مون کي اها ڳالهه وڻي جو حبيب جو گهر وچ شهر ۾ آهي جتان
بس يا ٽئڪسي سولي ملي ٿي. سندس وڏو پٽ جڏهن فوج ۾
چونڊيو هو ته هن هي گهر ٺهرايو هو ۽ اسان سندس گهر
به ڪيترا دفعا رهيا هونداسين. هاڻ ته سندس ٻارن جا
ٻار به شادي لائق اچي ٿيا آهن. ٻي ڳالهه ته اسي
واري ڏهي ۾ جڏهن چاچي ابراهيم جي گهر وڃي رهندا
هئاسين ته هڪ ڳوٺاڻو ماحول هو. عيد برات سڀ ڀائر
ڀينر اچي گڏ ٿيندا هئا ۽ اسان سڀ هڪ ٻي جي حال کان
واقف هئاسين. هڪ ٻن ڀائرن جي شادي ٿيل هئي ته انهن
جون زالون به ان ڳوٺاڻي گهر ۾ رهنديون هيون ۽ ان
ماحول سان هريل هيون. هاڻ ظاهر آهي سندن ٻار به
وڏا ٿي ويا ۽ ڪنهن ڪٿان شادي ڪئي آهي ته ڪنهن ڪٿان.
۽ هاڻ انهن نون چهرن سان گڏ رهڻ ۾ مون کي هٻڪ
محسوس ٿي رهي هئي. بهرحال حبيب الرحمان کي چيم ته
”گهڻو ڪري توهان جي ماءُ جي گهر اچي رهندس پر جي
نه رهيس ته به هن ڀيري هن سان آئون ضرور ملڻ ايندس
پوءِ ٿوري دير لاءِ ئي سهي.“
حبيب الرحمان جو پيءُ ملائيشيا کي خودمختياري ملڻ کان اڳ
ڏکڻ هندوستان کان ملاڪا ۾ اچي رهيو ۽ سندن والده
پئان پوح نالي ملاڪا جي چيني مسلمان آهي. هوءَ هن
وقت 88 سالن جي آهي. حبيب الرحمان هر وقت فون تي
يا اي ميل ذريعي ٻڌائيندو رهندو آهي ته هن جي
طبيعت صحيح نٿي رهي. لٺ تي به ٿورو ٿورو چري پري
سگهي ٿي. سو مون هن ڀيري هن سان هر صورت ۾ ملڻ
چاهيو ٿي.
آخر جڏهن منهنجي ملائيشيا وڃڻ ۾ باقي هفتو وڃي رهيو ته
مون ڊاڪٽر شفيع نظاماڻي يا غلام علي سولنگي وٽ رهڻ
جو سوچيو. ڊاڪٽر شفيع کان علاوه سندس سالو شوڪت
نظاماڻي جيڪو اسان جو پيٽارين آهي مون کي فون ڪندو
رهيو ته آئون سندن گهر جي ڀاتيءَ وانگر آهيان سو
ڊاڪٽر شفيع وٽ ”شاهه عالم“ (ڪئالالمپور جي ڀرسان
شهر) ۾ رهان. شوڪت نظاماڻي منهنجي ڀاڻيجي ۽ ناٺي
ڊاڪٽر مشتاق ميمڻ جو اٺين ڪلاس کان ڪئڊٽ ڪاليج
پيٽارو کان ڪلاس ميٽ رهيو آهي ۽ ڊاڪٽر شفيع
نظاماڻي منهنجي مرحوم ڀيڻوئي ڊاڪٽر ڪئپٽن اقبال
قاضيءَ جو ساٿي ۽ ڪليگ رهيو آهي. ڊاڪٽر شفيع اسان
لاءِ بلڪل ويجهي عزيز ۽ دوست جيان آهي پر هو ايڏو
ته پرخلوص ۽ پرتڪلف ماڻهو آهي جو هو منهنجي منع
ڪرڻ تي به ماني ٽڪي ڪندو رهندو ۽ مون کي گهمائڻ
پنهنجو اولين فرض سمجهي، آفيس کان به موڪل ڪري
ويهندو. ايتري قدر جو هو مون کي وٺڻ لاءِ ايئرپورٽ
تي به آيو ٿي. بهرحال آخر ۾ مون هن کي مس مس ان
ڳالهه تي راضي ڪيو ته ٻئي دفعي فئملي سان ايندس ته
اچي رهندس. هن دفعي هن جي يونيورسٽي ضرور گهمڻ
ايندس. ان بعد مون اهو ئي فيصلو ڪيو ته هن ڀيري
غلام علي سولنگي وٽ رهڻ سولو ٿيندو جو هو نوڪري
کان آزاد آهي. بزنيس جي خيال کان هو سال جو هڪ هڪ
مهينو ويسٽ ملائيشيا جي يارهن رياستن مان هڪ هڪ ۾
رهي ٿو ۽ ٻارهون مهينو هن گادي واري شهر
ڪئالالمپور ۾ رهي ٿو. اتفاق سان منهنجي ڪئالالمپور
وارن ڏينهن وارو مهينو هن جو به ڪئالالمپور ۾ آهي
۽ ٻي ڳالهه ته هو عمر ۾ نه فقط مون کان ننڍو آهي
پر منهنجي چئي ۾ به آهي. هن کي آئون مانيءَ لاءِ
منع ڪندس ته هو تڪلف نه ڪندو. سڀ کان وڏي ڳالهه ته
اڄ کان پنج ڇهه سال اڳ جڏهن سائين جمال ابڙو صاحب
جي فرزند اطهر ابڙو جي گهر ڪئالالمپور ۾ اچي رهيو
هوس ته هن مونکي ڏٺو پئي ته آئون ڪيئن مست ملنگن
وانگر رهيو پيو هوس. چانهه به پاڻ ئي ٺاهي، ڊبل
روٽي تي مکڻ هڻي نيرن کائي نڪري ايندو هوس. اطهر
وٽ ٻه گاڏيون هيون. ڪڏهن ضرورت پوندي هئي ته کيس
چوندو هوس نه ته آئون اڪيلو پنڌ ئي پنڌ هلڻ ۾
enjoy
ڪندو هوس. اطهر مون کي منهنجي حال تي ڇڏي ڏنو هو ۽
مون کي مهمان سمجهي ڪو به تڪلف نه ڪندو هو. هو به
خوش هو ته آئون به خوش رهيس.
باب اٺون
ايئرپورٽ تي گهاريل گهڙيون...
MAS
(ملائيشيا جي هوائي ڪمپني) جو جهاز ڪراچي کان
هميشه رات جو ساڍي يارهين بجي ڌاري ڪئالالمپور
لاءِ اڏامي ٿو. اسي واري ڏهي جي آخر ۾ جڏهن
MAS
وارن ڪراچي لاءِ اڏام شروع ڪئي هئي ته به ڪراچي
کان ڇٽڻ جو اهو ئي وقت هو. تن ڏينهن ۾ هيءَ اڏام
ايندي توڙي ويندي، دهليءَ
۾ به ترسندي هئي پر پوءِ ڪجهه سالن بعد، مسافرن جي
وڌڻ ڪري،
MAS
وارن ڪراچي لاءِ الڳ ۽ دهلي لاءِ الڳ اڏام ڪري
ڇڏي. هاڻ ڪجهه سالن کان هيءَ ڪراچي واري اڏام،
ڪراچيءَ ۾ مسافر لاهي ابو ڌابي هليو وڃي، جتان
موٽندي ڪراچيءَ مان ڪئالالمپور جا مسافر کڻي ٿي.
ملائيشيا وارن
جو
پنهنجي پاڙيسري ملڪ سنگاپور سان مقابلو هجڻ ڪري
ملائيشيا وارا به سنگاپور وانگر هر شيءِ ۾ وقت جي
پابندي کي اهميت ڏين ٿا. ان ڪري ملائيشيا وارن جا
جهاز توڙي ريل گاڏيون وقت تي ڇٽن ٿيون ۽ مقرر
ٽائيم ۾ اهو سفر پورو ڪري، مقرر وقت تي پهچن ٿيون.
ڪئالالمپور هوائي اڏي کان ڪئالالمپور شهر جي مرڪزي
اسٽيشن ”ڪي. ايل. سينٽرل“ 80 کن ڪلوميٽر آهي.
هوائي جهاز جي مسافرن کي ايئرپورٽ کان ان
KL
سينٽرل اسٽيشن تي پهچائڻ لاءِ، ”KLIA
ايڪسپريس“ ريل آهي، جيڪا سالن کان مقرر وقت، 28
منٽن اندر، ايئرپورٽ کان ڪي ايل سينٽرل اسٽيشن يا
واپس ايئرپورٽ پهچائي ٿي. ان کان علاوه شهر
۾ هلندڙ اليڪٽرڪ ٽرامون، مونو ريل ۽ بسون مقرر وقت
تي، هر اسٽيشن ۽ بس اسٽاپ تي پهچن ٿيون ۽ ترسڻ جو
مقرر وقت پورو ٿيڻ تي روانيون ٿيو وڃن. پر ان
ڏينهن يارو، جنهن ڏينهن مون کي ڪراچي مان
ڪئالالمپور روانو ٿيڻو هو، شام ڌاري منهنجي ٽريول
ايجنٽ جو فون آيو ته مون واري ملائيشيا جي اڏام ٻه
ڪلاڪ ليٽ آهي يعني هاڻ ساڍي يارهين بدران رات جو
ڏيڍ بجي ويندي. اهو ٻڌي يقين ئي نه پيو اچي. شام
جو اٺين بجي ڌاري ايئرپورٽ فون ڪيم ته جيڪر اها
خبر غلط هجي ته ان ئي وقت نڪري پوان. پر ايئرپورٽ
وارن به ان جي تصديق ڪئي بلڪه ٻڌايو ته اڌ ڪلاڪ
اڃان به وڌيڪ ليٽ آهي ۽ ڪراچي مان ٻي بجي نڪرندي.
يعني 3 ڪلاڪ کن اڳ پهچڻ لاءِ گهران يارهين کان اڳ
نڪران. ٻئي ڏينهن ڪراچي ۾ هڙتال جو اعلان هو. اهي
ئي افواهه هئا ته رات کان ٽرئفڪ بند ڪرائي ويندي.
آئون بئگ ۽ ٿيلهو کڻي نڪري پيس. دل ۾ چيم رستا بند
ٿين يا نه ايئرپورٽ تي ته پهچي وڃان.
ايئرپورٽ يا هوائي جهاز ۾ گهڻو وقت ترسڻ تي ڪيترا ماڻهو
بور ٿيندا آهن پر منهنجي لاءِ اهو بهترين وقت
هوندو آهي. ايئرپورٽ تي سڪون ۽ ڪو ڊسٽرب ڪرڻ وارو
نه هجڻ ڪري آئون ڪيتريون منجهيل ڳالهيون/يادگيريون
سلجهائي، ڪاغذ تي ويٺو لکندو آهيان. ان ڪم لاءِ
پنا، پين ۽ پيپر هولڊر هميشه گڏ رکندو آهيان. ڇهه
مهينا
فيلڊ ٽرپ ۾ ناروي ۽ سئيڊن جي اتراهن بندرگاهن ۾
هوائي جهاز رستي اچڻ وڃڻ دوران، خراب موسم ۾
ڪيترائي دفعا اڏامون 24 ڪلاڪ به
delay
ٿيون هونديون، پر مون کي هميشه خوشي ٿيندي هئي جو
هوائي اڏي تي پنهنجو شوق پورو ڪرڻ جو موقعو ملندو
هو، يعني ڪنهن پراڻي سفر جون ڳالهيون لکڻ لاءِ ماٺ
مٺوڙو حاصل ٿيندو هو.
ڪراچيءَ ۾ ٻئي ڏينهن ٿيندڙ هڙتال جي ڊپ ۾ رستا ڪافي حد
تائين سنسان هئا. گهر کان ايئرپورٽ اڌ ڪلاڪ اندر
پهچي ويس
پر
ڪسٽمس، بورڊنگ ڪارڊ، اميگريشن جون منزلون پوريون
ڪري انتظار گاهه تائين پهچڻ ۾ ڪافي ٽائيم لڳي ويو.
جتي ڪٿي ڪافي ڊگهي قطار هئي. ڊيوٽي ڪندڙ عملو گهٽ
هو يا سست هو. هڪ هنڌ انٽيليجنس وارا بيٺل هئا تن
مون کي اشاري سان سڏيو ۽ بئگ کولڻ لاءِ چيو. آئون
سمجهي ويس ته هي منهنجي ڏاڙهيءَ ڪري شڪيا آهن ته
ڪو دهشتگرد آهيان.
هڪ دفعي ملائيشيا کان سنگاپور ٽوئرسٽ بس ۾ ويندي بارڊر
تي پوليس منهنجي هٿ ۾ سائو پاڪستاني پاسپورٽ ڏسي
کڻي روڪيو ته تنهنجي چيڪنگ ڪنداسين. انهن ۾ موجود
هڪ ملئي آفيسر کان ملئي ۾ پڇيم ته خير ته آهي.
ظاهر آهي مون سان گڏ چاليهه کن ٻين ملڪن جا مرد ۽
عورتون هيون انهن مان ته ڪنهن کي به نه روڪيائون.
هي ته اهو ئي ڪم ٿيو ته ’ڀري ٻيڙيءَ ۾ واڻئي جو
کولو ڳرو.‘ ملئي آفيسر آهستي چيو ”چِگو (ماستر
صاحب)! تنهنجي ڏاڙهي ڏسي ڀليا آهن.“ سو انٽيليجنس
وارن جو به ڪڏهن ڪڏهن عقل گاهه چرڻ وڃي ٿو. هاڻ
ڏاڙهي ته ڪا اهڙي شيءِ آهي ڪا نه جنهن ۾ ڪو بندوق
يا بم لڪائي هلي.
هڪ مولوي صاحب جي سائيڪل جي بريڪ خراب هجڻ ڪري هن جي
سائيڪل وڃي ڪنهن عورت کي لڳي. عورت رڙ ڪري
چيس ”شرم ڪر ماريا! هيڏي وڏي ڏاڙهي هوندي به
سائيڪل کڻي هنئي اٿئي.“
سائيڪل کي سڌو ڪندي مولوي وراڻيس: ”مئڊم ڏاڙهي ڪا بريڪ
ته نه آهي جنهن سان سائيڪل کي بيهاري سگهان؟“
سو اسان جا انٽيليجنس وارا به رڳو ڏاڙهيءَ کي ڏوهه ڏيو
ويٺا آهن. پر ڇا ڪجي اسان جي ملڪ جي ڪجهه ملن
مولوين جا ڪم به ته اهڙا آهن جنهن ڪري سڀني جو
نالو بدنام ٿي ويو آهي. اسان جي بازارين ۾ ڪيترا
واپاري خاص ڪري سونارا ۽ ڪپڙي جا دڪاندار فقط
ماڻهن کي بيوقوف بنائڻ ۽ ٺڳڻ لاءِ وڏي ڏاڙهي
رکرائيندا يا زوريءَ پاڻ کي حاجي يا الحاج
سڏرائيندا. جيتوڻيڪ سعودي عرب يا ملائيشيا پاسي هر
مسلمان حج ڪري ٿو پر هو ته پاڻ کي حاجي سڏرائي
اشتهار بازي نٿا ڪن. اهو وهنوار فقط اسان وٽ آهي.
ڪيڏي افسوس جي ڳالهه آهي جو اسان وٽ اهڙيون باحرمت شيون
۽ لقب به شڪ جي نگاهه سان ڏٺا وڃن ٿا. ايتريقدر جو
جڏهن سعودي عرب جي هڪ ڪسٽم آفيسر کي اهو چيم ته
”توهان گهٽ ۾ گهٽ اسانجي ملڪ جي حاجين سان ته سختي
نه ڪريو“، ته هن وراڻيو ته ڇا ڪريون
توهان جي ملڪ جا
نه فقط حاجي مرد
پر
عورتون
به
چرس جي سمگلنگ ڪندي پڪڙيون ويون آهن.
بهرحال ڪراچي ايئرپورٽ تي انٽيليجنس جي آفيسر جي حڪم
تي، بي دليءَ سان پنهنجي بئگ کوليم. بي دليءَ سان
ان ڪري جو مون کي خبر هئي ته بئگ مان سامان ڪڍڻ
بعد وري ساڳي سامان کي بئگ ۾ سموئڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم
آهي. گهر ۾ ته هڪ هڪ شيءِ کي آرام سان سيٽ ڪري
رکجي ٿو پر ههڙي چيڪنگ ۾ جتي تڪڙ لڳل رهي ٿي، جلدي
۾ سامان سيٽ ڪرڻ سولو ڪم ناهي. پر حق جي ڳالهه ڪبي
ته هنن همراهن منهنجي بئگ نه فقط مٿي کڻائڻ ۾
منهنجي مدد ڪئي پر چيڪنگ بعد سامان سيٽ ڪري رکائڻ
۾ پڻ. ڪراچي
جا ڪسٽم ۽ اميگريشن وارا هاڻ مڙيئي فضيلت سان
ڳالهائين ٿا نه ته ڏهه سال کن اڳ تائين، ڪنهن
مسافر سان سٺي طرح ڳالهائڻ جو اسان وٽ فئشن نه هو.
اميگريشن وقت هڪ نوجوان آفيسر اچي مليو. ”سائين توهان
الطاف شيخ آهيو؟“ سندس قميص تي لڳل ٽئگ تي انگريزي
۾ قادري لکيل هو. ”توهان پڪ لاڙڪاڻي جا هوندائو يا
حيدرآباد جا“ مون چيومانس.
”ڪيئن ٿا چئو؟“ هن پڇيو.
”بس يار آئون جيڪي ٽي قادري سڃاڻان ٿو اهي اتي جا
آهن.سائين اياز قادري، ٻيو اسان جو پيٽارو جو ٽيچر
پروفيسر مدد علي قادري ۽ ٽيون سنڌ ڪلچر ڊپارٽمينٽ
جو محمد علي قادري.“مون کلندي ٻڌايومانس. هن ٻڌايو
ته سائين مدد علي هن جو مائٽ آهي ۽ هو پاڻ به اديب
آهي يا ادب جو شوق رکي ٿو ۽ هن ڪيترائي ڪتاب پڙهيا
آهن. هن جي چهري مان صاف ظاهر پئي ٿيو ته هن کي
مون سان ملي خوشي ٿي آهي. پنهنجن آفيسرن سان به
منهنجي لاءِ وڏا لقب استعمال ڪري تعارف ڪرائڻ لڳو
۽ منهنجو جلدي جلدي پاسپورٽ ۽ بورڊنگ ڪارڊ چيڪ
ڪرائي مون کي يڪدم آجو ڪرايائين. دل ۾ چيم ته ”ڪٿي
ڪٿي“ اسان سنڌي اديبن جي به مڙيئي ”ڪجهه ڪجهه“ لئه
ٿيو وڃي. وڏا انعام اڪرام کڻي نٿا ملن پر ههڙا قرب
۽ عزتون ته مليو وڃن! افسوس جو هڻ وٺ ۽ ٿڪ ۾ هن
صاحب جو سڄو نالو نوٽ ڪري نه سگهيس.
بورڊنگ ڪارڊ تي گيٽ نمبر 25 لکيل هو جتي پهچي ايئرپورٽ
جي عملي کان پڪ ڪرڻ لاءِ پڇيم ته جواب مليو ته
”اڃان اڏام جي ئي پڪ ناهي ان ڪري اڃان ڪو
Gate
مقرر نه ٿيو آهي.“ بهرحال اڃان ڏهه ڪي مس ٿيا هئا.
ٻي بجي تائين ته ڪو آسرو نه هو سو هڪ اهڙي هنڌ تي
اچي ويٺس جتان دل چاهي ته سامهون ٽي وي به ڏسي
سگهجي. في الحال پنا ۽ پين ڪڍي لکڻ ۾ لڳي ويس. رکي
رکي ڪنهن کي فون ٿي ڪيم يا ايندڙ فون جو جواب ٿي
ڏنم. ملائيشيا ۽ اسان جي وقت ۾ ٽن ڪلاڪن جو فرق
هجڻ ڪري اهو اندازو لڳايم ته غلام علي سولنگي،
جنهن کي اسان فقط ”علي“ جي نالي سان سڏيون ٿا، پڪ
سمهي رهيو هوندو جو اتي رات جو ڏيڍ ٿي چڪو هوندو.
ان ڪري فون ڪري هن کي پنهنجي اڏام جي
delay
جو ٻڌائڻ مناسب نه هو. سو ساڻس فون تي ڳالهائڻ
بدران، ميسيج ڪيو ته فلائيٽ اڍائي ڪلاڪ ليٽ آهي.
هو اڃان ڪو جاڳي رهيو هو سو يڪدم جواب موڪليائين
ته مڙيئي خير آهي. هو منهنجو ڪئالالمپور (ڪي. ايل)
سينٽرل اسٽيشن تي انتظار ڪندو.
ڪجه ڏينهن اڳ، عليءَ وٽ رهڻ جو پروگرام فائنل ڪرڻ کان
پهرين هڪ دفعو مون وري به عليءَ کان بي تڪلف ٿي
پڇيو هو ته ”علي جيڪڏهن منهنجي اچڻ ڪري تنهنجي
روٽين ڊسٽرب ٿي ٿئي ته فرئنڪلي ٻڌاءِ.“ پر هن هر
وقت وڏي دل سان چيو ٿي ته ”سائين مون وٽ چار پنج
ڏينهن ته ڇا پر چار پنج سال به رهندائو ته به مون
کي خوشي ٿيندي.“ بهرحال مون پنهنجو پاڻ کي هڪ دفعو
وري به مطمئن ڪرڻ خاطر پنهنجي سفير دوست ظفر شيخ
کي فون ڪيو. ظفر ۽ منهنجو هڪ ئي دور ۾ جپان ۾ ست
اٺ سال ملڻ جلڻ رهيو، جڏهن هو ستر واري ڏهي ۾
فارين سروس
Join
ڪري، ٽوڪيو جي پاڪستان ايمبسي ۾ آيو هو. ان بعد
اسان ڌار ڌار ملڪن ۾ رهياسين پر جڏهن ملائيشيا ۾
منهنجو رهڻ ٿيو ته مون هن کي ملائيشيا بدلي ڪرائي
اچڻ يا ٺلهو گهمڻ لاءِ اچي مون وٽ رهڻ لاءِ ڏاڍو
چيو ۽ هن کي به ملائيشيا ڏسڻ جو ايڏو شوق هوندو هو
جو آئون ملائيشيا ڇڏي ويس ته به هو هر سال
ملائيشيا گهمڻ جو پروگرام ٺاهيندو رهيو. هو جرمني،
الجيريا ۽ آخر ۾ مصر ۽ سوڊان جو سفير ٿيو ۽ 60 سال
جي عمر تي پهچي، رٽائرڊ ٿيڻ کي به اچي ٻه سال ٿيا
اٿس. گذريل سال، ظفر ملائيشيا گهمڻ جو اوچتو
پروگرام ٺاهيو ۽ مون کان پڇيائين ته
”ڪو سڃاڻو هجي ته ان کي پارت ڪر ته آئون ان سان
وڃي ملان.“ مون کيس ٻڌايو ته
علي اهڙو ماڻهو آهي جيڪو نه فقط سڄي ملائيشيا کان
واقف آهي پر قاعدي قانون جو به ڄاڻو آهي. جڏهن
ظفر موٽيو ته هو خوش هو. مون کي وري ٽائيم نه ملي
سگهيو جو کانئس تفصيلي خبر چار وٺي سگهان پر هاڻ
جڏهن منهنجو علي وٽ رهڻ جو پروگرام ٺهيو ته مون
ظفر کي فون ڪري پنهنجي دل جو حال اوريو ته منهنجو
هن وٽ رهڻ تڪليف ده ته ثابت نه ٿيندو؟
”يار ڪمال ٿو ڪرين“، ظفر چيو. ”منهنجي هن سان پهرين جي
ڪا ڄاڻ سڃاڻ نه هئي، تنهنجي ريفرنس سان آئون هن وٽ
26 ڏينهن رهي آيس.“
ظفر ٻڌايو ته هن جو گهر هيٺ مٿي آهي. زال مڙس کان علاوه
سندس ڀاءُ ۽ ڀاڻيجو به رهي ٿو. ”توکي الڳ ٿلڳ مٿين
ٽن ڪمرن مان هڪ ڏئي ڇڏيندو، باقي هن وٽ
ايئرڪنڊيشنر ناهي.“
”ان جي پرواهه ناهي“، مون چيومانس، ”اسان جهاز جي انجڻ
روم جا عادي ڪراچيءَ ۾ به ايئرڪنڊيشنر استعمال نه
ڪندا آهيون.“
”يار ڳالهه اها آهي ته مون کي ايئرڪنڊيشنر بنا ننڊ نه
ايندي آهي خاص ڪري خط استوائي ملڪن ۾ جتي مينهن
پوي ته ڪجهه ڪلاڪ ٿڌڪار نه ته وري ساڳي گرمي“، ظفر
چيو، ”سو مون ته اهو سوچيو ته عليءَ وٽ هڪ رات ٽڪي
پوءِ هوٽل ۾ وڃي رهندس پر سچ ته عليءَ جو خلوص ڏسي
آئون باقي ڏينهن به ان وٽ رهي پيس.“
باب
نائون
حيرت ۾ وجهندڙ ڳالهه
ملائيشيا جا هوائي جهاز
(MAS)
جيڪي هميشه وقت تي اڏامن پر اڄ ڪراچيءَ کان اسان
واري جهاز جي اڏام وئي ٿي ليٽ ٿيندي! ٽي وي جي
اسڪرين تي ڪئالالمپور ڏي ويندڙ ملائيشيا جي هن
جهاز جي اڏام ڪنفرم ٿيڻ بدران
Delay
ئي ٿيندي رهي. اسان جي جهاز کان پوءِ
PIA
جي جهاز جي ڪئالالمپور ڏي اڏام هئي، اها به وئي هلي. اسڪرين تي
اسان جي اڏام جو وقت 3 ٿي پوءِ 4 بجا صبح ٿيو، مون
يڪدم پنهنجي ميزبان عليءَ کي پنهنجي موبائل فون
ذريعي نياپو موڪليو ته اسان واري اڏام سمجهه ته 5
ڪلاڪ کن ليٽ پهچندي.
جيئن مٿي لکي آيو آهيان ته ايئرپورٽ تي ترسڻ يا هوائي
جهاز ۾ ڊگهو سفر ڪرڻ ۾ مون کي ڪابه بوريت نٿي ٿئي،
پر هن سفر ۾ جهاز جي
Delay
ڪري مون کي پنهنجي ميزبان عليءَ جو خيال ٿي رهيو
هو. اسان کي ڪهڙي خبر ته اڄ هي ڪم ٿيندو. اسان ته
سمجهيو ٿي ته ٻين ڪمپنين جون اڏامون ليٽ ٿي سگهن
ٿيون، پر سنگاپور، ڪئٿي (هانگ ڪانگ)، امارات
(دبئي) ۽
MAS
(ملائيشيا) جون هرگز نه. وقت تي اڏام جي پهچڻ جو
سوچي به مون عليءَ کي ايئرپورٽ يا
K.L
سينٽرل ريلوي اسٽيشن تي، منهنجي
آڌر ڀاءُ لاءِ اچڻ کان روڪيو پئي.
”ڏس علي اجايو پنهنجي ڪار ۾ پيٽرول ساڙي مون کي ايئرپورٽ
تان وٺڻ ڇو ٿو اچين، جڏهن ته ايئرپورٽ تي گيٽ مان
نڪرڻ کان اڳ ايئرپورٽ وارن جي
KLIA ايڪسپريس ملي ويندي، جيڪا 37 رنگٽن (ملائيشيا جي ڊالرن) ۾ مون
کي 28 منٽن ۾ شهر جي مرڪزي ريلوي اسٽيشن
K.L Sentral
تي اچي لاهيندي.“
اڄ کان چار پنج سال اڳ ڪئالالمپور ويو هوس ته علي جالان
ڪِلنگ ڏي رهيو ٿي، پر هاڻ هن ٻڌايو ته شادي بعد هو
تمن سيجاهتر
(Taman Sejahter)
۾ رهي ٿو. ملئي لفظ ”تمن“ جي معنيٰ پاڻ وارو چمن ئي آهي يا
کڻي چئجي ته گلشن آهي. جيئن پاڻ وٽ ڪراچي ۾ گلشن
اقبال، گلشن فيصل، گلشن حديد يا گلستان جوهر آهي
يا حيدرآباد ۾ گلستان سجاد آهي، تيئن ملائيشيا جو
هرهڪ شهر تمنن سان ڀريو پيو آهي جن مان ڪجهه جا
نالا هن ريت آهن: تمن روسا، تمن ميلاتي، تمن ڊيسا،
تمن سيٽياونگسا، تمن مالوري، تمن برونگ، تمن ماتا
هري.... وغيره. هي ماتا هري انگريزي فلم وارو نالو
ناهي. ماتا هري ملئي لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ ”سج“
آهي. جيتوڻيڪ لفظي معنيٰ ماتا معنيٰ اک ۽ هري
معنيٰ ڏينهن يعني ’ڏينهن جي اک‘ آهي. سو ملئي
ماڻهن لاءِ ٿيو سج. جيئن ماتا ڪچنگ ميوي جي لفظي
معنيٰ ٻليءَ جي اک آهي جو اهو ليچي جهڙو ميوو ٻلي
جي اک سان مشابهت رکي ٿو.
بهرحال اسان وارو علي (حاجي غلام علي سولنگي) جنهن
علائقي
Taman Sejahter
(گلشنِ سڪون) ۾ رهي ٿو، اهو ڪئالالمپور جي هڪ اهم ۽ وڏي روڊ
”جالان ڪچنگ“ تي آهي، جتان منهنجو سالن جا سال
لنگهه رهيو. جڏهن ملاڪا ۾ نوڪري دوران ڪي ايل
(ڪئالالمپور) اچڻ ٿيندو هو
يا جڏهن جهاز تي هوندو هوس ۽ جهاز پورٽ ڪلانگ
(بندرگاهه) ۾ اچي بيهندو هو ته
K.L
اچڻ لاءِ هن روڊ تان به مَٽبو هو. ڪئالالمپور ۾
اليڪٽرڪ ٽرين
(KTM Komuter)
شروع ٿيڻ تي هڪ لائين جو هتان به لنگهه ٺاهيو
ويو ۽ علي جنهن علائقي ۾ رهي ٿو، ان جي بلڪل ويجهو
هن ٽرين جو
Segambut
(سيگامبوت) نالي اسٽاپ آهي. منهنجو اهو ارادو هو
ته
K.L
(ڪئالالمپور) جي هوائي اڏي تان
KLIA- Express
ٽرين ۾ چڙهي شهر جي وچ واري مرڪزي
(Central)
ريلوي اسٽيشن، جنهن کي ملئي زبان ۾ ”ايس“ سان
Sentral
لکيو وڃي ٿو، پهچي پوءِ ٻي ٽرين
(KTM)
به
اتان پاڻهي وٺي، عليءَ جي گهر ڀرسان واري اسٽيشن
سيگامبوت پهچي وڃان ته اهو سڀ ۾ سٺو ٿيندو. اهو ان
ڪري جو ”ڪي ايل سينٽرل“ ۽ ”سيگامبوت“ اسٽيشن جي وچ
۾ فقط ٽي کن اسٽيشنون: ڪئالالمپور ، بئنڪ نيگارا
۽ِ پترا آهن. سيگامبوت پهچي پوءِ عليءَ کي فون
ڪريان ته اتان اچي وٺي وڃي يا اڃان به بهتر اهو
ٿيندو ته اتان ٽئڪسيءَ ۾ علي جي گهر ڳولڻ جي ڪوشش
ڪجي. نه ملڻ تي عليءَ کي فون ڪجي ها. ائين ڪرڻ سان
علي وڏي کٽراڳ کان بچي ويندو. بهرحال چار پنج ڪلاڪ
ليٽ ٿيڻ تي عليءَ جي جمعي نماز به ويندي هلي.
هونءَ جو جهاز پنهنجي صحيح وقت اٺ وڳي صبح جو پهچي
ها ته نائين وڳي تائين آئون
K.L
سينٽرل تي پهچي وڃان ها ۽ عليءَ کي ان وقت گهٽ ۾
گهٽ پنهنجي ڪار پارڪ ڪرڻ لاءِ گهڻي جدوجهد نه ڪرڻي
پوي ها. ڇو جو سينٽرل اسٽيشن ايڏي مشغول ترين
ريلوي اسٽيشن آهي جو ڏينهن چڙهڻ سان پارڪنگ جي
جاءِ نٿي ملي، جيتوڻيڪ سٽي گورنمينٽ طرفان اسٽيشن
جي آسپاس ٻه هزار کن ڪارن جي لاءِ پارڪنگ ٺاهي وئي
آهي.
ڪراچي ايئرپورٽ تي جهاز جي انتظار ۾ ڪلاڪ ٻه کن لکپڙهه ۾
گذاريم. رات جا ٻارنهن به ٿي ويا هئا. آئون سوير
سمهڻ ۽ اٿڻ وارو ماڻهو آهيان، ويتر سفر جي تياري ۾
منجهند جو به ڪلاڪ اڌ سمهي نه سگهيو هوس، سو
ننڊاکڙو محسوس ڪري رهيو هوس. شولڊر بيگ کي وهاڻي
طور استعمال ڪري ڪجهه دير ليٽڻ ٿي چاهيم. مون جهڙي
ڊگهي ماڻهوءَ لاءِ ڪراچي ايئرپورٽ تي ٽي کن سيٽون
خالي هجڻ ضروري آهن، پر چوڌاري ڪٿي ڪٿي ڪا هڪ سيٽ
نظر آئي ٿي. هر هڪ ٽن ٽن، چئن چئن سيٽن تي قبضو
ڪري ستو پيو هو. دل ۾ چيم ته ڏاڍي ڳالهه ٿي. اهڙو
جي هوش پهرين اچي ها ته ٿيلهي مان ڪتاب ڪڍي ٻن
سيٽن تي قبضو ڪري ڇڏيان ها. ڀرسان لنگهندڙ
ايئرپورٽ جي عملي جي هڪ همراهه کان پڇيم ته هي
چوڌاري جيڪي همراهه بالم ٿيا ستا پيا آهن، انهن جي
فلائيٽ ڪيڏي مهل آهي؟
”سرڪار ڪجهه ته توهان واري فلائيٽ جا ماڻهو آهن ۽ ٻيا
اهي آهن، جن جي اڏام صبح جو آهي، پر سڀاڻي شهر ۾
هنگاما هجڻ جي خدشي ڪري هينئر ئي ايئرپورٽ تي اچي
ويا آهن.“
مون ليٽڻ جو ارادو لاهي ڪجهه واڪ ڪرڻ ۽ چانهه پيئڻ جو
سوچيو. هِتان هُتان ڦري ٽئاليٽ ۽ ٽيليفون بوٿ وٽان
لنگهيس ته ڪنڊ تي ٺهيل دَخل پويان ايئرپورٽ اٿارٽي
جا ٽي چار آفيسر سنڌيءَ ۾ زور زور سان خبرون ڪري
رهيا هئا. اتي ڪو بم ڦاٽي ها ته به مون کي حيرت نه
ٿئي ها. ڪراچي جي هن هوائي اڏي تي ايندي ويندي مون
کي به 40 سال ٿي ويا آهن، پر اهڙو نظارو منهنجي
ڪنن يا اکين ڪڏهن نه پَسيو. هاڻ مڙي ئي گذريل 10
سال کان ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ سنڌي آفيسر نظر اچي ٿو، پر
يڪا چار پنج آفيسرن جو سنڌي هجڻ ڪمال جي ڳالهه
آهي! شايد اهي ڪرشما آصف زرداري جي عوامي حڪومت
ڪيا هجن. آئون ان ڪائونٽر وٽ بيهي چرين وانگر
اکيون ڦاڙي هنن کي ڏسڻ ۽ ٻڌڻ لڳس. ڏاڍو مزو اچي
رهيو هو. ههڙيون ڪچهريون مون ننڍي هوندي لاڙڪاڻي ۾
باهه جي مَچ تي ٻڌيون هيون، جڏهن مئٽرڪ ڪلاس ۾
سياري جي موڪل ٿيڻ تي پنهنجي ڪلاس ميٽ اختر علي
عباسي جي ڳوٺ ”ڳوٺ وليد“ (لاڙڪاڻي) ۾ هفتو کن وڃي
رهيو هوس. هي همراهه خبرن ۾ ايڏو محو هئا جو هنن
کي ڪا دير هوش نه آيو ته ڪو اوپرو ماڻهو سندن
ڀرسان بيهي سندن ڳالهيون ٻڌي رهيو آهي. آخر هڪ
همراهه کي خيال آيو ۽ مون کان انگريزيءَ ۾ پڇيو
ته
"Can I Help you?"
ان سان گڏ ٻيا به ماٺ ٿي ويا.
”سائين ڪچهري جاري رکو. ان جي ڪشش ۾ آئون به پنڊ پهڻ ٿي
ويو هوس.“ مون چيو ۽ هو هاڻ مون کي حيرت مان گهورڻ
لڳا ته نه ڄاڻ نه سڃاڻ هي آهي ڪير جو ايترو فري ٿي
رهيو آهي. هو هڪ دفعو هڪ ٻئي ڏي سوالي نگاهن سان
ڏسڻ لڳا ته آيا آئون هنن مان ڪنهن جو واقفڪار ته
نه آهيان.
”سائين توهان جو تعارف؟“ هنن مان هڪ عزت سان پڇيو،
جيتوڻيڪ منهنجا ڪم جڏا هئا جو آئون ڪا دير سندن
ڪائونٽر وٽ بيهي کين ائين چتائي ڏسي رهيو هوس،
جيئن ڪو ٻار چڙيا گهر ۾ پڃري اندر جانورن کي ڏسي.
پر هنن مون کي عمر ۾ وڏو ۽ ڏاڙهي سان پير مرد
سمجهي، ڪس ڪسرون درگذر ڪري، پنهنجي طرفان اخلاق جو
مظاهرو ڪيو. مون سندن پُڇيل سوال جو جواب ڏيڻ
بدران چيو:
”مون ته سوچيو هو ته پهرين توهان کان پڇندس ته توهان جو
ڪهڙي ڪهڙي ڳوٺ سان تعلق آهي.“
”سائين اهو به ٻڌائينداسين. اسان جا ته نالا به قميصن تي
لڳا پيا آهن، پر توهان جي به ته سڃاڻپ ٿي وڃي.“
”ها سائين ضرور،“ مون چيو، ”آئون شايد ان غلط فهمي ۾ هوس
ته سالن کان لکندو اچان ۽ اخبار وارا منهنجي هر
ڪالم سان گڏ فوٽو به ڏيندا اچن، سو ٿي سگهي ٿو ڪو
سڃاڻي وڃي.“
منهنجي اهو چوڻ تي ٻن ڄڻن يڪدم سڃاڻي ورتو، بلڪ هڪ چوڻ
لڳو ته ”ڏسو ته صحيح اڄ ئي توهان جو هڪ ڪالم اڙدو
اخبار امت ۾ پڙهيو اٿم.“
هاڻ هو سڀ مون کي چانهه لاءِ منٿون ڪرڻ لڳا.
”سچي ڳالهه اها آهي ته چانهه پياريندائو ته توهان جي
مهرباني ٿيندي،“ مون ٻڌايو مان، ”آئون چانهه لاءِ
ئي وڃي رهيو هوس.“
هنن ڪائونٽر جو ننڍڙو دروازو کولي مون کي اندر ڪيو ۽ هڪ
ڄڻي ڪرسي خالي ڪري ڏني ۽ ٻيو چانهه وٺڻ لاءِ نڪتو.
بهرحال هن وقت جڏهن ملائيشيا جو سفرنامو لکڻ ويٺو آهيان
۽ چانهه جي ٻاڙ کنيو اٿم ته ان رات واري ايئرپورٽ
اٿارٽي وارن جي گرما گرم چانهه ياد اچي وئي آهي.
کانئن سندن اي ميل ائڊريسون ورتم جو ميلاپ جو
اهوئي هڪڙو ڪارآمد ذريعو وڃي رهيو آهي. باقي فون
کي، پنهنجي ملڪ توڙي پرديس ۾ ڪوشش ڪري بند ئي
رکندو آهيان.
هنن ٻڌايو ته سندن کاتي ۾ سنڌ جا ماڻهو هن وقت به اٽي ۾
لوڻ برابر آهن. هي هڪ عجيب اتفاق ٿيو آهي جو اڄ
رات اسان جي هڪ ئي وقت ڊيوٽي لڳي آهي. هينئر ڪو ڪم
ڪار يا ويجهي اڏام ناهي سو ويٺا ڪچهري ڪريون. هنن
ٻڌايو ته هو هن ڊپارٽمينٽ ۾ ڪافي پراڻا آفيسر آهن
۽ سندن چونڊ تڏهن ٿي هئي، جڏهن سائين غوث علي شاهه
ڊفينس منسٽر هو. آفيسرن جي ڳالهه ڪندي هنن نرگس
گهلوءَ جي ڪافي تعريف ڪئي ته هوءَ جڏهن سندن
ڊپارٽمينٽ جي باس هئي ته هرهڪ جو خيال رکندي هئي.
دل ۾ سوچيم ته کين اها خبر ناهي ته اها اسان جي
مائٽ (منهنجي زال جي سوٽ) آهي. ظاهر آهي هنن کي
ڪهڙي خبر ته مون هالا جي رهندڙ شيخ جي هڪ ماسي
دادو جي گهلن ۾ پرڻجي وئي هئي. بهرحال نرگس جي
تعريف ٻڌي خوشي ٿي. هنن ٻڌايو ته هنن جو اتر سنڌ
جي مختلف ڳوٺن سان تعلق آهي. هڪ ته شڪارپور جو
محمد علي منگي صاحب هو ۽ ٻين ۾ هڪ محمد وزير
عباسي، اشفاق احمد شيخ ۽ عبدالقادر شيخ هئا. هڪ يا
ٻن جو نالو هن وقت ذهن ۾ نه پيو اچي. چانهه پي مون
اٿڻ جي ڪئي.
”سائين اڏام ۾ ته اڃان ٽي چار ڪلاڪ آهن، ويهو ته ڪچهري
ڪريون.“ هنن صاحبن زور ڀريو.
”يارو هاڻ موڪلاڻي ناهي ٿوري دير لاءِ سمهي ٿو پوان.
انشاءَ الله اي ميل تي رابطو رهندو.“
آئون هنن کان موڪلائي سمهڻ لاءِ ڪي لڳاتار ٽي خالي سيٽون
ڳولڻ لڳس.
باب
ڏهون
روزگار لاءِ پرديس جا پنڌ ۽ مسئلا
ڪئالالمپور ڏي ويندڙ هوائي جهاز جي انتظار ۾،
ڪراچي جي ايئرپورٽ تي ويٺي ويٺي هاڻ مون کي ٽي چار
ڪلاڪ ٿي ويا هئا. سامهون لڳل گهڙيال ۾ هڪ ٿي رهيو
هو ۽ ڀرسان لڳل ٽي وي جي اسڪرين تيMAS
(ملائيشيا
جي هڪ هوائي ڪمپني) جي جهاز جي اڏام جو اندازي
مطابق وقت صبح جا چار لکجي رهيو هو، پر ڪنفرم نه
هو جو اهو جهاز ابوظهبي کان اڃا ڪراچيءَ پهتوئي
نه هو. ان بعد هن کي ڪئالالمپور لاءِ اڏامڻو هو.
مون هاڻ ليٽي پوڻ لاءِ ٽي کن ڪرسيون ڳولڻ ٿي
چاهيون ته اتي مسقط جي اڏام جي مسافرن کي سندن
هوائي جهاز ۾ چڙهڻ جو اعلان ٿيو. مون لاءِ اميد ٿي
ته هاڻ ڪيتريون ئي ڪرسيون خالي ٿينديون. مون ويٺي
ويٺي، نظرن سان چوڌاري
Scanning
ڪئي. فلائيٽ جو
ٻڌي سُتلن مان ڪوبه چرپر ۾ نه آيو. هيڏانهن
هوڏانهن چانهه جي اسٽال ۽ ٽئاليٽ وٽ بيٺل مسافرن
مان ڪجهه، جهاز ۾ چڙهڻ لاءِ مقرر گيٽ ڏي روانا
ٿيا. هنن ۾ ٽي چار ڄڻا خوشحال شڪل ۽ ڀريل جسمن جا
اوماني ڊريس ۾ اتي جا ئي باشندا لڳا ٿي، ٻيا
ويچارا ڪومايل شڪلين جا، اسان جا غريب سنڌي، بلوچي
۽ سرائڪي ڀائر لڳا ٿي. هو پڪ پورهئي خاطر وڃي رهيا
هئا. ٻچا ٻار،
گهرگهاٽ ڇڏي عرب ملڪن جي سخت موسم ۾ پورهيو ڪرڻ ڪا
سولي ڳالهه ناهي. سندن ڳوٺن ۾ ڪارخانا فئڪٽريون يا
ڪو ٻيو روزگار جو ذريعو هجي ته هو ڇو گهر ڇڏين. هڪ
دفعي ڪئالالمپور کان ابوظهبي واري اڏام ۾ مونسان
گڏ سفر ڪندڙ هڪ نوجوان انڊونيشي عورت ياد اچي وئي.
هن جو مڙس معذور ٿي چڪو هو ۽ هوءَ ٽن سالن جي
ٻارڙي کي پنهنجي ماءُ وٽ ڇڏي، ڪٽنب جي جياپي لاءِ
ڪنهن عرب جي گهر ۾ جهاڙو پوچو ڪرڻ لاءِ وڃي رهي
هئي. منهنجي پڇڻ تي هن جي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا
هئا ۽ ڏک مان چوڻ لڳي هئي ته ”اسان جا سياستدان به
درياهه جي هن پار واري ملڪ جهڙا ٿي پون ته اسان
پرديس جا ڌڪا ڇو کائون.“ هن جو اشارو ملائيشيا ڏي
هو، جنهن جي ۽ سندن انڊونيشي ٻيٽ سماترا جي وچ ۾
فقط درياهه جهڙو هڪ سوڙهو ڳچي سمنڊ آهي.
آئون انتظار گاهه جي هڪ حصي مان ٿي ٻئي ۾ پهتس ته اتي به
سڀ مسافر سيٽن تي قبضو ڪري ستا پيا هئا. هڪ هنڌان،
جتي سڀ ملئي مهانڊا هئا، لنگهيس ته هڪ همراهه ڪَر
موڙي چرپر ڪئي. آئون ٻه قدم پوئتي وڃي ان جي ڀرسان
بيهي رهيس ته جي هو اٿي ته انهن سيٽن تي قبضو ڪري
وٺان. هن اکيون کولي مون ڏي ڏٺو ته مون يڪدم ملئي
زبان ۾ پڇيومانس ”سوڊا تيدور؟“ ننڊ ڪري ورتئي.
”سوڊا“ هن جواب ڏنو ۽ اٿي کڙو ٿيو.
”پرگي مانا“ (ڪيڏانهن ٿو وڃين؟) مون پڇيومانس. ”
ڪئالالمپور “ هن وراڻيو.
”بُڪان- سيڪارنگ پرگي مانا؟“ (نه. هينئر جو ٿو پڇان ته
ڪيڏانهن پيو وڃين) مون پڇيومانس جو مون کي يڪدم
خيال آيو ته هو رُسي ته نه پيو وڃي. اسان جي ملڪ
جو ايئرپورٽ آهي، مون کي پاڻ کان وڌيڪ هن جو خيال
رکڻ کپي. پر هن ڀُٽ ڀُٽ ڪري تربانگ (هوائي جهاز)
لاءِ چيو ته ”اڃا ته ڪراچي ئي اچڻ جو نالو نه پيو
وٺي. اسان کي
K.L
وٺي هلڻ لاءِ ته پوءِ جي ڳالهه آهي.“ هن ٻڌايو ته
هو ٻن ڪلاڪن کان سمهي سمهي ٿڪجي پيو آهي، هاڻ هو
واڪ ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو. مون دل ۾ چيو ته اهو ته
تو سڀ ۾ سٺو ڪم سوچيو آهي. هاڻ آئون ئي چيلهه سڌي
ڪريان.
آئون پنهنجي ٿيلهي (شولڊر بئگ) کي وهاڻي طور رکي ليٽي
پيس. منهنجي مٿي واري پاسي کان ستل ٻئي ملئي جو
مٿو هو، جيڪو گهاٽي ننڊ ۾ هو. مون به اهو ئي چاهيو
ٿي، جيئن جهاز ۾ جي ننڊ نه اچي ته به ٻئي ڏينهن
ڪئالالمپور پهچڻ تي ڪجهه ته تازگي هجي. مون کي به
ٿوري ئي دير ۾ ننڊ ورائي وئي. پر منهنجي خيال ۾ ته
ڪو ويهه منٽ به ڪي مس ستو هوندس ته ايئرپورٽ جي هڪ
اهلڪار اچي اٿاريو. جتي ننڊ ڦٽڻ جو افسوس ٿيو، اتي
اها به خوشي ٿي ته شايد اسان وارو جهاز هلي ٿو.
”ڇا ٿيو؟“ آئون ڇرڪ ڀري اٿيس. ڪچي ننڊ مان اٿڻ ڪري
منهنجا هوش اڃا سالم نه هئا، ”جهاز هلي ٿو ڇا؟“
مون پڇيو.
”جي ها“ هن چيو، ”سڀ ماڻهو ويهي ويا آهن، توهان ستا پيا
آهيو.“
”سڀ ماڻهو جهاز ۾ ويهي به رهيا؟“ مون چوڌاري نظر ڪئي، سڀ
ملئي همراهه بالم ٿيو ستا پيا هئا. مون هڪ دفعو
وري هن يونيفارم واري همراهه کي ڏٺو، جيڪو
ايئرپورٽ اٿارٽي کاتي جو ڪو هيٺين اسٽاف جو ماڻهو
هو.
”توهان مسقط وڃڻ واري جهاز جا مسافر آهيو نه؟“ هن پڇيو،
ساڳئي وقت لائوڊ اسپيڪر تان به اهوئي اعلان ٿي
رهيو هو ته مسقط وڃڻ وارو جهاز اڏامڻ وارو آهي.
رهيل مسافرن کي آخري دفعو اطلاع ٿو ڪجي ته هو گيٽ
نمبر 23 تي پهچي وڃن.
”ذرا اڌر آئو، بات سنو.“ مون هن کي هٿ جي اشاري سان
ويجهو سڏي ڪجهه چڙ مان چيو، ”آئون ته ملائيشيا پيو
وڃان، پر توکي ڪيئن خيال آيو ته آئون مسقط وڃڻ
وارو مسافر آهيان؟ تو منهنجي اجائي ننڊ ڦٽائي.“
هو ويچارو گهٻرائجي ويو ۽ چوڻ لڳو: ”سر توهان جي ڏاڙهي
ڏسي،“ ۽ پوءِ منهنجي چوڌاري ملئي مسافرن تي نظر
وجهي چيو، ”۽ توهان ٻين کان مختلف لڳي رهيا هئا.“
بهرحال هو ساري ساري ڪندو مسقط جي اڏام جي کُٽل مسافرن
کي ڳولڻ لاءِ روانو ٿي ويو ۽ آئون اڃا سوچي رهيو
هوس ته ويهي وقت گذارجي يا وري ننڊ لاءِ ٽراءِ
ڪجي. آئون اڃان
انهن
ڳڻتين ۾ هوس ته هڪ همراهه، پنجابي گاڏڙ اڙدو ۾
مونکان ويهڻ جي اجازت ورتي. هن جي هڪ هٿ ۾ ننڍي
بئگ هئي، ٻئي ۾ گرم چانهه جو گلاس، جنهن مان ٻاڦ
نڪري رهي هئي. ”سر توهان چانهه پيئندائو؟“ هن
پنهنجي بئگ منهنجي ڀر ۾ رکي پڇيو.
”مهرباني. توهان پيئو. آئون هاڻي پي ويٺو آهيان.“ مون هڪ
پاسي رڙهي کيس ويهڻ لاءِ ڪشادي جاءِ ڏني ۽ شولڊر
بئگ ڳچي ۾ وجهي اٿي کڙو ٿيس.
”منهنجي لاءِ سيٽ رکجانءِ ته آئون هٿ منهن ڌوئي ٿو
اچان.“ مون هن همراه کي چيو. |