سيڪشن؛سفرناما

ڪتاب: هليو آ، هليو آ.... ملائيشيا

باب: --

صفحو:7

سامهون ئي واش روم هئي. منهن تي ڇنڊا هڻي اچي ويٺس. ڀر وارو همراهه جيڪو ٽيهه ٻٽيهه سالن جو لڳي رهيو هو، مزي مزي سان چانهه جون چسڪيون ڀرڻ لڳو. هو يڪ ٽڪ سامهون ئي گهوريندو رهيو. لڳو ٿي ته هو سخت پريشانيءَ ۾ ڪجهه سوچي رهيو هجي. سندس هٿ ۾ اسان جهڙو ئي بورڊنگ ڪارڊ هو. يعني هو هتان ته اسان سان گڏ ڪئالالمپور هلندو، پر پوءِ خبر ناهي، ان کان اڳتي آسٽريليا يا نيوزيلينڊ ويندو يا اتي ملائيشيا ۾ ئي رهي پوندو. ملائيشيا ۾ ڪيترائي پنجاب ۽ سرحد (خيبر پختونخواهه) صوبي جا پاڪستاني رهن ٿا، جن جا وڏا انگريز راڄ ۾ انگريزن جي فوج ۾ سپاهي هئا، جن کي انگريز سرڪار ٻي وڏي لڙائيءَ ۾ جپاني فوجن سان وڙهڻ لاءِ هانگ ڪانگ، سنگاپور ۽ ملايا (هاڻوڪي مغربي ملائيشيا) ۾ وٺي آيا هئا. جنگ ختم ٿيڻ بعد ۽ هندستان جي ورهاڱي بعد هو انهن ملڪن ۾ ئي ترسي پيا ۽ اڄ هنن جي اولاد کي اتي جو پاسپورٽ آهي. سو ٿي سگهي ٿو ته هي همراهه به ملائيشيا جو سٽيزن هجي يا اتي ڪنهن مائٽ وٽ نوڪري ڪندو هجي.

”توهان ملائيشيا ۾ رهو ٿا؟ هن مون کان پڇيو.

”نه. رهندو هوس. هاڻ گهمڻ ٿو وڃان.“ مون ٻڌايومانس.

”بزنيس هو توهان جو؟“ هن پڇيو.

”نه چِگو (Cigu)   هوس،“ مون کلندي ٻڌايومانس، ”چِگو سمجهين ٿو؟“

”ٿوري ٿوري ملئي، چيني ۽ تامل سمجهان ٿو.“ هن ٻڌايو.

”چِگو معنيٰ  ماستر صاحب. پهرين ڏهه سال کن ملائيشيا ۽ اوسي پاسي جي سمنڊن تي جهاز هلايم پوءِ ڏهاڪو کن سال ملاڪا ۾ رهي اتي جي نيول اڪيڊمي ۾ پڙهايم.“  مون کيس ٻڌايو ۽ کانئس سندس بابت پڇيو ته هو ملائيشيا ۾ ڇا ٿو ڪري.

”اتي مون پنهنجي ڀاءَ جي سيڌي جي دڪان تي ٻه سال ڪم ڪيو.“

”ڪهڙي شهر ۾؟“ مون پڇيو

”سريمبان ۾“ هن ٻڌايو.

”چئبو ته جتي آئون رهندو هوس، ان جي ڀرواري شهر ۾ ڪم ڪيو اٿئي. ڪهڙي ويزا تي رهئين؟“ مون پڇيو.

”بس ائين ڪم پئي هليو. سمورو وقت دڪان تي گذاريندو هوس. ڪيڏانهن نڪرڻ کان گريز ڪندو هوس.“

”۽ توهان جو ڀاءُ؟“

”ان ملائيشيا جي هڪ انڊين (تامل) عورت سان شادي ڪئي، ان ڪري هن کي ملائيشيا ۾ رهڻ جو  Status  آهي.“

هن وڌيڪ ٻڌايو ته هن جو نالو منور اقبال آهي ۽ سندس تعلق چنيوٽ پاسي جي هڪ ڳوٺ سان آهي. هو پنهنجي ڳوٺ ۾ اليڪٽريشن هو ۽ مهيني ۾ هن ايترو ڪمائي ورتو ٿي جو گهر جي دال روٽي ٿي سگهي. ”پر پوءِ مهانگائي وڌڻ ڪري مون کي گهر ڇڏڻو پيو ۽ هوڏانهن منهنجي ڀاءُ  دڪان کوليو ته هن کي  پنهنجي ڪنهن ماڻهوءَ جي ضرورت پئي. مون ملائيشيا اچي پنهنجي ڀاءُ جي دڪان تي تمام گهڻي محنت ڪئي. ٻيا دڪان اٺين وڳي ڌاري کلندا هئا، آئون فجر نماز پڙهي 6 وڳي ئي دڪان کوليندو هوس. رات جو به دير تائين کليل رکندو هوس. ان ڪري اسان وٽ گراهڪ وڌڻ لڳا ۽ مون ڀاءُ کي خوب پئسو ڪمائي ڏنو، پر سندس سائوٿ انڊين زال ۽ ان جو خاندان دڪانداري ۾ پنهنجي هلائڻ لڳا ۽ لُٽ ڪرڻ لڳا. مون پنهنجي ڀاءُ کي گهڻو ئي سمجهايو ته آئون هيڏي محنت ٿو ڪريان، پر مهيني جي حساب بعد ڪو واضح فرق نٿو نظر اچي. آخر منهنجي ڀاءُ کي دڪان وڪڻڻو  پيو  ۽ آئون ڳوٺ موٽي آيس.“

”پوءِ هاڻ ڇا ڪرڻ جو ارادو آهي؟“ مون پڇيومانس.

”هاڻ مون هڪ بزنيس سوچيو آهي، اهو ڪندس.“ هن چيو.

”ضرور اليڪٽرڪ ۽ اليڪٽرانڪس جو هوندو، جنهن ۾ تون ماهر آهين.“ مون چيومانس.

”ها اهو ته جتي جهٽ لڳي ٿو، اتي ان ذريعي چار پئسا ٺاهيو وٺان، پر هاڻ ٻَڌي اگهه تي مختلف شيون وٺي ريزڪي تي وڪڻندس.“

“اهو ڀلا ڪيئن ڪندين؟ پنهنجو ڪو دڪان کوليندين؟“ مون پڇيومانس.

”نه. اهي شيون سائيڪل تي کڻي ڳوٺن ۾ وڪڻندس. ان ۾ سٺو فائدو ٿئي ٿو. منهنجو ان ۾ تجربو آهي. 5 رِنگٽ جي شيءِ جا اٺ نو بلڪ ڏهه رِنگٽ به مليو وڃن.“ هن ٻڌايو.

 آئون سمجهي ويس ته هي گهوريئڙي وارو ڪم آهي، جيڪو سالن کان ملائيشيا ۾ مشهور آهي. جيئن سنڌ جي ڳوٺن ۾ ڪنهن زماني ۾ سياري جي موسم ۾ پٺاڻ سُڪو ميوو هڙن ۾ کڻي اچي وڪڻندا هئا يا مڪراني عورتون ٿانون ۽ ڪپڙن جا کارا ڀري گهر گهر ۾ اچي وڪڻنديون هيون. تيئن هيڏانهن ملائيشيا ۾ اڄ تائين اسان جي پاسي جا ماڻهو خاص ڪري سک ۽ پنجاب ۽ سرحد پاسي جا رهاڪو، ملائيشيا جي شهرن مان شيون وٺي پوءِ سائيڪل تي ڳوٺن جي گهٽين ۾ هوڪا ڏيئي وڪڻن. هاڻ ته ڪيترائي پاڪستاني ۽ انڊين سوزوڪي گاڏين ۾ ٻئي سامان کان علاوه ڪپڙن جا تاڪيا، غاليچا ۽ ٿانوَ ٿپا پڻ رکي وڪڻن. ملائيشيا جي ڳوٺن ۾ رهندڙ ماڻهو- خاص ڪري ملئي ۽ تامل (انڊين) شهرن ۾ اچي اتي جي دڪانن تان سستي شيءِ وٺڻ بدران هن قسم جي ايندڙ گهوريئڙن ۽ گاڏي وارن کان مهانگو سامان خريد ڪن ٿا. ڪي ته اوڌر تي وٺن، جيڪا شيءِ کين اڃا به مهانگي ملي.

منور ٻڌايو ته گذريل سال جڏهن هو آيو هو ته هن اهو ڌنڌو ڪيو هو. ”مون کي گهڻو پري ٻهراڙيءَ ۾ به وڃڻو نٿي پيو.“ هن ٻڌايو. ”اتان ئي شهر جي وڏن دڪانن تان شئمپو، صابڻ، عطر، پائوڊر ۽ رومالن جهڙيون شيون وٺي گهٽين ۾ وڪڻندو هوس.“

هن ٻڌايو ته هن کي جيئن ته ملائيشيا جي ٽنهي قوميتن (ملئي، چيني ۽ تاملن) جي زبانن جي ٿوري گهڻي ڄاڻ آهي، سو هن ٽنهي قومن جي پاڙن ۽ گهٽين ۾ وڃي شيون وڪيون ٿي. ”انڊين گهڻو ڪري ديوتائن جون مورتيون ۽ اگر بتيون وٺن ٿا ۽ چيني گوتم ٻڌ جون تصويرون ۽ مورتيون خريد ڪن ٿا. ٽن چئن ڪلاڪن اندر منهنجيون ڏهه ٻارنهن شيون وڪامي ويون ٿي جن مان مونکي  50 رنگٽ کن فائدو ٿي ويو ٿي.“

”رنگٽ“ (Riggit)   ملائيشيا جي سِڪي جو نالو آهي، جيڪو ملائيشن ڊالر به سڏجي ٿو. اڄ ڪلهه هن رنگٽ ۾ اسان جا 30 کن رپيا آهن. اسي واري ڏهي ۾ جڏهن اسان ملائيشيا ۾ هوندا هئاسين ته ملائيشيا توڙي سنگاپور جو هڪ رنگٽ پاڪستان جي چئن رپين برابر هو. هڪ آمريڪن ڊالر ملائيشيا جي چئن رنگٽن برابر هو. اڄ اسان جي رپئي جو قدر ڪرڻ ڪري آمريڪي ڊالر، پائونڊ يا يورو وغيره اسان لاءِ مهانگو ٿي پيو آهي، پر هيڏانهن ملائيشيا ڏي هنن جو سڪو مضبوط ٿيڻ ڪري هنن لاءِ آمريڪن ڊالر ماڳهين سستو ٿي پيو آهي ۽ اڄڪلهه ٽن ملئي رنگٽن ۾ هڪ آمريڪن ڊالر ملي ٿو!.

منور کي چيم ته گذريل سال جڏهن تو ملائيشيا ۾ اهو ڌنڌو ڪيو پئي ته پوءِ ڇو ڇڏي هليو وئين؟ يعني چئن پنجن مهينن ۾ جيڪي ڪمائي اهو ته تنهنجي اوٽ موٽ جي ٽڪيٽ تي ئي خرچ ٿي ويو.

”بس سر! ان ئي ڳالهه جو ته روئڻ آهي،“ منور چيو ”منهنجي زال باهه ٻاري ڏني ته ڳوٺ موٽي اچ. اسان کي اهڙو پئسو نه کپي، جنهن ۾ آئون اڪيلي ڳوٺ جي زالن جا مهڻا ۽ ٽوڪون طعنا سَهان ۽ تون پرديس ۾ پورهيو ڪندو رهين. تون موٽي اچ. اَڀري سَڀري ڪمائي به اسان کي منظور آهي. آئون مانيءَ سان چٽڻي کائي به گذارو ڪري وينديس.“

منور ٻڌايو ته سندس زال کي سندس مائٽن ۽ پاڙي جي عورتن ڀڙڪايو ته تنهنجو مڙس ٻاهر وڃي شادي ڪندو يا شادي ڪري ان جوءِ وٽ سکيو ويٺو آهي.  ”ان ڳالهه تان هن جي ماءُ پيءُ جا منهنجي ماءُ پيءُ سان سخت جهيڙا ٿيا ۽ ڪم طلاق تي اچي پهتو. نتيجي ۾ مون کي وطن موٽڻو پيو.“

”پوءِ هاڻ وري ڪيئن وڃي رهيو آهين؟“ مون پڇيومانس.

”پوءِ ڇا ٿيو جوٻه ٽي مهينا ته جيڪو پاڇي ٿيل پئسو هو، اهو کائيندا رهياسين، پوءِ واقعي ڪم روٽي چٽڻي تي اچي پهتو. هڪ ٻار به ٻه سال کن اڳ ٿي چڪو هو، اهو به جيئن جيئن وڏو ٿيڻ لڳو ته خرچ وڌڻ لڳو. آخر زال کي سمجهايم ته هاڻ آخري فيصلو ڪر. اڃا مون ۾ همت آهي. پرديس ۾ وڃي پورهيو ڪري سگهان ٿو  ۽ هن ملڪ جي طريقيڪار کان به واقف آهيان، پر جي ٻه ٽي سال گذريا ته پوءِ شايد پرديس وڃي نه سگهان. منهنجي زال به هاڻ اهوئي ٿي چاهيو. سو هِتان هُتان قرض کڻي ٽڪيٽ وٺي وڃان ته  پيو، پر ڊپ اٿم ته پرپٺ وري نه کيس ڪو برغلائي ۽ مون کي موٽڻو پوي.“

”الله چڱي ڪندو،“ مون چيومانس، ”آئون به ان لاءِ دعا ڪندس ۽ تون به الله تي رکي سڪون سان هلي ڪم کي لڳ. ڇو جو پرديس ۽ اڪيلائيءَ ۾ ننڍا مسئلا به وڏا لڳن ٿا ۽ دل کي جهوري رکن ٿا. سو تون پنهنجي صحت جو خيال رک ۽ حلال جي روزيءَ لاءِ جدوجهد ڪر.“

باب يارهون

ايئر ايشيا- سستي ٽڪيٽ واري هوائي ڪمپني

ملائيشيا جي هوائي ڪمپني MAS جو هوائي جهاز جنهن ۾ چڙهي اسان کي ڪئالالمپور وڃڻو هو سو چئن ڪلاڪن جي دير بعد ابو ڌابي کان ڪراچي پهتو ۽ اسان مسافر هڪ هڪ ٿي منجهس چڙهياسين. هٿن ۾ جهليل سامان کي سيٽن مٿان ٺهيل خانن ۾ هٿيڪو ڪري رکيوسين. جهاز هلڻ لاءِ سڀني کي ڪمربند ٻڌڻ لاءِ چيو ويو. سگريٽ نه ڇڪڻ جو چتاءُ ته چڙهڻ وقت کان ئي چمڪي رهيو هو ۽  K.L  ايئرپورٽ تائين ائين ئي رهيو جو هيءَ اڏام Non Smoking  هئي يعني سڄي واٽ (سفر جا ڇهه ئي ڪلاڪ) بنا سگريٽ ڇڪڻ جي ويهڻو هو. ڪجهه سال اڳ هر ملڪ پهرين پنهنجين ڊوميسٽڪ (اندروني) اڏامن ۾ سموڪنگ بند ڪرائي ۽ هاڻ آهستي آهستي بين الاقوامي اڏامن ۾ به بند ڪئي وئي آهي. بلڪه دنيا جي مڙني سڌريل ملڪن ۾ بسن، ريل گاڏين ۽ سرڪاري آفيسن ۾ به سگريٽ نوشي ڏوهه قرار ڏني وئي آهي، جنهن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ وارو سزاياب ٿئي ٿو. سگريٽ ڇڪڻ جا نوان شوقين اها ڳالهه ضرور ڌيان ۾ رکن. بهرحال هتي هاڻ اسان پرسڪون ٿي ويٺاسين ته جهاز جي ڪئپٽن (پائليٽ) مسافرن کان معافي ورتي ته سندن اڏام کي ڪن فني خرابين ڪري دير ٿي ۽ اسان کي ان جي ڪري انتظار ڪرڻو پيو. اهو چئي بس ڪيائين ته مون سمجهيو ته هاڻ هو هلڻ لاءِ ٻڌائيندو ته.... اسان جو جهاز هيترن ميٽرن جي بلندي تي هيتري رفتار سان پرواز ڪندو، هيتري وقت تي ڪئالالمپور پهچندو، جتي جي موسم ۽ ٽيمپريچر هي هي هوندو.... وغيره. پر هن اهو چئي اسان سڀني کي پريشان ڪري ڇڏيو ته.... ”جهاز تي هڪ مشڪوڪ بئگ چڙهي وئي آهي ان جي Status جي جيسين خبر پوي تيسين توهان کي ڪجهه گهڙيون انتظار ڪرڻو  پوندو...“  اهڙن موقعن تي اهي گهڙيون چند هجڻ بدران اِنگهي به پونديون آهن ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته سڀني مسافرن جو سامان لهرائي، سامان جي سڃاڻپ ڪرائي ويندي آهي، جنهن ۾ اڪثر وڏو وقت لڳيو وڃي. جهاز تي ڪجهه دير ايئرپورٽ طرفان واسطيدار اٿارٽي جا آفيسر ايندا ويندا رهيا پر پوءِ جلدئي خير ٿي ويو  ۽ الجهيل معاملو سلجهي ويو. جهاز جو دروازو بند ٿيو ۽ پائلٽ هلڻ جو اعلان ڪيو.

جهاز تي ماني  Serve  ٿيڻ بعد اسان ڌارين ملڪن جي ماڻهن کي ملائيشيا ۾ داخل ٿيڻ جا اميگريشن فارم ڏنا ويا. اهي هر ملڪ جا فارم اڪثر هٿ جيڏا يعني پاسپورٽ جي سائيز جا ٿين ٿا. انهن جو مٿيون اڌ ملڪ ۾ داخل ٿيڻ (Arrival/ Entry)  جو ٿئي ٿو. ان تي پنهنجو نالو، پاسپورٽ نمبر، اڏام جو نمبر ۽ ان ملڪ ۾  رهائش جي ائڊريس ۽ فون نمبر به لکائيندا آهن. بهرحال هن فارم کي آرام سان پنهنجي نالي جي صحيح اسپيلنگ سان (جيڪا پاسپورٽ ۾ لکيل آهي) پُر ڪجي. ايئرپورٽ تي پهچڻ وقت اميگريشن آفيسر توهان کان اهو فارم ۽ پاسپورٽ گهرندو ۽ هو ضروري چڪاس بعد پاسپورٽ ۽ ان فارم تي ٺپا هڻي، ان فارم جو مٿيون اڌ پاڻ وٽ رکندو يعني هن معلومات وارو ماڻهو سندس ملڪ ۾ داخل ٿيو ۽ فارم جو باقي اڌ توهان کي پاسپورٽ سان گڏ واپس ڪندو. آمريڪا ۽ يورپ جي ته ڪيترن ملڪن ۾ فارم جو اهو باقي اڌ، توهانجي پاسپورٽ جي ڪنهن صفحي سان Staple  ڪري واپس ڪن ٿا ۽ مسافر کي ٻڌائين به ٿا ته اهو باقي فارم قابو رکجو ۽ سندن ملڪ ڇڏڻ وقت کين واپس ڪجو. پر ملائيشيا جهڙن ملڪن ۾ اهو سوچي ته هر هڪ کي ان جي اهميت جي خبر هوندي نه Staple ڪن ۽ نه ٻڌائين. نتيجي ۾ ڪيترا نوان ماڻهو جيڪي پهريون دفعو سفر ۾ نڪرن ٿا، انهن کان اهو ڪارڊ (فارم) جو اڌ حصو هيٺ مٿي ٿيو وڃي ۽ پوءِ اهو ملڪ ڇڏڻ وقت، ايئرپورٽ تي اميگريشن آفيسر جي گهُر تي ڪارڊ جي غير موجودگي،  عجيب مونجهارو پيدا ڪري ٿي.

دنيا جي هر ايئرپورٽ تي لهي پوءِ ماڻهو اميگريشن ڪائونٽر ڏي روانو ٿئي ٿو، جتان پاسپورٽ تي ان ملڪ جي دخول (Entry) جو ٺپو هڻائي پوءِ چرندڙ بيلٽ تان پنهنجو سامان کڻي اڳيان بيٺل ڪسٽم آفيسرن وٽان لنگهي ٻاهر نڪرڻ بعد هو بس يا ٽئڪسي ۾ چڙهي ٿو. پر ڪئالالمپور جي هوائي اڏي تي جهاز مان لهڻ بعد ڪٿي به اميگريشن جا ڪائونٽر يا ڪسٽم آفيسر نظر نٿا اچن. ايئرپورٽ کان واقف مسافر اڳيان بيٺل ٽرين ۾ وڃيو سوار ٿين ۽ هڪ نئون ۽ ايئرپورٽ کان اڻ واقف مسافر، منجهيو پوي ته هي ڇا آهي. ٽرين شايد شهر ڏي پئي وڃي ان ۾ ڪيئن چڙهان جڏهن ته مونکي اڃان منهنجي بئگ به نه ملي آهي.

دراصل ڪئالالمپور هوائي اڏي جي اها جاءِ جتي هوائي جهاز مان لهجي ٿو اها هڪ ننڍڙي ٻيٽ مثل آهي، جنهن تي ايئرپورٽ جي اندروني عمارت هڪ واڌو (Plus) جي نشاني وانگر آهي. هن واڌو نشاني جي چوڌاري مختلف ملڪن جا جهاز اچيو لڳن ٿا جن مان مسافر لهي اندر بلڊنگ ۾ داخل ٿين ٿا. هن واڌو شڪل واري عمارت ۾ فقط ڊيوٽي فري دڪان ۽ ريسٽورنٽون آهن. ڪئالالمپور ايئرپورٽ جي هيءَ عمارت ”سيٽلائيٽ بلڊنگ“ سڏجي ٿي. اميگريشن جي قطارن يا سامان (بئگيج) جي ملڻ لاءِ هتي نه جاءِ آهي ۽ نه ڪو بندوبست ممڪن آهي. مسافر جهاز مان لهي هن بلڊنگ ۾ بيٺل اليڪٽرڪ ٽرام ۾ چڙهن ٿا جيڪا ”ايئرو ٽرين“ سڏجي ٿي. اها ٽرين ٽن ٽن منٽن جي وقفي تي ڇٽي ٿي ۽ مسافرن کي ٽن منٽن جي سفر بعد 3 ڪلوميٽر کن پري هڪ ٻي عمارت ۾ اچيو پهچائي جيڪا ’مين ٽرمينل بلڊنگ‘ سڏجي ٿي. اتي پهچي، ٽرام مان لهڻ بعد اميگريشن آفيسرن جا ڪائونٽر نظر اچن ٿا جتي آيل مسافرن جا پاسپورٽ وغيره چيڪ ٿين ٿا. ايتري ۾ جهاز تان مسافرن جو سامان به اتي پهچيو وڃي.

پاسپورٽ تي ٺپو هڻائي پوءِ پنهنجو سامان ڳولي اڳيان ڪسٽم آفيسر کي ڏيکارڻ بعد مسافر آجو آهي ۽ مين گيٽ مان نڪري ٽئڪسي، بس يا آيل ميزبان جي ڪار ۾ روانو ٿي سگهي ٿو. ايئرپورٽ کان ڪئالالمپور جو شهر 50 کن ڪلوميٽر پري آهي. بس ۾ وڏي بئگ سان سفر ڪرڻ ڏکيو آهي. ٽئڪسي 150 کان 200 رنگٽ وٺي ٿي جيڪي پنهنجا ٽي چار هزار رپيا ٿيو وڃن. ان ڪري مسافرن جي آسان ۽ سستي سفر لاءِ هتان (جتي توهان پنهنجي سامان جي ڪسٽمس چيڪ ڪرايو ٿا)  KLIA Express  نالي ٽرين هلي ٿي، جنهن جي 35 رنگٽ ٽڪيٽ آهي ۽ پورن 28 منٽن اندر وچ شهر ۾ اچيو ڇڏي. اها تيز رفتار ۽ وڌيڪ  Safe  پڻ آهي ۽ توهان وٽ ڪيترو به سامان هجي هن ۾ رکي سگهو ٿا. ٽئڪسي ۾ گهڻو ڪري اهي چڙهن ٿا جن کي ڪئالالمپور شهر وڃڻ بدران ان کان پهرين، ايئرپورٽ جي آس پاس وارن شهرن جهڙوڪ شاهه عالم، پُتراجايا، سائبر جايا يا سَريمبان وڃڻو هجي. ڇو ته سيپانگ علائقو جنهن ۾ ملائيشيا جو هي ڪولالمپور وارو بين الاقوامي ايئرپورٽ KLIA آهي، اهو ڪئالالمپور شهر جي بلڪل ڏکڻ ۾ ”نينگري سيمبيلان“ رياست جي بارڊر تي آهي. هي علائقو سيچانگ (Cyber Jaya) کان مشهور آهي. سائبرجايا سمجهو ته ملائيشيا جي ”سليڪن وئلي“ آهي. هي شهر 1997ع ۾ ٺهيو. منجهس 250 انٽرنيشنل ڪمپنيون آهن.

ڪئالالمپور جو هي ايئرپورٽ 1998ع ۾ کليو. هن کان اڳ سبانگ وارو ايئرپورٽ هوندو هو جيڪو هاڻ ”سلطان عبدالعزيز شاهه ايئرپورٽ“ سڏجي ٿو. اسان جي ڏينهن ۾، يعني 1991ع تائين به سبانگ وارو ايئرپورٽ جيڪو ڪراچي جي اڳوڻي ايئرپورٽ جيڏو مس هو، هتي لاءِ ڪافي هو. پر پوءِ ڏسندي ئي ڏسندي ملائيشيا ۾ ايندڙ ٽوئرسٽن جي ايڏي ته ڌم وڌي وئي جو هنن کي يڪدم نئين هنڌ تي نئون ايئرپورٽ ٺاهڻو پيو، جنهن جو 1993ع ڌاري فيصلو ٿيو ۽ پورن ساڍن چئن سالن اندر هي ايئرپورٽ 1998ع وارين اقوام متحده (ڪامن ويلٿ) جي راندين تي مڪمل ڪيو ويو. چيو وڃي ٿو روزانو 25000 مستري ۽ مزدور ڏينهن رات هن ايئرپورٽ تي ڪم ڪندا هئا.

ملائيشيا پهريون ايشيائي ملڪ آهي جنهن ڪامن ويلٿ راندين جي ميزباني جهلي. ڪامن ويلٿ ملڪن جي راندين جو هي سورهون مقابلو 11 سيپٽمبر 1998ع کان 21 سيپٽمبر 1998ع تائين هليو جنهن ۾ 70 ملڪن جي 3638 رانديگرن حصو ورتو. انهن مان 34 ملڪن کي ميڊل مليا. پاڪستان جي ڀاڳ ۾ فقط هڪ چانديءَ جو ميڊل آيو جيڪو لائيٽ ويٽ باڪسنگ جي مقابلي ۾ علي اصغر کٽيو. هي اسٽئديم جنهن ۾ رانديون ٿيون، نئشنل اسٽئديم نالي بڪت جليل ۾ آهي ۽ ملائيشيا جو وڏي ۾ وڏو اسٽئديم آهي جنهن ۾ وهڻ لاءِ 87400 سيٽون آهن پر هڪ لک کن ماڻهو اچيو وڃن. هي اسٽئڊيم دنيا ۾ 25 نمبر وڏو اسٽئڊيم آهي ۽ فٽ بال جي اسٽئديم ۾ ڏهون نمبر وڏو آهي. هن اسٽئديم ۾ 2001 ۾ سائوٿ ايسٽ ايشين گيمز به ٿي چڪيون آهن.

هونءَ ڏٺو وڃي ته ملائيشيا اڳوڻي وزيراعظم مهاتر محمد جي ڏينهن ۾ دنيا ۾ مشهور ۽ ظاهر ٿيو. دنيا جي ڊگهي عمارت، پينانگ ٻيٽ کي ملائيشيا جي سرزمين سان ڳنڍيندڙ ڊگهي پل، سائبر جايا ۽ پتراجايا جهڙا ماڊرن شهر،  بحري جهازن ۽ هوائي جهازن جي ڪمپنين کي وڌائڻ ۽ دنيا ۾ نالو پيدا ڪرڻ، خوبصورت هوائي اڏو ۽ ان تان مسافرن کي شهر تائين آڻڻ جو بندوبست، مختلف يونيورسٽين جو ٺهڻ ۽ انهن ۾ تعليم جي معيار کي ايڏو بلند رکڻ، جو دنيا جي مختلف ملڪن جا شاگرد انهن ۾ اعلى تعليم لاءِ اچن ٿا، جهنگل ۽ جبلن واري ملڪ ۾ رستن جو ڄار وڇائي ڇڏڻ، ڪئالالمپور جهڙي ڳتيل شهر ۾ اليڪٽرڪ ۽ مونو ريل گاڏيون هلائڻ، عوام لاءِ روزگار مهيا ڪرڻ ۽ سندن صحت جو اونو رکڻ ۽ ٻين به ڪيترين ڳالهين ڪري مهاتير  هِن ملڪ ۽ انهن جي ماڻهن جي قسمت بدلائي ڇڏي.

اسان جو پاڪستاني دوست انجنيئر يوسف شاهه جيڪو گذريل 25 سالن کان ملائيشيا جي قومي هوائي ڪمپني MAS ۾ ڪم ڪري رهيو آهي تنهن ٻڌايو ته دنيا ۾ فقط ڇهه اعلى درجي جون هوائي ڪمپنيون آهن جن کي Skytrax طرفان فائيو اسٽار اسٽئٽس مليل آهي، انهن ۾ MAS هڪ آهي. (ٻيون پنج هوائي ڪمپنيون هن ريت آهن: ڏکڻ ڪوريا جي ASIANA، هانگ ڪانگ جي ڪئٿي پئسفڪ، عرب امارات جي ’قطر ايئرويز‘، سنگاپور جي SIA ۽ انڊيا جي ’ڪنگ فشر‘.)

ملائيشيا جي قومي هوائي ڪمپني MAS جو سڄو نالو ”ملائيشين ايئر لائين سسٽم برحد“ آهي. ملائيشيا جي ڪيترين ڪمپنين جي نالي جي آخر ۾ ”برحد“ يا ”سِنديرين برحد“ اچي ٿو. ملاڪا ۾ رهندڙ ميرپورخاص جي ڊاڪٽر مير عطا محمد ٽالپر جي هتي ملائيشيا ۾ ديسي جڙين ٻوٽين ۽ دوائن جي ڪمپنيءَ جو نالو به ”سنڌ هيلٿ ڪيئر سنديرين برحد“ آهي. اهڙي طرح روهڙي جي غلام علي سولنگي جي ڪئالالمپور ۾ جيڪا سرجيڪل اوزارن جي ڪمپني آهي ان جو نالو ”فرئگو امپيڪس سنديرين برحد“ آهي. سنديرين برحد لفظن جو شارٽ فارم “Sdn- Bhd” لکيو وڃي ٿو. برحد جي معنى لميٽيڊ آهي. ملئي لفظ ”برحد“ بنيادي لفظ  (root word) ”حد“  مان نڪتل آهي جيڪو لفظ اسان جي سنڌي، اردو، عربي وارو ساڳيو آهي يعني Limit. ان  حد لفظ مان ملئي جا ٻيا لفظ ”سرحد“ (بائونڊري)، برحد (لميٽيڊ) وغيره جڙيا آهن، سينديري (Sendiri) دِري لفظ مان آهي معنى اڪيلو، پاڻمرادو. ان مان ٺهيو آهي سنديرين معنى پنهنجو پاڻ يعني  ”پرائيويٽ“.

ملائيشيا جي هيءَ قومي هوائي ڪمپني) 1947( MAS ع ۾ ”ملاين ايئرويز“ جي نالي سان شروع ٿي. ملائيشيا کي انگريزن طرفان خودمختياري ملڻ بعد هن ڪمپني جو نالو ”ايئرويز ملائيشيا“ رکيو ويو ۽ پوءِ سنگاپور وارن سان گڏجي هن ڪمپني جو نالو ”ملائيشيا سنگاپور ايئرويز“ رکيو ويو. ان بعد 1987ع ڌاري هن ڪمپني جو هاڻوڪو نالو MAS رکيو ويو. اسان واري جهاز جي هڪ جهوني فلائيٽ انجنيئر ٻڌايو ته MAS ڪمپني کي اڄڪلهه 82 مسافر هوائي جهاز ۽ 5 ڪارگو کڻندڙ هوائي جهاز آهن.

ملائيشيا جي هن سرڪاري هوائي ڪمپني MAS کان علاوه ملائيشيا کي ٻيون به ننڍي پئماني جون هوائي ڪمپنيون آهن جيئن ته ايئر ايشيا، برجايا ايئر، فائر فلاءِ، سلور فلاءِ ايئر لائين، ماس ونگس وغيره. سستين ٽڪيٽن ڪري ايئر ايشيا هن پاسي جي تمام گهڻي پاپولر هوائي ڪمپني آهي جيڪا ملڪ اندر ۽ ولايت جي ڪيترن ئي هوائي اڏن تي وڃي ٿي. ملائيشيا ۾ رهندڙ اسان جي پاڪستانين کي اهائي شڪايت آهي ته جيڪر هن هوائي ڪمپني ايئر ايشيا جا هوائي جهاز پاڪستان ۾ به وڃن ته هنن جي ڀاڙي ۾ وڏي بچت ٿي وڃي.

  Air Asia ڪمپني 1996ع کان هلي رهي آهي ۽ کيس هن وقت 96 مسافر جهاز آهن جن ۾ انڊونيشيا ۽ ٿائلينڊ جا جهاز به شامل آهن. هن ڪمپني جي جهازن جي ٽڪيٽ سستي آهي پر هڪ دفعو خريد ڪرڻ بعد واپس نٿي ٿي سگهي ۽ مسافر کان اڏام ڇٽڻ (مِس ٿيڻ) تي پئسا موٽي نٿا ملن. هن اڏام جي جهازن ۾ ماني ٽڪي يا چانهه شربت پئسن تي ملي سگهي ٿي جيئن ڪنهن هوٽل ۾ وڃي کائجي. هنن جهازن ۾ شراب ۽ سوئر به  Serve  نٿو ٿئي.

باب ٻارهون

اسان جي  ملڪ  جو  بيروزگار  ڇا  ڪري؟

گذريل دفعي آئون ڪئالالمپور جي هن نئين هوائي اڏي تي پهريون دفعو آيو هوس ته هوائي جهاز ۾ منهنجي ڀرسان ڪجهه ڪراچي جا مسافر ويٺل هئا، جيڪي ڪنهن ٽريول ايجنسي جي معرفت پنجن ڏينهن لاءِ ملائيشيا گهمڻ لاءِ هليا هئا. ڪئالالمپور ايئرپورٽ تي لهڻ وقت  هنن سان ڳالهين ڳالهين ۾  K.L   (ڪئالالمپور) ايئرپورٽ جي مين گيٽ کان اچي ٻاهر نڪتس. ايئر پورٽ جي ٻاهران هنن ۽ ڪجهه ٻين ملڪن کان آيل ٽوئرسٽن لاءِ مِني بسون بيٺل هيون، جن ۾ هو چڙهي پنهنجين هوٽلن ڏي ڪئالالمپور شهر ڏي روانا ٿي ويا. ڪن مسافرن کي ڪئالالمپور شهر ڏي وڃڻ بدران اتان سڌو پينانگ يا ملاڪا وڃڻو هو، سو اهي پنهنجين ٽوئرسٽ ڪمپنين طرفان آيل بسن ۾ اوڏانهن روانا ٿي ويا ۽ مون کي شهر وڃڻ لاءِ ٽئڪسي ڪرڻي پئي. مون کي ان وقت به حيرت ٿي ته اسان جي اڏام توڙي ان وقت آيل ٻين ملڪن جي اڏامن مان هيترا سارا مسافر جيڪي لٿا سي ويا ڪيڏانهن؟ سامهون هڪ ٻه پبلڪ بسون ضرور بيٺيون هيون، پر ان ۾ ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ مڪاني ماڻهو، جن کي وڏي بئگ بدران مختصر سامان هو، اهي چڙهي روانا ٿي ويا. مون کي ڏينهن ٻن کانپوءِ خبر پيئي ته مسافرن لاءِ    KLIA  (ڪئالالمپور ايئرپورٽ) کان ڪئالالمپور شهر جي مرڪز ۾ پهچڻ لاءِ سڀ ۾ سستي ۽ تيز رفتار سواري ايئرپورٽ جي اندران ئي هلندڙ اليڪٽرڪ ٽرين آهي، جيڪا KILA- Express  سڏجي ٿي ۽ شهر جي وچ واري ۽ وڏي ۾ وڏي ريلوي اسٽيشن Sentral   تي اچيو ڇڏي. سو هن ڀيري تڪڙ ڪري ايئرپورٽ کان ٻاهر نڪرڻ بدران ”ڪُليا ايڪپريس“ جي  پڇا ڪرايم. هڪ آسٽريليا کان آيل پيرسن جوڙو به ان ڏي وڃي رهيو هو، سو انهن سان گڏوگڏ لفٽ ۾ چڙهي ٻه فلور هيٺ بيسمينٽ ۾ آياسين. ايئر پورٽ جي ڀتين ۽ لفٽن تي به  KLIA Express   جا تير لڳل هئا، جن کي فالو ڪري سگهجي ٿو. مون وانگر ٻين به ڪيترن مسافرن کي اها خبر نه هئي ته ٽڪيٽ ڪٿان وٺجي. اسان سمجهيو گاڏيءَ اندر ملندي پر پوءِ لهڻ وقت اتان وٺي گيٽ مان نڪتاسين.

هن ٽرين ۾ منهنجي هڪ پاسي کان هي آسٽريليا جا پيرسن هئا، ٻئي پاسي کان هڪ ويهه پنجويهه سالن جو پاڪستاني نوجوان اچي ويٺو. پاڻ سان آندل وڏي بئگ، سامهون سامان رکڻ واري  رئڪ ۾ هٿيڪي ڪرڻ بدران هو پنهنجي اڳيان جهلي بيٺو. هن ٻڌايو ته هو  لاهور کان PIA   ذريعي مهيني جي ٽوئرسٽ ويزا تي هتي آيو آهي. هو بئگ جي ٽٽڻ ڪري سخت پريشان هو، جنهن ۾ هن هٿ جي اڻيل غاليچن جا سئمپل، هتي وڪڻڻ لاءِ آندا هئا. مون پنهنجي بئگ جي چوڌاري ٻڌل رسو کولي کيس ڏنو.

”پوءِ ڀلا توهان جي بئگ جو ڇا ٿيندو؟“ هن پڇيو.

”منهنجي بئگ ته في الحال صحيح آهي،“ مون ٻڌايومانس، ”پر پنهنجي تجربي موجب آئون بئگ کي رسين سان به ٻڌي نڪرندو آهيان ۽ ان کان علاوه هڪ يا ٻه وڏا شاپر به بئگ ۾ وجهي ڇڏيندو آهيان، جيئن رستي تي جي بئگ کلي پوي ته ساڳيو سامان ان ۾ واپس سموئي نٿو سگهجي.“

هو ملائيشيا پهريون دفعو آيو هو ۽ بيحد هيسيل هيسيل لڳي رهيو هو. ڪافي ميل پوک مان گذرڻ بعد ڪجهه عمارتون نظر آيون ٿي ته هن هر دفعي پڇيو ٿي ته ڇا ڪئالالمپور اچي ويو. چوڌاري پام آئل جي وڻن جي پوک کي ڏسي هن سمجهيو ته اهي ناريلن جا وڻ آهن. پام آئل جو وڻ ناريل سان ڪافي ملي ٿو. منهنجي پڇڻ تي ته هو ڪيڏانهن وڃڻو آهي ته هن ٻڌايو ته ڪنهن پاڪستاني واقفڪار جي ٻڌائڻ مطابق هو پاڪستان مسجد وٽ رهائش لاءِ ڪنهن سستي مسافرخاني ۾ رهي شهر ۾ مختلف دڪانن تي وڃي هي مال کپائيندو. اهو ٻڌي مون کي افسوس ٿيو ته اسان جي ملڪ جا ڪيترائي وسوڙيل ماڻهو اهو سمجهن ٿا ته ٻاهر وڃي مختلف شيون وڪڻڻ آسان ڪم آهي، پر پوءِ پرديس ۾ اچي دربدر ٿين ٿا. ڇو جو جيڪي غاليچن، ڀرت ۽ پاڪستاني يا انڊين ڊريسن جا هتي رهندڙ بزنيس مين آهن، انهن جو ئي وڪرو نٿو ٿئي ته اتي ائين هڪ اوپرو ماڻهو ڇا وڪرو ڪري سگهندو! پر ان ۾ هتي رهندڙ پاڪستاني ماڻهن جو به ڏوهه آهي، جيڪي پنهنجي وطن جي غريب ۽ بيروزگار نوجوانن کي ان قسم جون غلط صلاحون ڏين ٿا ۽ پوءِ اسانجا غريب بيروزگار قرض کڻي، ٽڪيٽون وٺن ٿا ۽ سامان کڻي هتي رلندا رهن ٿا. ڪجهه نه کپڻ تي اهي صلاحون ڏيندڙ کانئن سندن مال اوڻي پوڻي ۾ وٺي کين ڀڄايو ڪڍن. هونءَ به هڪ گهمڻ جي ويزا تي آيل ٽوئرسٽ قانوني طرح ڪنهن به ملڪ ۾ نوڪري يا بزنيس نٿو ڪري سگهي. هو هميشه خوف ۽ خطري جي زندگي گذاري ٿو. پنهنجي وطن ۾ ماڻهو فقط انهن کي ڏسن ٿا، جيڪي بچيو وڃن ۽ چار پئسا ڪمايو اچن. انهن کي نٿا ڏسن جيڪي هتي ملائيشيا يا عرب ملڪ جي جيلن ۾ سزا جي زندگي پيا گذارين.

”ڀلا هتي جي ڪسٽمس نه پڇيو ته هيڏي وڏي بئگ فقط غاليچن سان ڇو ڀري آيو آهين؟“ مون پڇيومانس. ”نه- الله جا شڪر آهن، بچاءُ ٿي ويو،“ هن ٻڌايو، ”هنن کولي به نه ڏٺي ۽ اهو به چڱو جو هيءَ بئگ ان بعد لفٽ مان نڪرندي ٽٽي پئي. پر....“

هو  اهو چئي ماٺ ٿي ويو.

”پر ڇا؟“ مون پڇيو.

”مون کي پنهنجن پاڪستاني ڪسٽمس وارن لاهور ايئرپورٽ تي ڏاڍو ڦريو. چون ته تون وڃي نٿو سگهين. مون چيو مانِ ڇو نه؟ مون کي ويزا آهي، رٽرن ٽڪيٽ آهي، پاسپورٽ صحيح اٿم.... هنن کي منهنجا غاليچا اک ۾ هئا سو مون کي مجبورن کين رشوت ڏيڻي پئي نه ته اجايو خواري ٿئي ها.“

هن کي جڏهن خبر پيئي ته منهنجو ملائيشيا سان ڪافي واسطو رهيو آهي ته هن مون کان پڇيو ته هن کي هتي ڪا نوڪري يا پورهيو ملي سگهندو يا نه؟

”هنن وٽ سندن ماڻهو گهٽ آهن، پئسو ۽ پراجيڪٽ گهڻا اٿن، جن لاءِ هنن کي هنرمند ڪاريگرن کان مزور، نوڪرن ۽ ڪلارڪ ڪڙن جي بلڪل ضرورت آهي، جيڪي هو گهڻي ڀاڱي ڀرواري ملڪ انڊونيشيا مان گهرائين ٿا، جيڪي ورڪ پرمٽ تي ملائيشيا ۾ اچي نوڪري ڪن ٿا.“ مون هن کي ٻڌايو.

”پر اسان جي ملڪ جا به ڪيترائي ماڻهو ٽوئرسٽ ويزا تي اچي نوڪري  ۽  بزنيس ڪن ٿا.“ هن ٻڌايو.

”اها مون کي خبر ناهي ته اهي ان قسم جو غير قانوني ڪم ڪيئن ڪن ٿا ۽ نه ڪنهن کي ان جي صلاح ڏيندس. هونءَ هتي جي اخبارن ۾ اڪثر ايندو رهي ٿو ته فلاڻي يا فلاڻي فئڪٽري يا ڪنسٽرڪشن جي ڪم تي ڇاپو لڳو ۽ هيترا غير قانوني طرح ڪم ڪندڙ ڌارين کي پنهنجي ملڪ ڊيپورٽ ڪيو ويو يا جيل ۾ وڌو ويو. ان مان ظاهر آهي ته هتي غير قانوني طرح ڌارين ملڪن جا ماڻهو  ”jobs“ لاءِ ايندا رهن ٿا.“ مون ٻڌايومانس.

دراصل سالن کان ملائيشيا حڪومت جي اها پاليسي ڏسندو اچان ته هو پاڻ ئي ڍر ڏين ٿا، جيئن ڌارين ملڪن جا ماڻهو هنن وٽ غير قانوني طرح اچن جو اهڙي ريت هنن کي پنهنجن ڪارخانن، ٻنين ٻارن (پام آئل ۽ رٻڙ جي پوک) وغيره لاءِ سستو لئبر ملي پوي ۽ پوءِ وري رکي رکي اعلان ڪندا ته غير قانوني ڌارين کي چتاءُ ٿو ڏجي ته هو فلاڻي تاريخ اندر پنهنجي پنهنجي ملڪ موٽي وڃن جو ان بعد اسان سختيءَ سان وٺ پڪڙ ڪنداسين ۽ ڏوهارين کي سخت سزا ڏينداسين. پوءِ رکي رکي ڇاپا هڻي ڪافي غير قانوني ڌارين کي پڪڙين به ٿا ۽ هنن کي جيل جي سزا کان علاوه گذريل دفعي ته ڦٽڪا به هنيائون (Caning  به ڪيائون) جنهن تي دنيا جي هيومن رائيٽس ايجنسين گوڙ به ڪيو.

ڳالهه اها آهي ته ملائيشيا جي گرم ۽ مينهوڳي واري موسم ۾ پام آئل ۽ رٻڙ جي پوکن ۾ ڪم ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. اڳ ۾ سالن تائين هن ملڪ ۾ رهندڙ ڏکڻ هندستاني (تامل) اهو ڪم ڪندا هئا. هاڻ انهن جون نوجوان ٽهيون لکي پڙهي آفيسر ٿي ويون آهن يا پئسو اچڻ ڪري هو آرام وارا ڌنڌا ڪري رهيا آهن. سو ظاهر آهي، انهن پوکن ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ کين ڀرواري ملڪ انڊونيشيا جي غريب ماڻهن جي ئي ضرورت آهي. انهن پوکن  ( Plantations   جاگيرن) جا امير مالڪ انڊونيشيا يا ڏکڻ هندستان پاسي کان قانوني طرح مزور گهرائڻ بدران حڪومت کي اک ٻوٽ ڪرڻ لاءِ مجبور ڪن ٿا ته اها ملائيشيا ۾ غير قانوني طرح ايندڙ مزورن تي سختي نه ڪري. ڇو جو غير قانوني آيل مزور نه ميڊيڪل گهرندو ۽ نه پگهار ۾ واڌارو وٺندو ۽ نه وري ڪا هڙتال ڪندو. هو هر وقت ڊپ ۾ رهي پورهيو ڪندو. اهو حال شهرن ۾ ڪنسٽرڪشن ورڪ تي به آهي. سڄي ملائيشيا ۾ روڊن رستن کان وٺي گهر، عمارتون، ڪاليج، اسپتالون، پليون، پيٽرول پمپ وغيره ٺهندا رهن ٿا، جنهن لاءِ هنن کي ٽيڪنيڪل کان وٺي نان ٽيڪنيڪل ماڻهن جي ضرورت پوي ٿي. ان ڪم لاءِ ڪجهه ڪمپنيون قانوني طرح فلپين، بنگلاديش، پاڪستان، انڊيا ۽ سريلنڪا مان ورڪ ويزا تي ماڻهو گهرائين ٿيون. ان سان گڏ ڪجهه ڪمپنيون غير قانوني آيل ماڻهن کي گهٽ پگهار يا گهٽ سهولتن سان پورهئي ۾ لڳايو ڇڏين. پوءِ اهڙن ماڻهن بابت سندن هم وطن خبرچار لهيو، هو به نوڪري جي ڳولا ۾ ٽوئرسٽ ويزا تي هليا اچن ٿا. پوءِ ڪن کي نوڪري مليو به وڃي ٿي، ته ڪي جهلجيو پون. پر جن کي نوڪري ملي ٿي اهي به هر وقت خوف جي زندگي گذارين ٿا. هر وقت پوليس کان لڪندا وتن ۽ هيڏانهن هوڏانهن آزاد انسان وانگر گهمڻ ڦرڻ کان لنوائين ٿا. بيمار ٿيڻ تي اسپتال ۾ وڃڻ کان به لهرائين ٿا جو هنن کان پاسپورٽ جي گهُر ٿيندي ۽ ختم ٿيل ويزا تي هو جهلجي سگهن ٿا.

بهرحال منهنجي پاڪستاني دوست غلام علي سولنگي جو اهو ئي مشورو آهي ته ٺڳ ايجنٽن کان خبردار رهجي. جيڪڏهن ڪا نوڪري ملي به ٿي ته ان ڪمپني جو ليٽر ملائيشيا جي سفارت خاني يا قونصل خاني ۾ ڏيکاري ان جي تصديق ڪجي، ڇو جو ڪيترا ملائيشيا پهچي رلي وڃن ٿا ۽ هتي پهچي کين خبر پوي ٿي ته ان جعلي ليٽر ذريعي هنن کي ايجنٽ ڦري ويو.

ڪي ايل سينٽرل اسٽيشن تي پهچي مون هن لاهور جي نوجوان کان موڪلايو ۽ آئون پنهنجي ميزبان علي کي ڳولڻ لڳس. اسٽيشن کان ٻاهر روڊ ڏي نڪتس ته مون کي احساس ٿيو ته هيءَ ته تمام وڏي اسٽيشن آهي، جنهن جي چوڌاري ڪيترائي گيٽ ۽ مين روڊ آهن. ظاهر آهي، هيءَ اسٽيشن رڳو ڪئالالمپور ريلوي اسٽيشن جو مقصد پورو نٿي ڪري، پر سڄي شهر ۽ اوسي پاسي کان ايندڙ اليڪٽرڪ ريلن جي به جنڪشن آهي. مون گهڻو ئي هيڏانهن هوڏانهن لوڻا هنيا، پر عليءَ جو نه هو اتو نه هو پتو. هيڏي ٽرئفڪ ۽ مسافرن جي پيهه پيهان ڪري مون کي هڪ خوف به محسوس ٿيو، جيڪو هڪ ٻهراڙي جي سڪون ڀري زندگي جي رهواسي کي ڪراچي يا حيدرآباد جهڙي وڏي شهر ۾ پهچڻ سان ٿئي ٿو. آئون اڃا سوچي رهيو هوس ته هاڻ ڇا ڪريان، عليءَ کي فون ڪريان يا ان ريل جو پڇايان جيڪا مون کي هن جي گهر ڀرسان واري اسٽيشن سيگامبوٽ پهچائي، يا ٽئڪسي ڪريان...؟  اتي پاسي کان ايندڙ هڪ نوجوان سڌو مون وٽ پهچي پڇيو ته آءٌ الطاف آهيان. منهنجي ”ها“ ڪرڻ تي هن بئگ کڻائي ۽ عليءَ کي ان هنڌ اچڻ لاءِ فون ڪيو.

”دراصل علي اسٽيشن جي ٻي پاسي ڪار پارڪ ڪري توهان جو ان پاسي انتظار پيو ڪري. منهنجو نالو شفيق خان آهي، آئون به روهڙي جو آهيان ۽ عليءَ جي آفيس ۾ عليءَ وٽ ڪم ڪريان ٿو.“ هن ٻڌايو

ٽرئفڪ جئم هجڻ ڪري علي ڪار کي اسان واري طرف ڏي آڻي نه سگهيو ۽ اسان کي هن ڏي پهچڻ لاءِ هُن فون ڪيو. اسان بئگ کي سندس ڦيٿن تي گسڪائيندا هن وٽ پهتاسين. هو ملئي نموني جي قميص، پجامي ۽ ٽوپي ۾ هو.

”چئبو ته جمعي نماز پڙهي ورتئي“ مون پڇيو.

”بس هاڻ پڙهي پهتو هوس. پاڻ سان گڏ شفيق کي به آندم جيئن توهان کي ڳولڻ ۾ جلدي ٿئي.“

باب تيرهون

ڇا  شادي  بعد  نوڪري  ضروري  آهي؟

   علي (غلام علي سولنگي) سان منهنجي پاڪستان ۾ پهرين کان نه ملاقات هئي نه ڄاڻ سڃاڻ. اڄ کان ست اٺ سال اڳ جڏهن ملائيشيا ويو هوس ته سنڌ جي مشهور ليکڪ سائين جمال ابڙو صاحب جي پٽ اطهر ابڙو جي گهر ڊنر تي عليءَ سان ملاقات ٿي هئي. اطهر انهن ڏينهن ۾ ڪئالالمپور جي پاڪستاني سفارتخاني ۾ ڪمرشل سيڪريٽري هو. هن ٻڌايو ته سنڌ جي ڪجهه ڳوٺن جا شاگرد، پروفيسر، ڊاڪٽر ۽ بزنيس مين مون سان ملڻ ٿا چاهين. هنن منهنجا ملائيشيا بابت ڪجهه ڪتاب پڙهيا آهن، جيڪي مون 1980ع کان 1990ع واري ڏهي ۾ ملائيشيا ۾ رهڻ دوران لکيا هئا. ڊنر تي جيڪي آيا انهن ۾ علي به هڪ هو. هالا جي پروفيسر ڊاڪٽر لڇمڻ تاراچند ٻڌايو ته عليءَ جي هتي ڪئالالمپور جي جالان ڪلانگ لاما (روڊ) تي هڪ سائبر ڪيفي آهي.

 ”سائين ٽن سالن کان هئي ۽ خوب ڪمائي ٿي رهي هئي.“ عليءَ درستي ڪئي.

”پوءِ ڇا ٿيو؟“ مون پڇيو ته ٻيا ٽهڪ ڏيڻ لڳا. ان تي مرحوم ڏهر صاحب جيڪو علي سان گڏ آيو هو ۽ ڪئالالمپور جي ڪجهه گهرن ۾ ٻارن کي قرآن مجيد پڙهائي گذر سفر ڪندو هو، تنهن چيو ته جنهن علائقي ڪلانگ لاما ۾ عليءَ Cyber- Café  کولي، ان ۾ تامل (ڏکڻ هندستان جا انڊين) تمام گهڻا رهن ٿا.

”بلڪل صحيح ٿا چئو“، مون ڏهر صاحب کي چيو، ”هاڻ اڃان به اهي سڌريا آهن نه ته ٺرو پي جهيڙو ڪرڻ يا جوا ۾ هارائي پوءِ وڙهڻ هنن جو روز جو وهنوار هوندو هو. اخبار کولبي هئي ته جالان ڪلانگ لاما جي ڪنهن ڏوهه جي ضرور خبر هوندي هئي.“

”بس سائين سمجهو ته علي جي به قسمت ٿي ڦٽي جو انهن نڀاڳن جو هڪ رات عليءَ جي ڪيفي ۾ جهيڙو ٿي پيو. پوليس پڪڙ ڌڪڙ ڪئي، ان چڪر ۾ ماڳهين ڪيفي ئي بند ٿي وئي.“ ڏهر صاحب ٻڌايو.

مانيءَ تي ڳالهين ڪندي ملائيشيا ۾ تعليم حاصل ڪندڙ شاگردن مان هڪ ٻن ڄڻن پڇيو ته  Ph.D.  ڪرڻ بعد هنن کي هتي ملائيشيا ۾ نوڪري ملڻ جو آسرو ٿي سگهي ٿو يا نه؟ مون کين اهو ئي ٻڌايو ته توهان جيڪڏهن ڪنهن اهڙي اهم سبجيڪٽ ۾ ڊاڪٽوريٽ ڪري رهيا آهيو، جنهن ۾ هنن جا پنهنجا ماڻهو نه آهن ته پوءِ توهان کي هي پاڻ به منٿون ڪندا ته هتي رهي پئو. ٻي صورت ۾ توهان جي هتي رهڻ جو شوق شايد پورو ٿي نه سگهي. اسان جي ڳوٺ هالا جو هڪ نوجوان ڊاڪٽر شڪيل ميمڻ (مهراڻ يونيورسٽي جي پراڻي وائيس چانسلر ڊاڪٽر عبدالرحمان ميمڻ جو ڀائٽيو) دل جي ڪنهن خاص آپريشنن ۾ مهارت حاصل ڪري رهيو هو، تنهن کي چيم ته تون ته هينئر ئي پنهنجي جاءِ وٺي هتي رهي پئه. مزي جي ڳالهه ته ڊاڪٽر شڪيل اڄ ڪلهه واقعي ڪئالالمپور جي دل جي اسپتال جو ٽاپ جو سرجن آهي ۽ جنهن اسپتال ۾ هو ڪم ڪري ٿو، دنيا جي پنجن وڏين اسپتالن مان هڪ آهي.

بهرحال ٻيون به خبرون چارون ٿينديون رهيون. ماني بعد هڪ هڪ ٿي سڀني موڪلايو. آخر ۾ ڏهر صاحب ۽ علي وڃي بچيا. علي منهنجي ڀرسان اچي مون کي چيو سائين ڪا صلاح ڏيو ته آئون ڇا ڪريان.؟

”علي تنهنجي تعليم ڇا آهي؟“ مون عليءَ کان پڇيو.

”سائين B.A  ڪئي اٿم، سا به لٽريچر ۾.“ هن ٻڌايو، پر هن کي ان جو خود به احساس هو ته جتي پي ايڇ ڊي وارن کي آساني سان نوڪري نٿي ملي، اتي B.A  واري جو ڇا ڀاڳ ٿي سگهي ٿو. پر مون کي ائين لڳو ڄڻ علي چرچو ڪري رهيو هجي.

”پر علي،“ مون چيومانس، ”انگريزي ته تمام سٺي ٿو ڳالهائين“.

 ”ائين ته ملئي به سٺي ٿو ڳالهايان،“ عليءَ چيو، ”هتي ڇهه ست سال رهڻ ڪري انگريزي ۽ ملئي سٺي ٿي وئي اٿم.“

آئون عليءَ کي ڏسڻ لڳس. سنهي ڏاڙهي سان سوٽ بشرٽ ۾ هو بيحد سمارٽ لڳي رهيو هو. آئون کيس ڪهڙي صلاح ڏئي ٿي سگهيس. چُپ ئي رهيس. ڪجهه دير علي به چپ رهيو، ان بعد هن وري پڇيو ته سائين آئون ڇا ڪريان؟

 ”علي ڳالهه ٻڌ! شادي شده آهين؟“ آئون اهو سوال ڪري ٿورو پريشان ضرور ٿي ويس. علي 30 سالن جي لڳ ڀڳ لڳي رهيو هو ۽ اسين سنڌي ماڻهو خاص ڪري ڳوٺن جا، ننڍي عمر ۾ ئي شادي ڪري ڇڏيندا آهيون. روزگار ۽ پنهنجو گهر گهاٽ ٺاهڻ جو به پوءِ سوچيندا آهيون. سو منهنجو عليءَ کان اهو سوال ڪرڻ مناسب نه هو، پر مون کي حيرت ٿي جڏهن عليءَ ٻڌايو ته هو بيچلر آهي.

مون کان ٽهڪ نڪري ويو ۽ چيومانس ”ان صورت ۾ تون بيچلر نه پر ماسٽرس کان به مٿاهين ڊگري رکين ٿو.“

منهنجي ان چوڻ تي هو پاڻ به سمجهي ويو. مرحوم ڏهر صاحب به وڏو ٽهڪ ڏنو ۽ چيو، ”سائين آئون به عليءَ کي اهوئي چئي رهيو آهيان ته ٺاهوڪو جوان آهين، ستن سالن کان هتي رهيو پيو آهين. شادي کڻي هتي ئي ڪر.“

عليءَ شرمائيندي چيو ”سائين مون به اهو ئي سوچيو آهي....“ ۽ پوءِ ٿوري ساهي پٽي چيو: ”هڪ ملئي ڇوڪري مون سان شادي ڪرڻ چاهي ٿي.“

”رڳو هوءَ شادي ڪرڻ چاهي ٿي يا تنهنجي به دل آهي. ائين نه ته هن کي روهه ۾ رلائي ڇڏين.“ مون چيو. منهنجي دماغ ۾ سيڪنڊ ورلڊ وار کان پوءِ هتي رهجي ويل ننڍي کنڊ جا مسلمان خاص ڪري پنجاب ۽ سرحد جا انگريز فوج جا سپاهي ڌيان ۾ آيا، جن هتي جي ملئي عورتن سان شادي ڪئي، جن مان ڪجهه پنهنجي وطن هليا ويا ته وري نه موٽيا، ڪجهه اتان پنهنجي ڳوٺ جي ڪنهن عورت سان شادي ڪري ان کي هتي وٺي آيا. سندن پهريون زالون يا انهن جو اولاد دربدر ٿي ويو. هاڻ ملائيشيا امير ملڪ ٿي ويو آهي، هر هڪ سکيو ستابو آهي، پر سٺ جي ڏهي جي آخري سالن توڙي ستر جي سڄي ڏهي ۾ اهڙين ڪيترين ئي ملئي زالن ۽ سندن اولاد کي اسان جي ملڪ جي ماڻهن کي پٽيندو ۽ دربدر ٿيندو ڏٺم.

”سائين منهنجو به هن سان پيار آهي ۽ ٻن سالن کان شادي جو پروگرام ٺاهي رهيا آهيون.“ عليءَ ٻڌايو.

 ”ته بس پوءِ تون ڇو فڪر ڪري رهيو آهين.“ مون عليءَ کي اهڙي نموني سان چيو جو هن سمجهيو يا نه پر اطهر ابڙو چرچو سمجهي کلڻ لڳو، جنهن سان اها چرچي واري ڳالهه هڪ ڏينهن اڳ سندس آفيس ۾ ڪئي هيم.

آئون انهن ڏينهن ۾ جپان کان آيو هوس سو اطهر ۽ سندس سفير (هاءِ ڪمشنر) جنرل نسيم رانا کي ٻڌائي هيم ته جپان جون عورتون سخت پورهيت آهن. جپان ۾ نوڪر يا ماسي رکڻ جي اجازت ناهي. زالون سڄي گهر جو ڪم ڪار هڪ طرف ڪن ته نوڪري ٻئي طرف. ٻار ڄڻين ۽ پاڻ نپائين. يورپ ۾ خاص ڪري سئيڊن جهڙي ملڪ ۾، مون ڏٺو ته عورت ٻار سا ڄڻي ٿي، پر ان جا پوتڙا (نئپيون) مڙس بدلائيندو وتندو. گهر جو به اڌ ڪم مڙس حوالي هوندو. هيڏانهن جپان ۾ هر ڪم غريب عورت ڪري ٿي، ان بعد به هوءَ پنهنجي آلي موالي مڙس جا دڙڪا کائيندي رهي ٿي. شايد اهو ئي سبب آهي جو جپاني عورت ڪنهن به ڌارئين سان شادي ڪرڻ ۾ نجات محسوس ڪري ٿي. گهٽ ۾ گهٽ ڌاريون مڙس، چاهي هن جو سچو پيار نه هجي، پر جپان جو سٽيزن نه هجڻ ڪري زال جي عزت ڪري ٿو جو هو زال جي ڪري ئي جپان ۾ رهيو پيو آهي ۽ جپاني عورتن سان شادي ڪرڻ جا شوقين نه فقط ايشيائي ملڪن جا ڪنگلا ۽ بيروزگار آهن، پر يورپ ۽ آمريڪا جا به اهي ڪاهل ۽ سست آهن، جن کي پنهنجي ملڪ ۾ نوڪري ملي ٿي ته به هنن کان محنت ۽ پورهيو نٿو پڄي. سو هنن ڌارين ملڪن کان جپان ۾ ايندڙن لاءِ، ڪنهن جپاني عورت سان شادي ڪرڻ ئي هر مرض جو علاج آهي. ڇو  جو هو پوءِ لاهي پاهي سڄو بار زال تي وجهن ٿا ۽ جپاني عورت نوڪري به ڪري ته گهر به هلائي.

اطهر مون کان هڪ همراهه جو پڇيو، جيڪو روزگار پورهئي خاطر جپان روانو ٿيو هو. اطهر کي ٻڌايم ته هڪ ڏينهن اهو همراهه پنهنجي جپاني زال سان هڪ ڊپارٽمنٽل اسٽور ۾ ملي ويو. پڇيومانس ته ڇا ٿو ڪرين؟

ڀرسان بيٺل جپاني عورت ڏي اشارو ڪري وراڻيائين  ”مون هن سان شادي ڪئي آهي.“

”آئون توکان روزگار جو پڇي رهيو آهيان ته ڪهڙي نوڪري يا مزوري ڪرين ٿو.“ مون کانئس ور ڏئي پڇيو ته بيزاري مان چوڻ لڳو  ”ٻڌايم ته سهي ته مون هن سان شادي ڪئي آهي.“

دل ۾ مون چيو ته ٺهيو. هاڻ هي ڪاهل نه ڪو ڪم ڪندو نه پورهيو. سڀ ڪم زال ڪندي. نه وري جپان جي حڪومت هن کي لوڌي ڪڍندي. آخر هنن کي پنهنجي ڇوڪري بيواهه ته ناهي ڪرڻي.

بهرحال هتي پاڻ روهڙي جي علي سولنگي جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون، جنهن لاءِ سڀني ٻڌايو ٿي ته هو سخت محنتي ۽ پورهيت آهي.

عليءَ مون کي ان وقت به پاڻ وٽ رهڻ يا گهٽ ۾ گهٽ ماني کائڻ لاءِ ڏاڍو چيو، پر هڪ ته مون کي ملائيشيا مان موٽڻ ۾ باقي ڪو ڏينهن ٻه وڃي بچيو هو سو معذرت ڪندو رهيس. هونءَ به منهنجي هن سان نئين نئين ملاقات ٿي هئي. بهرحال ان پهرين ملاقات ۾ ايترو ضرور محسوس ڪيم ته هن شخص غربت ۾ گذاريو آهي ۽ ڪافي ڏکيا ڏينهن ڏٺا آهن ۽ دنيا جو وڏو تجربو اٿس. ساڳي وقت هو خلوص دل وارو ۽ شڪر ۽ صبر ۾ وقت گذارڻ وارو آهي. سندس هيڏو وڏو روزگار جو ذريعو بند ٿيڻ تي به هو رب جي رضا تي راضي نظر اچي رهيو هو. ملئي عورتون ڪي جپانين وانگر ايڏيون پورهيت نه آهن، پر هنن وانگر وفادار ۽ با ادب ضرور آهن. اها ٻي ڳالهه آهي ته Tv ۽ فلمون ڏسي ڏسي ڪيتريون ئي جپاني توڙي ملئي ڇوڪريون اهي ستر ۽ اسي واري ڏهي واريون بقول اڙدو محاوري جي ”الله ميان کي گائين“ نه رهيون آهن. اڄ جي نوجوان ڇوڪرين کي زور زور سان ٽهڪ ڏيندي ۽ سگريٽن جا سوٽا هڻندو ڏسي، حيرت ٿيندي اٿم ته هنن جون مائرون ۽ ماسيون پڦيون، جيڪي اسان سٺ ۽ ستر واري ڏهي ۾ ڏٺيون، اهي ته ڳالهائيندي به شرمائينديون هيون ۽ پنهنجي وات اڳيان هٿ ڏئي پنهنجا هئڊا يا ڏنگي قطار ۾ قدرتي  Constructional   نقص وارا ڏند لڪائڻ ۾ پوريون رهنديون هيون. پر ان سڀ ڪجهه جي باوجود اڄ به گهڻن ملڪن جي عورتن کان جپان ۽ ملائيشيا جون ملئي زالون بهتر آهن. اطهر ابڙي بعد ۾ کلندي مونکي چيو؛ ” ڳالهه اها آهي ته اسان واري علي جي نصيب ۾ ڪا سست ملئي ڇوڪري لڳي وئي ته به مڙئي خير آهي.“

” ڪيئن ڀلا؟“ مون حيرت مان پڇيو.

ان ڪري جو علي پاڻ محنتي ماڻهو آهي،“ اطهر مونکي ٻڌايو، ”هو ڪو ان خيال کان شادي نٿو ڪري ته پاڻ رڳو کٽون ڇني، زال پورهيا ڪري کيس کارائي. عليءَ ننڍپڻ کان پورهيا ڪيا آهن ۽ هن جو هڏ سختين تي هريل آهي سو سست ملئي عورت به عليءَ وٽ خوش گذاريندي.“

باب چوڏهون

منهنجي زال کي اهڙو پير مرشدبه نه  سمجهه...!

پاڻ ملائيشيا ۾ رهندڙ روهڙي جي نوجوان عليءَ (غلام علي سولنگي) جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين، جنهن سان منهنجي ڪئالالمپور ۾ پنج ڇهه سال کن اڳ ملاقات ٿي ته ان وقت هن جو ٽن سالن کان هلندڙ سائبر ڪيفي جو بزنس ٺپ ٿي ويو هو. هن ٻڌايو ته هن جي انٽرنيٽ جي ڪيفي تمام سٺي طرح هلي رهي هئي. اها روزانو آس پاس جي علائقي جي نوجوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين سان ٽٻ رهي ٿي. پر پوءِ بدقسمتي سان پاڙي جي تامل انڊين جو هن جي ڪيفي ۾ جهيڙو ٿي پيو. پوليس اچي وئي ۽ ماڳهين ڪيفي کي بند ڪرڻو پيو.

آئون عليءَ کان اهو ته پڇي نه سگهيس، ته ٻين جي جهيڙي ڪري هن جي ڪيفي ڇو بند ڪرائي وئي. ڪجهه مون کي اهو ئي لڳو ته علي ملائيشيا جو شهري ته نه آهي جو هو هن ملڪ ۾ بزنيس ڪري سگهي. هن اڪيلي يا ٻين سان گڏجي اها ڪيفي ماٺ مٺوڙي ۾ هلائي هوندي ۽ ان وقت دنيا جي ملڪن ۾ اميگريشن جا قاعدا قانون اڄ جهڙا سخت نه ٿيا هئا. ايتري قدر جو هاڻ ڪڏهن ڪڏهن رستي تي هلندڙ غير ملڪي ماڻهن جي پاسپورٽ جي به چڪاس ٿئي ٿي، نه ته جنهن دور ۾ اسان رهياسين ان ۾ ملائيشيا ته ڇا پر آمريڪا ۽ جپان ۾ به ڪڏهن واٽ هلندي پاسپورٽ چيڪ نه ڪيو ويو. ها البت پاسپورٽ جي چڪاس ان وقت ضرور ٿيندي هئي جڏهن ڪو حادثي ۾  Involve  ٿيندو هو يا سرڪاري اسپتال مان دوا وٺڻ ويندو هو. مون کي ياد آهي ته 1966ع ۾ سنڌ جي ڪنهن ڳوٺ جا ٻه نوجوان هفتي کن جي لاءِ آمريڪا گهمڻ آيا ۽ پوءِ اتي ئي رهي پيا ۽ هڪ هوٽل ۾ ٿانون ڌوئڻ جو ڪم ڪري، چڱو پئسو ڪمائيندا رهيا ٿي. ٻن ٽن سالن بعد هڪ ڏينهن هوٽل ۾ ڪم ڪندڙ مڪاني شيدي پاڻ ۾ وڙهي پيا. پوليس اچي وئي ۽ وٺ پڪڙ ۾ هنن همراهن کي به پوليس ٿاڻي تي وٺي آئي ۽ Valid ويزا نه هجڻ ڪري هنن کي پنهنجي وطن ٿي موڪليو. پر انهن ڏينهن ۾ ذوالفقار علي ڀٽو صاحب جيڪو فارين منسٽر هو نيويارڪ آيل هو، جنهن وٽ هي ٻئي هلي ويا. ڀٽي صاحب کين واپس موٽڻ کان بچايو ۽ کين قانوني طرح نوڪري ڪرڻ جي اجازت وٺي ڏني. هنن ٻنهي نوجوانن سخت پورهيا ڪري پئسو بچائي نه فقط پنهنجي ملڪ ۾ گهرگهاٽ ۽ زمينون خريد ڪيون پر پنهنجي ٻارن کي خوب پڙهايو. منهنجو جهاز آمريڪا ويندو هو ته منهنجي هنن سان ملاقات ٿيندي هئي. ڪيترائي دفعا هنن منهنجي هٿان پنهنجي ٻارن ڏي پئسا موڪليا ٿي. اڄ هو گذاري ويا آهن پر سندن اولاد مان ڪجهه وطن ۾ وڏين نوڪرين تي آهن ته ڪجهه آمريڪا جي ٻين شهرن ۾ ڪاروبار ڪن ٿا. سو عليءَ جي ڪيفي بند ٿيڻ جو ٻڌي مون کي ائين لڳو ته هن سان به ڪجهه ان قسم جي بدقسمتي ٿي هوندي.

عليءَ سان ان بعد ڪڏهن فون تي ته ڪڏهن انٽرنيٽ تي حال احوال ٿيندو رهيو ٿي. هن ٻڌايو ته هن هڪ پڪ اپ وئن خريد ڪئي آهي، جنهن ۾ سامان رکي وڪڻي ٿو. ملائيشيا جي ڪيترن شهرن ۾ اڄ به پاڪستاني- خاص ڪري پٺاڻ ۽ پنجابي ڪار يا پڪ اپ ۾ مختلف سامان، گهڻو ڪري ڪچو ڪپڙو، سبيل پاڪستاني ۽ انڊين وڳا، غاليچا ۽ ڊنرسيٽ رکي مختلف دڪانن يا گهٽين ۾ وڪڻن ٿا. عليءَ ٻڌايو ته هو سرجيڪل اوزار به مختلف ڊاڪٽرن وٽ ۽ اسپتالن ۾ وڪڻي ٿو.

”آئون سيالڪوٽ کان سامان گهرائيندو آهيان“، عليءَ ٻڌايو هو ۽ پوءِ اولهه ملائيشيا جي يارهن رياستن مان هر هڪ ۾ مهينو مهينو رهي، اهو سامان وڪڻندو آهيان. ٻارهون ۽ آخري مهينو ملائيشيا جي گادي واري شهر ڪئالالمپور ۾ گذاريندو آهيان.“

”پوءِ ڀلا مختلف رياستن جي مختلف شهرن ۾ ڪٿي رهين؟“ مون عليءَ کان پڇيو هو.

”سائين اسان ماڻهو ڪو هوٽل ۾ رهنداسين. هوٽلن ۾ جي رهون ۽ کائون پيئون ته پوءِ ته مُور به نه نڪري. بس وئن ۾ سمهي رهندو آهيان. سڄي ڏينهن جي هل هلان بعد اهڙو ٿڪل هوندو آهيان جو فٽ پاٿ تي ليٽان ته اتي به ننڊ کڻي وڃي“.

عليءَ جي ان جاب ڪري جنهن ۾ هن کي ملائيشيا جي هر رياست ۾ مهينو مهينو کن گذارڻو پيو ٿي، مون کي اهو فائدو ضرور ٿيو جو ڪنهن پراڻي دوست جي خبر چار يا نئون پتو ڳولڻو پيو ٿي ته عليءَ کي  email  يا فون ڪيم ٿي. انهن ڏينهن ۾ (۽ اڃان به پاڪستان کان ملائيشيا) فون ڪرڻ مهانگو هو ۽ آهي. سو email  گهڻو استعمال ڪيوسين ٿي.  ملاڪا ۾’ڪن، نڪ ۽ ڳلي‘ (ENT)جو منهنجو هڪ  ماهر ڊاڪٽر اسحاق دوست هو. منهنجي ملاڪا ڇڏڻ وقت هو ڪئالالمپور هليو ويو هو. پنهنجي پهرين گهر جي ائڊريس ڏنائين، پر مون سال ڏيڍ تائين هن سان ڪا خط و ڪتابت نه ڪئي ۽ جڏهن بعد ۾ مون هن جي خبر لهڻ چاهي ته معلوم ٿيو ته هو ڪئالالمپور ڇڏي چڪو آهي. ڊاڪٽر اسحاق جا وڏا ڏکڻ هندستان کان ملائيشيا آيا هئا ۽ پاڻ ملاڪا ۾ ئي ڄائو نپنو ۽ سنگاپور ۽ انگلنڊ مان پڙهيو. سندس زال ملائيشيا  رهڻ ۾ خوش نه هئي. هن آسٽريليا يا نيوزيلينڊ ۾  Settle ٿيڻ چاهيو ٿي. سو مون کي لڳو ته هو اوڏانهن ئي هليا ويا هوندا. ملاڪا ۾ سندن ٽي ماڙ پرائيويٽ اسپتال هئي، ان بابت به ٻڌم ته اها هن ڪڏهوڪو وڪڻي ڇڏي. هڪ ڏينهن عليءَ کي ڊاڪٽر اسحاق بابت email  ڪيم.

”سائين توهان پرواهه نه ڪريو. جيڪڏهن ڊاڪٽر اسحاق ملائيشيا جي ڪنهن به شهر ۾ آهي ته هن کي ڳولي وٺندس.“ عليءَ چيو. عليءَ جو هاڻ ڪجهه سالن کان ملائيشيا جي ڊاڪٽرن ۽ اسپتال جي  ائڊمنسٽريٽرن سان ئي واسطو رهيو ٿي. بهرحال ٻن ٽن مهينن کانپوءِ هڪ ڏينهن ڊاڪٽر اسحاق جو ”جوهور“ رياست جي شهر ”جوهور بارو“ مان فون آيو ته علي هن وٽ ويٺو آهي جنهن کان هن کي منهنجو نئون فون نمبر مليو آهي.

علي کان اڪثر فون تي يا ڪڏهن ڪڏهن اي ميل تي شاديءَ جو پڇندو رهندو هوس ته ”علي شادي ٿي؟“

”بس سائين ڄاڻ ته ٿي“. هن جو جواب هوندو هو.

”اسان کي شادي جي دعوت ضرور ڏجانءِ.“ آئون علي کي چوندو هوس ۽ هو به وڏي دل سان ها ڪندو هو. پر ملائيشيا ۾ رهي مون به سمجهيو ٿي ته علي به اتي جي ڪلچر کان واقف آهي ته ملائيشيا ۾ مرڻي پرڻي جي رسم کي ايتري اهميت نٿي ڏني وڃي جيتري حد تائين اسان وٽ  exploitation  آهي، جنهن ۾ مذهبي پهلو گهٽ ۽ قومي وقت جو زيان زياده آهي. ماڻهو نوڪريون ڇڏي شادي يا عذر خواهي ڪرڻ لاءِ ٻه ٻه ڏينهن پنهنجين آفيسن مان غير حاضر رهن ٿا ۽ آفيسن ۾ پنهنجي ڪم جي پورائي لاءِ، غريب ۽ ضرورتمند ماڻهو ڀلي پيا اهي ٻه ڏينهن جتيون گسائين. پر افسوس جو اسان وٽ ان غلط پرئڪٽس کي ڪو به ڏوهه جو ڪم يا گناهه نٿو سمجهي. الٽو صاحب جو آفيس ڇڏي، دوست جي پٽ جي شادي يا ڀائٽي ڀاڻيجي جي طهر جي ڪاڄ ۾ شرڪت ڪرڻ کي وڏو ثواب ۽ وڏو خير جو ڪم يا وڏي سماجي خيرخواهي جو جذبو سمجهي ٿو. بهرحال هتي مون اهو ئي سوچيو ٿي ۽ دعا ڪئي ٿي ته عليءَ جي جهٽ ان ملئي ڇوڪريءَ سان شادي ٿي وڃي جيئن هو بي خوف ٿي سڪون سان ملائيشيا ۾ رهي، پنهنجو ڪاروبار هلائي سگهي. باقي سندس شادي ۾ شريڪ ٿيڻ جو عليءَ به سمجهيو ٿي ته انهن ڏينهن ۾ ملائيشيا ۾ هوندس ته سندس شادي ۾ ضرور شريڪ ٿيندس نه ته هلي ملي ڪئالالمپور وڃڻ ۾ عليءَ جو ته نه پر ايئر ڪمپنيءَ جو ئي فائدو ٿي سگهي ٿو، جيڪا منهنجي اوٽ موٽ جي ٽڪيٽ مان ٻُڪ ٽڪن جا ڪمائيندي. بهرحال عليءَ کي اهو به چوندو رهيس ٿي ته ”علي شادي بعد پنهنجي ملئي ڪنوار کي پاڪستان ضرور گهمائجانءِ ۽ اسان جي گهر به وٺي اچجانس.“

هڪ سال ائين ٿيو جو مون کي ملڪ کان يڪا ٻه ٽي هفتا ٻاهر رهڻو پيو. ممبئي يونيورسٽي وارن مون کي سنڌي سفرنامي تي ليڪچر ڏيڻ لاءِ هفتي کن جي دعوت ڏني ۽ اهڙي هفتي ڏيڍ جي ساڌو واسواڻي مشن وارن پوني ۾ سندن مهمان ٿي رهڻ جي دعوت ڏني، جو هو دادا جشن جو 90 هون جنم ڏينهن ملهائي رهيا هئا ۽ ”صوفي ازم“ تي سيمينار پڻ ڪري رهيا هئا. اتان پوءِ ايران مان ٿيندو ڪراچي پهتس ته خبر پيئي ته علي هفتي ڏيڍ کان ڪراچي آيل آهي. مون فون ڪيومانس ته چوڻ لڳو ته هو زال سان گڏ مون وٽ اچي رهيو آهي. مون کي ڏاڍي خوشي ٿي ۽ مون سندس ڊنر لاءِ پنهنجي زال کي چيو ته ناسي ڪنيت، بيف رڊانگ ۽ مي گورينگ جهڙا ملئي ڊش ئي ٺاهجانءِ. مون اهو پئي سوچيو ته اڃان تائين هوءَ اڙدو يا سنڌي ته نه سکي سگهي هوندي پر اسان وٽ هوءَ انگريزي يا پنهنجي مادري زبان ملئي ۾ ئي گفتگو ڪري سگهي ٿي. هونءَ به اسان هن ملئي ڇوڪري (ڪنوار) کي اهم ٿي سمجهيو، جو هن جي ڪري اسان جي هم وطن عليءَ کي ملائيشيا ۾ رهڻ ۽ روزگار ڪمائڻ جو موقعو مليو. ماڻهو ته يورپ ۾ خبر ناهي ڪهڙين ڪهڙين عورتن سان وڃيو شاديون ڪن. هيءَ ته وري به اسان جي مشرقي ڪلچر جي ٿي. مون کي ملائيشيا جو پهريون واقفڪار فارينر مسٽر ڪريم ياد آيو جيڪو ملاڪا بندرگاهه جو هاربر ماسٽر هو. پاڻ انگريز آهي ۽ سندس اصلي ڄم جو نالو ته ڪو ٻيو هو پر پوءِ ملاڪا جي ملئي مسلمان ڇوڪريءَ سان شادي ڪري مسلمان ٿيو ۽ پنهنجو اسلامي نالو عبدالڪريم رکيو. اسان ساڻس چرچو ڪندا هئاسين ته ”ڪريم تون مسلمان ته ٿيو آهين پر شراب ۽ سوئر کائڻ به ڇڏي ڏنئي يا نه؟“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org