اسلامڪ يونيورسٽي جو سرڪاري طرح
افتتاح پهرين جولاءِ 1983ع ۾ ڪيو ويو. هينئر هن
يونيورسٽي جو وڏو ڪئمپس گومباڪ ضلعي يعني
ڪئالالمپور جي اتر واري علائقي ۾ آهي، پر ان وقت
هن جي شروعات، پيتالنگ جايا يعني ڪئالالمپور جي
اولهه واري علائقي ۾ ڪئي وئي. ياد رهي ته گومباڪ، پيتالنگ جايا، ڪلانگ،
سيپانگ وغيره، جيڪي ڪئالالمپور شهر جي چوڌاري آهن،
سلينگور رياست جا ضلعا آهن. خود ڪئالالمپور به
سلينگور رياست جو شهر هو جيڪو هاڻ فيڊرل ڪئپيٽل
سڏجي ٿو. هن يونيورسٽي جو پهريون صدر سابق
وزيراعظم ”تُن حُسين آن“ چونڊيو ويو. هن يونيورسٽي
کي بورڊ آف گورنرس هلائي ٿو.
جنهن ۾
OIC
ملڪن جي نمائندن کان علاوه اٺ ٻين ملڪن جا به
نمائندا آهن، جن ۾ پاڪستان پڻ شامل آهي. پر يونيورسٽي جو سربراهه، صدر ۽ ريڪٽر ملائيشين ئي ٿين ٿا.
پهرين بئچ ۾ ملائيشيا ۽ ڌارين ملڪن جي 153 شاگردن
داخلا ورتي ۽ آڪٽوبر 87 ۾ پهرين ڪنووڪيشن ٿي،
جنهن ۾ 68 شاگردن کي ايڪنامڪس ۾ ۽ 56 کي لا
(law)
۾
بيچلر ڊگري ملي. ان کان علاوهه 29 قاضين کي لا ۽
Administration of Islamic Judiciary
۾ ڊپلوما ملي.
مون کي ياد آهي ته هن يونيورسٽي جي ڀرسان اسان جي دوست
يوسف شاهه جو گهر هوندو هو. يوسف شاهه
MAS
(ملائيشيا جي هوائي ڪمپني) ۾ اڄ به انجنيئر آهي.
انهن ڏينهن ۾ آئون جڏهن به ملاڪا کان ڪئالالمپور
يوسف شاهه جي گهر ويندو هوس ته هن يونيورسٽي جو
چڪر پڻ هڻندو هوس. آئون پاڻ به هتي جي نيول اڪيڊمي
۾ پڙهائي رهيو هوس جيڪو هڪ بهترين تعليمي ادارو
آهي پر مون کي هن اسلامڪ يونيورسٽي جي عمارت ۽
ماحول ڏاڍو وڻيو ٿي جتي تعليم ۽ شاگردن جي رهائش
جو سٺو بندوبست ڏسي،
هن يونيورسٽي تي مون ڪيترائي مضمون پاڪستان جي
اردو، سنڌي ۽ انگريزي اخبارن ۾ لکيا. هن يونيورسٽي
۾ منهنجي خيال ۾ پڙهائڻ وارو پهريون پاڪستاني
روهڙي جو عبدالقدوس قاضي صاحب هو. پروفيسر قاضي
صاحب هڪ اسلامي ڄاڻ رکندڙ پروفيسر آهي. منهنجي
ساڻس پهريون دفعو ملاقات 1959ع ۾ ميرپورخاص ۾ ٿي، جڏهن اسين ڪئڊٽ ڪاليج ۾ نائين ڪلاس ۾ هئاسين.
۽ پيٽارو
واري عمارت ٺهڻ کان اڳ اهو ڪاليج عارضي طور ميرپورخاص ۾ ”شاهه
لطيف ڪاليج“ جي هڪ سيڪشن ۾ هو. قاضي صاحب اسان جي
ڪلاس ميٽ اقبال قاضي جو مامو آهي ۽ هو تن ڏينهن
کان آسٽريليا جو رهاڪو آهي. هو پنهنجي ڀاڻيجي
اقبال کي ڪاليج مان ڪڍرائي پاڻ سان آسٽريليا وٺي
وڃڻ لاءِ آيو هو. جيسين اقبال هلڻ لاءِ بئگ ٺاهي
سندس ماموعبدالقدوس صاحب اسان سان خبر چار ڪندو
رهيو. ڪي ڪي ماڻهو پنهنجي سٺي طبيعت ڪري ٻين جي
دلين تي هميشه لاءِ نقش ڇڏي ويندا آهن. اقبال جو
مامو انهن مان آهي. مون کي سندس چهرو ۽ اسلامي
ڳالهيون هر وقت دماغ ۾
رهيون ٿي. هو مون کان ڪڏهن به نه وسريو ۽ پوءِ اسي
جي ڏهي ۾ کيس هن يونيورسٽي ۾ ڏسي منهنجي حيرت ۽
خوشي جي انتها نه رهي هئي.
پروفيسر قاضي صاحب ڪجهه سال هن يونيورسٽي ۾ پڙهائڻ بعد
اسلام آباد واري يونيورسٽي ۾ پڻ پڙهايو. ان بعد
واپس آسٽريليا هليو ويو ۽ اتي ئي رهي ٿو. هن وقت
جڏهن اسان ئي ستر جي ويجهو اچي پهتا آهيون ته هو
هن وقت پڪ اسي سالن جي لڳ ڀڳ هوندو.
سٺي ناموس، سٺي پڙهائيءَ ۽ شاگردن لاءِ پيدا ڪيل
بهترين ماحول جي ڪري، ڏسندي ئي ڏسندي
ملائيشيا جي هن يونيورسٽي ۾ شاگردن جو تعداد ايترو
ته وڌي ويو جو انتظاميه کي اڄ وارو گومباڪ ۾ وڏو
ڪئمپس ٺاهڻو پيو،
جيڪو 700 ايڪڙن تي آهي. هاڻ پيتالنگ جايا وارو
پراڻو ڪئمپس مئٽرڪيوليشن سينٽر سڏجي ٿو جيڪو سائنس
۽ لا جي شاگردن لاءِ
CFS
(سينٽر فار فائونڊيشن اسٽڊيز) آهي، جتان تعليم
حاصل ڪرڻ بعد هي شاگرد گومباڪ واري ڪئمپس ۾ داخلا
وٺن ٿا. اهڙو ئي بنيادي تعليم جو هڪ ٻيو سينٽر،
اسلامڪ يونيورسٽي طرفان ”بندر بارو نيلائي“ شهر ۾
کوليو ويو آهي. هي شهر ”نيگري سيمبيلان“ رياست ۾
آهي. ملائيشيا جي هيءَ رياست ملاڪا رياست ۽
سلينگور رياست جي وچ ۾ آهي. اسلامڪ يونيورسٽي جي
گومباڪ واري ڪئمپس وانگر هڪ ٻيو ڪئمپس پهانگ رياست
جي گادي واري شهر ”ڪئانتان“ ۾ به کوليو ويو آهي.
ان کان علاوه هن يونيورسٽي ۾ هر سال نون ڪورسن جو
واڌارو پڻ ڪيو وڃي ٿو. اڄ کان ڏهه ٻارهن سال اڳ،
جڏهن هن يونيورسٽيءَ ۾ انجنيئرنگ جي فئڪلٽي کولي
وئي ته پاڪستان کان اسان جي دوست ڊاڪٽر لطيف سومرو
جي ننڍي ڀاءُ علي رضا سومرو کي آرڪيٽيڪٽ پڙهائڻ
لاءِ چونڊيو ويو هو. علي رضا مهراڻ يونيورسٽي مان
B.E
آرڪيٽيڪٽ انجنيئرنگ ۾ ڪئي آهي ۽ هو اتي جي
آرڪيٽيڪٽ انجنيئرنگ جي گرئجوئيٽن جي پهرين بئنچ
مان آهي. پاڻ اڄڪلهه هتي سينئر پروفيسر آهي.
هتي اهو به لکندو هلان ته ڪئانتان واري ڪئمپس ۾ ته
ميڊيسن، هيلٿ سائنسز، فارمئسي، نرسنگ ۽ ڊينٽسٽري
جون به
Faculties
آهن، جن کي ملئي زبان ۾
Kulliyah
سڏجي ٿو جيڪو لفظ دراصل عربي زبان تان ورتل آهي.
هن يونيورسٽي جي اها خاص ڳالهه آهي ته هر شاگرد کي
يونيورسٽي جي هاسٽل ۾ رهڻ لاءِ ڪمرو مليل آهي.
ڊاڪٽر علي رضا سومرو ٻڌايو ته هاڻ شاگردن جو تعداد
ايترو ته وڌي ويو آهي جو 2008ع کان هاسٽل ۾ فقط
ڇوڪرين کي ڪمرو ملڻ جي پڪ ڏني وڃي ٿي. ڇوڪرن کي
ڪئمپس کان ٻاهر پنهنجي رهائش جو بندوبست پاڻ ڪرڻو
پوي ٿو. هن يونيورسٽيءَ ۾ تعليم انگريزي ۽ عربيءَ
۾ ڏني وڃي ٿي. مٿي لکي آيو آهيان ته هن يونيورسٽي
جي کلڻ واري سال 1983ع ۾ فقط 153 شاگردن داخلا
ورتي هئي،
پر هاڻ هر سال 3000 شاگردن کي داخلا ملي ٿي.
اسلامي ملڪن کان علاوه جرمني، جپان، آمريڪا، روس،
ويٽنام، فلپين، سريلنڪا، انڊيا، چين ۽ ٿائلنڊ جا
شاگرد پڻ شامل آهن.
ڊاڪٽر علي رضا سومرو اهو به ٻڌايو ته هتي جي سٺي تعليمي
نظام ۽ امن امان جي بهتر حالت هجڻ ڪري ڇوڪرن کان
وڌيڪ ڇوڪريون داخلا وٺن ٿيون. هن سال به ٽن هزار
اسٽوڊنٽس ۾ 2200 کن ڇوڪريون آهن ۽ فقط 800 ڇوڪرا
آهن. پاڻ اهو به ٻڌائين ته پاڪستان کان ايترا
شاگرد نٿا اچن باقي اهي پاڪستاني ضرور آهن،
جيڪي هتي رهن ٿا. منهنجي خيال ۾ ان جو سبب اهو به
ٿي سگهي ٿو ته هن قسم جي يونيورسٽي اسان وٽ اسلام
آباد ۾ به آهي جتي جي تعليم ۽ سهوليتن جو معيار پڻ
بهتر آهي.
اسان جي ڳوٺ جي هڪ ڇوڪري ڊاڪٽر رفيعه ناز جيڪا هتي جي
ملايا يونيورسٽي مان سافٽ ويئر انجنيئرنگ ۾
Ph.D
ڪري رهي آهي تنهن ٻڌايو ته ملائيشيا ماحول توڙي
موسم جي خيال کان مسلمانن لاءِ هڪ بهترين ملڪ آهي
پر اسان جي ملڪ جي حساب کان هتي مهانگائي گهڻي هجڻ
ڪري هتي گهڻا شاگرد اهي اچن ٿا، جن کي اعلى تعليم
حاصل ڪرڻ لاءِ اسڪالرشپ ملي ٿي. پنهنجي خرچ تي اچڻ
وارا گهٽ آهن. جيڪڏهن ڪو شاگرد هوشيار آهي ته هن
کي پنهنجي ملڪ جي انجينئرنگ ۽ ميڊيڪل ڪاليجن ۽
يونيورسٽين ۾ داخلا مليو وڃي.
ڊاڪٽر رفيعه ناز اسان جي ڳوٺائي دوست ڊاڪٽر خير محمد
ميمڻ جي ننڍي ڌيءَ آهي. ڊاڪٽر خير محمد لياقت
يونيورسٽي ڄامشوري مان 1969ع
۾
MBBS
ڪرڻ بعد 1975ع تائين اتي ئي جاب ڪيو
،ان
کانپوءِ
اڄ ڏينهن تائين
هالا ۾ ئي پرئڪٽس ڪندو اچي. کيس ٽي ٻار آهن. وڏيون
ٻه ڌيئون شازيه ناز ۽ فريا ناز ڊاڪٽر آهن. شروع ۾
هڪ هنڌ برگيڊيئر نور محمد ميمڻ جي ڌيءَ ڊاڪٽر
ڪئپٽن مهرالنساءَ بابت اهو لکندي ته هوءَ اسان جي
ننڍڙي ڳوٺ جي پهرين ڊاڪٽرياڻي آهي جيڪا پاڪستان
آرمي ۾ وئي، اهو
لکڻ وسري ويو ته ڊاڪٽر خير محمد جي هيءَ ٻيو نمبر ڌيءَ ”ڊاڪٽر فريا
ناز“ جيڪا ڊاڪٽر مهرالنساءِ جي ڪلاس ميٽ هئي، پڻ
هن سان گڏ آرمي ۾ وئي ۽ ٻئي ڄڻيون ڪئپٽن رئنڪ تي
آهن.
پاڻ ملائيشيا جي اسلامڪ يونيورسٽي جي ڳالهه ڪري رهيا
هئاسين جتان هيستائين ٽيهه هزار شاگرد بيچلر،
ماسٽرس ۽ ڊاڪٽوريٽ ڪري چڪا آهن. انهن شاگردن ۾
5000 کن ڌارين ملڪن جا آهن. هتي اهو به لکندو هلان
ته جيتوڻيڪ هن يونيورسٽي ۾ تعليم انگلش ۾ ڏني وڃي
ٿي پر ڪجهه اسلامي سبجيڪٽ جهڙوڪ: دينيات، شريعت ۽
ethics
وغيره عربي ۾ پڙهايو وڃي ٿو. ان کان علاوه هڪ
سبجيڪٽ ايليمينٽري عربي جو آهي جيڪو غير مسلمانن
لاءِ به ضروري آهي. ملائيشيا جي قومي زبان ملئي
(بهاسا ملائيشيا) آهي جنهن جي پڻ ٿوري گهڻي ڄاڻ
ڌارين ملڪن کان ايندڙ شاگردن لاءِ ضروري آهي.
هن يونيورسٽي مان ڊگري حاصل ڪندڙ اهم ماڻهن جي
Alumni
ڏسي رهيو هوس ته خبر پيئي ته ملائيشيا جي
پارليامينٽ جا ٻه چيني ميمبر فونگ پُو ۽ وونگ ڪاح
به هن يونيورسٽي جا گرئجوئيٽ آهن. پيراڪ رياست جو
وزيراعلى داتڪ ڊاڪٽر زمبري عبدالقادر ۽ ملائيشيا
جو هڪ ٻيو اهم سياستدان،
اعظم محمد نور
به هن يونيورسٽي مان پڙهيا آهن. پينانگ جي چيف
منسٽر محمد فيروز بن خير
الدين
کان علاوه جوهور رياست جي شهزادي تنڪو امينا ڪلثوم
۽ ڪيلنتان رياست جي شهزادي تنڪو عائشه پتري پڻ هن
يونيورسٽيءَ جون گريجوئيٽس آهن.
باب ستٽيهون
ملائيشيا جا تُن، تُنڪو ۽ تانسري....
ملائيشيا ۾ تعليم يا نوڪري لاءِ ايندڙ توڙي هفتي ڏيڍ
لاءِ گهمڻ لاءِ ايندڙ، ٻن ٽن ڏينهن اندر محسوس ڪن ٿا ته هي ڇا آهي جو ڪجهه چيني توڙي
ملئي ماڻهن جي نالن اڳيان تُن، تانسري، داتڪ، داتو
يا سِري جهڙا لفظ شامل آهن!
دراصل اهي هتي جي ماڻهن کي ملڪ جي بادشاهه، رياست جي
سلطان يا گورنر طرفان خطاب آهن، جيئن انگريز
پنهنجي ملڪ ۽ ننڍي کنڊ جي ماڻهن کي
Sir
يا خانبهادر يا راءِ بهادر جهڙا لقب ڏيندا هئا.
ملائيشيا ۾ مٿيان لقب/ خطاب گهڻو ڪري ايماندارانه
طريقي سان انهن ماڻهن کي ڏنا وڃن ٿا، جيڪي هن ملڪ
۽ ماڻهن جي لاءِ سٺا ڪم ڪن ٿا يا ڪنهن اهم فيلڊ ۾
اهڙو ڪم ڪري ڏيکارين ٿا، جنهن سان سندن ۽ ملڪ جو
نالو روشن ٿئي. هر سال هر خطاب/ لقب لاءِ ڪجهه
ماڻهو چونڊيا ويندا آهن، جن کي ملڪ جو بادشاهه ۽
رياستن جا سلطان ۽ گورنر پنهنجن جنم ڏينهن تي عطا
ڪن ٿا. ڌارين ملڪن جي ماڻهن لاءِ بهتر آهي ته هو
هنن لقبن جي ٿوري گهڻي ضرور ڄاڻ رکن، جيئن هو
سمجهي سگهن ته ڪهڙي ماڻهوءَ جو ڪيڏو مٿاهون درجو
آهي ۽ جيڪڏهن توهان جي اهڙي هنڌ تي نوڪري آهي، جتي
توهان جو اهڙن خطابن واري ماڻهوءَ سان واسطو رهي
ٿو ته پوءِ توهان کي اها ڄاڻ رکڻ به ضروري آهي ته
هنن سان ڪيئن مخاطب ٿجي. جيئن هڪ سفير کي ”هز
ايڪسيلينسي“ چئي مخاطب ٿجي ٿو. اهڙي طرح هڪ جج کي
انگلنڊ ۾ ۽ شايد اسان وٽ به ”يوئر لارڊ شپ“ چئي
مخاطب ٿجي ٿو.
عام ماڻهن کي مليل خطابن کان علاوه ملڪ جي بادشاهه،
رياستن جي سلطانن ۽ انهن جي راڻين، شهزادن ۽
شهزادين لاءِ پڻ مختلف لقب آهن ۽ کين مخاطب ٿيڻ
لاءِ مختلف لفظ آهن. جيئن مغل بادشاهن يا ايراني
شهنشاهن لاءِ مقرر ٿيل هئا. بهرحال هونءَ ته ملئي
زبان ۾ هنن لقبن/خطابن
(Titles & honorifics)
جو هڪ عجيب مونجهاري وارو سسٽم آهي، پر ملائيشيا
۾ رهندڙ اسان جي ملڪ جي ماڻهن لاءِ هتي مختصر طور
آسان ڪري لکان ٿو. هنن لقبن مان ڪجهه لقب برونائي
۽ انڊونيشيا ۾ به اڄ تائين عام آهن. هيٺيان ڪجهه
لقب ملائيشيا جي نون رياستن ۾، جن جا والي وارث
اتي جا سلطان سڏيا وڃن ٿا (۽ برونائيءَ ۾ پڻ) اتي
جي بادشاهه، سلطانن ۽ اولاد لاءِ موروثي سڏيا وڃن
ٿا.
ملائيشيا جي بادشاهه کي ملئي زبان ۾ ”ينگ دي پرتئان
اگونگ“ سڏجي ٿو، يعني اهو جنهن کي وڏو مالڪ بنايو
ويو آهي. جيئن مغل بادشاهن کي جهان پناهه، ضِلِّ
الاهي وغيره سڏيو ويو ٿي. بهرحال ملڪ جا
سلطان اليڪشن ذريعي پاڻ مان جنهن سلطان کي بادشاهه
چونڊين ٿا، ان لاءِ اهو آفيشل لقب
(Title)
آهي. يعني:
Yang di- Pertuan Agong
هتي جي انگريزي اخبارن ۾ بادشاهه لاءِ
King
لکيل هوندو، پر ملئي اخبار ۾ لکيل هوندو ته ”ينگ
دي پرتئان اگونگ،
اڄ هي چيو يا هيڏانهن ويو“، وغيره.
رياستن جا حاڪم ”سلطان“ سڏجن ٿا، پر هڪ رياست پرلس جو
حاڪم سلطان نه پر ”راجا“ سڏجي ٿو ۽ نيگري سيمبيلان
جو حاڪم ”ينگ دي پرتئان بيسار“ سڏجي ٿو. ان جي
معنيٰ ٿي ”اهو جنهن کي لارڊ بنايو ويو آهي“.
انگريزي ۾ لفظي معنيٰ ٿيندي:
He who is made Great Lord.
۽ بادشاه جي
He who is made Supreme Lord
ٿيندي.
ملائيشيا ۾ جملي 13 رياستون آهن. 11 مغربي ملائيشيا ۾ ۽
ٻه سباح ۽ سراواڪ مشرقي ملائيشيا ۾ آهن. مغربي
ملائيشيا جي يارهن رياستن مان نون جا حاڪم انهن جا
سلطان آهن، باقي چئن: ملاڪا، پينانگ، سباح ۽ سرواڪ
جا سربراهه گورنر آهن، جيڪي ملڪ جو بادشاهه وزير
اعظم جي صلاح سان مقرر ڪري ٿو. گورنر کي ملئي زبان
۾ ينگ دي پرتئا نيگري
(Yang di- pertua Negri)
سڏجي ٿو.
تئانڪو
(Tuanku)
جنهن جي معنيٰ آهي
My Lord
ملائيشيا جي حاڪمن لاءِ لقب آهي. ڪن رياستن ۾
تئانڪو بدران
Tengku
يا
Tunku
اُچاريو وڃي ٿو. اهي لقب حاڪمن جي شهزادن ۽
شهزادين لاءِ استعمال ٿين ٿا، جيئن ڪيداح رياست جي
سلطان جو پٽ عبدالرحمان جيڪو ملائيشيا جو پهريون
وزيراعظم ٿيو ”تنڪو عبدالرحمان“ سڏجي ٿو.
جيئن انگريزن جي ڏينهن ۾ ڪنهن صاحب کي درخواست لکبي هئي
ته هن جو عهدو لکي پوءِ لکيو ويندو هو ته شال
تنهنجو اقبال بلند هجي ۽ آخر ۾ لکبو هو واڌو ادب،
خادم فلاڻو.... تيئن هتي جي سرڪاري خط و ڪتابت يا
نوٽيسن تي بادشاهه جي لاءِ لکيو وڃي ٿو ته:
Ke Bawah Duli Yang Maha Mulia
(The Dust under the feet of his Exalted
Highness)
۽ اهو ئي جملو رياستن جي سلطانن لاءِ استعمال ٿئي ٿو، پر
بادشاهه لاءِ هڪ ٻيو جملو به لڳايو ويندو آهي:
Seri Paduka Baginda
(Conqueror Majesty)
اهو ائين آهي، جيئن انگريز بادشاهن لاءِ
His Majesty
چيو وڃي ٿو.
بادشاهه ۽ سلطانن جي ٻارن کي خطاب ڪرڻ وقت هميشه
Yang Teramat Mulia
چيو وڃي ٿو ۽ ٻين وارثن (مائٽن) لاءِ فقط
Yang Mulia
لفظ استعمال ٿين ٿا.
Tun
تُن جو خطاب سڀ ۾ وڏو آهي، جيڪو بادشاهه خاص
ماڻهن کي ڏئي ٿو. جيئن اڄڪلهه جي وزيراعظم نجيب جي
مرحوم پيءُ عبدالرزاق کي ”تُن“ جو لقب مليل هو ۽
هو اڄ تائين تُن عبدالرزاق سڏجي ٿو. پاڻ هن ملڪ جو
سابق وزيراعظم هو.
Toh Puan
توح پئان:
جنهن کي تُن جو لقب ملي ٿو،
ان جي زال توح پئان سڏجي ٿي.
تَان سري: تُن بعد ٻئي نمبر تي وڏو خطاب ”تان سري“ آهي.
تان سري جي زال ”پئان سري“ سڏجي ٿي. ڪئالالمپور جي
مشهور دڪان گلوب سلڪ اسٽور جي سنڌي مالڪ ڪِشو کي
اهو خطاب مليل آهي، جنهن ڪري هو ”تان سِري ڪشو“
سڏجي ٿو. هن وقت ملائيشيا ۾ اٽڪل 250 کن اهڙا
ماڻهو آهن، جن کي تان سري جو لقب مليل آهي.
انهن کي اهو لقب ملڪ ۽ ماڻهن جي خدمتن ڪري مليو آهي. اهو
به لکندو هلان ته هي خطاب ڪوبه حاصل ڪندڙ چاهي ته
ڪڏهن به واپس ڪري سگهي ٿو يا ڪنهن وقت به سندس غلط
ڪم ڪرڻ ڪري يا بداخلاق حرڪت ڪري بادشاهه هن کان
واپس وٺي سگهي ٿو.
داتُڪ
(Datuk):
هونءَ هن ملئي لفظ جي معنيٰ ”ڏاڏو“ آهي، پر هتي هي
لقب/خطاب آهي، جيئن انگريزن وٽ
Sir
جو لفظ آهي. داتڪ جو خطاب بادشاهه به ڏئي ٿو ته
مختلف رياستن جا سلطان ۽ گورنر به ڏين ٿا. داتڪ جي
زال ”داتن“ سڏجي ٿي. هي خطاب عورت کي ملڻ سان هوءَ
”داتن پادوڪا“
(Datin Paduka)
سڏجي ٿي. پر اڄڪلهه اها به داتڪ سڏرائي ٿي.
داتو سِري
(Dato Sri):
داتو سِري
Dato Sri
يا
Dato Seri
رياست جي سلطان طرفان اعليٰ لقب آهي. جيئن اڄ جو
وزيراعظم نجيب تن رزاق ”داتو سري“ سڏجي ٿو ۽ سندس
زال داتن سري. اڳوڻا وزيراعظم مهاتير بن محمد ۽
عبدالله احمد بداوي جڏهن نوڪري ۾ هئا ته کين داتو
سِري جو خطاب مليل هو. رٽائرڊ ٿيڻ بعد بادشاهه
طرفان کين تُن
Tun
جو لقب مليو. ان ڪري هاڻ هو ”تُن مهاتير“ ۽ ”تُن
عبدالله احمد بداوي“ سڏجن ٿا.
اهڙي طرح برونائي ۾
Pehin
۽ داتو پادوڪا جا به خطاب ڏنا وڃن ٿا. ملائيشيا
۾ ڪيترائي ماڻهو نظر ايندا، جن کي برونائي جي
بادشاهه طرفان اهي خطاب مليل آهن ۽ سندن زالون
داتن پادوڪا سڏجن ٿيون.
ان کان علاوه جيئن اسان وٽ
Ph.D.
جي ڊگري واري کي ڊاڪٽر، جج کي مسٽر جسٽس وغيره
سڏيون ٿا، تيئن هتي جي گورنرن توڙي ٻاهرن ملڪن جي
سفيرن جي نالن اڳيان
T.Y.T
(تئان ينگ تروتاما) لکيو وڃي ٿو، جيئن انگريزي ۾His
Excellency
لکيو وڃي ٿو.ملڪ جي وزيراعظم، ڊپٽي وزيراعظم، رياستن جي
وزيراعليٰ ۽ اسيمبلي جي انهن ميمبرن،
جن کي تُن جو لقب مليل آهي، انهن جي اڳيان
Y.A.B يعني
Yang Amat Berhormat
لڳايو وڃي ٿو.
جيئن انگريزي ۾
The Most Honorable
لکيو وڃي ٿو. ملڪ جي پارليامينٽ جي باقي ميمبرن ۽
رياستن جي اسيمبلي ميمبرن جي نالن اڳيان
Y.B
يعني
Yang Berhormat
لکيو وڃي ٿو، پر انهن ميمبرن ۾ جيڪڏهن ڪو شهزادو
آهي، يعني بادشاهه يا سلطانن جو ڪو پٽ،
ته پوءِ هن جي نالي اڳيان
Yang Berhormat Mulia
لکيو وڃي ٿو، جيئن رزالي حمزه آهي، جيڪو پارليامينٽ جو ميمبر
به آهي ته کيس تان سري جو خطاب به مليل آهي ۽ شاهي
خاندان جو اولاد هجڻ ڪري تينگڪو به آهي ته هن جو
سڄو نالو ٿيو:
Yang Berhormat Mulia Tengku Tan Seri Razaleigh
Hamzah
(ينگ برحورمت موليا تنگڪو تان سري رزالي حمزه).
ملائيشيا جي سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽن جي چيف ججن ۽ ڪورٽ
جي صدر لاءِ
Y.A.A
يعني
Yang Amat Arif
لکيو وڃي ٿو، يعني تمام گهڻي ڄاڻ رکندڙ
The Most Learned
ملئي زبان ۾
Yang
لفظ جي معنيٰ آهي ”جيڪو“ ۽ عارف معنيٰ ”ڄاڻو“.
اهڙي طرح باقي ججن جي نالن اڳيان فقط
Y.A
يعني
Yang Arif
لڳايو وڃي ٿو يعني
The Learned
يا موسٽ آنربل لفظ استعمال ٿئي ٿو يا سفيرن لاءِ
هز ايڪسيلنسي لفظ لڳايو وڃي ٿو....جيئن
اسان واري عمرڪوٽ واري دوست سفير کي ”هز ايڪسيلينسي مسٽر نور محمد جادماني، پاڪستان ائمبسڊر ان
ٽوڪيو جپان“ لکيو وڃي ٿو.... وغيره.
انهن لقبن ۽ خطابن کان علاوه ڪجهه ٻيا لقب به عام آهن،
جيڪي ان ماڻهوءَ جي خاندان يا نسل يا ان جي وڏن جي
عهدي بابت ٻڌائين ٿا، جيئن اسان وٽ سيد ۽ شاهه لکڻ
سان سمجهڻ کپي (يا سڏائڻ وارو اسان کي ٻڌائڻ ٿو
چاهي) ته هو حضور صلعم جن جي اولاد مان آهي يا
قاضي لکڻ سان هو ٻڌائي ٿو ته ميرن جي ڏينهن ۾ يا
انگريزن جي ڏينهن ۾ هن جا وڏا پڙهيل ڳڙهيل عالم
هئا يا هنن جو ’جوڊيشري‘ سان واسطو هو يا ”حڪمت“
سان واسطو هو، جيئن حيدرآباد جو قاضي عبدالقيوم عبّاسي،خيرپور
جو مرحوم قاضي محمد الياس، وغيره. اهڙي طرح هتي
ملائيشيا ۾ حضور صلعم جي ڏهٽن امام حسن ۽ حسين جي
اولاد مان مرد حضرات ”سيد“ سڏائين ٿا ۽ عورتون
”شريفان“ سڏجن. اسان وٽ عورتون به سيد يا شاهه
سڏائين، جيئن سيد در شهوار يا سيد نورالهديٰ شاهه،
سيد انيتا شاهه لڪياري وغيره ۽ شريفان اسان وٽ فقط
نالي طور استعمال ٿئي ٿو. پر ملائيشيا ۾ نالي
اڳيان شريفان هجڻ معنيٰ
هوءِ سيد آهي، جيئن ملائيشيا جي مشهور ڳائڻي ائني
پاڻ کي ”شريفان ائني“ سڏائي ٿي. شريفان ائني ستر
واري ڏهي ۾ مشهور ڳائڻي هئي، جڏهن پاڻ به جوان هئي
ته اسان ٻڌڻ وارا به جوان هئاسين. هينئر ته
ملائيشيا ۾ اهڙيون اهڙيون ڊسڪو ۽ پاپ سنگر نوجوان
ڇوڪريون ميدان تي اچي ويون آهن جو پوڙهي شريفان جا
ملئي گانا فقط اسان جهڙا پوڙها ٻڌي نوسٽلجيا (بقول
ملئي ماڻهن جي
Rindu)
محسوس ڪريون ٿا.
بهرحال ڪجهه ٻيا ان قسم جا لقب جيڪي توهان ملئي ماڻهن جي
نالن اڳيان ڏسندا، هن ريت آهن:
انگڪو
(Ungku):
سلطانن ۽ بادشاهه جي ماءُ جي خاندان سان واسطو
رکندڙ
انگڪو سڏائين ٿا.
ابانگ
(Abang):
انگريزن جي دور حڪومت ۾ اهم سرڪاري نوڪرين جي
عملدارن جا ٻار ابانگ لکائين. يعني مرد ابانگ
سڏائين، عورتون دايا نگ. برونائيءَ ۾ ته هونءَ به
ڪنهن عورت کي عزت سان مخاطب ٿيڻ مهل دايا نگ سڏجي
ٿو، جيئن ملائيشيا ۾ عورت کي چاچي، ماسي يا ادي
چوڻ بدران ”پئان“ سڏجي ٿو ۽ وڏي عمر جي مرد کي عزت
سان سڏڻ لاءِ ”تئان“ چئي پڪارجي ٿو، جيئن پاڻ وٽ
”سائين جن“ چئون. تئان پرگي مانا؟ يعني سائين جن
ڪيڏانهن وڃن ٿا. هم عمر لاءِ ’انچڪ‘ يعني مسٽر لفظ
استعمال ٿئي ٿو. ”انچڪ ماهو منيوم آئر؟“ مسٽر پاڻي
پيئڻ پسند ڪندائو؟ ۽ جي ننڍو آهي ته تون يا توهان
Anda
۽
Awak
لفظ استعمال ڪيا وڃن ٿا. ”ڊي مانا روما انڊا؟“
تنهنجو گهر ڪٿي آهي، وغيره.
اوانگ: ملائيشيا ۾ ڪيترائي برونائي جا ماڻهو ملندا، جيڪي
اوانگ
(Awang)
سڏائين ٿا، يعني هنن جو برونائي جي شاهي خاندان
سان تعلق آهي.
اهڙي طرح ميگات
(Megat)
۽ پُتري لفظ آهن. ملائيشيا جي ڪن رياستن جهڙوڪ
ڪيلنتان، ڪيداح ۽ ترنگانو ۾ سابق وزيراعليٰ
جو اولاد وان
(Wan)
سڏائي ٿو، جيئن اسان جو ڪئپٽن دوست ”ڪئپٽن وان شُڪري“ آهي.
شُڪري سندس نالو آهي، جيڪو شُڪر لفظ مان نڪتو آهي.
اهڙي طرح نِڪ
(Nik)
۽ چي
(Che)
ٽائيٽل آهن.
ملائيشيا ۾ ڪنهن جي به نالي سان ڪوبه لقب لڳل آهي ته
يڪدم محسوس ٿئي ٿو جو هتي ذات جو چڪر نه هجڻ ڪري
عام طرح هر ماڻهوءَ جو فقط هڪڙو نالو آهي، جنهن
سان گڏ بن (پٽ) يا بنتِ (ڌيءَ) لکي پيءَ جو نالو
لکيو وڃي ٿو. مثال طور رزالي بن يعقوب يا رحيما
بنت ابوبڪر.... وغيره، ته اهڙي سيٽ اپ ۾ ڪنهن جي
اڳيان وان، اوانگ، نِڪ، ابانگ، دايا نگ، تنڪو،
تئانڪو، تينگڪو، داتڪ، داتو يا تانسري جهڙو لفظ
لکيل آهي ته اهو نالو ٻين کان الڳ ٿلڳ ۽ نمايان
لڳي ٿو ۽ سمجهي وڃڻ کپي ته هن جو واسطو ڪنهن اهم ڪڙم قبيلي سان آهي يا پاڻ اهم شخصيت آهي جو هن
کي داتڪ، داتو، تن يا تانسري جهڙو لقب مليل آهي.
اهي لقب خاص ڪري پوڙهن ماڻهن کي ملن ٿا، جيڪي
پنهنجي زندگي جو وڏو حصو ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪن ٿا
يا سائنس، ميڊيسن، يا انجنيئرنگ جهڙن سبجيڪٽ ۾ اهم
Contributory
ڪم ڪن ٿا. مون جهڙي ليکڪن کي اهڙا ماڻهو، سندن
ٽائيٽل مان معلوم ڪري، خبرچار يا انٽرويو وٺڻ ۾
سولائي رهي آهي. ڇو ته اهڙي هر ماڻهوءَ جي زندگي
جي دلچسپ ڪهاڻي ٿئي ٿي. پر منهنجي ان ڳالهه سان
ملائيشيا ۾ رهندڙ هرهڪ سهمت به نه ٿيندو ۽ ان ۾
آئون به حقيقت ڏسان ٿو ته ضروري ناهي ته هر داتڪ
(Datuk)
مثالي زندگي جو مالڪ هجي. باوجود ڌيان سان چونڊ
ڪرڻ جي ڪيترا لقب حاصل ڪرڻ وارا نالائق به ثابت
ٿين ٿا. ڪيترا داتو ۽ داتڪ ڏوهن ۾ ملوث نڪتا آهن ۽
مٿن ڪيس هلي رهيا آهن. اهڙن کان سلطانن،
ڏنل خطاب واپس وٺي ڇڏيا آهن. ان کان علاوه هرسال
گهڻن ماڻهن کي خطاب ورهائڻ تي انهن خطابن/ لقبن جو
ڪو قدر نٿو رهي. ان سلسلي ۾ هڪ دفعي تُن ڊاڪٽر
مهاتير محمد چيو هو ته:
“Personally, I feel if you want to give value to
any thing, it must be limited.... if you produce
a million Ferrari cars, nobody will care
about buying a Ferrari."
پيراڪ رياست جي وليعهد شهزادي
راجا ناظرين شاهه به ان سلسلي ۾ ان خيال جو اظهار
ڪيو ته هيڪاندا گهڻا داتڪ جا خطاب ڏيڻ ڪري انهن جو
قدرئي گهٽجي ويو آهي.
"Sometimes,
I think we give away too many Datukaships.... it
dilutes & devalues the award."
25 سالن جي اسڪاش پليئر نڪول ڊئوڊ ۽ اولمپڪ راندين
۾ چاندي جو ميڊل حاصل ڪرڻ واري،
لي چانگ کي جڏهن داتڪ جو خطاب ڏنو ويو ته ملڪ ۾
ڪافي بحث شروع ٿي ويو ته اهي ننڍي عمر ڪري اهڙي
لقب جا لائق نه آهن.
اهڙي طرح ملاڪا رياست جي حڪومت تي به ڪافي تنقيد ٿي
جڏهن ملاڪا رياست طرفان هڪ غير ملائيشين ”انڊين
فلمي ائڪٽر“ شاهه رخ خان کي ملاڪا ۾ فلمون ٺاهڻ تي
داتڪ
(Datuk)
جو خطاب عطا ڪيو ويو هو.
باب اٺٽيهون
ملئي ڇوڪرين سان شادي رچائڻ
پاڪستان
جي
جن سنڌي ۽ اڙدو اخبارن ۾ منهنجا ڪالم اچن ٿا، انهن
کي مون چئي ڇڏيو آهي ته ڪوبه پڙهندڙ منهنجو
ٽيليفون نمبر
(0300 9241666)
يا
Email
ائڊريس گهري ٿو ته ڀلي ڏيو
،
جو ٿي سگهي ٿو
ته
هنن کي تعليم يا نوڪري جي سلسلي ۾ ڪنهن ڌارئين
ملڪ، خاص ڪري ملائيشيا بابت پڇڻو هجي، جتي منهنجو
وڏو عرصو رهڻ ٿيو آهي ۽ هينئر به ڪڏهن ڪڏهن پنهنجن
دوستن يا شاگردن سان ملڻ لاءِ هليو وڃان ٿو. سوال
پڇندڙن ۾ اڪثر نوڪري پيشه، شاگرد ۽ گهڻي ڀاڱي
پورهيت ٿين ٿا. هڪ پڇيو ته هو سيءَ کان بچڻ لاءِ
پاڻ سان ڪهڙي قسم جا گرم ڪپڙا کڻي وڃي.
ڳالهه هيءَ آهي ته ملائيشيا ڪو يورپ جو ملڪ ناهي نه وري
ڪو جپان يا نيوزيلينڊ ۽ آسٽريليا وانگر اتر يا ڏکڻ
قطب کي ويجهو آهي، جتي سياري جي مهينن: نومبر
ڊسمبر يا جون جولاءِ جي مهينن ۾ سيءُ پوي. ياد رهي
ته اسان وٽ يعني دنيا جي اتراهين اڌ گول ۾ سيارو
نومبر، ڊسمبر ۽ جنوري ڌاري رهي ٿو، پر دنيا جي ڏکڻ
اڌ گول ۾ جتي آسٽريليا، نيوزيلينڊ، ڏکڻ آمريڪا جا
چِلي جهڙا ملڪ، ويندي آفريڪا کنڊ جو هيٺانهون پڇڙي
وارو ملڪ ’سائوٿ آفريڪا‘ اچي وڃي ٿو، اتي جون
جولاءِ ۽ آگسٽ جي مهينن ۾ سيارو ٿئي. ملائيشيا خط
استوا وٽ ملڪ هجڻ ڪري سج جو هن ڏي ٻارهو ئي رخ هڪ
جهڙو ٿئي ٿو ۽ سڄو سال گرم موسم رهي ٿي. اهو ته
ٻارهو ئي مينهن وسڻ ڪري ۽ چوڌاري وڻڪار هجڻ ڪري
ملائيشيا ۽ انڊونيشيا جي موسم خوشگوار رهي ٿي،
باقي سيءُ ذرو به نٿو ٿئي ۽ هتي جا ماڻهو سئيٽرن ۽
سوڙهن، ڪوٽن ۽ ڪمبلن کان بچيا پيا آهن. هوائون
لڳنديون رهن ٿيون، پر مٽي يا ڌوڙ جو ذرو به ناهي
جو ڪپڙا ميرا ٿين. سو ٻن
وڳن ۾ به توهان سڄو سال گذاري سگهو ٿا ۽ اهو ئي
سبب آهي جو ملائيشيا جي گهرن ۾ نه اسان جي ملڪ يا
يورپ جهڙا ڊگها ڪٻٽ، وارڊ روب يا الماريون ٿين ۽
نه وري گهڻي ڇنڊ ڦوڪ ڪرڻي پوي ٿي.
ملائيشيا نوڪري لاءِ ويندڙ هڪ ٻن ڄڻن حلال کاڌي جي فڪر
جو به اظهار ڪيو. اڄڪلهه ته جپان ۽ جرمني جهڙن
ملڪن ۾ به حلال گوشت ۽ ٻيون حلال شيون عام ملن
ٿيون. اڄ کان ٽيهه چاليهه سال اڳ تائين واقعي
مسئلو هوندو هو ۽ ولايت ۾ رهندڙ اسانجي مسلمانن،
ويندي عرب ملڪن جي مسلمانن کي به حلال گوشت حاصل
ڪرڻ جي جستجو هوندي هئي. وڏو ڇيهه ته هو ڪنهن
يهودي جي دڪان تان ڪو
گوشت وٺي ايندا هئا جن لاءِ ان وقت جي ڪجهه مولوين
اها ئي فتوا ڏني ٿي ته يهودي الله جو نالو وٺي ان
کي مسلمانن وانگر حلال ڪن ٿا. پر هاڻ ولايت جي
ملڪن ۾ ڌارين ملڪن کان آيل مسلمانن ۽ مڪاني ماڻهن
جي مسلمان ٿيڻ جي وڌندڙ تعداد ڪري ڪيترائي حلال
گوشت جا دڪان کلي پيا آهن.
ايراني
انقلاب، روس جي افغانستان ۾ مداخلت ۽ عراق جنگ ۾
انهن ملڪن جا تمام گهڻا مسلمان يورپ ۽ آمريڪا ۾
اچي رهيا جن مان ڪيترن سيڌي ۽ حلال گوشت جا دڪان
کولي نه فقط مسلمانن کي پر مڪاني ماڻهن کي به عرب
۽ ايشيائي ملڪن جي اناج، سيڌي سامان ۽ مسالن جو
چٽپٽو ٽيسٽ وٺرائي ڇڏيو آهي. ملائيشيا ته اهڙو ملڪ
آهي جتي شروع کان نه فقط حلال کاڌو ملي ٿو پر
هائيجنڪ پڻ. اسان جي ملڪ وانگر ڪنهن ڪراڙي، بيمار
۽ مردار جانور جو گوشت مارڪيٽ ۾ نٿو اچي جو
ملائيشيا جو ان سلسلي ۾ نه فقط قانون سخت آهي پر
ان قانون تي سختي سان عمل به ٿئي ٿو. نئين آيل
ماڻهوءَ کي ٿورن ئي ڏينهن ۾ خبر پئجيو وڃي ته هتي
جي روڊ سائيڊ وارين ڳوٺاڻين هوٽلن توڙي گاڏن تي
وڪامندڙ کاڌي جو سامان به ايترو ئي صاف سٿرو ۽ صحت
جي اصولن تي ٺهيل آهي جيترو وڏين هوٽلن ۾. ان ڪري
ڪيترين ئي آفيسن جا ننڍا توڙي وڏا آفيسر گهران
ماني گهرائڻ يا ڪنهن وڏي هوٽل ۾ کائڻ بدران ائين
ئي ريڙهي وارن، ننڍڙين ريسٽورنٽن يا ڪئنٽينن مان
ماني وٺي کائين،
جيڪا سستي به پوي ٿي. ان کان علاوه هن ملڪ ۾ ڀانت
ڀانت جا ماڻهو رهڻ ڪري هر قسم جو کاڌو ملي ٿو.
هن ملڪ ۾ ملئي ۽ چينين کان علاوه پنجابي، پٺاڻ،
افغاني ۽ ڪشميري،
بهاري، بنگالي، تامل مدراسي ۽ گجراتي رهن ٿا ۽
نان، اڦراٽن، چپاتين، سنهن ڦلڪن، قيمي مليل
مرتباڪن کان پوريون، ڊوسا، اڊليون ۽ ڊبل روٽيون
ملن ٿيون، سو هر ڪو پنهنجي ٽيسٽ ۽ ملڪ جو کاڌو کائي سگهي ٿو. هتي جي کاڌي
جي شين جي اسان کان کڻي قيمت گهڻي هجي پر دبئي،
ابوڌابي، سعودي جهڙن ملڪن کان ته تمام گهڻو سستو
آهي ۽ بصر، پٽاٽا، واڱڻ، ڀينڊيون ۽ ٻي عام ڀاڄي ۽
هتي جو مڪاني ميوو ليچي، ڪيلو، انناس وغيره ته
اسان جي ڀاڄين ۽ انبن صوفن کان سستو آهي. گهڻا
ماڻهو ملائيشيا جي فئڪٽرين ۽ ڪارخانن ۾ پورهيو ڪرڻ
لاءِ پڇندا آهن ته ”اسان اوڏانهن وڃون يا نه؟“
”ڪم ڪرڻ جي همت هجيوَ ته بلڪل وڃو.“ آئون چوندو آهيان ۽
جڏهن پڇندو آهيان ته ڪهڙي فئڪٽريءَ ۾ ڪم مليو
اٿانوَ يا ڪهڙي شهر ۾ اهو ڪارخانو آهي ته جواب
ڏيندا:
”سائين اها ته خبر ناهي.“
”توهان کي نوڪريءَ جو خط ۽ پاسپورٽ تي ورڪ ويزا ته لڳي
ملي هوندي.“ آئون پڇندو آهيان.
”اها به خبر ناهي. جنهن ايجنٽ اسان کان پئسا ورتا آهن
اهو چوي ٿو ته ڪئالالمپور جي هوائي اڏي تي پهچي
توهان کي ٻڌايو ويندو.“ هو ٻڌائيندا آهن.
هرهڪ کي اهو سمجهڻ کپي ته ٻئي جي ملڪ ۾ وڃڻ لاءِ،
پاسپورٽ تي ان ملڪ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ان ملڪ جي
سفارتخاني طرفان ”ويزا“ يعني ”داخل ٿيڻ جو اجازت
نامو“ هجڻ ضروري آهي جنهن ۾ ٻڌايو وڃي ٿو ته هي
ڌاريون مسافر گهمڻ لاءِ آيو آهي يا نوڪري ڪرڻ
لاءِ. ۽ جي هو نوڪري ڪرڻ لاءِ پهتو آهي ته هن کي
ڪنهن نوڪري ڏني آهي. جوابداري ڪير کڻندو، وغيره.
پر هي ظالم ايجنٽ پئسو ڪمائڻ جي چڪر ۾،
ڪيترن
ئي
غريب ۽ بيروزگار ماڻهن کي ڪوڙا ڏٽا ڏيو، پنهنجي
ملڪ مان ته ڪڍن ٿا.
پوءِ هو پرديس ۾ وڃيو سورن ۾ پون. ڪيترن کي
ايئرپورٽ کان موٽايو وڃي ٿو ۽ ٻين کي جيلن حوالي
ڪيو وڃي ٿو،
جيئن ٻين کي عبرت حاصل ٿئي ته غير قانوني ڪم ڪرڻ
ڏوهه آهي ۽ جنهن جي سزا پڻ آهي. سو اهڙين حالتن ۾
پڇڻ وارن کي آئون هميشه اهو ئي چوندو آهيان ته؛
ٻيو نه ته پنهنجي پاسپورٽ تي نظر وجهو ته ويزا جو
ٺپو لڳل آهي يا نه. ان سان گڏ نوڪريءَ جو خط به
آهي يا نه. ڪيترين حالتن ۾ ته ويزا توڙي نوڪري جو
آرڊر جعلي ٺاهيو وڃي ٿو. ان ڪري بهتر آهي ته جنهن
ڪمپنيءَ نوڪريءَ جو آرڊر ڪڍيو آهي ان جو وجود به
آهي يا نه ۽ هن اهو خط جاري به ڪيو آهي يا نه.
بهتر ته اهو آهي ته ان ملڪ جي ايمبسيءَ وارن کان
پڪ ڪرائجي. اهڙن ماڻهن جو احوال شروع ۾ لکي چڪو
آهيان جن جي جعلي ويزا هجڻ ڪري هنن کي ڪئالالمپور
ايئرپورٽ مان ٻاهر نڪرڻ نه ڏنو ويو. ايئرپورٽ تي
ئي هفتو رهيا پيا هئا ۽ کين اتان واپس ڪراچي
موڪليو ويو. هڪ ملئي آفيسر چيو ته ”هنن اهڙو ڏوهه
ڪيو آهي جو کين جيل موڪلجي پر جيل به ڀريا پيا
آهن. وڌيڪ رکي جوابداري نٿا کڻڻ چاهيون.“ ظاهر آهي
جيل ۾ قيدين کي رکڻ سان هنن جي رهائش ۽ کاڌي پيتي
جو ته بندوبست ڪرڻو پوندو. نه ته هيومن رائيٽس
وارا آڱريون کڻندا ۽ ملڪ بدنام ٿيندو. ان ڪري کين
پنهنجي ملڪ واپس موڪليو وڃي ٿو ۽ سندن پاسپورٽ
پائلٽ کي ڏنا وڃن ٿا جيڪو ڪراچي ايئرپورٽ تي
FIA
پوليس حوالي ڪري ٿو.
اهو به ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ته ملائيشيا حڪومت اميگريشن جي اهڙن
ڏوهارين کي هڪ ويران ٻيٽ تي رکي ٿي جيسين هو سزا
جو مدو پورو ڪن ۽ سندن مائٽ هنن ڏي واپسي جي ٽڪيٽ
موڪلين.
هڪ ڏينهن ڪراچي ۾ هوس ته نوابشاهه پاسي کان ڪنهن نوجوان
جو فون آيو:
”سائين مون کي توهان جو فون نمبر اسان جي شهر جي فلاڻي
اديب کان مليو آهي توهان ۾ ڪم آهي.“ هن چيو.
”ڀلي ٻڌاءِ. ٿي سگهي ٿو منهنجي وس ۾ هجي.“ مون چيومانس.
”سائين آئون ملائيشيا وڃڻ ٿو چاهيان. سو ان جو سوچي رهيو
آهيان.“ هن چيو.
”ڀلي وڃ“، مون چيومانس، ”ڪا نوڪري ملي آهي يا گهمڻ
لاءِ؟“
”نه نوڪري ته نه ملي آهي.“
”ته پوءِ شايد گهمڻ لاءِ؟ وزٽ ويزا تي وڃي رهيا آهيو؟“
مون پڇيو.
آخر ڪجهه دير شرمائي هن ٻڌايو ته ”منهنجو هڪ ملئي
ڇوڪريءَ سان عشق ٿي ويو آهي. اها چوي ٿي ته اچ.“
”ته پوءِ هن ضرور توکي وزٽ ويزا تي گهرايو هوندو ۽ تو ڏي
Sponsor
جو ليٽر موڪليو هوندو.“ مون پڇيو.
”نه هوءَ چوي ٿي ته اچ.“ هن چيو.
”ته پوءِ هن کي خبر هوندي ته ان لاءِ ويزا جي ضرورت آهي
ان جو هن کي يا توکي پاڻ ويزا جو ته بندوبست ڪرڻو
پوندو.“
”نه هوءَ فقط چوي ٿي ته اچ. آئون هن سان شادي ڪري اتي
رهڻ چاهيان ٿو.“ هن چيو.
”ته ان لاءِ هن کي ويزا سان گڏ شادي ڪرڻ جي ارادي جو
wedding
ڊپارٽمينٽ کي اڳواٽ اطلاع ڪرڻو پوندو.“
دراصل ملائيشيا ۾ هي قانون
پوڙهن
ملئي مردن ڪري ٺاهيو ويو هو جيڪي عيد برات شاپنگ
بهاني ٿائلنڊ روانا ٿيندا هئا ۽ پوءِ واپسي تي
ڪنهن
نوجوان
ٿائي ڇوڪريءَ سان شادي ڪري ان کي وٺي ايندا هئا.
پوءِ ان ”جهٽ پٽ جي شادي“ جي طلاق به ايترو ئي جهٽ
پٽ ٿيندي هئي يا گهر ۾ پهرين زال سان جهيڙا شروع
ٿيندا هئا ۽ ٻار رُلي
ويندا هئا. سو اهڙين جذباتي شادين کي گهٽائڻ لاءِ
اهو قاعدو ٺاهيو ويو ته ڌارئين ملڪ جي ڇوڪِري
يا ڇوڪري سان شادي رچائڻ لاءِ ملائيشيا جي مرد
توڙي عورت کي واسطيدار کاتي کي ڪجهه مهينا اڳ
ٻڌائڻو پوندو ته ڪنهن سان شادي ڪري ٿو
يا
ڪري ٿي، جنهن جا
particulars
ڪهڙا
آهن.
اسان جي هيرو صاحب جنهن
ٻڌايو ته هو
B.A
پاس آهي ۽ ڪافي سال بيروزگار هو پر هاڻي هن کي
مڙيئي ڪنهن سرڪاري اداري ۾ ڪلارڪي ملي آهي تنهن کي
انگريزي صفا نٿي اچي ۽ ڇوڪريءَ جي ملئي زبان کيس
نٿي اچي پر هو ڪئالالمپور وڃڻ چاهي ٿو.
”هوءَ ڪئالالمپور ۾ رهي ٿي؟“ مون پڇيو.
”اها به خبر نٿي پوي جو هن جي زبان بلڪل سمجهه ۾ نٿي
اچي.“
ته پوءِ تون ڪئالالمپور پهچي ڪيڏانهن ويندين؟“ مون پڇيو.
”هن پنهنجي ائڊريس لکي آهي ان تي ويندس.“ هن چيو.
”پر ان تي به ڪئالالمپور جو ڪو پاڙو يا ڪو اوسي پاسي جو
شهر لکيل هوندو.“ مون پڇيو.
”مون کي پاڻ سمجهه ۾ نٿو اچي، آئون توهان ڏي هن جو
SMS
موڪليان ٿو ان ۾ ڏسي مون کي ٻڌايو.“
”مون کي ته سمجهه ۾ نٿو اچي“، مون هن کي چيو، ”ته توهان
شاديءَ جو پروگرام ٺاهيو آهي بنا ڏٺي وائٺي، بنا
ڳالهائي ٻولهائي، بنا هڪ ٻئي جي ڄاڻ رکڻ جي! اتي
پهچي ڪيئن هڪ ٻئي سان دل جو حال احوال ڪري
سگهندائو!“ واقعي حيرت جي ڳالهه ئي ته چئبي.
”سائين آئون مستقبل ٿو ٺاهڻ چاهيان. ملائيشيا جا ماڻهو
امير آهن.“ هن چيو.
”سڀ ته نه آهن. ڪيترا آڻين ۽ چاڙهين واري حال ۾ آهن. هو
گهر جو خرچ هلائڻ ۽ مهانگائيءَ کي منهن ڏيڻ لاءِ
زالين مڙسين ٻه ٻه جاب ڪن ٿا.“ مون چيومانس.
بهرحال آئون هن جي ڳالهه سمجهي ويس ته انٽرنيٽ چئٽ ذريعي
هنن دوستي رکي آهي ۽ هي اسان جو سست هيرو جنهن کان
نه وڌيڪ پڙهڻ پڳو ۽ نه ڪو هنر سکي، پورهئي
ڪرڻ جي موڊ ۾ آهي. نوڪري ملي اٿس پر رشوت واري نه
هجڻ ڪري سخت ڊپريشن ۾ آهي،
سو هاڻ هن اهو ئي
Short cut
ڳولهيو آهي ته؛
بقول هن جي ڪنهن ملئي ڇوڪريءَ کي ڌتاري شاديءَ جي
ٻنڌن ۾
جڪڙي سندس جوابداري ۽ خرچ پکو هن جي ڳچيءَ ۾ وڌو
وڃي.
اسان جي ملڪ
جي
بدقسمتي اها ٿي رهي آهي
جو
ڇوڪرن کان وڌيڪ ڇوڪريون محنت ڪري اعليٰ تعليم حاصل
ڪن ٿيون، ايمانداري سان نوڪري ڪن ٿيون، پر اهو ڪم
جيڪو ڇوڪرن کي اڃا به بهتر نموني سان ڪرڻ کپي،
جو هر گهر جي مرد جي،
اها ڊيوٽي آهي ته گهر جي خرچ پکي جو بندوبست ڪري،
پر
اهو ناهي. اسان وٽ ڪيترا ڇوڪرا شاگرديءَ جي ڏينهن
۾ ئي سست آهن. ڇڪي تاڻي ڪاپي ڪري ڊگري حاصل ڪن ٿا،
پر علم نه هجڻ ڪري هنن کي نوڪري نٿي ملي. سياسي
اثر رسوخ ۽ رشوت ڏئي نوڪري حاصل ڪن ٿا ته هنن کان
ڊيوٽي نٿي پڄي! پر ملائيشيا جهڙن ملڪن ۾ ائين
ناهي. هر شادي جو
لائق جوان ڇوڪرو ڪنهن نه ڪنهن روزگار کي لڳل آهي.
هُن جيڪڏهن
گهڻي تعليم حاصل نه ڪئي آهي ته ڪونه ڪو هنر سکي
سٺو واڍو، درزي، اليڪٽريشن يا ويلڊر وغيره ٿي سٺو
روزگار ڪمائي رهيو آهي. شادي بعد زال مڙس ايترو
ڪمائين ٿا جو ملائيشيا ۾ اسان جي ملڪ کان وڌيڪ
مهانگائي هجڻ جي باوجود هو سُکي زندگي گذارين ٿا.
هڪ هنڌ شادين بابت لکي چڪو آهيان ته ملائيشيا ۾ ڇوڪرا
ڇوڪريون هڪ ٻئي کي پاڻ ئي پروپوز ڪري پوءِ مائٽن
سان صلاح مشورو ڪري شادي ڪن ٿا. جڏهن ڪو به ڇوڪرو
ڇوڪريءَ کي شاديءَ لاءِ چوي ٿو ته اهو Understood
آهي ته ڇوڪرو سٺي روزگار ۾
لڳي چڪو
آهي ۽ هاڻ هو شادي جي زندگي ۾ گهڙڻ چاهي ٿو.
ڇوڪِري هن جي پگهار بابت معلومات حاصل ڪرڻ بدران
هن جي اخلاق جي ڄاڻ حاصل ڪري هن سان يڪدم شادي
رچائي ٿي. ڪيترا ڪلارڪ، ٽائپسٽ ۽ قاصد جيڪي ملاڪا
۾ منهنجي آفيس ۾ ڪم ڪندا هئا، انهن بابت منهنجي
ڊپارٽمينٽ يا ٻين ڊپارٽمينٽ جون ڇوڪريون اچي
پڇنديون هيون ته ”سر توهان جي آفيس جو فلاڻو ڪلارڪ
مون سان شادي ڪرڻ چاهي ٿو. ٻڌايو ته ڪيئن آهي؟“
يعني هو پگهار بابت نه پر اخلاق بابت پُڇنديون
هيون.
اسان جي اداري ۾ آفيسون وغيره صاف ڪرڻ لاءِ ڀنگي نه ٿين
پر مالهي پنهنجي حد جون آفيسون به ٻهارين، ڇنڊين
ته آفيس اڳيان ڇٻر ۽ گلن جي به سار سنڀال لهن. مون
کي حيرت ٿي جڏهن اسان جي اداري جي هڪ سهڻي ملئي
ڇوڪري مِس زيني، جيڪا ان وقت ٽيليفون آپريٽر هئي،
اها مون کان منهنجي آفيس جي گارڊنر سبتو بن احمد
بابت پڇڻ آئي، جنهن هن کي شاديءَ جو
Proposal
ڏنو هو. مون کيس ٻڌايو ته سبتو هڪ نيڪ ۽ محنتي
نوجوان آهي. ايمانداري سان ڊيوٽي ڏئي ٿو ۽ هر وقت
سندس منهن تي مرڪ رهي ٿي. اهو چئي پوءِ زينيءَ کي
چيم ته تون هن کان وڌيڪ پڙهيل آهين ۽ ڄاڻ ته
ٽيليفون آپريٽر مان ٽائپسٽ ٿيڻ واري آهين، توکي هي
جوڙ عجيب نه لڳندو ۽ تون نه چاهيندينءَ ته تنهنجو
مڙس ڪو ڪلارڪ يا آفيسر هجي؟
هن جي جواب مون کي ڏاڍو متاثر ڪيو. وراڻيائين: ”سر ڪهڙو
فرق ٿو پوي؟ بس انسان محنتي هجي، ايماندار هجي ۽
حق حلال جي ڪمائي گهر ۾ آڻي. توهان ئي ٻڌايو ته هو
ٽوٽي يا لٿارجڪ مرد ته نه آهي؟“
”هرگز نه.“ مون چيو
”۽ توهان ئي چئو ٿا ته هو خوش اخلاق آهي ۽ هن کي پنهنجي
فرض پوري ڪرڻ جو اونو آهي. مون کي هڪ سٺي مڙس ۾
ٻيو ڪهڙيون خوبيون کپن؟ ٻئي نوڪري ڪري گهر پيا
هلائينداسين.“
زينيءَ چيو.
سو هتي جي ملئي ماڻهن جي، شاديءَ بابت اها سوچ آهي ۽ هتي
ملائيشيا ۾ اهو منظرنامو آهي ۽ ان تناظر ۾ جڏهن ڪا
ملئي ڇوڪري ڌارئين ملڪ جي ڇوڪري کي شاديءَ جو
خواهشمند ڏسي ٿي ته هوءَ اهو ئي
Take it granted
وٺي ٿي ته ڇوڪرو محنتي، پورهيت ۽ برسر روزگار
هوندو ۽ شادي بعد ساڻس گڏجي گهر هلائي سگهندو.
اڄڪلهه پاڪستان جو دنيا ۾ کڻي اهو نالو نه هجي، پر ان
هوندي به ملائيشيا جهڙن ملڪن ۾، پاڪستان جي ماڻهن
کي پڙهيل ڳڙهيل ۽ جوابدار مڙس سمجهن ٿا، جو ملائيشيا جهڙن ملڪن جي ڪيترين ئي يونيورسٽين، اسپتالن ۽
ترقياتي ادارن ۾ پاڪستاني پروفيسر، ڊاڪٽر ۽
انجنيئر نظر اچن ٿا ۽ ڪيترا اهڙا آهن، جن جون
زالون هتي جون مڪاني ملئي عورتون آهن. سو ان تناظر
۾ اڄ به ڪيتريون ملئي ڇوڪريون پاڪستاني ڇوڪرن سان
شادي ڪرڻ ۾ نقصان نه ٿيون محسوس ڪن. پر ڇا ڳالهه
ڪجي انٽرنيٽ جي دنيا جي جنهن ۾ ڪيترائي ڇوڪرا ۽
ڇوڪريون بنا ڏيٺ ويٺ ۽ معلومات حاصل ڪرڻ جي ڇوڪرن
طرفان پهتل مٺڙن
Messages
جي ڪوڙڪين ۾ پنهنجي دل اٽڪايو رکن ۽ پوءِ بعد ۾
اهڙيون شاديون سخت
Failure
ثابت ٿين ٿيون.
اڳئين دفعي ملائيشيا پنهنجي رهائش واري شهر ملاڪا ۾ آيس
ته ڀرواري ڳوٺ ’الور گاجا‘ جي هڪ دڪاندار پنهنجي
ڌيءَ جي شادي ٽٽڻ جي ڳالهه ڪئي، جنهن جي انٽرنيٽ
ذريعي هڪ پاڪستانيءَ سان دوستي ٿي، عشق ٿيو ۽
آخرڪار شادي ٿي. بعد ۾ خبر پيئي ته ڇوڪرو نه نوڪري
ڪري ٿو ۽ نه ڪو هنر اٿس، جنهن ذريعي روزگار ڪمائي
سگهي. هن ملائيشيا اچڻ جي خواهش ڏيکاري، پر هتي به
ناڪاره
ثابت ٿيو ۽ هيءَ شادي جهٽ ٽٽي پئي. اهو به ملئي
ڇوڪرين جي حق ۾ بهتر آهي ته هتي شادي ٽٽڻ يا طلاق
جو لعنتاڻو ڇوڪرين تي نٿو اچي ۽ نه ان ڳالهه کي
عيب سمجهيو وڃي ٿو. سئيڊن ناروي جهڙن ملڪن وانگر
ملائيشيا جي حڪومت ۽ قانون به ڌارئين ڇوڪري بدران
مڪاني ڇوڪِريءَ
جي مدد ڪري ٿو ۽ هن جي جهٽ ٻئي هنڌ شادي ٿيو وڃي.
ڇوڪِريءَ
جو پيءُ جتي هن پاڪستاني ڇوڪري جي ڪاهلي تي حيرت
کائي رهيو هو، اتي هن لاءِ اها به تعجب جي ڳالهه
هئي ته شادي بعد ڇوڪرو پنهنجي زال کي ڪنهن اولياءَ
جي قبر تي دعا لاءِ وٺي ويو. هتي اهو لکندو هلان
ته ملائيشيا جي ماڻهن جو شافعي مڪتب فڪر سان واسطو
آهي ۽ هو ان کي شرڪ سمجهن ٿا ته پاڪستان جا ماڻهو
قبرن ۽ درگاهن تي وڃن ٿا. بهرحال مون کي ملائيشيا
۾ خبر پئي ته اهڙا چڪر ملئي ڇوڪرين ۽ پاڪستان جي
ڇوڪرن ۾ انٽرنيٽ ذريعي هلندا رهن ٿا ۽ ڪجهه شاديون
ته ڪامياب به ويون آهن. اهي
پوڙهيون ملئي ڇوڪريون جن کي ڪو مڙس نٿي مليو، انهن
کي هڪ
عدد جوان پاڪستاني ڇوڪرو مليو وڃي ۽ اهي پاڪستاني محنتي ۽
همت وارا ڇوڪرا جن کي پاڪستان ۾ روزگار جو مسئلو
آهي، اهي ملائيشيا پهچي ڪنهن نه ڪنهن روزگار کي
لڳيو وڃن.
بهرحال هتي پاڻ ان پاڪستاني ڇوڪري جي ڳالهه ڪري رهيا
هئاسين، جنهن ملائيشيا پهچي پنهنجي انٽرنيٽ جي
دوست ڇوڪريءَ
سان شادي ڪرڻ ٿي چاهي. مون کي خيالن ۾ گم محسوس
ڪندي هن مونکي سندس موڪليل ميسيج پڙهڻ لاءِ چيو،
جنهن ۾ ملئي ڇوڪريءَ جي ائڊريس لکيل هئي.
”
سائين مون ڪئالالمپور وڃڻ جي ٽڪيٽ جو قرض به هٿ
ڪري ڇڏيو آهي ۽ آئون وزٽ ويزا جي بهاني اتي پهچي
ڇوڪريءَ سان ملڻ ۽ اتي رهي پوڻ چاهيان ٿو.“ هن چيو
۽ مون ڳالهائڻ بند ڪري هن جو موڪليل ميسيج پڙهيو،
جيئن ائڊريس پڙهي کيس ٻڌايان ته اها ڇوڪري ڪهڙي
شهر ۾ رهي ٿي ۽ ڪئالالمپور جي ڀرسان وارو شهر شاهه
عالم، سبانگ جايا يا پتالنگ جايا آهي يا ڪلاڪ اڌ
جي پنڌ تي سريمبان، ڪجانگ، نيلائي يا ملاڪا آهي.
ائڊريس پڙهي آئون دنگ رهجي ويس ته هاڻ هن ڇوڪر کي،
جيڪو حيدرآباد کان اڳتي نه نڪتو آهي، ان کي ڇا
ٻڌايان ته هيءَ ڇوڪري ”لبوئان“ ۾ رهي ٿي.
”
اهو ڪٿي آهي؟“ منهنجي ٻڌائڻ تي هن پڇيو.
دل ۾ مون سوچيو ته چڱو جو منهنجو جهاز هلائڻ ۽ جاگرافيءَ
سان واسطو آهي نه ته
Labuan
بابت ته ڪيترن ملئي ماڻهن کي به خبر ناهي.
”ملائيشيا ملڪ جا دراصل ٻه حصا آهن.“ مون هن کي سمجهايو.
”جيئن ڪنهن زماني ۾ مشرقي ۽ مغربي پاڪستان هئا.
ڪئالالمپور جنهن ملائيشيا ۾ آهي، اهو ٿائلينڊ ۽
سنگاپور جي وچ وارو ملڪ ”مغربي ملائيشيا“ سڏجي ٿو.
اهڙي طرح ايترو ئي پري ڏکڻ چيني سمنڊ ۾ بورنيو
نالي ٻيٽ آهي، جنهن جي اترواري حصي ۾ سباح ۽
سراواڪ رياستون آهن جيڪي مشرقي ملائيشيا سڏجن
ٿيون. لبوئان وڃڻ لاءِ پهرين توکي ڪئالالمپور وڃڻو
پوندو،
ان
بعد اتان ان بورنيو ٻيٽ جي سباح رياست جي شهر ڪوٽا
ڪنابالو وڃڻو پوندو. لبوئان
(Labuan)
دراصل هن بورنيو ٻيٽ جي ڀرسان هڪ ننڍڙو ٻيٽ آهي
جتي جيتوڻيڪ ايئر پورٽ به آهي پر لبوئان وڃڻ وارا
گھڻو ڪري ڪوٽا ڪنابالو کان روزانو هلندڙ فيري
ذريعي اتي پهچن ٿا.
لبوئان جو ايترو پري هجڻ جو ٻڌي هو ماٺ ٿي ويو ۽ شايد
عشق تان ئي هٿ کڻي ڇڏيو.
ملائيشيا جون جيڪي ٽي فيڊرل
Territories
آهن. انهن مان ٻه سلينگور رياست ۾ ڪئالالمپور ۽
پترا جايا هڪ ٻئي ڀرسان آهن ۽ ٽيون هي ننڍڙو ٻيٽ
لبوئان آهي. لبوئان ٻيٽ 75
چورس ڪلو ميٽر ٿيندو ۽ بورنيو ٻيٽ جي ڪناري کان 8
ڪلو ميٽر پري آهي.
1840
ع
تائين هي ٻيٽ خالي خالي هو. ڪو ماڻهو ڇيڻو نه هو
پر پوءِ اوس پاس جي سمنڊن ۾ قذاقن
(Pirates)
جي ڦرلٽن کي منهن ڏيڻ لاءِ انگريزن هن ٻيٽ کي هيڊ ڪوارٽر بنائي
قذاقن خلاف آپريشن ڪرڻ چاهي ٿي. ان مقصد لاءِ هنن
برونائي جي سلطان کان 1846ع ۾ لبوئان حاصل ڪري
پنهنجي حوالي ڪيو. ٻي جنگ عظيم دوران (ڊسمبر 1941ع
کان جون 1945ع تائين) هي ٻيٽ جپانين حوالي رهيو،
جن هن ٻيٽ جو نالو
Maeda Shine
(مائيدا ٻيٽ) رکيو، جيڪو نالو جپاني ڪمانڊر توشيناري مائيدا
سان منسوب ڪيو ويو. بعد ۾ انگريزن جي موٽڻ تي وري
ساڳيو نالو لبوئان رکيو ويو.
هن ٻيٽ لبوئان تي هڪ انگريز مئڪس ويل هال جو هڪ بيحد
خوبصورت سفرنامو پڻ آهي، جنهن جو نالو آهي:
Labuan Story: Memoirs of a Small Island near the
Coast of North Borneo. (1958)
هن ٻيٽ کي انگريزن وڪٽوريا ٻيٽ به سڏيو ٿي. |