هن جنگ دوران، جپانين جو سنگاپور ۽ ملايا تي قبضي ۾
حقيقت اها آهي ته جپانين ملئي مسلمانن تي ايڏا ظلم
نه ڪيا جيڏا انگريزن ۽ چينين مٿان ڪيا. ڇو جو
چينين جپانين جي ڪافي مزاحمت ڪئي. هڪ اندازي مطابق
فقط سنگاپور جي ٻيٽ تي جپانين 5 هزار کان 25 هزار
چيني، ٽارچر ڏئي ماريا ۽ اهو ئي حال هنن انگريزن
سان ڪيو. جپانين جي قيد مان ورلي ڪو انگريز
POW (Prisoner of war)
بچي نڪتو ٿي. زندگي ماڻڻ وارن انگريز فوجي قيدين
مان هڪ اسان جي ڪاليج (ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو) جو
پرنسپال ڪرنل ڪومبس پڻ هو.
1941ع ۾ ڪرنل ڪومبس کي ”137 فيلڊ ريجمينٽ“ جي پلٽون جو
اڳواڻ مقرر ڪيو ويو ۽ کيس سندس پلٽون سميت ملايا ۾
موجود يارهين انڊين ڊويزن سان شامل ٿيڻ لاءِ چيو
ويو. جپانين سان جنگ دوران سندس ريجمينٽ پهرين
هئي. ڪرنل ڪومبس جي پلٽون جي پوزيشن سنگاپور جي
سامونڊي ڪناري تي هئي. 15 فيبروري 1942ع تي
سنگاپور جپانين جي قبضي ۾ اچي ويو. اسان وارو
پرنسپال ”ڪرنل جي ايڇ ايڇ ڪومبس“ آگسٽ 1945ع تائين
ٽي سال پنج مهينا، جپانين جو قيدي ٿي رهيو. هن کي
شروع وارو سال کن سنگاپور جي چانگي جيل ۾ رکيو
ويو، ان بعد ٿائلينڊ جي
Nangpladuk
ڪئمپ ۾
POW
جي حيثيت ۾ قيد ڪيو ويو.
قيد واري عرصي دوران اسان جي پرنسپال پنهنجي ڪتاب
Banpong Express
۾ پنهنجيون يادگيريون قلمبند ڪيون آهن، جنهن ۾ هن
جپاني قيد ۾ جنگي قيدين جي زندگي جي عڪاسي ڪئي آهي
ته هو ڪيئن هر وقت موت جي پاڇولي ۾ زندگي گذاريندا
هئا. هو پنهنجي بند جي تڪليفن جي ڪهاڻي پنن تي لکي
قيدين جي رڌڻي ۾ رکيل هڪ ڊرم ۾ لڪائي ڇڏيندو هو،
جنهن جي آخر تائين جپاني سپاهين کي خبر نه پيئي.
هن جي ريجمينٽ 9 هفتا وڙهندي رهي پر افسوس جو هار
سندن مقدر بڻي. 700 ماڻهن مان 3 آفيسر ۽ 28 سپاهي
ويڙهه ۾ مارجي ويا ۽ 184 ڄڻن کي جپانين، قيد دوران
چيچلائي چيچلائي ماريو.
ڪرنل صاحب پيٽارو ۾ ڊنر تي ڪڏهن ڪڏهن اسان کي پنهنجي
زندگي جون ڳالهيون ٻڌائيندو هو ته اکين ۾ ڳوڙها
تري ايندا هئس. هو چوندو هو: ”جنگ هارائڻ جي ڪوڙاڻ
۽ جنگي قيدي جي صورت ۾ بي عزتي سهڻ جهڙي ٻي ڪا
ذليل ڳالهه آهي ئي نه.“ ۽ پوءِ ٿڌو ساهه کڻي چوندو
هو ته ”اسان وري به خوش نصيب هئاسين جو بچي وياسين
۽ وري سوڀ ماڻيسين. پر آئون اها ئي دعا گهرندس ته
اسان جي تجربن مان ايندڙ نسل سبق سکن ۽ جنگيون ڪري
هڪ ٻي جو سک نه ڦٽائين.“ جنگ بعد ڪرنل ڪومبس کي
انگلينڊ گهرايو ويو ۽ 1954ع ۾ کيس سنگاپور ۾ چيف
ايڊيوڪيشن آفيسر جي حيثيت سان رکيو ويو. سنگاپور ۾
هڪ ڏينهن گاڏي هلائيندي، ڪرنل صاحب جو هڪ واٽهڙو
سان حادثو ٿي پيو ۽ اهو ماڻهو مري ويو. ڪرنل ڪومبس
پاڻ کي بي ڏوهي ثابت ڪرڻ جي گهڻي ئي ڪوشش ڪئي پر
ڪورٽ هن کي ڏوهاري بڻائي ڇهه مهينا جيل جي سزا
ڏني، جيڪا هن سنگاپور جي ان ساڳي چانگي جيل ۾
گذاري جنهن ۾ هو پهرين جنگي قيدي
(P.O.W)
جي حيثيت سان رهي چڪو هو.
ڪورٽ طرفان سزا ٿيڻ ڪري ڪرنل ڪومبس جو فوجي ڪيريئر ختم
ٿي ويو، نه ته هو هاڻ ميجر جنرل جي عهدي تي پهچڻ
وارو هو ۽ هن سوچيو پئي ته ترقي ملڻ بعد هو
ريٽائرمينٽ وٺي پنهنجي علائقي گرنسي جو گورنر
ٿيندو پر افسوس جو هن حادثي ڪري هو پنهنجي خوابن
جي ساڀيان ماڻي نه سگهيو. 1957ع ۾ هو انگلينڊ پهتو
ته هن اتي جي اخبار ۾ ڪئڊٽ ڪاليج ميرپورخاص جي
لاءِ پرنسپال جو اشتهار
ڏٺو (پيٽارو واري بلڊنگ اڃان ٺهي رهي هئي). هن
لنڊن مان ان نوڪريءَ لاءِ اپلاءِ ڪيو. ساڳي وقت
اسان عبرت اخبار ۾ ڪئڊٽ ڪاليج ۾ داخلا جو اشتهار
پڙهي چونڊ لاءِ فارم ڀريو. ڪرنل ڪومبس ۽ مون جهڙن
شاگردن کي هڪ ٻئي سان ملڻو هو ۽ 1958ع کان 1963ع
تائين ميرپورخاص ۽ پيٽارو ۾ گڏ گذاريوسين ۽ سندس
ڳالهين ۽ تعليم مان مستفيض ٿياسين. بهرحال اڄ
ڪئالالمپور جو ٻي وڏي لڙائي جي حوالي سان احوال
لکندي ڪرنل ڪومبس ياد اچي ويو، جنهن جي انهن ڏينهن
کان تنڪو عبدالرحمان سان سٺي عليڪ سليڪ هئي. ايتري
قدر جو ملائيشيا جو تنڪو صاحب ملائيشيا جو پهريون
وزيراعظم ٿيڻ بعد، هڪ دفعو لنڊن وڃي رهيو هو ته
واٽ تي ڪراچي ۾ اسٽاپ اوور هجڻ تي، ڪرنل ڪومبس
اسان ڪجهه شاگردن سان گڏ ساڻس ڪراچي جي هوائي اڏي
تي ملاقات ڪئي. بعد ۾ سامونڊي نوڪري ۾ اچڻ تي ۽
بعد ۾ ملاڪا ۾ رهڻ دوران ڪرنل ڪومبس جي حوالي سان
تنڪو صاحب سان منهنجيون ملاقاتون سندس وفات تائين
جاري رهيون. هن هميشه اسان جي پرنسپال لاءِ عزت ۽
قرب جو اظهار ڪيو ٿي.
جنگ جي ڪري سڄي ملايا جي معاشي حالت خراب ٿي پئي.
انگريزن نه فقط ڪئالالمپور کي بهتر بڻائڻ چاهيو ٿي
پر پنهنجي لنڊن کي به پيرن تي بيهارڻ چاهيو ٿي.
چوڌاري بيروزگاري، کاڌي جي کوٽ ۽ مهانگائي عروج تي
هئي.
مڪاني ماڻهن چاهيو ٿي ته جپانين سان گڏ هي انگريز به
هليا وڃن ۽ ملڪ جي ڪميونسٽ پارٽي جي ويڙهاڪ
ڊويزن
MNLA
(ملاين نئشنل لبريشن آرمي) انگريزن سان گوريلا جنگ
جوٽي، جيڪا 1948ع کان 1960ع تائين هلي، جنهن کي
انگريزن ”ملاين ايمرجنسي“ سڏيو ٿي. 1957ع ۾ ملايا
کي انگريزن طرفان خودمختياري ملي. 1963ع ۾ ”ملايا“
بورنيو ٻيٽ جي ٻن رياستن سباح ۽ سراواڪ کي پاڻ سان
ملائي هڪ نئون ملڪ ”ملائيشيا“ ٺاهيو. ٻن سالن بعد
9 آگسٽ 1965ع تي سنگاپور ملائيشيا مان نڪري پنهنجو
پاڻ کي الڳ ملڪ ٺاهيو.
ملائيشيا ۾ 10 سيڪڙو کن انڊين ۽ ٻين قومن جا ماڻهو رهن
ٿا، باقي 90 سيڪڙو ۾ اڌواڌ ملئي مسلمان ۽ چين کان
آيل چيني
آهن.
ملائيشيا کي خودمختياري ملڻ بعد ملئين ۽ چينين جي
پاڻ ۾ اڻ بڻت وڌڻ لڳي. ايتري قدر جو 13 مئي 1969ع
تي ٻنهي ڌرين ڪئالالمپور ۾ خوب مار ماران ڪئي ۽
اٽڪل 200 کن ماڻهو هن شهر جي گهٽين ۾ مارجي ويا.
ان بعد قاعدا قانون سخت ڪيا ويا ۽ اڄ تائين وري
اهڙو واقعو رونما نه ٿيو آهي.
1978ع کان ڪئالالمپور سڄي ملڪ جو گادي جو شهر قرار ڏنو
ويو ۽ ’شاهه عالم‘ شهر، سلينگور
(Slengor)
رياست جي گادي مقرر ڪيو ويو. شاهه عالم مسجدن،
باغن ۽ تعليمي ادارن کان مشهور آهي. سندس هڪ آڳاٽي
ڪاليج ۾ جيڪو پوءِ يونيورسٽي بڻيو، اسان جي ڳوٺ جي
ڊاڪٽر عبدالرحمان ميمڻ کي پڙهائڻ جو شرف حاصل آهي.
پاڻ پهريون سنڌي شاگرد آهي، جنهن اليڪٽرونڪس ۾
ڊاڪٽوريٽ ڪئي. پروفيسر ڊاڪٽر عبدالرحمان ميمڻ صاحب
بعد ۾ مهراڻ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر ٿيو. هن
وقت سندس ٻه ڀائيٽا ملائيشيا ۾ ڊاڪٽر آهن. هڪ
ڊاڪٽر شڪيل ميمڻ جيڪو دل جو ماهر ڊاڪٽر آهي ۽ ٻيو
ڊاڪٽر عديل جيڪو آرٿوپيڊڪ سرجن آهي.
ڪئالالمپور جيتوڻيڪ سلينگور رياست جي وچ ۾ آهي پر ان کي
”فيڊرل ٽيريٽري“ سڏيو وڃي ٿو. 2001ع کان سلينگور
جو هڪ ٻيو شهر ”پتراجايا“
(Putra Jaya)
پڻ فيڊرل حڪومت ۾ شامل ڪيو ويو. هي شهر
ڪئالالمپور کان ڪجهه ٻاهر ڀرو
ٺاهيو ويو، جتي فيڊرل حڪومت جون انتظامي آفيسون ۽
عدالتون ٺاهيون ويون آهن. ڪئالالمپور کي پتراجايا
سان اليڪٽرڪ گاڏين ۽ بسن ذريعي ڳنڍيو ويو آهي،
جيئن ڪنهن کي به سرڪاري آفيسن ۾ ڪم ڪار هجي ته هو
سولائيءَ سان اتي پهچي سگهي. ملڪ جي وزيراعظم جو
گهر توڙي آفيس به پتراجايا ۾ آهي. سڀ وزير ۽
ڪامورا هڪ ئي هنڌ موجود رهن ٿا. هونءَ به ملائيشيا
جا ماڻهو نوڪريءَ کان گسائين نٿا. هو ايمانداريءَ
سان ڊيوٽي ڏين ٿا. ملڪ جو وزيراعظم به روزانو صبح
جو اٺين بجي آفيس ۾ پهچيو وڃي، جو هن کي به هر
سرڪاري پگهار کڻندڙ ملازم وانگر پوري ٽائيم تي اچڻ
۽ موڪل تائين آفيس ۾ حاضر هجڻ جو ثبوت ڏيڻ لاءِ
ڪارڊ پنچ ڪرڻو پوي ٿو.
ملڪ جو پارليامينٽ هائوس ۽ ملڪ جي بادشاهه جو محل
ڪئالالمپور ۾ ئي آهي. ڪئالالمپور جو انتظام هلائڻ
جو ڪم ميئر حوالي آهي، جيڪو لارڊ ميئر ۽ ملئي زبان
۾ ”داتڪ بندر“ سڏجي ٿو. ملئي زبان ۾ شهر کي ”بندر“
چون.
ملڪ جي پارليامينٽ ٻن حصن تي مشتمل آهي. هڪ
House of Representatives
جنهن کي ملئي زبان ۾ ”ديوان رعيت“ سڏين ٿا ۽ ٻيو
House of senate
جيڪو ”ديوان نگارا“ سڏجي ٿو.
سلينگور رياست جنهن جي وچ ۾ فيڊرل حڪومت جا شهر
ڪئالالمپور ۽ پتراجايا آهن، ان مان ڪلانگ ندي وهي
ٿي جيڪا ڊيگهه ۾ 120 ڪلوميٽر ٿيندي. هن نديءَ وارو
علائقو ”ڪلانگ وئلي“ يعني ماٿري سڏجي ٿو. هيءَ ندي
پورٽ ڪلانگ (بندرگاهه) وٽ ملاڪا ڳچي سمنڊ
(Malacca Strait)
واري سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. رستي تي هن نديءَ سان
ٻيون يارهن نديون ملن ٿيون، جن مان ڪجهه هن ريت
آهن. گومباڪ ندي، باتو ندي، دمن سارا ندي، ڪيروح
ندي، پينچالا ندي ۽ ائمپنگ ندي وغيرهه. نديءَ کي
ملئي زبان ۾ ”سنگائي“
(Sungai)
سڏجي ٿو، يعني سنگائي گومباڪ، سنگائي باتو....
وغيره.
جتي گومباڪ ندي ڪلانگ ندي سان ملي ٿي، اتي ڪئالالمپور
آهي. هي
exact
اهو
هنڌ آهي جتي مسجد جامع آهي. ٻئي نديون ملڻ
کانپوءِ هڪ جي صورت ۾ ڪلانگ ندي ”پتلانگ جايا“ شهر جي ڏکڻ مان
گذري ٿي. اڳتي هلي هيءَ ڪلانگ ندي،
سلينگور رياست جي گادي واري شهر ”شاهه عالم“ مان
گذري ٿي. سلينگور رياست جو شهر ۽ بندرگاه ”ڪلانگ“
هن نديءَ جي بلڪل پوڇڙ وٽ آهي، جتي اها سمنڊ ۾
ڇوڙ ڪري ٿي.
باب
ٻاويهون
ماني ڪٿي کائجي ...
ان ڏينهن عليءَ جي پروٽون واجا
(Proton waja) ڪار ۾ ڪئالالمپور جي رستن تي ڊرائيونگ ڪندا رهياسين.
ڪلاڪ ٻه گذارڻو هو،
سو علي منهنجي چوڻ مطابق انهن روڊن تي ڪار ڊوڙائي
رهيو هو،
جن لاءِ مون چيومانس ٿي. مون اسي واري ڏهي جي ياد
تازي ڪرڻ چاهي ٿي جيڪي ڏهه سال کن مون جهاز هلائڻ
ڇڏي ملائيشيا جي تاريخي شهر ملاڪا ۾ اچي ڪناري جي
نوڪري اختيار ڪئي هئي. ملاڪا رياست جي جنهن شهر
”مسجد تاناح“ ۾ اسان رهياسين ٿي، اتان کان
ڪئالالمپور 90 کن ڪلوميٽر هجڻ ڪري منهنجو تقريبن
هر موڪل جو ڏهاڙو هنن رستن تي گذرندو هو. عيد جي
يا ٻي ڪا وڏي موڪل ٿيندي هئي ته پوءِ ڏکڻ ڏي
ڪئالالمپور وڃڻ بدران اتر جو رخ اختيار ڪندا
هئاسين. جيڏانهن 250 کن ڪلوميٽرن جي فاصلي تي
ملائيشيا جو ڇيڙي وارو شهر ”جوهور بارو“ آهي ۽ پل
ذريعي سمنڊ جا ٻه کن ڪلوميٽر ٽپڻ بعد سنگاپور جو
ٻيٽ آهي.
ڪراچيءَ وانگر ڪئالالمپور جا به شروعاتي رستا انگريزن
جي ڏينهن جا ٺهيل آهن ۽ سندن نالا به انگريز حاڪمن
نالي هئا،
پر پوءِ ملائيشيا کي خودمختياري ملڻ بعد آهستي
آهستي ڪيترائي نالا بدلائي ديسي حاڪمن، راجائن ۽
ملئي سردارن ۽ ڀوتارن جا رکيا ويا. هونءَ
70 واري ڏهي ۾ جهاز ذريعي جڏهن ملائيشيا اچبو هو ته پينانگ توڙي
ڪئالالمپور جا رستا، آڳاٽن نالن سان ئي سڏيا ويا ٿي. ٿي سگهي ٿو انهن ڏينهن ۾ اهي
نالا بدلجي چڪا هجن پر ماڻهن جي زبان تي اهي ئي
پراڻا نالا هئا،
جيئن جالان (شاهراهه) تن رزاق ”پيڪليلنگ روڊ“ سڏبو
هو ۽ اڄ وارو جالان تئانڪو عبدالرحمان ”باتو روڊ“
(پٿرن وارو رستو) سڏبو هو. جالان سلطان اسماعيل ۽
جالان هنگ تئا ته
80
واري ڏهي جي شروعات تائين به ٽريچر ۽ شا
(Shaw)
روڊ سڏبا هئا. اهڙي طرح اڄ وارو سلطان هشام الدين
۽ جالان مهاراجا ليلا رستا ”وڪٽري ايوينو“ ۽
”جالان برچ“ سڏبا هئا. ملئي زبان ۾ فارسي ۽ عربي
سان گڏ ڪيترائي هندي ۽ سنسڪرت جا لفظ پڻ آهن، ان
ڪري ملائيشيا ۾ توهان کي مهاراجا ۽ راڻي جهڙا
ڪيترائي لفظ ملندا. ايتري قدر جو ملڪ جي وزيراعظم
لاءِ ملئي لفظ ”پرڌان مينتري“ آهي جيڪو پڻ هندي يا
سنسڪرت جو لفظ آهي. ڪيترا ته تامل، مليالم ۽ ڪنهڙ
زبانن جا لفظ ملئي زبان ۾ شامل آهن جو ڏکڻ هندستان
جون اهي زبانون ڳالهائڻ وارا تامل نادو ۽ مدراس
پاسي جا ڪيترائي انڊيا جا ماڻهو هتي رهن ٿا.
انگريز ريزيڊنٽ مسٽر جيمس برچ نالي نه فقط ڪئالالمپور ۾
”برچ روڊ“ هو پر ملائيشيا جي ٻين شهرن سريمبان،
پينانگ، اپوح ۽ سنگاپور ۾
به هو. ٻين شهرن جي خبر ناهي پر سنگاپور ۾ اهو روڊ
اڄ به ساڳي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. جيمس برچ (سڄو
نالو جيمس ويلر ووڊ
فورڊ برچ) ملائيشيا جي اتراهين رياست پيراق جو پهريون برٽش
ريزيڊنٽ هو.
جنهن کي 1874ع ۾ پيراق جي سلطان جو صلاحڪار مقرر ڪيو ويو. بس اها مڙيئي
انگريزن جي کيڏ هوندي هئي،
ته ظاهري طرح ڀلي رياست جو سلطان به خوش رهي ۽
پنهنجي عوام کي منهن ڏيکارڻ جهڙو رهي ته اڃان هو
سلطان آهي، باقي اندروني طرح هن کي ڪرڻو اهو ئي
پوندو هو جيڪو انگريز چاهيندا هئا. جيڪو ڪم هو
پنهنجن مقرر ڪيل ائڊوائيزرن ذريعي ڪرائيندا هئا.
اهڙي طرح انگريز به خوش هئا ته هو مڪاني ماڻهن جي
بغاوت کان بچيل رهيا ٿي. هنن اڻ سڌي طرح پنهنجو هر
ڪم صلاحڪار ذريعي سلطان کان ڪرائي ورتو ٿي. هنن
انگريز صلاحڪارن جي هر صلاح حڪم هوندو هو ۽ سلطان
جي ڇا مجال جو حڪم عدولي ڪري. هو هيڏي وڏي هندستان
جا حال ڏسي رهيا هئا ته اتي جي بادشاهن، حاڪمن،
نوابن ۽ ڀوتارن جو انگريزن
ڇا حشر بڻائي ڇڏيو هو. سو هر رياست جو حاڪم
(سلطان) انگريز جي هر ڳالهه چُپڙي
ڪري مڃيندو هو. انهن برٽش ريزيڊنٽن يا صلاحڪارن جو
وڏو رعب تاب ۽ مان شان هو. مٿن ڪو آڱر به کڻي نٿي
سگهيو پر هي جيمس برچ 1875ع ۾ هڪ مڪاني ملئي سردار
داتو
مهاراجا ليلا هٿان مارجي ويو. چون ٿا ته برچ ڀر
واري نديءَ تي غسل پاڻي ڪري رهيو هو ته مهاراجه
ليلا مٿس ڀالن سان وار ڪري ماري رکيو. هن قتل بابت
انگريزن جو اهو چوڻ آهي ته سردار مهاراجا ليلا
جنهن جي ڪمائي جو وڏو ذريعو پيراق جي جنگلن جا
جهونا رهاڪو (جيڪي ’اورانگ اصلي‘ سڏجن ٿا انهن کي)
غلام بنائي وڪرو ڪرڻ هو. انگريزن طرفان منع ڪرڻ
تي، برچ جو قتل ڪيو ويو پر ملئي تاريخدانن جو اهو
چوڻ آهي ته برچ کي ان ڪري قتل ڪيو ويو جو هن ملئي
ماڻهن کي ڪمتر سمجهيو ٿي ۽ برچ صاحب ملئي تهذيب ۽
ثقافت تي هميشه ٺٺوليون ڪندو رهيو ٿي. ايتري قدر
جو رياست جي والي سلطان جي درٻار ۾ جتي هر هڪ جوتا
لاهي آيو ٿي، هي جوتن سميت گهڙي پوندو هو. هن پاسي
(ملائيشيا، ٿائلينڊ ڏي) ماڻهو پنهنجن بادشاهن
سلطانن کي پير و مرشد جو درجو ڏين ٿا. هونءَ
انگريز هميشه اهڙين ڳالهين جو خيال رکندا آهن ته
مڪاني ماڻهن جي روايتن، ريتن، رسمن، اعتقادن ۽ دين
ڌرم جو احترام ڪيو وڃي، جيئن ڪنهن جي عزت نفس
مجروح نه ٿئي، پر اها مشهور حقيقت آهي ته هي
انگريز برچ وڏو ٽيڙيءَ خور هو.
ملئي ماڻهن لاءِ مهاراجا ليلا، جنهن کي ملڪ
جي
خود مختياري ملڻ بعد،
ان دليرانه عمل ڪري
’داتو‘ جو به خطاب ڏنو ويو،
هڪ هيرو جي حيثيت رکي ٿو ۽ اسان جي هيمون ڪالاڻي
وانگر هو انگريز ۽ سندن
Colonialism
خلاف اهڃاڻ سمجهيو وڃي ٿو. برچ جي قتل بعد، انگريز
سرڪار ان وقت پيراڪ رياست جي سلطان عبدالله کي
ڏيهه نيڪالي ڏئي، هندي سمنڊ جي سيشلز ٻيٽن تي
موڪلي ڇڏيو ۽ مهاراجا ليلا ۽ ان جي ساٿين کي
ڦاهي ڏئي ڇڏي. ملائيشيا کي خودمختياري ملڻ بعد هتي
جي حڪومت برچ روڊ جو نالو بدلائي جالان مهاراجا
ليلا رکيو آهي.
جيئن ڪراچيءَ ۾
شاپنگ لاءِ صدر وارو علائقو خوبصورت سمجهيو وڃي ٿو
تيئن ڪئالالمپور جو ”بڪت بنتانگ“ علائقو مشهور
آهي، جتي هڪ دفعو هر ٽوئرسٽ چڪر هڻي ٿو. هي علائقو
گولڊن ٽرائنگل
(Golden Triangle)
به سڏجي ٿو. جالان بڪت بنتانگ، جالان راجا چولان، جالان پودو،
جالان امبي ۽ جالان سلطان اسماعيل هن علائقي جا
اهم روڊ آهن. هن علائقي ۾ خوبصورت شاپنگ سينٽر،
هوٽلون، نائيٽ مارڪيٽون، گاڏن وارا ۽ هر قسم جا
بار
(Bars)
۽ پارلر
آهن. هتي رنگين بتين جي جهرمر رات کي ڏينهن بڻائي
ٿي. اسان جي ڏينهن ۾، يعني اڄ کان ٽيهه چاليهه سال
اڳ وارو ڪئالالمپور، جيڪو ان وقت اسان جي حيدرآباد
۽ ڪراچي کان به پٺتي هو، تڏهن به هي علائقو ”بڪت
بنتانگ“ سڀ
کان
سهڻو ۽ ماڊرن سمجهيو ويو ٿي. مٿين روڊن مان ڪنهن
هڪ تي پنهنجي ڪار پارڪ ڪري،
پوءِ هن علائقي جا چڪر پيا هڻندا هئاسين. انهن
ڏينهن ۾ رستا هڪ ئي ليول تي هئا جيڪي چوواٽن تي
مليا ٿي. هاڻ ته سڄي ڪئالالمپور ۾ دهلي ۽ تهران
وانگر ايتريون ته پليون ٺهي ويون آهن جو سمجهه ۾
نٿو اچي ته ڪهڙو رستو ڪٿي ختم ٿيو ۽ ٻيو رستو ڪٿان
شروع ٿيو. پر تنهن هوندي به عليءَ کي چيم ته جالان
بڪت بنتانگ، راجا چولان، پودو، امبي ۽ سلطان
اسماعيل روڊن (جالانن) تان ڪار هلاءِ ته گذريل
زمانو ياد ڪريان،
جڏهن هنن رستن تي پارڪنگ لاءِ واجهائبو هو. خاص
ڪري 1985ع کانپوءِ جڏهن ملائيشيا پنهنجيون ڪارون
”پروٽان ساگا“ ٺاهڻ شروع ڪيون هيون ۽ هر هڪ ويو ٿي
ڪار جو مالڪ ٿيندو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي ڪئالالمپور ۾
ڪار پارڪنگ جو مسئلو ايڏو ته وڌي ويو جو ڪڏهن ڪڏهن
ضرورت واري جاءِ کان ميل اڌ پري پارڪنگ ملندي هئي.
اڳ
به ٻڌائي چڪو آهيان ته ملئي زبان ۾ روڊ، رستي يا
شاهراهه لاءِ ”جالان“
Jalan
لفظ آهي. انگريزيءَ ۾ عدد واحد مان جمع ٺاهڻ
لاءِ
S
يا
es
ڳنڍيو وڃي ٿو. اسان وٽ پيشُ
بدران زَبَر لڳائي وڃي ٿي جيئن ڪتابُ مان ڪتابَ
يا ”ون“ ڳنڍڻ سان عدد جمع ٿئي ٿو،
جيئن کٽ مان کٽون وغيره. پر ملئي ۾ ساڳيو لفظ ٻه
دفعا لکڻ سان عدد جمع ٿئي ٿو. مثال طور ڪتاب کي
ملئي زبان ۾ بُڪو
(Buku)
سڏجي ٿو جنهن جو جمع ٿيندو ’بُڪو بُڪو‘ معنى گهڻا
ڪتاب سو گهڻن روڊن لاءِ مٿي، مون فقط هڪ دفعو
جالان لکيو آهي، پر ملئي زبان جي حساب سان ’جالان
جالان‘ ٿيندو.
مٿي جيڪو ”جالان راجا چُولان“ لکيو اٿم يعني ”راجا
چُولان روڊ“ ان جو اصلي نالو ويلڊ روڊ هو. اڄ به
مون جهڙا ڪيترا پوڙها ۽ ٽئڪسي ڊرائيور ان کي ويلڊ
روڊ سڏي رهيا هئا،
جيتوڻيڪ هن جي ڪناري تي جتي ڪٿي ’جالان راجا چُولان‘ جا بورڊ لڳل آهن. هن روڊ جو نالو جالان ويلڊ ان ڪري نه
پيو ته هي روڊ ڪو ويلڊ ڪيو ويو آهي يا هن روڊ تي
ويلڊنگ جا دڪان آهن، پر هي روڊ هتي جي هڪ انگريز
گورنر نالي آهي جنهن جو سڄو نالو ”سر فريڊرڪ ويلڊ“
هو. هن جي نالي آسٽريليا جي شهر پرٿ ۽ نيوزيلينڊ
جي شهر مارلبورو ۾ به ويلڊ روڊ آهي. ملائيشيا جي
رياست پيراڪ جو بندرگاهه جيڪو هاڻ ڪئالا سيپيتانگ
سڏجي ٿو ان جو اصل نالو پورٽ ويلڊ هو ۽ اسان جڏهن
جهاز هلائيندا هئاسين ته اسان جي نيويگيشنل چارٽن
تي به
Port Weld
لکيل هوندو هو. ڪئالالمپور ۾ جتي منارا مي بئنڪ
آهي، اها هن گورنر نالي ”ويلڊ هل“ سڏبي هئي پر هاڻ
ان جو نالو بُڪت مڪاحماه رکيو ويو آهي. ملئي زبان
۾ ٽِڪري
(Hill)
کي بُڪت سڏجي ٿو. پينانگ بندرگاهه جي هڪ وهارف (ڌِ
ڪي) جو نالو پڻ
Weld Quay
آهي. اهو اڃان به ان نالي سان سڏيو وڃي ٿو.
سر فريڊرڪ ويلڊ نه فقط ملايا جو پر مغربي آسٽريليا ۽
تاسمانيا جو به گورنر رهي چڪو آهي ۽ نيوزيلينڊ جو
ڇهون وزيراعظم پڻ هو. پاڻ بنيادي طرح نيوزيلينڊ جو
سياستدان هو. 1823ع ۾ انگلنڊ ۾ ڄائو ۽ هن شروع جا
سال والدين سان گڏ فرانس ۾ گذاريا.
سئٽزرلئنڊ مان تعليم حاصل ڪرڻ بعد 1844ع ۾ هن
نيوزيلينڊ جي شهر ويلنگٽن ۾ اچي رهائش اختيار ڪئي،
جتي هن پهرين رڍن پالڻ جو ڪاروبار شروع ڪيو جنهن
مان هن خوب ناڻو ڪمايو. ان بعد هو سياست ۾ آيو ۽
1887ع تائين مختلف هنڌن ۽ نوڪرين تي رهڻ بعد هن
رٽائرڊ زندگي اختيار ڪئي ۽ آرام سان گهر ۾ ويٺو هو
ته کيس هڪ وار ملايا سنگاپور گهمڻ جو شوق پيدا ٿيو
۽ 1891ع ۾ جيئن ئي هتي پهتو ته کيس ڪا اهڙي بيماري
لڳي وئي جو علاج لاءِ سڌو انگلينڊ پهتو جتي ان ئي
سال وفات ڪيائين.
بهرحال ڪئالالمپور شهر جي خوبصورت علائقي بُڪت بنتانگ
مان لنگهندڙ ويلڊ روڊ جو نالو اڄڪلهه ”جالان راجا
چُولان“
آهي. (سڄو نالو راجا سر چُولان ابن المرحوم سلطان عبدالله محمد شاهه حبيب الله) پيراڪ
رياست جي شاهي خاندان مان هو. هن بنيادي تعليم
ملاڪا هاءِ اسڪول ۽ ملئي ڪاليج ڪئالا ڪنگسار مان
حاصل ڪئي. 1896ع ۾ هن (راجا چولان) انگريزن ۽
پيراڪ، سلنگور، نيگري سيمبيلان ۽ پهانگ رياستن جي
سلطانن سان ملي فيڊريشن ٺاهي، جيڪا
Federated Malay States
جي نالي سان سڏجڻ لڳي جنهن سان پوءِ ٻين رياستن
ملي اڄ وارو ملائيشيا ٺاهيو. راجا چولان انگريز
حڪومت جي دور ۾، انگريزن تي زور آندو ته هو ملئي
ماڻهن جي معاشي حالت سڌارين ۽ کين سول سروس ۾
آڻين. پاڻ 1933ع ۾ گذاري ويو. سندس قبر پيراڪ
رياست جي شهر ڪئالا ڪنگسار جي شاهي قبرستان ۾ آهي.
ان ڏينهن عليءَ سان گڏ ڪئالالمپور جي هن خوبصورت علائقي
”بڪت بنتانگ“ مان لنگهڻ وقت هتي جي ڪجهه خاص شاپنگ
مالن جا نالا نوٽ ڪيم جيڪي هن ريت آهن: برجايا
ٽائيمس اسڪائر، بُڪت بِنتانگ پلازا، امبي پلازا،
فارنهائيٽ 88 (هن جو اسان وارن ڏينهن ۾
K.L پلازه نالو هو)، لويات پلازا (هي هڪ چيني منسٽر
Low Yat
جو آهي)، اسٽار هل گئلري، سنگائي وانگ پلازا،
Lot 10
، پويلين ڪي. ايل وغيره.
برجايا ٽائيمس اسڪائر دنيا جو تيرهون نمبر وڏو شاپنگ مال
آهي. هن شاپنگ مال جي جملي ايراضي ٽي لک چورس ميٽر
چئي وڃي ٿي. سندس مٿين فلور تي
3D- Imax سئنيما ٿيٽر آهي.
ملائيشيا ۾ صفائي سٺائي ۽ کاڌي پيتي جي شين جي هائيجن تي
سختي هجڻ ڪري، هتي جي وڏين هوٽلن ۾ توڙي گاڏي تي
کاڌي پيتي جون وڪامندڙ شيون، توهان کي صحيح
ملنديون. ڪيترائي وڏا ماڻهو هنن گاڏن وارن
(Hawkers)
کان کاڌو وٺي کائين. ڪئالالمپور جي هن بُڪت
بِنتانگ علائقي ۾ ئي هڪ گهٽي جالان الور نالي آهي،
جيڪا سڄي گهٽي کاڌي پيتي جي شين کان مشهور آهي.
هتي توهان کي ريڙهي (گاڏي) وارا، انڊين پاڪستاني
کاڌن (چپاتي، نان، پوري، اڊلي، ڏوسا، اڦراٽي،
برياني، ٻوڙ) کان وٺي چيني ۽ انڊونيشي کاڌا وڪڻندي
نظر ايندا. توهان کلئي آسمان هيٺ بيهي يا گاڏن
وارن طرفان رکيل پلاسٽڪ جي اسٽولن تي ويهي، اهي
کاڌا کائي سگهو ٿا.
ڪئالالمپور ۾ هن قسم جون گهٽيون ٻين به ڪيترن هنڌن تي
نظر اينديون ۽ ٽوئرسٽن کي آئون اها ئي صلاح ڏيندس
ته هو ڪنهن وڏي هوٽل ۾ ويهي ماني کائڻ تي اجايو
پئسو خرچ ڪرڻ بدران هنن گاڏن وارن وٽ کائين، جيڪي
ان ئي وقت تئي تان ماني لاهي توهان جي پليٽ تي
رکندا وڃن ٿا.
باب
ٽيويهون
ڪئالالمپور جا رستا هتي جي تاريخ آهن
ڪئالالمپور شهر ۾ اسان واري ننڍي کنڊ جي انگريز وائسراءِ
لوئيس مائونٽ بيٽن نالي به روڊ آهي، جيڪو هاڻ ملئي
حاڪم نالي ڪيو ويو آهي ۽ ان کي ”جالان تُن پيراڪ“
سڏجي ٿو. انگريزن جي رکيل نالي ”ڪراس اسٽريٽ“ جو
نالو هاڻ ”جالان تن تان سيو“ آهي، جيڪو ملائيشيا
جو خزانا وزير رهي چڪو آهي. ڪي ايل جو مشهور روڊ
برڪ فيلڊ روڊ هاڻ ”جالان تُن سمبا ناٿن“ سڏجي ٿو.
سمبا ناٿن ويراسامي هتي جو اهم تامل انڊين ٿي گذريو آهي،
جنهن تنڪو عبدالرحمان ۽ تان چينگ لاڪ سان گڏ هن
ملڪ جي آزادي لاءِ وڏي جدوجهد ڪئي. هو ملائيشيا ۾
انڊين جي سياسي پارٽي
MIC
(ملائيشين انڊين ڪانگريس) جو صدر به رهي چڪو
آهي. هن جو پيءُ 1890ع ۾ انڊيا کان ملايا آيو ۽
رٻڙ جي پوک ۾ هن چڱو پئسو لڳايو. سمبا ناٿن 1919ع
۾ پيراڪ رياست جي شهر سنگائي سپوت ۾ ڄائو ۽ ڀرواري
شهر ڪئالا ڪنگسار جي مشهور اسڪول ”ڪلفرڊ هاءِ
اسڪول“ مان تعليم حاصل ڪئي. ان بعد ايڪانامڪس ۾
اعليٰ تعليم وٺڻ لاءِ انڊيا جي ڏاکڻي رياست تامل
ناڊو جي انامالائي يونيورسٽي ۾ داخلا ورتي. ان وقت
انڊيا ۾ انگريزن خلاف
Quit India
جهڙيون تحريڪون ڏسي هن کي به سياست ۾ اچڻ جو شوق
ٿيو. هن گانڌيءَ جي فلسفي تي عمل ڪندي ملائيشيا ۾
انگريزن کان آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ
Non Violence
جي تحريڪ هلائي. ملائيشيا ۾ پنهنجي هندو ڪميونٽي
۾ تعليم عام ڪرڻ لاءِ هن 1954ع ۾ سنگائي سپوت ۾
”مهاتما گانڌي تامل اسڪول“ کوليو، جيڪو اڄ تائين
موجود آهي. ياد رهي ته ملايا ۾ جيڪي انڊين رهيا
ٿي، انهن ۾ 90 سيڪڙو تامل نادو (ڏکڻ هندستان) جا
غريب هاري هئا،
جن رٻڙ ۽ پام آئل جي پوک ۾ کيتي ٻاڙي ڪئي ٿي ۽ هو
شهر جي سهوليتن کان پري رهيا ٿي ۽ هنن سخت غربت جي
زندگي گذاري ٿي.
پڙهندڙن جي دلچسپي لاءِ هتي اهو لکڻ ضروري سمجهان ٿو ته
سمباناٿن کي سياست ۾ مشهوري جواهر لعل نهرو جي ڀيڻ
وجايا لڪشمي ڏياري. سمباناٿن جڏهن تامل ناڊو رياست
جي ائنامالائي يونيورسٽي ۾ پڙهندو هو ته اتي هن جي
دوستي نهرو جي هن ننڍي ڀيڻ سان ٿي هئي ۽ هاڻ هن
جڏهن سنگائي سپوت ۾ مٿيون اسڪول کوليو ته ان موقعي
تي وجايا لڪشمي انڊيا کان هلي ملي سنگائي سپوت
آئي. جيتوڻيڪ 1954ع اهو سال هو، جنهن ۾ ملايا ۾
ڪميونسٽن جا هنگاما متل هئا ۽ سيڪيورٽي جو وڏو
مسئلو هو، پر وجايا انهن سڀني ڳالهين جي پرواهه نه
ڪندي پنهنجي يونيورسٽي جي دوست سمباناٿن جي اچي
عزت افزائي ڪئي. ان ڳالهه ڪري سمباناٿن جي اهڙي ته
واهه واهه ٿي وئي جو 1959ع ۾ ٿيندڙ اليڪشن ۾ هو
پنهنجي علائقي سنگائي سپوت مان سيٽ کٽي ويو.
ڪئالالمپور جا ڪي ڪي رستا اهڙا آهن، جيڪي اڄ به انهن
انگريزن جي نالي قائم آهن. شايد انهن انگريزن
پنهنجي دور ۾ مڪاني ماڻهن کي سکيو رکيو يا سٺا ڪم
ڪيا، جيئن اسان وٽ ڪراچي ۾ اڃا تائين فريئر روڊ ۽
برنس روڊ آهن. ڪئالالمپور ۾ اهڙن ئي روڊن مان
بيلفيلڊ روڊ آهي. هينري ڪانوي بيلفيلڊ پيراڪ،
سلينغور ۽ نيگري سيمبيلان رياستن جو 12 سال کن
برٽش ريزيڊنٽ ٿي رهيو. اهڙي طرح پيراڪ جي هڪ ٻئي
انگريز ريزيڊنٽ والٽر هئملٽن ڪاڪرين جي نالي
”ڪاڪرين روڊ“ به اڃا قائم آهي. پر پهانگ رياست جي
برٽش ريزيڊنٽ ليوس براڪمن نالي ٿيل ”براڪمن روڊ“
هاڻ داتو اون جعفر نالي آهي. ”رابسن روڊ“ اڃا
تائين ساڳي نالي سان آهي. رابسن (سڄو نالو جي ايڇ
رابسن) اهو انگريز آهي، جنهن انگريزي اخبار ”دي
ملئي ميل“ شروع ڪرائي، جيڪا اڃا تائين هلندي اچي.
رابسن نالي سنگاپور ۾ به روڊ آهي. سلينگور جي هڪ
ٻئي انگريز ريزيڊنٽ مسٽر اوسوالڊ فرانسز گيرارڊ
اسٽونر نالي ”اسٽونر روڊ“ به اڃا ساڳي نالي سان
آهي. |