهر ٿي هئي، جنهن کيس ڪا يادگيري ڏياري ڇڏي هئي،
ته جڏهن هن پنهنجي گهر کي پهريون ڀيرو سينگاريو هو
ته هڪ موقعي تي ڪنهن نوجوان، مائٽن جي موجودگيءَ ۾
ساڻس مذاق ڪيو هو ته: ”مان سڀاڻي ”گند لاءِ ٽوڪري“
وٺي اينديس.“ پر ٻئي ڏينهن تي اهو نوجوان جڏهن
سندس گهر آيو ته ”گند جي ٽوڪريءَ“ ۾ نيلوفر جا گل
وجهي آيو هو.
هن خواب جو اهو ننڍڙو حصو جرمني زبان جي هڪ
چَوڻيءَ جي نمائندگي ڪري ٿو:
(Nicht auf meinen Mist gewachsen)
”ٻوٽو منهنجي ڀاڻ تي وڏو نه ٿيو آهي.“ جنهن جو
مطلب آهي ته: ”ان معاملي ۾ مان ذميوار نه آهيان.“
يا ”اهو منهنجو مسئلو نه آهي.“
جڏهن تجزيو مڪمل ٿي ويو ته اهو واضح ٿيو ته ”خوابي
خيالن“ جو تعلق اصل ڪهاڻيءَ جي ڇڏيل اثرن سان هو،
جيڪو خواب ڏسندڙ پنهنجي نوجوانيءَ ۾ ٻڌو هو ته:
”هڪ ڇوڪريءَ کي ٻار ڪيئن ٿو ٿي سگهي، يا اهو ڪيئن
ثابت ڪجي ته ان ٻار جو اصل پيءُ ڪير آهي؟“
ان جو مطلب اهو ٿيو ته هتي خواب، جاڳ واري حالت جي
خيالن جي نمائندگي ڪئي آهي، ۽ فيصلو به جاڳ واري
حالت منجهان خواب ۾ پيش ٿيو آهي.
(
ii
)
هي به ساڳئي قسم جو معاملو آهي. منهنجي هڪ مريض
خواب ڏٺو، جنهن منجهس دلچسپيءَ وارو اثر پيدا ڪيو،
ننڊ مان جاڳڻ کان پوءِ هڪدم هن پاڻ کي چيو: ”مان
ڊاڪٽر کي ضرور ٻڌائيندس ته...“
هن خواب! تشريح کي ۽ جنسي لاڳاپن واري صحبت جي
تصور کي، چٽو چٽو ڪري پيش ڪيو، ڇاڪاڻ ته علاج
دوران هن دل ۾ اهو پڪو پهه ڪيو هو ته ڊاڪٽر کي نه
ٻڌائيندس.
(
iii
)
هي ٽيون مثال مان پنهنجي تجربي منجهان ٿو ڏيان:
”مان ”پ“ سان گڏ اسپتال پئي ويس، ان ضلعي جي پاسي،
جتي گهر ۽ باغ هئا، ساڳئي وقت مون کي گمان ٿيو ته
خوابن کان اڳ ۾ مان گهڻو ڪري هن ضلعي ۾ اڳ به آيو
آهيان. مون کي رستي جي پوري سُڌ ڪانه هئي، هن مون
کي رستو ٻڌايو ته اڳيان ڪنڊ تي هڪ رهڻ ۽ کاڌي وارو
هوٽيل آهي (اندر بند آهي، ڪو کليل باغ نه آهي)،
تڏهن مون کانئس ”فرائو ڊوني“
(Frau
Doni)
متعلق پڇيو ته هن ٻڌايو ته هوءَ پويان هڪ ننڍي
ڪمري ۾ پنهنجي ٽن ٻارن سميت رهندي آهي. مان ان
ڏانهن وڃڻ لڳس، پر مان اتي اڃان پهتس مس ته صفا
منهنجي ٻن ڌيئرن جهڙيون ڇوڪريون مليون، مان انهن
سان ٿوري دير بيٺس، پوءِ مان انهن کي پاڻ سان
انڪري وٺي آيس، ته جيئن مان پنهنجي زال کي ڪا ڇينڀ
ڪڍان ته هنن ٻارڙين کي ائين ڇو ڇڏي ڏنو هيهءِ.“
جڏهن جاڳيس ته مون پاڻ کي نهايت مطمئن محسوس ڪيو،
ان جو سبب اهو هو ته مون پاڻ کي وضاحت پئي ڏني ته:
”مون اهڙو خواب اڳ ۾ ڏٺو آهي.“
مزي جي ڳالهه ته تشريح يا تجزيي مون کي ان قسم جي
ڳالهه سيکاري ئي نه آهي، ته پوءِ خواب، منهنجي لڪل
مواد مان ڪهڙي ڳالهه ظاهر ڪرڻ ٿي گهري! ۽ نه ئي ان
تي ڪو فيصلو ڏنائين؟
منهنجي شاديءَ جي اهميت اها هئي ته مون کي ٻار
ٿيڻا هئا، ۽ ”پ“ اهو ماڻهو هو جنهن سان منهنجي
زندگيءَ جو هڪ وڏو عرصو! ٻنهي صورتن ۾ سماجي توڙي
مادي طور گڏ گذريو هو، پر سوچڻ جي ڳالهه اها آهي
ته ڪهڙي ماڻهوءَ ٻارن جي خواهش کان سواءِ شادي ڪئي
آهي! هن خواب جي مڪمل تشريح ته ان جي ڪا معنيٰ اخذ
ڪانه ٿي ڪري، البت ٻه واقعا خواب جي خدمت ۾ ضرور
پيش ٿيا آهن:
هڪ ڏينهن اڳ ۾ مون اخبار ۾ ”فرائو ڊونا“
(Frau Dona)
جي مرڻ جي خبر پڙهي هئي، جيڪو خواب ۾ ”فرائو ڊونا“(Frau
Dona)
جي صورت ۾ تبديل ٿي ويو. ”ڊونا“ جو موت ”ويم“
دوران ٿيو هو ۽ منهنجي زال ٻڌايو هو ته: ”هن جي
سارسنڀال ساڳيءَ دائيءَ پئي ڪئي، جنهن مون (فرائيڊ
جي زال) کي ٻه ٻار ڄڻايا هئا. ”ڊونا“ جو نالو مون
تي ان ڪري اثرانداز ٿيو جو ڪجهه عرصو اڳ ماڻ ساڻس
هڪ انگريزي ناول جي سلسلي ۾ مليو هوس.
خواب کي ٻيو واقعو ان ساڳئي ڏينهن جي ذريعي هٿ لڳو
هو، جيڪو منهنجي وڏي پٽ جي جنم ڏينهن واري رات تي،
شاعراڻن تحفن کي ڏسي سرهو پئي ٿيو.
(
iv
)
مان ان ڏينهن به ساڳيو اطمينان محسوس ڪيو هو، جڏهن
مون پنهنجي پيءُ جي تاتاري نسل جي وچ ۾
(”گاريبالدي“Garibaldi
جي مرڻ کان پوءِ) سياسي ڪردار ادا ڪرڻ وارو
منجهيل قسم جو خواب ڏٺو هو، ان وقت جو احساس خواب
جي آخري حصي سان سلهاڙيل هو:
”مون کي ”گاريبالدي“(Garibaldi)
ياد آيو، جيڪو پنهنجي موت جي بستري تي به خوش هو
ته هن جو ڪيل وعدو سچو ثابت ٿيو.“ (هي ان احساس جو
تسلسل هو، جيڪو مون کان وسري ويو هو). هاڻي تشريح
مون کي ان قابل بڻايو آهي ته مان پڪ سان چئي سگهان
ٿو ته خواب ان خال کي ڀرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. مان
پنهنجي وڏي پٽ جو حوالو به شامل ڪرڻ ٿو چاهيان،
جنهن تي مون پهرين ڀيري تاريخي ناليواري شخصيت
وارو نالو”ڪروم ويل“(Cromwell)
رکيو هو، جيڪو مون کي ننڍي هوندي کان وڻندو هو،
خاص طور تڏهن کان، جڏهن کان مان انگلينڊ آيو هوس.
ٻار جي ڄمڻ کان هڪ سال اڳ ۾ ئي مون ذهن ۾ ويهاري
ڇڏيو هو ته هاڻي جيڪڏهن مون کي پٽ ڄمندو ته ان جو
نالو مان اهو رکندس ۽ مون کي ان خيال تي ڏاڍي
سرهائي محسوس ٿي هئي. ان حوالي سان اوهان ڏسي سگهو
ٿا ته پيئرن
(Fathers)
جو اندر ۾ دٻايل احساس برتري، ”ميگالومانيا“
(Megalomania)
(ماڻهو جي پنهنجي صلاحيت يا فرضي ڪارنامن جي
احساس ۾ مبتلا ٿيڻ) ڪيئن نه پنهنجي ٻارن جي خيالن
۾ منتقل ٿي وڃي ٿو ۽ اها ڳالهه يقيني نظر اچي ٿي
ته اهو به انهن مان هڪڙو رستو آهي، جنهن ۾
دٻايل/دٻجي ويل اهي احساس حقيقي حياتيءَ ۾ اهميت
سان شامل رهن ٿا ۽ پوءِ اهي خوابن ۾ پيش ٿيڻ لڳن
ٿا.
(
v
)
هاڻي مان ”ساڃاه ۽ فتويٰ“ جي حوالي سان غور ڪيل
تاثرات ڏانهن موٽي ٿو اچان، جيڪي خواب جي پاسي پاڻ
گذاريندا آهن، پر جاڳ جيون ۾ انهن جي منتقل ٿيڻ جي
عمل ۾ تسلسل نه هوندو آهي. انهن جي متعلق مثالن کي
ڏسڻ لاءِ اوهان منهنجي هن ذميواريءَ ۾ منهنجي
رهنمائي ضرور ڪجو ڇاڪاڻ ته مان خوابن جي مقصد کي
ڪنهن ٻئي رخ سان ڏسڻ لڳو آهيان.
”گوئٽي“ جي ”هَير“ تي حملي متعلق سموري خواب ۾
”ساڃاهه“ وارو عمل آيل آهي:
”مان نتيجو ڪڍڻ لاءِ تاريخوار انگن اکرن تي هلڪي
روشني وجهڻ جي ڪوشش ڪڻ لڳس.“ ۽ اهو هڪ بگڙيل ۽
اجايو خيال هو ته ”گوئٽي“ منهنجي ڪنهن واقف نوجوان
ڇوڪري تي ادبي حملو ڪيو آهي.
”هو ان وقت ارڙهن سالن جو هو.“
اهو آواز خود ڳڻپ جي سلسلي ۾ ٻيهر ٻاهر آيو آهي
ته: ”مون کي گهڻي پڪ نه آهي، پر بهرحال اسان ڪهڙي
عمر ۾ هئاسين.“
انهن سمورن جملن منجهان اسان کي هڪ غير يقيني ۽ شڪ
واري صورتحال نظر ٿي اچي.
اهڙيءَ ريت اهي سڀ ”ساڃاهه“ جا عمل آهن، جيڪي خواب
۾ جڙيا آهن، پر تشريح اهو ٿي ظاهر ڪري ته: ”انهن
جا لفظ جيڪي خواب جي تجزيي ۾ بنهه اڻٽر ٿين ٿا،
جيتوڻيڪ ساڳئي وقت هرهڪ اجايو خاڪو يا مناسب نشان
هٽي ويندو آهي، پوءِ به ٿي سگهي ٿو ته ان روشنيءَ
۾ ڪنهن ٻئي رستي سان کنيل هجن. ان جملي: ”مان
نتيجوڪڍڻ لاءِ تاريخوار انگن اکرن تي هلڪي روشني
وجهڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳس.“ مون کي پنهنجي دوست ”فليس“
جي جاءِ تي اچي بيهاريو، جنهن واقعي زندگيءَ جي
تاريخوار انگن اکرن کي ڳولهڻ جي ڪوشش پئي ڪئي.
پروڙ/قطعي فيصلي جي حوالي سان زوريءَ کسڻ واري
خاصيت وارو اهو جملو، پوئين ۽ پيش ٿيندڙ کل جهڙي
جملي جي خلاف احتجاج طور پيش ٿيو هو. وچ ۾
ٽنبڻ/ٽنبجڻ وارو جملو: ”پر اهو ڪم مون کي محال نظر
آيو.“ تنهن کان پوءِ واري جملي سان وابستا هو.
”پر اهو ڪم مون کي محال نظر آيو.“ وارو جملو مان
گهڻو ڪري ڳالهه کي مختصر ڪرڻ لاءِ ان مريض عورت کي
چوندو رهيو آهيان، جنهن پنهنجي ڀاءُ جي معاملي جي
تاريخ/تفصيل ٻڌائي هئي، ڇاڪاڻ ته جنسي رجحان ان
مريض جي فطرت
(Nature)
۾ شامل هو جنهن ڪري مون کي ائين چَوڻو ٿي پيو، ان
۾ ”گوئٽي“ واري ڪتاب جو تعلق نه هو. اهو سچ آهي ته
هتي اهو ”فيصلو“ گذري ويو، خواب ۾ نه پر حقيقت ۾!
۽ خاص طور ان وقت جڏهن اهو ”خوابي خيالن“ ۾ ميڙجي
سيڙجي گڏ پئي ٿيو ته غير واجبي فائدي جي لاءِ ٻين
کان ڪم ڪرائڻ واري چڪر ۾ پئجي ويو، ۽ خواب جي متن
ان ”فيصلي“ کي ائين ئي کڻي ورتو جيئن هو ”خوابي
خيالن“ جي ٽوڙيل يا اڻ پورن حصن کي کڻندو آهي.
18 جي عدد، سان خوابن ۾ ”فتويٰ يا قطعي فيصلي جو
خواب ۾ تعلق بنهه احمقپڻي تي ٻڌل آهي، ۽ جيڪو
عبارت جو حقيقي طور تي ذهن نشين ٿيل/ ڇڏيل نشان
آهي، ان منجهان ان فيصلي جو ڪاغذ ڦاڙيو ويو آهي.
خوابن ۾ ”فتويٰ يا فيصلي“ بابت ظاهري طور ڪهڙا
قرارداد عمل ۾ اچڻ گهرجن، جن تي اسان کي ياد ڏيارڻ
جا اصول جوڙيل هجن! (اهو بحث اسان باب ٻئي: ”خوابن
جي تعبير جي طريقي“ جي شروع ۾ ئي ڪري آيا آهيون)
ٻئي پاسي جيتوڻيڪ اهو مشاهدو ٿيو آهي ته ”نفسياتي
قوت“ ئي خوابن ۾ ڪم ڪندي آهي، جيڪا ان ڳانڍاپي جي
نهايت واضع طور تي تخليق ڪندي آهي، جنهن لاءِ ائين
چئجي ته: ”اها قوت، ان مواد کي ”نظرثاني“ ڪرڻ لاءِ
اڳتي اماڻيندي آهي، جيڪو مواد ”خوابي ڪم“ جي ذريعي
پيدا ٿيندو آهي. اها ئي اسان کي ”وضاحت جي وسيلي“
جي آمهون سامهون آڻي بيهاريندي آهي، جنهن جي اهميت
جي باري ۾ ۽ خاص طور ”خواب جي جڙڻ واري عمل ۾
چوٿين عنصر جو ذميداريءَ سان ڏنل فيصلو“ اسان
اڳيان باب ڇهين: ”خواب جو عمل“ جي حصي ڏهين:
”ثانوي نظرثاني“ ۾ لکيو آهي.
(
vi
)
هتي خوابن ۾ ”فيصلائتي طريقي“ جا ڪجهه ٻيا مثال به
پيش ڪجن ٿا، جيڪي مون اڳ ۾ ئي جمع ڪري رکيا آهن.
کل ڏياريندڙ، يا بگڙيل خواب ۾ منتقلي يا مٽ سٽ جو
مثال مون ”ٽائون ڪائونسل“ واري خواب ذريعي پئي ڏنو
ته: مون کانئس پڇيو، ”ڇا تون ان کان پوءِ جلد ئي
شادي به ڪندين؟ مون ڳڻپ ڪئي ته مان واقعي 1856ع ۾
ڄائو آهيان، جيڪو بدليل نظر پئي آيو.“ اهو سمورو
هڪ منطقي نتيجي جي ڪپڙي ۾ ويڙهيل هو. منهنجي پيءُ
1851ع ۾ شادي ڪئي هئي ۽ هن جي انتقال کان پوءِ مان
ئي خاندان جووڏو ڀاتي هوس ۽ 1856ع ۾ ڄائو هوس، ۽
جيئن ته اسان ڄاڻون ٿا ته اهو ڪوڙ بدوڙ وارو نتيجو
هو جيڪو خواهش جي پورائي واري دلچسپيءَ سبب گهڙيو
ويو هو، ۽ خوابي خيال فوقيت وچان ڊوڙي آيو ته:
”چئن يا پنجن سالن جو عرصو ڪو گهڻو وڏو ته نه آهي،
اهو ڳڻپ ۾ ته نه ٿو اچي.“
جهڙيءَ ريت خوابي خيال ان جي رخ جو تعين ڪندا آهن
ته ان صورت ۾ منطقي نتيجن جي ترتيب جو هر قدم
پنهنجي متن ۽ جوڙجڪ ۾ ڪنهن ٻئي انداز سان به وضاحت
ڪري سگهي ٿو. اُهو اُهو مريض هو، جنهن جي متعلق
منهنجي ساٿيءَ جي ڊگهي تجزيي، سارو معاملو منجهائي
ڇڏيو هو. هن فيصلو ڪري ڇڏيو هو ته علاج جي ختم ٿيڻ
سان ئي هو شادي ڪري وٺندو. خواب ۾ پنهنجي پيءُ سان
منهنجو سوال جواب هڪ قسم جي پڇاڳاڇا يا امتحان هو،
۽ مون کي يونيورسٽيءَ جي پروفيسر جي ياد پڻ ڏياري
رهيو هو، جنهن پنهنجي شاگرد کان صفا ٿڪائيندڙ
تفصيل پئي ورتا، ۽ جنهن شاگرد پاڻ کي هن جي تقريرن
ٻڌڻ لاءِ آماده ڪيو هو.
اهڙيءَ ريت خواب ۾ نتيجو ظاهر ڪندڙ تصوير، ان جي
ورجاءَ واري عمل کان سواءِ ڪا ٻي معنيٰ نه ٿي رکي،
جيڪا خوابي خيالن جي مواد جي هڪ ٽڪري جيان ظاهر
ٿئي ٿي. ان ۾ ڪجهه نئون به شامل ٿئي ٿو. جيڪڏهن
نتيجو يا نچوڙ خواب جي متن ۾ ظاهر ٿئي ٿو ته پوءِ
اهو سوال نه ٿو اٿي ته اهو خوابي خيالن منجهان آيو
آهي، پر ائين ٿي سگهي ٿو ته اهو يادگيرين ۾ گڏ ٿيل
مواد جو ڪو ٽڪرو هجي، يا اهو منطقي ڪَڙين ۾ خوابي
خيالن جو هڪ پورو سلسلو ڳنڍيل هجي، بهرحال ”خوابن
۾ نتيجي جو ظاهر ٿيڻ“ خوابي خيالن ۾ ”نتيجي جي
موجودگي“ ئي ڪارڻ هوندو آهي.
ان نڪتي تي مان اهو به چوندس ته اهي ”پنج سال“
طبي تعليم سان وابستا آهن، ۽ جيڪي هيڏي ساري موضوع
لاءِ تعليم جو تمام گهٽ عرصو آهي، خود مون کي
پنهنجي ڪم ۾ ڪيترائي سال لڳي ويا آهن، جڏهن ته مون
طبي تربيت جو نتيجي کي جلد ڏسڻ ٿي چاهيو.
ساڳئي خواب جو ابتدائي حصو ڪجهه جملن تي مشتمل
آهي، جيڪو ”دليل“ جي نالي کي ئي ٿو ٿڏي ڇڏي، اهو
دليل حالانڪ کل جهڙو يا بيهودو نه آهي، پر اهو ٿي
سگهي ٿو ته جاڳ واري حالت ۾ آيل خيال هجي: ”مون
خواب ۾ اڃان تائين ٽائون ڪائونسل طرفان آيل اطلاع
متعلق گمان پئي ڪيو. پهرين ڳالهه اها آهي ته مان
1851ع ۾ هن دنيا ۾ ئي ڪونه آيو هوس، ۽ ٻي ڳالهه ته
جنهن معاملي سان منهنجي پيءُ کي وابستا ڪيو ويو هو
ته اهو ته اڳ ۾ ئي گذاري ويو هو.“ اهي ٻئي بيان
پنهنجي جاءِ تي نه رڳو درست آهن پر اهي اصل دليل
سان به هوبهو متفق آهن.
منهنجي ويجهڙائيءَ واري تشريح ٻڌائي ٿي ته: ”خواب
منهنجي انتهائي گهري ڇڪتاڻ ۽ کل جهڙي خوابي خيالن
مان اُڀري آيو هو.“ ۽ اسان جيڪڏهن اهو فرض ڪري
وٺون ته جيڪڏهن ڇنڊڇاڻ/ڪاٽ ڪوٽ جي سرگرميءَ وٽ ڪي
طاقتور سبب/دليل موجود هوندا ته اسان اهو سمجهي
سگهون ٿا ته خوابي ڪم جي هر سرگرميءَ جي به کل
جهڙين صلاحن کي، غلط ثابت ڪرڻ جي نيت هوندي، ڀلي
ته اها خوابي خيالن ۾ ڪنهن اهڙي مثالي نموني تي
مشتمل هجي جنهن کي تجزيي يا مشاهدي طور پيش ڪري
سگهجي.
تجزيي مان اهو ٿو ظاهر ٿئي ته خوابي ڪم کي ايتري
آزادي نه آهي ته هو برابريءَ جي بنياد تي فيصلو
ڪري پر اهو مقصد جي حاصل ڪرڻ لاءِ خوابي خيالن جي
مواد کي استعمال ڪرڻ جي خدمت ائين سرانجام ڏيڻ ۾
رڌل رهندو آهي، جيئن اکرن جي ڳڻپ جي علم
(Algebra)
۾ برابري، وزن، مقدار يا مفاصلي لاءِ جوڙ، ڪٽ جي
نشانين ۽ عددن جو سرشتو جُڙيل هوندو آهي، ته ان کي
سمجهڻ هڪڙي ڳالهه آهي، ان جو نقل ڪرڻ ٻي ڳالهه
آهي، ۽ ظاهر آهي ته نقل ڪرڻ واري کي انهن نشانين ۽
علامتن مان جواب ڪڍڻ مشڪل ئي ٿي پوندو.
خواب جي متن ۾ اهي ٻئي دليل ته انهيءَ گذريل مواد
مان ڳولهي سگهجن ٿا، پر منهنجي لاءِ ائين سوچڻ
نهايت تڪليف رسائيندر آهي ته ڪجهه حدون اهڙيون به
آهن جيڪي اعصابي خلل
(Psychoneurosis)
جي سلسلي ۾ شڪ پيدا ڪندڙ ۽ جلد جوش ۾ اچڻ واري يا
کل ڏياريندڙ موجود پر نظر نه ايندڙ حالتن جي
وضاحتن ڪرڻ کان روڪين ٿيون. مثال طور مان اهو فرض
ٿو ڪريان ته منهنجي زندگيءَ جي ٻئي سال وارا
اثر/تاثر يا خود پهرين سال وارا به، مون تي
اثرانداز ٿيا هوندا، جيڪي مون کي ياد ڀلي نه ايندا
هجن پر اهي ميڄالي ۾ ته رکيل/گڏ ٿيل ئي آهن نه،
جنهن لاءِ ائين بهرحال چئي سگهجي ٿو ته اهي متحرڪ
يا زندهه نه آهن.
(
vii
)
”خوابن ۾ تقريرن“ واري حصي ۾ پوڙهي پروفيسر
”بروڪي“ جو ذڪر آيل آهي:
”هن مون تي تمام وڏي ۽ عجيب ذميداري عائد ڪئي هئي،
جيڪا منهنجي پنهنجي جسم جي هيٺين ڌڙ واري حصي جي
وڍ ڪٽ متعلق هئي ۽ مان پنهنجي ڍونگري
(Pelvis)
۽ ٽنگن کي وڍ ڪٽ واري هال ۾ اڳي ئي ڏيکاري چڪو
هوس، پر ڪنهن ڊيڄاريندر خيال کان نه! لوئيس اين
(Louis N)
منهنجي ڀرسان بيٺل هو ۽ منهنجي چڪاس ڪري رهيو هو.
هن منهنجي ڍونگري منجهان آنڊا گونڊا ڪڍي ٻاهر
رکيا، پوءِ هن ڏٺو ته ننڍو ۽ وڏو آندو پاڻ ۾ ملي
ويا هئا، جتي هڪ هلڪي گلابي ڦرڙي
(Protuberance)
نڪتل هئي، (جنهن خواب ۾ هڪ وڏي رت ڳڙي
(Hemorrhoids)
متعلق سوچ ڏني) جنهن جي مٿان اڇو مڇيءَ جي ڇلر
جهڙو تهه چڙهيل هو، جنهن کي هن احتياط سان لاٿو
هو، ۽ مون کي ڳوٺ
(Town)
اماڻي ڇڏيو هو. جيئن ته مان ٿڪل هوس ان ڪري مون
سفر لاءِ پنهنجي لاءِ هڪ الڳ گاڏيءَ جو بندوبست
ڪيو (ٽائون ڪائونسل جي هڪ گاڏي مون کي کٽڻڻ آئي)،
منهنجي لاءِ عجب جهڙي ڳالهه اها هئي ته ان گاڏيءَ
مون کي گهر تائين ته پهچايو، پر اها گهر ۾ اندر
گهڙي وڃي ٻاهرين پڌر تي نڪتي، ڇاڪاڻ ته مان هيٺين
فليٽ ۾ رهندو هوس جنهن جو دروازو به کليل هو ۽
گاڏي به ٻاراڻي گاڏڙي وانگر، هٿن سان جهلي هلائڻ
واري هئي. ان سموري سفر جي حوالي سان مان مختلف
قسم جا نظارا ڏسندو آيس.
پڌر سمورو گپ سان ڀريو پيو هو، منهنجي ٽنگن جي
تڪليف جي ڪري گاڏي واري مون کي پاسي واري ڪنڊ تي
اچي لاٿو. اتي ڪي ماڻهو هڪ ڳاڙهي هندستانڻ يا ڪنهن
رولو عورت جي چوگرد ويٺل هئا. مان انهن جي پاسي
کان ۽ گپ کان پاڻ بچائيندي، پنهنجو رستو ٺاهي،
اڳتي وڃڻ لڳس ته وڍ ڪٽ جي باوجود مون کي پنهنجي
چاق چڱي ڀلي هجڻ جو احساس ٿيڻ لڳو. آخرڪار مان هڪ
ننڍي ڪاٺين جي گهر تائين پهتس جنهن جي پڇڙيءَ تي
هڪ ڏرڙ به هو. منهنجي رهنمائي ڪندڙ مون کي به
ڪاٺيءَ جا تختا آڻي ڏنا، جيڪي هن ڏرڙ وٽ رکيا،
تڏهن مون کي خيال آيو ته منهنجي ٽنگن ۾ ايتري طاقت
ته نه آهي جو تختن تي چڙهي، هن ڏرڙ جي وٿيءَ مان
ٽپي وڃان، ان وقت مان واقعي پنهنجي ٽنگن جي ڪري
ڊڄڻ لڳس پر ان سوراخ مان ٽپي وڃڻ جي اميد رکڻ وقت
مون ڏٺو ته ان ٽُنگَ جي ٻاهران ڪاٺيءَ جي ديوار کي
ٽيڪ لڳايو ڪي ٻه نوجوان شخص ويٺل هئا، ۽ سندن ڀر ۾
ٻه ٻار به ستل هئا. مون کي ڏرڙ مان ٽپي وڃڻ هونئن
ته ڏاڍو ڏکيو پئي لڳو پر مان انهن ٻن ٻارن جي ڪري
انهيءَ مان ٽپي وڃڻ ٿي چاهيو، ۽ ائين مان ننڊ مان
جاڳي پيس، جاڳيس ته ڀنواٽيون پئي آيون.“
جيڪڏهن ڪنهن شخص کي ”خوابن جي ڪاٽ ڪوٽ“ متعلق
معمولي معلومات به هوندي ته اهو هن خواب جي متعلق
آسانيءَ سان تصور ڪري سگهندو ته هن جي تشريح کي
مڪمل ڪرڻ لاءِ ڪيترا نه کوڙ ساترا ڪاغذ ڪارا ڪرڻا
پوندا! خوشقسمتيءَ سان، بهرحال هن موجوده
عبارت/تحرير مان رڳو هڪڙو نڪتو کڻندس، جيڪو خوابن
۾ حيران ڪندڙ يا عجب ۾ وجهندر مثال کي مهيا ڪري
ٿو، جيڪو وچ ۾ ٽنبڻ/هٿ چراند يا ناجائز اندراج
(Interpolation)
واري عمل جو اظهار ڪري ٿو: ”نهايت عجيب.“
هن خواب جو واقعو ”لوئيس اين“(Louis
N)
سان وابستا آهي، جيڪا خوابن جي سلسلي ۾ منهنجي
مددگار جي حيثيت ۾ مون سان گڏ ڪم ڪندي هئي، ان مون
کي سڏيو هو.
”مون کي ڪجهه پڙهڻ لاءِ ڏيو.“ هن چيو.
مون کيس رائيڊر هيگرڊ جو ڪتاب ”شي“(Raider
Haggard's She)
پڙهڻ لاءِ ڏنو. اهو هڪ حيران ڪندڙ ڪتاب آهي، سڄو
سارو ڪنهن لڪل معنائن سان ٽمٽار. مون کيس وضاحت
ڏيندي چيو: ”هڪ لافاني عورت! اسان جي احساسن ۽
اُمنگن جي بقا آهي....“
اتي هن مون کي ٽوڪيندي چيو: ”ان ڳالهه جي مون کي
اڳ ۾ ئي خبر آهي، تو وٽ پنهنجو ڪجهه به نه آهي؟“
”نه! منهنجو لافاني ڪم اڃا تحريري صورت ۾ نه آيو
آهي.“
ٺيڪ آهي! اسان تنهنجي انهن بنيادي ۽ هٿ ٺوڪين
وضاحتن کي تڏهن ئي سمجهڻ لڳنداسين، جن لاءِ تو
وعدو ڪيو آهي ته اهي پڙهڻ جهڙا بڻائيندس.“ چٿر
واري انداز ۾ چوڻ لڳي.
ان نڪتي تي مون محسوس ڪيو ته ڪو ٻيو شخص به آهي
جيڪو مون کي فهمائش ڪري رهيو آهي، هن جي واتان اهو
جملو ٻڌي مان خاموش ٿي ويس، تڏهن مون پنهنجي نظم ۽
ضبط تي گهري نظر وڌي ۽ پاڻ کي چيم ته ”پڙهندڙن مون
کي خوابن جي ڪتاب لکڻ لاءِ چونڊيو آهي، ۽ اهو مون
کي لکي ڏيکارڻو آهي.“
خواب ۾ جيڪا ذميداري مون تي مڙهي وئي هئي، جنهن جي
حوالي سان پنهنجي جسم جي وڍ ڪٽ وارو معاملو نظر
آيو هو، اهو منهنجي خوابن جي سلسلي سان ئي ڳنڍيل
هو، ۽ پوڙهي ”بروڪيءَ“ جو اچڻ به بلڪل درست هو،
ڇاڪاڻ ته خوابن جي تجربي واري عملي تعليم جي
ابتدائي سالن ۾ ائين ٿيو هو جو مون پنهنجي هڪ
کوجنا تي ساهيءَ دوران ٽيڪا ڪرڻ جي ايتري قدر
اجازت ڏني هئي ته ڀلي ان تي احتجاج يا ناراضگيءَ
جو اظهار ڪن، ڇاڪاڻ ته بعد ۾ مون کي اهو ليک شايع
ڪرائڻو هو.
ٻيو خيال منهنجو ”لوئيس اين“(Louis
N)
جي گفتگو ذريعي شروع ٿيو هو، ڇاڪاڻ ته هن جي گفتگو
منهنجي ذهن کي ان مواد ڏانهن موڙي وئي، جنهن طريقي
سان هن رائيڊر هيگرڊ جي ڪتاب ”شي“(Raider
Haggard's She)
جي حوالي سان مون تي ٽوڪ ڪئي هئي، جنهن جو حتمي
نتيجو ”نهايت عجيب“ ساڳئي ليکڪ جي ٻئي ڪتاب: ”دنيا
جي دل“(Heart
of the World)
ڏانهن مُڙي ويو، ۽ خواب ۾ عدد وارا عنصر انهن
ٻنهي تصوراتي ناولن منجهان آيا هئا. گپ واري ميدان
۾ جتي ماڻهو گڏ ٿيو ويٺا هئا، ۽ اهو ڏرڙ، جنهن
منجهان تختن جي سهاري ٽپي وڃڻ وارو منظر رائيڊر
هيگرڊ جي ڪتاب ”شي“ مان آيل هو. ”ڳاڙهي هندستاني
ڇوڪري ۽ ڪاٺيءَ جو گهر“ وري ساڳئي ليکڪ جي ٻئي
ڪتاب ”دنيا جي دل“(Heart
of the World)
مان آيو هو. انهن ٻنهي ناولن ۾ رهنما شخصيت
”عورت“ آهي، ۽ ٻئي ناول انتهائي ”خطرناڪ سفر“ تي
ٻڌل آهن. جيتوڻيڪ ”هوءَ“
(She)
انهيءَ جوکم واري رستي تي دليريءَ سان وڃڻ جو خاڪو
چٽي ٿي، جيڪو ان کان اڳ ۾ اڻ لڌل ملڪ جيان هو، ۽
جنهن کي ڏاڍي مشڪل سان طئي ڪيو ويو هو.
”ڄنگهن ۾ ٿڪ جو احساس“ جيڪو مون کي خواب ۾ پئي
ٿيو، اهو منهنجي ڏينهن واري ڪم جي ڪري هو، جو
واقعي مان ٿڪ سبب پاڻ کي اهو پئي چيو ته: ”اڃان
ڪيترو پنڌ جهاڳڻ لاءِ منهنجون ڄنگهون مون کي ساٿ
ڏينديون؟“
جوکائتي مهم جي سلسلي ۾ لکيل ناول ”شي“ جي پڄاڻي،
ان جي پاڻ يا ٻين لاءِ ”امرتا“ جي بجاءِ زمين هيٺ
غرق ٿيل هڪ اونهي آڙاهه مان نڪرڻ جي حوالي سان
سندس ”رهبر واري“ صورت ۾ پيش ٿيل آهي. اها حقيقت
آهي ته ان قسم جو ڊپ، خوابي خيالن (سوچن) ۾ بنا
مبالغي جي سرگرم ٿي ويندو آهي.
”ڪاٺيءَ جي گهر“ جو پڻ ”ڪاٺ جي تابوت“ يا ”قبر“
سان لاڳاپو آهي، ۽ مان پاڻ به اڃان ڄڻ ڪنهن قبر ۾
پيل هوس، پر اها اصل ۾ ”اورويٽو“ شهرجي ڀرسان واري
قبر هئي، جنهن کي هاڻوڪي اٽليءَ جي باشندن کوٽايو
هو، جنهن جو وچون سمهڻ وارو حصو سوڙهو هو، جن جي
پاسن تي پٿر جي ٻن سرن جي ديوار ٺهيل هئي، جنهن ۾
ٻن نوجوانن جا هڏا پيل هئا.
خواب ۾ ڪاٺيءَ وارو گهر بلڪل اهڙوئي هو رڳو انهن
پٿر جي ٻن سرن کي تبديل ڪري ڪاٺيءَ جي ٻن تختن کي
پيش ڪيو ويو هو. ان حوالي سان خواب جو چوڻ هو ته:
”جيڪڏهن تون قبر ۾ ئي آرام ڪندين ته پوءِ توکي وري
کوٽي ڪڍڻو پوندو.“ انهيءَ تبديليءَ جو مقصد ان
لاڳو ٿيندڙ ذميداريءَ جي سٺائيءَ ۾ اميد رکڻ هو.
مان ننڊ مان اُٿندي ڀنواٽيون پئي محسوس ڪيون ته ان
جو سبب اهو جو مون کي اها به ڳڻتي هئي ته جن ٻارن
جا والدين ڪا ڪاميابي ماڻي نه سگهندا آهن ته انهن
کي ان ڪاميابيءَ لاءِ سر تي جوکم کڻڻ گهرجي.
(
viii
)
منهنجي هن ٻئي خواب ۾ ”عجب جو تاثر“ آهي، جيڪو سڄو
سارو تشريح لاءِ پيش نه ڪندس پر ان جو ٿورو حصو
پيش ڪندس جنهن جي ٻن نڪتن ۾ اسان جي دلچسپي آهي.
مون جولاءِ جي ارڙهين يا اڻويهين تاريخ جي رات جو
”سودبن ريلوي لائين“(Sudbhn-Railway
Line)
جي ذريعي سفر پئي ڪيو ۽ مون پنهنجي ننڊ ۾ ٻڌو:
”هولٿرن“(Hollthurn)
،
ڏهن منٽن ۾ اچڻ واري آهي، ۽ مون ان وقت سمجهيو ته
طبعي تاريخ وارو عجائب گهر ”هولٿرينس“(Holothurians)
آهي، ۽ اها جاءِ هئي، جتي هڪ سورهيه ان ملڪ جي
وڏي هٺيلي بادشاهه جي خلاف ويڙهه ڪئي هئي، جي ها!
بلڪل، اهو حملو آسٽريا
(Austria)
جي سڌاري لاءِ هو، شايد اها جاءِ ”اسٽيريا“(Styria)
۾ هئي، يا ”ٽيرول“(Tyrol)
۾ هئي. پوءِ مون هڪ ننڍو عجائب گهر ڏٺو، جنهن جي
ماضيءَ جا آثار ۽ ان جو سامان سڙو ماڻهن محفوظ ڪري
ورتو هو. مون ان مان ٻاهر اچڻ ٿي چاهيو پر ٿوري
هٻڪ پئي ٿي. پليٽفارم تي چند عورتن وٽ ميوو رکيل
هو. اهي زمين تي هرکائيندڙ انداز سان پنهنجي
ٿيلهين کي جهلي بيٺيون هيون، مان ڊنس پئي، ڇاڪاڻ
ته مون کي پڪ ڪانه هئي ته مون وٽ وقت آهي الائي
نه! پر اسان اڃان هلياسين ڪونه پئي. اوچتو مون پاڻ
کي هڪ ٻئي دٻي ۾ ڏٺو ته ان جو فرنيچر ۽ سيٽون
ايتريون سوڙهيون هيون جو ماڻهوءَ جي پٺي به دٻي جي
ديوار ۾ پئي دٻي/لڳي. اهو ڏسي مان حيرت ۾ پئجي
ويس. مون کي محسوس ٿيڻ لڳو ته شايد مون ننڊ ۾ ئي
دٻو بدلايو آهي. اتي ٻيا به ماڻهو موجود هئا، جن ۾
هڪ انگريز ڀيڻ ۽ ڀاءُ به شامل هئا ۽ انهن جي ڀرسان
ڀت تي ننڍڙي الماريءَ ۾ ڪي ڪتاب به رکيل پئي نظر
آيا. انهن منجهان مون ”ڪلرڪ مئڪس ويل“(Clerk
Maxwell)
جا ٿلها ۽ خاڪي ڪپڙي جي پاٺي وارا ٻه ڪتاب ”قومن
جون قيمتي شيون“(The
Wealth of Nations)
۽ ”مادو ۽ تحريڪ“
(Matter and Motion)
ڏٺا. مرد پنهنجي ڀيڻ کان ”شلر“(Schiller)
جي ڪتاب لاءِ پڇيو، شايد هوءَ اهو وساري آئي هئي.
مون کي ائين لڳو ڄڻ اهي ٻئي ڪتاب منهنجا هجن، يا
متان هنن جا هجن. ان نڪتي تي مون سندن گفتگو تي
ڌيان ڏيندي مداخلت ڪرڻ جو خيال ڪيو ته جيئن مان
دليل ڏئي کين يقين ڏياري سگهان.“ پوءِ جاڳي پيس ته
پاڻ کي سڄو پگهريل ڏٺم، ڇاڪاڻ ته سموريون دريون
بند هيون. ريل”ماربرگ“ (اسٽريا
Styria)
منجهان پئي گذري.
مان جيئن ئي ان خواب کي لکڻ ويٺس ته ان جو هڪ ٽڪرو
منهنجي اکين اڳيان ڦرڻ لڳو، جيڪو منهنجي يادن مان
ترڪي ويو هو: ”مون ڀاءُ ڀيڻ کي ڪنهن خاص ڪم جي
حوالي سان (انگريزيءَ ۾) چيو: انهن جي پاران....
پر اظهار منهنجي پاران ٿيو. مرد پنهنجي ڀيڻ کي چيو
”اهو ٺيڪ آهي.“
خواب هڪ ريلوي اسٽيشن جي نالي سان شروع ٿيو، ٿي
سگهي ٿو ان مون کي ٿوري دير جي لاءِ جاڳائي ڇڏيو
هجي، ۽ ان اڌ ننڊ اڌ جاڳ ۾ پڪ سان مون ”ماربرگ“
پهريون ڀيرو ٻڌو، يا ٿي سگهي ٿو بعد ۾ ”شلر“ جي
خواب جي حوالي سان ٻڌو هجي، جيڪو ”ماربرگ“ ۾ ڄائو
هو، حالانڪ اهو ان وقت ”اسٽريا“ ۾ نه هو.
مان پنهنجو سفر ڪن خاص موقعن تي ۽ گهڻو ڪري پهرين
درجي واري وڏي آرامده دٻي ۾ ڪندو هوس. ريل مسافرن
سان سموري ڀريل هئي ۽ مون پنهنجي دٻي ۾ هڪ عورت ۽
هڪ مرد کي ڏٺو، جيڪي ڏاڍا مغرور پئي لڳا، پر مان
ساڻن نهايت نرميءَ سان پيش آيس، پر انهن ڪو ڌيان
نه ڏنو.
اهي زال مڙس هڪ ٻئي جي ڀرسان ويٺل هئا، جن جي پٺي
ريل جي انجڻ ڏانهن هئي، گهڻا سڌريل به نه هئا ۽
انهن کي ڪنهن ٻئي جي تڪليف جو به ڪو احساس ڪونه
هو. مون پنهنجون نظرون دريءَ جي پاسي ڦيرائي
ڇڏيون. پوءِ اوچتو در بند ٿي ويو ته هنن جي پاڻ ۾
صلاح مشورو شروع ٿي ويو ته دريون کولجن يا نه!
منهنجي پنهنجي حالت به اهڙي هئي، جو مون چاهيو ٿي
ته تازي هوا جهٽيان،. اها رات ڏاڍي گرم هئي ۽ بند
دٻي ۾ ساهه پيو ٻوساٽجي. منهنجي سفري تجربن مون کي
اهو سيکاريو آهي ته ان قسم جي سنگدلي ۽ ضد جو
اظهار انهن ماڻهن جي ڪري وڌيل هوندو آهي، جيڪي مفت
۾ يا اڌ ٽڪيٽ جي خرچ تي سفر ڪندا آهن، پوءِ جڏهن
ٽڪيٽ چڪاسڻ وارو آيو، ته مان ته پنهنجي ٽڪيٽ کيس
ڏيکاري ڇڏي، جيڪا ظاهر آهي مهانگي خريد ڪيل هئي،
هن جڏهن انهن کان ٽڪيٽ جي پڇا ڪئي ته زالس منهن کي
گنجهائي مٿس چٿر ڪندي چوڻ لڳي: ”منهنجي مڙس وٽ مفت
۾ سفر ڪرڻ جي اجازتي ٽڪيٽ آهي.“ مرد پنهنجي جاءِ
تي پُرسڪون ويٺو رهيو، هن هڪ اکر به زبان مان نه
ڪڍيو. پوءِ مان آرام ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳس.
ان اڻ وڻندڙ سفري ساٿيءَ جي متعلق پلاند وارو جذبو
منهنجي خواب ۾ اُڀري آيو. ماڻهو اها اميد ته رکي
ئي نه ٿو ته ان جي خيال ۾ پيدا ٿيل خفگي يا
بيعزتيءَ جو احساس خواب ۾ ڇو ٿو پيدا ٿئي؟ بهرحال
اهوئي خيال هو جيڪو خواب جي پهرين اڌ ۾ اثرانداز
ٿيو هو.
جڏهن خواب جي اها ضرورت پوري ٿي ته ٻي خواهش احساس
جي وسيلي پاڻمرادو جُڙي پئي، جيئن ته انهن (زال
مڙس) جي ڪري مون کي خفو پئي ٿيو ۽ چاهيم پئي ته
جيڪر ڪنهن ٻئي دٻي ۾ هليو وڃان، ته خواب، ريل جي
گاڏي جي تبديليءَ واري خواهش کي ۽ بنا ڪنهن تڪرار
جي، پاڻ ئي پورو ڪري ورتو، هاڻي معاملو اهو آهي،
ته مان ايترو جلدي ۽ اوچتو ريل جي ٻئي دٻي ۾ ڪيئن
هليو ويس؟ ان جي ڪا يادگيري مون وٽ بهرحال ڪانه
هئي! ها البت رڳو هڪڙي وضاحت ٿي سگهي ٿي ته: ”مان
شايد ننڊ دوران ئي ٻئي دٻي ۾ هليو ويو هوندس.“
اهڙو واقعو ڪڏهن ڪڏهن ٿيندو آهي، اهڙا ڪجهه مثال
اعصابي مرضن جي علاج ڪندڙ ڊاڪٽرن جي تجربي مان به
ملي سگهي ٿا.
تشريح جي معاملي ۾ اهو ممڪن آهي ته ان جو ڪو ٻيو
حل به ڪڍيو وڃي، ان صورت ۾ مان وضاحت ڪرڻ جي ڪوشش
ڪريان ٿو، ڇاڪاڻ ته مان جڏهن خواب جي ڪم جي حوالي
سان ڏسان ٿو ته مون کي لڳي ٿو ته اهو معاملو
منهنجو نه پر منهنجي هڪ اعصابي مريض کان نقل ٿي
مون تائين رسيو آهي. مان ان کان اڳ به هڪ نهايت
اعليٰ تعليم يافته ۽ انتهائي نرم دل ماڻهوءَ جي
متعلق چئي آيو آهيان، ته ڪنهن ويجهي مائٽ جي مري
وڃڻ کان جلد پوءِ منجهس پنهنجي مارجي وڃڻ جو وهم
پيدا ٿي پيو هو، ۽ ان ڊپ سبب هن پنهنجي حفاظت جو
به انتظام ڪيو هو. اهو سندس اندروني طور پيدا ٿيل
وهم ۽ گمان وارن خيالن جو غلبو هو، ڪنهن گهٽيءَ
مان گذرندو هو ته هٿيار جو بار ڪلهي تي کڻي پيو
هلندو هو، پاڻ سڀني کي گهوري ڏسندو هو پر جيڪڏهن
ڪو ٻيو ڏانهس نهاريندو هو ته سمجهندو هو ته اهو
کيس ماري وجهندو، ان ڪري هو اتان جلدي کسڪي
ويندوهو. پوءِ هڪڙو وقت اهڙو به آيو جو پاڻ کي
ڪمري ۾ بند ڪري ڇڏيائين، پر اتي به پاڻ کي غير
محفوظ ڀانيائين ته گهر ڇڏي، رهڻ لاءِ ڪنهن ٻئي هنڌ
هليو ويو، ان وقت هن جي دماغ ۾ اها ڳالهه ويهي رهي
هئي ته: ”ڪجهه به ٿي پوي مون کي هن گهر مان نڪري
ڪنهن ٻئي گهر ۾ وڃي رهڻ گهرجي.“ جنهن کان پوءِ هو
اتي به پنهنجا در ۽ دريون بند رکندو هو، ۽ گهر جون
چاٻيون به پنهنجي پراڻي ملازم جي حوالي ڪيون
هئائين ۽ ان کي تنبيهه ڪئي هئائين ته اهي ”هن کي“
ڪڏهن نه ڏجانءِ.“
ان جي پويان حقيقت ڪهڙي به هجي پر ٻين شين سان گڏ
هيءَ به حقيقت آهي ته اهو ”قابيل (حضرت آدم عليھ
السلام ۽ بيبي حوا جي وڏي پٽ هابيل جو قاتل) جي
ساڙ وارو تصور“
(Cain-phantasy)
آهي، جيڪو ماڻهن ۽ ڀائرن لاءِ موجود هوندو آهي، ۽
جيڪي خود قاتل هوندا آهن، انهن کي وري اخبارن ۾
آيل خبرون پيون ڇرڪائينديون آهن، ته ڪٿي انهن جي
ڳولها، سزا ۽ انعام لاءِ ڪو اشتهار نه آيو هجي،
اهي به ائين ڊپ ۾ چئن ڀتين ۾ واڙجي ويهندا آهن. ان
حوالي سان ائين چئي سگهجي ٿو ته جيڪڏهن هو ڪنهن به
وقت گهر کان نڪرندو ته پڪ سان هو شعوري ساڃاهه
واري حالت ۾ نه هوندو، ۽ اها ساڳي ئي ڪيفيت خون
ڪرڻ واري جي به ٿئي ٿي، جڏهن هو خون ڪرڻ لاءِ
گهران نڪرندو آهي، ته پنهنجو هوش وڃائي چڪو هوندو
آهي.
ان حوالي سان منهنجي تشريح جي اصل ڪوشش اهوئي تاثر
ڏئي رهي آهي ته مون ريل جو دٻو انهيءَ لاشعوري
حالت ۾ تبديل ڪيو هو ۽ ائين خواب کي خوابي خيالن
مان هڪ ٺهيل ٺڪيل مواد مليو هو. (ڏسو: باب پنجون:
”خوابن جو مواد ۽ ماخذ.“ حصو چوٿون: ”مثالي يا خاص
قسم جا خواب.“
مون کي اها خبر آهي ته خواب ڏسندڙ جي ان مرض جون
پاڙون، ننڍي هوندي کان پنهنجي پيءُ جي خلاف وروڌي
جذبن سان سلهاڙيل آهن، ان ڪري مون ان کي پنهنجي
ذات سان ڏٺو آهي، ڇاڪاڻ ته منهنجو مشاهدو آهي ته
ننڍي هوندي ٻار پنهنجي پيءُ جي سمهڻ واري ڪمري ۾
ويندو آهي ته اهو کيس ڇڙٻ ڏئي ڪمري مان نڪري وڃڻ ۽
آئيندي پنهنجي سمهڻ واري ڪمري ۾ وري نه اچڻ جو حڪم
صادر ڪندو آهي.
خوابن ۾ ”فيصلي“ جو عمل، خوابي خيالن مان ائين
پهچندو آهي، جيئن اصل منجهان، ان جهڙي ڪا ٻي شيءِ
ٺاهڻ وارو
(Prototype)
عمل هوندو آهي، اهو اصول آهي ته ”ورجاءُ“ اصل متن
مان سدائين سادي، ناقص ۽ وچ ۾ ٽنبڻ واري انداز سان
ٿيندو آهي، پر ڪڏهن ڪڏهن ائين جيئن اسان گذريل
مثال ۾ پيش ڪري آيا آهيون ته اهو ”ورجاءُ“ ايترو
چٽو ۽ نج هوندو آهي جو اهو خوابن ۾ پنهنجي انفرادي
”ڏاهپ واري سرگرميءَ“ جو تاثر ڏيندو آهي، ۽ اُهو
اِهو ئي نڪتو هوندو آهي جتان اسان جو ڌيان نفسياتي
سرگرميءَ جي پاسي لڙي ويندو آهي، جيڪو خواب جي
ڪنهن بنا تبديليءَ واري جوڙجڪ سان گڏجي تيستائين
ظاهر نه ٿيندو آهي، جيستائين کيس لاڳاپيل عنصرن کي
پاڻ ۾ رلمل ڪرڻ جي ضرورت نه پوندي آهي.
(10)
خوابن ۾ اثر انداز ٿيندڙ جذبا:
Affects in dreams
”اسٽرائيڪر“ (Striker.1879-51)
اسان جو ڌيان نهايت تيز فهم مشاهدي جي حقيقت ڏانهن
ڇڪايو آهي ته ”خوابن ۾ اثر انداز ٿيندڙ جذبو“
توهين، ڌڪار يا حقير سمجهڻ جي ان ساڳئي انداز جيان
وهنوار نه ڪندو آهي، جيئڻ جاڳڻ کانپوءِ اسان ان جي
عام رواجي عادت سمجهي ان جي متن کي رد ڪري ڇڏيندا
آهيون.
”جيڪڏهن مان خواب ۾ ڪنهن چوري کان ڊنو آهيان“ ته
اهو سچ آهي ته اهي سچا چور نه آهن، پر تصوراتي
آهن، پر ڊپ ته سچو پچو آهي! (ڏسو: باب پهريون:
خوابن جي مسئلن سان سائنسي ادب جو رويو/ تعلق)،
حصو ڇهون: ”خوابن ۾ اخلاقي شعور“ جي آخر ۾)، ۽
جيڪڏهن مان خواب ۾ خوشي محسوس ٿو ڪريان ته اهو به
اوترو ئي سچ آهي. اسان جو احساس اسان کي ٻڌائيندو
آهي ته ”خوابن ۾ جذبي جو تجربو“ جاڳ واري حالت کان
ڪنهن به ريت گهٽ اثر ڇڏيندڙ نه هوندو آهي، ۽ خواب
پنهنجي ”تمثيلي مواد“ کان وڌيڪ ڀرپور قوت سان
پنهنجي ”ذهني تجربي جي حق ادائيءَ“ تي زور ڏيندو
آهي. هونئن به جذبن کي اسان پنهنجي جاڳ جيون ۾
ايتري شدت سان شامل نه ڪندا آهيون، ڇاڪاڻ ته اسان
ڪنهن به جذبي جو نفسياتي ڪاٿو تيستائين نه ڪري
سگهندا آهيون. جيستائين اهو ڪنهن تصور واري حصي
سان ڳنڍيل نه هجي. جيڪڏهن” جذبو ۽ خيال“ پنهنجي
”خاصيت ۽ شدت“ ۾ اڻ ٺهڪندڙ يا هم آهنگ نموني گڏ نه
هجڻ جوڳو هوندو آهي ته اسان جي جاڳ واري حالت ۾
ڪيل فيصلو هٿئون نڪري ويندو آهي.
اهو سدائين حيرت جهڙو معاملو رهيو آهي، ته خوابن ۾
”تصوراتي مسودو“ جوش پيدا ڪندڙ نتيجي ذريعي ساٿ نه
ڏيندو آهي، جن کي اسان جاڳيل خيال ۾ اڻ ٽر سمجهندا
آهيون.
”اسٽرومپيل“ (Strumpell-1877,27)
جو چوڻ آهي ته: خيال! خوابن ۾ پنهنجي نفسياتي
سگهه/ اهميت کي نروار ڪندو آهي، پر غير موافق يا
برخلاف قسم جي واقعن ۾ جتي جذبي جي شدت/ توانائي
پنهنجي مواد سان سلهاڙجي اظهار ڪندي آهي، انهن ۾
ڪا ڪمي ڪانه ڪندو آهي. مان انهيءَ خواب مان خطري ۾
مبتلا ٿي پئي سگهيس، ڇاڪاڻ ته اها بنا ڪهن ڊپ يا
ناپسند ڪرڻ واري احساس جي، انتهائي خطرناڪ ۽ بڇان
ڏياريندڙ صورتحال هئي.
خواب- جيون جي اها مخصوص پيرولي/ ڳجهارت، لڳڀڳ ۽
مڪمل طور تي ۽ بنا دير جي اثر ڪندڙ احساس جي حوالي
سان اسان جڏهن خواب جي چٽي مواد کان ڳجهي يا لڪل
متن وٽان گذري ويندا آهيون ته ٻين گهڻن معاملن جي
ڀيٽ ۾ اها پيرولي اوچتو گم ٿي ويندي آهي ۽ اسان ان
ڳجهارت جي پرواهه به نه ڪندا آهيون، پر جيڪڏهن اها
لڳاتار هوندي آهي ته پوءِ ڳڻتي ٿيندي آهي.
تشريح اسان تي اهو ظاهر ڪري ٿي ته تمثيلي يا
تصوراتي انداز وارو مواد گهڻو ڪري پوئتي هٽي ويندو
آهي، ۽ ان جي جاءِ تي متبادل مواد جاءِ والاريندو
آهي، جڏهن ته ”جذبو“ پنهنجي جاءِ تي اڻ مٽيل هوندو
آهي. اها هڪ عجب جهڙي ڳالهه آهي ته تصوير يا تمثيل
وارو مواد جنهن کي خواب پنهنجي مطلب خاطر بگاڙيندو
آهي، سو پڻ ”جذبي“ سان گهڻي دير تائين گڏ نه هلندو
آهي، پر بنا ردوبدل جي ذهن ۾ موجود رهندو آهي.
نفسياتي مونجهاري جي معاملي ۾، جيڪي ”جذبا“ ڇنڊ
ڇاڻ جي وسيلي، مزاحمت ۽ مخالفت پاران مڙهيل هوند
اآهن، اهي ”جذبا“ ترڪيبي جزن جي نظرثاني ڪيل هوندا
آهن، ۽ انهن جي هلندي پڄندي ڪجهه گهٽ هوندي آهي، ۽
اهي اڪيلي سِر ئي اسان کي ڪا نشاني ڏيندا آهن ته
اهي ڪنهن گم ٿي ويل خيال جو پورائو ڪندڙ آهن. اهي
ارڪان خوابن کان وڌيڪ ”اعصابي خلل/نفسي اوڻائيءَ (Psychoneurosis)
۾ ڏٺا ويا آهن. پنهنجي خاصيت جي حوالي سان انهن جو
اثر انداز ٿيڻ بلڪل درست هوندو آهي، جڏهن ته اسان
ان جي اعصابي طور ”هوشياريءَ جي غائب ٿيڻ واري واڌ
تي“ ڌيان ڏيندا آهيون. جيڪڏهن بيچيني، چريائپ يا
ڇتپڻ واري مريض کي ڪنهن عجب جهڙي معاملي تي
انفرادي طور تي خوف ٿو اچي يا جيڪڏهن وهم گمان
وارن خيالن جي غلبي ۾ مبتلا آهي ۽ پاڻ تي الزام
ڌرڻ، ندامت يا پنهنجي بدناميءَ جي اهڙين ايذائيندڙ
ڳالهين تي اَچرج ٿو کائي ته اها ايڏي اهم ڳالهه نه
آهي، اهي سڀئي ڳالهيون اصل رستي تان هٽيل آهن،
ڇاڪاڻ ته اهي تصور يا تمثيلي مواد سان مطابقت
رکندڙ هونديون آهن.
”غير اهم يا محض ڪجهه نه هجڻ“ وارا جذبا ضرورت
مطابق هوندا آهن، جيڪي ناڪاميءَ واري ويڙهه/ ڇڪتاڻ
سبب اڀري ايندا آهن، ڇاڪاڻ ته اهي تصور يا تمثيلي
مواد مان، خيالن جي سرگرميءَ جي ابتدا ڪندڙ نڪتي
جيان کڄي ايندا آهن. نفسياتي تجزيو انهن جذبن جي
شناخت جي وسيلي، انهن کي پنهنجي صحيح جاءِ تي کڻي
ايندو آهي ۽ انهن دٻجي ويل، گم ٿي ويل يا هڪ جاءِ
کان ٻي جاءِ تي هلي ويل ”جذبن“ کي متبادل رستي
ذريعي انهن کي اصل خيالن سان ڳنڍيندو آهي. انهن
سڀني جي اڻٽر حد اها آهي ته ”جذبي جو وهڪرو“، ۽
”تصوراتي يا تمثيلي مواد“، جنهن کي اسان پنهنجي
عادت مطابق سمجهندا آهيون، تيئن جٽادار عضوياتي
اڪائيءَ کي ترتيب ڏئي يا قائم رکي نه سگهندو آهي،
پر اصل ڳالهه اها آهي ته اهي ٻئي الڳ الڳ ۽ مقرر
لوازماتي وجود رکندڙ، ٿي سگهي ٿو ته تجزئي جي
حوالي سان پاڻ ۾ محض ٽاڪيل هجن ۽ ٿي سگهي ٿو ته هڪ
ٻئي کان ڇڳل به هجن. خواب جي تشريح، معاملي جي اها
ئي حقيقت بيان ڪندي آهي.
مان هتي هڪ اهڙو مثال پيش ٿو ڪريان، جنهن جي تجزيي
منجهان اها وضاحت ملي ٿي ته ”جذبو“ ڪهڙيءَ ريت
ظاهر ظهور غير حاضر رهي ٿو، جڏهن ته ان جي ابتڙ
تصوراتي يا تمثيلي مواد، پنهنجي حقيقي روشنيءَ
مطابق جاري ٿئي ٿو:
(الف)
”هن صحرا ۾ ٽي شينهن ڏٺا، هڪڙو انهن مان کِليو
پئي، پر هن کي انهن مان ڊپ نه پئي ٿو، پوءِ!
بهرحال انهن کان پري ڀڄڻ جو سوچي هوءَ هڪ وڻ تي
چڙهڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳي، پر هن اتي پنهنجي سؤٽِ کي
ڏٺو، جيڪا فرانسيسي ملازمه هئي اها اتي اڳ ئي
موجود هئي.“
ان خواب جي تشريح اسان کي هن قسم جو مواد فراهم
ڪري ٿي: جيئن ته هن جي خواب جي سراسري بيپرواهيءَ
جو سبب سندس انگريزي زبان ۾ جوڙيل جملو آهي ته ان
حوالي سان سندس مطلب ٿئي ٿو: شينهن جي سونهن جو
زيور سندس ڪنڌ جا وار آهن.“
هن جي پيءُ جي ڏاڙهيءَ جا وار ڪجهه اهڙي طرز جا
هئا، جو سندس منهن شينهن جي وارن جهڙو ٿي لڳي، ۽
سندس انگريز ملازمه ”مس ليئونس“ (Lyons)
جي نالي سان سڏبي هئي. هن جي هڪ ساهيڙيءَ کيس جرمن
ٻوليءَ ۾ لکيل ڪتاب ”شينهن جي شاعري“ (Ballads
of Loewe)
موڪليو هو. ان حوالي سان اهي ٽئي اهي ئي شينهن هئا
ته پوءِ هن کي انهن کان ڊڄڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي!
هن هڪ ڪهاڻي پڙهي هئي، جنهن ۾ هڪ شيدي ڪردار هو،
جنهن کي سندس ساٿيءَ انقلاب لاءِ اڀاريو هو، سو
اهو جڏهن زخمي ٿي پيو هو ته پاڻ کي بچائڻ لاءِ وڻ
تي چڙهي ويو هو.
هوءَ پنهنجي انتهائي جذبي سان مٿي وئي هئي، پنهنجي
ڪجهه اڻپورين يادگيرين سان، جهڙوڪ: ”واري کڻي گيچڻ
۾ وجهو ته، ان مان وهندڙ واريءَ کي ڏسي شينهن
پاڻهي هليو ويندو.“ خواب ڏسڻ کان اڳ هوءَ پنهنجي
مڙس جي وڏي آفيسر سان ملي هئي، اهو نهايت نرم مزاج
شخص هو، جنهن شفقت وچان سندس هٿ جي پٺيءَ تي چمي
به ڏني هئي، ۽ هوءَ ان چميءَ کان ڊني ڪانه هئي،
حالانڪ هو هڪ خطرناڪ جيت جهڙو هو، ۽ جنهن ملڪ جي
وڏي شهر جي هوءَ رهواسڻ هئي اتي، ان جو ڪردار
”سماجي شينهن“ جي علامت طور مشهور هو. سو اهو
شينهن! ”سانوڻ جي اڌ رات جي خواب“ (Midsummer
night Dream)
جهڙو شينهن آهي، جنهن کان هن کي ڪوبه ڊپ ڪونه هو.
(ب)
منهنجو هي ٻيو مثال هڪ نوجوان ڇوڪريءَ جي ان خواب
متعلق آهي، جنهن ۾ هن پنهنجي ڀيڻ جي ننڍي پٽ کي
ڪاٺيءَ جي تابوت ۾ مئل حالت ۾ ڏٺو هو (ڏسو باب
پنجون: خوابن جو مواد ۽ماخذ، حصو ٽيون: خوابن ۾
جسماني جيو گهرڙن جو بنياد). جنهن کي نه درد پئي
محسوس ٿيو نه ئي ڪو صدمو. اسان تجزيي ذريعي ڏسي
آيا آهيون ته ائين آخر ڇو ٿو ٿئي.
خواب سندس ان خواهش کي محض لڪايو آهي، ته هوءَ ان
ماڻهوءَ کي ڏسڻ ٿي چاهي جنهن سان هن ٻيهر پيار
ڪيو هو ۽ سندس جذبي ان جي اصل حالت کي لڪائڻ بنا،
سندس خواهش سان رلمل ڪرڻ ٿي چاهيو، ان ڪري ان ۾ ڪو
رنج يا درد موجود ڪونه هو.
ڪجهه خوابن ۾ جذبو بهرحال، تصور ۾ موجود مواد سان
لهه وچڙ ۾ ايندو آ هي، ۽ ان جي جاءِ ان جذبي سان
بدلائي ڇڏيندو آهي، جنهن جو ڳانڍاپو حقيقي جذبي
سان هوندو آهي. ٻين خوابن ۾ مونجهارن کي تحليل ڪري
يا ان جو خاتمو ڪري اڳتي وڌي ويندو آهي. جذبو
پنهنجي اظهار لاءِ ان خيال کان مڪمل طور تي ڇڄي
ڌار ٿي ويندو آهي، جيڪو خواب ۾ ڪنهن ٻئي نڪتي سان
سلهاڙجي ان جاءِ تي پيش ٿيندو آهي، جتي خوابي
عنصرن جي هڪ نئين جوڙجڪ ٿيندي آهي. ان حالت ۾
صورتحال اها ساڳي ئي ٿيندي آهي جيڪا اسان کي خوابن
۾ ”فيصلي“ واري عمل ۾ نظر ايندي آهي. جيڪڏهن خوابي
خيالن ۾ ڪو اهم نتيجو جڙيل هوندو آهي ته خواب پڻ
ان تي مشتمل هوندو آهي، پر ٿي به سگهي ٿو ته خواب
۾ نتيجو ڪنهن ٻئي يا مختلف مواد سان مٽا سٽا ڪري
وٺي. اهڙي ڦير گهير گهڻي ڀاڱي تي ڪانه ٿيندي آهي.
پر ان ڦير گهير جو دارومدار متضاد جذبن، لفظن يا
قوتن، نفي ۽ مخالفت (Antithesis)
جي اصولن تي هوندو آهي.
انهيءَ آخري امڪان جو مثال هيٺ ڏنل خواب ۾ ڏسي
سگهجي ٿو، جنهن کي مون نهايت تفصيلي تشريح لاءِ
پيش ڪيو آهي:
(ٻ)
”سمنڊ جي ڪناري هڪڙي گرجا هئي، پوءِ ڏٺم ته اها
سمنڊ کان گهڻو پري نه هئي، پر هڪڙي سوڙهي ڪَسي ان
پاسي وَهِي پَئي. اتي گورنر ”هير پ“ (Herr
P)
موجود هو. مان آڌر ڀاءَ واري وسيع ڪمري ۾ هن سان
گڏ بيٺو هوس. ڪمري جي وچ ۾ ٽي دريون هيون، جتي
سهڻا سڻڀا گل، ڪنهن قلعي جا ڪُنگرا پئي لڳا. مان
هڪ سامونڊي فوجي آفيسر جي ڪارڪن جي حيثيت ۾ ان
فوجي چوڪيءَ تي مامور هوس. اسان کي دشمن جي جنگي
ٻيڙي جي اچڻ جو ڊپ هو، ڇاڪاڻ ته اسان جنگ واري
صورتحال ۾ هئاسين. ”هير پ“ ته سچ پچ هليو ئي ويو،
۽ مون کي اهڙيون هدايتون ڏئي ويو ته جڏهن توهان کي
ڊپ اچي ويڙهي ته توهان کي ڇا ڪرڻ گهرجي. هن جي
معذور زال پڻ پنهنجي ٻارن سميت ان ڏهڪاءَ سبب ان
قلعي ۾ موجود هئي. ”جيڪڏهن بمن ۽ گولن جو وسڪارو
شروع ٿئي ته وڏو هال خالي ڪرايل آهي.“ هن ڊگهو
ساهه کنيو ۽ وڃڻ لاءِ پٺي ڏني ته مون کانئس پڇيو
ته: ”جيڪڏهن ڪا ضرورت پوي ته مان اوهان سان رابطو
ڪيئن ڪريان؟“ هن جواب ۾ ڪجهه چوڻ چاهيو پر اوچتو
هو ڪري پيو ۽ مري ويو. ان ۾ شڪ نه آهي ته مون
پنهنجو سوال ڪري مٿس ڪو غير ضروري دٻاءُ نه وڌو
هو. هن جي مرڻ کان پوءِ مون تي ٻئي ڪنهن به قسم جو
اثر نه ٿيو. مان رڳو ان شڪ ۾ مبتلا هوس ته سندس
بيوهه زال هن گرجا ۾ تيستائين ترسندي، جيستائين
مان هن جي موت جي خبر وڃي وڏي ڪمانڊر کي ڏئي اچان
يا پاڻ ئي وڏي آفيسر جي درجي تي اچي، هن گرجا جي
ذميداري سنڀاليان! مان وڌي اچي دريءَ وٽ بيٺس ۽
ائين لڳو ڄڻ اهي ٻيڙا اڳ (ماضيءَ) جيان پوئتي پئي
ويا... ماضيءَ ۾ اهي واپاري جهاز هئا، جيڪي گهري
نيري پاڻيءَ جي پاسي تڪڙا پئي ويا. انهن مان ڪي
ٻاڦ تي هلندڙ سامونڊي جهاز هئا ته ڪي جاين ۽ پڌر
وارا هئا. پوءِ منهنجو ڀاءُ منهنجي ڀرسان اچي بيٺو
۽ اسان ٻئي دريءَ کان ٻاهر سوڙهي ڪَسيءَ ڏانهن ڏسڻ
لڳاسين. ان مهل هڪ ٻيڙي کي ڏسي اسان ڊڄي وياسين ۽
ٻنهي کان رڙ نڪري وئي: ڇاڪاڻ ته جنگي ٻيڙا هيڏانهن
پئي آيا. پر ڏٺوسين ته اهو هڪڙو ئي ٻيڙو هو جيڪو
پهرين موٽي ويو هو. پر هي ان کان ٿورو ننڍو هو، ۽
سندس وچ وارو حصو ڪجهه مزاحيه انداز ۾ مختصر ڪيل
هو، ان جي پڌر تي انوکي ۽ پيالي وارين شڪلين جون
پيتيون پيل هيون، جيڪي چٽيون نظر اچي رهيون هيون.
اسان وڏي آواز سان چوڻ لڳاسين: اهي نيرن ڪرائڻ
وارا جهاز آهن.“
”جهازن جي تيز رفتار، ”گهري نيري پاڻيءَ“ ۽ چمنيءَ
مان نڪرندڙ ڪاري ناسي دونهين“ گڏجي پريشانيءَ ۽
شيطانيءَ جي تاثر کي تخليق ڪيو آهي. خواب ۾
”ايڊرياٽڪ“ (Adriatic)
وارا علائقا: منهنجي ڪيترن سفرن ”ميرا ميئر“،
”ڊيونو“، ”وينس“ ۽ ”اڪيوليا“،
وارا گڏيل نظر آيا آهن.
چند هفتا اڳ، مان پنهنجي ڀاءُ سان ايسٽر واري
موقعي تي ”اڪيوليا“ ويو هوس، ان جي سونهن اڃان
تائين منهنجي خوابن ۾ تازي آهي. خواب وري آمريڪا ۽
اسپين جي وچ ۾ لڳندڙ بحري جنگ جو تصور آڻي پيش ڪيو
هو. منهنجي ان ڳڻتيءَ سبب جو منهنجا مائٽ آمريڪا ۾
رهند اهئا.
خوابي جذبي ۾ ٻه نڪتا هن ريت آهن:
1. جذبي جي پهرين نڪتي ۾ اميد يا آسرو غائب آهي:
ڇاڪاڻ ته جنهن حقيقت ڏانهن زوردار ڌيان ڇڪجي ٿو
اهو گورنر جو مري وڃڻ آهي، جنهن جو مرڻ مون تي اثر
انداز نه ٿو ٿئي.
2. ٻيو نڪتو اهو آهي: جڏهن مان سوچيان ٿو ۽ جنگي
جهاز ڏسان ٿو ته مان ڊڄان ٿو ۽ ڊپ جا اهي سمورا
احساس مان ننڊ ۾ محسوس ڪريان ٿو.
نهايت ئي سٺي نوني تعمير ٿيل هن خواب ۾ جذبا ڪجهه
اهڙي نموني ۾ تقسيم ٿيا هئا جو منهنجو نمايان تضاد
لنوايل هو. گورنر جي مرڻ تي منهنجي ڊڄڻ جو ڪهڙو
سبب هو، البت گرجا جي اڳواڻ جي حيثيت ۾ جنگي جهازن
کي ڏسڻ سبب ڊڄڻ جو ڪو جواز ضرور هو.
بهرحال تشريح اهو ٿي ٻڌائي ته ”هير پ“ رڳو منهنجو
پنهنجو متبادل هو، (خواب ۾ مان هن جي لاءِ متبادل
هوس). اهو گورنر مان هوس، جيڪو اوچتو مري ويو.
خوابي خيالن منهنجي جلدي مري وڃڻ سبب خاندان جي
مستقبل جي ڳڻتي پئي ڏيکاري ۽ خوابي خيالن وٽ رڳو
اها ئي ڏک رسائيندڙ ڳالهه موجود هئي، جنهن ان
احساس کان اتان ڇني، جنگي جهازن واري معاملي سان
ڳنڍي ڇڏيو هو.
ٻئي طرف تشريح اهو به ظاهر ڪري ٿي ته: ”خوابي
خيالن جي سطح جو وڏو حصو جنگي جهازن جي يادگيرين
سان گهڻو ڀريل آهي.“ هڪ سال اڳ ۾ به: وينس ۾ اسان
پنهنجي رهائش وارين درين مان سارو ڏينهن ”ريوا
ڊيگلي شيووني“ (Riva
degli Schiavoni)
جي سحر انگيز سونهن ڏسندا هئاسين، جتان ان نيري
ڍنڍ جي کاري پاڻيءَ کي اطلسي ڪپڙن جي تاڪين وانگر
کلندي ويڙهجندي ڏسندا هئاسين. انگريزي ٻيڙا گهڻو
ڪري ثقافتي رسمن جي آجيان لاءِ به ڪتب ايندا هئا،
اوچتو منهنجي زال، خوشيءَ وچان صفا ٻارن وانگر
رڙيون ڪري چوڻ لڳي:
”او اهي انگريزي جنگي جهاز پيا اچن.“
خواب ۾ مان انهن ساڳين ئي لفظن سبب ڊنو هوس.
خوابن ۾ گفتگو، اسان جي روزمره جي گفتگو مان اچي
ٿي. (ڏسو باب ڇهون: خواب جو عمل، حصو ڇهون: خوابن
۾ تقريرون/گفتگو). خواب جو ڪم! منهنجي زال جي چيل
لفظ ”انگريز“ کان لنوائي نه سگهيو. هاڻي هتي
”خوابي خيالن جو“ خواب جي ”پڌري مواد ۾“ تبديل ٿيڻ
جو عمل ڏسو: جو مون پنهنجي خوشيءَ وارن جذبن کي ڊپ
۾ تبديل ڪري ڇڏيو ۽ مون وٽ رڳو هڪڙو اشارو آهي ته
ان ردوبدل خود ”خواب جي لڪل متن“ جي حصي جو تاثر
پئي ڏنو. هي مثال ثابت ڪري ٿو ته ”خواب جو ڪم“
خوابي خيالن واري ڳانڍاپي کي ڇنڻ ۾ آزاد آهي، ۽
خواب جي متن مان چونڊي، ڪنهن به ٻئي نڪتي سان
متعارف ڪرائي سگهي ٿو.
مان هتي ”نيرن واري جهاز“ جي متعلق تفصيلي تشريح
ڪرڻ ٿو چاهيان: ”نيرن وارن جهاز“ جو خواب ۾ ظاهر
ٿيڻ، صورتحال بابت هڪ بي معنيٰ نتيجو اخذ ڪندڙ
آهي، جنهن کي عقل جي سطح تي آڻڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو.
مان ته اهو بار بار چوان ٿو ته ”خواب جو ڌيان
ڇڪائڻ وارو عمل“ ذهن ۾ بلڪل هوبهو هوندو آهي، ۽
اهو ئي مون تي نمايان ٿيو آهي، ۽ حقيقت اها آهي ته
ڌيان ڇڪائڻ وارو عمل اسان جي دلچسپين سان ئي ڳنڍيل
هوندو آهي ۽ اها دلچسپي ”ايٽريوسڪين“ (Etruscan)
شهرن جي عجائب گهرن سان وابستا آهي. اتي ڪاري رنگ
جا مستطيل ٿانوَ رکيل هئا، جن کي جهلڻ لاءِ ٻنهي
پاسن کان مُٺيا/ هَٿيا ٺهيل هئا، جيڪي چانهن جي
ڪوپن ۽ پيالن جهڙا هئا، ۽ نيرن ڪرڻ لاءِ ڪي
پراڻيون ته ڪي جديد ڪرسيون رکيل هيون. جن لاءِ
اسان پڇيو ته انهن ٻڌايو ته: اهي ڪرسيون
”ايٽريوسڪين“ عورتن جي غسل لاءِ آهن، جن تي پف
پائوڊر رکيل هئا، ۽ اسان مذاق ڪندي پئي چيو ته:
”اهو خيال واقعي سٺو آهي، جو اهو اسان به گهر کڻي
هلون ڇاڪاڻ ته اسان سان به هڪ گهر ڀاتياڻي گڏ
آهي.“
خواب ۾ ان جي ظاهر ٿيڻ جو مقصد: ”ڪارو غسلخانو“
(جنهن کي اسان ماتمي لباس
Toilette
سڏيندا آهيون) جيڪو ظاهر ظهور ”موت“ جو حوالو آهي.
ساڳيءَ ريت خوابي خيالن جي ٻي پڄاڻيءَ مون کي، مري
ويل ماڻهن جا تابوت بردار ٻيڙا“ ياد ڏياريا، جن ۾
اوائلي دور جا مردا پاڻيءَ جي حوالي ڪرڻ لاءِ کنيا
ويندا هئا. ان نڪتي اها وضاحت پئي ڪئي ته ”خواب ۾
ٻيڙا واپس موٽي ان ڪري پئي آيا.“
”هن ٻيڙي تي هرڪو محفوظ آهي،
پوڙهو ماڻهو آسانيءَ سان،
بندرگاهه تائين تري ويندو.“
(”شلر“ جي لکيل ”زندگي ۽ موت متعلق علامتي قصي جو
حصو) جيئن ته خواب ۾ لفظ ”انگريزي“، ٻڌڻ ۾ آيو آهي
ته:
جهاز جو ٽٽڻ (ship-break)
نيرن واري جهاز (breakfast)
جي مقصد لاءِ استعمال ٿيو آهي، اهڙيءَ ريت انگريزي
لفظ (breakfast)
جو آواز انگريزي لفظ (break
fast)
سان ٺهڪي ٿو، ۽ (break
fast)
هڪ ته جهاز سان وابستا آهي، ٻيو ته لفظ (breaking)
اصل جهاز جي ٽٽڻ سان سلهاڙيل آهي، ۽ (Fasting)
يعني ”لنگهڻ“ ڪاري يا ماتمي لباس سان ڳنڍيل آهي.
پر اهو لفظ ”نيرن وارو جهاز“ (Breakfast
ship)
خواب جو نئون تخليق ڪيل لفظ آهي. جيڪا شيءِ موجود
آهي، ۽ مون کي ياد به آهي ۽ اها منهنجي يادگار ۽
پُر لطف سئر جو حصو به آهي. ٿيو هن ريت هو ته اسان
کي ”اڪيوليا“ ۾ پيش ڪيل کاڌي لاءِ بدگمان ڪيو ويو
هو، ان ڪري اسان اڪيوليا ۾ ئي ”گوريزيا“ جي دڪان
تان کاڌي جو سامان ۽ پيئڻ لاءِ قيمتي آئرش شربت جي
بوتل خريد ڪري آيا هئاسين. جيئن ته ٽپال کڻي هلندڙ
ننڍو ٻاڦ وارو ٻيڙو ”ڊلي مي“ (Dille
Mee)
جي واهه تان، نيري ڍنڍ واري پاسي کان ”گراڊو“ جي
طرف ڏاڍو آهستي پئي هليو. ان ٻيڙي تي هئاسين به
اسان چند ڀاتي، سو ڏاڍي مزي سان ٻيڙي جي اڱڻ ۾ ئي
ويهي نيرن ڪيئسين. ۽ ائين اهو ٻيڙو اسان لاءِ
”نيرن وارو جهاز“ بڻجي ويو، جنهن جي پويان اسان جو
پُرلطف سئر يادن جو حصو بڻجي ويو، ۽ خواب ان کي
ڳجهو رکي، وڏي رنج ۽ ملال واري انداز سان ۽ نهايت
اڻڄاتل ۽ پراسرار مستقبل جي خيالن جو اظهار ڪيو.
تصور ۽ تمثيلي مواد مان جذبن کي علحده ڪرڻ جو عمل،
انهن خيالن کي جنم ڏئي ٿو، جيڪي خواب جي جوڙجڪ
دوران ظاهر ٿين ٿا، اهي تمام حيرت انگيز هوندا
آهن، پر ائين نه ته انهن جي ذريعي خوابي خيالن جي
رستي تان رڳو ضروري اختصار ئي خواب جي متن ۾ ڪشالو
ڪري ٿو اچي. اسان جيڪڏهن خوابي خيالن ۾ موجود جذبن
جي انهن جذبن سان ڀيٽ ڪنداسين، جيڪي خواب ۾ ظاهر
ٿين ٿا ته هڪڙي شيءِ ته هڪدم چٽي ٿي پوندي.
جيتوڻيڪ خواب ۾ جيڪي جذبا موجود هوندا آهن، اهي
خوابي خيالن منجهان ئي نسرندا آهن، پر انهن جو
ابتي انداز سان پيش ٿيڻ حقيقي نه هوندو آهي. خواب
عام طور تي، ان نفسياتي مواد جي ڀيٽ ۾ جذبي جي
حوالي سان ڪم ڪرڻ جي طريقي ۾ ڏاڍو مفلس هوندو آهي.
مان جڏهن خوابي خيالن کي ٻيهر جوڙيندو آهيان ته
منهنجي عادت آهي ته مان انهن منجهان ڪيتريون ئي
شديد قسم جون نفسياتي ترغيبون ڳولهيندو آهيان،
جيڪي پاڻ کي محسوس ڪرائڻ لاءِ ٻين تي حڪمرانيءَ جي
جاکوڙ ڪنديون آهن ۽ نهايت سختيءَ سان انهن جي
مخالفت ڪنديون آهن. اهڙي صورت ۾ مان جيڪڏهن خواب
ڏانهن موٽي ايندس ته اهو مون کي لڳاتار بي رنگ نظر
نه ايندو يا شديد قسم جي جذباتي ڍنگ کانسواءِ نظر
نه ايندو.
خواب لاپرواهيءَ جي سطح کي گهٽائڻ جو ڪم ڪندو آهي،
نه رڳو متن جي پر گهڻو ڪري منهنجي خيالن جي جذباتي
ڍنگ کي به گهٽائڻ جو ڪم ڪندو آهي. ان حوالي سان
چئي سگهجي ٿو ته خوابي ڪم! جذبن جو عيوضي هوندو
آهي. مثال طور باب پنجين: ”خوابن جو مواد ۽ ماخذ“:
جي حصي پهرين: ”خوابن ۾ تازي ۽ غير متعلق مواد“ جي
سلسلي ۾ مون ”زراعت متعلق طويل مقالي وارو هڪ
خواب“ ڏنو آهي ته خيال، منهنجي پنهنجي چونڊ جي عمل
۽ پنهنجي ڪم ۾ تنها هجڻ کي درست قرار ڏيڻ واري،
تيز طبيعت جي ڀڙڪائيندڙ عذر سان هموار ٿيندي واسطو
رکيو ۽ خواب ان منجهان اڀري، هڪ اڻ ڌريو منظر ٺاهي
ورتو ته: ”مون هڪ مقالو پئي لکيو، اهو منهنجي
اڳيان رکيو هو، جنهن جي هر صفحي تي رنگين پن پيل
هئا، جن مون کي انهن رنگ برنگ پوپٽن جي ياد پئي
ڏياري، جيڪي هِت هُت پئي اڏاميا.“
شيون ٻئي صورت ۾ به ٿي سگهن ٿيون: جذبن جي جيئري
جاڳندي وضاحت پنهنجو رستو پاڻ ٺاهي خواب ۾ پيش ٿي
سگهي ٿي.
جذبن جي شدت متعلق خواب جي عملي ڪم ۾ زباني طور تي
وڌيڪ مڪمل وضاحت ۽ ان جي پيشڪش متعلق باب ستين:
”خوابن جي عمل جي نفسياتي پهلو“، جي حصي پنجين:
”ابتدائي ۽ ثانوي عمل“ ۾ بحث ڪيو آهي. هتي مان
پنهنجي متعلق رڳو ٻن نڪتن جو حوالو ڏيڻ ٿو چاهيان.
پهرين ته مان ان وقت ڪجهه ٻين سببن جي ڪري لاچار
هوندو آهيان، جڏهن جذبن جي تصوير مرڪز کان پاسي
تي تيار ڪيل سلسلي جيان جاري ٿيندي آهي، ۽ بدن جي
اندروني حصن تائين پهچي، هڪ جهڙائيءَ پيدا ڪندڙ
تحرڪ واري عمل جي ذريعي رطوبت ۾ شامل ٿي تنتي
سرشتي کي متحرڪ ڪندي آهي
مثال طور ننڊ جي حالت ۾ تحرڪ پيدا ڪندڙ ترغيب/ من
اڇل کي ٻاهرين دنيا ڏانهن اماڻڻ جو اظهار ملتوي
ٿيل هوندو آهي، ۽ مرڪزي رخ کان پاسي تي تيار ڪيل
يا مٿان کان هيٺ وڌڻ واري قوت کي، جذبن جي سڏ
ورنائڻ لاءِ، لاشعوري سوچ جي ذريعي ننڊ دوران
جاري ڪرڻ ۾ وڌيڪ مشڪل پيش ايندي آهي، اهڙيءَ حالت
۾ متحرڪ ترغيبون خوابي خيالن جي عمل دوران اظهار
ڪنديون آهن، پنهنجي فطري ڪمزوريءَ سبب ۽ گهڻو ڪري
انهن کان، جيڪي گهٽ ڪمزور هونديون آهن ۽ خوابن ۾
پنهنجو رستو آسانيءَ سان ڳولهي وٺنديون آهن.
ان حوالي سان ”جذبن جو ذهن مان نڪرڻ“ ڪنهن به صورت
۾ خواب جي ڪم جو نتيجو نه هوندو آهي پر اهو ننڊ جي
حالت جو نتيجو هوندو آهي. اهو سچ به ٿي سگهي ٿو پر
اهو سمورو سچ نه آهي. اسان کي بهرحال دماغ ۾
ويهارڻو پوندو ته ڪنهن به مونجهاري جي وابستگي
وارو خواب، نفسياتي قوتن جي وچ ۾ اختلاف کي
سمجهوتي واري صورت ۾ پيش ڪندو آهي. هڪ شيءِ جي
لاءِ ڪيتريون ئي خواهشون جڙنديون آهن، ۽ اهي ڪاٽ
ڪوٽ يا ڇنڊ ڇاڻ جي قوت جي ڪنهن ٻيءَ شيءَ جي حوالي
سان، اختلافي جدوجهد ڪنديون آهن. اسان اهو پڻ ڏٺو
آهي ته لاشعوري سوچ پاڻ ئي خيالن جي اختلاف ۽ تضاد
جي پاڃاريءَ ۾ پئي وهندي رهندي آهي، ۽ خيالن جو
اهو سمورو وهڪرو، جذبي جي پاسي لڙي اچڻ جي خاصيت
رکندو آهي. جيڪڏهن اسان انهيءَ لاڙي، جذبي يا سوچ
کي روڪيندڙ ذهني عمل جي نتيجي ۾ جذبن کي ئي ذهن
مان ڪڍي ڇڏينداسين، ته اسان ان وقت هر لحاظ کان
غلطيءَ تي هونداسين، جيڪي ذهني توڙي جسماني اوسر
لاءِ هڪ ٻئي تي غير موافق سرگرميءَ ۾ مصروف هوندا
آهن، ۽ جن کي ڇنڊ ڇاڻ وارو محرڪ دٻائي ڇڏڻ جي عمل
۾ رڌل رهندو آهي. ان ڪري جذبن کي روڪيندڙ ذهني عمل
تي، خواب جي ڇنڊ ڇاڻ واري ٻئي نتيجي طور ۽ خواب جي
بگڙيل پهرين نتيجي جيان، ضرور غور ڪرڻ گهرجي.
مان هتي مثال طور هڪڙو خواب پيش ڪريان ٿو جنهن ۾
خوابن جي متن جي اڻ ڌريي احساس جو آواز، پنهنجي
متضاد، مخالف ۽ نفي ڪندڙ خوابي خيالن جي وچ ۾
وضاحت ڪري سگهي ٿو. هي هڪ مختصر خواب آهي، جنهن کي
پڙهندي، پڙهندڙن کي ڪراهت ايندي:
(ڀ)
”هڪ پهاڙي! جنهن جي کليل هوا ۾ هڪ پاسائتي جاءِ
جيان، جنهن ۾ ويهڻ جي هڪ ميز رکيل آهي، جنهن ۾ هڪ
ڊگهو سوراخ آهي، جيڪو پاتال تائين اونهو آهي. ان
جي ٽيڪ واري ڪنڊ مضبوطيءَ سان ڍڪيل آهي، جنهن جي
تري ۾ گپ ۽ چِڪڻ جي گڏ وچڙ ٿيل ننڍين وڏين شين جو
ڍير آهي، ڄڻ تازو ڪنهن رفع حاجت ڪئي آهي، جنهن ۾
تازگيءَ جو احساس به آهي، ميز جي پويان گاهه جا
ٻوٽا به آهن، مان ميز تي مُٽان ٿو، مُٽ جي ڌار سان
هر شيءِ صاف ٿي وڃي ٿي. اهو گڏ وچڙ ٿيل ڍير
آسانيءَ سان پري ٿي وڃي ٿو، ۽ ان جو منهن نظر اچي
ٿو، اهو ائين پئي لڳو ڄڻ ان ۾ اڃان ڪجهه رهيل
آهي.“
مون خواب دوران ڪراهت ڇو محسوس نه ڪئي؟
ڇاڪاڻ ته! جيئن تجزيو ٻڌائي ٿو ته تمام گهڻا وڻندڙ
۽ اطمينان ڏياريندڙ خيال به خواب جا عيوضي بڻجي
ايندا آهن. تشريح جي سلسلي ۾ هڪدم جا ڳالهه منهنجي
ذهن ۾ اڀري آئي آهي، اها ”آگين (Augean)
جو ڪِنو واڙو“
آهي، جنهن کي ”هيرڪيوليس“ (Hercules)
صاف ڪيو هو. اهو هير ڪيوليس ”مان“ هوس. گاهه ۽
ٻوڙا ”آئوسي“ (Aussee)
جا هئا، جتي ڪنهن وقت ۾ منهنجا ٻار ترسيل هئا.
انهن ڏينهن ۾ مون کي خبر پئي هئي ته ٻارن ۾ اعصابي
عارضي جا عنصر پيدا ٿي رهيا آهن، ان ڪري انهن کي
بچائن لاءِ مون کين ٻاهر موڪلي ڏنو هو. ۽ ”ڪرسي“
بلڪل اهڙي ئي هئي، جا مون کي هڪ مريضه تحفي طور
ڏني هئي، جنهن مون کي ياد پئي ڏياريو ته منهنجي
مريضن مون کي ڪيتري نه عزت ڏني آهي. سچ پچ ته خود
”ماڻهن جي ڪرفتيءَ واري عجائب گهر“ جو تجزيي به ٿي
سگهي ٿو جيڪو منهنجي لاءِ دلي سرهائيءَ جو سبب
بڻيو هجي. بهرحال اهو به ٿي سگهي ٿو ته گهڻي ڪراهت
مون کي حقيقت ۾ ٿي به هجي، ۽ خواب ۾ اها اٽليءَ جي
حسين سرزمين جي يادگيريءَ منجهان آئي هجي، جتي
جيئن سڀئي ڄاڻين ٿا ته اتي جي ننڍن شهرن جي رستن
تي اهڙا ئي پائخانه تعمير ٿيل آهن.
”پيشاب جي ڌار سان هر ڪا شيءِ صاف ٿي وئي“، ته اها
بنا مبالغي جي ”عظمت جي نشاني“ آهي. اها ان حوالي
سان ته ”گليور“ (Gulliver)
لِليپُٽ (Lalliput)
۾ باهه جي تمام وڏي اوڙاهه کي به هن ائين وِسايو
هو، جيتوڻيڪ ان تي، اتي ڊينڊي راڻيءَ جي ساڻس
نااتفاقي ٿي پئي هئي، پر ”گارگنٽو“ (Gargantua)
پڻ ”رابيلياس“
(Rabelais)
جي ”مٿانهين“ ماڻهوءَ (Supper
Man)
پئرس جي رهندڙڻ تي پاڻ کان ائين بدلو ورتو هو، جو
”ناٽيرڊئم“ (Natre
Dam)
تي لانگ ورائي ويٺو هو، ۽ شهر جي پاسي مُٽڻ لڳو
هو. گذريل ڏينهن جي شام جو، منهنجي سمهڻ کان اڳ ۾
بلڪل ائين ٿيو هو، جو مان ”رابيلياس“ جي متعلق
”گارنيئر“ (Garnier)
جي تشريح جو اڀياس پئي ڪيو. واقعي عجب جهڙي ڳالهه
اها آهي ته مون کي پنهنجي متعلق ”انسانن ۾
مٿانهون“ ماڻهوءَ هجڻ جي شاهدي ملي. ناٽيرڊئم جو
ڪنارو، پئرس ۾ منهنجو پسنديده تفريحي مقام هو،
جڏهن به شام جو مان واندو هوندو هوس ته گرجا جي
برج تي، راڪاسن ۽ شيطانن جي وچ واري جاءِ ۾ وڃي
ويهندو هوس.
۽ هاڻي اچو ته خواب جي جذباتي مقصد جي سچائيءَ جو
سبب ڏسون:
اها اونهاري جي گرم شام هئي، ۽ مون کي انهيءَ شام
دوران ”بي قابو جذبن“ ۽ ”جنسي گمراهيءَ“ جي وچ ۾
فرق بابت پنهنجي خيالن جو اظهار ڪرڻو هو ۽ هر ڪا
شيءِ مون کي اڻ وڻندڙ ۽ مڪمل طور تي منهنجي اصولن
جي خلاف پئي لڳي، مان ڏاڍو ٿڪل هوس ۽ پنهنجي
انهيءَ مشڪل ڪم ۾ ڪنهن به ريت منهنجي دل ڪانه ٿي
لڳي. مان ماڻهوءَ جي خرابيءَ/ برائيءَ وارين ڦڏن
کان پري ڀڄڻ ٿي چاهيو ۽ اهو ئي سبب هو جو مان
اٽليءَ جي حسن ڏسڻ کان پوءِ پنهنجي ٻارن ڏانهن
موٽي وڃڻ ٿي چاهيو. انهيءَ طبعي رويي دوران مان
تقرير ڪرڻ کان پوءِ هال مان نڪري ان ڪيفي ۾ اچي
ويٺس، ان کليل فضا ۾ کائڻ لاءِ جيڪو ڪباب مليو اهو
صاف سٿرو هو. پر ايتري ۾ هڪ نوجوان، جنهن اندر هال
۾ منهنجي تقريرٻڌي هئي، وڌي مون ڏانهن آيو ۽
پنهنجي ڀرسان ويهڻ لاءِ چئي هڪ ڪرسيءَ تي ويهي
رهيو. مون ڪباب کائي. ڪافيءَ جي پيالي ۾ هٿ وڌو ته
اهو نوجوان چاپلوسي ڪندي چوڻ لڳو:
”مون توهان جي تقرير مان گهڻو ڪجهه پرايو آهي، ۽
توهان ڪيئن نه بلڪل کليل اکين سان ڏسو ٿا، ڪيئن
”آگين وارو ڪِنو گند گهڙيءَ ۾ صاف ڪري ڇڏيو، ۽
منهنجي ذهن ۾ اعصابي نظريي متعلق بدگمانيءَ کي ڪڍي
ڇڏيو.“ پوءِ وري ڳالهه کي مختصر ڪندي چوڻ لڳو ته:
”توهان عظيم انسان آهيو.“
هن جي ائين چوڻ تي مون پنهنجي طبيعت ۾ خفو محسوس
ڪيو، پر مان پنهنجي انهن بڇان ڏياريندڙ احساسن سان
جنگ ڪرڻ لڳس، ۽ هن کان جند ڇڏائي، جلدي اچي گهر
پهتس. سمهڻ کان اڳ ۾ ”رابيلياس“ جا ورق ورائڻ لڳس،
”ڪورناڊ فريڊيننڊ ميئر“ (Leiden
eines Knaben)
جي هڪ ڪهاڻي: ”هڪ ڇوڪري جا غم“ (A
Boys Sorrows)
پڙهڻ ويٺس. اهو هو مواد جنهن کي خواب شامل ڪيو هو.
”ميئر“ جي ڪهاڻي جيئن ته مون ننڍي هوندي پڙهي هئي،
ان ڪري منهنجي دماغ ۾ ويٺل هئي، ۽ خواب جو اهو حصو
ننڍپڻ جي يادگيرين جي سلسلي ۾ ڳنڍجي ويو، ۽ ائين
ڏينهن وارو ٿڪ، گرمي ۽ خفو خواب ۾ ڪراهت واري منظر
جو سبب بڻيو هو.
خواب جو ٻيو ۽ متبادل رستو اڃان اهو به آهي، جنهن
۾ خواب جو ڪم، خوابي خيالن مان ڪجهه به گهٽائڻ
کانسواءِ ئي جذبن سان لهه وچڙ ۾ آيو هو، جنهن
سولائيءَ خاطر انهن کي ابتو ڪري ڇڏيو هو، جنهن
لاءِ اسان اڳ ۾ ئي ٻڌائي آيا آهيون ته خيال ۽ ان
جو متبادل به بهرحال ذهن ۾ اڳ ۾ ئي موجود هوندو
آهي، رڳو عبارت پنهنجو فيصلو ڪندي آهي. هڪ شيءَ جي
ڪنهن ٻيءَ/ مخالف شيءِ ۾ تبديلي، تمام ويجهن يا
گهرن لاڳاپن جي ذريعي ممڪن هوندي آهي، خيال جون
اهي ڪڙيون اسان جي ذهن ۾ موجود مخالف خيالن سان
ڳنڍيل هونديون آهن. ان قسم جا ٻيا به ڪيترائي
وڃائجي ويل واقعا، ڇنڊ ڇاڻ، کي پڄاڻيءَ تائين
رسائڻ ۾ مدد ڪندا آهن، پر اهي سدائين ”خواهشن جي
پورائي“ جي پيداوار بڻجي پوندا آهن، خواهشن جي
پورائي جو ڪم اڻوڻندڙ شين کي ان جي مقابلي وارين ۽
مخالف شين سان بدلائي انهن کي هموار ڪرڻ کانسواءِ
ٻيو نه هوندو آهي.
اهڙيءَ ريت جيڪو جذبو خوابي خيالن/ سوچن سان
وابستا هوندو، ان کي به مخالف شين ۾ پاڻ کي هموار
ڪري خواب پنهنجي جوڙجڪ ڪندو رهندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن
ائين به لڳندو آهي ته خواب ڄڻ جذبن جي ابتڙ به عمل
به ڪري ٿو، جيڪو وري خواب جي ڇنڊ ڇاڻ جي اصول تحت
هوندو آهي.
اسان جي سماجي اٿڻي ويهڻي، جيڪا اسان کي خواب جي
ڪاٽ ڪوٽ واري اصول لاءِ نهايت پسنديده هڪ جهڙائي/
واري صورت ميسر ڪري ڏيندي آهي، ان کي پڻ اسان
دٻائي ڇڏيندا آهيون ۽ اصولي طور تي بهاني يا
منافقت واري خيال کان، جذبن جي ابتڙ عمل ڪرڻ لڳندا
آهيون. مان جيڪڏهن ڪنهن شخص سان ان جي ڪنهن ڳالهه
تي غور ڪرڻ لاءِ ڳالهائيندس ته ان جي دلجوئي ڪندي
نيڪ خيالن جو اظهار ڪندس، گڏوگڏ اها ڳالهه به اهم
هوندي ته مان پنهنجي جذبن جا ڪجهه تاثرات اهڙي
نموني ادا ڪندس جيڪي منهنجي خيالن جي زبان ذريعي
ڪنهن جي درد گهٽائڻ جو اظهار ڪندا. اسان جيڪڏهن ان
سان زباني طور مخاطب ٿينداسين ته اسان پوريءَ طرح
نرم مزاج نه لڳنداسين، پر جيڪڏهن اسان پنهنجي نظرن
جي چرپر يا شڪل ۽ هٿن جي ادائگيءَ ۾ قبوليت يا
نفرت جو اظهار نه هوندو ته اسان جا اهي جذبا جيڪي
اسان جي واتان ظاهر ٿيندا، ان جو تاثر ان سامهون
واري مخاطب جي صورت تي به ساڳيو هوندو. اهڙيءَ ريت
منهنجي ڇنڊڇاڻ هر صورت ۾ منهنجي جذبن کي روڪي
وٺندي، پر جيڪڏهن مان مڪريل يا منافقت جو ماهر
هوندس ته مون کي مخالف جذبي واري ظاهرداريءَ کي
اختيار ڪرڻو پوندو، جڏهن ڪاوڙيل هوندس ته مرڪندس،
۽ ڪنهن تباهيءَ جي خواهش هوندي ته نهايت مصنوعي
نظر ايندس.
اسان جذبن جي ابتڙ رويي متعلق نهايت عمدا مثال پيش
ڪري آيا آهيون، جيڪي خوابن ۾ خوابي ڪاٽ ڪوٽ جي
طرفان ظاهر ٿين ٿا، جيئن منهنجي چاچي جي پيلي
ڏاڙهي (باب چوٿون: خوابن ۾ تاثر جو بگڙجي وڃڻ).
پنهنجي دوست ”آر“ جي لاءِ گهڻو مصنوعي رويي محسوس
ڪرڻ، جڏهن ته حقيقت جي روشنيءَ ۾ خوابي خيال ان کي
”بيوقوف“ ٿو سڏي، اهو پڻ جذبن جي ابتڙ وارو مثال
آهي، جيڪو خواب جي ڇنڊڇاڻ واري عمل جي موجودگيءَ
بابت پهريون اشارو هو. اهڙن معاملن ۾ دعويٰ ڪرڻ جي
ضرورت نه آهي ته خواب جو ڪم، ڪجهه به نه هجڻ جي
باوجود ان قسم جا غير موافق يا ابتا جذبا ٿو تخليق
ڪري.
چاچي واري خواب ۾، جنهن ۾ مون متضاد ۽ مصنوعي جذبن
جو ذڪر ڪيو آهي، ممڪن آهي ته اهي ننڍپڻ جي حوالي
سان (جيئن اسان ان خواب جي ٻئي حصي ۾ مشورو ڪيو
آهي) چاچي ڀائٽيي جي رشتي جي صورت ۾ ننڍپڻ جي
مخصوص ۽ اوائلي تجربي جي فطرت منجهان هجن. جنهن جو
تجزيو باب ڇهين: خواب جو عمل: جي حصي ڇهين: خوابن
۾ گفتگو جي آخر ۾ ۽ حصي نائين: ”خوابن ۾ اثر انداز
ٿيندڙ جذبا“ ۾ آندو آهي، جنهن ۾ سمورين دوستين ۽
نفرتن جو ذڪر آهي.
جذبن جي ابتڙ هجڻ جي اهڙي قسم جو بهترين مثال
”فيرينزي“
(Ferenzi-1916)
جي خوابن متعلق کوجنا ۾ ملي ٿو: ”هڪ وڏڙي عمر جو
سليقي وارو مرد، هڪ رات پنهنجي زال جي ڪري جاڳي
ٿو، جنهن کي سندس زال ٻڌايو آهي ته ننڊ ۾ هو ڏاڍا
وڏا ٽهڪ ڏيندو آهي. تنهن کانپوءِ ان شخص پنهنجو هي
خواب بيان ڪيو آهي:
”مان بستري تي ستل آهيان، ته هڪ شخص منهنجي ڪمري
۾ اچي ٿو، جنهن کي مان سڃاڻان ٿو. مان اٿي بتي
ٻاريان ٿو پر اها ٻري ڪا نه ٿي، مان وري وري ڪوشش
ڪريان ٿو، پر ناڪام ٿيان ٿو. پوءِ منهنجي زال
منهنجي مدد ڪرڻ لاءِ بستري تان اٿي ٿي، پر مدد نه
ٿي ڪري، ڇاڪاڻ ته هوءَ غير مرد جي موجودگيءَ ۾
روشني ڪرڻ نه ٿي چاهي، آخرڪار هوءَ واپس پنهنجي
بستري تي وڃي ٿي. انهيءَ تي مون کي کل اچي وڃي ٿي
ته منهنجي زال مون کي چوي ٿي: ”تون وري ڇا لاءِ ٿو
کلين؟ ڇو ٿو کلين؟ “ پر مان تيستائين کلندو رهيس
جيستائين مون کي جاڳ نه ٿي.“
ٻئي ڏينهن ويچارو مرد ڏاڍو اداس هو ۽ سندس مٿي ۾
سور به هو، هن کي پنهنجي خواب ۾ کلڻ واري عمل وڏي
فڪر ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو.
تجزياتي طور غور ڪجي ٿو ته هي خواب کلائيندڙ يا ڪا
تفريح مهيا ڪندڙ خواب نه آهي. ”هڪ شخص جنهن کي هو
سڃاڻي ٿو، سندس ڪمري ۾ اچي ٿو.“ خواب جي ڳجهن
خيالن ۾ اها ڪنهن وڏي ۽ اڻڄاتل دنيا سان وابستا
”موت جي تصوير آهي.“
هن جي ذهن ۾ جا تصوير اڀري آهي، اها هڪ ڏينهن اڳ
جي واقعي سان وابستا آهي. وڏڙي عمر وارو اهو مرد،
اصل ۾ ”رڳن“ ۽ ”وار نلين“ جي وچ وارين رت جي ننڍين
نسن ۾ سختي پيدا ٿي وڃڻ
(Arterio- Sclerosis)
جي عارضي ۾ مبتلا هو. هن وٽ پنهنجي موت متعلق سوچڻ
جو وڏو سبب به اهو هو. ننڊ ۾ بنا رڪاوٽ جي کلڻ،
سندس ان خيال تي سڏڪن ڀرڻ ۽ روئڻ جي جاءِ والاري
آهي، ته کيس موت اچڻو آهي، هن جي هٿان بتيءَ جو نه
ٻرڻ به اهو واضع ڪري ٿو ته هاڻي وڌيڪ روشني نه ٿي
سگهندي. هن جو غم ۾ مبتلا ڪندڙ اهو احساس سندس
سنجوڳ جي ڪوششن سان به سلهاڙيل آهي، ٿورو وقت اڳ ۾
هن ان قسم جي ڪوشش به ورتي هئي پر ”مان وري وري
ڪوشش ڪريان ٿو، پر ناڪام ٿيان ٿو. پوءِ منهنجي زال
منهنجي مدد ڪرڻ لاءِ بستري تان اٿي ٿي، پر بتي
ٻارڻ ۾ مدد نه ٿي ڪري.“ هو محسوس ڪري چڪو آهي ته
هو هيٺاهينءَ ڏانهن ڌڪبو پيو وڃي.
خواب جو ڪم! سندس ”نامرد هئڻ ۽ مرڻ“ جي غمناڪ
خيالن ۽ هن جي ”سڏڪن کي ٽهڪن ۾“ بدلائي، مذاحيه
منظر ذريعي پيش ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو آهي.
خوابن ۾ هڪ قسم اهڙو به آهي جنهن کي خاص طور تي
”مڪريلو، ٻٽاڪي ۽ منافقاڻو“ چئي سگهجي ٿو، جيڪو
”خواهشن جي پورائي“ جي نظريي متعلق پرک ڪرڻ تي وڏو
زور ڏئي ٿو.
انهن خوابن ڏانهن منهنجو ڌيان ان وقت ويو هو جڏهن
”فرائو ڊاڪٽر ايم هلفيرڊنگ“
(Frau Dr. M. Hilferding)
”پيٽر روزگرس“ جي ترتيب ڏنل خوابن جو دستاويز بحث
لاءِ ”ويانا جي نفسياتي تجزياتي سوسائٽيءَ“ ۾ کڻي
آيو هو.
”روزگرس“ پنهنجي ڪهاڻيءَ ”برطرف ڪيل“
۾ لکي ٿو ته:
”اصولي طور تي مان نهايت پُرسڪون ننڊ ڪرڻ وارن
منجهان آهيان، پر ڪيترين راتين کان مون کي پوريءَ
ريت آرام نه مليو آهي. پنهنجي مقدس پيشي جي جنون ۽
شاگرد واري حيثيت ۾ مون اهڙيون کوڙ راتيون قربان
ڪيون آهن ۽ پاڻ کي هڪ پل لاءِ به واندو نه ڇڏيو
آهي، ڄڻ مون تي ڪنهن درزيءَ جو پاڇو پيل آهي.
جيتوڻيڪ ائين نه ٿيو آهي ته ڏينهن جي وقت ۾ مون تي
ماضيءَ جو ڪو اولڙو پيو هجي، يا ان جي شدت کي
محسوس ڪيو هجي، پر جيڪو ملڪ فتح ڪرڻ جهڙو خيال رکي
ٿو يا زمين کي بهشت بنائڻ جي ڪم ۾ رڌل رهي ٿو ته
اهو ٻيءَ ڪنهن به ڳالهه ڏانهن ڌايان نه ڏيندو آهي.
جيڪڏهن ڪنهن شخص جي فلسطيني رهواسيءَ جهڙي کل/
چمڙي نه هجي ۽ ڌرتي ۽ بهشت فتح ڪرڻ هلي ته ان کي
گهڻو ڪجهه ٻيو به ڪرڻو پوندو، ۽ مان نه پئي ڪري
سگهيس. مان جڏهن ڦوهه جوانيءَ ۾ هوس ته رات جي
خوابن کان وڌيڪ ڏينهن جا سپنا ڏسندو هوس، وڏا وڏا
خيال پچائيندو هوس. ائين منهنجي ذهن تي پنهنجي
ماضيءَ جو يادون به گهڻيون تازيون رهنديون هيون، ۽
انهن جو اثر به هر ڪنهن شيءِ تي پوندو هو، پر جڏهن
منهنجي اندر ۾ فلسطين سمائجي ويو ته مان غير اهم
ڳالهين جي قيد مان نڪري آيس. مان پاڻ کان سوال به
ڪندو هوس ته مان ائين ڇو ٿو ڪريان، ڏينهن جي فڪري
سوچن بجاءِ رات جو خواب لهان ته وڌيڪ بهتر نه
ٿيندو!
”مان هڪ ڪاريگر درزيءَ وانگر پنهنجي استاد درزين
جي رهبريءَ ۾ بنا ڪنهن اجرت جي سندن ڪارخانن ۾ ئي
گهڻو وقت گذاريندو هوس، ۽ ائين مان انهن جي
ويجهڙائيءَ ۾ ڪپڙو ڪترڻ، سبڻ يا استري ڪرڻ به سکي
ويو هوس. پر پوءِ مون کي خيال ٿيو ته منهنجي اصل
جاءِ اها نه آهي، ۽ جيئن ته مان شهري ماڻهو هوس ان
ڪري مون سوچيو ته ڪنهن ٻئي ڪم ۾ هٿ وجهجي. ۽ ائين
مان گهڻو ڪري ڪم کان لنوائي موڪل به ڪري وٺندو
هوس. هڪ ڏينهن منهنجي استاد به مون کي محسوس ڪرايو
ته:
”تون هتي وقت نه وڃاءِ ۽ درزڪي ڪم کان وڌيڪ بهتر
ڪو ٻيو ڪم ڳولهه.“
ان ڏينهن کان پوءِ؛ جيڪڏهن مان ڪم کان لنوائيندو
هوس يا دڪان تي اچڻ کان گسائيندو هوس ته استاد کان
دڙڪا به کائيندو هوس، پر ڪنهن قسم جي اجرت ڏيڻ جو
خيال هن کي ڪڏهن به نه آيو. پوءِ مان دڪان جي
اونداهين ڪوٺيءَ ۾ پاڻ کي بند ڪري ويٺس ته:
”مان آئيندي ڪم نه ڪندس ۽ ۽ بس مون کي موڪل ڏي.“
پر استاد هڪ به نه ٻڌي ۽ هڪ ٽڪو به تريءَ تي نه
رکيائين، مجبوريءَ وچان مان سندس مددگار جي حيثيت
۾ سندس ئي دڪان تي سبڻ جو ڪم ڪندو رهيس.“
سپنن جي انهن ٿڪائيندڙ ڪلاڪن کان پوءِ، جاڳڻ ۾
ڪيڏو نه لطف آهي، پر جيڪڏهن مان اهو پڪو ارادو ڪري
وٺان ته جيڪڏهن مخالفت جي باوجود اهو ئي خواب وري
نظر اچي ته مان ان سموري منظرنامي کي پري اڇلائي
ڇڏيان ۽ پنهنجي پوري طاقت سان رڙ ڪري چوان:
”اها محض اٽڪلبازي آهي،“
ڇاڪاڻ ته مان ته بستري تي ئي ستل آهيان ۽ ننڊ ڪرڻ
ٿو چاهيان.
پر ٻيءَ رات وري به مان پاڻ کي درزيءَ واري
ڪارخاني تي ويٺل ٿو ڏسان.
ائين الائي ته ڪيترا سال گذري ويا انهيءَ طلسماتي
تسلسل ۾.
پر هاڻي اهو ٻيهر هن ريت ٿيو جو:
منهنجو استاد ۽ مان وري ”ايلفل هوفر“ (اهو هاري
جنهن جي گهر ۾ مان پهريون ڀيرو ڪم سکڻ ويو هوس) وٽ
گڏجي ڪم ڪرڻ لڳاسين. منهنجو استاد منهنجي ڪم مان
بلڪل به خوش نه هو، چوڻ لڳو:
”مان ڄاڻڻ چاهيان ٿو ته تون هن وقت تائين ڪٿي ويهي
ڦورا ڦولهيندو رهيو آهين؟“ هن مون ڏانهن ڪاوڙ
وارين نگاهن سان نهاريو.
منهنجي لاءِ اهو مناسب هو ته مان اٿي هن کي چئي
ڏيان ته:
’مان توسان رڳو ان ڪري گڏ آهيان جو مان توکي راضي
ڏسڻ ٿو چاهيان، نه ته هي گوءِ هي ميدان...... پر
مان ائين ڪري نه سگهيس.‘
مون ته ان تي به اعتراض نه ڪيو جڏهن منهنجي استاد
مون کي شاگرديءَ دوران، ڪرسي خالي ڪرڻ ۽ ميز صاف
ڪرڻ لاءِ چوندو هو، ۽ مان ڪنڊ ۾ بيهي سئي ڌاڳي سان
ڪپڙن ۾ بٽڻ ٽاڪڻ لڳندو هوس.
ساڳئي ڏينهن درزڪي ڪم جو هڪ ٻيو ڪاريگر (مڪريلو ۽
ٻهروپيو) ڪارخاني ۾ آيو، هو جمهوريه چيڪ جو رهواسي
هو، هن اسان وٽ اٽڪل اڻويهه سال اڳ هتي ئي ڪم ڪيو
هو، ۽ هڪ ڀيري بورچيخاني جي پويان ڪاريز ۾ ڪري پيو
هو. ايندي شرط ويهڻ لاءِ هيڏانهن هوڏانهن نهارڻ
لڳو، پر جيئن ته ويهڻ جي ڪا جاءِ ڪا نه هئي، تڏهن
مون سواليه انداز سان استاد ڏانهن نهاريو ته هن
مون ڏانهن ڪنڌ ورائي چيو:
”تو وٽ سبڻ ڪرڻ جو ته ڪو هنر آهي ڪو نه! سو تون
وڃي سگهين ٿو، تون برطرف آهين.“
ان تي مون کي ايترو ته ڊپ ٿيو جو ان خوف کان جاڳي
پيس.
صبح جي هلڪي ڀوري روشني، بغير پردي واري، منهنجي
سڃاتل گهر جي دريءَ منجهان ڇڻي رهي هئي. مصوريءَ
جي فن جا حسين شاهڪار منهنجي ”لافاني هومر“
(Eternal Homer)
”ديو قد ڊانٽي“
(Gigantic Dante)،
”اڻ برميچندڙ شيڪسپيئر“
(Incomparable Shekespeare)،
شانائتو گوئٽي“
(Glorious Goethe)
، سمورا عاليشان ۽ امر هئا.
ٻئي ڪمري منجهان جاڳيل ٻارن جا سريلا، پيارا ۽
تازگيءَسان ڀرپور آواز اچي رهيا هئا، شايد پنهنجي
ماءُ سان کل مذاق پئي ڪيائون. مون ائين پئي محسوس
ڪيو، ڄڻ دلڪشيءَ ۽ حسن جو هڳاءُ حاصل ڪري ورتو
هجي، ڪو لوڪ گيت ڳولهي ورتو هجي. اها پرامن،
شاعراڻي ۽ روح کي راحت ڏيندڙ حياتي، جنهن ۾ مان
انساني خوشيءَ کي وڏي فڪر ۽ ڌيان سان محسوس ڪري
سگهان ٿو.
پر هو اڃا تائين مون کي آزاريندو ٿو رهي، حالانڪ
مان پنهنجي استاد ڏانهن هر وقت ڌيان ڏيندو ٿو
رهان، پر پوءِ به مان هن جي طرفان ”برطرف ڪيل“
آهيان.
ان رات مان ڪيڏو نه حيرت ۾ مبتلا هوس، جنهن ڏينهن
شام جو منهنجي استاد مون کي برطرف ڪري ڇڏيو هو.
مون سڪون مان مزو ماڻيو هو، مان درزيءَ وارن ڏينهن
بابت ڪو به خواب ڏسڻ نه ٿي چاهيو، جنهن مون کي
ڪيئي سال پوئتي ڌڪي ڇڏيو هو، اهي ڏينهن جيڪي کلڻ
ڪڏڻ جا هئا، ڪنهن به چلولائيءَ کان خالي هئا، پر
ان جو پاڇو پوءِ به ڪيترا سال مون سان گڏ رهيو.
خوابن جو هي سلسلو هڪ اهڙي ليکڪ جي خوابن تي ٻڌل
آهي، جيڪو پنهنجي جوانيءَ ۾ ماهر درزي هو، جنهن ۾
”خواهشن جي پورائي“ جي غلبي جي شناخت ڪرڻ ڏاڍو
ڏکيو آهي. خواب ڏسندڙ جون سموريون پر لطف ڳالهيون
ڏينهن جي وقت جون آهن، جڏهن ته سندس خوابن ۾ اڃان
تائين زندگيءَ جي اداسين جو پاڇو سندس روح کي
رئاڙيندو رهي ٿو، جنهن مان هو جند ڇڏائي چڪو آهي.
منهنجا پنهنجا به ڪجهه خواب اهڙي قسم جا آهن، جيڪي
مون کي معمولي روشني ڏيڻ جي قابل نه هوندا آهن. هڪ
نوجوان ڊاڪٽر جي حيثيت ۾ مون به گهڻو وقت ڪيميائي
اداري ۾ گذاريو آهي، هڪ قابل ماڻهوءَ جي حيثيت ۾،
جنهن جي ان تجرباتي اداري کي گهرج هئي. ان حوالي
سان مون پنهنجي جاڳ واري زندگيءَ ۾ خاص طور تي
تربيت دوران ان کي ڪڏهن به صلاحيتن کان وانجهيل ۽
خفو ڏياريندڙ ڪم نه سمجهيو هو. ٻئي طرف مسلسل
تجربي گاهه ۾ مختلف تجزين ۽ تجربن تي ڪم ڪرڻ وارا
خواب وقفي وقفي سان پيا نظر ايندا هئا. اهي خواب
ان ساڳئي نموني، امتحاني خوابن جيان ناخوشگوار
آهن، ۽ وڌيڪ انوکا يا واضع به نه آهن. جيتوڻيڪ مون
انهن مان هڪڙي خواب جو تجزيو به ڪيو هو، پر تڏهن
مون کي لفظ ”تجزيو“ ڏاڍو وڻندو هو، ڄڻ خوابن کي
سمجهڻ جي مون کي ڪا ڪنجي ملي وئي هئي. انهن ڏينهن
۾ مان گهڻو ”تجزيو ڪندڙ“ مشهور هوس، ۽ هاڻي جڏهن
ڪيترن ئي خوابن جو تجزيو ڪري هن منزل تي پهتو
آهيان ته مان ائين چئي سگهان ٿو ته اهو رڳو تجزيو
نه پر ”نفسياتي تجزيو“ آهي، ۽ هاڻي مان ان ڳالهه
تي واضع ٿي ويو آهيان.
مان جيڪڏهن ان قسم جي تجزيي ڪرڻ جي معاملن تي
پنهنجي اندر فخر کي وڌايان ته ظاهر آهي مون کي
پنهنجي ڏينهن جي ڪارگذاريءَ دوران ڪاميابيءَ لاءِ
محنت به وڌيڪ ڪرڻي پوندي، منهنجا خواب مون کي رات
جو انهن ٻين خوابن جي ناڪام تشريح جي يادگيري
ڏياريندا آهن، جن تي مون کي فخر محسوس نه ٿيندو
آهي، اهي انهيءَ ماهر درزيءَ جي خوابن وانگر
پوڍائي
(Parvenu)
جي بدسلوڪيءَ وارا خواب هوندا آهن، جيڪو هڪ ڏينهن
مشهور ليکڪ ٿي ويو. پر خواب لاءِ ”پوڍائي جي غرور“
۽ ان جي ”خود احتسابي“ جي تضاد جي وچ ۾ ڪيئن ممڪن
آهي ته هو ايندڙ وقت جو پاسو جهلي ۽ غير اخلاقي
خواهش جي پورائي بجاءِ ڪنهن سياڻپ واري مواد جو
اطلاع ڏئي؟
جيئن مان اڳي چئي آيو آهيان ته ان سوال جو جواب
تمام گهڻيون دشواريون پيدا ڪري سگهي ٿو، اسان رڳو
اهو چئي سگهو ٿا ته خواب جو بنياد ”جذبات جي
تصوراتي وڌاءَ“ جي پهرين واقعي يا حالت سان جڙندو
آهي، پر خفو يا چڙ ڏياريندڙ خيال ان تي ڪنهن ٿڌي
پاڻيءَ جيان هارجڻ لڳندو آهي ۽ خواب ۾ پنهنجو رستو
تلاش ڪندو آهي. ٿي سگهي ٿو ذهن ۾ ويٺل ڪنهن غلط
ڪاريءَ ذريعي جنسي لذت واري
(Masochistic)
من اڇل ياد ڏياريندو هجي، ۽ اها ئي من اڇل، ان کي
پوئتي موٽائي پيش ڪرڻ جي ذميدار هوندي آهي. مون کي
ان سطح جي خوابن تي اعتراض نه آهي ته اهي ”خواهشن
جي پورائي“ ۾ فرق آڻي، ”بدسلوڪيءَ وارن خوابن“ جي
عنوان هيٺ پيش ٿين ٿا. مان انهن کي خوابن جي
صلاحيت واري نظريي طور نه ٿو مڃان، جيڪي مون هيل
تائين پيش ڪيا آهن، اهي انهن جي خاص ٻوليءَ جي علم
سان مصلحت کان وڌيڪ اهم نه آهن، جيڪي دشوارين کي
راحت سمجهندا آهن ۽ جيڪي ان اسرار کي ڳولهڻ جي
ڪوشش ڪندا آهن ته سامهون وارو هڪ راءِ ٿيو آهي. پر
اهڙن ڪجهه خوابن کي غور سان جاچڻ کانپوءِ انهن
منجهان اڃان ڪجهه وڌيڪ روشني/ رهنمائي ملي ٿي.
منهنجي تجربي گاهه وارن خوابن منجهان هڪ خواب جي
غير واضع پسمنظر جو حصو ان عمر جو هو، جڏهن پنهنجي
طبي پيشي ۾ ڏاڍو غمگين ۽ ناڪاميءَ جي سالن منجهان
پئي گذريس. مان جيستائين ڪنهن نوڪريءَ تي نه چڙهيو
هوس تيستائين ڪمائڻ جو ڪو واضع خيال مون ۾ پيدا ڪو
نه ٿيو هو. پر ساڳئي وقت/ اوچتو مون تي آشڪار
ٿيوته مون کي ڪيترن ئي ڇوڪرين مان ڪنهن هڪ سان
شاديءَ لاءِ چونڊ ڪرڻ جي آزادي آهي، تڏهن مون پاڻ
کي اڃان به وڌيڪ جوان محسوس ڪيو، ۽ پاڻ کي هر شيءِ
کان اعليٰ سمجهڻ لڳس. ۽ اها عورت به پاڻ کي جوان ۽
تازو توانو محسوس ڪرڻ لڳي، جنهن مون سان مشڪل سالن
دوران تڪليفن ۾ ساٿ ڏنو هو. خواب جو لاشعوري طور
ڀڙڪائيندڙ عمل اهڙيءَ ريت ظاهر ڪرڻ لڳو جيئن ڪنهن
وڌندڙ عمر جي ماڻهوءَ جي خواهشن کي باقاعدي ٽُڪي
ٽُڪي ختم ڪندو آهي. ٽانءِ ۽ خود احتسابي جي وچ ۾
تضاد، ذهن جي ٻي سطح تي ڌمچر مچائيندو آهي. ۽ اهو
سچ آهي ته اهو خواب جو ئي طئي ڪيل متن هوندو آهي،
پر اها رڳو جوانيءَ جي لاءِ تمام گهري پاڙ واري
خواهش هوندي آهي ۽ اها ئي خواهش، خواب ۾ تضاد کي
ممڪن طور تي پيش ڪري سگهندي آهي.
اسان جڏهن جاڳيل هوندا آهيون تڏهن به گهڻو ڪري پاڻ
کي ائين چوندا آهيون ته: ”هاڻي ته شڪر آهي ڏينهن
سٺا پيا گذرن، پر اڳي ته ڏاڍا ڏکيا ڏينهن گذريا
آهن.“ ”سڀڪجهه ساڳيو ئي آهي، اڳي به سڀڪجهه پيارو
هو، هاڻي به پاڻ جوان آهيون.“ هتي تحليل نفسيءَ،
شخصيت کي آپي
(Ego)
۽ ماڻهپي
(Supper- Ego)
۾ تقسيم ڪيو آهي، جنهن منجهان ”ماڻهپي جي اهڙن
”ڏوهه ڏنڊ وارن خوابن“ ۾ ”خواهشن جي پورائي“ کي
آسانيءَ سان شناخت ڪري سگهجي ٿو. ڏسو باب ستون
خوابن جي عمل جو نفسياتي پهلو، حصو ٽيون: خواهشن
جو پورائو.“
ٻئي قسم جي خوابن جو ٽولو
جنهن جو سفر مان پنهنجي سر گهڻو طئي ڪري آيو آهيان
جن کي مان ”مڪريلي، رياڪار ۽ ڊاڙن ٻٽاڪن هڻڻ
(Hypocritical)
واري صورت ۾ سڃاڻان ٿو، جن جي ٻيهر مطابقت انهن
ماڻهن سان پيدا ڪندڙ متن ذريعي ٿئي ٿي، جن جي
دوستي ڪيترا ئي سال اڳي ختم ٿي ويل هوندي آهي.
اهڙن معاملن ۾ انهن جو تجزيو سندس عام عادت مطابق
انهن واقعن ذريعي ظاهر ٿيندو آهي، جن جي متعلق مون
کي انهن جي پراڻن دوستن جي گهاٽي دوستيءَ وارين
باقي بچيل يادن متعلق، انهن پراڻن دوستن کي ”اجنبي
يا دشمن“ جي حيثيت ۾ ڪيل ورتاءُ تي غور ڪرڻ جي
ضرورت پوندي آهي.
خواب بهرحال مخالف رشتن/ واسطن جو تصور چٽيندو
آهي.
خوابن متعلق هڪ تخليقي ليکڪ جو جڙيل فيصلو ان
حوالي سان مڃڻ جهڙو آهي ته ان خوابن جي تفصيل ۽
متن کي پنهنجي علم آهر غير ضروري ۽ ”بتال هئڻ واري
حالت“ جي طور تي بيان ڪيو آهي. ان حوالي سان هن جا
خواب ڪيترائي ئي مسئلا پيدا ڪندڙ آهن، جن کي هڪدم
حل ڪرڻ گهرجي، پر ان لاءِ شرط اهو آهي ته ان جي
متن تي پوريءَ طرح ڌيان ڏنو وڃي.
”اوٽو رئنڪ“ مون کي ان ڳالهه جي نشاندهي ڪرائي آهي
ته: ”گرمس جي پرين جي آکاڻين ۾: ”ننڍڙو درزي“
(The Little Tailor)
ان ساڳي ”پوڍائي
(Parvenu)
واري متن جهڙو خواب آهي. ”درزي ان ڪهاڻيءَ جو نائڪ
آهي ۽ بادشاهه جو نياڻو آهي، هڪ رات هو پنهنجي
پراڻي هٿ جي هنر جو خواب ڏسي ٿو، ته هو پنهنجي زال
(شهزاديءَ) جي ڀر ۾ ويٺو آهي، هوءَ ڪجهه بدگمان
آهي، هوءَ سندس خواب جا اکر ٻڌي، ٻيءَ رات مسلح
سپاهين ذريعي کيس قيد ڪرائي ٿي، پر ننڍڙو درزي ان
ڳالهه کان آگاهه آهي ته سندس خواب سچو آهي.“
”بيڪار تصور ڪري ڇڏڻ جي مونجهاري وارو طريقو“، ان
خيال کان گهٽتائيءَ وارو ۽ پوئتي مڙيل هوندو آهي
جو اهو خوابي خيالن تي اثرانداز ٿيندو آهي ۽ خوابي
خيال آخرڪار خوابن جي مناسب ترڪيبي اسلوب ذريعي ان
کي مطمئن ڪري سگهڻ لاءِ انهن کي خواب جي پاسي موڙي
وٺندو آهي، ۽ ان ريت اهي مڪمل طور تي تجزيو ڪيل
هوندا آهن.
مان هتي ”خوابن ۾ جذبن جي اظهار“ متعلق ڪجهه وڌيڪ
مثال پيش ٿو ڪريان، جن ۾ ڪجهه شمار ڪيل امڪان مون
ڳولهي ورتا آهن:
(ت )
جيڪڏهن اسان ”پوڙهي بروڪيءَ“ جي منهنجي پنهنجي
”ڍونگري“ جي وڍڪٽ بابت ڏنل عجيب ذميداريءَ واري
خواب ڏانهن ٿورو پوئتي موٽي اينداسين ته اسان کي
ياد ايندو ته ان خواب ۾ مان پاڻ ڊيڄاريندڙ احساس
(Grauen)
جي دعويٰ ڪرڻ کان بلڪل عاري هوس. هاڻي ڏسو ته اهو
هڪ خيال کان منهنجي ”خواهش جو پورائو“ ڪندڙ احساس
هو. وڍڪٽ جو مطلب هو: ”خود شناسي يا پنهنجي شخصيت
جو تجزيو“، جنهن جي سهاري مان هلان ڪريان پيو،
جهڙوڪ خوابن جي هن ڪتاب جي شايع ڪرائڻ جي سلسلي ۾
جيڪي ايذاءَ ڀوڳڻا پيا آهن ته سچ پچ ته ڪڏهن ڪڏهن
دل چوي ٿي ته هن اختتام پذير تحرير کي شايع ڪرائڻ
جي خيال کي ڪجهه سالن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏيان. پوءِ
هڪ خواهش منهن ڪڍي ٿي ته مون کي انهيءَ ”خفو
ڏياريندڙ احساس“ کي تيستائين روڪڻ گهرجي، جيستائين
اهو احساس خواب ۾ ڪنهن”خوفناڪ“
(Grauen)
حد تائين نه ٿو رسي، ان لفظ
(Grauen)
جي ٻي معنيٰ مطابق ”مان وڌندڙ اڇاڻ کي نظرانداز
ڪرڻ تي خوش هوس“، ۽ ”اڇاڻ“ منهنجي وارن جي يادگيري
به ڏياري رهي هئي ته مون کي ڪنهن به صورت ۾ دير
ڪرڻ نه گهرجي، ۽ آخرڪار پنهنجي ٻارن لاءِ هڪ خيال
اڀري ٿو ۽ ته انهن کي منهنجي مشڪل سفر واري منزل
ڏانهن هلڻ تي غور ڪرڻ گهرجي ۽ ائين خواب جو اختتام
ٿئي ٿو.
هاڻي اچو ته انهن ٻن خوابن تي وڌيڪ غور ڪريون، جن
۾ ”اطمينان جي تاثر“ منهنجي جاڳڻ کانپوءِ ترتيب
بدلائڻ جو طريقو اختيار ڪيو.
هڪڙي خواب جي معاملي ۾ اطمينان جو ڏنل سبب ”اميد
رکڻ“ آهي، جنهن جي کوجنا مون هاڻي ڪئي آهي ته ان
جو ڪهڙو مطلب آهي؟ جو مون اهو خواب اڳ ۾ ڏٺو آهي،
جڏهن ته حقيقت ۾ اهو اطمينان مون کي، منهنجي پهرين
ٻار جي پيدائش جي حوالي سان هو.
ٻئي معاملي ۾ ظاهر سبب منهنجو ويساهه هو، ته اها
ڪنهن مرض جي سلسلي ۾ پيشنگوئي
(Prognosis)
هئي، جيڪا هاڻي سچ ثابت ٿي هئي، جڏهن ته حقيقي
حوالو ان پوئين خواب جهڙو ئي هو، جنهن ۾ منهنجي
ٻئي پٽ جي ڄمڻ متعلق آجيان جي خوشي هئي. هتي جذبن،
جن ”خوابي خيالن“ جي مخالفت جي باوجود خوابن ۾
چڙهت پئي ڪئي، پر اهو چوڻ وڌيڪ سچيت آهي ته خواب
شين کي رڳو سادو ڪري پيش نه ڪندو آهي. اسان جيڪڏهن
صرف ٻن تشريحن تي ٿوري وڌيڪ گهرائيءَ سان غور ڪري
ڏسنداسين ته اهو ”اطمينان“ ڪاٽ ڪوٽ کان فرار ٿي،
ڪنهن ٻئي وسيلي/ لنگهه ذريعي پهتو آهي، ان ٻئي
وسيلي کي ڪاٽ ڪوٽ جي ڊپ جا پنهنجا بنياد آهن، ۽
جيڪڏهن اهو پاڻ کي ساڳيءَ شڪل ۾ نه لڪائيندو ته ان
جا نتيجا پڪ سان مخالفت کي اڀارڻ جو ڪم ڪندا، ۽
”اطمينان“ جا جائز تاثر انهيءَ ”وسيلي“ سان اڀري،
پنهنجي حد منجهان تِرڪي اچي ان سان ملندا جيڪي
اجازت جي قابل هوندا آهن.
اتفاق سان، مان انهن خوابن جي اصل معاملن کي ثابت
نه ٿو ڪري سگهان، پر زندگيءَ جي ٻين شعبن منجهان
مثال کڻي پنهنجو مقصد بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس، جيئن
هي مثال وٺو:
منهنجو هڪ سًاڻپ وارو شخص هجي، جنهن کي مان پسند
نه ڪندو هجان، ان ڪري هن کي جيڪڏهن ڪا تڪليف رسندي
ته ظاهري طور تي مون ۾ خوشيءَ جو احساس ضرور پيدا
ٿيندو، پر منهنجي فطرت جو اخلاقي پهلو منهنجي ان
جذبي کي رستو نه ڏيندو. اخلاقي طور تي مان پنهنجي
ان خواهش جو اهو اظهار نه ڪري سگهندس ته هو ته ڪو
وڏو بدقسمت آهي! ۽ جيڪڏهن هو بنا ڪنهن ڏوهه جي
ڪنهن شامت يا بدنصيبيءَ ۾ مبتلا ٿي ٿو وڃي ته مان
پنهنجي اطمينان جي جذبي کي دٻائي وٺندس، ۽ پنهنجي
خيالن تي دٻاءُ وجهندس ۽ اندر ۾ افسوس جي ڪيفيت
محسوس ڪندس. منهنجو خيال آهي ته هر شخص اهڙين
حالتن مان گذريو هوندو ۽ ڪڏهن نه ڪڏهن ائين ضرور
محسوس ڪيو هوندو.
پوءِ ڇا ٿو ٿئي؟
اهو شخص جنهن کي مون پسند نه ٿي ڪيو، پنهنجي ئي
ڪنهن غلطيءَ سبب واقعي ڪنهن اڻوڻندڙ معاملي ۾ ڦاسي
پيو هجي، ته مان پنهنجي اطمينان وارن خيالن جي
لغام کي ڍلو ڪري ڇڏيندس، ۽ دل ۾ سوچيندس ته چڱو
ٿيو جو هن کي اها سزا ملي، ۽ مان پاڻ کي ٻين
ڪيترين ماڻهن وانگر منصف مزاج سمجهڻ لڳندس. بهرحال
مان مشاهدو ڪري سگهندس ته مون کي ”منهنجو اطمينان“
انهن ٻين ماڻهن کان وڌيڪ ڀرپور نظر ايندو، ۽
جيستائين ان جذبي جو اظهار نه ٿيندو، اهو تيستائين
منهنجي نفرت واري رضامنديءَ ذريعي مون وٽ جمع ٿيل
هوندو، پر ڪاٽ ڪوٽ يا گهٽائڻ وارين عملي حالتن ۾
اهي جذبا گهڻي دير تائين جٽاءُ نه ڪري سگهندا آهن.
سماجي زندگيءَ ۾ اهو رويو اسان کي عام جام نظر
ايندو آهي، ۽ گهڻو ڪري تڏهن، جڏهن ڪيني، دشمني،
ڌڪار ۽ ڪراهت جو اظهار ڪندڙ ماڻهو يا غير معروف
اقليت جا ڪارڪن، غلط ڪمن ۾ ملوث هوندا آهن. انهن
جون سزائون انهن جي غلط ڪارين جي اصولن سان تعلق
نه رکنديون آهن، پر سندن غلط ڪاريون ۽ سندن ننڍيءَ
دل واريون سوچون اصول ۽ قانون جي خلاف ورزي ڪنديون
آهن، انهن کي پنهنجي گذريل نتيجن جي به پرواهه نه
هوندي آهي.
ان ۾ ڪوشڪ نه آهي، ۽ اهو سچ به آهي ته جيڪي سزا جو
ايذاءُ به سهن ٿا پوءِ به اهڙي عمل ۾ ملوث رهن ٿا،
اهو ان ڪري جو اهي، اطمينان جي حوالي سان، گهڻي
عرصي کان اندر ۾ دٻايل جذبن جي نيڪال جي نتيجن کان
آگاهه نه هوندا آهن. اهڙن معاملن ۾ ”جذبو“ پنهنجو
خصوصيت جو جواز رکي ٿو پر مقدار جي حوالي سان
وانجهيل رهي ٿو، ۽ خود احتسابي، جيڪا انهن کي هڪ
نڪتي تي رسائي ٿي، اها رڳو ٻئي جي سلسلي ۾ آزمائش
يا امتحان کي نظرانداز ڪرڻ جي سگهه پيدا ڪري، ۽ ان
سلسلي ۾ جيڪڏهن هڪ ڀيرو اهو دروازو کولبو ته ٻيا
به ڪيترائي ماڻهو پنهنجو رستو ٺاهي امن ۽ محبت جي
گهر ۾ اچي پهچندا.
اعصابي خلل جي ڪردار سازيءَ ۾ نمايان نشاني، حقيقت
۾ اها آهي ته ”جذبي کي اظهارڻ لاءِ هڪ اهليت رکندڙ
سبب“ انهيءَ جي نتيجي کي موزون انداز سان پيش ڪرڻ
آهي، جيڪو خاصيت يا قابليت جي لحاظ کان قابل قدر
هجي ۽ تائيدي ثبوت ڏيندڙ هجي، پر گڏوگڏ تمام گهڻين
صلاحيتن جو حامل هجي، پوءِ انهن جي، ساڳين نڪتن
ذريعي وضاحت ڪري سگهجي ٿي، ته جيئن ڪنهن حد تائين
نفسياتي وضاحت کي به قبول هجي.
گهڻائي، گهڻو ڪري ”جذبي“ جي انهن ”ذريعن“ منجهان
اڀري ٿي، جيڪي يادن ۾ گذريل وقتن تي، لاشعوري طور
دٻايل صورت ۾ رهجي ويل هوندا آهن. اهي ”ذريعا“
لاڳاپيل واسطيداريءَ وسيلي، حقيقي اجراءَ واري
ترتيب ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿيندا آهن، ۽ اها جاري ٿيل
ترتيب، جذبي جي انهن ٻين ذريعن منجهان ناقابل
اعتراض ۽ جائز مطلب وارو رستو کوليندي آهي.
هاڻي اچو ته انهن اشارن/ تجويزن کي، نفسياتي جوڙجڪ
تي لاڳو ڪريون ۽ ڏسون ته ”جذبي جو اظهار“ خوابن ۾
ڪيئن ٿو ٿئي.
”اطمينان“ جيڪو خوابن ۾ اظهار جي ٿو ۽ اظهار ڪري
سگهي ٿو، اهو هڪدم ”خوابي خيالن“ جي ان جاءِ ڏانهن
ڌيان ڏيندو آهي، جيڪا گهڻو ڪري/ هميشه ڪنهن حوالي
طور مڪمل نموني نروار نه هوندي آهي، انڪري اصول
مطابق ان کي ”خوابي خيالن“ جي ٻئي ۽ ان وسيلي
ڏانهن نهارڻ جي ضرورت پوندي آهي، جيڪو ڪاٽ ڪوٽ جي
دٻاءَ هيٺ هوندو آهي. ان دٻاءَ جي نتيجي ۾ اهو
ذريعو/ وسيلو ”اطمينان“ سان نه پر عام رواجي انداز
۽ غير موافق/ الٽي نتيجي سان پيش ٿيندو آهي. جذبي
جي پهرين ”ذريعي“ جي موجودگيءَ جو هجڻ بهرحال
ضروري آهي، ان ڪري ٻيو ذريعو، ”اطميناني تاثر“ جي
دٻاءَ تان هٿ کڻڻ لاءِ تيار ٿيندو آهي ۽ اهو پهرين
ذريعي پاران ”اطمينان“ متعلق زور وٺائڻ يا تيز ڪرڻ
جي عملي اجات ڏيندو آهي. اهڙيءَ ريت اهو ”جذبو“
خوابن ۾ ڪيترن ئي ذريعن جي وفاق جي سنگم سان پيش
ٿيندو آهي ۽ خوابي خيالن جي مواد جي حوالي سان
پختي هجڻ جا گهڻا ئي جواز رکندڙ هوندو آهي.
خواب جي ڪم دوران، جذبن جا ذريعا، جيڪي هڪجڙائيءَ
جي تاثر پيدا ڪرڻ جي قابل هوندا آهن، اهي گڏجي
انهن کي تخليق ڪندا آهن.
اسان تجزيي جي حوالي سان انهن مونجهارن کي سمجهڻ
لاءِ ٿوري اندروني ساڃاهه حاصل ڪري چڪا آهيون، خاص
طور ان خواب جي سلسلي ۾ جنهن ۾ جملو: ”هو زنده نه
رهندو“
(Non Vixit)
ادا ٿيل هو، جيڪو اصل ۾ منهنجي ٻاراڻي عمر ۾ اهو
ٻاتي نموني
(Non Vivit)
يعني ”هو مئل آهي“ ادا ڪيو هو. ان خواب ۾ جذبي جي
وضاحتن جون مختلف خاصيتون، متن جي پيشڪش جي ٻن
نڪتن: هڪ وروڌي
(Hostile)
۽ ٻيو ايذائڻ يا ڏک پهچائڻ، تڪليف
(Distressing)
جي احساسن تي، اجنبي جذبات جي سرسي حاصل ڪرڻ جي
ذريعي گڏ ٿيون هيون، اهي اجنبي جذبات خواب ۾ لفظن
جي صورت ۾ پاڻ هرتو استعمال ٿيا هئا، جن جون ڪڙيون
ان نڪتي تي اچي بيٺيون هيون، ۽ مون انهن ٻن لفظن
سان پنهنجي حريف دوست جي مئل هجڻ جو اعلان ڪيو هو.
۽ خواب جي آخر ۾ وري ڏاڍو سرهو هوس ۽ مون ان جي
امڪان کي مڃيو، ۽ مون ڄاتو پئي ته جاڳ واري حالت ۾
ان جي مرڻ کانپوءِ روح جي صورت ۾ موٽي اچڻ، يقينن
هڪ اجايو خيال هو، جيڪو فقط تصوراتي خواهش ذريعي
ئي محسوس ڪري سگهجي ٿو.
مون اڃان خواب جي جلد جوش ۾ اچڻ واري حالت
(Excitability)
جي سبب کي شامل نه ڪيو آهي. اهو هڪ نهايت اهم ۽
خواب کي انتهائي غور سان سمجهڻ جي رهنمائي ڪندڙ
عنصر آهي. مان برلين شهر ۾ پنهنجي هڪ دوست ”فليس“
کان ٻڌو هو ته هو آپريشن ڪرائڻ جي لاءِ پئي ويو پر
وڌيڪ خبرچار ويانا جي سندس ويجهن مائٽن کان ملي
هئي. هن جي آپريشن کان پوءِ جا پهرين خبر مون
تائين پهتي هئي، اها ايتري ڀروسي جوڳي نه هئي،
جنهن ڪري مون کي ڳڻتي محسوس ٿيڻ لڳي. پوءِ مون وٽس
وڃڻ وڌيڪ بهتر سمجهيو، پر اوچتو ان وقت مان پاڻ هڪ
اهڙي سخت سور ۾ مبتلا ٿي ويس جو چرڻ پرڻ به تڪليف
ڏئي رهيو هو.
سوچ! مون کي ان وقت اطلاع ڪيو ته مان پنهنجي دوست
جي حياتيءَ لاءَ فڪرمند آهيان. هن کي رڳو هڪ ڀيڻ
هئي، جنهن کي مان نه سڃاڻيندو هوس، ۽ مون کي رڳو
ايتري خبر هئي ته اها پنهنجي جوانيءَ ۾ ئي ڪنهن
مختصر علالت کانپوءِ فوت ٿي وئي هئي: ”خواب ۾ فليس
پنهنجي ڀيڻ متعلق ڳالهائي رهيو هو ۽ چئي رهيو هو
ته هوءَ ڪلاڪ جي ٽئين حصي ۾ گذاري وئي هئي.“ مون
ان ڪري ائين سمجهيو هو ته شايد ڀيڻ وانگر هن ۾ به
مدافعت نه هجي ۽ هن جي متعلق ڪا ڏک جهڙي خبر اچي
ٺڪاءُ ڪري، ان ڪري مون کي ضرور سفر ڪري وٽس وڃڻ
گهرجي، پر مان دير سان پهتس، جنهن لاءِ مان پاڻ کي
ندامت جي احساس کان روڪي نه سگهيس.
”دير سان پهچڻ“ پڻ خواب جو مرڪزي نڪتو ٿي اڀريو هو
پر اهو ”بروڪيءَ“ جي ان منظر جي ذريعي نمائندگي
ڪري رهيو هو، جڏهن هو منهنجي شاگرديءَ واري زماني
۾ منهنجو شانائتو استاد هو، جنهن پنهنجي گهوريندڙ
نيرين اکين سان ڊيڄاري ڇڏيو هو.
ان کان جلد ئي پوءِ اهو خيال فليس جي حوالي سان،
ان انداز سان اڀري آيو هو. اهو منظر (بروڪيءَ سان)
جنهن جو مون کي تجربو ٿيو هو، خواب پنهنجي ترتيب
ذريعي اهو ٻيهر پاڻ پيش نه ڪيو هو، پر ڪنهن ٻي
تصوير خواب ۾ نيرين اکين کي اچڻ جي اجازت ڏني هئي،
جنهن مون کي تباهيءَ وارو ڪردار سونپيو هو. اهو
ابتو سلسلو حقيقت ۾ منهنجي خواهشن جي پورائي لاءِ
هو.
پنهنجي دوست جي تندرستيءَ متعلق منهنجي ڳڻتي، ۽
منهنجو وٽس نه پهچڻ، ان لاءِ ندامت محسوس ڪرڻ، ته
هو خاموشيءَ وچان مون کي ڏسڻ لاءِ ويانا آيو هو.
ان حوالي سان جنهن ضرورت کي مون محسوس پئي ڪيو اها
منهنجي پنهنجي بيماريءَ متعلق پاڻ کان معافي وٺڻ
جي هئي. انهن سمورين سوچن گڏجي جذبات جو هڪ طوفان
پيدا ڪيو هو، جنهن کي ننڊ ۾ مون چٽيءَ ريت محسوس
ڪيو هو، ۽ اهو ئي سوچون، خوابي خيالن جو دائرو
بڻيل هيون.
پر خواب جي جوش اڀارڻ جو ڪو ٻيو سبب به هو، جنهن
مون تي بنهه ابتڙ اثر ڪيو هو، اهو آپريشن کان ڪجهه
ڏينهن پوءِ آيل طبي چڪاس واريون ناسازگار پرچيون
هيون، جنهن لاءِ مون پابندي لڳائي هئي ته انهن جو
ذڪر ڪنهن سان نه ڪيو وڃي. طبي چڪاس وارن انهن
ڪاغذن جي ڪري منهنجي طبيعت ۾ بدمزگي پيدا ٿي پئي
هئي، ڇاڪاڻ ته انهن ڪاغذن منهنجي مرضيءَ جي خلاف
هڪ غير ضروري تباهيءَ جو ڏس پئي ڏنو.
مون ڄاتو پئي ته اهي هدايتون منهنجي دوست جي طرفان
اظهاريل نه هيون، پر بي شعوري يا وڌيڪ ڳڻتيءَ جي
ثانوي عمل جي حوالي سان هيون، پر انهن جي ويس
بدلائڻ واري رويي جي ڪري مان نهايت ڳڻتيءَ ۾ پئي
ڳريس، ڇاڪاڻ ته اهو سڀڪجهه بنا جواز جي نه هو.
جيئن ته اسان سڀئي ڄاڻون ٿا ته اهو رڳو ندامت
محسوس ڪرڻ جو ئي معاملو آهي، ۽ اهو ئي احساس
ماڻهوءَ کي پريشان ڪري ڇڏيندو آهي. منهنجي ذهن ۾
جيڪي ڪجهه به موجود هو، اهو سچ آهي ته اهو منهنجي
انهيءَ دوست سان نه پر منهنجي زندگيءَ جي شروعاتي
دور سان سلهاڙيل هو.
ان موقعي تي مان پنهنجي ٻن دوستن جي وچ ۾ نهايت
مشڪل محسوس ڪئي هئي. اهي ڪنهن بحث ۾ پئجي ويا هئا
۽ هڪ ٻئي سان غير ضروري پئي ڳالهايائون ۽ ان وقت
شرم مون کي پئي آيو. اهي ٻئي منهنجي ذهن ۾ اڃان به
موجود هئا. انهن ٻنهي دوستن مان هڪ ”پروفيسر
فليشل“ هو ۽ ٻئي کي مان ”جوزف“ جي نالي سان بيان
ڪري آيو آهيان، منهنجو دوست ۽ خواب ۾ حريف جي صورت
۾ پيش ٿيل اهو ”پ“ ئي آهي،
۽ اهو خواب جي گهٽائڻ ۽ هڪ جي بجاءِ ٻي جاءِ تي
رکڻ جو عمل آهي.
منهنجي تازن ڏينهن وارو خوف، جيڪو طبي چڪاس وارين
پرچين ڏيکارڻ جي پابندي (فليس جي بيماريءَ جي
سلسلي) سان وابستا هو، ته اهي ڪٿي ڪنهن ٻي جاءِ تي
نه پهچي وڃن، ان ۾ منهنجو ورڌي خيال به ٿي سگهي
ٿو، جيڪو منهنجي ننڍپڻ کان هلندو آيو هو. جنهن
متعلق مون اڳ ۾ به بيان ڪيو آهي ته مان پنهنجي هڪ
سال وڏي ڀائٽيي سان گهري گهاٽي پيار جي باوجود
دشمني جي سوچ رکندو هوس، منهنجو ڀائيٽيو خوابن ۾
به نظر ايندو هو، خاص طور سيزر ۽ بروٽس جي ڊارامي
واري خواب جي سلسلي ۾، حالانڪ منهنجي پنهنجي طبيعت
۾ نفرت ڪرڻ جا جزا نه هئا ۽ مان سدائين پنهنجي
دوستن کي تازرو توانو ڏسڻ جي خواهش رکندو هوس.
خوابن جي تجزيي جي سلسلي ۾ اسان ائين سمجهي سگهون
ٿا ته: ٻالڪپڻي واري يادگيري ور ور ڪري اچي ٿي ۽
ڪجهه ٻين ڳالهين سان گڏ هڪ پختي تصور ۾ بدلجي وڃي
ٿي. ٻن دوستن جو ڪنهن معامي تي جهيڙو هو (ڪهڙو
معاملو هو، اهو ان سوال تي منحصر آهي، جيئن ته
يادگيري يا نام نهاد يادگيري ان ۾ چٽي ڏسي سگهجي
ٿي). هرهڪ کي هڪ ٻئي تي صبغت حاصل ڪرڻ جو جوش هو،
۽ جيستائين خواب جوتعلق هو ته مان ڄاڻان ٿو ته مان
غلط هوس (مون پاڻ پنهنجي غلطيءَ کي مڃيو).
منهنجي ڏاڏي مون کي دڙڪو ڏيندي چيو ته ”تو هن کي
ماريو آهي.“ جنهن تي مون پنهنجو بچاءُ ڪندي چيو
ته: ”مون هن کي ان ڪري ماريو آهي جو اڳ ۾ هن مون
کي ماريو هو.“
خوابي خيال چوي ٿو ته: ”جيڪڏهن اوهان مون کي رستو
ڏيندءُ ته مان درست نموني ۾ اوهان جي خدمت ڪري
سگهندس. اوهان ڇو ٿا مون کي ڪنهن ٻئي رستي تي
اڇلائي ڇڏيو، جي ائين آهي ته پوءِ مون کي به توهان
جي ضرورت نه آهي! مان ڪنهن ٻئي سان کيڏي وٺندس.“
اهڙيءَ طرح خيال جنهن رستي تي هلڻ لڳندا آهن، ته
انهن جي نمائندگي به خوابن جي رهنمائيءَ ۾ ائين ئي
ٿيندي آهي. اُهو اُهو وقت هو، جڏهن مون پنهنجي
دوست جوزف (پ) سان به ساڳئي قسم جي ڳالهه تي، گهٽ
وڌ ڳالهايو هو. هو بروڪيءَ جي تجربيگاهه ۾ استاد
جي حيثيت سان منهنجي ئي نقش قدم تي پئي هليو.
حالانڪ ملازمت جي ترقي، طويل ۽ بيزار ڪندڙ هئي ۽
نه ئي بروڪيءَ جي تجربيگاهه وارا ٻه مددگار پنهنجي
جاءِ تان سُرڻ جي خيال ۾ هئا، پر هي نوجوان ڏاڍو
بي صبر هو. ان دوران هن کان مٿڀري عهدي وارو
پروفيسر فليشل بيمار ٿي پيو ۽ ”پ“ جي خواهش هئي ته
کيس هر صورت ۾ ڀلي ته خراب معنائن ۾ ئي، سندس ترقي
ٿيڻ گهرجي. هن جو اهو خيال نامعقول نه هو، ڇاڪاڻ
ته ڪجهه سال اڳ مون پاڻ ملازمت واري هڪ خالي جاءِ
کي ڀرڻ لاءِ اهڙي اتساهيندڙ خواهش کي اندر ۾
سانڍيو هو. ڏٺو اهو ويو آهي ته جتي به اهڙي عهدي
يا ترقيءَ جي ڳالهه هوندي آهي ته خواهشن جو رستو
کلي پوندو آهي ۽ ائين انهن کي دٻائڻ جو سڏ به ٻڌڻو
پوندو آهي.
شيڪسپيئر واري ”شهزادي هال“ به پنهنجي پيءُ جي
بيمار ٿيڻ تي تاج پائڻ لاءِ ڪا مزاحمت نه ڪئي هئي،
پر هن کي اميد ضرور هئي، سو خواب مون کي نه! پر
منهنجي دوست کي خواهش جي سلسلي ۾ سندس طبيعت جي
سختيءَ جي سزا پئي ڏني.
”جيئن ته هو نهايت جذباتي هو، پر مون کيس موڙي
ورتو.“
جيئن ته هو ڪنهن ٻئي جي هٽڻ جو انتظار نه پئي ڪري
سگهيو، ان ڪري هو پاڻ هٽي ويو. ۽ اهي منهنجا ئي
خيال هئا، جيڪي پنهنجي يادگار يونيورسٽيءَ ۾ داخل
ٿيڻ کان هڪدم پوءِ مون سوچيا هئا، اهي خيال هن جي
متعلق نه هئا پر ڪنهن ٻئي شخص جي لاءِ هئا، ان ڪري
مون خواب ۾ اطمينان کي محسوس ڪيو هو. خوابي خيال
جي تشريح اها ئي آهي ته هو چوي ٿو ته: ”ڪنهن سزا
وانگر ئي سهي، مان توهان جي درست ڏس ۾ صحيح خدمت
ڪري سگهان ٿو.“
پر خواب جي ڇنڊڇاڻ واري عمل جو ڇا ٿيو؟
اهو انهن پاڻپڻي وارين بيباڪ سوچن جي وهڪري جي
خلاف پنهنجي طاقتور اعتراض کي اڀاري ڇو نه سگهيو؟
۽ ان اطمينان کي تبديل ڪري، ان خيالن جي وهڪري کي،
غير اطميناني احساس ۾ تبديل ڇو نه ڪيو؟
ان جي وضاحت هن ريت آهي ته مان سمجهان ٿو ته خيالن
جا ٻيا اعتراض جوڳا وهڪرا، ساڳئي ماڻهوءَ جي
ڳانڍاپي سان، ساڳي ئي اعتراض کي ڳولهيندا آهن، ۽
پنهنجي جذبي جي ان ڪيفيت واري نظاري ۾ ظاهر ٿيندا
آهن. جيڪي ٻالڪپڻي جي لڪل پاسن کان اڀري ايندا
آهن.
ريتن رسمن دوران منهنجا ٻيا سماجي ۽ معاشي خيال،
يادن جي جهروڪن مان ليئا پائيندا آهن، ۽ مان انهن
جي چرندڙ پرندڙ پاڇن ۾ سوچيندو آهيان ته ڪيترا نه
قدر وارا دوست مون کان الڳ ٿي ويا آهن، ڪي مري ويا
آهن ته ڪي لاڳاپن جي ٽٽڻ سبب وڇڙي ويا آهن. پوءِ
به اها منهنجا خوشنصيبي آهي جو مون انهن جا نعم
البدل ڳولهي ورتا آهن، جن مون کي اهو ڪجهه ڏنو
آهي، جيڪو شايد ئي ڪو ٻيو ڏئي سگهي، سو به زندگيءَ
جي اهڙي موڙ تي جتي نئين دوستي آسانيءَ سان جڙي نه
ٿي سگهي، پر مان ان وٿ کي ڪڏهن نه ڇڏيندس منهنجي
اطمينان، منهنجي وڇڙيل دوستن جي نعم البدل ۾ قرار
حاصل ڪيو آهي، جن کي خوابن ۾ اچڻ جي ڪا به جهل پل
نه آهي، پر انهن جو کسڪي وڃڻ، پاڻ سان گڏ ننڍپڻ
وارو وروڌي اطمينان آڻي اڳيان ٿو رکي. ان ۾ شڪ نه
آهي ته ننڍپڻ جا لاڳاپا، منهنجي همعصرن لاءِ وڌيڪ
قوت ڏيندڙ ۽ جواز سان ڀرپور لاڳاپن جو بنياد فراهم
ڪندڙ ثابت ٿين ٿا ۽ اها ٻاراڻي ڪاوڙ يا نفرت پڻ
پنهنجي نماندگي ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿئي ٿي.
ان حوالي سان اهو به چئي سگهجي ٿو ته بهرحال خواب!
خيالن جي ٻئي وهڪري جي هڪ چٽي تصور تي ٻڌل هوندو
آهي، جيڪو نهايت جائز نموني، اطمينان جي رهنمائي
ڪندو آهي. ٿورو وقت اڳ، هڪ ڊگهي عرصي جي اميد
کانپوءِ منهنجي هڪ دوست (فليس) کي ڌيءَ ڄائي آهي.
مان ڄاڻان ٿو ته هو پنهنجي جلدي وڇڙي ويل ڀيڻ جي
موت تي ڪيتري نه گهرائيءَ سان غمگين هوندو. مون ان
ڳالهه کي لکي ڇڏيو آهي، پوءِ کيس ٻڌائيندس به، ۽
مون کي اميد آهي ته هو پنهنجي ڀيڻ لاءِ اٿاهه پيار
کي محسوس ڪري ان ٻار کي پنهنجي ڇاتيءَ سان
لڳائيندو ۽ اها ٻارڙي پنهنجي وجود سان سندس نه
ڀرجندڙ خال کي آخرڪار ڀري ڇڏيندي.
اهڙيءَ ريت خيالن جو اهو مجموعو ٻيهر خواب جي لڪل
متن ۾ ثانوي خيالن سان جڙي ٿو، جتان لاڳاپيل رستو
الٽي رخ ۾ مڙي وڃي ٿو:
”ڪو به خيال اڻمٽ نه هوندو آهي.“
ظاهر ۾ ڪا به شيءِ نه نظر نه ايندي آهي پر پوءِ به
موٽي اچڻ جهڙي هوندي آهي. ۽ اهو سڀڪجهه به، جيڪو
اسان ماضيءَ ۾ وڃائي چڪاسين، سو به موٽي ايندو
آهي.
۽ هاڻي سوچن جي اختلافي عنصرن جي وچ واريون
لاڳاپيل ڪڙيون، منهنجي دوست جي ويجهي حقيقت بڻجي
ويون آهن، جو هن پنهنجي ڌيءَ جو نالو به اهو ئي
رکيو آهي جنهن سان مان ننڍي هوندي رانديون کيڏندو
هوس، جيڪا هاڻي منهنجي عمر جي ٿي وئي آهي، ۽ اها
ئي منهنجي پراڻي دوست/ حريف جي ڀيڻ آهي. ان وقت
مون کي ڏاڍي خوشي محسوس ٿيڻ لڳي، جڏهن مون کي خبر
پئي ته ننڍڙيءَ جو نالو ”پائولين“ رکيو ويو آهي.
ان اتفاقي تصور هڪ جوزف جي جاءِ تي خواب ۾ ٻئي
جوزف کي پيش ڪيو. هتي منهنجي خيالن، منهنجي پنهنجي
ٻارن جي نالن کي موضوع بڻايو آهي. ”ٻارن جا نالا
به ڄڻ ڪي روح جيان موٽي ايندا آهن،“ ۽ بهرحال مون
تي انهن جو ئي اولڙو هو، ڇاڪاڻ ته ٻاراڻپي وارو
رستو به جهڙوڪر امر رستو هجي!
ٻئي نڪتي نگاهه سان خوابن ۾ جذبن جي متعلق ڪجهه
ٻيا به حوالا موجود آهن. ننڊ ۾ ستل ماڻهوءَ جي ذهن
۾ جيڪي غلبو ڪندڙ عنصر ٿين ٿا، ٿي سگهي ٿو ته اهي
ائين جڙندا ۽ قائم ٿيندا هجن جنهن کي اسان مزاج،
ڪيفيت
(Mood)
يا ڪنهن جذبي جو لاڙو سڏيندا آهيون ۽ اهي خوابن تي
اثرانداز ٿيندا هجن. ان قسم جو مزاج ماڻهوءَ جي
ڏينهن جي دوران ٿيندڙ تجربن ۽ پنهنجي سوچن مان به
اڀري سگهي ٿو، يا ان جي اڀري اچڻ جو ڪارڻ طبعي هجي
(ڏسو باب پنجون خوابن جو مواد ۽ ماخذ، حصو ٽيون
خوابن ۾ جسماني جيو گهرڙن جو بنياد). انهن ٻنهي
معاملن ۾ اهي خيالن جي وهڪري سان شامل هوندا آهن.
خوابي جوڙجڪ جي نڪتي نگاهه کان، ان جو تعلق اڻ
ڌريو هوندو آهي، يا ته اهي ڪڏهن ڪڏهن مزاج جي
ابتدائي سوچن (خوابي خيالن) جو تمثيلي مواد بڻجي
پوندا آهن، يا وري خواب ڏسندڙ جي جوش جذبي واري
سڀاءَ ذريعي، ثانوي طور تي پاڻ مرادو اڀري ايندا
آهن، جنهن جو اسان طبعي بنيادن تي تجزيو ڪندا
آهيون. جيڪڏهن ڪنهن حوالي سان خوابن جي تعمير ان
صورت ۾ ٿيندي آهي ته اها رڳو خواهشن جي پورائي جي
ئي نمائندگي ڪندڙ هوندي آهي، ۽ اهي جذبا انهن
خواهشن منجهان ئي لڙي ايندا آهن، جن ۾ نفسياتي طور
چوريندڙ قوت هوندي آهي.
ننڊ دوران ايذائيندڙ يا ڏک رسائيندڙ ڪيفيت، اڀار
کائيندڙ طاقتور خواهشن جي ذريعي به خواب کي
چوريندڙ ٿي سگهي ٿي، جن کي به خواب توڙ رسائيندو
آهي. جنهن مواد سان ڪيفيتون رلمل هونديون آهن، اهي
تيستائين پنهنجو ڪم ڪنديون رهنديون آهن، جيستائين
اهي خواهش جي پورائي لاءِ استعمال نه ٿيون ٿين.
خوابي خيالن ۾ جيڪا تڪليف پهچائيندڙ ڪيفيت، وڌيڪ
اثرانداز ٿيندڙ حصي ذريعي شدت سان پنهنجو ڪردار
ادا ڪري ٿي، اُها اُها زوريءَ دٻايل خواهش واري من
اڇل/ ترغيب آهي، جيڪا پنهنجي استعمال جو فائدو
کڻندي، نمائندگي حاصل ڪري وٺي ٿي. ان حالت ۾ يا
ڪنهن به ٻي صورت ۾ دک درد واريون اهي ڪيفيتون،
پنهنجي موجودگيءَ سبب لازمي طور تي پيش ٿيڻ جي
ڪوشش ڪنديون آهن ۽ اهي پيش ٿيڻ جي ذميداريءَ سبب
نهايت مشڪل رستو به ڳولهي وٺنديون آهن ۽ اها
”ذميداري“ ئي پيش ٿيڻ لاءِ زور به لڳائيندي آهي.
|