پورهئي جي بين الاقوامي ورڇ
International Division of Labuor
واپار بغير، هر فرد يا
هر ملڪ کي پنهنجون سڀيئي گهرجون پاڻ پوريون ڪرڻ
لاءِ جدوجهد ڪرڻي پوي ها. اهو جيڪڏهن ناممڪن نه،
ته به مشڪل ضرور هو، ڇاڪاڻ ته پنهنجن محدود وسيلن
سان پنهنجي هر ضرورت پوري ڪرڻ مشڪل آهي. ان ڪري،
انسان ذات پاڻ ۾ پورهئي جي ورڇ جو مادو وڌو؛ يعني
ته هو هڪ ٻئي جي گهرجن جو پورائو ڪرڻ لڳا، ۽
اهڙيءَ طرح سان سندن ڪافي ضرورتون گهٽ محنت ۽ گهٽ
خرچ سان پوريون ٿيندوين رهيون، بلڪل ساڳئي نموني،
بين الاقوامي واپار تحت پورهئي جي ورڇ کي جدا جدا
ملڪن جي سطح تي ورهايو ويو. هر ملڪ مخوصوص اجرت تي
ٻئي ملڪ جون گهرجون پوريون ڪرڻ لڳو.
انهيءَ ورڇ جا ٻه نمونا آهن:
پهريون اهو جنهن موجب ڪنهن شيءِ ٺاهڻ لاءِ گهربل
جزن کي ورهئي، جد جدا حصا ڪري، مختلف ملڪن مان
گهرائجي، جيئن عام طور تي ڪارخاني ۾ ڪنهن شيءِ جي
ٺاهڻ کي جدا جدا طريقن ۾ ورهايو ويندو آهي، تيئن
بين الاقوامي واپار موجب ڪنهن شيءِ جي هر هڪ حصي
کي جدا جدا ملڪن
۾ تيار ڪيو ويندو آهي، ۽ آخر ۾ هڪ ملڪ انهن ملڪن
مان اهي حصا گهرائي شيءِ تيار ڪندو آهي. اهڙيءَ
طرح اسان انهيءَ شيءِ جي تياري ۾ حصي وٺندڙ ملڪن
جي اُجرت، نقد يا بدلي ۾ ڪا ٻي شيءِ ڏيڻ سان ادا
ڪري سگهجي ٿي.
پورهئي جي ورڇ جو ٻيو طريقو ملڪ جي قدرتي ويسلن کي مدنظر رکي هڪ ملڪ کي انهيءَ مخصوص شيءِ
اپائڻ لاءِ همٿائڻ آهي. مثال طور زرخيز زمين واري
ملڪ کي زراعت ڏانهن مائل ڪيو وڃي، جو وري اناج
وغيره، صنعتي ملڪن ڏانهن اماڻي، اتان
پنهنجي ضروريات جون شيون حاصل ڪري. ان نموني ٻنهي
ملڪن جون گھرجون آسانيءَ سان پوريون ٿي سگهن ٿيون.
هن قسم جي ورڇ تحت هر ملڪ کي اهڙي شيءِ اپائڻ
گهرجي جنهن لاءِ وٽس حالتون سازگار هجن، مثال طور
قدرتي وسيلا ۽ پورهئي جي قابليت وغيره... هن نموني
اهو ملڪ انهيءَ مخصوص شيءِ جي پيدا ڪرڻ ۾
مهارت حاصل ڪندو، اها شيءِ سولائي سان، ۽ سستي اگهه ۾ پيدا ڪري
سگهندو. ان کان سواءِ ان مان هيٺيان ٻيا به فائدا
آهن.
(الف) هڪ ئي ڪم تي خاص ڌيان ڏيڻ ڪري، ماڻهو ان ۾
ماهر ٿيو وڃن، ۽ سندن قابليت جو پروو پورو فائدو حاصل ڪري سگهبو.
(ب) هڪ ڌنڌي مان ٻئي ڌنڌي ڏانهن منتقل ٿيڻ ۾ جو
وقت ضايع ٿيندو، ان کان نجات ملندي، ۽ ماڻهن کي
صرف هڪ ئي ڪم ۾ دلچسپي ٿيندي.
(ج) هڪ ئي ڪم ڪرڻ ڪري ماڻهو دماغ هلائي نيون نيون
کوجنائون ڪندا، ان ڪري ڪم ڪرڻ ۾ زياده آساني
ٿيندي، ۽ پيدائش پڻ وڌندي، ڇو ته ماڻهن جي قابليت ۾ اضافو ٿيندو.
(د) مٿين فائدن جي ڪري ملڪ جي مالي حالت پڻ
سڌرندي، ڇاڪاڻ ته ماڻهن کي صرف هڪ ڌنڌي تي خيال
ڏيئي ان ۾ ماهر ٿيڻو آهي، جنهن جي
اجرت مان هو پوءِ پنهنجون گهرجون چڱي تعداد ۾ پوريون ڪري سگهندو،
بجاءِ انهي جي جو هو سڀني ضرورتن کي خود پورو ڪري.
ان طرح نه کيس ڪو مالي فائدو رسندو، ۽ نه وري پنهنجون
ضرورتون ئي پوريون ڪري سگهندو. مطلب ته ڪنهن به
ملڪ کي پورهئي جي بين الاقوامي ورڇ جي اصولن مطابق
ڪنهن به خاص ڌنڌي ۾ مهارت حاصل ڪرڻ سان نسبتي طور
تمام گهڻو فائدو حاصل ٿيندو.
ڪنهن به ملڪ جي، ڪنهن خاص ڌنڌي ۾ ماهر ٿيڻ لاءِ
هيٺيان سب ٿي سگهن ٿا:
قدرتي وسيلا:
هر هڪ ملڪ کي قدرت مختلف خاصيتن سان نوازيو آهي.
ڪن ۾ زمين زرخيز آهي ته ڪي سامونڊي وسيلن سان ڀرپور،
ڪي کاڻين مان نڪرندڙ ڌاتن سان پُر، ته ڪي وري صنعت
۾ زور. ان طرح هر هڪ ملڪ پنهنجي ڌنڌي مان ٻين ملڪن
ڏي مال موڪلي اتان پنهنجيءَ گهرج جون شيون گهرائي
سگهي ٿو.
زمين جي ڀلپائيءَ ۾ ناموافقت:
زمين جي زرخيزي يا ڀلپائي به هر هنڌ ساڳي نه آھي. ڀلپائي ڪٿي گهڻي ته ڪٿي ٿوري. ازانسواءِ آدمشماريءَ جي گهاٽاڻ
پڻ جتي ڪٿي هڪ جيتري نه آهي ڪنهن گهٽ زرخيز هنڌ تي
في ايڪڙ ماڻهو تمام گهڻا آهن ته وري ڪنهن وڌيڪ
زرخيز هنڌ تي ڇڊا آهن. ان ڪري پوئين هنڌان اناج منتقل ڪري، پهرئين هنڌ پهچائبو جتي لازمي طور اناج جي قلت
هوندي. ماڻهن جي گهاٽاڻ جو اهو مسئلو نه صرف زراعت
۾ بلڪ ٻين قدرتي وسائل جي نسبت ۾ پڻ لاڳو ٿيندو.
مثال طور گهڻي آباديءَ واري هنڌ مزورن جي مزوري
گهٽ هوندي، ان ڪري
اتي گهٽ لاڳت سان شيون ٺاهي سگهبيون.
ماڻهن جي قبليت ۽ صلاحيت:
هر هڪ ملڪ جي ماڻهن جون الڳ الڳ خاصيتون ٿين ٿيون.
ڪي عقل جا اڪابر ته ڪي وري بدن جا جانٺا؛ ڪي حرفتي
ٿين، ته ڪي وري صفا اٻوجهه. هر ڪنهن قوم
جي ترقيءَ جو مدار اتي جي عوام تي آهي. ماڻهن جي
تهذيب ۽ تمدن، سائنسي ترقي، حڪومت، سماجي جوڙجڪ ۽
ڌنڌي ۾ سندن چاهه وغيره جو، هر هڪ ملڪ جي واپار تي
جوڳو اثر پوي ٿو.
پراڻو ورثو يا رواج وغيره: ڪن ملڪن ۾ گهڻي زماني
کان ڪاشيءَ ٺهندي ٿي اچي، جنهن ڪري اتي ان جو
ٽڪاءُ ٿي ٿو وڃي. جيتوڻيڪ انهن جي پيداوار ڪا
ايتري گهڻي ڪا نه هوندي اهي، تنهن هوندي به ماڻهن
جي عادتن، رسمن جي ڪري ۽ حالتن جي سازگار هئڻ
سبب، اها شيءَ اتي ئي ٺهندي ايندي آهي، جا پوءِ
ٻاهرين ملڪن تائين به پهچائي ويندي آهي.
مطلب ته ائڊم سمٿ جي خيال مطابق، پورهئي جي بين الاقوامي ورڇ جي ڪري هر ڪو
ملڪ ڪا نه ڪا شيءِ مطلقاً گهٽ لاڳت تي پيدا ڪندو.
ان ڪري مختلف ملڪن جي وچ ۾ شين جي ڏي وٺ ٿيندي ۽
واپار ۽ واڌارو ٿيندو.
نسبتي يا تقابلي فائدي وارو اصول
يا
نسبتي يا تقابلي لاڳتن وارو اصول
Low of comparative advantage or comparative
costs theory
اسان مٿي
ڏسي آيا آهيون ته ائڊم سمٿ جي خيال موجب ڪن به ٻن
ملڪن ۾ واپار مطلق فائدي تي منحصر آهي، پر ڊيوڊ
رڪارڊو
وري
انهيءَ خيال جو آهي ته واپار لاءِ مطلق فائدن
جو هجڻ ضروري ناهي. جيڪڏهن ڪن به ٻن ملڪن ۾، ڪن به
ٻن شين جي پيداوار جي لاڳت نسبتي طور تي مختلف هوندي، تڏهن به واپار فائدي وارو
ثابت ٿيندو. پوءِ جيتوڻيڪ کڻي هڪ ملڪ کي ٻنهي شين
جي پيداوار ۾ مطلقاً فائدو به هجي. ڇاڪاڻ ته
جيڪڏهن هڪ ملڪ، جنهن کي ٻنهي شين جي پيدائش ۾
مطلقاً فائدو هوندو، اهو صرف اها شيءِ پيدا ڪري
جنهن ۾ کيس ٻنهي مان وڌيڪ فائدو آهي، ۽ باقي رهيل
شيءِ ٻيو ملڪ پيدا ڪري، ته ان طريقي سان پيداوار به وڌندي، ۽ هڪ ٻئي سان واپار مان ٻنهي ملڪن کي فائدو به ٿيندو. هن قسم جي متي کي ”نسبتي لاڳتن
وارو اصول“ سڏجي ٿو.
نسبتي لاڳتن واري نظريي کي رڪارڊو پنهنجي ڪتاب ”سياسي اقتصاديات ۽ ٽئڪسنشن
جا اصول“ ۾ ڀليءَ ڀت سمجهايو آهي.
سمجهو ته ٻن ملڪن، انگلينڊ ۽ پورچو گال ۾ ٻه شيون، مشروبات ۽ ڪپڙو،
پيدا ڪيون وڃن ٿيون.
پورچوگال ۾ ساڳيون
ٻئي شيون (مشروبات ۽ ڪپڙو) پورهئي جي گهٽ خرچ سان
ٺاهيون وڃن ٿيون. انهيءَ جو اندازو انهن ٻنهي شين
تي آيل لاڳتن مان لڳائي سگهجي ٿو. فرض ڪريو ته
انگلينڊ ۾ ڪپڙي جي ايڪي جي لاڳت پورهئي جا 100
ڪلاڪ، ۽ مشروبات جي لاڳت پورهئي جا 120 ڪلاڪ آهي.
پورچوگال ۾ وري ڪپٿڙِ جي ايڪي جي لاڳت پورهئي جا 90 ڪلاڪ، ۽ مشروبات جي ايڪي جي
لاڳت پورهئي جا 80 ڪلاڪ آهي. هن مثال کي هيٺ چٽائي
سان خاڪي ذريعي پيش ڪجي ٿو:
جنس |
ملڪ |
لاڳت جو تناسب |
پورچوگال |
انگلينڊ |
|
پورهئي جي لاڳت ڪلاڪن ۾) (پوچوگال جي ڀيٽ ۾) |
مشروبات جو هڪ ايڪو |
80 120 |
66ء
80/120= |
ڪپڙي جو هڪ ايڪو
. |
90
100 |
90ء
90/100= |
مٽا سٽا جو اگهه هر ملڪ
۾
(گهرو
مٽاسٽا
جا نرخ) |
80:90
يا |
100 : 120
يا |
|
88:1ء |
1 : 2ع 1 |
بين الاقوامي واپار جي نڪتـﮧء نظر کان ساڳي شيءِ
جي لاڳت ٻن جدا جدا ملڪن
۾ ڀيٽي ويندي آهي. مٿين مثال مان ڏسنداسين ته
جيڪڏهن انگلينڊ ۾ مشروبات ٺاهڻ لاءِ پورهئي جو هڪ
ايڪو استعمال ٿئي ٿو، ته پورچوگال ۾ 66 ايڪو
استعمال ٿئي ٿو. ساڳيءَ طرح ڪپڙي ٺاهڻ لاءِ
انگلينڊ ۾ پورهئي جو هڪ ايڪو آهي، ته پورچوگال ۾
90ء ايڪو استعمال ٿئي ٿيو. هن مان ظاهر
ٿيو ته پورچوگال کي ٻنهي شين جي پيداوار ۾ برتري
حاصل آهي؛ پر کيس انگلينڊ جي ڀيٽ ۾ مشروبات جي
پيداوار ۾ نسبتي طور تي وڌيڪ فائدو آهي. ان ڪري
پورچوگال جيڪڏهن صرف مشروبات جي پيدوار تي اڪتفا
ڪري ته کيس وڌيڪ فادو حاصل ٿيندو.
اسان ڏسنداسين ته پورچوگال
۾ مشروبات ۽ ڪپڙي جي لاڳتن جو تبانسب 88ء:1 آهي،
يعني ته اتي مشروبات جي هڪ ايڪي بدران ڪپڙي جو
88ع ايڪو ملندو. انگلينڊ ۾ وري ٻنهي شين جي لاڳتن
جو تناسب 2ع 1:1
آهي، يعني
ته مشروبت جي هڪ ايڪي جي عيوض.، ڪپڙي جا 2ء1 ايڪا
ملندا. ٻنهي ملڪن ۾ لاڳتن جو تناسب هڪجهڙو نه آهي.
ان ڪري پورچوگال کي جيڪڏهن هڪ ايڪي مشروبات جي
عيوض، ڪپڙي جي
88ء
ايڪي کان وڌيڪ ملندو، ته کيس لازمي طور فائدو
پوندو، ۽ انگلينڊ کي وري تڏهن فائدو پوندو جڏهن هو
هڪ ايڪي مشروبات جي بدلي ۾ ڪپڙي جو 2ء1 ايڪي کان
گهٽ ڏيندو هن مان ثابت ٿيو ته مٽاسٽا جو اگهه
مشروبات جي هڪ ايڪي جي عيوض، ڪپڙي جي 88ء ۽ 2ء1
ايڪن جي وچ ۾ ڪهڙو به بيهي ، ته به ٻنهي
ملڪن کي فائدو ٿيندو.
تنهن ڪري بهتر ايئن آهي تپورچوگال صرف مشروبات
ٺاهي، ۽ انگلينڊ ڪپڙو ٺاهي. ايئن ڪرڻ سان نه رڳو
انهن شين جي پيداوار وڌندي، پر هڪ ٻئي سان واپار ۾
ٻنهي
ڌرين
کي فائدو ٿيندو هاڻي سوال آهي ته هڪ ايڪي مشروبات جي عيوض، 88ء ۽ 2ء1 ايڪن جي وچ ۾ ڪپڙي جو اگهه ڪهڙو
بيهندو؟ ان جو ذڪر اڳتي هلي ڪبو. هتي صرف اهو چوڻ
ڪافي آهي ته جيڪڏهن ٻئي ملڪ صرف انهن شين جي
پيداوار ۾ مهارت حاصل ڪندا، جيڪي هو نسبتي طور تي
گهٽ ”حقيقي لاڳت“ سان پيدا ڪري سگهن ٿا، ته پوءِ
کين هڪٻئي سان واپاري ڏي – وٺ ڪرڻ ڪري وڌيڪ فائدو
ٿيندو، بجاءِ انهيءَ جي جو هو سڀ شيون پاڻ وٽ پيدا
ڪن.
نسبتي يا تقابلي لاڳتن جو ناڻي ۾ اظهار
Comparative Costs expressed in Money
رڪارڊو جو نظريو نه رڳو پيداوار جي لاڳت جو نظريو
آهي پر هن جو نظريو ساڳئي وقت قدر (ملهه) جو نظريو
پڻ آهي. حقيقت ۾ ماڻهوءَ جو واسطو قيمتن سان
هوندو آهي. ان ڪري، پورفيسر ٽاسگ
(Taussing)،
رڪارڊو جي مٿئين نظريي کي، بين الاقوامي واپار ۾
هلندڙ شين جي قميت کي خيال ۾ رکي پيش ڪيو. سندس
مثال مطابق، سمجهو ته ڏهن ڏينهن جي پورهئي سان،
آمريڪا ۾ ڪڻڪ جا 20 ايڪا
، ۽ لينن (سڻيءَ جي ڪپڙي) جا به 20 ايڪا پيدا ٿي
سگهن
ٿا. ساڳيءَ طرح ڏهن ڏينهن جي پورهئي سان جرمنيءَ ۾
ڪڻڪ جا 10 ايڪا ۽ لينن (سڻيءَ جي ڪپڙي) جا 15 ايڪا
پيدا ٿي سگهن ٿا . ٽاسگ لاڳتن جو مٿيون فرق، مزورن
جي مزوريءَ کي، ناڻي
۾ تبديل ڪري هيٺينءَ طرح واضح ڪيو آهي:
نسبتي لاڳتن جي اصولن تحت، آمريڪا ڪڻڪ جي پيداوار
۾مهارت حاصل ڪندو، ۽ جرمني لينن (سڻيءَ جي ڪپڙي)
جي پيداوار ۾ مهارت حاصل ڪندو. ايئن ڪرڻ سان ٻنهي
ڌرين کي فائدو ٿيندو.
ملڪ جو
نالو |
روزانه مزوري ڊالرن ۾ |
جملي ڊالر |
10 ڏينهن جي پورهئي جي پيداوار |
لاڳت، ناڻي جي صورت ۾ |
آمريڪا ”جرمني“ |
5ء1
5ء1
0ء1
0ء1 |
15
15
10
10 |
ڪڻڪ جا 20 ايڪا
لِنن جا 20 ايڪا
ڪڻڪ جا 10 ايڪا
لينن جا 15 اڪيا |
75ء
75ء
00ء
66ء |
هن خاڪي ۾ ڄاڻايل قيمتن مان ظاهر
ٿيندو ته آمريڪا ۾ ڪڻڪ جرمنيءَ کان سستي گهه سان
پيدا ٿي سگهي ٿي. ان ڪري امريڪا ڪڻڪ جي پيداوار
تي، ۽ جرمني لينن جي پيداوار تي اڪتفا ڪندو؛ ڇاڪاڻ
ته لِنن جرمنيءَ ۾ آمريڪا جي ڀيٽ ۾ گهٽ اگهه سان
تيار ٿي سگهي ٿي. ان ڪري آمريڪا جرمنيءَ کي ڪڻڪ
موڪليندو، ۽ ان کان لِنن گهرائيندو. ايئن ڪرڻ سان
ٻنهي کي فائدو ٿيندو. اسان ڏٺو ته نسبتي يا
تقابلي
لاڳتن کي ناڻي ۾ بدلائڻ سان به نتيجي ۾ فرق ڪونه
پيو.
نسبتي يا تقابلي لاڳتن واري نظريي جو تنقيدي جائزو
Criticism of Comparative Costs Theory
مٿي بيان ڪيل ڪلاسيڪي
نظريي جو بنياد
ڪيترين ئي فرضي ڳالهين تي آهي؛ جن کي اقتصاديات جي
ڪيترن ئي ماهرن وقت بوقت رد پئي ڏنو آهي، جيتوڻيڪ
جديد ڪلاسيڪي اقتصاديات جي ماهرن، جهڙوڪ ”بئسٽبل“
۽ ”ٽاسگ“ وغيره، هن پراڻي نظريي کي ڪجهه تبديلين
سان، نئين روپ ۾ پيش ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪئي آهي،
تنهن هوندي به بنيادي طور تي هيٺين ڳالهين کي خيال
۾ رکي، نڪتچيني پئي ڪئي وئي آهي.
(1)
نسبتي لاڳتن جي نظريي جو بنياد شين تي آيل پورهئي
جي لاڳتن تي رکيو ويو آهي. پر اسان کي خبر آهي ته
هن دور ۾ صرف پورهيو يئ پيداوار جو جزو نه
آهي،
پر پيداوار جا ٻيا به جزا جهڙوڪ: زمين، موڙي ۽
تنظيم به اوترائي اهم آهن. ان کان سواءِ هن نظريي
موجب اهو به فرض ڪيو ويو
آهي ته پورهيو هڪجهڙي خاصيت جو آهي، هڪ جيترو ناپسند آهي، هر هڪ
لاءِ عام آهي، ۽ اهو پورهيو ئي آهي، جو آسانيءَ
سان تبديل ٿيندڙ پيدوار جو جزو آهي. اهو پڻ فرض
ڪيو ويو آهي ته مزورن ۾ مڪمل چٽا ڀيٽي
رهندي آهي. پر
اسان ڏسنداسن ته انهن مان فرض ڪيل ڪجهه ڳالهيون
حقيقت ۾ بلڪل بي بنياد آهن، ۽ ڪجهه وري هميشه لاءِ
درست نه رهنديون آهن ان مان ظاهر ٿيو ته قدر جو پورهئي وارو نظريو بهرحال هن
صورت ۾ حقيقي حالتن پٽاندڙ نه آهي، ڇاڪاڻ ته حقيقت
ڪجهه ان جي ابتڙ آهي.
(2)
بين الاقوامي واپار جو بنياد شين جي سندن ملڪ اندر
قميتن تي آهي، ۽ اسان کي خبر آهي ته ملڪ اندر
قيمتون، طلب ۽ رسد جي اصولن تحت مقرر ٿين ٿيون، پر
جئين ته هن نظريي جو بنياد رڳو پورهئي جي لاڳتن تي
آهي، جنهن جو واسطو رڳو رسد سان آهي؛ يعني ته
ڪلاسيڪي ماهرن طلب جي اثر کي مڪمل طور نظرانداز
ڪري ڇڏيو
آهي،
جيڪا ڳالهه بنيادي طرح درست نه آهي.
(3)
پورهئي جي هڪڙي خاصيت اها به آهي ته جيڪڏهن انهيءَ
کي في الحال استعمال
نه ڪيو ويو ته اهو هميشه لاءِ ختم ٿي ويندو. پر
جيڪڏهن انهيءَ پورهئي سان ڪا شيءِ ٺاهي وئي ته
پوءِ اهو پورهيو اتي محفوظ ٿي ويندو، ۽ ضايع نه
ٿيندو اهڙي
طريقي سان محفوظ ٿيل پورهيو موڙيءَ جو ڪم ڏئي ٿو،
۽ ان تي وياج به لڳي ٿو. مگر ڏٺو وڃي ٿو ته قدر جو
پورهئي واور ڪلاڪي نظريو، ان وقت کي نظرانداز ڪري
ٿو جنهن وقت جي ڪري وياج لڳي ٿو.
(4)
عام طور ڏٺو ويو آهي ته مارڪيٽ ۾ مڪمل چٽاڀيٽي نه
هوندي آهي. بلڪ ان جي ابتڙ يا ته هڪ هٽي هوندي آهي
يا وري غير مڪمل چٽاڀيٽي هوندي آهي. ڇاڪاڻ ته
مارڪيٽ ۾ هڪ پاسي ته مالڪن ۽ مزور جماعتن جو زور
آهي، ته ٻئي طرف وري پورهيو ۽ موڙي آسانيءَ سان هڪ
هنڌان ٻئي هنڌ تبديل ٿي نٿا سگهن. پر پورهئي واري
ڪلاسيڪي نظريي تحت مارڪيٽ ۾ مڪمل چٽاڀيٽي هجڻ
لازمي آهي. تنهن ڪري چئبو ته اهو نظريو، حقيقي
حالتن پٽاندر غير موزون آهي.
(5)
ڪلاسيڪي نظريو آمد – رفت تي آيل
خرچ کي نظراندز ڪري ٿو. حقيقت ۾ آمد – رفت تي آيل
خرچ شين جي قيمتن مقرر ڪرڻ ۾ وڏو اهم ڪردار ادا
ڪري ٿو. فرض ڪريو ته هڪ ماڻهو حيدرآباد ۾ گڊس ناڪي
وٽ رهي ٿو، ۽ هن کي هيرآباد (حيدرآباد) مان ڪتاب
وٺڻو آهي. سمجهو ته ان ڪتاب جي قيمت 2 روپيه آهي،
۽ کيس هيرآباد تائين اوٺ موٽ جو ڀاڙو ڏيڍ روپيه ڏيڻو پوي ٿو. ان ڪري چئبو ته هن
کي
اهو ڪتاب ساڍن ٽن رپين
۾ گهر ۾ پيو. جيڪڏهن اهوڪتاب گڊس ناڪي تي ملي
ها ته کيس صرف ٻه روپيه ڀرڻا پون ها. ساڳيءَ طرح
هڪ ملڪ مان ٻئي ملڪ ۾ مال موڪلڻ تي به ڪافي خرچ
اچي ٿو، ان ڪري ان جي قيمت وڌيو وڃي ٿي.
(6)
تقابلي
لاڳتن وارو نظريو صرف ٻن ملڪن۽ ٻن شين تائين محدود آهي. پر حقيقت ۾ واپار نه رڳو ٻن ملڪن ۾ هلي ٿو پر ساڳئي
وقت
اهو ڪيترن ئي قسمن جي شين ۾ به ٿئي ٿو. ان
کانسواءِ ڏٺو وڃي ته بين الاقوامي واپار جو دارومدار
لاڳتن جي مناسبت تي نه، پر قيمتن جي مناسبت تي
آهي. ان ڪري چئبو ته هي نظريو درست نه آهي.
آخر ۾ اهو واضح ڪرڻ ضروري آهي
ته هي نظريو صرف هڪ جيتري پيدوار کي خيال ۾ آڻي
ٿو، پر ڏٺو وڃي ته دنيا ۾ گهڻو
ڪري شيون يا ته وڌندڙ پيداوار جي اصول تي پيدا ٿين
ٿيون، ۽ يا وري گهٽجندڙ پيداوار جي اصول تي.
”بئسٽبل“ هيءَ خامي، نظريي ۾ ڦرندڙ گهرندڙ لاڳتن
جي شامل ڪرڻ سان دور ڪرڻ جي ڪوشس ڪئي، ۽ هن نظريي
کي ٻن کان وڌيڪ ملڪن ۽ شين سان پڻ لاڳو ڪيائين.
مٿي جيڪي ويچار ظاهر ڪيا ويا آهن، تن مان واضع ٿو
ٿئي ته هيءُ نظريو پرڏيهي واپار بابت صحيح ترجماني
نٿو ڪري، پر ساڳئي وقت ڏٺو وڃي ته هيءُ نظريو
گهڻين خوبين وارو به آهي رڪارڊو جو بيان ڪيل نظريو
ڪجهه شرطن سان ڪافي فائديمند ثابت ٿي سگهي ٿو ۽ ڪيترن ئي موجوده عملي مسئلن
جي ڇنڊڇاڻ ۾ مدد ڪري سگهي ٿو. هتي هي بيان ڪرڻ به
ضروري ٿيندو ته اوڻهين
صديءَ ۾ اولاهان ملڪ صنعتي ترقيءَ ۾ زور وٺڻ لڳا،
ان ڪري يورپ کي نه رڳو ڪچي مال جي ضرورت هئي پر
کين سندن پڪي مال جي وڪري لاءِ مارڪيٽ به گهربل
هئي، هنن نه صرف هن نسبتي يا تقابلي لاڳتن واري
نظريي کي جنم ڏنو پر ساڳئي نموني ٻين به ڪيترن
اهڙن نظرين کي جنم ڏنو جن کي هو پنهنجي مفاد لاءِ
ڦيرائيندا گهيرائيندا رهيا. اُهي نظريا هئا: بين
الاقوامي خاص مهارت يا خصوصيت، نسبتي فائدو، ناڻي
جي قوت خريد وارو نظريو ۽ آزاد واپار وغيره. |