(11)
ثانوي جائزو/
نظر ثاني
SECONDARY REVISION
۽ هاڻي آخرڪار اسان خوابن جي جوڙجڪ سان وابستا
چوٿين عنصر جي پاسي پهتا آهيون. اسان جيڪڏهن خوابن
جي متن جي متعلق پنهنجي کوجنا کي انهيءَ ئي اسلوب
سان جاري رکنداسين، جنهن کي اسان شروع کان ئي
خوابي متن جي واضع ڏسڻ ۾ ايندڙ واقعن ۽ گڏوگڏ سوچن
(خوابي خيالن) جي ماخذن ذريعي ڀيٽيو آهي، جنهن جي
ڪري اسان انهن عنصرن جي وضاحت تائين پهتا آهيون جن
کي بلڪل نوان مفروضا ۽ عقيدا
(Assumption)
چئي سگهجي ٿو.
منهنجي ذهن ۾ خواب ڏسندڙ جي متعلق ڪهڙي قسم جا
خيال آهن، جيڪي سندس خوابن ۾، خواب جي متن جي
ذريعي ”حيران ٿيا آهن، رد ٿي ويا آهن“ يا ان شخص
”مزاحمت ڪندڙ، يا خفو ڏياريندڙ جذبا محسوس ڪيا
آهن.“ جيئن ته مون گذريل حصي ۾ ڪيترن ئي خوابن جا
مثال پيش ڪيا آهن ۽ ڏيکاريو آهي، ته خوابن ۾ انهن
تنقيدي احساسن جي اها گهڻائي، حقيقت ۾ سوچن تصورن
يا خوابي خيالن جي خلاف هدايتن تي ٻڌل نه هوندي
آهي، پر سوچن جي حصن جي موٽ هوندي آهي، جيڪا موزون
۽ مناسب اختتام جي استعمال لاءِ ورتاءُ ڪندي آهي،
پر ان قسم جو ڪجهه مواد پنهنجي ليکي ان جي وضاحت
جو آڌار نه بڻجندو آهي، پر اهو سوچن جي ان مواد
سان مليل هوندو آهي جيڪو بظاهر ڪٿي به نه لڀندو
آهي.
پوءِ ان تنقيدي راءِ جو ڇا مطلب آهي يا ان بابت
ڪهڙو مثال آهي، جيڪو خوابن ۾ گهڻو ڪري پيش ٿو ٿئي:
”اهو رڳو خواب آهي؟“ (ڏسو باب ڇهون: خواب جو عمل
حصو ٽيون: خوابن ۾ نمائندگيءَ جو مقصد).
هتي اسان وٽ خواب جي تنقيد جو هڪ سچو ٽڪرو به
موجود آهي، اهڙي حالت جاڳيل صورت ۾ به پيدا ٿي
سگجي ٿي ۽ گهڻي عام جام پڻ. اصل ۾ اها جاڳائڻ جي
ابتدا آهي، ۽ ايذاءُ يا ڏک رسائيندڙ احساسن متعلق،
ان ساڃاهه سان ته اها ننڊ جي وادي آهي، ۽ مثال طور
پيش ٿيڻ جي وسيلي، لڳاتار عمل ۾ رهندي آهي.
جڏهن اهو خيال ته: ”اهو رڳو خواب آهي!“ خواب دوران
ذهن تي اڀري ايندو آهي ته ان جو مقصد اهو ساڳيو ئي
هوندو آهي، جيئن رنگ منچ تي ”آفين باخ“
(Affenbach)
جي مذاحيه منظوم ڊرامي: ”لابيلا هيلن“
(La bella Helene)
جا لفظ اچاريل آهن.
ان جو مقصد ان جي اهميت کي گهٽائڻ آهي، جنهن جو
تجربو ٿي رهيو آهي، ان لاءِ برداشت جي قوت کي پيدا
ڪرڻ آهي. ۽ ان ننڊ جي هڪ مخصوص انتظامي شعبي لاءِ
لوليءَ جو ڪم سرانجام پئي ڏنو. ان چرپر وٽ ڪوشش
وٺڻ ۽ خواب جي تسلسل کي، يا ڊرامي جي منظر کي قائم
رکڻ جو ئي سبب هو.
ان کان ته بهتر آهي ته ماڻهو ستل ئي هجي ۽ خواب کي
لنوائي ڇڏي، ڇاڪاڻ ته! ”اهو رڳو خواب ئي آهي“
منهنجي حقير تنقيدي فيصلي مطابق: ”اهو واقعي رڳو
هڪ خواب ئي آهي،“ جيڪو خواب ۾ نظر آيو آهي، تڏهن
جڏهن ڇنڊڇاڻ جو عمل صفا ستل نه آهي، ۽ اهو ئي
محسوس ڪري ٿو جنهن کان خواب بي خبر آهي، ۽ ان کي
اجازت ڏئي اڳتي اماڻي ٿو. ان احساس کي دٻائڻ ۾ دير
ٿي وڃڻ سبب ۽ ڇنڊڇاڻ جي قانون تحت اهڙا لفظ اچارجڻ
۾ اچن ٿا، جيڪي ان ”ڳڻتيءَ“ يا ايذاءُ يا ڏک رسائڻ
جي ذريعي اڀريل هوندا آهن. نفسياتي اصطلاح مطابق
ان جو مثال ”گروهه ۾ شامل ماڻهن جي قدم به قدم
اڳتي وڌڻ“
(Espritd Escalier)
جهڙو آهي.
اهو مثال بهرحال اسان کي مڃڻ جهڙي شاهدي مهيا ڪري
ڏئي ٿو ته خواب ۾ شامل هر ڪا شيءِ خوابي خيالن
منجهان ئي نه ايندي آهي، پر اهو ممڪن آهي ته اها
ئي شيءِ خواب جي متن ۾ هٿ ونڊائيندي هجي، جيڪا
اسان جي جاڳ واري حالت دوارن اڻ ورڇيل
(Indistinguishable)
نفسياتي سوچن جي عمل ذريعي ٺهندي آهي.
هاڻي، هتي سوال اهو ٿو اڀري ته ڇا اها شيءِ ڪن
مخصوص معاملن ۾ اڀري ايندي آهي يا نفسياتي شعبا،
جيڪي ٻين طريقن سان ڇنڊڇاڻ جو عام طور تي ڪردار
ادا ڪندا رهندا آهن، اهي خوابن جي جوڙجڪ ۾ حصو
وٺندا آهن؟
ان ٻئي نعم البدل جي حق ۾ فيصلو ڏيندي اسان کي ڪا
هٻڪ ڪا نه ٿي ٿئي. ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته خوابن ۾
ان وابستا شعبي جو اثر رسوخ اسان ڪنهن حد تائين
رڳو سوچن تي لڳايل پابندين، غفلتن ۽ وساري ڇڏيل
ڳالهين/ واقعن جي ذريعي شناخت ڪندا آهيون، اهو پڻ
ڳالهين يا واقعن کي انهن جي وچ ۾ ٽنبڻ ۽ انهن ۾
واڌاري ڪرڻ لاءِ ذميدار هوندو آهي.
خوابن ۾ ان ناجائز اندراج، ڊاهه ڊوهه يا هٿ چراند
وارن معاملن کي سڃاڻڻ سولو آهي. اهي گهڻو ڪري، ”شڪ
شرم، ٻڏتر، هٻڪ
(Hesitation)،
ڄڻڪ، گويا، جيڪڏهن اهو معاملو هجي ته“ واري انداز
سان بيان ٿيندي نظر ايندا آهن. اهي پاڻ ۾ خاص طور
تي چٽا، مضبوط يا زندگيءَ سان ڀرپور نه هوندا آهن
۽ سدائين انهن نڪتن تي متعارف ٿيندا آهن، جيڪي
خوابي متن جي ٻن حصن ۾ ڳانڍاپي جو ڪم سرانجام
ڏيندا آهن يا ائين چئجي ته اهي خواب جي ٻن خالن جي
وچ ۾ جوڙيل پل جو ڪم ڪندا آهن. اهي سوچن جي مواد
منجهان نج نتيجو اخذ ڪرڻ جي ڀيٽ ۾ يادگيرن ۾
آسانيءَ سان ذهن نشين نه ٿي سگهندا آهن.
جيڪڏهن خواب وسري وڃي ته اهو ان جو پهريون حصو
هوندو آهي، جيڪو گم ٿي ويندو آهي ۽ مون کي سخت
حيرت ٿيندي آهي ته اهڙن خوابن جي شڪايت به عام جام
ڪئي ويندي آهي، پر اهڙن وسري ويل خوابن جي رڳو
سڳنڌ ئي برقرار رهندي آهي (ڏسو باب باب ڇهون: خواب
جو عمل: حصو پهريون: اختصار ڪرڻ يا گهتائڻ جو
عمل). اهڙن خوابن جي هڪدم گم ٿي وڃڻ جو بنياد به
انهن ڳنڍيل خيالن سان ئي هوندو آهي.
مڪمل طور تي تجزيي ۾ اهي وچ ۾ هٿ چراند يا ڊاهه
ڊوهه ڪندڙ معاملا ڪڏهن ڪڏهن حقيقت جي حوالي سان
اهڙي خيانت به ڪري وٺندا آهن جنهن سان وابستا
مواد، سوچن ۾ به موجود نه هوندو آهي، پر ان سلسلي
۾ مون کي نهايت محتاط آزمائش مان گذرڻو پوندو آهي،
ڇاڪاڻ ته اهڙي نشاندهي تمام گهٽ خوابن ذريعي ٿيندي
آهي: اصول مطابق جيتوڻيڪ وابستا خيال، سوچن ۾
ڪنهن مواد کي موٽائي ڏيڻ واري اڳواڻي نه ڪندا آهن،
پر جيڪو مواد پنهنجي حوالي سان يا ضرورت کان وڌيڪ
پختي هجڻ جي پابنديءَ مطابق خواب ۾ قبوليت جي اهل
نه هوندو آهي ته ان ڏانهن لاڙو رکندو آهي. اهو به
رڳو غير روايتي ۽ ممڪن حد تائين، جنهن منجهان خواب
جي جڙڻ ۾ نفسياتي عمل نظر ايندو هجي، ان جي ئي
ذريعي اسان هڪ نئين تخليق تي غور ڪرڻ واري عمل ۾
محو ٿي ويندا آهيون. ان جو عرصو ڪيترو به ڊگهو هجي
پر اهو آخرڪار خيالن جي واديءَ مان لڀي ويندو آهي.
اها شيءِ جيڪا فرق رکي ٿي، ۽ ساڳئي وقت تي خوابي
ڪم جي ان حصي کي پڌرو به ڪري ٿي،
تنهن جو هڪ مقصد آهي. اهو عمل اهڙي طريقي سان
ورتاءُ ڪندو آهي جيئن ڪو شاعر ڪنهن فلسفيءَ کي
بدنيتيءَ سان بيان ڪري. خواب جي جوڙجڪ ۾ ائين خال
ڀرجڻ لڳندا آهن، جيئن ڪنهن ڦاٽل ڪپڙي ۾ چَتي لڳندي
آهي.
ان سموري ڪوشش جي نتيجي ۾ خواب پنهنجي اجائي يا
بيهودي اظهار کي وڃائي ويهندو آهي، ۽ اڻ لاڳاپيل
انداز اختيار ڪندو آهي، ۽ ٿورو يا وڌيڪ، صحيح
سمجهه ۾ ايندڙ تجربي جو نمونو يا نقل بڻجي ويندو
آهي. پر ان جي ڪوشش، هر ڀيري ڪاميابيءَ جا تاج
پائي نه سگهندي آهي.
خواب! جيڪي مافوق الفطرت انداز سان ظاهر ٿيندا
آهن، ٿي سگهي ٿو ته اهي ڪنهن نقص کانسواءِ، بي
عيب، منطقي ۽ جواز سان ڀرپور هجن، ۽ اهي ڪنهن
مممڪن صورتحال منجهان شروعات ڪري چڪا هجن، ۽ موزون
۽ مناسب ترميم جي ڪڙين منجهان هلي آيا هجن، ۽ انهن
جو نتيجو عام طور تي ڪنهن عجب جو ڪارڻ نه هجي.
جيڪي اهڙي قسم جا خواب هوندا آهن اهي نفسياتي عمل
جي ذريعي دور رس ٿيندا آهن، اهي سجاڳ خيالن جيان
ساڳين خصلتن وارا ٿيندا آهن. انهن جي اظهار ۾ ڪا
معنيٰ هوندي آهي، پر اها معنيٰ، پنهنجي سچي سڃاڻپ
منجهان ڏاڍو جلدي ميسارجي ويندي آهي. انهن جي
تجزيي ڪرڻ لاءِ اسان پاڻ کي ان ڳالهه تي قائل ڪري
سگهون ٿا ته ثانوي نظرثاني،ا ن مواد سان نهايت
آزادگيءَ سان کيڏي ٿي، ۽ ان موجود مواد جي انهن
لاڳاپن کي گنجائش جي حد تائين استعمال ڪري ٿي.
منهنجي اها خواهش نه آهي ته خواب جي تعمير ۾ ان
چوٿين قوت بابت غير مشروط طور تي ترديد ڪري ڇڏيان،
جنهن کي اسان جلد ئي هڪ قديم آگهيءَ جي طور تي
شناخت ڪري وٺنداسين. اها حقيقت آهي ته اها قوت
انهن چئن مان هڪڙي آهي، جنهن سان اسان ڪن ٻين
واسطن ذريعي واقف آهيون. مان ان چوٿين عنصر جي ان
وسعت کي به غلط قرار نه ٿو ڏيان، جيڪو خواب لاءِ
هڪ نئين تخليق ۾ بهرو وٺي ٿو. هي عنصر سوچن ۾
موجود نفسياتي مواد جي چونڊ کي اهميت ڏيندو آهي ۽
خواب جي ظاهري ڏيکاءَ واري تعمير ۾ هڪ مزدور وانگر
ڪم ڪندو آهي. مون ڪافي جاين تي خوابي خيالن
(Dream-thoughts)
جي مواد متعلق ”سوچن“ جو لفظ استعمال ڪيو آهي،
جيڪو اصل ۾ خيالي اڏام وهم، يا تصور
(Phantasy)
آهي، هتي جرمنيءَ ۾ به آڳاٽن وقتن کان اهو لفظ
استعمال ٿئي ٿو، پر اهو رڳو خيال ۽ تصور
(Imagination)
لاءِ استعمال ٿيندو رهيو آهي، جنهن مان منهنجي
مراد تصوراتي جوڙجڪ
(Imaginative Formation)
آهي، جيڪا اسان ڪيترن ئي طريقن سان ڪندا آهيون خاص
طور پور پچائيندا آهيون، نوان نوان خيال من ۾
آڻيندا آهيون، ان سلسلي ۾ مان ڪڏهن ڪڏهن ڏينهن جا
خواب
(Day- dreams)
جو لفظ به استعمال ڪندو رهيو آهيان، جيڪو به جاڳ
واري حالت ۾ ڏينهن وارن خيالن يا سوچن سان مشابهت
رکندڙ آهي.
اسان جي ذهني سوچن جي ذريعي زندگيءَ ۾ جيڪا تعمير
پنهنجو ڪردار ادا ڪري ٿي ان کي نفسيات جي ماهرن
اڃان پوريءَ طرح نه سمجهيو آهي ۽ نه ئي ان جي ڪا
چٽي تشريح ڪئي آهي، ان ڏس ۾ ”ايم. بينيڊڪٽ“
(M. Benedikt)
ڪامياب آئيندي جي اميد واري ابتدا ڪئي آهي. تصور ۽
تجربي جو ادراڪ رکندڙ ليکڪ، ڏينهن جي خوابن جي
اهميت ۽ ان جي يقيني صلاحيت کان پاڻ بچائي نه
سگهيا آهن، هتي اسان وٽ اهڙا گهڻائي ليکڪ موجود
آهن جن ڏينهن جي خوابن کي پنهنجي ڪهاڻين ۾ آندو
آهي، جن مان هڪڙو ”الفونس ڊائوڊيٽ“
(Alphonse Daudet)
آهي.
”الفونس ڊائوڊيٽ“ پنهنجي ڪهاڻيءَ ۾ هڪ ننڍڙي ڪردار
جي ڏينهن جي خوابن کي پيش ڪيو آهي (ڏسو باب ستون:
”خوابن جي عمل جو نفسياتي پهلو، حصو ٻيو:
”پشيماني. پڇتاءُ يا افسوس.“)
اعصابي مونجهارن متعلق اڀياس، نهايت عجب جهڙي
کوجنا واري رهنمائي ڪري ٿو ته: ”اهي خيال/ تصور يا
ڏينهن جا خواب، بي قابو جذبن، چريائپ، بيچيني يا
جنسي بيماريءَ جي علامتن جو اڳواٽ ۽ هڪدم ڏس
ڏيندڙ/ خبردار ڪندڙ هوندا آهن. بي قابو جذبا،
بيچيني يا ڇتپڻ جون علامتون، يادگيرين سان سلهاڙيل
نه هونديون آهن، پر تصوراتي اڏام يادگيرين جي
بنياد تي ضرور ٿيندي آهي.
ڏينهن دوران خيالن جو مسلسل شعوري اظهار اسان کي
ان جوڙجڪ جو ادراڪ ڏيندو آهي، پر اهي خيال ائين
هوندا آهن ڄڻ ان قسم جا ”تصور“ شعوري هجن، جڏهن ته
انهن مان ڪيترا ئي لاشعوري هوندا آهن، جن جي متن ۾
۽ پنهنجي اصلوڪي دٻايل مواد منجهان، لاشعوري طور
دليل به جاري رهندا آهن. ڏينهن دوران پيدا ٿيندڙ
خيالن يا تصورن جي خاصيتن جي باريڪبينيءَ سان ٿيل
کوجنا، اسان تي آشڪار ڪري ٿي، ته اسان جي ڏينهن
وارن خيالن جي اها پيداواري جوڙجڪ ڪيئن نه، رات
دوران ساڳئي انداز سان کڄي ٿي وڃي، جنهن انداز کي
اسان ”خواب” ٿا سڏيون.
ڏينهن وارا اهي خواب (خيال يا تصور)، رات جي خوابن
(خيالن ۽ تصورن) سان پنهنجي تمام وڏي ملڪيت
ورهائيندا آهن. ”ڏينهن جي انهن خوابن“ جي جاچ
پڙتال/ ڇنڊڇاڻ تمام ٿوري وقت ۾، ۽ انهن مان اخذ/
تجويز ٿيل مقصد کي ”رات جي خوابن“ سان هم آهنگيءَ
جي خدمت سرانجام ڏيندا آهن.
خوابن جيان، اهي ”مقصد“ خواهشن جو پورائو هوندا
آهن، خوابن جيان اهي ٻالڪپڻي جي تجربن منجهان اخذ
ٿيل تمام گهڻن اثرن تي ٻڌل هوندا آهن، خوابن جيان
ڇنڊڇاڻ جي ذريعي ڪنهن حد تائين اهي اثر هلڪا ٿي ۽
گهٽجي، فائديمند ٿي پوندا آهن.
اسان جيڪڏهن انهن جي جوڙجڪ تي غور ڪنداسين ته اسان
اهو رستو دريافت ڪري وٺنداسين، جنهن ۾ خواهش وارا
مقصد، جيڪي ان جي جڙڻ لاءِ ڪم ڪندا آهن، اهي ان
مواد سان رلمل ٿي ويندا آهن، جيڪي انجي تعمير لاءِ
ان جي ٻيهر رٿابندي ڪندا آهن ۽ ان کي هڪ نئين ۽
سالم شڪل ڏيندا آهن. اهي گهڻو ڪري، ننڍپڻ جي يادن
جي ان ساڳي ئي تعلق تي ٻڌل هوندا آهن، جتان هو
ائين هلي ايندا آهن ڄڻ انهن کي روم شهر جا قديم ۽
کنڊر ٿي ويل شاندار محل اڏڻا هجن، جن جي فرشبندي ۽
پيلپاون جي اڏاوت لاءِ جديد دور جي سامان جي ضرورت
هجي.
”ثانوي جائزي/ نظرثانيءَ“ جو عمل، جنهن ۾ اسان
خوابن جي متن کي صورت ڏيندڙ چوٿين وهنوار کي بيان
ڪنداسين، جيڪو اسان کي سرگرميءَ جي اثرانداز ٿيڻ
جو هڪ ڀيرو ٻيهر ڏس ڏئي ٿو، اهو وهنوار ڏينهن
دوران تخليق ٿيل خوابن/ خيالن جي جذباتي نيڪال ۾
ڪنهن روڪ يا ڪنهن ٻئي اثررسوخ ۾ ڦاسڻ کان آزاد
هوندو آهي.
ان کي اسان آسان لفظن ۾ ائين چئي سگهون ٿا ته اسان
جو اهو چوٿون عنصر پيش ٿيل مواد جي سانچي/ ڊول کي
ڳولهڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ۽ ان کي ڏينهن وارن خوابن/
خيالن جيان پيش ڪندو آهي. جيڪڏهن ان قسم جي ڏينهن
جو خواب، اڳ ۾ ئي خوابي خيالن جي سنگهر ۾ جڙيل
هوندو آهي ته خوابن ۾ نتيجو آڻيندڙ هي چوٿون عنصر
ان ٺهيل ٺُڪيل ڏينهن جي خواب کي تحويل ۾ وٺڻ، کي
اهميت ڏيندو آهي ۽ ان کي ڳولهي خواب جي مواد ۾
متعارف ڪرائي ڇڏيندو آهي.
ڪجهه اهڙا خواب به هوندا آهن جيڪي فقط ڏينهن جي
خوابن (خيالن ۽ وهمن) جو ورجاءُ هوندا آهن، اهي
گهڻو ڪري لاشعور ۾ پنهنجي تسلسل سان موجود هوندا
آهن. جيئن هڪ ڇوڪري جو خواب، جنهن ۾ هن ”ٽراءِ جي
لڙائيءَ وارن گهوڙن سان جنگي رٿ پئي هلايو (ڏسو
باب ٽيون: خواب، خواهشن جو پورائو ڪندڙ هوندا آهن،
ص 251).
منهنجي پنهنجي ”آٽو ڊڊاسڪر“
(Autodidasker)
لفظ واري خواب ۾ (باب ڇهون: خواب جو عمل، حصو
پهريون: اختصار ڪرڻ يا گهٽائڻ جو عمل“ جو
v
ص: 526) جنهن جي ٻئي حصي ۾ سمورا واقعا ڏينهن واري
وقت جي خيالن کي ٻيهر جنمڻ ۾ وفاداريءَ جو ثبوت
ڏيندڙ آهن، پروفيسر ”اين“ سان گفتگو دوران پاڻ ۾
ڏاڍا معصوم آهن. مونجهارو پيدا ڪندڙ حالتن جي
حوالي سان، تڏهن مطمئن ٿيا هئا، جڏهن اهي وجود ۾
آيا هئا ۽ ائين عام طور ۽ لاڳاتار ٿيندو آهي ته
ٺهيل ٺڪيل تصور، خواب جي رڳو هڪڙي حصي کي تشڪيل
ڏيندو آهي، يا ته تصور جو رڳو هڪڙو حصو زور لڳائي
خواب ۾ پنهنجو رستو ٺاهي وٺندو آهي. تنهن کانپوءِ
تصور ڪيل خيال، لڪل مواد جي ٻين حصن جيان عام
وهنوار ڪندو آهي، ۽ گهڻو ڪري خواب ۾ ان جي وجود
رکڻ واري مقرر خيال جي سڃاڻپ جاري رهندي آهي. اهو
ئي سبب آهي جو منهنجي گهڻن خوابن جا حصا، مختلف
تاثرات متعلق سڪون ظاهر ڪندڙ علامتن تي ٻڌل آهن،
اهي مون تي ائين ئي اثرانداز ٿين ٿا، جيئن هئا،
وڏي سولائيءَ سان سمجهه ۾ ايندڙ، وڌيڪ ڳنڍيل ۽
ساڳئي خواب جي ٻين حصن کان وڌيڪ تيزيءَ سان
گذرندڙ. اهي جن کي مان سمجهان ٿو ته اهي شعوري
تصور آهن، جيڪي پنهنجو رستو خواب جي تاڃي پيٽي ۾
ڳولهين ٿا، پر مان ان قسم جي تصور جي ارادي يا
موقف جي متعلق فيصلي ڪرڻ ۾ ڪڏهن به ڪامياب نه ٿي
سگهيو آهيان. ان کان سواءِ اهي تصور/ خيال، خوابي
خيالن جي ٻين ڀاڱن جيان دٻايل، گهٽايل ۽ هڪ ٻئي تي
چڙهيل
(Superimposed)
هوندا آهن.
ڪي وري هڪڙي حالت مان ٻي حالت ۾ وڃڻ يا مٽ سٽ وارا
خواب هوندا آهن، جن جي وچ ۾ اهي معاملا مواد جو يا
خواب جي رڳو ظاهري ڏيک جو، اڻ گهٽايل ۽ انتهائي
مخالف انتظام سنڀاليندا آهن، جن ۾ اهي خواب جي
مواد ۾ انهن مان رڳو هڪڙي جزي جي يا وري غير حقيقي
پر انهين ڏيک ذريعي نمائندگي ڪندا آهن.
خوابي خيالن ۾ ”تصوراتي اڏام“ نهايت چٽو اظهار
ڪندي آهي، ۽ ڪنهن نه ڪنهن فائدي جي ذريعي تعين پڻ
ڪندي آهي ۽ ڇنڊڇاڻ ۽ اختصار لاءِ گهربل ضرورتن کي
آڇ ڏيندي آهي.
خوابن جي تشريح لاءِ مثالن جي چونڊ ۾ مون ممڪن حد
تائين انهن خوابن کان لنوائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جن
۾ لاشعوري تصور جو ڪو غور لائق حصو ادا پئي ٿيو،
پر خاص طور ”هن نفسياتي عنصر“ جي تعارف جي ناتي
”لاشعور جي نفسياتي سوچ“ بابت ضرورت کان وڌيڪ ڊگهو
بحث ڇڙي پوندو، پر ائين به نه آهي ته ”تصور ۽ ان
جي لاڳاپي“ متعلق غور ڪرڻ کان جان ڇڏائڻ ٿو
چاهيان! ڇاڪاڻ ته تصور ۽ ان جي اثرن هيل تائين
خوابن ۾ پنهنجو گهڻو رستو ٺاهي ورتو آهي، جن
منجهان ڪيترا ئي چٽا ترورا خوابن جي پويان ڏسي
سگهجن ٿا. بهرحال مان هڪڙو وڌيڪ خواب ضرور بيان
ڪندس، جيڪو ٻن مختلف ۽ مخالف تصورن تي ٻڌل آهي،
جيڪي پاڻ ۾ چند نڪتن تي مطابقت رکن ٿا، جن منجهان
هڪڙو ته سکڻو، کوکلو ۽ اٻهرو آهي، جڏهن ته ٻيو
اهڙو آهي، جهڙو پهرين جي تشريح هجي (ص: 503)
بي قابو جذبن، چريائپ يا جنسي بيمارين جي معاملي ۾
پنهنجي تشريحي ٽڪري ۾ مون ان قسم جي خواب جو تمام
سٺو تشخيصي تجزيو ڪيو آهي، هڪ ٻئي مٿان چڙهيل
تصورن ۽ ڪنهن شيءِ سان لاڳاپيل هئڻ جا ڪجهه عدد
مثال پيش ڪيا آهن. مون خوابن جي جوڙجڪ ۾ تصورن جي
ڪردار ادا ڪرڻ واري اهميت متعلق غلط اندازو لڳايو
هو، پوءِ جڏهن مون پنهنجي خوابن جي تجزيي تي ڪم
شروع ڪيو، جيڪي عام طور تي بحث مباحثي ۽ خيال جي
تضادن جي ڀيٽ ۾ ڏينهن جي خوابن تي گهٽ ٻڌل هئا.
ٻين ماڻهن جي معاملن جي حوالي سان ”رات جي خوابن“
۽ ”ڏينهن جي خوابن“ ۾ مڪمل مشابهت کي سمجهائڻ آسان
هو. جنسي بيمارين يا ڇتپڻ جي مريضن سان، انهيءَ
ساڳئي ڇتپڻ جي حملن پڻ گهڻو ڪري خوابن جي ذريعي
پنهنجي جاءِ والاري، ۽ ائين ڪنهن کي قائل ڪرڻ آسان
ٿي پيو ۽ اها نفسياتي جوڙجڪ ۽ ڏينهن جي تصور، ٻنهي
جي لاءِ خواب، جلدي خبردار ڪندڙ ثابت ٿيو.
رڳو هڪڙو خواب هو جنهن بابت مون ڪا احتياطي ڪاغذ
نه لکيو هو، بس غلط رستي تي ڊوڙ هن ريت هئي:
”خواب ڏسندڙ هڪڙو غير شادي شدهه نوجوان هو، هڪ
ريسٽورانٽ ۾ ويٺو هو، جتي هو سدائين اچي ماني
کائيندو هو جيڪو سندس خوابن ۾ حقيقي طور تي پيش
ٿيندو هو. بعد ۾ ڪجهه گهڻا ماڻهو ظاهر ٿيا، جيڪي
هن کي کنڀي کڻي هليا ويا، انهن مان هڪڙي کيس قيد
ڪرڻ ٿي چاهيو. هن ميز تي ڀرسان ويٺل ساٿين کي چيو:
”مان بعد ۾ ڏئي ڇڏيندس، مان موٽي ايندس.“
پر انهن کيس چٿر ڪندي مخاطب ڪيو:
”اسان ان متعلق سڀ واقف آهيون، ته اهي سڀ ڇا ٿا
چون.“
ان کانپوءِ هڪ مهمان کيس سڏيو: ”هتي وڃ، هڪ ٻيو به
آهي.“
پوءِ هن کي هڪ سوڙهي ڪمري ۾ وٺي ويا، جتي ڪا عورت
هئي، جا ڪنهن ٻار کي جهلي ويٺي هئي. هن سان گڏ آيل
ماڻهن مان هڪ ڄڻي چيو:
”هي آهي هير مُلر
(Herr Muller)“.
هڪ پوليس انسپيڪٽر يا ڪو اهڙو ئي آفيسر هو ان جي
هٿ ۾ ڪارڊ يا ڪاغذ جا ٽڪرا هئا ۽ ورجائي چوڻ لڳو:
”ملر، ملر، ملر.“
آخرڪار هن خواب ڏسندڙ کان سوال ڪيو ڪيو، جنهن تي
هن جواب ڏنو:
”جي مان ڪندس.“
پوءِ هن مڙي عورت ڏانهن نهاريو ته هن کي لڳو ته هن
هاڻي ڊگهي ڏاڙهي لڳائي آهي.“
هتي انهن ٻن عنصرن کي جدا ڪرڻ ڪو مشڪل ڪم نه آهي:
جن مان اڇاترو ۽ تڪڙو تصور ”قيد ڪرڻ“ وارو هو،
جنهن کي جيتوڻيڪ خواب جي ڪم ان ئي وقت/ تازو گهڙيو
هو پر ان جي پويان ڪجهه ٻيو مواد به نظر اچي ٿو،
جنهن کي خواب جي ڪم ٿوري هلڪي ۽ ٻي شڪل ۾ پيش ڪيو
هو، يعني ”شاديءَ جو تصور.“
اهي ٻئي خاصيتون جيڪي ٻنهي تصورن ۾ هڪ جهڙيون
هيون، اهي پنهنجي خاص چٽائيءَ سان پڌريون ٿيون
هيون، ان ساڳئي طريقي سان جيئن ”گئلٽن“
(Galton)
جون مرڪب تصويرون هيون. ”نوجوان جو وعدو ڪرڻ“
(جيڪو ان وقت تائين ڪنوارو هو) ته هو موٽي ايندو ۽
ساڳئي ميز تي اچي پنهنجي دوستن سان گڏجي ماني
کائيندو. سندس ويجهن دوستن جو ناستڪي (جن جي تجربي
کيس گهڻو سمجهايو هو) انداز سان چوڻ هو ته:: ”هُتي
وڃ، هڪ ٻيو به آهي.“ (شاديءَ لاءِ اوسيئڙي ۾ ويٺل
عورت).
اهي سمورا خاڪا آسانيءَ سان هڪ نعم البدل تشريح ۾
موزون ٿيل آهن، ۽ اهو پڻ: ”جي مان ڪندس.“ هن
پنهنجي آفيسر جي سوال جي جواب ۾ چيو. ڪاغذن جي
ٿَهي ڏانهن مڙڻ، ساڳئي نالي جو ورجاءُ ڪرڻ: شاديءَ
جي جشن جي حوالي سان سمجهي سگهجن ٿا، جن کي هڪ ئي
ماڻهوءَ جي نالي جي ورجاءَ سبب اهي ان جي مبارڪباد
جا ڪارڊ به ٿي سگهن ٿا.
شاديءَ جو تصور اصل ۾ ڪاميابيءَ جي نشاني کي ظاهر
ڪري ٿو، جيڪو ”قيد“ واري تصور جي پشت پناهي ڪري
ٿو، جنهن ۾ ڪنوار جي موجودگي به شامل آهي. هاڻي
هتي اهو سوال ضرور ڪَر کڻي ٿو ته: ”ڪنوار کي ڏاڙهي
ڪٿان اچي ئي!“
ان جو حوالو اهو آهي ته هڪ ڏينهن اڳ ۾ خواب ڏسندڙ
پنهنجي هڪ دوست سان گهٽيءَ منجهان گذريو پئي، سندس
اهو دوست به شاديءَ جي سلسلي ۾ هن جهڙو ئي شرميلو
هو، جنهن رستي هلندي ڪارن وارن واري حسين عورت
ڏانهن سندس ڌيان ڇڪائيندي چيو هو ته:
”جيڪڏهن هن جهڙي عورت کي چند سالن ۾ پنهنجي پيءُ
وانگر ڏاڙهي نڪري اچي ته......“
پوءِ هن مڙي عورت ڏانهن نهاريو.
”مان بعد ۾ ادا ڪري ڇڏيندس.“ وارو جملو ٿي سگهي ٿو
خواب ڏسندڙ جي سُهري جي رويي سان لاڳاپيل هجي.
حقيقت اها آهي ته هر قسم جا کٽڪا
(Qualms)
خواب ڏسندڙ جي، شاديءَ متعلق ڊپ واري تصور کان
چٽيءَ ريت محفوظ رکڻ جي چڪر ۾ هئا. هن کي اهو به
کٽڪو هو ته ڪٿي سندس ڪنوار واري آزادگي، شاديءَ
واري قيد ۾ نه بدلجي وڃي.
اسان جيڪڏهن هڪ لمحي لاءِ ان نڪتي ڏانهن موٽي اچون
ته: خواب جو ڪم نهايت خوشيءَ سان ٺهيل ٺڪيل تصور
کي استعمال ڪرڻ بجاءِ خوابي خيالن جي گڏيل مواد
منجهان کڻي استعمال ڪندو آهي.
هاڻي اسان خوابن سان وابستا اهڙي قسم جي حيراني
پريشانيءَ کي حل ڪرڻ جي قابل ٿي ويا آهيون. باب
پهرين: خوابن جي مسئلن سان سائنسي ادب جو رويو/
تعلق، جي حصي ٽئين: ترغيب ۽ خوابن جا ماخذ/ بنياد،
جي الف: ٻاهرين (خارجي) دماغي جوش واري حواسي
حالت، ص: 88 تي، مان هڪ مشهور ڪهاڻيءَ تي ٻَڌل
”مائوري“ جو خواب ڏنو آهي، جنهن جو سمهڻ وقت ڪنڌ
لڙي ويو هو ۽ ننڊ دوران هن فرانس جي انقلاب وارن
ڏينهن جو هڪ ڊگهي ڪهاڻيءَ تي مشتمل هڪ خواب ڏٺو
هو:
”هن خواب ۾ پاڻ کي شاهي حڪومت جي ڏهڪاءُ دوران
ڏٺو. ڪيترن خوفناڪ قتل و غارت جي منظرن ڏسڻ
کانپوءِ آخرڪار هن کي به انقلابي عدالت ۾ آندو
ويو، جتي هن روبيس پيري، مارات، فوقير تنويليءَ کي
موجود ڏٺو ۽ انهن ڏينهن جي ڪيترن ئي زير نه ٿيندڙ
گهوڙن کي ڏٺو. هن کان سوال ڪيا ويا، ۽ ڪيترن ئي
واقعن کان پوءِ، جيڪي هن کي ياد ڪونه پئي آيا، هن
کي ڏوهاري قرار ڏنو ويو ۽ کيس ڦاهو ڏيڻ لاءِ،
ماڻهن جي انبوهه ڏانهن وٺي آيا. هن کي سوريءَ تي
چاڙهيو ويو، ۽ کيس ڪواز سان ٻڌو ويو، پوءِ اهو مٿي
کڄيو، ۽ سر کي ڌڙ کان ڌار ڪندڙ ڪات سندس ڪنڌ تي
ڪرڻ وارو هو، جو هن محسوس ڪيو ته سندس ڌڙ، سسيءَ
کان ڌار ٿي ويندو. انهيءَ ڊپ ۽ ڳڻتيءَ کان هڪدم
جاڳي پيو، تڏهن ڏٺائين ته هو بستري تان ڪافي هيٺ
لڙڪي آيو هو ۽ سندس ڪنڌ به انهيءَ پاسي لڙهڪي ويو
هو، جنهن پاسي ڪات مٿان ڪرڻ وارو هيس.“
اها هڪ غير امڪاني
(Imporable)
ڳالهه آهي ته ”مائوري“ جي خواب ان تصور کي پيش ڪيو
آهي! جيڪو سندس يادگيرين ۾ ڪيترا سال پهرين کان، ۽
ٺهيل ٺڪيل نموني جمع ٿيل هو، جيڪو اڀري آيو هو! يا
مان ائين چوان ته: ”اهو ڪو اشارو ڪنايو هو!“ جيڪو
ان چرپر کان واقف هو، جنهن جي تحرڪ کيس ننڊ مان
جاڳايو هو. جيڪڏهن ائين هيو ته ان جي سموري تڪليف
واري احساس کي ڇڏڻو پوندو ۽ ان ٿوري عرصي ۾ خواب
جي هڪ ڊگهي دور جي ڪهاڻي ۽ ان جي تفصيل گهڙڻ واري
عمل کي پاسي تي اڇلائڻو پوندو. ها البت ان ڪهاڻيءَ
جو اڳواٽ سندس دماغ ۾ هجڻ جي دعويٰ کي رد نه ٿو
ڪري سگهجي.
هتي ان ”خواهش واري تصور“ کي سمجهڻ جو هڪ سٺو
موقعو آهي، جيڪو مائوري جي ڪتاب پڙهڻ دوران جڙيو
هو. منهنجو خيال آهي ته خوابي ڪهاڻي فقط ان نوجوان
جي نهايت طاقتور جوشيلن ۽ جذباتي تاثرات جي اثر
ذريعي جڙي هئي. مائوري جي خواب جي سانڍيل يادگيرين
۾ هڪڙو خاڪو نمايان آهي، جنهن کيس ماڻهن جي وڏي
انبوهه ۾ ڦاسيءَ واري جاءِ ڏانهن وڃڻ جي اڳواڻي
ڪئي هئي، جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هن جو
تصور حقيقت ۾ ٻن کان وڌيڪ معنائون رکندڙ نموني
وارو هو.
ان صورت ۾ اهو سمجهڻ ضروري نه آهي ته اهو ڊيگهه ۾
تيار ٿيل تصور سندس ننڊ دوران جڙيو هوندو. مثال
طور جيڪڏهن ڪو سازن تي ڪا ڌن وڄائي ۽ ڪوئي شخص چوي
ته اهو ”موزارٽ“ جي ڪمپوز ڪيل ڌن جو حصو آهي ته ان
هڪڙي لمحي دوران سندس ذهن ۾ ڪيتريون ئي وابستا
يادون هڪدم اڀري اينديون آهن. ساڳيو ئي معاملو
لاشعوري سوچن سان وابستا آهي ته اهي اڀرندڙ جوش
جذبي واريون سوچون، نفسياتي بندرگاهه منجهان، ڌڙ
کان ڌار ڪرڻ وارن انهن سمورن تصورن کي لنگهڻ جي
اجازت ڏينديون آهن، پر تصور ننڊ دوران پاڻ خواب ۾
نه ويندو آهي، پر اهو ننڊ ۾ پيل شخص جي يادگيرين ۾
موجود هوندو آهي. جاڳڻ کانپوءِ هو تصور جي سمورن
تفصيلن کي ياد ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، جيڪي مجموعي
طور تي سندس خواب ۾ نظر ايندا آهن. اهڙن معاملن ۾
ڪنهن جو به مطلب پاڻ کي پڪ ڏيارڻ نه هوندو آهي ته
هن کي واقعي ڪجهه يا اهو سڀڪجهه ياد هو جيڪو هن
خواب ۾ ڏٺو هو.
ٺهيل ٺڪيل تصورن جي معاملي ۾ اها ساڳي ئي وضاحت
آهي، جيڪا سڄي/ پوري اڀرندڙ جوش جي ذريعي تحرڪ ۾
اچي ٿي، اها وضاحت ڪن ٻين خوابن تي به لاڳو ٿي
سگهي ٿي، جيڪي اڀري ايندڙ جذبن تي ڌيان ڏياريندڙ
هوندا آهن، مثال طور دوزخ رسائيندڙ مشين جي ڌڌڪي
کان اڳ ۾ ”نيپولين جو جنگي خواب.“
خوابن جي متعلق ”جسٽائن توبوولسڪا“
(Justine Tobowolska)
پنهنجي گڏ ڪيل مقالن جي مجموعي ۾، ”خوابن ۾
وقت“بابت واضع ٽڪرو لکيو آهي، جيڪو مون کي گهڻو
معلوماتي لڳو، انهن مان هڪڙو ”مئڪيريو“
(Macario-1857-46)
به بيان ڪيو آهي، جيڪو ڊرامن جي هڪ ليکڪ ”ڪيسي مير
بئنجور“
(Casimir Banjour)
جي خواب متعلق آهي:
”هڪ ڏينهن شام جو بئنجور پنهنجي هڪ ڊرامي بابت ڪيل
پهرين ڪارڪردگي ڏسڻ ٿي چاهي، پر هو ايترو ته ٿڪل
هو جو پردي کلڻ کان اڳ ۾ ئي کيس ننڊ اچي وئي، ننڊ
۾ هو پنهنجي ڊرامي جي پورن پنجن ايڪٽن دوران هر
منظر جي حوالي سان ڏسندڙن جي مختلف جذبن کي به
ڏسندو رهيو. ڊرامي جي پڄاڻيءَ تي جڏهن تاڙين جي
گونج ۾ سندس نالو ورتو ويو ته هو گدگد ٿيڻ لڳو.
پوءِ اوچتو هو جاڳي پيو، هن کي پنهنجي ڪنن ۽ اکين
تي يقين ئي نه پئي آيو ته هن ڪا ايڏي ڊگهي ننڊ ڪئي
هئي، جڏهن ته ٻن منٽن جي ننڊ ۾ هن کي ته رڳو ٻه
سٽون مس ٻڌڻ ۾ اچن ها.
هن خواب جي معاملي ۾ خاطريءَ سان چئي سگهجي ٿو ته
اهو سڀڪجهه جلد بازيءَ ۾ پيش نه ٿيو هو جو ايتري
ٿوري وقت ۾ خواب ڏسندڙ پنجن ايڪٽن وارو ڊرامو ڏٺو،
يا مختلف منظرن دوران ماڻهن جي ردعمل جو مشاهدو
ڪيو، ۽ نه ئي ننڊ دوران اهو سڀ ڪجهه ڪنهن تازي
مواد جي پيشڪش منجهان اڀري اچڻ جي به ضرورت مطابق
هو! پر ٿي سگهي ٿو ته اهو ”تصوراتي سرگرميءَ“ جو
ڪو حصو ٻيهر پيش ٿيو هجي.
”جسٽائن توبوولسڪا“ ٻين ليکڪن وانگر ان حقيقت تي
زور ڏنو آهي ته: ”خواب، خاص طور تي خيالن جي تيز
رفتاريءَ واري عملي خاصيت سان لاڳاپيل ۽ ٻين خوابن
کان بلڪل مختلف/ ابتڙ نظر ايندو هوندو آهي، ۽ انهن
جي سانڀر جو مختصر بيان به بنهه تفصيل سان موجود
هوندو آهي. جنهن جي خاصيت به اهڙي ئي قسم جي ٺهيل
ٺڪيل تصور جهڙي هوندي آهي، ۽ خوابي ڪم جي ذريعي
ڇهڻ سان تحويل ۾ وٺڻ جي پابند هوندي آهي. پر اتفاق
سان ليکڪ اهو نتيجو ڪڍڻ ۾ ناڪام ٿيندا آهن.
مان بهرحال ڪا دعويٰ نه ٿو ڪريان ته سمورا اڀار
کائيندڙ خواب ان وضاحت کي قبول ڪندا هوندا، يا
خوابن ۾ خيالن جي تيز رفتاري، ان طريقي سان صفا
معطل ٿي سگهي ٿي.
خوابن جي مواد جي ”ثانوي جائزي/ نظرثاني“ ۽ خوابي
ڪم جي باقي جزن جي وچ ۾ تعلق جي هن نڪتي تي غور
ڪرڻ واري معاملي کان لنوائڻ ناممڪن آهي. ائين بهتر
نه ٿيندو ته اسان ڪو اندازو لڳايون ته پهرين مرحلي
۾ خواب جي تعميري جزن ۾، ڇنڊڇاڻ کان بچڻ لاءِ،
اختصار جي رجحان کي ڪهڙي ضرورت پوندي آهي، ۽ غور
ويچار ڪرڻ جي ذميداريءَ جي نفسياتي مقصد جي ذريعي،
مهيا ڪيل مواد منجهان، عارضي خوابي مواد پاڻ ۾
گڏجي خوابن تي ظاهر ٿيندا آهن، ۽ تنهن کانپوءِ اهو
مواد ٻيهر ترميم ڪيل شڪل ۾ ۽ ان ٻئي شعبي جي ضرورت
مطابق ممڪن حد تائين موافق/ ٺهڪندڙ بڻائيندو آهي؟
ائين ورلي ئي ممڪن هوندو آهي.
اسان کي تسليم ڪرڻو پوندو، حالتن مان ڪنهن به هڪ
جي ڍانچي ٺاهڻ لاءِ ڪنهن حد تائين ٻئي جزي جي
پهرين مطالبن سان، جن سان خواب ضرور مطمئن ٿي وڃي
۽ اها حالت انهن جهڙي هجي جنهن کي اختصار ذريعي
اختيار ڪيو ويو هجي، ته ڇنڊڇاڻ پنهنجي مزاحمت/
مخالفت، ذريعي اها حالت مٿس مڙهيندي آهي، ۽
”نمائندگيءَ جي قابليت“، خوابي خيالن ۾ موجود
جهجهي تعداد وارو مواد مٿس، ورتايل ۽ چونڊيل
احساس/ فهم تي ساڳئي وقت تي ترتيب ڏيڻ جو عمل ڪندي
آهي.
بهرحال هر صورت ۾ خواب جي جُڙڻ لاءِ اهي چارئي
حالتون سرگرم رهنديون آهن، جن مان اها هڪ آخري
اسان جي سمجهه ۾ آئي آهي، جنهن جا مطالبا خواب تي
پيدائشي اثر رسوخ کان ڪنهن به صورت ۾ گهٽ ظاهر نه
ٿيندا آهن.
اهو ويچار
(Consideration)،
ان معاملي کي تمام گهڻو ممڪن ٿو بڻائي ته نفسياتي
عمل، اتان کڄي اچي ٿو، جنهن کي اسان خوابن جي متن
جي، اها ”ثانوي نظرثانيءَ“ ڪري بيان ڪيو آهي، جيڪا
اسان جي جاڳ واري حالت جي سرگرميءَ جي نشاندهي
ڪندي آهي. اسان جي جاڳ دوران شعور ۽ لاشعور جي وچ
واري حصي
(Preconscious)
۾ گڏ ٿيندڙ سوچون، ادراڪيل مواد جي پاسي لاڙو/
رويو رکنديون آهن، ۽ انهن سان ساڳئي رستي سان وڃي
ملنديون آهن جنهن طريقي سان اسان خوابن جي متن جي
متعلق لاڙو/ رويو رکندا آهيون. اها اسان جي جاڳيل
خيالن جي فطرت آهي ان حوالي سان ان قسم جو مواد
مسلسل ترتيب جي عمل ۾ مصروف هوندو آهي ۽ ائين اسان
جي سمجهه ۾ ايندڙ ”توقع“ کي مجموعي طور تي ثابت
ڪرڻ لاءِ ان ۾ پنهنجي تعلق کي ڳنڍي رکندو آهي.
حقيقت اها آهي ته اسان ان ڏس ۾ گهڻو دور هليا
ويندا آهيون. هڪ ڀڙ شعبدي باز جي معمولي اٽڪل به،
اسان جي دانشوراڻي عادت واري اعتباري رويي سبب،
اسان کي ٺڳي وٺندي آهي. حواسن ذريعي محسوس ٿيندڙ
تاثرن جي مختلف اندازن کي سمجهڻ جون ڪوششون، اسان
کي ادراڪ ۽ فهم به آڇينديون رهنديون آهن، پر اسان
گهڻو ڪري عجب جهڙن عقيدن ۾ ڦاسي پوندا آهيون يا
وري جيڪو مواد سامهون هوندو آهي ان جي سچائيءَ تي
پيا شڪ ڪندا آهيون.
ان رويي جون شاهديون اسان کي عالمگير سطح تي ملن
ٿيون. اسان پنهنجي مطالعي دوران انهن غلط ڇپيل
اکرن تي ڌيان نه ڏيندا آهيون، ڇاڪاڻ ته اهي اصل
مقصد کي تباهه ڪري ڇڏيندا آهن، ان جي جاءِ تي اسان
رڳو اندازو لڳائيندا آهيون يا تصور ڪندا آهيون ته
اسان جيڪو به پڙهون پيا سو بلڪل درست پيا پڙهون.
هڪ مشهور فرانسيسي رسالي جي ايڊيٽر جو چوڻ آهي ته:
”مان ان ڳالهه تي شرط لڳائيندو آهيان ۽ ڊگهن ڊگهن
مضمونن جي سٽن ۾ لفظ ”اڳيان“ يا ”پويان“ وجهي
ڇَپائي ڇڏيندو آهيان، پر اڄ تائين ان پاسي ڪنهن جو
به ڌيان نه ويو آهي، ۽ ائين مان هميشه پنهنجو شرط
کٽي ويندو آهيان.
ڪيترا سال اڳي مون هڪ اخبار ۾ ڪوڙ تي ٻڌل مزاحيه
واقعو پڙهيو هو. هڪ ڀيري فرانس جي قانون ساز
عدالتي اداري جي هال ۾ ويهڻ دوران، هال ۾ ڪنهن
انتهاپسند بم اڇلايو، جنهن جي نتيجي ۾ ڊپٽي صاحب
پنهنجي جرعت وارن جملن سان ماڻهن جي ڀاڄ کي روڪڻ ۾
ڪامياب ٿي ويو. اخباري نمائندن، گئلريءَ ۾ ويٺل
ماڻهن کان ان انتهائي پرتشدد ڪاروائيءَ بابت
تاثرات وٺڻ شروع ڪيا. انهن مان ٻه ماڻهو جيڪي ڪن
ٻين صوبن مان آيل هئا، جن مان هڪڙي جو چوڻ هو ته:
”اهو سچ آهي ته مون هڪڙي تقرير جي ختم ٿيڻ وقت بم
ڦاٽڻ جو آواز ٻڌو، پر مون تڏهن تسليم ڪري ورتو ته
پهريون ڌماڪو تڏهن ٿيندو آهي، جڏهن اسپيڪر تقرير
ڪري پنهنجي جاءِ تي ويهندو آهي.“
ٻئي شخص جنهن اڳ ۾ به ڪافي تقريرون ٻڌيون هيون،
اهو به ان ساڳئي نتيجي تي پهتو هو، بس رڳو هن وڌيڪ
ايترو چيو ته:
”اهو ٺڪاءُ خاص طور تي ڪامياب تقرير جي پوري ٿيڻ
جي خوشيءَ ۾ ڪيو ويو هو.“
ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته اسان جي عام رواجي سوچڻ جو
طريقو اهو ئي آهي ۽ اهو ئي ”نفسياتي شعبي“ جو
طريقو آهي، جيڪو خوابن جي متن منجهان ان مطالبي
سان مقصد حاصل ڪرڻ جو ذريعو بڻجي ٿو ته اهي سمجهه
۾ ايندڙ ۽ چٽا هجن، جيڪي ان پهرين تشريح جو موضوع
بڻجن ٿا، ۽ نتيجي طور انهن جي مڪمل غلط فهمي پيدا
ڪندڙ ثابت ٿين ٿا (ص: 616).
خواب جي ظاهري تسلسل جي سلسلي ۾ پنهنجي تشريح جي
مقصدن حاصل ڪرڻ لاءِ، ان جي شڪجڻ واري اصليت
منجهان اهو طريقو بنا تبديليءَ جي ۽ بنهه لازمي
اصول تحت جاري رکڻو ٿو پوي، ۽ ساڳيو ئي رستو وٺي
خوابي خيالن جي مواد ڏانهن موٽڻو ٿو پوي، پوءِ ڀلي
ته اهي خواب پاڻ ۾ چٽا هجن يا منجهيل هجن.
اسان (ص: 572) تي خوابن جي وسعت جي صلاحيت ۽ ان جي
چٽائيءَ ۽ منجهيل صورتحال جي وچ ۾ بحث ڪري آيا
آهيون. اهو معاملو خواب جي انهن حصن تي مدار ٿو
رکي، جيڪي ”ثانوي جائزي/ نظرثانيءَ“ ذريعي ڪي چٽا
تاثر بيان ڪرڻ جي قابل هوندا آهن، جڏهن ته ڪجهه
حصا، جن تي ان جي ڪوشش ناڪا، ٿيندي آهي ته اهي
منجهيل هوندا آهن. خواب جا ”منجهيل حصا“، ساڳئي
وقت پاڻ به تمام ”گهٽ چٽا حصا“ هوندا آهن، پر اسان
اهو نتيجو ڪڍي سگهندا آهيون ته خواب جو ثانوي ڪم،
خود مختلف خوابي عنصرن جي پيوندي روپ ڏيڻ واري شدت
کي پيش ڪرڻ جو ذميوار هوندو آهي.
مان جيڪڏهن ڪنهن شيءِ جي ڳولها لاءِ چوطرف
نهاريان، جنهن سان مان خواب جي تسليم ڪيل حتمي
جوڙجڪ کي ڀيٽيان، جيئن اهو عام سوچ کانپوءِ پنهنجو
حصو ڳنڍيندو آهي، ته مان سمجهان ٿو ته ڳجهارت واري
انداز سان پٿر تي اڪريل اکرن کان وڌيڪ بهتر ڪا ٻي
ڳالهه نه ٿي لڀي، جنهن سان مشهور فرانسيسي رسالي
جي ايڊيٽر سالن تائين پنهنجي پڙهندڙن کي پئي
وندرايو هو. ان جو ارادو پڙهندڙن کي اهو باور
ڪرائڻ آهي ته: ”تضاد اڀارڻ لاءِ جن اکرن تي جملو
مشتمل هوندو آهي، ان جي هڪجهڙائي، هڪ آواز ۾ ادا
ٿيندڙ پدن ذريعي ۽ هڪ نئين طريقي تي ٻڌل هوندي
آهي، ته يعني مختلف معنيٰ وارا لفظ هڪ جهڙي آواز ۾
ادا ٿيندا آهن. اهڙا نج لاطيني لفظ جتي ڪٿي پيا
استعمال ٿيندا آهن. ٻئي نڪتي تي اسان کي اختصار
ڪيل (Abbreviated)
لاطيني لفظ ملن ٿا، ۽ اڃان ان اڍنگي رويي جي ڪجهه
ٻين نڪتن جي حوالي سان، ڪيترن ئي بي معنيٰ ۽ بي
واسطا لفظن کي درگذر ڪري ڇڏڻ واري رويي سبب اسان
پاڻ کي هروڀرو ٺڳيندا به رهندا آهيون. اسان جيڪڏهن
انهن کي مذاق واري خيال کان لنوائي به ڇڏيندا
آهيون ته به اسان کي گهرجي ته هر ان ڳالهه کي برو
ڀانيون، جيڪا واقعي خراب هوندي آهي. ائين اکرن تي
سدائين مستحڪم انداز سان نظر وجهڻ گهرجي، ۽ انهن
جي ظاهري ترتيب تي بلڪل به ڌيان نه ڏيڻ گهرجي،
۽ انهن کي پنهنجي مادري ٻوليءَ جي اثاثي سان جوڙڻ
گهرجي.
”ثانوي جائزو/ نظرثاني“ خواب جي ڪم ۾ هڪ اهو نتيجو
آڻيندڙ حالت آهي، ۽ ان موضوع بابت ليکڪن جي گهڻي
تعداد مشاهدو ڪيو آهي ۽ ان جي اهميت ۽ خاصيت کي
گهڻو ساراهيو آهي. ”هيولاڪ ايلس“ ان عملي طريقي
بابت نهايت دلچسپ معلومات ڏني آهي: ”ننڊ واري
شعوري حالت، جنهن جو اسان تصور پڻ ڪري سگهون ٿا،
ان لاءِ ائين چئي سگهجي ٿو ته اهو پاڻ به نتيجو
آڻڻ ۾ رڌل هوندو آهي“
اسان جو استاد اهو به چوي ٿو ته: ”جاڳ واري شعوري
حالت، جيڪا دليل ۽ منطق سان نهايت سگهاري نموني
ڳنڍيل رهي ٿي، اها، ٻين شين کي به ڏاڍو جلدي گڏ
ڪري وٺي ٿي، ۽ والاريل وابستگيءَ کان اڳ ۾ انهن کي
هر طرح جي ترتيب به ڏئي ٿي.“
جاڳ واري خيال سان گڏجي ڪم ڪرڻ واري طريقي جي
متعلق، خاص چٽائيءَ سان نشاندهي ”ڊيلاڪروئس
(Delacroix- 1904,926)
ڪئي آهي: اهو اصل ۾ اسان جي جاڳ واري حالت جي
احساسن متعلق منطقي امداد وارو ڪم آهي.“ جيمس سولي
(James Sully-1893,355-6)
پڻ ان خيال جو آهي، ۽ ”جسٽائن توبوولسڪا“
(Tobowolska-1900,93)
به ائين ئي چوي ٿو:
”ذهن! منطقي طور اڻ لاڳاپيل خيالن منجهان ۽
سوداءُ/ وهم
(Hallucination)
وارن وهڪرن مٿان، ان ساڳئي ڏينهن دوران پيدا ٿيل
احساسن کي کڻي اچڻ جون ساڳئي منطقي ڳانڍاپي ذريعي
سنجيدهه ۽ لاڳيتو ڪوششون وٺندو آهي. هو انهن
سمورين علحده ٿيل ۽ غير جانبدار عڪسن کي تصوراتي
ڪڙين سان ملائيندو آهي ۽ انهن جي وچ ۾ پيدا ٿيل
وڏي خال کي روڪي ڇڏيندو آهي.“
چند ٻين ليکڪن جي چوڻ مطابق، ترتيب ڏيڻ ۽ تشريح
ڪرڻ جو اهو عمل خود خواب دوران پاڻ ئي شروع ٿي
ويندو آهي ۽ جاڳڻ کانپوءِ به تسلسل قائم رکندو
آهي.
ان سلسلي ۾ ”پائولهان“
(Paulhan-1894,546)
چوي ٿو ته:
”مان گهڻو ڪري ائين سمجهندو آهيان ته خواب بهرحال
حادثاتي طور نڀاڳ وارا ٿي سگهن ٿا، يا ڪنهن حد
تائين يادگيرين ۾ ٻيهر ڀاڳ وارا ٿي سگهن ٿا. تصور
جو انتظام هلائڻ وارو اهو رجحان، جيئن ننڊ کان
شروع ٿيو هو تيئن ئي جاڳڻ کان پوءِ پوريءَ ريت
مڪمل ٿي ويندو آهي، ان طريقي سان خيال جي حقيقي
رفتار جاڳ واري تصور جي سڌارو آڻيندڙ تبديليءَ
ذريعي، ظاهري طور وڌي ويندي آهي.
”برنارڊ ليرو“
(Bernard-Leroy)
۽ ”جسٽائن توبوولسڪا“ (592، 1901) جو چوڻ آهي ته:
”ان جي ابتڙ، تشريح/ تجزيو ۽ ساڳي ترتيب وارو
لاڳاپو خواب ۾ نه رڳو پيش ٿيندڙ تفصيل جي ذريعي،
پر جيڪا تفصيل جاڳ جيون ۾ موجود هوندي آهي، ان جي
ذريعي به کڄي ايندو آهي.“
بهرحال، خوابن جي جُڙڻ ۾ اهو ڄاتل سڃاتل ڪار
وهنوار اڻ ٽر نموني، پنهنجي اهميت جو وڌيڪ اندازو
لڳائيندو آهي ته جيئن خوابن جي تخليق جي سموري
ڪاميابيءَ جو ڇَٽُ مٿس ئي جُهلي پوي.
تخليق جي ان عمل متعلق ”گوبلوٽ“
(Goblot-1896, 288)
۽ ان کان وڌيڪ ”فوڪالٽ“
(Foucault-1906)
خيال ڏيکاريو آهي ته: ”اهو جاڳ واري حالت ۾ ڪيل
چرپر جو عمل آهي.“ انهن ٻنهي ليکڪن لاءِ جاڳ وارن
خيالن جي لاڳاپي کي، ننڊ دوران داخل ڪرڻ، خواب جي
تعمير جي هڪ لياقت آهي.“
”برنارڊ ليرو“ ۽ ”توبوولسڪا“ انهن جي راءِ تي
پنهنجي خيال جو اظهار ڪندي لکن ٿا ته: ”اهو خيال
ئي ٿي سگهي ٿو، جيڪو جاڳ دوران ئي خوابن کي ممڪن
انداز ۾ هٿ ڪري وٺي ٿو.“
انهن ٻنهي ليکڪن جو بيان اهو به آهي ته: ”جاڳ
دوران خيال، خواب جي جُڙڻ لاءِ منسوب ٿي وڃن ٿا
انهن خيالن منجهان ئي جڙيل عڪس، ننڊ جي خيالن ۾
پيش ٿين ٿا.“
”هربرٽ سلبرر“
(Herbert Silberer)
جنهن جي لاءِ مان اڳ ۾ به چئي آيو آهيان، هن جو
خيال آهي ته: ”اهي خيال جيئن آهن، تيئن ئي خواب،
انهن جي هر زاويي کي عڪسن ۾ تبديل ڪرڻ واري عمل ۾
مصروف ٿي وڃن ٿا، ۽ انهن تي ڏاهپ واري سرگرمي
مڙهين ٿا، خاص طور تي ان وقت جڏهن ماڻهو ٿڪل يا
ننڊاکڙو هوندو آهي. اهڙن موقعن تي اهي خيال جيڪي
ادراڪ جي وسيلي ڪنهن شيءِ کي سمجهڻ دوران اوچتو گم
ٿي وڃن يا هڪ جاءِ جي بجاءِ ٻئي پاسي هليا وڃن ته
اهي، مجرد خيالن
(Abstract thoughts)
جي اصول تحت نعم البدل جي صورت ۾ موٽ کائيندا آهن
۽ جڏهن انهن تجربن دوران وجود ۾ اچي ويندا ته انهن
جا عڪس به اڀري ايندا آهن ۽ خواب جي ڪنهن به عنصر
جهڙا ٿي پوندا آهن، ڪڏهن ڪنهن شيءِ جي نمائندگي
ڪندا آهن ته ڪڏهن ڪنهن ٿڪ، تڪليف، مشڪل ۽ ڪم ۾ دل
نه لڳڻ واري وهنوار ذريعي ظاهر ٿيندا آهن. انهن جي
پيش ٿيڻ کي ائين چئي سگهجي ٿو ته اها داخلي حالت
(Subjective State)
آهي، جا مقصد جي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوشش متعلق عملي
طريقي جي نمائندگي ڪري ٿي.
”سلبرر“ ان قسم جون ئي وارتائون بيان ڪيون آهن، جن
مان هڪڙي وارتا، اسان جي ان پوئين خواب جي سلسلي ۾
نظر اچي ٿي. ”سلبرر“ ان کي ڪنهن شيءِ جي بناوٽ جي
ترڪيبي جزن واري متي
(material phenomenon)
جي ابتڙ ”گهرج آهر عمل ڪندڙ متو
(functional phenomenon)
سڏيو آهي، جنهن کي قبول ڪري سگهجي ٿو.
”سلبرر“ مثال طور هڪ خواب ڏنو آهي:
هڪ ڀيري شام جو مان پنهنجي صوفي تي ويٺو هوس ۽ پاڻ
کي ڏاڍو ننڍاکڙو پئي محسوس ڪيم، ان جي باوجود مون
پاڻ تي فلسفي جي مسئلن تي سوچڻ لاءِ زور رکيو. مون
”وقت“ جي سلسلي ۾ ”ڪانٽ“
(kant)
۽ ”شوپنهار“(Schopenhauer)
جي خيالن جي ڀيٽ ڪرڻ ٿي چاهي. منهنجي ننڊاکڙي هجڻ
جو نتيجو اهو نڪتو جو مان پنهنجي دماغ ۾ انهن ٻنهي
جي لاءِ ڪنهن به دليل کي ڊوڙائي نه پئي سگهيس، جا
ڀيٽ ڪرڻ جي لاءِ انتهائي ضروري به هئي. ڪيترين ئي
اجاين ڪوششن کانپوءِ پنهنجي ذهن ۾ پنهنجي سمورن
ارادن جي سگهه سان هڪ ڀيرو ٻيهر ”ڪانٽ“ جي ڪسوٽيءَ
کان متاثر ٿي ويس، ته جيئن مان انهن کي ”شوپنهار“
جي ”مسئلن جي بيان“ سان لاڳو ڪري سگهان. پوءِ مون
پنهنجو ڌيان ان خط ڏانهن لاڙي ڇڏيو، پر وري جڏهن
”ڪانٽ“ جي پاسي مڙڻ جي ڪوشش ڪيم ته مون ڏٺو ته
سندس دليل مون کي هڪ ڀيرو ٻيهر عارضي ذهني ڇوٽڪارو
ڏئي ڇڏيو ۽ مون ان ڪتاب کي ٻيهر ائين ئي کڻي ورتو.
اها ٺلهي ڪوشش ”ڪانٽ“ جي ان دستاويز کي ڳوکهڻ لاءِ
پئي ڪيم، جيڪو منهنجي ذهن ۾ ڪٿي گم ٿي ويو هو،
اوچتو منهنجي ٻوٽيل اکين آڏو اچي ويو، بلڪل هڪ ٺوس
۽ پيوندي روپ ۾، ڄڻ ڪنهن خواب جي تصوير جيان هئي:
(1)
”مون بي مروت سيڪريٽريءَ کي معلومات ڏيڻ لاءِ چيو،
جيڪو پنهنجي لکڻ واري ٽيبل تي جهڪيل هو ۽ منهنجي
تڪڙي گهرج تي ڪو ڌيان نه ڏنائين. پوءِ هن پاڻ کي
ٿورو سڌو ڪيو ۽ مون تي نه مڃڻ ۽ جواب نه ڏيڻ واري
نهار وڌائين.“
هتي ڪجهه ٻيا مثال به پيش ڪجن ٿا جيڪي ڪڏهن جاڳ ته
ڪڏهن ننڊ جي وچ ۾ لڏڻ لمڻ
(Oscillation)
سان ڳنڍيل آهن:
(2)
حالت:
صبح جو جاڳ واري! ”جيتوڻيڪ مان گهري ننڊ (نيم
بيهوشيءَ واري حالت) ۾ هوس، ۽ مون تي گذريل خواب
جا پاڇا پئي پيا، ۽ خواب ۾ هڪ قسم جو تسلسل هو،
مان جاڳڻ ۽ هوش ۾ اچڻ جي ڪوشش پئي ڪئي، پر وري ان
غنودگيءَ ۾ ئي رهڻ پئي چاهيم.
منظر:
”مان هڪ هڪ فوٽ جي مفاصلي تي پيل هڪ ڪتاب کي پئي
اورانگهيو، پر اهو وري پوئتي سُري پئي ويو.“
(3)
حالت:
مون گهڻي دير بستري ۾ سمهڻ ٿي چاهيو، يا ائين چئجي
ته مان ننڊ کي رستو پئي ڏنو ته جيئن وڌيڪ دير
تائين سمهيو پيو هجان.
منظر:
مان ڪنهن (مرد يا عورت) کي خدا حافظ چيو، ۽ ان
(عورت) سان جلد ملڻ لاءِ چيو.“
”گهرج آهر عمل ڪندڙ متو“
(Functional Phenomenon)
ماڻهن يا شين جي بجاءِ حالت جي نمائندگي ڪري ٿو،
”سلبرر“ اصولي طور ان جو گهري ننڊ ۾ هجڻ ۽ جاڳڻ
وارين، ٻنهي حالتن ذريعي مشاهدو ڪيو آهي. اهو
سمجهڻ سولو آهي ته خواب جي تشريح جو واسطو رڳو
ويجهي معاملي سان آهي. ”سلبرر“ جيڪي مثال ڏنا آهن
اهي مڃڻ جهڙا نظر اچن ٿا، ته ڪيترن ئي خوابن جي
متن جا آخري حصا، جيڪي جاڳ ذريعي هڪدم نتيجو ڪڍندڙ
ٿين ٿا، ۽ جاڳڻ جي ارادي يا جاڳڻ واري عمل بابت
گهٽ يا وڌ، ڪجهه به پيش ڪندڙ نه ٿيندا آهن. ٿي
سگهي ٿو ته اهڙن عڪسن جي نمائندگي ڪنهن خاص معنيٰ
۾ ٿيندي هجي، جيئن چانئٺ ٽپبي آهي: (چائنٺ، چوکٽ،
دروازي، يا منڍ جو علامتي نظريو
(threshold symbolism):
”هڪ ڪمري مان نڪرڻ، ٻئي ڪمري ۾ داخلا ٿيڻ، ڪٿي
وڃڻ، گهر تي اچڻ، ساٿيءَ کان جدا ٿيڻ، پاڻيءَ ۾
ٽٻي ڏيڻ وغيره.“
بهرحال مان ان تي تبصري ڪرڻ کان پاسو نه ٿو ڪريان
ڇاڪاڻ ته مان خوابي عنصرن متعلق وضاحت ڪرڻ کان
اڳتي نڪري آيو آهيان، ٿي سگهي ٿو اهو ان چائنٺ،
چوکٽ، دروازي، يا منڍ جو علامتي نظريو
(Threshold symbolism)
منهنجي پنهنجن خوابن يا انهن جي موضوعن سان وابستا
هجي، جن جي تشريح مان ڪري چڪو آهيان. ٿوري گهٽ ئي
سهي پر ”سلبرر“ جي معلومات ڪي قدر مڃڻ جهڙي آهي.
اهو ڪنهن به طرح اڻ ادراڪيل يا غير امڪاني نه آهي
ته ”منڍ وارو علامتي نظريو“ خوابن جي وچين حصي جي
ڪجهه عنصرن جي اڻت تي روشني وجهي سگهي ٿو: ان جي
جاءِ تي، مثال طور جتي گهري ننڊ ۽ گهيرٽن واري
ڪيفيت جو معاملو هجي ۽ ان ڪيفيت کي ٽوڙي خواب مان
جاڳڻ جو ارادو هجي. پر ان جي مڃڻ جا مثال اڃان
ظاهر نه ٿيا آهن.
اسان ان حقيقت کي مڃڻ لاءِ تيار آهيون ته جاڳيل
حالت جي خيالن جو، خوابن جي تعمير ۾ حصي ڳنڍڻ وارو
نظريو هڪ ٻي شڪل ڏيڻ ۾ بهرو ٿو وٺي، جنهن کي اسان
اڳي ئي ”ثانوي جائزي/ نظرثاني“ جي عنوان سان بحث
هيٺ آڻي چڪا آهيون. ان حوالي سان اسان اهو ڏٺو ته
اهو ڌيان طلب حصو جنهن ڏينهن دوران اثرائتو انجام
سانڍيو آهي، اهو ننڊ دوران خواب ۾ پنهنجو تسلسل
قائم رکي ٿو ۽ ”ثانوي جائزو“ ان جي جاچ پڙتال ڪري
ٿو، ان تي تنقيد ڪري ٿو ۽ انهن ۾ دخل اندازيءَ جي
قوت کي بچائي ٿو ۽ نهايت اعتبار جوڳي انداز سان
ذهني شعبي ۾ ان کي شناخت ڪندي نظر اچي ٿو، اها قوت
ان پاسي ڇنڊڇاڻ کي جاري رکي ٿي، جتي ڪنهن کي جوڙڻ
يا واسطي ظاهر ڪرڻ واري لاڳاپي ڏيکارڻ وارو طاقتور
اثر رسوخ خواب جي جڙڻ لاءِ ورتل طريقي تي پابندي
وجهي ٿو.
”سلبرر“ جا مشاهدا اهڙن معاملن ۾ مددگار ثابت ٿين
ٿا، ۽ اها حقيقت آهي ته ڪجهه حالتن ۾ شخصي مشاهدي
جا قسم ان ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن ٿا ۽ خواب جي متن
۾ پنهنجو حصو ڳنڍين ٿا. شخصي مشاهدي واري شعبي جا
ممڪن واسطا، جيڪي فلسفياڻين ذهنن ۾ خاص طور نمايان
ٿي سگهن ٿا، خاص طور شعور مان لاشعور ۾ جمع ٿيندڙ
ويچارن ڏانهن ۽ گمراهه ڪندڙ مشاهدن ڏانهن، وويڪ/
ضمير ڏانهن ۽ خوابن جي ڇنڊڇاڻ ڏانهن، نهايت موزون
انداز سان ڪنهن ٻئي جاءِ تي ورتاءُ ڪندا آهن.
هاڻي مان خواب جي ڪم متعلق هن ڊگهي مذاڪري جو تت
ڪڍڻ جي ڪوشش ڪندس.
اسان هڪ سوال جي ذريعي ان ڳالهه سان به منهن ڏنو
ته ڇا ذهن پنهنجي سمورين لياقتن ۽ مهارتن ذريعي
خوابن جي تعمير ۾ بنا ڪنهن لڪ لڪاءَ جي، خدمت ۾
مصروف هوندو آهي، يا انهن جي رڳو ڪنهن اڻ پوري حصي
تي عملي پابندي لڳائيندو آهي؟
اسان جي کوجنا اسان جي رهنمائي ڪندي ان جي جوڙجڪ
کي صفا رد ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ حالتن جي متعلق اڻپورو
سوال گهڙيو ويو هو. جيڪڏهن اسان ان سوال جو جواب
ان بنياد تي ڏيون ها، جنهن تي اهو ٻڌل هو ته اسان
جو فرض هو ته انهن ٻنهي جي نعم البدل طور ڪو
ويساهه وارو جواب ڏيون ها، جنهن جو اظهار گڏيل
مفاد جي ڪري باهمي ۽ امتيازي طور تي ڀاڱي
ڀائيواريءَ ذريعي ٿيندو آهي. ٿي سگهي ٿو ته خواب
جي جڙڻ دوران ٻه جدا جدا عمل، ذهني سرگرميءَ ۾ فرق
ڪندا هجن، يعني: ”خوابي خيالن جي پيداوار، ۽ انهن
جي خوابي متن ۾ تبديلي.“
خوابي خيال انتهائي سمجهه ڀريا/ شعوري هوندا آهن،
جن جي سموري تعمير اسان جي وت ۽ وس آهر نفسياتي
قوت جي خرچ تي ٿيل هوندي آهي. اهي سوچون يا خيال
پنهنجي عملي طريقي ذريعي شعوري عمل ۾ جاءِ
والاريندو آهن، جنهن منجهان ڪجهه ترميم کانپوءِ
اسان جون شعوري سوچون پڻ اڀرڻ لڳنديون آهن. بهرحال
نهايت دلچسپ ۽ منجهائيندڙ سوال خوابن سان سلهاڙجي
ويندا آهن، حالانڪ انهن سوالن جو ڪو خاص رشتو
خوابن سان نه هوندو آهي، ۽ نه ئي انهن کي خوابن جي
مسئلن جي حل ڪرڻ لاءِ ڪو سڏ ٿيندو آهي.
ٻئي پاسي خواب جي جُڙڻ دوران ذهني عمل جي ٻي
سرگرمي، لاشعوري خيالن کي، خواب جي متن ۾ شامل ڪرڻ
آهي، جيڪا ”خوابي حيات“ جي خاص، نياري، نج ۽ اهم
خاصيت آهي. اهو خوابي ڪم اسان جي جاڳ وارن خيالن
جي تصويرن منجهان وڌيڪ ٽڙي پکڙي ويندو آهي. خواب
جو ڪم جاڳ وارن خيالن کان گهڻو لاپرواهه نه هوندو
آهي، گهڻو بي سمجهه، گهڻو ويساري ۾ ڦاٿل ۽ وڌيڪ
اڻپورو نه هوندو آهي، اهو ان جي وصفن، لياقتن يا
صلاحتن کان بلڪل مختلف هوندو آهي، اهو ئي سبب آهي
جو هڪدم ان سان برميچي نه سگهندو آهي. خواب! شعور
وانگر نه سوچيندو آهي، نه ئي ڪا ڳڻپ يا فيصلو ڪري
سگهندو آهي. خواب! ڪنهن به شيءِ کي نئون روپ ڏيڻ
لاءِ پاڻ تي پابندي مڙهيندو آهي.
خواب! ڳڻپ يا ڳاڻاٽي جي ذريعي انهن حالتن جو سير
حاصل بيان ڪندو آهي، جن جي نتيجي کي پيش ڪرڻ لاءِ
کيس اطمينان هوندو آهي. انهيءَ پيداواري صلاحيت
سبب، خواب ڇنڊڇاڻ کان نٽائي ويندو آهي، جنهن جي
نتيجي ۾ خواب جو ڪم، نئين قاعدي مطابق تبديل ٿيل
نفسياتي قيمت بندي
(Transvaluation)
جي نڪتي تحت گم ٿي ويل نفسياتي شدتن جو استعمال
ڪندو آهي.
خيال پوءِ! عڪسي مواد ۽ آوازي
(Acoustic)
علم وارن يادگار نقشن ۾ امتيازي طور يا فوقيت وچان
ٻيهر پيش ٿيندا آهن، ۽ انهن جي ضرورت خواب جي ڪم
تي مڙهيندا آهن، جنهن کي اسان نمائندگيءَ جي
قابليت تي غور ڪرڻ
(Consideration of representability)
ٿا چئون، جيڪا اچي نئين تازي گم ٿي ويل معاملي سان
گڏبي آهي. تمام وڏين شدتن جو پيش ٿيڻ به ممڪن
هوندو آهي، جيڪي رات جو پوءِ خوابي خيالن کي
پنهنجي موجود هجڻ جو احساس ڏيارينديون آهن، جن جو
مقصد وسيع/ جامع ڇنڊڇاڻ جي ذريعي حل ٿيندو آهي.
اها شدت خوابي خيالن جي لازمي جزي منجهان نڪري
ايندي آهي، ۽ خيالن جي وچ ۾ منطقي واسطن ڏانهن
ٿورڙو ڌيان ڏيندي آهي. اهي واسطا بنيادي طور تي،
خواب جي ڪجهه رسمي خصلتن ۾ اصل حالت کي لڪائڻ جي
نمائندگي ڪندا آهن. ڪو به جذبو خوابي خيالن (سوچن)
سان ڳنڍيل هوندو آهي ته اهو پنهنجي تصور واري مواد
کان گهٽ اصلاحي حالتن مان گذرندو آهي. اهي جذبا
اصولي طور تي دٻيل/ دٻايل هوندا آهن، اهي جڏهن
استعمال ٿيندا آهن ته اهي انهن خيالن کان ڇڄي ڌاري
ٿي ويندا آهن، جن سان باقاعدي طور تي ڳنڍيل هئا،
پوءِ ساڳئي ئي خاصيتن وارا جذبا ساڻن اچي ملندا
آهن.
خواب جي ڪم جو رڳو هڪڙو حصو ۽ هڪ اهو جيڪو معيار
سان نه ٺهڪندڙ سطح تي عمل ٿو ڪري، اهي ٻئي جاڳ
وارن خيالن جي اڀار جي ذريعي ان سموري مواد تي ڪم
ڪن ٿا، ۽ ٻين ليکڪن جي ڏنل راين جيان ڪي قدر خوابن
جي تعمير ۾ سموري سرگرمي لاڳو ڪن ٿا.
باب ستون
خوابن
جي عمل جو نفسياتي پهلو:
THE PSYCHOLOGY OF THE
DREAM- PROCESSES
ٻين جي ٻڌايل خوابن منجهان، هن نڪتي جي حوالي سان،
هڪڙي خواب تي اسان جو خاص ڌيان ويو آهي. اهو خواب
مون کي هڪ عورت ٻڌايو هو، جنهن به خوابن متعلق
تقرير ذريعي ٻڌو هو، جنهن جي اصل سرچشمي جي متعلق
مان اڃان تائين اڻڄاڻ آهيان. ان عورت تي هن خواب
جي مواد وڏو اثر ڇڏيو هو، ان ڪري ان عورت انهيءَ
خواب کي پنهنجي انداز سان بيان ڪيو، جنهن ۾ هن
پنهنجي خواب جي به ڪجهه عنصرن کي گڏائي ڇڏيو هو.
سندس گفتگو جو انداز اهڙو هو جو ڪجهه خاص نڪتن تي
پنهنجي هاڪاري خيال کي به پيش پئي ڪيائين.
هن مثالي خواب جي ابتدا هن ريت آهي:
هڪ پيءُ رات ڏينهن پنهنجي بيمار پٽ جي ڀرسان ويهي،
پڄاڻيءَ تائين سندس تيماداري پئي ڪئي. ٻار جي مرڻ
کانپوءِ ٿڪ سبب هو سمهڻ لاءِ ٻئي ڪمري ۾ ويو، هن
ڪمري جو در کليل ئي ڇڏي ڏنو ته جيئن سامهون واري
ڪمري تي نظر رکي سگهي، جتي سندس پٽ جو مڙهه رکيل
هو. لاش جي چوڌاري موم بتيون به پئي ٻريون ۽ ان جي
نظرداريءَ لاءِ هڪ پوڙهو چوڪيدار به موجود هو،
جيڪو هلڪي آواز سان مقدس آيتون پڙهي رهيو هو. ٿوري
دير سمهڻ کانپوءِ پڻس خواب ڏٺو ته:
”هن جو پٽ سندس بستري جي ڀرسان اچي بيٺو آهي ۽
ٻانهن کان جهلي کيس اٿاريندي سسپس واري انداز ۾
چئي رهيو آهي: ”باب ڇا تون نه ٿو ڏسين ته مان باهه
۾ سڙان پيو؟“
هو هڪدم ننڊ مان ڇرڪ ڀري اٿي پيو، ۽ ڏٺائين ته
واقعي ٻئي ڪمري ۾ تمام گهڻي روشني ڦهليل هئي. هو
گهٻرائجي اٿي ان ڪمري ۾ ويو، جتي ڏٺائين ته پوڙهو
چوڪيدار اڪير وچان پنهنجون ٻانهون سندس پياري پٽ
جي مڙهه تي رکي اونڌو ڪريل آهي، ۽ ٻرندڙ موم بتي
جي ڪِري پوڻ سبب ان کي باهه وڪوڙي وئي آهي.
هن متحرڪ خواب جي تشريح صفا سولي آهي ۽ منهنجي
مريضه به صحيح ائين ئي ٻڌايو، جيئن هن تقرير دوران
ٻڌو هو.
روشنيءَ جا ڪرڻا کليل در منجهان سمهيل ماڻهوءَ جي
بند اکين تي پئي پيا، جنهن کيس ان فيصلي تي پهچايو
۽ جاڳي پيو. ان جو هڪ ٻيو سبب اهو به آهي ته جڏهن
هو سمهڻ ويو هو ته سندس دل ۾ خيال آيو هوندو ته
متان هي پوڙهو چوڪيدار صحيح نموني سان مڙهه جي
سنڀال ڪري نه سگهي.
جيستائين سندس مري ويل پٽ جي جملي جو معاملو آهي
ته اهو جملو به ٿي سگهي ٿو ته تيمارداريءَ دوران
هن پٽ کان ئي ٻڌو هجي ته: ”بابا مان سڙان پيو...“
۽ ”بابا ڇا تون نه ٿو ڏسين؟“ يا ڪنهن ٻئي جذباتي
موقعي تي چيل هجي، خاص طور ماڻهو جڏهن تيمارداريءَ
دوران ٿورو غافل هوندو آهي، ته بيمار اهڙي ئي
شڪايت ڪندو آهي.
پر ان جي شناخت اها آهي ته خواب کي پنهنجي عمل ۾
ڪا معنيٰ نظر آئي آهي، جيڪا ٿي سگهي ٿو خواب ڏسندڙ
جي نفسياتي تجربن جي سلسلي منجهان داخل ٿي هجي.
پوءِ به اسان اچرج ۾ آهيون ته خواب اهڙي قسم جي
صورتحال ۾ ڇو اظهار ڪيو هو؟ جو کيس هڪدم سجاڳيءَ
جو سڏ ٿيو هو!
ڇا پريشاني به خواب کي تخليق ڪري سگهي ٿي؟
ان حوالي سان خواب ڏسندڙ جي ذهن ۾ اهو خيال به
ضرور پيدا ٿيو هوندو ته متان ميڻ بتيءَ جي ڪِرڻ
سبب باهه نه لڳي وڃي، ۽ اهو ئي خيال سندس خواب ۾
ذهني چُستيءَ ۽ سندس پريشانيءَ جو سبب بڻيو آهي.
ٻيو ته مئل ٻار جو رويو خواب ۾ بلڪل ڪنهن زنده
ماڻهوءَ وانگر هو، هن پاڻ پنهنجي پيءُ کي آگاهه
ڪيو هو ۽ سندس بستري تي اچي سندس ٻانهن کان جهليو
هو، بلڪل ائين ئي جڏهن ٻار جي پهرين جملي تي ڌيان
ڏجي ٿو ته بيماريءَ دوران پٽس سندس ٻانهن کان ئي
جهلي چيو هوندو.
اسان هتي اهو مشاهدو به ڪري سگهون ٿا ته هي خواب
پڻ خواهش جي پورائي تي ٻڌل آهي. اصل ۾ بيقراريءَ
يا پريشانيءَ جي تحريڪ هڪ ٻي زوردار تحريڪ سان
اڳتي وڌائڻ جي قوت
(Propelling power)
کي پيدا ڪندي آهي، ۽ اهائي اڳتي ڌڪيندڙ قوت يقيني
طور تي خواهش ٿي سگهي ٿي.
جڏهن پيءُ بدن ۾ ٿڪ محسوس ڪيو ته سندس من ۾ ٿوري
دير ننڊ ڪرڻ جي خواهش پيدا ٿي هئي.
بهرحال، ان ۾ شڪ نه آهي ته ڪو خاص عنصر هن مختصر
خواب ۾ ضرور آهي، جنهن اسان جو ڌيان ڇڪايو آهي.
هيل تائين اسان اصولي طور خوابن جي ڳجهين معنائن
سان ۽ ان جي کوج لڳائڻ جي طريقن سان ۽ مخفي رکڻ جي
مقصد سان منسلڪ رهيا آهيون.
خوابن جي تجزيي جا مسئلا هن وقت تائين، تصوير جي
مرڪز والاري ورتا هئا. ۽ هاڻي اسان هڪ اهڙي خواب
تي پهتا آهيون جنهن سان تشريح جو ڪو به مسئلو پيدا
نه ٿو ٿئي. جنهن جي معنيٰ به پڌري پئي آهي.
(1)
خوابن جو وسري وڃڻ:
THE FORGOTTING OF DREAMS
منهنجي صلاح اها آهي ته اسان پهرين ان موضوع تي
موٽي اچون، جيڪو ”مشڪل کي اڀاري ٿو،“ جنهن تي اسان
اڃا تائين ڪو غور نه ڪيو آهي، پر اسان ان کي خوابن
جي تجزيي مان خارج به نه ٿا ڪري سگهون، خاص طور
ماڻهن جا به جملا ٻڌا اٿئون ته خوابن جي متعلق
اوهان جي معلومات ايتري خاص نه آهي، بهرحال اسان
جنهن ڪم ۾ هٿ وڌو آهي ان کي توڙ تائين رسائڻ به
ضروري آهي.
هن ”مشڪل“ متعلق پهرين ته اسان کي اهو ڏسڻو آهي ته
اسان خواب جي ڪهڙي ڳالهه ياد رکندا آهيون، ۽ اسان
پنهنجي غير اعتبار يادن جي ڀڃ ڊاهه جي صورت ۾ خاص
طور انهن خوابن متعلق جيڪي وسري ويندا آهن، يا ياد
نه ايندا آهن، اهڙن خوابن جي تشريح بابت ڪهڙي قسم
جا فني تجربا ڪيا ويا آهن، ٿي سگهي ٿو ته اهي
پنهنجي متن جو نهايت اهم حصو هجن. عام طور تي ائين
ئي ٿيندو آهي ته اسان جڏهن پنهنجي ڪنهن خواب ڏانهن
ڌيان ڏيندا آهيون ته اسان ان حقيقت کي سمجهڻ لاءِ
وڏا هٿ پير هڻندا آهيون، پر افسوس جو اهڙا خواب
اسان جي سمجهه کان گهڻو دور هليا ويندا آهن، اسان
کي ڪجهه به ياد نه ايندو آهي، بس رڳو هڪ هلڪي سڳنڌ
هوندي آهي جا بي يقينيءَ هوندي به من ۾ پئي ڦيرا
ڏيندي آهي.
ٻيو ته ان ڳالهه تي شڪجڻ جو اهم سبب اهو به هوندو
آهي ته اسان جي خوابن جون يادگيريون رڳو سڳنڌيل ئي
نه هونديون آهن پر اهي غلط
(Inaccurate)
۽ ڪوڙ ڪرڻ واريون
(Falsified)
به هونديون آهن. هڪ پاسي اهي شڪ پيدا ڪندڙ ٿينديون
آهن ته الائي ته ڪهڙو خواب ڏٺو هيوسين! ۽ واقعي
اهو خواب اسان جي يادگيرين جيان ڇڳل ۽ ڌنڌلو ئي
هيو. ۽ ٻئي پاسي پڻ شڪ پيدا ڪندڙ به ٿيندو آهي ته
ڪٿي اهو خواب يادن سان ائين ئي ته ڳنڍيل نه هو!
جيئن خواب ۾ نظر آيو هو. اسان جيڪڏهن ان کي ٻيهر
ڏسڻ جي ڪوشش ڪريون تڏهن به ائين ڪري نه سگهنداسين،
ڇاڪاڻ ته اهو اتي ته هيو ئي ڪو نه!
يا ڪا نئين ۽ بنا سوچ سمجهه واري ڪهڙي ڳالهه هئي
جا وسري وئي هئي!
بهرحال اسان نه ته ان ۾ ڪا ٺاهه ٺوهه ڪري ٿا سگهون
نه ئي ان کي ڪاٽي ننڍو ڪري ٿا سگهون، نه ئي ان کي
ڦيرائي گهيرائي ٿا سگهون! ان ڪري فيصلي ڪرڻ جو ڪو
به امڪان نه ٿو نظر اچي ته اصل ۾ اهو ڪهڙو مواد ٿي
سگهي ٿو.
سچ پچ ته هڪ ليکڪ ”اسپيٽا“
(Spita- 1882, 338)
به ان نڪتي تي رڳو رايو لکيو آهي ته:
”جيستائين خواب ڪنهن قسم جي فرمان يا لاڳاپي جو
اظهار ٿو ڪري ته اهي لياقتون رڳو ان ۾ ان وقت
اظهاربيون، جڏهن اسان پنهنجي ذهن جي ذريعي ياد ڪرڻ
جي ڪوشش ڪنداسين.“
تڏهن اهو خطرو به ضرور لاحق ٿي ويندو آهي ته جن
شين جو جيترو قدر هئڻ گهرجي ها، اهي اسان جي
ناقدريءَ جي ڪري، واريءَ وانگر هٿن جي آڱرين مان
وهي ويون آهن.
هيل تائين اسان خوابن جي تشريح جي حوالي سان اهڙن
چتائن
(Warnings)
تي ڪڏهن ڌيان نه ڏنو آهي، ان جي ابتڙ اسان ان جي
مختصر تشريح کي اهم سمجهندا آهيون، ۽ انهن نڪتن کي
ڇڏي ڏيندا آهيون جيڪي گهڻا ظاهر يا چٽا نه هوندا
آهن ۽ خواب جي جوڙيل غير يقيني مواد تي ويساهه
ڪندا آهيون. مثال طور ”ارما“ جي خواب (ص: 225) جو
هڪ جملو: ”مون هڪدم ڊاڪٽر ايم کي سڏيو.“ (ص: 233).
تڏهن اسان اندازو لڳايو ته جيستائين ان مختصر جملي
متعلق خواب ۾ ڪا تفصيل موجود نه هوندي ته ان کي
پيش ٿيڻ جو رستو ڪٿان لڀندو! يقينن ان جو اصل ڪٿي
ته ضرور موجود هوندو. ائين اسان ان بدقسمت مريضه
جي ڪهاڻيءَ تائين پهچي سگهياسين، جنهن جي ڀرسان
مان بيٺو هوس، جو مون کان وڌيڪ تجربيڪار ساٿيءَ
مون کي ”هڪدم“ سڏايو هو.
يا اهو ظاهر ظهور بگڙيل خواب، جنهن ۾ 51 ۽ 56 جي
وچ ۾ تعداد جي فرق کي نظرانداز ڪري، ڪيترا ئي ڀيرا
51 جي انگ کي شامل ڪيو ويو هو (ص: 643-642). اهي
بيپرواهيءَ ۽ سطحي طور ڌيان ڏيڻ جا مثال آهن، جن
مان اسان نتيجو اهو ڪڍيو ته خوابن جي متن ۾ لڪل يا
ڳجهن خيالن يا سوچن جو هڪ ٻيو رستو به آهي، جيڪو
51 واري نمبر جي اڳواڻي ڪري ٿو، يعني ”اسان ان
رستي سان هلندي، خوابن تي غلبو حاصل ڪندڙ خيالن جي
وهڪري جي چمڪندڙ تضاد ۾ ڊگهي حياتيءَ جي ٻٽاڪن ۽
فضول خرچيءَ ۾ زندگيءَ جا 51 سال گذاري ڇڏيا آهن،
جيڪا هن وقت منهنجي عمر جي حد آهي، ”هو زنده نه
رهندو“
(Non Vixit)
خواب (ص: 634)، ۾ غير محسوس انداز سان ناجائز
اندراج ٿيل هو جنهن کي مون پهرين نظر ۾ نظرانداز
ڪري ڇڏيو هو: جيئن ”پ“ هن کي سمجهڻ ۾ ناڪام ٿيو
هو: منهنجي دوست ”پ“ هن جي ڳالهه نه سمجهي. فليشل
مون ڏانهن منهن ڪري چوڻ لڳو.“ وغيره.
جڏهن تشريح ٿيڻ لڳي ته مان انهن لفظن جي پاسي لڙي
ويس، ۽ انهن مون کي منهنجي ننڍپڻ جي تصور ۾ آڻي
بيهاريو، جيڪا خوابي خيالن (سوچن) ۾ هڪ وچين ڳنڍ
هئي، ۽ اها انهن سٽن ذريعي آئي هئي:
ڪڏهن تون مون کي سمجهي نه ٿو سگهين،
ڪڏهن مان پڻ توکي سمجهي نه ٿو سگهان،
اڃان تائين اسان ٻئي، پاڻ کي
ڪنهن گپ ۾ گچيل ٿا ڀانيون،
ڇا اسان، ڪڏهن هڪ ٻئي کي سمجهي سگهنداسين!.
هر تشريح لاءِ اهڙن مثالن ڏيڻ سان اصل معاملي جي
تهه تائين پهچي سگهجي ٿو ۽ اهڙا مثال هوبهو ڏيکاري
سگهن ٿا ته خواب جا انتهائي انفرادي توڙي غير اهم
عنصر به ان جي تجزيي لاءِ بنهه اڻٽر هوندا آهن پر
جيڪو ڪم هٿ ۾ آهي، اهو ضرور رڪجي ويندو، جيڪڏهن
انهن عنصرن تي پورو ڌيان نه ڏبو ته پوءِ گهڻي دير
ٿي ويندي. اسان تشريح جي سلسلي ۾ خوابن جي اهميت ۽
ان ۾ پيش ٿيندڙ لفظن جي هر قسم جي گهاڙيٽي ۽ رخ
سان ۽ ان جي وقت سان به جڏهن اهي ظهور ۾ اچن ٿا،
باقاعدي طور تي منسلڪ آهيون، ۽ خواب جي ان عبارت
سان به جنهن کي اسان بي معنيٰ ۽ اڻپورو يا ناڪافي
سمجهندا آهيون.
مختصر طور تي اهو چئي سگهجي ٿو ته اسان، گهڻو ڪري
انهن سان هڪ ”مقدس حڪم نامي“ جيان ورتاءُ ڪندا
آهيون، جيئن گذريل ليکڪن ان کي ريچڪ واري ۽ ٽياڪڙ
جي ٻڌايل فيصلي مطابق مهيا ڪيو آهي، ۽ جلد بازيءَ
۾ ڪنهن ذهني انتشار جيان هڪ ٻئي سان گڏائي ڇڏيو
آهي، ان ڪري اهو تضاد وضاحت چاهي ٿو.
جيڪڏهن ٻيا ليکڪ ان کي غلط نه سمجهن ته خوابن جي
حقيقت متعلق اسان جي نئين ۽ سوچڻ سمجهڻ واري
ڪامياب سگهه جي روشنيءَ ۾ وضاحت اسان جي حق ۾ آهي،
۽ تضاد به مڪمل طور تي دور ٿي سگهي ٿو. اهو سچ آهي
ته سوچن کي خوابن جي ذريعي ٻيهر پيش ٿيڻ واري ڪوشش
کي سمجهڻ بجاءِ، اسان انهن کي بگاڙي ڇڏيندا آهيون:
هتي اسان هڪ ڀيرو ٻيهر خوابن جي تشريح جي ان عملي
طريقي کي ائين ئي ڳولهينداسين، جيئن اسان خواب جي
ثانوي جائزي کي ان شعبي جي ذريعي بيان ڪيو جيڪو
سوچ کي عام سطح تي کڻي ٿو اچي، (ص: 628)، پر سوچن
جو اهو ”بگاڙو“ ان وري ورتل جائزي جي حصي
کانسواءِ، جن ۾ خوابي خيال سدائين خوابي ڇنڊڇاڻ جي
نتيجي جو موضوع بڻجندا آهن، پاڻ ڪا الڳ حيثيت نه
رکندو آهي. ان نڪتي تي ٻين ليکڪن به ڌيان ڏنو آهي
يا ائين چئجي ته اهي ”خوابي بگاڙي“
(Dream- distortion)
جي ان حصي تي بدگمان آهن، جيڪو وضاحتي پيشڪش جو ڪم
سرانجام ٿو ڏئي، ان لاءِ اهي وڌيڪ دلچسپي نه ٿا
رکن، جڏهن ته اسان سمجهون ٿا ته ”بگاڙي“ جي
سرانجاميءَ جو عمل دور رس هوندو آهي. جڏهن ته گهٽ
پڌرو بگاڙو، لڪل خوابي خيالن منجهان خواب ۾ اڳي ئي
واڌارو ڪري ڇڏيندو آهي.
پوين ليکڪن جيڪا غلطي ڪئي آهي، اها رڳو اها آهي ته
انهن اهو سمجهيو آهي ته خواب جي اصلاحي يا حالتن
مطابق هلندڙ صورت صرف، پورالي ۽ ڇڙواڳ هوندي آهي،
پر انهن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي آهي، جنهن جي
نتيجي ۾ اسان کي خواب جي غلط اڳواڻي ڪندڙ تصوير
ملي ٿي. انهن ان ۾ نفسياتي واقعن ۽ مرحلن کي گهٽ
اهميت ڏني آهي.
منهنجو خيال آهي ته خوابن کي پورالو، ڇڙواڳ يا
آمراڻو سمجهڻ درست نه آهي، اهي ته نهايت عام جيان
اظهار ڪندا آهن. جيڪڏهن خيالن جي وهڪري جو ڪو هڪ
عنصر به رهجي ويندو آهي ته سندس پڪو ارادو ان کي
هڪدم هڪ ٻئي عنصر جي ذريعي متاثر ڪندو آهي. مثال
طور مان ڪنهن عدد متعلق بنا سوچ سمجهه جي سوچڻ جي
ڪوشش ڪريان ٿو، پر اهو ناممڪن آهي ته اهو نمبر
منهنجي اڳيان چٽي نموني ظاهر ٿئي، يا منهنجي خيالن
جي ذريعي ان انگ جو تعين يقيني ٿي سگهي، ڀل ته اهو
منهنجي ترت ارادي سان لاڳاپيل ڇو نه هجي.
انهن ڏانهن ترميم وارو عمل، جاڳ جيون جي ترتيب جي
نگرانيءَ هيٺ هڪ ننڍي ترجيح جي صورت ۾ خواب ئي
اماڻيندا آهن، اهي ان مواد سان هم صحبتي هوندا
آهن، جن کي اهي ٻئي هنڌ اماڻيندا آهن، اسان کي ان
مواد ڏانهن رستو ڏيکارڻ واري خدمت سرانجام ڏيندا
آهن، جن ۾ نعم البدل طور ڪنهن ٻي صورت ۾ بدلجي وڃڻ
جي گنجائش هوندي آهي.
پنهنجي مريضن جي خوابن جا تجزيا ڪندي، ڪڏهن ڪڏهن
مان ان اعتماد کي شامل ڪندو آهيان، جنهن مون کي
ڪڏهن به ناڪام ٿيڻ نه ڏنو آهي. جيڪڏهن ڪنهن مريض
جو خواب سمجهڻ ۾ ٿورو مشڪل لڳندو آهي ته مان ان
کي ٻيهر ٻڌائڻ لاءِ چوندو آهيان، ۽ ٻيهر جڏهن هو
ساڳيو خواب بيان ڪندو آهي ته ان ۾ ورلي ڪو ساڳيو
لفظ استعمال ڪندو آهي، پر خواب جا حصا جيڪي هو
مختلف انداز سان ٻڌائيندو آهي ته ان جي ذريعي مون
تي خواب جي لڪل ۽ ڪمزور نڪتن جون حقيقتون به عيان
ٿيڻ لڳنديون آهن: اهي منهنجو مقصد ائين سرانجام
ڏينديون آهن جيئن ”هيگن“
(Hagen)
”سيگفرائيڊ“ جي چولَي/ چوغي
(Cloak)
تي ڀرت وارن نشانن ذريعي سرانجام ڏنو هو.
اهو ئي اهو نڪتو آهي جنهن سان خوابن جي تشريح شروع
ڪري سگهجي ٿي. مريضن کي منهنجي استدعا هوندي آهي
ته اهي پنهنجي خوابن جي انهن حصن کي ٻيهر بيان ڪن
جن مان کين تنبيهه/ نتيجي جو احساس ٿيو هجي ته
جيئن مان ان جي حل ڪرڻ لاءِ درست سوچ ويچار ڪري
سگهان. منهنجي اهڙي زور ڀرڻ سبب اهو مريض هٻڪي
هٻڪي پنهنجي خواب جي اصل حالت کي لڪائيندي، ۽ انهن
ڪمزور حصن تي پردو وجهندي، پنهنجي شڪل ۽ آواز جي
تاثر کي اهڙي چالاڪيءَ سان بيان ڪندو آهي ته جيئن
سندس خواب جي معنيٰ ڪنهن ٻئي تي عيان نه ٿي سگهي.
اهڙي صورت ۾ منهنجو ڌيان خواب کان وڌيڪ سندس انهن
تاثرات ڏانهن ڇڪجي ويندو آهي، جن کي هو روڪڻ جي
ڪوشش ڪندو آهي. خواب جي حل کان بچڻ لاءِ خواب
ڏسندڙ کي وڏي پريشانيءَ سان منهن ڏيڻو پوندو آهي ۽
سندس اها پريشاني ئي مون کي سندس خواب متعلق
اندازو لڳائڻ ۽ ان جي ڦاٽل چَتين کي ٽوپڻ جو بنياد
فراهم ڪندي آهي.
پوين ليکڪن وٽ هن معاملي سان وقف ٿي وڃڻ لاءِ ڪو
جواز ئي ڪو نه هو، جڏهن ته انهن وٽ ”شڪ، بي يقيني،
فيصلي تي نه پهچي سگهڻ“ متعلق سوچڻ جو وسيع ميدان
مهيا ٿيل هو، جن جي وسيلي اسان کي خوابن بابت
فيصلن ڪرڻ ۾ آساني ٿئي ها. فيصلي لاءِ ”شڪ“ کي ڪا
ڏاهپ واري سند نه هوندي آهي، پر اهو هڪ عام طريقو
آهي، جنهن ۾ اسان جي يادگيرين جي درست هجڻ جي به
ڪا ضمانت نه هوندي آهي ۽ اڃان تائين اسان ماڻهن جي
سوانحي تفصيل منجهان نتيجو ڪڍڻ لاءِ خارجي جواز
ڏيڻ بجاءِ مجبوري وچان عقيدن کي ڳنڍيندا آهيون.
خواب هجي توڙي ان جو اعتبار جوڳو تفصيل هجي، ”شڪ“
اصل ۾ خوابي ڇنڊڇاڻ واري عمل ذريعي جيڪي سوچون
اثرانداز ٿيڻ واري مزاحمت سبب شعور ۾ داخل ٿينديون
آهن، انهن منجهان هڪ ڀيرو ٻيهر ۽ درست نتيجو ڪڍڻ ۾
مدد ڪندو آهي.
اها مزاحمت/ مخالفت، گم ٿي وڃڻ يا نعم البدل جي
ذريعي نيڪال نه ٿيندي آهي، پر اها کڄي ايندي آهي ۽
مخالفت جي باوجود ”شڪ/ بي يقينيءَ“ جي صورت ۾
جٽاءُ ڪري بيهندي آهي، اهو ”شڪ“ ان مواد سان
سلهاڙيل هوندو آهي، جيڪو کيس ٻاهر اچڻ جي اجازت
ڏيندو آهي. ان ”شڪ“ متعلق اسان گهڻو ڪري غلطفهميءَ
جو شڪار هوندا آهيون، جڏهن ته اهو چوڪسي/
خبرداريءَ لاءِ هوندو آهي، ۽ ڪڏهن به خواب جي عنصر
تي وڌيڪ زور سان حملو نه ڪندو آهي.، پر رڳو ڪمزور
۽ غير واضع عنصر تي سندس زور هلندو آهي. جيئن ته
اسان اڳي ئي اهو معلوم ڪري آيا آهيون ته سمورن
نفسياتي خاصيتن جي نَوَن قاعدن موجب تبديل ٿيل ڪٿ
يا قيمت بندي، سوچن (خوابي خيالن) ۽ خوابن جي وچ ۾
جاءِ والاريندي آهي (ص: 532). بگاڙ رڳو نفسياتي
اهميت کي هٿ کڻائڻ جي ذريعي ممڪن بڻائيندو آهي: هن
کي انهن مقصدن جي ذريعي پاڻ اظهارڻ جي عادت هوندي
آهي ۽ موقعي محل سان نتيجي تي مطمئن ٿيڻ کان وڌيڪ
سندس ڪا به گهرج نه هوندي آهي. پوءِ جيڪڏهن خواب
جي متن جو ڌنڌلو يا منتشر عنصر، ”شڪ“ کان سواءِ يا
اضافي طور تي حملو ڪري ٿو ته اسان کي پڪو اشارو
ملي ويندو آهي ته اسان کي ضبط ڪيل سوچن منجهان
تقابلي طور تي ۽ سڌو سنئون نتيجو پيو فراهم ٿئي.
قديم رياستن مان هڪ رياست ۾ نئين جاڳرتا جي هڪ
عظيم انقلاب
کانپوءِ شين جي حالت ڪيئن نه بدلجي وئي هئي، اعليٰ
۽ طاقتور خاندان، جن کي هر شيءِ تي حڪم هلندو هو،
انهن کي ڏيهه نيڪالي ڏني وئي ۽ سمورن وڏن ڪامورن
جي جاءِ تي نَون ماڻهن کي ڀرتي ڪيو ويو. جيڪي تمام
مفلس ۽ محتاج هئا ۽ بي طاقت، بي وسيلي خاندانن جا
ڀاتي هئا، يا انهن جا پرانهان مائٽ هئا، ان کان
علاوه جيڪي شهري حقن کان محروم هئا يا انهن کي شڪ/
بي اعتباريءَ واري نظر سان ڏٺو ويندو هو، انهن کي
شهرن ۾ رهڻ جي اجازت ڏني وئي. شڪ/ بي اعتباريءَ
واري اها هڪ جهڙائي يا مشباهت ئي اسان جي هن
معاملي واري ”شڪ“/ بي اعتباريءَ سان تعلق ٿي رکي.
اهو ئي سبب آهي جو خواب جي تشريح ڪندي مان ان
ڳالهه تي زور ڏيندو آهيان ته ”پڪ“/ يقين سان مقرر
ڪري ڇڏيل سموري تخميني کي مڪمل طور تي ”ترڪ ڪري
ڇڏڻ گهرجي“، ۽ اڻ چٽي ۽ ڪمزور امڪانن ۽ ڌڪن هڻڻ
بجاءِ خواب ۾ نظر آيل هِن يا هُن شيءِ تي مڪمل
اعتماد ۽ يقين سان سلوڪ ڪرڻ گهرجي.
خواب جي ڪنهن به عنصر کي ڳولهڻ لاءِ اهو ڏٺو ويو
آهي ته جيستائين اهو رويو مستحڪم طريقي سان اختيار
نه ڪبو ته تجزيو يا تشريح جو سلسلو رڪجي ويندو.
جيڪڏهن ڪنهن عنصر جي ڪٿ ڪرڻ ۾ ”شڪ“ پيدا ٿئي ته ان
کي مريض جو نفسياتي نتيجو سمجهڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته
ڪو به خيال رضاڪار عنصر بڻجي اچي مغز ۾ نه ويهندو
آهي.
نفسياتي تجزيو واقعي مشڪوڪ هوندو آهي، ان جو هڪ
اصول آهي ته: ”جيڪڏهن تشريح جي ڪم ۾ مداخلت ڪبي ته
اها مزاحمت آهي.
خوابن جو وسري وڃڻ پڻ تيستائين ناقابل وضاحت رهي
ٿو، جيستائين نفسياتي ڇنڊڇاڻ جي قوت ان ۾ حصو نه
ٿي وٺي. ڪيترن ئي معاملن ۾ ماڻهو ساري ساري رات
خوابن جي احساس سان سفر ڪندو ٿو رهي، پر موٽ ۾ هڪ
معمولي ۽ ڪا وسري ويل حقيقت پلهءِ ٿي پوي، ائين ڄڻ
سڀڪجهه خواب ۾ ئي رهجي ويو هجي.
حقيقت اها آهي ته اسان گهڻي کان گهڻا خواب جاڳ
دوران ئي وساري ويهندا آهيون، ۽ گهڻي جفاڪشيءَ جي
باوجود به گهڻو ڪري ياد نه ڪري سگهندا آهيون، پر
مان ان خيال جو آهيان ته ان ”ويساري جي جڳهه“
اندازي کان مٿي ان جاءِ تي ڪاٿو لڳائڻ واري هوندي
آهي، جتي ساڳئي قسم واري ۽ اصل کان وڌيڪ سمجهڻ جي
گنجائش موجود هوندي آهي، جيڪا اسان جي علم جي
مقدار مطابق خواب ۾ خال پيدا ڪري ڇڏيندي آهي. خواب
۾ ان سموري گم ٿي ويل مواد کي بحال ڪرڻ يا پنهنجي
اصل حالت تي واپس آڻڻ تشريح جي حوالي سان ممڪن
آهي. ان جي تجزيي ذريعي ثابت ڪرڻ لاءِ بس! ڪجهه
وڌيڪ ڌيان ۽ شخصي انتظام جي گهڻي ضرورت هوندي آهي،
پر ان ذريعي اهو ظاهر ٿيندو آهي ته اتي ڪنهن به
وروڌيءَ (مزاحمت ڪندڙ) جي ڪا گهٽتائي ڪا نه هئي،
پر ان جي ڪم جو مقصد خواب کي وسارائڻ جو هو.
هتي مان ”تعارفي خطن“ (فرائيڊ، 17، 1916) ۽
”تقريرن“ منجهان: ”شڪ جي مطلب ۽ خوابن ۾ بي
يقينيءَ“ متعلق ۽ ساڳئي وقت مواد جي هڪ عنصر ۾
سوڙهو ٿي وڃڻ، باوجود ان جي ته ٿوري دير کانپوءِ
خواب ڪاميابيءَ سان پنهنجو تجزيو اظهاري سگهي، پيش
ٿو ڪريان.
هڪ وهمي
(Scepcail)
مريضه پنهنجي مرض دوران، هڪ ڊگهو خواب ڏٺو ته:
”چند ماڻهو کيس منهنجي کل مذاق واري ڪتاب متعلق
ٻڌائن ٿا، وڏي تعريف ڪن ٿا. پوءِ هن جي اڳيان هڪ
ٻيو ڪتاب ”درياهي لنگهه“ سامهون آيو، يا ”لنگهه“
متعلق شايد ڪو ٻيو ڪجهه هو، هن هن اهو نه ٿي ڄاتو،
اهو سمورو ڌنڌلو هو.“
ان ۾ شڪ نه آهي ته اوهان ان عنصر ”درياهي لنگهه“
متعلق اهو ئي خيال ڪندا هوندا ته اهو ڌنڌلو هو، ۽
اهو ئي تشريح لاءِ بي پهچ ثابت ٿيندو!
اوهان ان کي مشڪل سمجهڻ ۾ درست آهيو، پر مشڪل ان
ڌنڌلڪي منجهان نه اڀري هئي، اهي ٻئي: يعني ”مشڪل ۽
ڌنڌلڪو“ ڪنهن ٻئي سبب جي ڪري اڀريو هو. خواب ڏسندڙ
تي ”درياهي لنگهه“ جي واسطي سان ڪجهه به ظاهر نه
ٿيو هو، جو مان ان تي ڪا روشني وجهي سگهان. ٿورو
پوءِ! شايد اهو ٻيو ڏينهن هو، ان نڪتي جي حقيقت
متعلق مريضه مون کي ٻڌايو ته:
”منهنجو خيال آهي ته مان ان سان ڪجهه ڪري وٺان.“
اهو مذاق ئي هو، جيڪو هن ٻڌو هو.
هڪ سامونڊي ٻيڙي تي ”ڊوور“
(Dover)
۽ ”ڪلئس“
(Clais)
جي وچ ۾ هڪ مشهور ليکڪ هڪ انگريز سان گفتگو ڪئي
هئي، جنهن کانپوءِ ڪنهن موقعي تي اهو جملو ورجايو
ويو ته:
”عزت ۽ مذاق ۾ رڳو هڪ قدم جو فاصلو آهي.“
”جي!“ ليکڪ جواب ۾ چوڻ لڳو: ”لا پاس ڊي ڪلئس“
(Le Pas de Calais)
يعني ”فرانس عزت وارو آهي ۽ انگلينڊ چرچائي آهي.“
”پاس ڊي ڪلئس“
(Pas de Calais)
درياهي لنگهه آهي، ۽ ”ڊوور“ جهڙو سوڙهو آهي، جيڪو
پاڻيءَ جي ٻن وڏن ڀاڱن کي ملائيندو آهي.
هاڻي توهان ٻڌايو ته آيا مان سوچيان ته هن خواب
سان ڇا ٿيو!
جي! مان بلڪل سوچيان ٿو ۽ خواب جي منجهائيندڙ عنصر
کي حل به ڪريان ٿو. توهان کي اهو ”گمان (شڪ) ٿئي
ٿو ته اهو مذاق خواب جي ظاهر ٿيڻ کان اڳ ۾ لاشعوري
خيال جي پويان ”درياهي لنگهه“ وارو عنصر موجود هو؟
توهان اندازو ڪري سگهو ٿا ته اهو بعد ۾ هڪ ايجاد
جيان متعارف ٿيو آهي؟
”تعلق“ شڪ آڻڻ جي ان خيال کي رد ڪري ٿو، جيڪو خواب
ڏسندڙ جي ساراهڻ واري ظاهري جذبي جي پويان لڪل
آهي: ۽ ان جي پڌري ڪرڻ جي خلاف سندس مزاحمت جي
عام سبب ٻنهي وابستا خوابي عنصرن: ”تعلق ۽ ڌنڌلڪي“
کي متعارف ڪرائڻ ۾ دير ڪرائي ڇڏي آهي. خوابي عنصر
جو پنهنجي لاشعوري پسمنظر جي خوشبو ان ۾ هڪ اڻ سڌي
اشاري
(Allusion)
جيان موجود هئي، پر اها ٻين کان ڌار ڪرڻ جي ذريعي
ناقابل فهم بڻجي پئي هئي.
حقيقت کي مڃڻ واري شاهدي اها آهي ته خوابن جو وسري
وڃڻ هڪ شعوري رجحان وارو
(Tendentious)
آهي ۽ مزاحمت جو مقصد تڏهن سرانجام ڏيندو آهي،
جڏهن تشريح ذريعي ويساري جي ابتدائي سطح تي مشاهدو
ڪبو آهي، ۽ تشريح لاءِ به ممڪن تڏهن ٿيندو آهي
جڏهن ويساري جي تعارفي سطح تي مهيا ٿيندو آهي. اهو
تشريحي ڪم جي وچ ۾ ائين اتفاقي نموني نه ٿيندو آهي
ته خواب جو درگذر ڪيل حصو روشن ٿي وڃي ۽ پنهنجي
آخري تحرڪ تائين وساريل هئڻ کي بيان ڪري سگهي.
هاڻي اها ڳالهه ڌيان ۾ رکڻ گهرجي ته خواب جو اهو
حصو جيڪو فراموشيءَ واري حالت جي انهيءَ رستي کان
محفوظ آهي، اهو ئي ثابت ۽ اهم حصو آهي، جيڪو خوابي
حل جي لاءِ سدائين ننڍڙي رستي تي پيل هوندو آهي، ۽
انهيءَ جي ڪري مقابلي ۾ ٻين ڪيترن حصن منجهان
اظهارجڻ جو رستو اختيار ڪندو آهي. خاص قسم جي
خوابن جي وچ ۾، ان مجموعي جي ذريعي اهو هڪڙو! جنهن
۾ ان جي حصي جو مواد ان طريقي سان شامل ٿيندو آهي،
جيئن ڪو خيال اڳ ۾ ڪيو ويو هجي.
اهو هڪ ”سفري خواب“ هوندو آهي، جنهن ۾ مان انهن ٻن
اڻ سهمت ساٿي مسافرن کان انتقام وٺندڙ هوندو
آهيان، ۽ جن کي گهڻو ڪري مجموعي بيحيائيءَ جي ڪري،
اڻ تشريحيل ئي ڇڏي ڏيندو آهيان (ص: 589). تڏهن
درگذر ڪيل، لاپرواهيءَ سبب وسري ويل حصو هن ريت
ڊوڙندو ايندو آهي:
مون ”شلر“ جي ڪم مان هڪڙي جو حوالو ڏيندي چيو
(انگريزيءَ ۾): ”اهو اتان آهي....“ پر غلطيءَ جو
خيال ايندي ئي مون ان کي درست ڪيو: ”اهو ان جي ڪري
آهي.....“
”جي ها!“ ماڻهوءَ پنهنجي ڀيڻ تي واضع ڪندي چيو:
”هن چيو ته درست آهي....“
خوابن ۾ پاڻ درستگيون ڪرڻ وارو معاملو چند ليکڪن
جي سلسلي ۾ نهايت حيرت انگيز نظر ٿو اچي، انهن تي
نظر وجهڻ جي ضرورت نه آهي پر ان جي جاءِ تي انهن
يادگيرين جو مثال ڏيندس، جيڪي هن خواب ۾ منهنجي
زباني ڀُل چُڪ جي نشاندهي ڪن ٿيون. مان جڏهن
اڻويهن سالن جو هوس ته پهريون ڀيرو انگلينڊ گهمڻ
ويو هوس، ۽ سارو ڏينهن مون آئرش سمنڊ جي ساحل تي
گذاريو هو ۽ ساحل تي هجڻ سبب فطري طور منهنجو ڌيان
سامونڊي ساهوارن ڏانهن ئي رهيو، پر خاص طور تي
ستاري واري مڇي
(Starfish)
۾ ڌيان مرڪوز رهيو. ”هولٿرن“
(Hollthurn)
۽ ساحلي لهجي مطابق ”هولوٿورينس“
(Holothurains)
خواب جي ابتدا ۾ ظاهر ٿيو هو. جڏهن هڪ ننڍڙي
پياري ڇوڪري مون ڏانهن وڌي آئي ۽ چوڻ لڳي:
”ڇا هيءَ
(It)
ستاري واري مڇي آهي؟ ڇا هيءَ
(It)
جيئري آهي؟“
“جي ها!“ مون کيس جواب ۾ چيو: ”هيءَ
(He)
جيئري آهي.“ ۽ اوچتو ان ساڳئي جملي (هيءَ
(It)
جيئري آهي) کي درست انداز ۾ نه ورجائيندي مون کي
لفظ
(He)
جي غلط هجڻ جو احساس ٿيڻ لڳو ۽ ان سبب پريشاني
محسوس ڪرڻ لڳس.
خواب اصل ۾ ان زباني ڀُل کي ڪنهن ٻئي هنڌان آندو
هو، جيڪا جرمني زبان جي جملي جو ترجمو هئي، جيڪا
”طرفان يا پاران“ جي نه پر ”سان“ ۽ ”ان جي ڪري“
واري تعلق ۾ اظهاريل هئي.
بهرحال اسان خواب جي ڪم جا مقصد ۽ ان جي پڄاڻيءَ
تي پهچڻ لاءِ سندس چونڊ جا بي پرواهه طريقا سمجهي
ورتا. ان جي اهڙي ڦيرگهير جي اثرانداز ٿيڻ تي اسان
عجب نه کائيندا آهيون، ان جي ڪري جو ڇنڊڇاڻ جو
عاليشان حصو انگريزيءَ واري لفظ
From
۽ جرمني واري لفظ
Fromm
(خداپرست
(Pious
جي آوازي هڪجهڙائيءَ جي امڪاني نشاندهي ڪري ٿو. پر
سامونڊي ساحل واريون بيگناهه يادون خواب ۾ ڪيئن
اچي پڌاريون ٿيون؟ جو جملي ۾ لفظ
He
جي ڪري جنس ئي بدلجي وئي.
اتفاق سان اها ئي خواب جي حل جي چاٻي آهي، ان کان
علاوه مان عيني مشاهدي ذريعي حقيقتن کي سمجهيو آهي
ته ”خوابن جو وسري وڃڻ“ تمام وڏي حد تائين مزاحمت
۽ مقابلي جي پيداوار آهي. منهنجي هڪ مريض مون کي
ٻڌايو ته: ”هن هڪڙو خواب ته ڏٺو آهي پر ان جي هر
ڳالهه وسري وئي آهي، جيتوڻيڪ اڳي ائين ڪڏهن به نه
ٿيو آهي.“
مون پنهنجي ان مريض کي سمجهايو ۽ سندس همٿ ٻڌارائي
ته پنهنجي ڪنهن اڻ وڻندڙ يا اختلافي خيال کان
آگاهه ڪري. وڏي مشڪل سان مان کيس مڃائڻ ۾ ڪامياب
ٿيس، تڏهن ٻڌايائين ته:
”جي، جي! هاڻي مان ٻڌائي سگهان ٿو ته مون خواب ۾
ڇا ڏٺو هو.“
اسان پنهنجي دليلن جي حوالي سان جنهن مزاحمت يا
مقابلي جي ڳالهه ٿي ڪئي، سا ئي سندس وساريل خواب
کي ٻيهر ٻڌائڻ لاءِ ڪارگر ثابت ٿي. هن جي اندر مان
مزاحمت کي ٻاهر آڻڻ واري ڪوشش ذريعي مون سندس
يادگيرين منجهان خواب کي ڳولهي ورتو. ان ساڳئي
طريقي سان جيڪڏهن ڪو مريض پنهنجي ڪنهن ڪم ۾ ڪنهن
نڪتي تي پهچي ويندو ته هو پنهنجي ان خواب کي ياد
ڪرڻ جي به قابل ٿي ويندو، جيڪو هن ٻه چار ڏينهن اڳ
۾ ڏٺو هوندو، ۽ تيستائين وسري ويل ئي هوندو.
تحليل نفسيءَ جو تجربو اسان کي هڪ ٻيو ثبوت به
فراهم ڪري ٿو ته ”خوابن جو وسري وڃڻ“ اختيار رکندڙ
حصن جي دٻاءَ ذريعي حقيقت کان وڌيڪ مزاحمت تي آڌار
رکندو آهي، انڪري جاڳ ۽ ننڊ واريون حالتون هڪ ٻئي
سان مليل هونديون آهن. علاج هيٺ ٻين مريضن يا
تشريح ڪندڙن جي ڀيٽ ۾ مون سان عام طور تي ائين نه
ٿيندو آهي ته ڪو چوي ته خواب جي ڪري مان هڪدم اٿي
پيس، پر مان ان جي تشريح لاءِ ننڊ ۾ خواب دوران ئي
ڏاهپ کان ڪم وٺندو آهيان. اهڙن معاملن ۾ مان
جيستائين خواب کي مڪمل طور تي نه سمجهندو آهيان،
تيستائين ان جي پچر نه ڇڏيندو آهيان. ڪڏهن ڪڏن مون
اهو تجربو به ڪيو ته صبح جو ننڊ منجهان پوريءَ ريت
سجاڳ ٿيڻ کانپوءِ اهي ٻئي حالتون: تشريح ڪرڻ واري
سرگرمي ۽ خواب جي مواد متعلق سڀڪجهه وساري ويهندو
آهيان، حالانڪ اهو به سمجهندو آهيان ته مان هڪ
خواب ڏٺو ۽ مون ان جي تشريح به ڪئي هئي. گهڻا ڀيرا
ائين به ٿيو آهي ته خواب منهنجي تشريح جي سلسلي ۾
ڪيل سرگرمي جو ڪجهه نشانيون ڳولهيون به آهن، پر
فراموشيءَ واري حالت ۾ موٽائي به ڏنيون آهن، ان
ڪري منهنجي ڏاهپ واري سرگرمي، ان خواب کي منهنجي
ذهن ۾ محفوظ رکڻ ۾ ڪامياب به ٿي ويندي آهي.
اڃا تائين منهنجي تشريحي سرگرميءَ ۽ جاڳ وارن
خيالن جي وچ ۾ اهڙو ڪو نفسياتي خال پيدا نه ٿيو
آهي، جيئن خوابن جي وسرڻ واري معاملي ۾ اختياريءَ
وارا حصا پنهنجي عمل جو پڇاڻو ڪندا آهن.
”مارٽن پرنس“
(Morton Prince-1910,141)
کي وسرڻ وارن خوابن متعلق منهنجي ڏنل تشريح تي
اعتراض آهي، ان بنياد تي اهو ”ويسارو“ خاص لفظن جي
ڀلجڻ يا انهن خاص لفظن جي ياداشت ختم ٿي وڃڻ
(Amnesia)
وارو معاملو آهي، جيڪو ذهن جي لاتعلق حالت سان
ڳنڍيل آهي. ”مارٽن پرنس“ وارو اعتراض، بنيادي طور
منهنجي ٻڌايل (خاص لفظن جي ڀلجڻ واري) وضاحت ۾
ڪنهن به قسم جو امڪاني واڌارو نه ٿو ڪري، منهنجي
وضاحت خود ان جي تڪڙي مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ سراسري
اهميت ۽ ڪٿ جو نتيجو آهي. هن جا پڙهندڙ اهڙيءَ ريت
ياد ڏياريندا آهن ته انهن ”ختم ٿيل تعلق وارين
حالتن“ متعلق هن جا سمورا تفصيل کوجنا واري سرگرم
ڪوشش جو نتيجو نه آهن.
مان پنهنجي مشاهدي جي بنياد تي ان قسم جو مسودو
تيار ڪري رهيو آهيان، جيڪو مون کي ٻڌائي ٿو ته:
”خواب! ذهن جي ٻين عملن جيان ويساري جو ڪم نه ڪندو
آهي، ۽ ان جي ناموافق صورتحال سان يا خود ذهن جي
ٻين ذهن نشين ٿيل يادگيرين جي عملن/ فعلن جي حوالي
سان ڪنهن به ريت ڀيٽي نه ٿو سگهجي. مون وٽ ته
پنهنجي ئي تمام گهڻن خوابن جو وڏو مجموعو جمع ٿيل
آهي، جيڪو ڪنهن هڪ سبب يا چند ٻين سببن جي ڪري، هن
وقت تائين مون انهن جو مڪمل تجزيو نه ڪيو هو ۽
تشريح ڪرڻ کانسواءِ ئي ڇڏي ڏنو هو ۽ هاڻي هڪ يا ٻن
سالن جي وچ ۾ انهن مان ڪجهه خوابن جي تشريح، ان
مقصد سان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم، ته جيئن پنهنجي
خيالن جي وضاحت ۾ مدد ڏيندڙ مواد گهڻو پيش ڪري
سگهان. منهنجون اهي سموريو ڪوششون هر موقعي تي
ڪامياب ٿيون آهن، ۽ سچ پچ ته هن ڊگهي عرصي/ وقفي،
مون کي تشريح بابت وڌيڪ آسانيون پيدا ڪري ڏنيون
آهن. ان دوران ويجهڙائيءَ واري وقت جون ممڪن
وضاحتون حاصل ٿيون ۽ ساڳئي وقت مان انهن باطني
مزاحمتن تي سرسي به حاصل ڪري ورتي آهي، جن گذريل
وقتن ۾ مون تي رنڊڪ وجهي ڇڏي هئي.
تنهن
کانپوءِ مون جڏهن انهن تشريحن کي خوابي خيالن سان
ڀيٽڻ شروع ڪيو ته مان خواب جي وقت تي پاڻ کي حال
(Present)
سان نروار محسوس ڪيو ۽ پرانهن ڳالهين کي ثابت ڪرڻ
يا مڃڻ جو موقعو به مليو، مون گهڻو ڪري اهو ئي ڏٺو
ته نوَن ۾ ڪيترا پراڻا به شامل ڪيل آهن، جنهن تي
منهنجي حيرانيءَ مون کي بدنام ٿيڻ کان جلد ئي روڪي
ورتو ڇاڪاڻ ته مان مريضن جي عادتن کي به جاچيندو
رهيو هوس، جيڪي پنهنجي اوائلي وقتن جا خواب
ٻڌائيندا هئا، ۽ تشريح نئين زماني جي ڪرائڻ
چاهيندا هئا. مان جڏهن ساڻن ڳڻتيءَ وارن خوابن تي
گفتگو ڪندو هوس ته کين ٻه مثال ڏئي تشريح جي ڪم کي
ملتوي ڪري ڇڏيندو هوس. ان سلسلي ۾ مون پهريون
تجربو اعصابي ارڪانن واري خواب جي سلسلي ۾ ڪيو.
پوءِ جڏهن مان ”اعصابي نفسيات ۽ ”جنسي بيماري،
هيجان، بيچيني، بي قابو جذبا، چريائپ، ڇتپڻ،“
(Hysteria)
جي معاملن جو علاج شروع ڪيو ته مون تحليل نفسيءَ
جي ذريعي ٻين به گهڻين بيمارين جي علامتن متعلق
به معلوم ڪري ورتو. مان اصل ۾ چاهيان پيو ته انهن
بيمارين جو ڪو ترت علاج ڳولهي وٺان. ان کان اڳ مان
اٽڪل 1895ع ڌاري هڪ عورت جي حوالي سان ”جنسي
بيماريءَ متعلق وضاحتي اڀياس تي ڪم ڪري چڪو هوس
جنهن کي سندس پندرهن سالن جي عمر ۾ ”چريائپ“ جا
دورا پئي پيا.
۽ هاڻي مان ”ڪٽجي ويل نڪتن“ جي موضوع جي تشريح
بابت ڪجهه عدد ٻيا مثال به پيش ٿو ڪريان ته جيئن
پڙهندڙ منهنجي وضاحت کي جانچي/ سمجهي وٺن، تنهن
کانپوءِ پنهنجي خوابن تي به لاڳو ڪري ڏسن.
ڪنهن به شخص کي اها اميد نه هوندي آهي ته سندس
خواب جي تشريح، من وسلويٰ
(Manna)
جيان آسمان مان ڪِري، سندس جهوليءَ ۾ اچي پوندي.
اصل ۾ مشق، مشاهدي ۽ تجربي جي ضرورت آهي. خود ذهني
لاڙن، واقعن يا حقيقتن کي به منطقي طور تشريح جي
ضرورت آهي. ۽ انهن ٻين احساسن ۽ جذبن ڏانهن به
ڌيان ڏيڻ گهرجي، جن کان اسان سدائين لنوائيندا
رهندا آهيون، شايد ان ڪري جو انهن جي ادراڪ جي
خلاف ڪو به نفسياتي تحرڪ تڪرار نه ٿو ڪري. خوابن
جي تشريح سدائين هڪ ويهڪ ۾ ڪري نه ٿي سگهجي. اسان
جڏهن لاڳاپن جي هڪ ڊگهي زنجير جي توڙ تائين پهچڻ
جي ڪوشش ڪنداسين ته ضروري نه آهي ته هميشه ٿڪجي
پئون، ڀلا ان ڏينهن جي خواب کان سمجهه حاصل ڪرڻ
کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي شيءِ اهم ٿي سگهي ٿي! منهنجو
خيال آهي ته ٻئي ڏينهن جي لاءِ تمام وڏي ذهانت
وارو منصوبو اسان تي منڪشف ٿي سگهي ٿو، ۽ ائين به
ٿي سگهي ٿو ته خواب جو ڪو ٻيو حصو اسان کي وڌيڪ
موهي وٺي، ۽ ڪنهن ٻئي خواب متعلق سوچڻ لاءِ نوان
طبق روشن ڪري ڇڏي.
تشريح جي ان طريقي کي ”جزوياتي خوابي تجزيو“
(Fractional dream interpretation)
چئجي ٿو، ۽ اهو انتهائي مشڪل سان ٿيندو آهي ته
تشريح جي ڌنڌي ۾ ابتدا ڪندڙ ان ڳالهه کي سمجهي
سگهن ته انهن جي ذميداريءَ جي اها انتها نه آهي ته
انهن پنهنجي هٿن سان ڪنهن خواب جو تجزيو ڪيو آهي!
هن کي محسوس ٿيندو ته اهو تجزيو ڪو فهم پيدا ڪندڙ
آهي، منطقي طور تي لاڳاپيل آهي، ۽ خوابي مواد جي
هر عنصر تي روشني وجهندو آهي. ان ساڳئي خواب جي
ٻي تشريح به ٿي سگهي ٿي، يا ”تشريحي وڌاءُ“ به ٿي
سگهي ٿو، جنهن جي ڪري ان ۾ محتاط رهڻ جو خيال پيدا
ٿئي ٿو. حقيقت اها آهي ته لاشعوري خيالن جي وهڪري
جي گهڻائيءَ منجهان ڪو نظريو جوڙڻ ايترو آسان نه
هوندو آهي، سموريون ڪوششون جذبن ۽ تاثرات کي ڳولهڻ
لاءِ هونديون آهن.
اهو به آسان نه آهي ته خوابي ڪم جي ذريعي اظهاريل
ڪاريگري سدائين اظهار جي طريقن سان ٽڪراءَ ۾ ايندي
هجي، اهو اظهار جون ڪيتريون ئي معنائون ساڻ کڻي
ايندو آهي، پرين جي آکاڻين واري هڪ ننڍڙي درزيءَ
جيان، جنهن ويٺي ويٺي ست مکيون ماري ڇڏيون هيون.
منهنجا پڙهندڙ تشريح بابت ڪيل غير ضروري هوشياري
ڏيکارڻ تي هميشه مون تي تهمت هڻندا آهن، پر مان
سمجهان ٿو ته تجربو کين پاڻ ئي سمجهائي ڇڏيندو.
(الف)
تشريح متعلق وضاحتون
ٻئي پاسي مان ان خيال کي يقيني نه ٿو چئي سگهان،
جنهن کي پهريون ڀيرو ”سلبرر“ بيان ڪيو هو ته:
”سمورن خوابن کي، يا ڪيترن خوابن يا خوابن جي ڪجهه
قسمن کي، ٻن مختلف تشريحن جي ضرورت هوندي آهي،
جيڪي پاڻ ۾ ڀلي پڪو پختو ڳانڍاپو رکندڙ هجن. انهن
تشريحن منجهان هڪ کي ”سلبرر“ ”تحليل نفسيءَ وارو
(Psychoanalytic)
طريقو سڏيو آهي، جيڪو خواب کي ڪا معنيٰ ڏيندو آهي،
۽ اها معنيٰ سدائين ننڍپڻ جي جنسي رحجان جي قسمن
سان سلهاڙيل هوندي آهي. ۽ ٻي ۽ تمام اهم تشريح کي
هن ”تعميري ۽ اخلاقي“
(Anagogic)
نالو ڏنو آهي، جيڪو انتهائي سنجديده خيالن کي ظاهر
ڪندو آهي ۽ گهڻي اونهي ۽ عميق مان ڳولهي ايندو
آهي، جنهن کي خوابي ڪم پنهنجو مواد ڪري کڻندو آهي.
”سلبرر“ خوابن جي تشريح جي ٻن مختلف تشريحن جي
ضرورت بابت پنهنجي ان راءِ جي حمايت ۾ ڪا به شاهدي
نه ڏني آهي، ان ڪري مان ان جي هٿ ٺوڪي حقيقت تي
اعتراض ڪريان ٿو، باوجود ان جي ته هو ڇا ٿو چوي،
ڇاڪاڻ ته تمام گهڻن خوابن کي ڪنهن به قسم جي وڌاءَ
واري تشريح جي ضرورت نه هوندي آهي، ۽ گهڻا مخصوص ۽
ڪيترا ئي اخلاقي يا تعميري تشريحي لحاظ کان بي اثر
هوندا آهن.
ان کان علاوه به ويجهڙائي وارن سالن ۾ ٻين نظرين
جي حوالي سان به ان حقيقت کي نظرانداز ڪرڻ ممڪن نه
آهي، ته ”سلبرر“ جا رايا ڪنهن حد تائين ان مقصد جي
اثر هيٺ آهن، جيڪي انهن بنيادي حالتن کي لڪائڻ جي
ڪوشش ڪندا آهن، جن ۾ خواب جڙندا آهن ۽ پنهنجون
دلچسپيون جبلي فطري جَڙن
(Instinctual roots)
کان ڦيرائي ڇڏيندا آهن. چند معاملن ۾ مون ”سلبرر“
جي بيان ڪيل وضاحتن کي به چڪاسي ڏٺو آهي.
جائزو اهو ظاهر ٿو ڪري ته اهڙن معاملن ۾ ”خواب جو
ڪم“، جاڳ جيون جي انهن ڇڙوڇڙ خيالن جي تمام وسيع
سلسلي منجهان، جيڪي سڌي سنئين نموني پيش ٿيڻ جي
قابل نه هوندا آهن، انهن کي خواب جو روپ ڏيڻ جي
مسئلي سان پاڻ منهن ڏيندي نظر ايندو آهي. مان
”ڏاهپ واري“ مواد جي ٻئي مجموعي جي ذريعي ان مسئلي
کي حل ڪرڻ جي لاڳيتو ڪوشش ڪري رهيو آهيان. ڪجهه ته
انهن ڇڙوڇڙ خيالن سان سطحي طور تي وابستا آهن، جن
کي اسان ”تمثيلي“
(Allegorical)
چئي سگهون ٿا، ۽ اهي ساڳئي وقت تي ٿوري تڪليف سان
پيش ٿيڻ جي قابل به ٿين ٿا.
خواب جي ڇڙوڇڙ قسم جو جائزو ان رستي سان پاڻ ئي
اڀري اڳيان ايندو آهي، جڏهن خود خواب ڏسندڙ بنا
تڪليف جي پيش ڪندو آهي: مواد جي بلڪل درست جائزي
سان ٿيل هٿ چراند کي نهايت سنجيدهه طريقي سان ڏٺو
ويندو آهي، جيڪو هاڻي عام ٿيڻ لڳو آهي.
جيڪڏهن اهو سوال پڇيو وڃي ته: ”ڇا هر خواب جو
تجزيو يا تشريح ٿي سگهي ٿي؟“ ته ان جو جواب نفيءَ
۾ آهي.
اهو بهرحال نه وسارڻ گهرجي ته خوابن جي تجزيي جي
معاملي ۾ اسان انهن نفسياتي قوتن جي مد مقابل بيٺا
آهيون، جيڪي خيالن کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ جون ذميدار آهن.
اهو جيئن ته وابستا قوت جو سوال آهي، ڀلي ته اهو
ڏاهپ واري دلچسپيءَ سان هجي، اسان جي شخصي انتظام
واري اهليت هجي، يا اسان جي نفسياتي علم ۽ خوابن
جي تشريح جي مشق هجي، اسان کي ان قابل بڻائي ٿي،
جنهن سان اسان پنهنجي باطني مزاحمتن تي حاڪميت ڪري
سگهون. ٿوري مفاصلي تائين وڃڻ سدائين ممڪن هوندو
آهي، گهڻو پري تائين به وڃي سگهجي ٿو ته سوچي به
سگهجي ٿو، هر واقعي سان هلي به سگهجي ٿو ته ان جي
متعلق اسان پاڻ کي سمجهائي به سگهون ٿا ته ”خواب
جي جوڙجڪ هڪ با معنيٰ تعمير آهي.“ ۽ جيئن ته اصول
آهي ته ماڻهو ان ڳالهه تي به ضرور سوچيندو آهي ته
ان تعمير جو مقصد ڪهڙو آهي؟
خوابن جو سمورو سلسلو هفتن يا مهينن جي عرصي تائين
لاڳيتو هلندو آهي، جيڪو گهڻو ڪري عام قسم جي
بنيادن تي هلندو آهي، ان ڪري انهن جو تجزيو به هڪ
ٻئي سان لاڳاپن واري صورت ۾ ئي ڪرڻ گهرجي. هڪ ٻئي
پويان ايندڙ ٻن خوابن جي معاملي ۾ گهڻو ڪري اهو
ڏٺو ويو آهي ته هڪڙو مرڪزي نڪتي کي ائين کڻندو
آهي، جو اهو ٻئي کي به گهيرو ڪري وٺندو آهي ۽ ان
جي ابتڙ ٿي ويندو آهي، ۽ ائين انهن جو جائزو پڻ
گڏيل رضامنديءَ جي آڌار تي بدلجي ويندو آهي. مون
اهڙا مثال اڳ ۾ به ڏنا آهن جيڪي اهو ظاهر ڪن ٿا ته
ساڳئي رات جو مختلف خوابن جو اچڻ هڪ عام ڳالهه
آهي، جن کي مجموعي طور تي هڪ ئي تشريحي زاويي سان
ڏسبو آهي (ص: 581).
خوابن جي پوريءَ طرح يا مڪمل طور تي تشريح ڪرڻ جي
سلسلي ۾ اڃان به گهڻا رستا مبهم ۽ اڻ چٽا ڇڏي ڏنا
ويا آهن، ان ڪري جو اسان تشريح ڪرڻ دوران ان ڳالهه
کان آگاهه هوندا آهيون ته خوابن خيالن (سوچن) جو
هڪ منجهيل ڄار آهي، جيڪو ائين آسانيءَ سان سلجهائي
نه ٿو سگهجي ۽ نه ئي خوابن جي مواد کي سمجهڻ جي
سلسلي ۾ اسان جي معلومات ۾ ڪا مدد ڪري سگهي ٿو.
اهو ئي خواب جو بحر بيڪران آهي، جنهن جو ڇيڙو ڪنهن
اڻڄاتل اونهائيءَ تائين هليو وڃي ٿو.
اسان جن سوچن کي تشريح جي ذريعي هٿ ۾ کنيو آهي،
اهي شين جي فطرت منجهان اخذ ٿيل نه هونديون آهن،
جن جي ڪا نه ڪا پڄاڻي آهي، پر اهي سوچون سدائين هر
ڏسا ۾ شاخن ڪڍڻ جي پوئواري ڪنديون رهنديون آهن ۽
اسان جي سوچن جي وسيع ڪائنات جي هر ڏسا ۾ ۽ سئر
ڪرڻ جون عادي هونديون آهن. اهي جڏهن ڪنهن جاءِ/
نڪتي تي، جڏهن خاص ذخيري واري جاءِ منجهان نشرياتي
رسد بند ٿيندي آهي ته ”خوابي خواهشون“
(Dream wishes)
کنهبين وانگر اڀرڻ لڳنديون آهن.
پر اسان کي وري به ”ويساري جي خوابن“ ڏانهن موٽي
اچڻو آهي، ڇاڪاڻ ته اسان ڪنهن انتهائي اهم نتيجي
تي پهچڻ ۾ ڪامياب نه ٿيا آهيون. اسان اهو ڏسي آيا
آهيون ته جاڳ جيون ۾ خاص طور تي انهن سمورن خوابن
کي بنا مبالغي جي وسارڻ يا وساري ڇڏڻ جو لاڙو
هوندو آهي. جيڪي رات جو ننڊ ۾ جُڙندا آهن. جاڳڻ
کان پوءِ يعني ڏينهن جو اهي مجموعي طور تي يا ٽڪرو
ٽڪرو ٿي ذهن منجهان ترڪندا، کسڪندا ۽ نڪرندا ويندا
آهن، ۽ اسان ان لاءِ وري به ذهن جي يادگيرين
سنڀالڻ واري شعبي/ حافظي تي ڏوهه ڏيندا آهيون،
جيڪا خواب جي خلاف ذهن جي مدافعتي/ مزاحمتي قوت
هوندي آهي.
جيڪڏهن اها ڳالهه درست آهي ته وري اهو سوال ٿو اٿي
ته ان ذهني /مزاحمت جي هوندي خواب ڪيئن ٿو جُڙي
سگهي؟
اچو ته هڪ انتهائي وڏو معاملو ٿا کڻون، جنهن ۾ جاڳ
جيون، خواب کان ڇوٽڪارو ٿو حاصل ڪري ته جيئن اهو
ڪڏهن به ظاهر نه ٿئي! ان معاملي ۾ نفسياتي قوتن جي
هڪ ٻئي تي هلندي پڄندي وارو غور ويچار، اسان جو
انومان، نتيجي ڪڍڻ ۾ يقينن رهنمائي ڪندو آهي، ته
خواب حقيقت ۾ ڪنهن به صورت ۾ ظاهر نه ٿئي ها،
جيڪڏهن رات واري مزاحمت/ مدافعت ائين طاقتور نه
هجي ها جيئن ڏينهن دوران طاقتور هئي. اسان ان جو
نچوڙ هن ريت ڪڍيو آهي ته رات واي عرصي ۾ مدافعت/
مزاحمت جي قوت ٿوري گهٽجي ويندي آهي، پر اسان
ڄاڻون ٿا ته مدافعت/ مزاحمت جي سموري قوت ۾
گهٽتائي نه ٿي اچي، ان ڪري اسان کي جڏهن خواب جو
ڪو حصو جڙندي نظر ٿو اچي ته اهو ٿوري گهڻي بگڙيل
يا بدليل شڪل ۾ ٿو نظر اچي، پر اسان وري به اها ئي
راءِ ٿا رکون ته ٿي سگهي ٿو رات جو اها مدافعتي/
مزاحمتي قوت گهٽجي ويندي هجي، ان ڪري خواب جو جڙڻ
ممڪن ٿي پوندو هجي.
تصويرڪشيءَ واري نفسيات اسان کي ٻڌائي ٿي ته خوابن
جي جڙڻ جو هڪ اصول
(Sin qua non)
آهي، يعني: ”دماغ ننڊ واري حالت ۾ هجي.“ ۽ هاڻي
اسان ان حقيقت کي بيان ڪري سگهون ٿا ته:
”ننڊ جي حالت ئي خواب جي تشڪيلي عمل کي ممڪن
بڻائيندي آهي، ڇاڪاڻ ته شعوري عمل منجهان پهچندڙ
(Endopsychic)
ويچارن جي ڇنڊڇاڻ جي قوت
گهٽجي ويندي آهي.“
اسان جڏهن خوابن جي نفسياتي تجزيي ۾ اڃان ڪجهه
وڌيڪ ڀڙ ٿي وينداسين ته انهن عنصرن کي به ڳولهي
وٺنداسين جيڪي خوابن جي تشڪيل کي ممڪن بڻائن ٿا،
جنهن جي ذريعي اسان خوابن کي هڪ ٻئي زاويي سان به
ڏسي سگهنداسين. ائين به ٿي سگهي ٿو ته خوابي خيالن
جي خلاف مزاحمت، شعوري نتيجي جي ڪري هجي، ۽ ڪنهن
به گهٽتائيءَ کان پاسو ڪري ان جي قوت ۾ شامل ٿيندي
هجي. ۽ اهو اعتبار جوڳو خيال ٿو نظر اچي ته اهي
ٻئي عنصر يعني مزاحمت جي قوت کي ”گهٽائڻ“
(Reduction)
۽ ان جي قوت کان نٽائڻ
(Evasion)
خوابن جي تشڪيل لاءِ فائديمند هجن. اهي ٻئي عمل هڪ
ئي وقت تي ننڊ جي حالت جي ذريعي ممڪن بڻجن ٿا.
هاڻي خوابن جي تجزيي جي سلسلي ۾ اسان واري طريقي
تي ڪيل اعتراضن جي پاسي ٿا اچون. اسان جو طريقو
انهن سمورن عقيدن کي ڪنهن مقصد خاطر ترڪ ڪرڻ تي
ٻڌل آهي، جيڪي عام طور تي پاڇي وانگر اسان جي
پويان لڳل آهن ۽ اسان جي ذهنن تي حڪمراني ڪن ٿا، ۽
اسان جو ڌيان خواب جي هڪڙي ئي عنصر تي اٽڪائي ڇڏين
ٿا، جڏهن ته اسان جي ذهن ۾ ڪيترائي نوان نوان خيال
۽ خاڪا جُڙن ٿا.
اسان خوابن جي ٻئي حصي تي ڌيان ٿا ڏيون، ۽ ان
طريقي سان خواب متعلق تشريح جو طريقو اختيار ٿا
ڪريون. اسان پاڻ کي پنهنجي خيالن جي رهنمائيءَ
حاصل ڪرڻ جي اجازت ٿا ڏيون، ۽ نتيجي ۾ اسان هڪ
نئين عقيدي سان متعارف ٿا ٿيون ته: ”اهي سوچون ئي
آهن، جيڪي خواب جو بنياد بڻجن ٿيون.“
اسان جا نقاد اسان جي ان سِٽَ تي بحث ڪن ٿا، پر ان
کي قبول ڪرڻ ۾ ڪهڙي عجب جهڙي ڳالهه آهي جو خواب
”ڪنهن“
(Something)
سان ئي ته ڳنڍيل هوندو آهي. ۽ اها ڪا غيرمعمولي
ڳالهه به نه آهي جو اسان پنهنجي بي مقصد ۽ ريچڪ تي
ٻڌل سوچن جي وهڪرن کي خوابن ۾ ڏسندا آهيون! پر
امڪان اهو آهي ته اسان پاڻ کي ٺڳندا آهيون. اسان
تعلق جي زنجير کي رڳو هڪڙي ڪڙيءَ کان جهليندا
آهيون، ۽ ان کي تيستائين نه ڇڏيندا آهيون،
جيستائين ان کي ٽوڙي نه ڇڏيون. اسان جيڪڏهن ٻئي
عنصر کي کڻندا آهيون ته ان منجهان رڳو هڪڙي ئي
اميد رکندا آهيون، ان ڪري اسان جي تعلقات جي اٽوٽ
حقيقت به ننڍڙي ۽ سوڙهي ٿي ويندي آهي، جڏهن ته
اسان جي ذهنن ۾ سدائين نوان نوان خيال پيا ايندا
آهن، پوءِ به اسان انهيءَ ٻئي خوابي منصوبي جي
تشريح ذريعي انهن ئي واسطن جي ويجهو ويندا آهيون،
جيڪي به ڪنهن نه ڪنهن ريت پهرين ئي ڪڙين سان ڳنڍيل
هوندا آهن. پوءِ اسان اهو سوچي پاڻ کي فريب ڏيندا
آهيون ته اسان خواب جي انهن ٻنهي ”عنصرن“ جو رستو
ڳولهي ورتو آهي.
جيستائين اسان پنهنجي خيالن جي ان رويي کي اها
آزادي نه ڏينداسين ته هڪ خيال ٻئي سان ئي ڳنڍيل
هوندو آهي، تيستائين اسان پاڻ کي صحتمند ذهن وارو
ماڻهو چَورائي نه سگهنداسين. هڪ جي پويان ٻئي
هٿراڌو خيال جي هڪدم پهچي وڃڻ تي اسان کي ڪنهن
مشڪل سان منهن نه ڏيڻو پوندو آهي، اهي به سوچون ئي
هونديون آهن، جن کي اسان خوابي خيال به چئي سگهون
ٿا، پر اهي ايتريون مستند نه هونديون آهن.
اسان کي اڃا تائين خوابي خيالن متعلق ڪو ٻيو علم
نه آهي، ته اهي ڇا آهن! اسان انهن کي رڳو خواب جي
نفسياتي نعم البدل طور ثابت ڪرڻ ٿا گهرون. اسان
جيڪڏهن انهن اعتراضن جي جوابن ڏيڻ ۾ مصروف ٿي
وينداسين ته پوءِ اسان پنهنجي طريقي جي وضاحتن کان
به پاسي ٿي وينداسين. مون ته ابتدا ۾ ئي ان نڪتي
جو اظهار ڪيو هو ته ”خوابن جي تجزيي بابت“ اسان جو
طريقو جنسي بيمارين، هيجان، بيچيني، بي قابو جذبا،
چريائپ، ڇتپڻ
(Hysteria)
جي علامتن کي ختم ڪرڻ جيان ساڳيو
(Identical)
ئي آهي، ۽ اسان جي درست هجڻ جو طريقو اسان کي
”مطابقت“
(Coincidence)
واري اوچتي اظهار ۽ انهن ارڪانن جي گم ٿي وڃڻ يا
تشبيهه جي استعمال جي ذريعي چتاءُ ڏيندو آهي.
هاڪاريت ان عبارت ۾ هوندي آهي، جنهن منجهان وضاحت
سان گڏ برداشت وارين ڪيفيتن جو به اظهار ٿيندو
آهي. بهرحال اسان وٽ ان مسئلي کان نٽائڻ جو ڪو سبب
نه آهي، ته ان جو، پورالي لاڙي، ۽ بي مقصد خيالن
جي زنجير جي ذريعي اڳياڙي واري منزل تي پهچڻ ڪيئن
ممڪن آهي! ۽ اسان ان بابت رڳو حل نه ڪڍندا آهيون
پر ان کي پاڙون پٽي ڇڏيندا آهيون.
اهو سچ نه آهي ته اسان جڏهن خواب جي تشريح جي ڪم ۾
رڌل هجڻ جي باوجود بي مقصد خيالن جي وهڪري کي به
ساڻ کڻي ٿا هلون، يا اسان آڇوڙن پاڇولن کي ڇڏي ڏنو
آهي، ۽ انهن ۾ ڪنهن مجبوريءَ وچان غير شعوري خيال
(Involuntary ideas)
داخل ڪري ڇڏيو آهي. جي ها! مان ثابت ڪري سگهان ٿو،
اسان سدائين انهن سڀني با مقصد خيالن کي ٿوري دير
لاءِ پري به اڇلائي ڇڏيندا آهيون، جن جي متعلق
اسان اڳ ۾ ئي ”واقف“ هوندا آهيون، ان جي ڪري ئي
اسان هڪدم انهن اڻ واقف خيالن تائين رسي به ويندا
آهيون، يا اسان غلطيءَ وچان ان کي”لاشعور“
(Unconscious)
چئي وٺندا آهيون.
ڪنهن مقصد خاطر ڪي خيال جڏهن پنهنجي جاءِ والاري
وٺندا آهن ته ان کانپوءِ اهي غير شعوري خيالن
(Involuntary ideas)
جي سلسلي کي موڙڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، اهڙي صورت ۾
اسان پنهنجي ذهن جي عملي طريقي تي ڪو دٻاءُ نه
وجهي سگهندا آهيون، جيڪو اسان کي سدائين بامقصد
سوچن کانسواءِ به لائق بڻائي سگهندو آهي، مان ته
ڪنهن نفسياتي مونجهاري واري حالت کان واقف نه
هوندو آهي آهيان پر خيال مون کي مبتلا ڪري سگهندا
آهن.
نفسيات جا ماهر پڻ نفسياتي عملي طريقن بابت پنهنجي
پراڻن اعتقادن کي تياڳڻ لاءِ تيار آهن. مان ان کي
حقيقت سمجهان ٿو ته خيال جا وهڪرا، ڪنهن مقصد
کانسواءِ جنسي بيمارين
(Hysteria)
يا وسوسن/ ماليخوليا
(Paranoia)
۾ ظاهر نه ٿيندا آهن، جنهن کانپوءِ اهي خوابن جي
جڙڻ يا ان جي گهربل نتيجي جو حصو بڻجندا آهن. ائين
به ٿي سگهي ٿو ته اهي ڪنهن ديسي قسم جي نفسياتي
مونجهارن ذريعي ظاهر نه ٿين. ان حوالي سان جيڪڏهن
اسان ”لوريٽ“
(Leuret- 1834,131)
جي ذهانت واري صلاح مڃون ٿا ته: ”خود نشي ۾ وڦلڻ
وارو مونجهارو پيدا ڪندڙ حالت کي به پنهنجي هڪ
معنيٰ آهي.“ ته انهن خيالن جو خال ڀرڻ اسان لاءِ
مشڪل ئي ثابت ٿيندو آهي. انهن خيالن جي مشاهدي ڪرڻ
لاءِ هڪڙو خيال مون پاڻ به جوڙيو آهي.
سرسام، بيهوشي، اضطراب يا نشي ۾ وڦلڻ
(Deliria)
، ڇنڊ ڇاڻ جو اهڙو ڪم آهي، جيئن روس واريون سرحدي
اخبارون ڌارين صحافين جي خبرن جي سلسلي ۾ ڪنديون
آهن ته جيئن سندن اخبارون پڙهندڙن جي حوالي سان
هٿئون هٿ کپي وڃن ۽ پنهنجي ڌنڌي کي جاري رکڻ لاءِ
احتجاج طور تي اخبار جي هڪ ڪنڊ ۾ خالي جاءِ کي
ڪارو ڪري ڇڏي ڏيندا آهن.
ائين ٿي سگهي ٿو ته خيالن جو آزادگيءَ وارو
ورتاءُ، ڳانڍاپن جي ناگهاني ڪڙين سان، هاڃو
رسائيندڙ دماغي، عضوياتي عمل ۾ نظر اچن. اعصابي
خلل/ نفسي اوڻائيءَ جي حالت ۾ به سوچن جي وهڪري تي
ڇنڊڇاڻ جي اثر رسوخ جو تاثر واضح ٿي سگهي ٿو، جيڪي
سوچون ڪنهن مقصد تحت ڌڪجي اڳيان اينديون آهن، اهي
لڪل ئي رهنديون آهن.
اهي انهن ڳانڍاپن ۾ سدائين ڀروسي جوڳين سوچن وارين
نشانين جيان، مقصد تحت اڀريل خيالن جي اثر رسوخ
وارن ڳانڍاپن وانگر مطابقت رکندڙ هونديون آهن.
جيڪڏهن اتفاق سان ڳانڍاپا يا تصوراتي عڪس پاڻ ۾
گڏجي ويندا آهن ته اهي صوتي/ لفظي مشابهت يا ناقص
تڪبنديءَ ۽ ٻن کان وڌيڪ معنائون رکندڙ لفظن جي
ذريعي ۽ هڪ عارضي يا محدود ڪيل وقت تائين، بنا
ڪنهن معنوي ڳانڍاپي جي مٿاڇري يا اٻهري انداز ۾
واضح ٿيندا آهن.
يا وري ائين، جيئن اسان هر قسم جي واسطيداريءَ ۾
کل ڀوڳ ڪندا آهيون يا لفظن سان کيڏندا آهيون. سوچ
جي سلسلن ۾ اها ڪرداري خاصيت موجود هوندي آهي،
جيڪا خواب جي عنصرن طرفان، وچ وارن/ ثانوي خيالن
طرف اڳواڻي ڪندي آهي. ڪيترن ئي خوابن جي تشريح ۾
ان قسم جا کوڙ واقعا، اسان ڪنهن حيرانيءَ
کانسواءِ نه ڏٺا آهن.
ڪو به تعلق ڍلو نه ٿيندو آهي، نه ئي هر مذاق وارو
معاملو خراب هوندو آهي، اهي رڳو هڪ خيال ۽ ٻئي
خيال جي وچ ۾ پل جو ڪم سرانجام ڏيندا آهن، پر ان
قسم جي سچي وضاحت کي ايتري آسانيءَ سان سمجهي وٺڻ
به تازي کوجنا جي ڪري ممڪن ٿيو آهي.
جڏهن به هڪڙو نفسياتي عنصر ٻئي سان اعتراض جوڳي يا
اڇاتري ۽ اٻهري ڳانڍاپي ذريعي واسطيداري جوڙيندو
ته اتي پڻ جائز، مناسب ۽ گهرو تعلق انهن جي وچ ۾
ضرور موجود هوندو ۽ جيڪو ڇنڊڇاڻ واري مزاحمت تي
مدار رکي ٿو.
اڇاترين يا اٻهرين سوچڻ جي حصيداريءَ جي مروج يا
مقبول هجڻ جو اصل سبب، ڪنهن مقصد خاطر پيش ٿيندڙ
خيالن کي ترڪ ڪرڻ نه هوندو آهي، پر اهو ڇنڊڇاڻ جو
زور هوندو آهي. اڇاتريون دوستيون، گهرين
واسطيدارين ۾ تبديل ٿي سگهنديون آهن، جيڪڏهن
ڇنڊڇاڻ، عام انداز سان ڳنڍيندڙ رستن کي بي گذر
(Impassable)
ڪري.
اسان مشابهت واري طريقي سان تصوير ٿي سگهون ٿا:
پهاڙي علائقي جي، جتي آمدورفت جي روزاني مداخلت،
(يا مثال طور ٻوڏ) مرڪزي لنگهه بند ڪري ڇڏيل آهن،
اوسي پاسي وارا رستا به ٿي سگهون ٿا، پر اتي ته
مشڪل ۽ مزاحمت جي باوجود آمدرفت اڃا جاري آهي، ۽
پيادل هلڻ وارن جا رستا به ٿي سگهون ٿا، جيڪي عام
طور تي رڳو شڪاري استعمال ڪندا آهن.
هتي هڪڙن ”ٻن معاملن“ ۾ فرق ڪري سگهجي ٿو، جيتوڻيڪ
اهي پنهنجي محرڪ/ جوهر ۾ هڪجڙا آهن. انهن مان هڪڙي
۾ ڇنڊڇاڻ رڳو انهن ٻن خيالن جي وچ ۾ ڳانڍاپي جي
خلاف هدايتون ڏئي ٿو، جيڪي ناقابل اعتراض ۽ الڳ
ٿلڳ آهن، جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ ٻه خيال حق ۽
ورثي واري انداز سان شعور ۾ داخل ٿين ٿا، انهن جي
وچ ۾ ڳانڍاپو مسلسل مخفي رهي ٿو، پر ان جي جاءِ تي
هڪ سکڻي واسطيداري انهن جي وچ ۾ ظاهر ٿئي ٿي، جنهن
لاءِ شايد اسان هونئن ڪڏهن به نه سوچيو هو.
اهو لاڳاپو هميشه خيالن جي مجموعي جي ڪنهن حصي سان
ڳنڍيل هوندو آهي، ان کانسواءِ انهن تي به جيڪي
دٻجي ويل ۽ ضروري ڳانڍاپي تي ٻڌل هوندا آهن.
”ٻيو معاملو“ اهو آهي ته جتي ٻه خيال، پنهنجي مواد
جي حوالي سان پاڻ ۾ ڇنڊڇاڻ جو سبب بڻيل آهن، جي
ائين آهي ته اهي ڪڏهن به پنهنجي اصلوڪي شڪل ۾ ظاهر
نه ٿيندا آهن، پر ان جي جاءِ تي ترميم ٿيل شڪل ۾
تبديل ٿي ويندا آهن، ۽ تبديل ٿيل ٻئي خيال اهڙي
رستي جي چونڊ ڪندا آهن، ڄڻ انهن کي اڇاتري يا
اٻهري واسطيداري هجي، اهي ان ضروري لاڳاپي کي
ورجائيندا آهن، جيڪي انهن، ٻنهي تبديل ٿيل خيالن
سان مليل هوندا آهن.
انهن ٻنهي معاملن ۾ ڇنڊڇاڻ جي زور جو نتيجو هڪ
جاءِ جي بجاءِ ٻي جاءِ تي هلي وڃڻ، نڪرندو آهي
يعني عقل ۽ فضيلت ۾ هِڪَ ڪَري ۽ سنجيدهه لاڳاپي
کان اڇاتري ۽ واضح طور تي بيهودي هنڌ تي وڃي رسندو
آهي.
هيل تائين اسان هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ جاءِ بدلائڻ
واري قسم جي اظهار کان واقف ٿيا آهيون. اسان کي ڪو
خفو نه ٿيندو آهي، جڏهن اسان خوابن جي تعبير جي
سلسلي ۾ انهن اڇاترن ۽ اٻهرن لاڳاپن تي آڌار رکندا
آهيون.
اعصابي خلل جي نفسياتي جائزي وٺڻ ۾ اهي ٻئي
علامتون، مڪمل طور تي پاڻ کي وقف ڪري ڇڏينديون
آهن، ڇاڪاڻ ته جڏهن شعوري مقصد کي اجاگر ڪرڻ وارا
خيال ترڪ ٿي ويندا آهن ته لڪل مقصد کي اجاگر ڪرڻ
وارا خيال، موجود خيالن تي حاوي ٿي ويندا آهن ۽
اڇاترا يا اٻهرا خيال ڪنهن جاءِ تي گهرائيءَ ۾
دٻيل يا دٻايل انهن خيالن جو نعم البدل بڻجي،
منتقل ٿي ويندا آهن. سچ اهو آهي ته مڃيل قاعدن،
ضابطن ۽ اصولن سان ثابت ڪرڻ ئي نفسياتي جائزي جي
فن/ ٽيڪنڪ جا بنيادي ٿنڀ آهن. مان جڏهن پنهنجي
مريض کي سمجهاڻي ڏيندي پڇندو آهيان ته:
”ان قسم جا تياڳيل اولڙا تنهنجي دماغ ۾ ڪٿان آيا؟“
۽ تڏهن مان هن جي ويچارن ۽ گمانن تي پورو ڀروسو
ڪندو آهيان، ته هو بامقصد خيالن کي ترڪ نه ڪندو
ڇاڪاڻ ته اهو هن جي علاج جو معاملو هوندو آهي.
پوءِ هن جا معصوم ۽ ڏکويل احساس ۽ ٻيون به ڪيتريون
شيون سامهون اينديون آهن، جيڪي هن جي بيماريءَ جي
حقيقت سان منسلڪ هونديون آهن. مقصد خاطر آيل خيال
هڪ ٻيو به آهي جنهن تي مريض کي ڪو به شڪ گمان نه
هوندو آهي.
مڃيل قاعدن، ضابطن ۽ اصولن سان ثابت ڪرڻ وارن ٻنهي
مفروضن
(Theorems)
جي اهميت جي ڪٿ ۽ انهن متعلق ان کان به وڌيڪ
تفصيلي معلومات اسان ڏئي آيا آهيون، جيڪي نفسياتي
تجزيي جي ٽيڪنيڪ لاءِ نهايت اهم آهن. هاڻي ڄڻ اسان
به سرحدي اخبار جي لڪ لڪوٽيءَ واري انداز جيان آخر
خوابن جي تشريح کان واقف ٿي ويا آهيون، سو هاڻي
باقي اڳتي
اسان جي انهن ڳالهين جو سچو نچوڙ اهو آهي ته اسان
ڪنهن هاريءَ وانگر انهن اعتراضن جو لابارو ڪري،
ڪجهه سٺن اَنَ داڻن کي ميڙي ورتو آهي، خاص طور تي
اسان کي انهن مان ڪنهن جي به مثال ڏيڻ جي ضرورت نه
پئي ته: ”تشريح دوران هر واسطيداري ظاهر نه ٿيندي
آهي، جيڪا رات جو خواب جي ڪم ۾ جاءِ والاريندي
آهي. اها حقيقت آهي ته جاڳ واري حالت ۾ تشريح کي
بيان ڪرڻ لاءِ اسان اهي ساڳيا ئي رستا وٺي هلندا
آهيون، جيڪي خوابن ۾ نظر آيل سوچن جي انهن ارڪانن
۽ علامتن جي پاسي موٽائي هلندا آهن، ۽ خواب جو ڪم
انهن منجهان ابتو يا غير موافق رخ اختيار ڪندو
آهي. پر ائين تمام گهٽ ٿيندو آهي ته اهي رستا ٻنهي
پاسن کان هلندا هجن. ڏينهن جو اسان گهڻو ڪري تازن
خيالن جي سهاري هلندا ڦرندا آهيون، ۽ پوءِ اهي ئي
ثانوي يا وچولن خيالن ۽ خوابي خيالن (سوچن) سان
لهه وچڙ ۾ ايندا آهن، يعني هڪ نڪتي کان ٻئي نڪتي
تي وڃي رسندا آهن. اسان ڏٺو ته ان طريقي سان ڏينهن
واري تازي مواد جي پنهنجي دلچسپي تشريح واري زنجير
۾ ڪيئن جڪڙجي ٿي وڃي! اهو پڻ ممڪن آهي ته مزاحمتي
قوت ۾ واڌ جي ڪري به ”رات“ جو وڳڙو ان مواد کي هڪ
نئون روپ ڏيندو هجي ۽ وڌيڪ پيچدار، فريبي ۽ متبادل
رستي جي ضرورت بڻجي ويندو هجي. موافقت ۽ مددي فطرت
جا ڪيترا ئي خيال، اسان ڏينهن دوران اهڙيءَ ريت،
ٽوپيندا ٽاڪيندا ۽ اڻندا رهندا آهيون، ڀلي ته انهن
جي ڪا نفسياتي اهميت نه به هجي، پر جيتري قدر انهن
جو وس هلندو آهي، اهي اسان جي سوچن جي اوتري قدر
اڳواڻي ڪري ان جاءِ تائين رسندا آهن، جن جي اسان
کوج لڳائيندا آهيون.
|