سيڪشن؛سفرناما

ڪتاب: هليو آ، هليو آ.... ملائيشيا

باب: --

صفحو:12

ڊاڪٽر شڪيل جي والد حاجي احمد (حاجن) کان پوءِ اسماعيل لالا آهي، جيڪو نواب شاهه ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر حيسڪو آهي، ان بعد چوٿون ڀاءُ عبدالمجيد ۽ پنجون ڀاءُ امجد انجنيئر آهن. امجد مهراڻ مان BE   ڪرڻ بعد ملائيشيا جي شهر جوهور بارو جي UTM   يونيورسٽي مان انجنيئرنگ ۾ M.E.  ڪئي ۽ پوءِ ڪئناڊا مان Ph.D.   ڪئي ۽ اڄڪلهه اتي ئي نوڪري ڪري ٿو.

چاچي محمد يوسف ميمڻ کي ٻه ڌيئون ٿيون، يعني اسان واري هن ڊاڪٽر شڪيل کي ٻه پڦيون آهن. ننڍي پڦي جي شادي مٿي ذڪر ڪيل وڪيل هاشم ميمڻ سان ٿي ۽ وڏي پڦي ادي صالحان جيڪا وائيس چانسلر عبدالرحمان ۽ حاجن جي وچ ۾ آهي، ان جي شادي سائين علي محمد متقي جي ٻئي نمبر پٽ نورالدين سان ٿي. اڄ هي لکندي مون کي پنهنجو ننڍپڻ ياد ٿو اچي. جڏهن 60 سال کن اڳ آئون ڇهه ست سالن جو هوس، تڏهن کان منهنجو سائين علي محمد جي گهر ۾ گذر ٿيندو هو. هنن جي گهر ۽ اسان جي گهر جي اتر واري ڀت ساڳي هئي، جنهن ۾ ٺهيل در مان اسان ڀائر ڀينرن جو هنن وٽ اچڻ وڃڻ هوندو هو. سچ ته اهو آهي ته سائين علي محمد ۽ سندن ڀرواري گهر ۾ رهندڙ سندن ڀاءُ فيض محمد (جنهن کي اسان چاچا فيضو سڏيندا هئاسين) ۽ ان جي گهرواري ماسي عمليءَ اسان کي ويجهن مائٽن وانگر چاهيو ٿي. هنن جو پوءِ سگهو ئي انتقال ٿي ويو، نه صرف انهن جو پر چاچي فيضو جي اڪيلي پٽ انجنيئر عبدالباقي جو به جواني ۾ موت ٿي ويو. ڇا ته لاجواب انسان هئا. اڄ به سندن ٻارن نور الدين ۽ سندس ڀاءُ مهراڻ يونيورسٽي جي پروفيسر معين ۽ عبدالباقي جي ٻارن ڊاڪٽر اعجاز ميمڻ کي ڏسي سندن وڏا ياد اچي وڃن ٿا. هالا جي هي ميمڻ فئملي نه فقط نالي ۾ پر صحيح معنيٰ ۾ متقي چئي سگهجي ٿي، جن کي اسان ڪڏهن کهرو ڳالهائيندي نه ٻڌو. نماز روزي جا هميشه پابند رهيا. سادگي ۾ زندگي گذاري پنهنجي اولاد کي تعليم جهڙي زيور سان آراسته ڪيائون. ڏکي وقت تي پاڙي اوڙي جي ڪم آيا ۽ ڪڏهن به ڪنهن سان ٺڳي دولاب نه ڪيائون. ماسي عمليءَ وارن جو ٺهيل آچار آئون ڪڏهن به وساري نه سگهندس. خاص ڪري پتائي گجرن جو جنهن کي هو ”آهري“ سڏيندا هئا. اهو آچار يعني آهري، ٻن قسمن جو هوندو هو. هڪ کٽو جيڪو هو منجهند جو کائيندا هئا ۽ ٻيو چاش وارو مٺو جيڪو خاص نيرن لاءِ هوندو هو.

جپان ۾ صبح جو هوٽلن ۽ مسافر خانن ۾ ملندڙ ”مسو شيرو سوپ“ ڏسي مون کي پروفيسر معين ۽ ڊاڪٽر اعجاز جي ڏاڏيءَ جي ٺهيل مٺي آهري ياد اچي ويندي آهي. هنن جي گهر ڀرسان ئي وائيس چانسلر عبدالرحمان ميمڻ وارن جو گهر آهي، جنهن جي ڀائرن ڀينرن جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين ته سندن وڏي ڀيڻ ادي صالحان جي شادي سائين علي محمد متقي جي پٽ نور الدين سان ٿي. کين ٽي ٻار آهن. هڪ ڌيءَ مهرين ۽ ٻه پٽ. ننڍو پٽ عمير بنيادي تعليم بعد پنهنجي پيءُ سان گڏ بزنيس ڪري رهيو آهي ۽ وڏو زبير مهراڻ يونيورسٽي ۾ پروفيسر آهي ۽ سندس شادي پنهنجي سوٽ (پروفيسر معين جي ڌي) نزهت سان ٿي آهي، جيڪا پڻ ڊاڪٽر آهي.

پروفيسر زبير جي ڄم جي تاريخ 12 مارچ 1974ع آهي. پاڻ 1998ع ۾ مهراڻ يونيورسٽي مان سول انجنيئرنگ ۾ B.E.   ڪيائين، ان بعد ملائيشيا اچي جوهور بارو جي يونيورسٽي ٽيڪنيڪل مارا مان سن 2000 ع ۾ M.E.   ڪيائين. سندس سبجيڪٽ ڪنسٽرڪشن مئنيجمينٽ رهيو. ان بعد SAITA  ڪمپني ۾ انڊس هاءِ وي ڪوهاٽ ۽ پشاور ٽنل تي ڪم ڪيو. ان بعد هن مهراڻ يونيورسٽي ۾ نوڪري شروع ڪئي ۽ ٻه سال نوڪري ڪرڻ بعد هن جو Ph.D.  ڪرڻ جو ارادو ٿيو. اسڪالرن جي کوٽ ڪري هو پنهنجي خرچ تي ملائيشيا آيو ۽ سال 2003ع کان 2007ع تائين جوهور بارو جي ساڳي يونيورسٽيءَ ۾ پڙهي ڊاڪٽوريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي.

 

هالا نوان جو دل جي مرض جو ماهر سرجن شڪيل ميمڻ ڪوالالمپور ۾

باب پنجويهون

قدرت   جا   کيل   نرالا...

ملائيشيا جي ناليواري دل جي سرجن ۽ اسان جي ڳوٺائيءَ ڊاڪٽر شڪيل ميمڻ مون کي ۽ علي سولنگيءَ (جنهن جي گهر آئون ٽڪيل هوس) کي فون ڪيو ته اسان ڪئالا نگارا (National Heart Institute) ڏسي وڃون جنهن ۾ هو ڪم ڪري ٿو. پر وقت جي کوٽ ڪري اسان انڪار پئي ڪيو. جپان وڃڻ کان هڪ ڏينهن اڳ منهنجي چوڻ تي علي مون کي هڪ ملئي فئملي سان ملائڻ کانپوءِ ”شاه عالم“ شهر ۾ ٽنڊو قيصر جي پروفيسر ڊاڪٽر شفيع محمد نظاماڻي جي گهر وٺي هلڻ لاءِ نڪتو. رستي تي جالان پُودوءَ تان هن پيٽرول ڀرائڻ چاهيو ٿي ته مون چيومانس ته علي هينئر سڌو ڪمپونگ بارو ملئي فئملي جي گهر هَلُ، هوءَ ويچاري 90 ورهين جي پوڙهي عورت (اسان جي دوست حبيب الرحمان ۽ ڪمال رحمان جي والده) صبح کان انتظار ڪري رهي آهي ۽ هاڻ ٿڪجي پئي هوندي. اسان سندن گهر پهتاسين مس ته مينهن جو وسڪارو شروع ٿي ويو. گهڻي عرصي بعد اچڻ ڪري گهر نه پيو ملي، ڪڏهن هن گهٽيءَ ۾ ته ڪڏهن هُن ۾ ڳوليندا رهياسين. عليءَ چيو ته پيٽرول به هاڻ ڪو تر ۾ وڃي بچيو هوندو. بهرحال گهر مليو، نه نه ڪري چانهه پيتيسين ۽ اچي ڪار ۾ ويٺاسين. عليءَ چيو ته هاڻ پهرين ڪنهن ويجهي پيٽرول پمپ تي هلي پيٽرول به وجهائجي ته اتي ئي ظهر نماز به پڙهبي جو وقت نڪرندو پيو وڃي.

اسان روڊ تي آياسين ته سخت مينهن ڪري هڪ طرف Visibility  (ڏيک) گهٽ هو ۽ ٻيو ٽرئفڪ اهڙي ته جئم هئي جو ڪراچي ياد اچڻ لڳو. عليءَ چيو ته ائين ڍڳو پير پيران هلڻ ڪري باقي بچيل پيٽرول به اتي سڙي ويندو سو هاڻ risk کڻي پويون روڊ سنگائي بيسي ٿا وٺون. اتي پهتاسين ته اتي به اهو حشر هو.

”ان کان ته ڀلا مين روڊ کڻجي“ عليءَ چيو.

”صحيح ٿو چئين“، مون عليءَ سان ها ۾ ها ملائي، ”جالان تن رزاق کڻي وٺ جتي ڪويت ۽ انڊونيشيا جي سفارتخانن وٽ ڪنهن هوٽل تان مرتباڪ وٺي کائون.“

تن رزاق روڊ اڄ جي وزيراعظم نجيب جي والد نالي آهي جيڪو هن ملڪ جو ٻيو وزيراعظم هو. هن روڊ جو اصلوڪو نالو پيڪليلنگ روڊ هو، جيڪو نالو بدلجڻ بعد به ڪيترائي سال هلندو رهيو. هن روڊ تي پهتاسين ته ان تي به اهو حال! هڪ مينهن نه گهٽجي، ٻي بک، جو صبح جو نيرن ڪري نڪتا هئاسين، ته هاڻ چار ٿي رهيا هئا. ملئي پوڙهي عورت وٽ ماني تيار هوندي به اسان ڪجهه شرم کان ڪجهه کيس تڪليف نه ڏيڻ جي خيال کان هن کي اهو چئي ته اسان ماني کائي آيا آهيون رڳو چانهه پيتيسين. سڀ کان وڏي ڳالهه پيٽرول کٽڻ جي هئي.

”علي پيٽرول جي صفا ختم ٿي وڃي ته پوءِ ڀلا ڪنهن پيٽرول پمپ تان بوتل ۾ پيٽرول ملي ويندو؟“ مون ائين سوال ڪيو ڄڻ آئون کوهه مان ڳالهائي رهيو هجان.

”سائين توهان پاڻ هن ملڪ ۾ رهي ويا آهيو. توهان کي پاڻ خبر هوندي ته اهڙي حالت ۾ ڪار کي پيٽرول پمپ تائين Tow ڪرائڻو پوندو.“

”پوءِ ته بهتر آهي ته فرسٽ گيئر ۾ انچ انچ رڙهڻ ۽ باقي بچيل پيٽرول ساڙڻ کان ڪنهن پارڪنگ ۾ گاڏي بيهاري ڇڏجي. مينهن ختم ٿيڻ ۽ ٽرئفڪ روان ٿيڻ تي ڪار کي ڊوڙائي سڌو پيٽرول پمپ تي هلجي.“ مون عليءَ کي چيو.

”آئون به اهو ئي سوچي رهيو آهيان ته پيٽرول جا باقي بچيل ڦڙا بچائجن ۽ ڪٿي پارڪ ڪجي.“ عليءَ چيو.

اسان هيڏانهن هوڏانهن لوڻا هڻي رهيا هئاسين ته منهنجي پاسي هڪ وڏي عمارت نظر آئي. مون ان جو نالو پڙهي يڪدم عليءَ کان پڇيو:

“علي جنتنگ معنى ته دل آهي نه؟“

”ها. ڇو خير ۾؟“ عليءَ هيڏانهن هوڏانهن ڏسڻ بدران سامهون روڊ تي نظرون کپائيندي چيو.

”بس هيڏانهن گاڏي موڙ ۽ ان عمارت ۾ هلي ٿا ڪلاڪ اڌ انتظار ڪريون. ڊاڪٽر شڪيل هجي يا نه هجي مڙيئي خير آهي.“ مون چيو ۽ علي بلڊنگ جي ٻاهران ملئي زبان ۾   Institut Jantung Negara (IJN)   پڙهي کلڻ لڳو.

اسان گاڏي پارڪ ڪري اچي رسيپشن ۾ ويٺاسين. عليءَ چيو ته ”ڪو پڇي ته ڪنهن لاءِ ويٺا آهيو ته ڇا چئونس؟“

”ظاهر آهي ڪنهن مريض سان ملڻ لاءِ ته نه چئبو، نه ته پڇندا ته ڪهڙي ڪمري ۾ آهي. چونداسين ته ڊاڪٽر شڪيل جو انتظار ڪري رهيا آهيون.“ مون چيومانس، ”۽ اڳلو سمجهندو ته هو آپريشن ٿيٽر مان اچڻ وارو آهي يا گهران اچڻ وارو آهي.“

ڪجهه دير ويهي جڏهن هوش ٺڪاڻي آيا ته اٿي ڪئنٽين مان ڏاڍا بسڪيٽ ڪيڪ ۽ چانهيون پي تازا ٿياسين ۽ وقت پاس ڪرڻ لاءِ آئون هن اسپتال بابت خبرچار وٺڻ لڳس. عليءَ چيو ڊاڪٽر شڪيل ويچارو اسپتال ۾ اچڻ لاءِ منٿون ڪندو رهيو ته اسان نه هلياسين، اڄ مجبور ٿي پاڻهي اچي نڪتا آهيون ۽ پنهنجي خرچ تي چانهيون پيا پيون.

بهرحال ملائيشيا جي هن وڏي ۾ وڏي نئشنل هارٽ انسٽيٽيوٽ ۽ دنيا جي مشهور اسپتالن مان هڪ، اسان کي بيحد متاثر ڪيو. هتي ڪارڊيولاجي ۽ Cardiothoracic سرجري ٿئي ٿي ۽ نه فقط ملڪ جا مريض پر عرب دنيا جا به اڄڪلهه علاج لاءِ هتي اچن ٿا. هتي وڏن توڙي ٻارن جي دلين جا آپر يشن ٿين ٿا. هن اسپتال جو بنياد 1992ع ۾ رکيو ويو. اسپتال جي انتظاميه ٻڌايو ته هن اسپتال ۾ هر سال ڏيڍ لک کان وڌيڪ مريض علاج حاصل ڪن ٿا. گذريل سال  40 هزار کن اوپن ۽ ڪلوز هارٽ آپريشن ٿيا. هن اسپتال ۾ 85 ڪنسلٽنٽ، ڪارڊيالاجسٽ ۽ Cardiothoracic   سرجن ۽ بيهوشي جا ڊاڪٽر ڪم ڪن ٿا. مختلف ڪم ڪرڻ وارن جو تعداد هڪ هزار آهي ۽ ان کان علاوه 500 کن نرسون آهن. هڪ ڊاڪٽر ٻڌايو ته هن اسپتال مان اڳوڻو وزيراعظم عبدالله احمد بداوي ۽ ڊاڪٽر مهاتر بن محمد به علاج ڪرايو آهي ۽ ملڪ جا سلطان ۽ بادشاهه به ٻاهر وڃڻ بدران هن اسپتال ۾ اچن ٿا. ا سپتال ۾ هن وقت 270 مريضن لاءِ بسترا آهن ۽ ايندڙ سال 192 وڌيڪ مريضن لاءِ ڪمرا ٺهي رهيا آهن. ان کان علاوه 8 جنرل وارڊ ۽ 5 آپريشن ٿيٽر  آهن. ICU ۾ 8 بسترن جو ۽ CCU ۾ 12 بسترن جو بندوبست آهي.

ڊاڪٽر شڪيل ملائيشيا جي پراڻي يونيورسٽيءَ ”دي يونيورسٽي آف ملايا“ مان تعليم حاصل ڪئي. هيءَ ملائيشيا جي ٽاپ يونيورسٽي آهي جنهن مان ڪيترين ئي اهم شخصيتن تعليم حاصل ڪئي آهي. ملائيشيا جو اڳوڻو وزيراعظم تن عبدالرزاق ۽ تن مهاتر بن محمد، سنگاپور جو وزيراعظم لي ڪئان يئو، عبدالله احمد بداوي، گوه ڪينگ سوي، موسى حطام ۽ ٻيا ڪيترا هن يونيورسٽي جا شاگرد ٿي رهيا. ڊاڪٽر شڪيل ٻڌايو ته هن کي ننڍپڻ کان دل جو ڊاڪٽر ٿيڻ جو شوق هو. هتي اچڻ سان هن جو واسطو پيٽ جي بيمارين جي ڊاڪٽر سان پيو. هن مون کي چيو ته آئون توکي پنهنجو سڄو تجربو ڏيندس ۽ توکي اهڙو ماهر بڻائيندس جو دنيا ڏسندي.“ ڊاڪٽر شڪيل ٻڌايو ته هو عجيب شش و پنج ۾ پئجي ويو ته هاڻ ڇا ڪجي. ”پر پوءِ هفتي کن بعد مون ڊڄي ڊڄي کيس پنهنجي دل جو حال ٻڌايو ته سائين آئون هتي هلي ملي دل جي آپريشن جو سرجن ٿيڻ آيو آهيان. هو اهو ٻڌي چپ ٿي ويو. شريف ماڻهو هو منهنجي شوق جو قدر ڪيائين ۽ منهنجي لاءِ گهربل بندوبست ڪيائين.

”مون اهو ئي پڪو پهه ڪيو ته جيسين آئون سرجن نه ٿيندس تيسين نه شادي ڪندس نه گهمڻ ڦرڻ نڪرندس“، ڊاڪٽر شڪيل هڪ ڏينهن ٻڌايو هو، ”جيئن ئي امتحان پاس ڪيم ۽ نوڪري ملي ته ڳوٺ وڃي پنهنجي مڱيندي نسيم سان شادي ڪري آيس.“

ڊاڪٽر شڪيل جي ڪنوار نسيم جو به هالا جي هڪ پڙهيل ۽ نيڪ گهراڻي سان تعلق آهي جنهن هميشه پئسي ڏوڪڙ بدران تعليم، اخلاق، شرافت ۽ ٻين جي خدمت ڪرڻ کي ترجيح ڏني آهي. اتفاق سان ڊاڪٽر شڪيل ۽ نسيم وارن سان منهنجي، سندن وڏن سان گذريل اڌ صديءَ کان واقفيت رهي آهي. ڊاڪٽر شڪيل جي گهر واري نسيم مرحوم محمد سليمان ميمڻ جي ڌيءَ آهي ۽ هو پاڻ ۾ ٻه ڀائر ۽ ٻه ڀينرون آهن. پاڻ سڀ ۾ ننڍي آهي. سندس اسلامڪ ڪلچر ۾  MA  ۽  B.Ed   ٿيل آهي. سندس وڏي ڀيڻ جي شادي ڊاڪٽر شڪيل جي چاچي انجنيئر مجيد سان ٿيل آهي. ڀائرن مان ننڍو محمد ميمڻ انجنيئر آهي ۽ وڏو نور محمد ڊاڪٽر ۽ پاڪستاني فوج ۾ برگيڊيئر آهي. هالا جا ڪيترائي نوجوان برگيڊيئر رئنڪ تائين پهچي چڪا آهن پر ميڊيڪل فيلڊ ۾ ڊاڪٽر نور محمد ميمڻ پهريون آهي.

ڊاڪٽر نور محمد (ڄم جي تاريخ پهرين نومبر 1954)،  1980ع ۾ ڄامشوري مان  MBBS  ڪئي ۽ ٽي چار مهينا کن هائوس جاب ڪري 1981ع ۾ فوج ۾ هليو ويو. سندس پهرين پوسٽنگ گجرانوالا ۾ ٿي هئي. ڪئپٽن، ميجر ۽ ليفٽيننٽ ڪرنل جون پوسٽون حاصل ڪندو، 1994ع ۾ هو ڪرنل ٿيو. ان بعد هن قائداعظم يونيورسٽي اسلام آباد مان ”ائڊوانسڊ ميڊيڪل ائڊمنسٽريشن“ ۾ 1999ع ۾ M.Sc ڪئي. پاڻ گذريل سال سيپٽمبر 2010ع ۾ برگيڊيئر جي رئنڪ ۾ رٽائرمينٽ حاصل ڪئي. پڙهندڙن جي دلچسپي لاءِ هتي اهو به لکندو هلان ته جيئن ڊاڪٽر نور محمد ميمڻ اسان جي ڳوٺ جو پهريون ڊاڪٽر آهي جيڪو ان رئنڪ تائين پهتو، تيئن سندن وڏي ڌيءَ ڊاڪٽر مهرالنساءَ ميمڻ هالا جي پهرين ڇوڪري آهي جنهن پاڪستان آرمي Join ڪئي ۽ هن وقت هوءَ ڪئپٽن جي رئنڪ تي آهي. سندس مڙس ڊاڪٽر ساجد پڻ آرمي ۾ ڪئپٽن آهي، جنهن جو والد سائين احمد مِٺُو، درس تدريس جو ڪم ڪري ٿو. جنهن جي قابليت، خدمت جي جذبي ۽ محنت ڪري ڪيترائي شاگرد فيضياب ٿيا آهن ۽ هو اسان جي ڳوٺ هالا جي هڪ قابل احترام شخصيت آهي. اڄ مون کي انهن نوجوانن جو ذڪر ڪندي خوشي ٿي محسوس ٿئي ته هنن سڀني پنهنجي محنت ۽ ايمانداريءَ سان پنهنجي مقصد ۾ ڪاميابي حاصل ڪري پنهنجو ۽ پنهنجي خاندان جو نالو روشن ڪيو. اهي صحيح معنى ۾  Self Made   ماڻهو چئي سگهجن ٿا، انهن جيڪي ڪجهه حاصل ڪيو اهو سڀ پنهنجي مڙسي ۽ همت سان. منهنجي هم عمر ملئي دوست ابوبڪر بن احمد جي جڏهن دل جي آپريشن ٿي ته هن جي فئمليءَ جالان (شاهراهه) راجا عبدالعزيز تي مون سان گڏ ڊاڪٽر شڪيل کي ڏسي مون کي ٻڌايو ته ”توهان جي ملڪ جو هي ڊاڪٽر ڏاڍو قابل ماڻهو آهي.“ اهو ٻڌي خوشيءَ مان منهنجي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا. مون کين ٻڌايو ته ”هي نه فقط منهنجي ملڪ جو آهي پر منهنجي ڪمپونگ (ڳوٺ) ۽ گهٽيءَ جو آهي.“

25 سال اڳ 1987ع ۾، پنهنجي هن ملئي دوست ابوبڪر بن احمد سان  ملاڪا جي نيول اڪيڊمي جي گرائونڊ تي فٽ بال کيڏڻ وقت، مون اهو سوچيو به نه هو ته تن ڏينهن ۾ اسان جي ڳوٺ ۽ اسانجي پاڙي جو، پنجين ڪلاس ۾ پڙهندڙ يارهن سالن جو شڪيل، هڪ ڏينهن ملائيشيا ۾ دل جو سرجن ٿيندو ۽ منهنجي هن ڦڙتيلي دوست رانديگر جون ٻڍاپي ۾ دل جون بند ٿيل نليون کوليندو.

هي قدرت جا پنهنجا کيل آهن جن کان انسان اڻ واقف رهي ٿو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org