سيڪشن؛سفرناما

ڪتاب: هليو آ، هليو آ.... ملائيشيا

باب: --

صفحو:5

باب پنجون

اسان وٽ ههڙيون عظيم مائرون به آهن....

گذريل مضمون ۾ پاڻ ملائيشيا جي ڏکڻ چيني سمنڊ جي ڪناري واري رياست ترنگانو جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين، جتي جي UMT   يونيورسٽي ۾ ميرپورخاص جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ”مير شهداد خان ٽالپر“ جو مير الهداد ولد محمد رحيم ٽالپر Ph.D.  اسڪالر آهي. هن جي دعوت ڏيڻ تي منهنجي دل ۾ هڪ دفعو وري ملائيشيا وڃڻ جو شوق پيدا ٿيو جو ملائيشيا جي هن رياست جو پنهنجو جادو آهي. ملائيشيا ويندڙن کي آئون هميشه چوندو آهيان ته فرصت ملي ته ترنگانو ۽ ڀرواري رياست ڪيلنتان ضرور وڃو.

ترنگانو رياست کي ’دارالامان‘ به سڏيو وڃي ٿو. ملائيشيا جي ڪجهه رياستن جي سلطانن پنهنجن رياستن جا عربي نالا به رکيا آهن، جيئن سلينگور رياست ’دارالاحسان‘ سڏجي ٿي. ڪيداح رياست دارالامان ۽ پهانگ رياست دارالمعمور سڏجي ٿي. ترنگانو رياست جي گاديءَ جو شهر ’ڪئالا ترنگانو‘ آهي. هي شهر ترنگانو نديءَ جي منهن وٽ آهي، يعني جتي ترنگانو ندي سائوٿ چائنا سمنڊ ۾ وڃي ڇوڙ ڪري ٿي، اتي هي ڪافي آڳاٽو شهر ۽ بندرگاهه آهي. ڪنهن زماني ۾ هيءَ رياست سيام (اڄ واري ٿائلينڊ) جي به قبضي ۾ رهي، جيڪي هن کي ”ترنگ ڪانو“ سڏيندا هئا. ترنگانو رياست جي ايراضي 5 هزار چورس ميل ٿيندي. يعني جيڪب آباد ۽ لاڙڪاڻي ضلعي کي ملائجي ته اوتري پکيڙ ۾ ترنگانو رياست ٿيندي. باقي آدمشماري ۾ سڄي ملائيشيا ۾ گهٽ ماڻهو رهن ٿا ۽ ترنگانو ۽ ڪيلنتان پاسي ته اڃان به گهٽ آدمشماري آهي. سڄي ترنگانو رياست ۾ هاڻ 10 لک ماڻهو ٿيندا ۽ هوڏانهن اسان وٽ فقط جيڪب آباد جي آدمشماري 15 لک آهي ۽ لاڙڪاڻي جي ته 25  لک آهي.

ترنگانو رياست ست ننڍن ضلعن ۾ ورهايل آهي، جيڪي ملئي زبان ۾ دائرا (Daerah)  سڏجن ٿا. هتي جي ملئي زبان ڪئالالمپور ۽ جوهور بارو واري پاسي جي ملئي زبان کان ڪجهه مڙيئي مختلف آهي، جيئن اسان وٽ لاڙي، اترادي ۽ ٿري زبانن ۾ ڪجهه فرق آهي. هيءَ رياست سمنڊ جي اهم روٽ تي هجڻ ڪري صدين کان هتي ڌارين جي اچ وڃ رهي آهي. لکت ۾ ان جو احوال ڇهين صدي کان چيني واپارين ۽ جهازرانن جي ڊائرين مان ملي ٿو. ملائيشيا جي ٻين رياستن وانگر هن رياست ترنگانو ۾ به اسلام جي آمد کان اڳ ماڻهن جو ڪيترين صدين تائين ٻڌ ۽ هندو ڌرم سان واسطو رهيو. هن رياست لاءِ چيو وڃي ٿو ته سڀ کان پهرين هتي اسلام آيو، جنهن لاءِ هتي جا ماڻهو ٻڌائين ٿا ته ڪئالا برانگ شهر ۾ سن 1303 جو هڪ ڪتبو مليو آهي، جنهن تي عربي ۾ لکت آهي.

ڪئالا برانگ ۽ هن رياست جي گادي واري شهر ڪئالا ترنگانو تان ياد آيو ته پڙهندڙن کي اهو ٻڌائيندو هلان ته ملائيشيا ۾ ڪيترائي شهر ۽ ڳوٺ آهن، جن جي نالن ۾ ”ڪئالا“ لفظ  ائين اچي ٿو، جيئن سنڌ جي ڪيترن شهرن ۾ ”ٽنڊو“ لفظ استعمال ٿئي ٿو....ٽنڊوآدم، ٽنڊوڄام، ٽنڊوالهيار.... وغيره. تيئن هتي ڪئالا ترنگانو، ڪئالا لمپور، ڪئالا ڪَنگسار، ڪئالا مُودا، ڪئالا بيسار، ڪئالا سُنگائي بارو.... وغيره آهن. ڪئالا (Kuala)  ملئي لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”نديءَ جو منهن“. ڪئالا ترنگانو، ڪئالا ڪنگسار ۽ ڪئالا لنگاٽ معنيٰ ترنگانو، ڪنگسار ۽ لنگاٽ ندين جا منهن. جتي اڄ وارو ڪئالالمپور آهي، اتان هڪ گپ واري ندي لنگهي ٿي، ان ڪري هن شهر جو نالو پيو گپ واري ندي جو منهن. اهڙي طرح مُودا (Muda) معنيٰ جوان، بارو (Baru)  معنيٰ نئون، سنگائي (Sungai)  معنيٰ ندي جن اڳيان ڪئالا (Kuala)  لڳايو ويو آهي. ملائيشيا ۾ گهاٽا جهنگل هجڻ ڪري هڪ سئو سال کن اڳ ، هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ تائين درياهن ذريعي پهچي سگهبو هو. چوڌاري سمنڊ تي سفر ڪندڙ يا پيٽ گذر لاءِ مڇيون ماريندڙ يا ويندي قزاق ۽ ڦورو، جتي جتي ندي ڇوڙ ڪندي هئي، اتان ان جي منهن وٽان هو اندر گهڙي ايندا هئا. جيئن اسان وٽ سڀ آڳاٽا شهر ندين جي ڪناري تي آهن تيئن ملائيشيا توڙي انڊونيشيا ۽ سنگاپور ۾ آڳاٽا شهر ندين جي منهن يعني ڇوڙ وٽ آهن. سمنڊ کان ايندڙ ماڻهو لاءِ نديءَ جو اهو منهن ٿيو، جنهن مان هو گهڙي اندر اچي ٿو.. انهن شهرن مان ڪيترن جا نالا ڪئالا سان شروع ٿين ٿا.

1724ع ۾ ترنگانو هڪ خود مختيار رياست جي شڪل اختيار ڪئي، جنهن جو پهريون سلطان تُن زين العابدين ٿيو، جيڪو ان وقت جي جوهور رياست جي سلطان جو ننڍو ڀاءُ هو. جوهور رياست مغربي ملائيشيا جي بلڪل پوڇڙ تي ڏکڻ ۾ آهي، جنهن جو گادي وارو شهر ”جوهور بارو“ ڪازوي (پُل) ذريعي سنگاپور ٻيٽ سان ڳنڍيل آهي. اوڻيهين صدي ۾ جڏهن ترنگانو جي رياست سيام (ٿائلينڊ) جي ڪنٽرول ۾ هئي ته هن رياست جو سلطان، هر سال سيام حڪومت کي ڏن ڏيندو رهيو. پر اهو آهي ته سيام حڪومت هيٺ ترنگانو ڏاڍي ترقي ڪئي ۽ خوش حال رهيو. 1919ع ۾ سيامين جو انگريزن سان معاهدو ٿيو، جنهن هيٺ ترنگانو انگريزن حوالي ڪيو ويو. انگريزن پنهنجو انتظام هلائڻ لاءِ رياست جو وڏو سلطان کي ئي رکيو، پر هن کان پنهنجي مقرر ڪيل انگريز صلاحڪار ذريعي سڀ ڪجهه پنهنجي مرضي مطابق ڪرايو ٿي. ملئي ماڻهن کي اها ڳالهه نه وڻي. کين دٻائي رکڻ لاءِ انگريزن 1928ع ۾ فوجي طاقت استعمال ڪئي. ٻي وڏي جنگ دوران جپانين ترنگانو سان گڏ ملائيشيا جون ٽي ٻيون رياستون: ڪيلنتان، ڪيداح ۽ پرلس سيام (ٿائلئنڊ) وارن جي حوالي ڪيون. جپان جي شڪست بعد هي سڀ رياستون وري انگريزن حوالي ٿيون، پر پوءِ سگهوئي 1957ع ۾ ملائيشيا کي خودمختياري ملي. پاڻ ملائيشيا جي هن رياست ترنگانو جو احوال هتي جي مشهور يونيورسٽي  (يونيورسٽي ملائيشيا ترنگانو) جي ڪري ڪڍيوسين، جتي ميرپورخاص ضلعي جي هڪ ڳوٺ جو مير الهداد ٽالپرAquaculture  سبجيڪٽ ۾ Ph.D.  ڪري رهيو آهي.

هن يونيورسٽي ۾ چار فئڪلٽيون آهن:

- سائنس ائنڊ ٽيڪنالاجي

- مئنيجمينٽ ائنڊ ايڪانامي

- ائگرو ٽيڪنالاجي ائنڊ فوڊ سائنس

- مئريٽائيم اسٽڊيز ائنڊ مئرين سائنس.

يونيورسٽي جي چانسلر ، هن رياست جي سلطان ۽ هاڻوڪي بادشاهه جي زال ”راڻي تئانڪو نور زهره“ آهي، جنهن لاءِ لکي چڪو آهيان ته هن جو واسطو ڪنهن شاهي گهراڻي سان نه آهي. راڻي سلطانا نور زهره 1973ع ۾ ڪيداح رياست جي شهر الور اسٽار ۾ ڄائي. سندس اصل نالو روزيتا بنت عادل آهي، پر شاديءَ بعد سندس نالو نور زهره رکيو ويو. هن هڪ عام ڇوڪريءَ جي حيثيت ۾ الور اسٽار جي انگريزي اسڪول ”سينٽ نڪولس ڪانوينٽ اسڪول“ مان گريجوئيشن ڪئي. هتي اهو به لکندو هلان ته ملائيشيا جو اڳوڻو وزير اعظم مهاتير بن محمد جو ڳوٺ به الور اسٽار آهي جتي ”محمد“سندس والد صاحب اسڪول ٽيچر هو. مهاتير جو پيءُ ان وقت جي گڏيل انڊيا کان ملايا آيو هو ۽ ماءُ ”وان تيمپاوان“ هتي جي مڪاني ملئي هئي.

هتي ٻه چار سٽون مير الهداد ٽالپر بابت لکڻ ضروري سمجهان ٿو، جيڪو اسان جي ملڪ جي ذهين شاگردن مان هڪ آهي ۽ هن جي ڪري اسان جي ملڪ جو نالو هن يونيورسٽي ۽ ملڪ ۾ مٿانهون ٿيو آهي ۽ ساڳي وقت هن جي زندگي اسان جي اڄ جي نوجوان شاگرد ۽ والدين لاءِ پڻ سبق آموز آهي.

مير الهداد ٽالپر 9 جون 1963ع تي ميرپورخاص پاسي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺڙي مير شهداد خان ٽالپر ۾ هڪ غريب پورهيت مير محمد رحيم جي گهر ۾ ڄائو. پاڻ اڃان پنجن سالن جو مس ٿيو ته سندس والد وفات ڪئي. الهداد ٻڌايو ته هن جي ماءُ جيتوڻيڪ هڪ ڳوٺاڻي ۽ ايترو ڪا پڙهيل نه هئي، پر هُن هر صورت ۾ چاهيو ٿي ته هن جو اولاد تعليم يافته ٿئي. هوءَ هر وقت الهداد کي علم پرائڻ لاءِ همت افزائي ڪندي رهي. هن مئٽرڪ حيدرآباد جي نور محمد هاءِ اسڪول مان ڪئي ۽ انٽر مسلم ڪاليج حيدرآباد مان ڪرڻ بعد سنڌ يونيورسٽي ۾ داخلا ورتي. B.Sc.  آنرس ۽  M.Sc. ۾ هن جا سبجيڪٽ ”فريش واٽر بايولاجي“ ۽ ”فِشريز“ هئا. هن ٻنهي ۾ فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن حاصل ڪئي. سنڌ گورنمينٽ جي فشريز ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪري لاءِ جيڪو 1993ع ۾ ڪميشن جو امتحان ٿيو، ان ۾ به پاس ٿيل اميدوارن ۾ مير الهداد ٽاپ پوزيشن کنئي ۽ اڄ ڪلهه هو ان ڊپارٽمينٽ جو ڊائريڪٽر آهي. پاڻ 1995ع ۾ آمريڪا جي آبرن يونيورسٽي الاباما مان پوسٽ گريجوئيشن ڊپلوما ڪئي، جنهن جو سبجيڪٽ  Aquaculture هو. هاڻ گذريل سال کان ملائيشيا جي هن يونيورسٽي UMT  مان ساڳي سبجيڪٽ يعني ”اڪئا ڪلچر“ ۾  Ph.D. ڪري رهيو آهي. هن سبجيڪٽ ۾ ڪيتريون ئي شيون اچي وڃن ٿيون، جهڙوڪ:

Brood Stock Management of Sea bass

Water Quality Management

Live Feed Culture

Fresh Water Prawn & Crab breeding

وغيره وغيره.

مير الهداد ٽالپر جي گهرواري مسز گل نساءِ ٽالپر به هڪ پڙهيل ڳڙهيل ۽ ڪميشن پاس ڪيل خاتون آهي. هوءَ سنڌ گورنمينٽ جي پاپوليشن ويلفيئر ڊپارٽمينٽ ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر آهي. اڄ ڪلهه موڪلن جا ڏينهن گذارڻ لاءِ هتي ترنگانو آيل آهي جو سندن ٻار به هتي پڙهي رهيا آهن. والدين وانگر ماشاءَ الله سندن ٻار به پڙهائي ۾ نالو پيدا ڪري رهيا آهن. سندن وڏي ڌيءَ ردا بتول ڪئالالمپور ۾ BBA ڪري رهي آهي. سندس مئٽرڪ ۽ انٽر ۾ به اي ون گريڊ رهيو.  مير الهداد جا باقي ٻه ننڍا ٻار محمد معظم ۽ شازما زهره جيڪي ملئي زبان Fluent  ڳالهائين ٿا، هتي جي ملئي اسڪول ۾ پڙهن ٿا. هنن پڻ سڀني کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو، جڏهن سالياني امتحان ۾ هنن پنهنجي پنهنجي ڪلاس ۾ ٽاپ ڪيو.

مون مير الهداد ٽالپر کي چيو ته ”اهو سڄو ڪريڊٽ توهان جي والده جو آهي. هوءَ عظيم عورت چئبي، جنهن غربت ۾ ۽ ڳوٺ جي ماحول ۾ رهندي به اڪيلي سر توهان کي تعليم يافته ۽ سٺو شهري بڻايو.“ منهنجو ارادو هو ته هتان ملائيشيا مان موٽڻ وقت مٺي، جهڏو ۽ عمرڪوٽ ويندي رستي تي ميرپورخاص ترسي ملاڪا جي ڊاڪٽر مير عطا محمد ٽالپر ۽ پنهنجي پيٽارو جي دوست عبدالرزاق ناريجو جي ڳوٺ ۾ وڃڻ سان گڏ، ڳوٺ مير شهداد خان پڻ وڃي مير الهداد ٽالپر جي والده محترمه سان ملندس، پر افسوس جو الهداد ٻڌايو ته هن جو ٽي سال اڳ انتقال ٿي ويو.

باب ڇهون

ملائيشيا ۾ سيلانين جو وڌندڙ تعداد

ملائيشيا وڃڻ جو پڪو پهه ڪري پنهنجي ٽريول ايجنٽ کي ٻڌائڻ لاءِ فون ڪيم.

 ”ڪڏهن ٿا وڃڻ چاهيو؟“ سٽي ٽريول جي انچارج قادر ڏيسائيءَ پڇيو. ڪراچيءَ جي هر اهم روڊ تي توهان کي ڪنهن نه ڪنهن ٽريول ايجنٽ جي آفيس نظر ايندي. ڪنهن زماني ۾ اسان جي ماڻهن لاءِ ڌارين ملڪن ۾ کوڙ نوڪريون هيون. اسان جي ماڻهن جو ڏور اوڀر توڙي عرب ملڪن ۾، يورپ توڙي آمريڪا ۾ مانُ هو. اسان جي ماڻهن جي ولايت ڏي وڃڻ لاءِ پيهه پيهان هوندي هئي ۽ جنهن کي بزنيس جو شوق ٿيندو هو، هو هوائي جهازن جون ٽڪيٽون وڪڻڻ جي ايجنسي کوليندو هو. هاڻ نه اسان لاءِ نوڪريون رهيون آهن ۽ نه اسان جي ماڻهوءَ يا ناڻي جو اهو مانُ رهيو آهي. ٽريول ايجنٽ ڏينهن جو وڏو حصو پنهنجين آفيسن ۾ ويٺا مکيون ۽ مڇر مارين. آئون ۽ منهنجا جهازي دوست شروع کان ولايت يا ملڪ اندر سفر ڪرڻ لاءِ پنهنجي پيٽارو جي ڪلاس ميٽ ڪرنل محي الدين جي ٽريول ايجنسي کان ٽڪيٽون وٺون. سالن کان سندس آفيسن جو انچارج قادر ڏيسائي، اسان لاءِ ڳولي ڳولي ڪنهن اهڙي هوائي ڪمپني جي ٽڪيٽ ڪڍندو آهي جيڪا مشهور نه هجي، سندس خالي جهاز هوا ۾ آڪٽين ساڙيندا رهندا هجن، يا وڏو ڦيرو ڪري منزل تي پڄائيندا هجن، پر اهو آهي ته ٽڪيٽ سستي ڏيندا هجن.

 اڳئين دفعي ٿاءِ ايئرلائين ۾ ڪئالالمپور ۾ وڃڻ جي ٽڪيٽ جو پڇيومانس ته چوڻ لڳو ته MAS (ملائيشين ايئر سسٽم) ڪمپني جي هوائي جهاز ۾ وڃ.

ڇو  ڀلا ؟ ـ  مون  پڇيو  هئومانس.

” هنن ڪئالالمپور ، ڪراچي، ابو ڌابي ۽ واپس ڪراچي کان ڪئالالمپور نئين روٽ کولي آهي. ابو ڌابي کان جهاز خالي پيا موٽن. ڪمپنيءَ ماڻهن ۾ دلچسپي پيدا ڪرڻ لاءِ ٽڪيٽ تمام سستي ڪري ڇڏي آهي ۽ ٻي ڳالهه ته ڪئالالمپور واري ٻهراڙي واري علائقي ۾ ڪيتريون ئي هوٽلون کلي ويون آهن، جن ۾ اڃا ٽوئرسٽ دلچسپي نٿا رکن ۽ هنن مشهوريءَ خاطر پنهنجي ملڪ جي هوائي ڪمپني MAS  سان حساب ڪتاب ڪري MAS  جي مسافرن کي ٽي ڏينهن راتيون مفت رهائش آفر ڪئي آهي.“

 مون ٿاءِ ايئر لائين جي پچر ڇڏي قادر ڏيسائيءَ جي ڳالهه مڃي. هونءَ به اسان جي ماڻهن لاءِ ايشيا ۽ آفريڪا جي ملڪن ڏي سفر ڪرڻ لاءِ جُون ۽ جولاءِ جا گرمي وارا مهينا سٺا آهن، جو انهن مهينن ۾ هوائي جهاز ۽ هوٽلون خالي نظر اچن ٿا. ڇو جو يورپ ۽ آمريڪا جا ماڻهو اونهاري ۾ پنهنجن ملڪن ۾ ئي خوش ويٺا آهن. هو فقط سياري جي موسم ۾ پنهنجن ملڪن جي سخت سرديءَ ۽ ٿڌين هوائن کان بچڻ لاءِ، ايشيا ۽ آفريڪا جي ملڪن جو رخ رکن ٿا. اهو ائين آهي جيئن اسان جا ماڻهو اونهاري جون موڪلون ملهائڻ لاءِ ڪوهه مري ۽ گلگت پاسي جو رخ ڪن ٿا. سو هن دفعي، ٽريول ايجنٽ قادر ڏيسائي جي پڇڻ تي ته آئون ملائيشيا ڪڏهن وڃڻ چاهيان ٿو، يڪدم ٻڌايومانس ته ”جُون جي پهرئين هفتي ۾.“

”بهتر آهي هي ٻه مهينا نه وڃو.“ هن چيو.

”ڇو ڀلا مفت جي هوٽل نه ملي سگهندي ڇا؟“ مون کلندي چيومانس جيتوڻيڪ هينئر مون کي هوٽل جي ڪمري جي ضرورت به نه هئي. پنهنجي ۽ سنڌ جي ٻين ڳوٺن جا ملائيشيا ۾ ايترا ته رهن ٿا جو سمجهه ۾ نه پئي آيو ته ڪنهن وٽ رهجي، ڪنهن کي جواب ڏجي.

”مفت ۾ هوٽل جو ته هاڻ سوچي به نٿو سگهجي، ويندي ٽڪيٽ تي به هي ٻه مهينا لاٿ ناممڪن آهي.“ ڏيسائيءَ ٻڌايو.

”ڀلا ملائيشيا جي هوائي جهاز ۾ نه ته ٿائلينڊ يا سري لنڪا جي؟“ مون پڇيو.

”سائين سڀني جو اهو حال آهي.“ ڏيسائي چيو.

”ڇو ڀلا؟“ مون حيرت مان پڇيو.

”اسڪولن ۾ موڪلون هجڻ ڪري هرڪو ملائيشيا پاسي وڃڻ ٿو چاهي. ان کان علاوه عربن جي به اوڏانهن ڌُم لڳي پئي آهي.“ هن چيو.

”پوءِ مون لاءِ هينئر وڃڻ اهڙو ضروري ناهي.“ مون چيو مانس، ”ٽڪيٽ سستي ٿيڻ جي شوق ۾ آئون آڪٽوبر ۽ نومبر تائين به انتظار ڪندس.“

”انهن ڏينهن ۾ آئون توهان کي اوترن پئسن ۾ جپان تائين ٽڪيٽ وٺائي ڏيندس، جيترن ۾ هينئر ڪراچيءَ کان ڪئالالمپور جي آهي.“ قادر ڏيسائيءَ چيو.

”اهو ته ڏاڍو سٺو. ويندي وقت ڪئالالمپور ۾ لهي پوندس ۽ هفتو کن ملائيشيا جو چڪر هڻي پوءِ اوساڪا هليو ويندس. پر قادر ڀائي اوساڪا کان واپسي تي ڪئالالمپور ۾ ٻاهر نڪرڻ ته نه ڏيندا. 24 کن ڪلاڪن بعد جيڪا ٻي اڏام آهي، ان جي انتظار لاءِ ڪئالالمپور جي هوائي اڏي (KLIA)   واري هوٽل جو خرچ ايئر ڪمپني ڏيندي يا نه؟“

”سائين ڪهڙيون ٿا ڳالهيون پڇو. ڪو وقت هو جو ملائيشيا جي هوائي ڪمپنيءَ کي ڪنهن پڇيو ڪونه ٿي. هاڻ هو اسان کي نٿا پڇن. پر جپان کان واپسي تي ڪئالالمپور ۾ فلائيٽ لاءِ انتظار ڪرڻ واري هڪ ڏينهن لاءِ، هوٽل ۾ فقط رهائش جو وائوچر وٺرائي ڏيندس، باقي مانيءَ جو نه ملي سگهندو.“

”ان جو فڪر نه ڪر. ان لاءِ گهران مٺي ماني پچرائي پاڻ سان کڻي نڪرندس.“ قادر کي چيم ۽ پوءِ آهستي پڇيومانس ته ائين ڀلا ڇو آهي.

”سائين ماٺ اٿانوَ ڀلي. ايران ۽ عرب ملڪن جا سيلاني ان ايئرپورٽ واري هوٽل جي ڊبل مسواڙ ڏيڻ لاءِ به تيار آهن جو هنن کي سستي ٿي پوي. ان ڪري هوٽل جو پئسن سان به خالي ڪمرو سولو نٿو ملي. آئون توهان لاءِ هينئر کان ڪوشش ڪريان ٿو.“

ڏيسائيءَ سچ ٿي چيو. ملائيشيا ۾ جيتوڻيڪ سالن کان ٿورا گهڻا ٽوئرسٽ آيا پئي، پر نائن اليون واري آمريڪي واقعي کان پوءِ عرب دنيا جا ماڻهو هڪ طرف اچڻ لڳا آهن ته ماڊرن سهولتن جي ميسر هجڻ ڪري يورپ پاسي جا ٻئي طرف اچڻ لڳا آهن.

ڪڏهن ڪڏهن آئون اهو سوچيندو آهيان ته تاريخي ۽ قدرتي سونهن جون شيون ته اسان جي ملڪ ۾ به آهن، پر ملڪي يا غير ملڪي ماڻهو گهمڻ لاءِ اوڏانهن وڃن ٿا، جيڏانهن هنن کي امن امان ۽ سهولتون ميسر ٿين ٿيون. ماڻهو گهر ڇڏي ٻئي شهر يا ٻئي ملڪ ۾ وڃي پئسو خرچ ڪري ٿو ته سڪون ۽ خوشيءَ خاطر. اسان وٽ موهن جو دڙو، ڪوٽڏيجي ۽ اروڙ  جهڙا ڪيترائي تاريخي ماڳ آهن، جن سان دنيا جي تاريخي شين سان مقابلو ڪري سگهجي ٿو، پر امن امان جي صورت خراب هجڻ ڪري ڌاريون يا مڪاني ماڻهو گهمڻ لاءِ نٿو نڪري. اپر سنڌ ۾ ته ججن جهڙا سرڪاري ڪامورا به اغوا ٿيو وڃن، اتي ڪهڙو عام ماڻهو گهمڻ لاءِ نڪرندو. مٺي، عمرڪوٽ پاسي وري به امن امان جي صورت بهتر آهي ته فرق ڏسو. ڪراچي، حيدرآباد ۽ سنڌ جي ٻين شهرن کان ماڻهو اوڏانهن گهمڻ لاءِ وڃڻ شروع ٿيا آهن.

ڪجهه سال اڳ تائين اسان جي ملڪ جا پئسي وارا ماڻهو، اونهاري جي موڪلن ۾ ٻارن کي وٺي پاڪستان جي اترانهن علائقن ۾ گهمڻ لاءِ ويندا هئا، پر هاڻ دهشت گردي، بمباري ۽ اغوا ٿيڻ جي ڪري، ماڻهن اوڏانهن وڃڻ به ڇڏي ڏنو آهي. اتي جا دڪان ۽ هوٽلون خريدارن کان خالي ٿيا پيا آهن. سٽي ٽريول جي انچارج قادر ڏيسائيءَ ٻڌايو ته اهو ئي سبب آهي جو ڪيترائي سَرندي وارا پاڪستاني هاڻ موڪلن ۾ ملائيشيا وڃڻ لڳا آهن. هنن هاڻ ڪوهه مري، اسلام آباد، ڪالام، ائبٽ آباد، گلگت، اسڪردو وڃڻ بند ڪري ڇڏيو آهي. ظاهر آهي ڪير پنهنجو پئسو خرچ ڪري پاڻ کي مصيبت ۾ وجهندو.

ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ٽوئرزم مان ملڪ کي فائدو رسي ٿو. ڌاريا ماڻهو جڏهن گهمڻ لاءِ اچن ٿا ته هو دل کولي پئسو خرچ ڪن ٿا ۽ مڪاني هوٽل جي مالڪ کان وٺي ٽئڪسي، ٽانگي وارو ۽ سامان کڻڻ وارو مزور به چار پئسا ڪمائي ٿو. اسان جي ملڪ جي ٽوئرزم کاتي جي هڪ اعليٰ عملدار مون کي ٻڌايو ته هو ڌارين ماڻهن کي اسان جو ملڪ گهمڻ لاءِ آماده ڪرڻ لاءِ ڪجهه اشتهاري ڪتاب ۽ پمفليٽ ڇپڻ چاهين ٿا، جيئن ماڻهن کي اسان جي تاريخي شين جي خبر پوي. مون کان راءِ پڇڻ تي مون اهو ئي چيومانس ته ان قسم جي اشتهاربازيءَ جهڙيون سڀ شيون پوءِ جون ڳالهيون آهن. توهان پهرين امن امان جون حالتون سڌاريو ته ٽوئرسٽ پاڻ ئي اچڻ شروع ٿي ويندا ۽ انهن جي رهائش ۽ کاڌي پيتي جي بندوبست لاءِ ماڻهو پاڻهي هوٽلون ۽ ريسٽورنٽون ٺاهڻ شروع ڪري ڏيندا، جيئن ايران ۽ انڊيا ۾ آهي. گهٽي گهٽي ۾ نيون هوٽلون کليون پيون آهن. شهر جون بازاريون سڄي سڄي رات کليون پيون آهن. مرد ۽ عورتون رات جو به اڪيلا پيا سفر ڪن.

ملائيشيا ۽ سنگاپور وارن به ان ئي ٿيوري تي عمل ڪيو آهي. ملائيشيا کي ٽِن (قلعي)، مڇي، پام آئل ۽ رٻڙ مان وڏي ڪمائي آهي، ان هوندي به هو سمجهن ٿا ته ٽوئرزم به وڏي انڊسٽري آهي ۽ پنهنجي ملڪ ۾ ڌارين ملڪن جي ماڻهن لاءِ ڪشش پيدا ڪرڻ لاءِ هنن امن امان جي حالت بهتر کان بهتر رکي آهي. رستن تي پوليس وارو نظر نٿو اچي، پر ملائيشيا جو پوليس کاتو ايڏو طاقتور آهي جو ڏوهاري ورلي ڪو بچي سگهي ۽ ساڳي وقت غريب توڙي امير لاءِ ساڳيو انصاف آهي. ان ڪري هر اهو ماڻهو جنهن کي قانون لاءِ عزت آهي، اهو بي ڊپو ٿي هلي ٿو. ملائيشيا جهڙن ملڪن ۾ فقط چور، ڊاڪو ۽ لوفر لفنگا ڊپ ۾ رهن ٿا. هتي جي امن امان جي بهتر صورت ڏسندي يورپي ۽ جپاني به ملائيشيا ۾ اچڻ شروع ٿيا آهن. هنن کي خبر آهي ته ملائيشيا ۾ ڪوبه چور، ڌاڙيل، اغواگير، دهشتگير آزاد نٿو ڦري. دڪاندار يا هوٽل وارو کاڌي پيتي جي شيءِ پاروٿي يا خراب نٿو ڏئي. ڇو جو هتي جي امير توڙي غريب کي خبر آهي ته ملڪ ۾ نه فقط قانون آهي پر ان تي سختي سان عمل ٿئي ٿو ۽ ڏوهه ڪرڻ تي ڪوبه قانون جي پڪڙ کان بچي نٿو سگهي. ڏوهه موجب ڏوهاريءَ کي سزا ڀوڳڻي ئي پوي ٿي پوءِ هو چاهي وزير جو پٽ هجي يا ڪنهن ڪاموري، رئيس يا نواب جو.

ايران ۽ عرب ملڪن  جا امير ماڻهو هميشه يورپ ۽ آمريڪا پاسي ويندا هئا، پر نائن اليون واري واقعي کان پوءِ هاڻ هنن اوڏانهن وڃڻ ڇڏي ڏنو آهي جو هنن کي اتي شڪ جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو. اهڙي صورت ۾ هاڻ هو ڪيڏانهن وڃن؟ ان جو نعم البدل هڪ ته انڊيا آهي، پر ان کان به وڌيڪ بهتر، ماڊرن، هر سهوليت سان ڀرپور ۽ يورپ جون سِڪون لاهيندڙ ملڪ ملائيشيا آهي. ملائيشيا مسلمانن جو ملڪ هجڻ ڪري هنن کي جتي ڪٿي حلال شيءِ ملي ٿي ۽ اهو ته مٿي لکي آيو آهيان ته معيار جي لحاظ کان هتي هر شيءِ صاف سٿري ۽ هائجنڪ آهي. ڪوبه ان معاملي ۾ دغا نٿو ڪري سگهي. ائين ته پاڪستان ۾ به هر شيءِ حلال ملي ٿي، پر اخبار پڙهڻ وارن کي اها به ڄاڻ آهي ته اسان جي ملڪ ۾ ٻاڪري ۽ ڳائي گوشت جي نالي ۾ ڪتن، گڏهن ۽ مئل وهٽن جو به گوشت هلايو وڃي ٿو ۽ ڏوهاري رشوت ڏئي آزاد به ٿيو وڃن.

اڳئين دفعي ملائيشيا ويو هوس ته ان وقت به عرب ٽوئرسٽ نظر آيا ٿي، پر هاڻ ته تمام گهڻا نظر اچن ٿا. اڪيلا، فئملين سان، ويندي اڪيليون عرب ۽ ايراني عورتون به نظر آيون. اهو سڀ ان ڪري جو هنن کي خبر آهي ته ملائيشيا ۾ هنن کي ڪو ڊسٽرب ڪرڻ وارو ڪونهي ۽ هنن کي هتي جي کاڌن پيتن مان ته ڪا بيماري نٿي لڳي سگهي، پر مليريا ۽ ٽائفائيڊ جهڙي بيماري به نٿي ٿي سگهي جو اهڙين بيمارين جا هنن جراثيم ئي ختم ڪري ڇڏيا آهن. عرب ٽوئرسٽن جي گهڻائي ڏسي ملائيشيا وارا پنهنجي هوائي ڪمپنيءَ جون اڏامون عرب ملڪن ڏي وڌائيندا رهن ٿا. هونءَ جيڪو سندن جهاز ڪراچي کان موٽي ويندو هو، اهو هاڻ ابوڌابي تائين هليو وڃي ۽ مسافرن سان ڀرجي موٽي ٿو. ايندڙ مهيني کان هو رياض سعودي عرب لاءِ هفتي ۾ ٽي اڏامون شروع ڪري رهيا آهن، ان کان علاوه دمام ٻه ۽ جدي چار اڏامون اڳهين ويون ٿي. دبئي کان ته روزانو اچي وڃي ٿي.

 ڪيترائي عرب ملائيشيا ۾ نه رڳو گهمڻ لاءِ پر بزنيس ۽ پراپرٽي خريد ڪرڻ لاءِ به اچن ٿا. ملائيشيا جي هر وڏي شهر ۾ چوڌاري نيون نيون عمارتون ٺهي رهيون آهن. ڪوڙين جي ملهه برابر، جهنگلن وارين زمينن مان هتي جي حڪومت وڏو پئسو ٺاهي رهي آهي. عمارتون ٺهڻ تي هتي جا واڍا، رازا، دڪاندار، چوڪيدار سڀ روزگار کي لڳا پيا آهن. عرب هونءَ انگلينڊ ۽ ترڪيءَ ۾ گهر ٺهرائيندا هئا، هاڻ ملائيشيا ۾ ٺهرائڻ لڳا آهن. اهڙن گهرن ۾  هو سال جو مهينو اڌ فئملي سان يا اڪيلو اچي گذارين ٿا. ملائيشيا جي حڪومت ڪيتريون ئي اهڙيون شيون ٺهرائي رهي آهي، جن سان عربن جي دلچسپي وڌي. ڪئالالمپور جو بڪت بنتانگ وارو علائقو شروع کان سهڻو رهيو آهي. اهو ٽوڪيو جي گنزا ۽ نيويارڪ جي ٽائيمس اسڪائر جو ڏيک ڏئي ٿو. اتي سنگائي وانگ پلازا، بڪت بنتانگ پلازا ۽ اسيتان (Isetan)   شاپنگ ڪامپليڪس به آهي. هن هنڌ تي، جتي جالان بڪت بنتانگ (روڊ) کي هتي جو هڪ ٻيو مشهور روڊ (جالان) سلطان اسماعيل ڪراس ڪري ٿو اتي جالان (شاهراهه) برنگان وٽ هتي جي عرب اسٽريٽ آهي، جنهن جي شروع ۾ ڪمانون (Arches)   ٺهيل آهن، جن جي مٿان عربيءَ ۾ ”عين عربيه“ لکيل آهي. هتي جي ملئي دوست ٻڌايو ته Arabs Come here to dine, shop and meet   ظاهر آهي، هن هنڌ تي عربن لاءِ پنهنجي ملڪ وارو ماحول بڻائي ڏنو ويو آهي. عربي گانا پيا هلن، هوٽلن جا عربي نالا جن تي عربي ڊش تيار ٿي رهيا آهن. فارچونا هوٽل جي ڀرسان هڪ عربي اسٽائيل جي هوٽل ”صحرا ٽينٽ ريسٽورنٽ“ نظر اچي ٿي، جنهن جي ٻاهران عربي ۾ نالو ”مطعم خيمه الصحراءَ“ لکيل آهي. هوٽل جي ڀرسان عربي اسٽائيل جو باغيچو پڻ آهي. ريسٽورنٽ جي ٻاهران حُقي (شيشه) ڇڪڻ جو بندوبست پڻ رکيو ويو آهي. اهي عرب عورتون جيڪي اڪيليون اچن ٿيون ۽ پڙدو ڪن ٿيون، انهن لاءِ هوٽل ۾ کائڻ پيئڻ جو الڳ بندوبست ٿيل آهي.

هڪ ٻي ”العرب ريسٽورنٽ“ هڪ يمني عرب کولي آهي، جنهن ۾ يمن جا کاڌا Serve  ڪيا وڃن ٿا. منهنجي خيال ۾ ڪئالالمپور جي خوبصورت علائقي ائمپنگ ۾ جيڪا تربوش  (Tarbush)   ريسٽورنٽ آهي، اها به هڪ عرب جي آهي. بهرحال ملائيشيا کي اهو فائدو رسي ٿو ته سندس ملڪ جا ڪيترائي ماڻهو اهڙين هوٽلن، دڪانن ۽ ڪاروبارن ڪري روزگار کي لڳيو وڃن. هڪ ملئي بورچيءَ ٻڌايو ته ان ريسٽورنٽ تربوش جون KL (ڪئالالمپور) ۾ هڪ کان وڌيڪ برانچون آهن. پر سڀ کان گهڻا عرب هن ائمپنگ واري ريسٽورنٽ ۾ اچن ٿا. KL  جي ڪيترن شاپنگ سينٽرن ۽ مسجدن ۾ جتي عربن جي گهڻائي آهي، اتي ايران جي ”زم زم ڪولا“ پڻ وڪامندي نظر اچي ٿي. بهرحال ڳالهه اها آهي ته ملائيشيا جي سياڻي حڪومت دنيا جي مختلف ماڻهن کي (خاص ڪري امير ماڻهن کي) ملائيشيا گهمڻ لاءِ ڪشش پيدا ڪرڻ لاءِ هنن جي دلچسپي جون شيون پيدا ڪيون آهن. ايتري قدر جو پنهنجي ملڪ جي مسجدن کي خوبصورت بنائڻ سان گڏ شهر شهر جي مندرن، ٽِڪاڻن، گرجا گهرن، پگوڊائن کي وڌائڻ سان گڏ سهڻو بڻايو آهي، ان ڪري نه رڳو مختلف ملڪن کان هندو، سک، عيسائي ۽ ٻُڌ وغيره ملائيشيا ۾ اچي پنهنجن عبادت گهرن کي ڏسي خوشي محسوس ڪن ٿا، پر ملائيشيا ۾ رهندڙ مختلف مذهبن جا ماڻهو به فخر محسوس ڪن ٿا ۽ هنن کي پنهنجي حڪومت لاءِ دل ۾ پيار ۽ عزت پيدا ٿئي ٿي.

باب ستون

ڪئالالمپور ۾ ڪٿي رهجي

هونءَ ته ملائيشيا ۾ منهنجو پروگرام فقط ٽرنگانو رياست ۾ وڃڻ جو هو جتي ڏينهن ٻه، مير الهداد ٽالپر وٽ رهڻ جو ارادو هو. سستي ٽڪيٽ جي شوق ۾ آئون 3 مهينا ڪراچيءَ ۾ انتظار ڪندو رهيس ۽ هاڻ ملائيشيا ۾ ڏينهن ٻه ترسڻ بدران سڄو هفتو ترسڻ جو پڪو پهه ڪري ٽريول ايجنٽ کي به ان بابت ٻڌايم جيئن هو ان موجب اڳواٽ بُڪنگ ڪري سگهي، جو ان کانپوءِ مون کي مهينو کن اڳتي اوساڪا (جپان) ۾ پنهنجي ڌيءَ وٽ رهڻو هو.

ملائيشيا ۾ هفتو کن رهڻ جو پروگرام ٺاهڻ بعد وري اهو سوچڻ لڳس ته ايترا ڏينهن ڇا ڪندس ۽ جن سان ملڻو هجي انهن سان فون رستي اڳواٽ پروگرام ٺاهجي. ملائيشيا جي مختلف شهرن ۾ هڪ ته سنڌ جي ڳوٺن جا ڪيترائي ڊاڪٽر، انجنيئر ۽ شاگرد رهن ٿا جيڪي مونسان ملڻ لاءِ باربار اي ميل ڪندا رهيا ٿي. مون به انهن مان ڪجهه جيڪي ڪئالالمپور ، شاهه عالم، سريمبان ۽ ملاڪا جهڙن ويجهن شهرن ۾ رهيل آهن، انهن سان ملي سندن احوال لکڻ چاهيو ٿي. ٻيو انهن ملئي دوستن سان ملڻ جو ارادو رکيو ٿي، جن سان نوڪري دوران، مون ملاڪا ۾ ڏهه سال کن گڏ گذاريو هو ۽ ٽي نمبر تي اهي ملئي ليکڪ، شاعر ۽ سياستدان هئا، جيڪي منهنجا هم عمر هئا ۽ جن سان ملائيشيا ۾ نه فقط نوڪري دوران پر ملائيشيا جي بندرگاهن ۾ جهاز وٺي وڃڻ وارن ڏينهن ۾ ملاقاتون ٿيون ٿي. هاڻ ڪراچيءَ ۾ ويهي مون انهن مان ڪن کي اي ميل ته ڪن کي فون ڪرڻ شروع ڪيا. هر هڪ مون وانگر رٽائرڊ ۽ واندو هو. هنن مان ڪجهه  نه فقط پاڻ ملڻ لاءِ آتا هئا پر هنن چاهيو ٿي ته آئون سندن ٻارن سان به ضرور ملان، جيڪي مختلف شهرن ۾ مختلف نوڪرين ۾ آهن. ظاهر آهي اهي ٻار جيڪي ستر ۽ اسي واري ڏهي ۾ ڄاوا، اهي هاڻ ٽيهارو سالن جا ٿي ويا ۽ سندن شاديون به ٿي ويون. آئون به سڀني کي ملڻ لاءِ هائوڪار ڪندو رهيس پر پوءِ جڏهن ويجها ڏينهن آيا ته مُنجهي پيس ته آءٌ ڀلي کڻي ملائيشيا ۾ هفتو کن هوندس پر جيترن ماڻهن سان، مختلف شهرن ۾ يا ڪئالالمپور جي هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين وڃي ملڻ لاءِ واعدا ڪري ويٺو آهيان، انهن سڀني سان ملڻ ناممڪن ڳالهه آهي. خاص ڪري MAS  (ملائيشيا جي هوائي ڪمپني) جي هِن اڏام ۾ اسان ڪراچي جي مسافرن جو ڪئالالمپور ۾ پهچڻ وارو پهريون ڏينهن ته ضايع ٿيو وڃي.

 ملائيشيا جي هيءَ اڏام ڪراچيءَ مان رات جو 12 بجي ڌاري نڪري ٿي ۽ 6 ڪلاڪن بعد ڪئالالمپور ۾ اتي جي مڪاني وقت موجب صبح جو 9 ڌاري پهچي ٿي. (ملائيشيا ۽ پاڪستان ۾ ٽن ڪلاڪن جو فرق آهي) يعني اها سڄي رات اوجاڳي ۾ گذري ٿي ۽ ماڻهو ڳري مَٿي ۽ سُڄل اکين سان ڪئالالمپور ۾ لهي ٿو. هونءَ 6 ڪلاڪن جو چڱو وڏو سفر آهي ۽ جهاز جي مٿي چڙهڻ سان ڪئبن عملو مسافرن کي يڪدم ماني Serve  ڪرڻ ۽ ٿانوَ ٿپا کڻڻ جو ڪم ٻن ڪلاڪن اندر لاهيو ڇڏي. ان بعد مسافرن کي چار ڪلاڪ سمهڻ لاءِ مليو وڃن. پر اهو ساڳيو جهاز جي اولهه طرف ويندڙ هجي ها ته جهاز لهڻ تائين اوندهه هجي ها پر ملائيشيا اوڀر ۾ هجڻ ڪري ٻن ٽن ڪلاڪن بعد يعني اسان وٽ پاڪستان ۾ رات جا ٽي آهن ته جهاز برما ٽپي وڃي ٿو جتي ان وقت صبح جا 6 ٿيڻ ڪري روشني ٿيو وڃي ۽ جهاز ۾ 300 کن مسافرن مان ڇهه ست اهڙا مٿي ڦريل ٿين ٿا جو ايئرهوسٽس جي منٿ ميڙ ڪرڻ تي به دريون بند نٿا ڪن ۽ سج جي تيز روشنيءَ ۾ باقي مسافرن جو سمهڻ محال ٿيو پوي.

مون ڪئالالمپور ۾ لهي ڪنهن اهڙي گهر ۾ رهڻ چاهيو ٿي جتي پنهنجي بئگ، جپان جي ٿڌ ۾ پائڻ جا گرم ڪپڙا ۽ ٻيو سامان ڇڏي، هڪ وڳو شولڊر بئگ ۾ وجهي هڪ هڪ ڏينهن جي سفر تي ملاڪا يا اوسي پاسي جي شهرن ڏي نڪري سگهان. ڪئالالمپور ۾ رهڻ لاءِ مون وٽ ڪيترائي آپشن هئا. سڀ کان وڌيڪ روهڙي جي بزنيس مئن غلام علي سولنگي جو گهر هو. ان کان علاوه ٽنڊو قيصر جي ڊاڪٽر شفيع نظاماڻي جو گهر هو. ڊاڪٽر  صاحب جڏهن کان ملائيشيا ويو هو، ڪئالالمپور اچڻ لاءِ وڏي دل سان دعوت ڏئي رهيو هو. مون اهو به چاهيو ٿي ته منهنجي ڪري منهنجي ميزبان کي هروڀرو ڪا تڪليف نه رسي ۽ سندس روزمره جي روٽين يا ڊيوٽي به ڊسٽرب نه ٿئي. منهنجي ملاڪا جي ملئي دوست ابراهيم بن معروپ جي وڏي ڌيءَ ائني جيڪا ملاڪا ۾ اسان وٽ ئي وڏي ٿي ۽ هاڻ گذريل سال پنهنجي مڙس سان گڏ اسان وٽ ڪراچي ۾ هفتو کن رهي وئي هئي ان جو ۽ شادي بعد سندس مڙس ظهير جو هر وقت اهو ضد هو ته اسان هنن وٽ ڪوالامپور ۾ رهندا ڪريون جتي هنن ٻنهي کي ماشاءَ الله وڏي نوڪري آهي. پر انهن وٽ مون رهڻ نٿي چاهيو جو ملئي ماڻهو کائڻ جا شوقين آهن ۽ هو ويتر جو اسان وٽان تازو رهي ويا آهن سو اهو بار لاهڻ لاءِ مون کي به دعوتون کارائيندا ۽ پنهنجي مرضيءَ تي گهمائڻ وٺي هلندا ۽ تڪلف ۾ منهنجي آزادي ختم ٿي ويندي ۽ مون کي حيدرآباد جي پروفيسر ادي سعيده بشير چانڊيو جي پٽ عرفان، مهراڻ يونيورسٽي جي پروفيسر انعام ڀٽي، لاڙڪاڻي جي پروفيسر صفيه عباسي ۽ هن جي مڙس ڊاڪٽر گل ۽ ٻين سان ملڻ لاءِ ڇڏڻ بدران، ائني پنهنجي ننڍي ڀيڻ جنيتا جيڪا هاڻ بئريسٽر آهي، هن جي ڀاءُ ڊاڪٽر محافظ وغيره سان ملائڻ وٺي هلندي. منهنجو انهن وٽ نه وڃڻ خراب سمجهيو ويندو جو هنن کي ڏٺي ويهه سال ٿي ويا آهن ۽ ائني جن وٽ رهي هن جي مائٽن سان نه ملڻ سٺي ڳالهه نه ٿيندي.

ڪئالالمپور ۾ هڪ ٻيو گهر جنهن ۾ منهنجي مرضي هلي سگهي ٿي ۽ هنن سمجهيو ٿي ته آئون ليکڪ ماڻهو آهيان جنهن کي وڻي ته گهر ۾ ماني کائي يا ٻاهران کائي اچي، اهو يوسف شاهه جو آهي. ملاڪا ۾ رهڻ دوران آئون جڏهن به ڪئالالمپور ايندو هوس ته هنن جي گهر رهندو هوس يا هو ملاڪا ايندا هئا ته اسان جي گهر اچي رهندا هئا. يوسف شاهه ايئروناٽيڪل انجنيئر آهي ۽ ملائيشيا جي هوائي ڪمپني MAS  ۾ گذريل 30 سالن کان نوڪري ڪري رهيو آهي. سندس ننڍڙو گهر شهر ۾ اهڙي هنڌ تي هوندو هو جتان بس اسٽاپ به ويجهو هو. کيس پنج ٻار هئا، جن مان ٻن جي ته تڏهن ئي اسان جي هوندي شادي ٿي وئي هئي، باقي ٽي ٻار آمريڪا ۽ دبئي ۾ نوڪري ڪن ٿا. منهنجي لاءِ هي گهر ideal هو جتي جنهن وقت موڊ ٿئي پاڻهي ئي چانهه ٺاهي پيئندو رهان.  مون يوسف شاهه کي فون ڪيو. هو منهنجو ڪئالالمپور ۾ اچڻ جو ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو.

”بس، ايئرپورٽ تان سڌو مون وٽ هليو اچجانءِ“، يوسف شاهه چيو. ”نئون گهر ورتو اٿم سيمپانگ علائقي ۾ آهي.“

في الحال مون ها ڪئيمانس پر دل ۾ سوچيم ته هونءَ ته ڏاڍو سٺو پر سندس هي نئون گهر منهنجي ڏانوءَ جو نه ٿيندو، ڇو جو سيمپانگ علائقي مان مون کي هيڏانهن هوڏانهن نڪرڻ ۾ وقت لڳندو.

ملاڪا جي ڳوٺ ڪئالا سنگائي بارو ۾ جتي اسان جي نيول اڪيڊمي هئي، رهندو هوس ته هڪ پير مرد محمد ابراهيم سان تمام گهڻي دوستي ٿي وئي هئي. هن کي يارهن کن ٻار هئا، جن مان وڏا حبيب الرحمان، عبدالرحمان ۽ حيات النساءِ منهنجي عمر جي لڳ ڀڳ هئا. پاڻ پوءِ منهنجي هوندي گذاري ويو، پر سندس ٻارن سان اڃان تائين منهنجي عليڪ سليڪ هلندي اچي. هاڻ ته اهي ڀائر ڀيڻون به مون وانگر ڏاڏا ڏاڏيون ٿي ويا آهن. حبيب الرحمان جو مختلف ملڪن ۾ بزنيس آهي سو ان سلسلي ۾ هو جڏهن به ڪراچيءَ مان لنگهندو آهي ته مون سان ضرور ملي ويندو آهي. هن جي ڪئالالمپور ۾ ڪنسٽرڪشن جي وڏي ڪمپني آهي جنهن ۾ ڪيترا يورپ جا انجنيئر ۽ سپروائيزر به ڪم ڪن ٿا. ڪراچيءَ مان مون کيس فون ڪيو ۽ ملائيشيا اچڻ جو ٻڌائڻ بنا پڇيو: ”حبيب تنهنجي ڪمپنيءَ کي گيسٽ هائوس آهي؟“ مون اهو ان ڪري پڇيو جو ملائيشيا ۾ ڪيترين وڏين ڪمپنين کي پنهنجا گيسٽ هائوس آهن. هو جڏهن ولايت جي ماڻهن کي پنهنجين ڪمپنين ۾ نوڪري ڏين ٿا ته شروع جا ٻه ٽي هفتا ان گيسٽ هائوس ۾ رکن ٿا جيسين هنن جي رهائش لاءِ، هنن جي عهدي مطابق، گهر ملي. يا وري سندن ڪمپني جا پراڊڪٽس خريد ڪرڻ وارا غير ملڪي، مال جي خريداري لاءِ ملائيشيا اچن ٿا ته هنن کي ڪمپني جي گيسٽ هائوس ۾ رهائيو وڃي ٿو.

”نه اسان جي ڪمپنيءَ کي ته ڪو گيسٽ هائوس ناهي.“ منهنجي پڇڻ تي حبيب وراڻيو.

”پوءِ ڌارين ملڪن جي ايمپلائرن کي شروع جا ڏينهن ڪٿي رکندو آهين.“ مون پڇيو.

”في الحال هوٽل ۾ رهائيندو آهيان جيسين هو گهر هٿ ڪن.“ حبيب الرحمان چيو ۽ يڪدم مون کان اهو پڇڻ جو سبب پڇيو.

”يار آئون ڪجهه ڏينهن لاءِ ڪئالالمپور ۽ ملاڪا ۾ رهڻ لاءِ اچي رهيو آهيان.“ مون ٻڌايومانس.

”ته پوءِ ڪئالالمپور ۾ اسان جي گهر اچي رهه. پر جي ملاڪا وڃين ٿو ته بابا وارو گهر ته خالي پيو آهي. هتان چاٻي کڻي وڃجانءِ يا ڪمال الرحمان کي فون ڪجان هو سريمبان (ڀر واري شهر) ۾ رهي ٿو، تو کي  اچي گهر کولي ڏيندو.“

”ٺيڪ آهي ملاڪا ۾ ته توهان جي گهر ۾ وڃي رهندس باقي ڪئالالمپور ۾ ڪنهن ٻئي دفعي ڇو جو هينئر آئون اڪيلو اچي رهيو آهيان سڄو ڏينهن پنهنجي مرضي سان رلندي گذارڻ چاهيان ٿو ان ڪري توهان سان گڏ رهندي easy محسوس نه ڪندس.“ مون ٻڌايومانس.

”ته پوءِ الطاف هيئن ڪر تون امان جي گهر اچي رهجانءِ. هوءَ  هاڻ ڪئالالمپور ۾ رهي ٿي ۽ کيس اسان ڀائرن اسان جي گهر جي سامهون، روڊ جي هن پاسي گهر ٺهرائي ڏنو آهي. تولاءِ الڳ ڪمرو هوندو. ماني ٽڪي اسانجي گهر پيو کائجانءِ يا نوڪرياڻيءَ کي چئجانءِ.“ حبيب الرحمان چيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org