اسان ڪموڊور زاهد اڪرم جي ڪمري ۾ اچي ويٺاسين. هو ٻن
سالن کان هتي ڊفينس ائڊوائيزر آهي. زاهد مون کي
بيحد سلڇڻو، ذهين ۽ دنيا جي ڄاڻ رکڻ وارو لڳو.
ڀرواري ٽيبل تي رکيل ڪٽلي ۾ پاڻي ٽهڪي رهيو هو ۽
اسان پنهنجي مدد پاڻ ڪريو جي اصول تي سندس خاني
مان چانهه جون پڙيون، پائوڊر وارو کير ۽ ڪئنڊرل
جون گوريون ڪڍي چانهه ٺاهي پيئڻ لڳاسين ۽ دنيا
جهان جون خبرون ڪرڻ لڳاسين، خاص ڪري نيوي جي
آفيسرن جون جيڪي اسان ٻنهي جا سڃاڻو هئا. ائڊمرل
وقار سڪندر جي ڳالهه نڪتي ته مون کين 25 سال اڳ
جون ڳالهيون ٻڌايون، جڏهن وقار ڪمانڊر هو ۽ هتي هن
آفيس ۾ نيول اٽيچي ٿي آيو هو. مون کين ٻڌايو ته هو
پاڻ سان هڪ پنجابي ڳوٺاڻو نوڪر وٺي آيو هو. ڪمانڊر
وقار کي جاگنگ ۽ پي ٽي ڪرڻ جو ايڏو شوق هوندو هو
جو پاڻ سان گڏ نوڪر کي به صبح جو سوير اٿاري
ڊوڙائيندو هو. دنيا ڏسڻ جي شوق ۾ آيل هي نوڪر، ٻن
مهينن بعد توبهه ڪندو
واپس
وطن موٽي ويو. مون کين ٻڌايو ته ملاڪا کان ڪئالالمپور آئون ايندو هوس ته ڪڏهن ارشاد عباسي (پريس سيڪريٽري)
وٽ رهندو هوس ته ڪڏهن
PIA
جي مئنيجر اسرار شاهه وٽ. ڪمانڊر وقار اسان کي
وڏي خلوص سان دعوت ڏيندو هو. کارائڻ پيارڻ ۽
گهمائڻ جو به مڙس ماڻهو هو، پر صبح جو سوير جيڪو
جاگنگ لاءِ اٿاريندو هو، ان ڪري اسان هن جي گهر ۾
رهڻ کان ڀڄندا هئاسين.
ڪمانڊر وقار بعد ۾ ڪئپٽن، ڪموڊور ۽ ائڊمرل ٿيو. ڪامڪار
يعني ڪمانڊر ڪراچي به ٿيو ۽ منهنجي
PNSC
مان رٽائرمينٽ بعد هو پي اين ايس سي جو چيئرمين
به ٿيو. ساڻس اڃان تائين سلام دعا هلندي اچي. اڙدو
اخبار ۾ منهنجو ڪو ڪالم پڙهندو آهي ته يڪدم
ٽيليفون ڪندو آهي يا
Email
ڪندو آهي.
ملائيشيا ۾ تعليم جي ميدان ۾ زبردست ترقي جي ڳالهه اچي
نڪتي ته 30 سال کن اڳ تائين به هتي ايترا تعليمي
ادارا نه هئا. انٽر پاس ڪرڻ بعد هتي جا نوجوان
پاڪستان، انڊيا ۽ آسٽريليا جو رخ رکندا هئا، پر
هاڻ هتي هر قسم جا تعليمي ادارا آهن ۽ انهن ۾
پڙهائي جو معيار ايڏو ته مٿانهون آهي جو هاڻ ڌارين
ملڪن جا شاگرد به اچن ٿا. هتي جي مختلف يونيورسٽين
۾ اسان جي ملڪ جا ڪيترائي شاگرد ميڊيڪل، انجنيئرنگ
۽ ٻين سبجيڪٽن ۾ ماسٽرس ۽ پي ايڇ ڊي ڪرڻ لاءِ اچن
ٿا.
علي سولنگي ۽ ڊاڪٽر امتياز قاضي ڪجهه انهن پاڪستاني
شاگردن جا نالا کڻڻ لڳا، جن هتي اعليٰ ڪارڪردگي جو
مظاهرو ڪري پنهنجو ۽ پاڪستان جو نالو روشن ڪيو
آهي. انهن ۾ هڪ ڊاڪٽر عبدالله ساند جو به نالو
آيو، جنهن کي مون به سڃاتو ٿي. گذريل دفعي
ملائيشيا آيو هوس ته انهن ڏينهن ۾ هو جوهور رياست
جي شهر سڪڊائي
(Sukdai)
جي
UTM
يونيورسٽي مان
Ph.D.
ڪري رهيو هو. هونءَ پي ايڇ ڊي لاءِ گهڻو ڪري ست
سال هوندا آهن، پوءِ شاگرد ڪوشش ڪري چئن پنجن سالن
اندر ڪري وٺندا آهن، پر ڊاڪٽر عبدالله ساند فقط ٽن
سالن ۾
Ph.D.
ڪري ورتي. هن جي محنتي ۽ ذهين هجڻ جو اعتراف هتي
جا پروفيسر به ڪن ٿا. ڊاڪٽر عبدالله ساند اڄڪلهه
لاڙڪاڻي ۾ نئين کليل انجنيئرنگ ڪاليج جو پرنسپال
آهي. هن جي زندگي تي ڪجهه سٽون هتي لکڻ ضروري
سمجهان ٿو. سندس زندگي جدوجهد، محنت، پختي عزم ۽ پورهئي جي ڪهاڻي آهي.
ڊاڪٽر عبدالله ساند اڏيري لعل جي ڀر ۾ ”هاشم ساند“ نالي
هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾، محترم قبول ساند جي گهر ۾ 11
آڪٽوبر 1961ع تي جنم ورتو. عبدالله جو ڏاڏو جنهن
جو نالو پڻ عبدالله هو، جيتوڻيڪ مڇي ماني وارو هو
۽ کيس پنهنجي زمين به هئي، پر سندس وفات وقت
خانداني حالتون ڪجهه اهڙيون ٿي ويون جو عبدالله جي
پيءُ قبول کي ڪجهه به نه ملي سگهيو. هو سڄي عمر
سخت غربت ۾ ڪاٽي 2004ع ۾ وفات ڪري ويو، پر اهو آهي
ته هو پٺيان ٻين لاءِ مثال قائم ڪري ويو ته کڻي
ڪيڏيون به ڏکيون حالتون هجن، پر هڪ انسان جيڪڏهن
پڪو عزم ڪري، محنت ۽ جفاڪشي ڪري ته هو پنهنجن
خوابن جي ساڀيان حاصل ڪري سگهي ٿو. قبول ساند صاحب
جا ڇا خواب ۽ خيال هئا، اهي ڪنهن کان ڪي لڪل نه
هئا. هن چاهيو ٿي ته هن جو اولاد پڙهيل لکيل ٿئي.
جيتوڻيڪ پاڻ فقط ست درجا سنڌي جا پڙهيو (جنهن کي
تن ڏينهن ۾ ڪاميٽي جو امتحان سڏبو هو) پر سندس
اٿڻي ويهڻي سلجهيل ماڻهن سان هئي. سندس سوچ پازيٽو
هئي. اڏيرو لعل جي آس پاس جا ماڻهو ان ڳالهه جي
شاهدي ڏيندا ته ڳوٺ هاشم ساند جي رهاڪو قبول ساند
ڪيئن پورهيا ۽ مزوري ڪري پنهنجن چئن پٽن کي
پڙهايو. ڪيئن بکون ڪاٽي ٻارن جي اسڪول جون فيون
ڏنيون. ڊاڪٽر عبدالله ساند پنهنجي
Ph.D.
جي ٿيسز پنهنجي والد کي منسوب ڪندي مون کي ٻڌايو ته ”سائين اڄ
جيڪي ڪجهه آهيان، اهو پنهنجي پيءُ جي ڪري آهيان،
نه رڳو تعليم پر محنت، ايمانداري، جدوجهد جهڙيون
شيون مون کي والد کان ورثي ۾ مليون.“
ڊاڪٽر عبدالله ٻڌايو ته ”اڄ به منهنجي اکين اڳيان پنهنجي
والد جو چهرو سامهون ٿو اچي ته هو ڪيئن ڪلاڪن جا
ڪلاڪ ڪاٺيون ڦوڙي ڀرواري شهر ۾ وڪڻڻ ويندو هو.
سيارو هجي يا اونهارو يا سخت مينهن، هو پنهنجي
ڳوٺ کان پيرين پنڌ ريلوي اسٽيشن ويندو هو ۽ رات جو
موٽندي هن کي ڪڏهن ڪڏهن آڌي رات ٿي ويندي هئي. هن
اهو ئي چاهيو ٿي ته اسين ڀائر تعليم حاصل ڪري
پڙهيل ڳڙهيل سڏايون.“
ڊاڪٽر عبدالله ٻڌايو ته هو اڃا ڇهين ڪلاس ۾ هو ته سندس
والد کيس تقرير ڪرڻ سيکاري. هميشه
اسان کي چوندو هو ته پاڻ سان آٽو گراف بڪ رکندا
ڪريو ۽ ڪنهن به اهم شخصيت سان ملاقات ٿئي ته ان
کان آٽو گراف وٺندا ڪريو. مون پهريون آٽو گراف
1967ع ۾ امير علي شاهه ڄاموٽ کان ورتو، جڏهن آئون
اٺين ڪلاس ۾ هوس. اسان جي ڀرواري شهر ”اسٽيشن وهاب
شاهه“ ۾ هڪ سياسي جلسو ٿيو هو، جنهن ۾ مهمان خصوصي
طور مٽيارين جو امير علي شاهه ڄاموٽ آيو هو. هو
صاحب انهن ڏينهن ۾ ريلوي جو وزير هو. منهنجي تقرير
کين ۽ جلسي ۾ آيل ماڻهن کي ڏاڍي وڻي.
ڊاڪٽر عبدالله ٻڌايو ته سندن والد کي ڏاڍو شوق هو ته
آئون نه فقط حيدرآباد ۾ پڙهان پر اتي جي ماڊل
اسڪول ۾ پڙهان،
جيڪو سنڌ يونيورسٽي جي پراڻي ڪئمپس ۾ آهي. منهنجو
پيءُ مون کي اتي وٺي هليو، پر اسڪول جي انتظاميه
مون کي داخلا ڏيڻ لاءِ تيار نه هئي. هنن جي ڳالهه
به صحيح هئي ته هن اسڪول جي في ڳري آهي، پر منهنجو
پيءُ جنهن هن اسڪول جي تعريف ٻڌي هئي، اهو پنهنجي
ضد تي قائم رهيو ته هو ڏينهن رات محنت مزوري ڪري
به کين هر مهيني جي پهرين تاريخ اسڪول جي في
پهچائيندو. بابا کين اهو به چيو ته جيڪڏهن هنن
داخلا نه ڏني ته هو مون کي پوءِ ڪنهن ٻئي اسڪول ۾
به نه پڙهائيندو. ان هوندي به اسڪول وارن داخلا
ڏيڻ کان انڪار ڪيو. پوءِ ٻاهر نڪري ڳوٺ ٿي
موٽياسين ته بابا کي ڪجهه ياد اچي ويو ۽ مون کان
پڇيو ته آٽو گراف بڪ اٿئي؟ اهو مون وٽ هر وقت کيسي
۾ رهيو ٿي. بابا ڳوٺ موٽڻ جو ارادو لاهي امير علي
شاهه ڄاموٽ جي بنگلي تي آيو ۽ هن کي سندس آٽو گراف
ڏيکاري ٻڌايو ته هي اهو ئي ڇوڪرو آهي، جنهن جي
توهان تعريف ڪئي ته هي ذهين شاگرد آهي، پر اڄ هن
کي اسڪول وارا داخلا نٿا ڏين. امير علي شاهه ڄاموٽ
سڄي ڳالهه ٻڌي اسڪول وارن کي فون ڪيو ۽ مون کي
يونيورسٽي ماڊل اسڪول ۾ داخلا ملي وئي.“
ڊاڪٽر عبدالله ساند ماڊل اسڪول مان مئٽرڪ 1978ع ۾ ۽ انٽر
1980ع ۾ ڪرڻ بعد مهراڻ يونيورسٽي انجنيئرنگ ائنڊ
ٽيڪنالاجي ڪاليج نوابشاهه ۾ داخلا ورتي، جتان
1986ع ۾ سول انجنيئرنگ جي ڊگري حاصل ڪئي. ان بعد
اتي پڙهائڻ جو ڪم شروع ڪيو، جيڪو تعليمي ادارو هاڻ
قائدِ عوام يونيورسٽي آف انجنيئرنگ ۽ ٽيڪنالاجي
سڏجي ٿو. پاڻ 1987ع کان وٺي 2010ع تائين هن
يونيورسٽي ۾ ليڪچرر کان پروفيسر تائين ڪم ڪيو،
جنهن وچ ۾ 1995ع ۾ اسٽرڪچرل انجنيئرنگ ۾
M.E.
ڪئي، جنهن لاءِ هن ڏيڍ سال ترڪي جي انقره
يونيورسٽيءَ ۾ به گذاريو. بعد ۾ پي ايڇ ڊي لاءِ
هتي (ملائيشيا) جي مشهور يونيورسٽي
UTM (يونيورسٽي ٽيڪنالاجي ملائيشيا) ۾ نومبر 2004ع ۾ داخلا ورتي،
جيڪا ملائيشيا جي ڏاکڻي رياست ’جوهور‘ جي سُڪدائي
شهر ۾ آهي. سُڪدائي
(Skudai)
جوهور بارو شهر کان 16 ڪلو ميٽر اتر ۾ آهي. هيءَ
يونيورسٽي
(UTM)
هتي جي پراڻي انجنيئرنگ يونيورسٽي آهي، جتي
ايڊيوڪيشن، مئنيجمينٽ، هيومن ريسورسز ڊيولپمينٽ لاءِ الڳ
Faculties
آهن. ملائيشيا جا ڪيترائي انجنيئر هن يونيورسٽي جا
گريجوئيٽ آهن. ڊاڪٽر عبدالله هتان
Ph.D.
ڪرڻ بعد به ٻه سال کن نوابشاهه ۾ پنهنجي يونيورسٽي
۾ پڙهايو، ان بعد لاڙڪاڻي ۾ انجنيئرنگ ڪاليج کلڻ
تي کين هن ڪاليج جو پرنسپال مقرر ڪيو ويو آهي.
هتي اهو به لکندو هلان ته ڊاڪٽر عبدالله جي ٽن ڀائرن مان
ٻه انجنيئر ۽ هڪ ڊاڪٽر ٿيو. عبدالله بعد ڊاڪٽر
عبدالغفار ڪراچي ۾ ڏندن جو ڊاڪٽر آهي، ان بعد
عبدالستار اليڪٽريڪل ۾
B.E.
ڪئي ۽ نوابشاهه ۾ قائد عوام يونيورسٽي ۾ پروفيسر
آهي. سڀ ۾ ننڍو ڀاءُ خدا بخش مڪينيڪل انجنيئرنگ ۾
B.E.
ڪئي. هو دبئي ۾ ڪوريا جي هنڊائي ڪمپني ۾ انجنيئر
هو، پر هاڻ ويجهڙائيءَ ۾ لاڙڪاڻي جي انجنيئرنگ
ڪاليج ۾ پڙهائي ٿو.
ڊاڪٽر عبدالله کي هڪ ٻار صدف نالي ڌيءَ آهي، جيڪا هينئر
انٽر ۾ آهي. ڊاڪٽر عبدالله جي
Ph.D.
دوران فئملي به هن سان گڏ رهي ٿي ۽ سندس ڌيءَ
ماشاءَ الله ايتري
ته
ذهين آهي جو هوءَ هتي جي ملئي زبان
fluently
ڳالهائي سگهي ٿي. ڊاڪٽر عبدالله کي ادب ۽ خطاطي
سان به دلچسپي آهي. سندن ڪالم، ڪڏهن ڪڏهن سنڌي
اخبارن ۾ ايندا رهن ٿا ۽ سندن خطاطي
(Calligraphy)
جو ڪم به تعريف جوڳو آهي. پاڻ ٻڌائين ته هو جڏهن
ماڊل اسڪول ۾ پڙهندو هو ته ان وقت جي ڊرائنگ ٽيچر
جي سٺي هئنڊ رائيٽنگ ڏسي،
هن جو،
ان طرف شوق پيدا ٿيو. هن ٻڌايو ته هو اڄ به ان اسڪول جا ڪجهه
سٺا ٽيچر ياد ڪندو آهي، جن جي هن ٽيچنگ پروفيشن
سان سچائي ۽
Devotion
کي هو به فالو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. انهن مان ڪجهه
جا نالا هن ريت آهن. عبدالله سمون، اسماعيل پهوڙ،
هالا جو احمد پٽ يوسف جو ۽ عبدالرحمان ميمڻ وغيره.
اڳئين دفعي منهنجو جڏهن ملائيشيا
اچڻ ٿيو هو ته ان وقت ڊاڪٽر عبدالله سُڪڊائي ۾ پي
ايڇ ڊي جي سلسلي ۾ رهيل هو. کانئس علاوه ٻيا به
ڪيترائي اسان جي ملڪ جا شاگرد ڊاڪٽوريٽ ڪري رهيا
هئا. هڪ ته نور احمد ميمڻ هو جيڪو هينئر قائد
عوامي يونيورسٽي نوابشاهه ۾ آهي. اسريٰ يونيورسٽي
جو ڊاڪٽر سهيل قاضي، خضدار وارو ڊاڪٽر در محمد
سومرو، مهراڻ يونيورسٽي وارو پروفيسر ڪامران
انصاري ۽ ٻيا به ڪيترائي هئا. ٽي چار ته فقط
منهنجي ڳوٺ هالا جا هئا. جهڙوڪ ڊاڪٽر زبير ميمڻ،
آفتاب ميمڻ ۽ اسان جي مرحوم پياري دوست انجنيئر
عبدالعزيز بَنا جو پٽ نعيم ميمڻ وغيره. نعيم ۽
سندس زال قرة العين ان وقت اتان ماسٽرس ڪري رهيا
هئا. نعيم انجنيئرنگ ۾ ته سندس زال ايڊوڪيشن ۾.
نعيم اڄ ڪلهه انگلينڊ جي ناٽنگهام يونيورسٽي مان
Ph.D.
ڪري رهيو آهي. قرة العين جو والد ڊاڪٽر يعقوب ميمڻ
جيڪو نعيم جو چاچو به ٿئي، حيدرآباد ۾ گورنمينٽ
سرجن آهي. نعيم جي والد انجنيئر عبدالعزيز (بَنا)
جو جيتوڻيڪ ننڍي هوندي انتقال ٿي ويو، پر سندس ٻار
پڙهيا ۽ انجنيئر ڊاڪٽر ٿيا ۽ ۽ پنهنجي بهتر
ڪارڪردگي
(Merit) تي مختلف ملڪن ۾ نوڪري حاصل ڪيائون.
نعيم جا باقي ٻه ڀائر ڊاڪٽر فهيم ۽ وسيم ۽ هڪ ڀيڻ شاهده
اڄ ڪلهه مالديپ
(Maldives)
۾ رهن ٿا. ڊاڪٽر فهيم ميڊيڪل جو ڊاڪٽر آهي ۽
وسيم
سنڌ يونيورسٽي مان
MBA
ڪئي. نعيم جو ڏاڏو ”چاچو ممن“ سڏبو هو. کيس هالا
جي شاهي بازار ۾ گاجڻين جي گهٽيءَ وٽ ڪپڙي جو دڪان
هو. نعيم جو پيءُ عبدالعزيز بَنا ۽ چاچو سرجن
يعقوب جيڪي اسان کان گهڻو ننڍا هئا، اڪثر پنهنجي
پيءُ جي دڪان تي نظر ايندا هئا. اهي پنجاهه واري
ڏهي جا آخري سال هئا، جڏهن آئون اٺين، نائين ڪلاس
۾ هوس. ان بعد منهنجي هڪ دفعو 1970ع ۾ عبدالعزيز
سان ڪراچي جي ميٺارام هاسٽل ۾ ملاقات ٿي، جڏهن هو
NED
مان انجنيئرنگ ڪري رهيو هو. کيس ۽ سندس ڪجهه ڪلاس
ميٽن کي آئون پنهنجي جهاز تي وٺي آيو هوس. جهاز
گهمڻ ۽ لنچ کائڻ بعد هو واپس هليا ويا. ٻئي ڏينهن
اسان جي جهاز جي
Sailing
هئي. سال ٻن بعد اسان جو جهاز ڪراچي آيو ته هو
B.E.
ڪري چڪو هو ۽ سکر روهڙي پاسي سنڌ جي ايريگيشن کاتي
۾ نوڪري ڪري رهيو هو ۽ پوءِ سال ٻن بعد سندس حادثي
جي خبر پيئي ته هو اسان کان هميشه لاءِ جدا ٿي ويو
آهي.
مرحوم انجنيئر عبدالعزيز جو والد ۽
ٻه چاچا:
سائين احمد ۽ سائين عبداللطيف اسان جي ڀرواري گهٽي
”ڪَڪَا محله“۾ رهيا ٿي. هالا اسڪول جو شايد ئي ڪو
شاگرد هجي جو سائين احمد ۽ سائين عبداللطيف کي نه
سڃاڻندو هجي. هو قابل ۽ محنتي استاد هئا. هنن هر
شاگرد کي مٿاهين ليول تي ڏسڻ چاهيو ٿي. هنن کي
پنهنجي پيشي- درس تدريس سان عشق هو. ڪنهن شاگرد جو
فيل ٿيڻ ته ڇا گهٽ مارڪن سان پاس ٿيڻ کي به هنن
پنهنجي بي عزتي سمجهيو ٿي. هنن هر شاگرد کي پنهنجو
اولاد سمجهيو ٿي. منهنجي زندگي جو وڏو حصو ماستري
۾ گذريو آهي، پر اڄ جي ٽيچر کي اهي مشڪلاتون نه
آهن، جيڪي اڳ ۾ هيون. اڄ پڙهائڻ جا سائنسي طريقا ۽
اوزار
(Audio Visual Aids)
ايترا ٿي ويا آهن جو پڙهائڻ ۾ ايتري مغزماري نٿي
ڪرڻي پوي ۽ هو پنهنجي ڳالهه يڪدم شاگرد کي سمجهايو
وٺن. مون کي حيرت ٿي ٿئي سائين احمد ۽ سائين
عبداللطيف جهڙن استاد محترمن تي، جيڪي ان دور ۾
فقط ۽ فقط ڪاري بورڊ ۽ اڇي چاڪ ذريعي، ٻارن کي علم
ڏيندا هئا. ۽ اهو ئي درس و تدريس جو ڪم سائين
عبداللطيف جو پٽ پروفيسر ڊاڪٽر محمود قائم رکندو
اچي. محمود
M.E. ۽
Ph.D.
انگلينڊ جي گلاسگو يونيورسٽي مان ڪئي ۽ سندس شروع
کان نوابشاهه جي قائدِ عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي
سان واسطو هلندو اچي. سندس ڄم جي تاريخ پهرين مارچ
1952ع آهي. سندس ڌيءَ شهناز به
B.E.
اليڪٽرونڪس انجنيئرنگ ۾ ڪرڻ بعد هاڻ
M.E. ڪئي آهي. شهناز جي گهوٽ عبدالرشيد جي ڪمپيوٽر سائنس ۾
گريجوئيشن آهي.
پروفيسر ڊاڪٽر محمود جي باقي ٽن ڀائرن مان ننڍي ڀاءَ
عبدالفتاح
B.E.
سول انجنيئرنگ ۾ ڪئي ۽ ايريگيشن ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪري
ڪري ٿو، باقي وچ وارا ٻه ڀائر ڊاڪٽر عبدالله ۽
ڊاڪٽر غلام قادر ميڊيڪل جا ڊاڪٽر آهن. کين هڪ ڀيڻ
ڪذبانو آهي، جيڪا پنهنجي وڏي ڀاءُ محمود ۽ والد
صاحب (سائين عبداللطيف) وانگر درس و تدريس جو ڪم
ڪري ٿي.
M.A. ڪرڻ بعد هوءَ ٽيچر ٿي ۽ اڄڪلهه گورنمينٽ گرلس هاءِ اسڪول هالا
جي هيڊ مسٽريس آهي.
ڊاڪٽر عبدالله سانڌ پنهنجي ملئي ساٿين سان گڏ
جوهور (ملائيشيا) جي يونيورسٽي ۾
باب
ٽيٽيهون
ڦڪيون تڏهن فرق ڪن...
ڪئالالمپور جي روڊن تي چڪر هڻندي اسان کي منجهند ٿي وئي. پنهنجي ميزبان علي
سولنگي کي چيم ته يار ڪنهن به صورت ۾ ”شاهه عالم“
هل ته ڊاڪٽر شفيع
نظاماڻي سان پنجين
وڳي
کان اڳ، سندس يونيورسٽي ۾ هلي ملون ۽ اتان ئي
موڪلايونس. ڇو جو اسان جو يار شفيع
بيحد پرخلوص انسان آهي ۽ پُرتڪلف پڻ. هن لاءِ ڪنهن
مهمان جو گهر ۾ پنجن منٽن لاءِ اچڻ،
معنيٰ ماني ضرور کائڻي آهي. مون نٿي چاهيو ته کيس
ماني جي تڪليف ڏجي، ان ڪري سندس آفيس ۾ شام جو
پهچڻ معنيٰ ماني جو کٽراڳ نه ٿي سگهندو، فقط چانهه
يا وڌ ۾ وڌ ڪو ڪوئيح. ڪوئيح ملئي لفظ آهي ڪيڪ،
پيسٽري، سمبوسي يا ڪنهن ٻئي
Snack
لاءِ. پر اهو آهي ته ڊاڪٽر صاحب زوريءَ سڄي
يونيورسٽي گهمائڻ بنا نه ڇڏيندو، چاهي هن کي اسان
کڻي ڪيترو ئي چئون ته اسان جي ڏٺل آهي، پر هو
پنهنجي ڪامينٽري ۽
Comments
سان ضرور گهمائيندو ۽ پنهنجن پروفيسر دوستن ۽
موجود
هشيار
شاگردن سان هو
(اخلاقي
فرض سمجهي
) اسانکي ملائيندو. ان ڪري سندس گهر وڃڻ تي وقت بچي ويندو،
بشرطيڪ هو اسان کي ماني نه کارائڻ تي راضي ٿي وڃي.
منهنجو ڀاڻيجو ڊاڪٽر مشتاق جپان کان ڪئالالمپور
ايندو آهي ته هر دفعي ڊاڪٽر شفيع
وٽ ضرور ايندو آهي. پر ان پهرين دفعي ئي، پهچڻ سان
ڊاڪٽر صاحب کي چيو ته آئون ملائيشيا اچان ٿو ته
جيئن ڪنهن ريسٽورنٽ تان ملئي کاڌو کائي سگهان ۽ نه
ساڳيو سنڌي ٻوڙ ۽ ڀت کائڻ لاءِ. ان ڪري مهرباني
ڪري توهان ڀاڄائيءَ کي رڌ پچاءَ جي تڪليف نه
ڏيو.مون به اهو ئي سوچيو ته ائين چئي ڊاڪٽر شفيعءَ
کي ماني جي دعوت کان جهليندس. پر اسان جيئن ئي
شاهه عالم جي حدن ۾ گهڙياسين ۽ ڊاڪٽر شفيع
کي فون ڪيوسين ته ڊاڪٽر صاحب شاهه عالم جي وڏي ۽
مشهور مسجد سلطان صلاح الدين عبدالعزيز مسجد جي
مين گيٽ وٽ ترسڻ لاءِ چيو، جيڪا مسجد ”بِلو
مسجد“ به سڏجي ٿي. مون چيو ته الله اسان جي ٻڌي
ورتي آهي ۽ ڊاڪٽر صاحب اسان جي ڳالهه مڃي ورتي جو
اسان جي چوڻ تي ته شهر جا ڪجهه ڪم آهن، ان ڪري
گهڻو وقت نه ترسنداسين، رڳو تنهنجو ديدار ڪري
ورنداسين، ڊاڪٽر اسان کي مسجد ۾ ئي ملي موڪلائڻ
چاهي ٿو.
وچين (عصر) نماز جو وقت ٿيڻ وارو هو. اسان اهو ئي سوچيو ته ڊاڪٽر صاحب
يونيورسٽي بدران هيءَ مسجد ڏيکارڻ ۽ هتي نماز پڙهي
اسان کان موڪلائڻ جو سوچيو آهي. عليءَ کي ٻڌايم ته
هيءَ مسجد 1988ع ۾ اسان جي هتي هجڻ وارن ڏينهن ۾
ٺهي هئي ۽ هن کي بلو رنگ جي ٽائيلن ڪري بِلو
مسجد به سڏين ٿا. هن مسجد ٺهرائڻ جو ارادو ان وقت
جي سلطان صلاح الدين تڏهن ڪيو، جڏهن هن 1974ع ۾
شاهه عالم شهر کي هن رياست سلينگور جي گادي
جو شهر
مقرر ڪيو.
ان کان اڳ ۾ ڪئالالمپور هن رياست توڙي ملڪ جي گادي
جو شهر هو. هن مسجد ٺهڻ تي ڇهه سال لڳا ۽ هن مسجد
جو گنبذ دنيا ۾ وڏي ۾ وڏو آهي. ڪن جو چوڻ آهي ته
اهو ڪراچي جي ڊفينس مارڪيٽ واري مسجد طوبيٰ تان
ڪاپي ٿيل آهي. منهنجا ملئي دوست جڏهن به ڪراچي
ايندا آهن ته هو مسجد طوبيٰ ڏسڻ جي ضرور فرمائش
ڪندا آهن. شاهه عالم جي هن مسجد جي گنبذ جو قطر
(Diameter)
170 فٽ آهي ۽ اوچائي 350 فٽ آهي. هن مسجد جا چار
منارا دنيا ۾ ٻئي نمبر تي اتاهان آهن، جن جي ڊيگهه
460 فٽ آهي. جن ڏينهن ۾ هيءَ مسجد ٺهي هئي هن مسجد
جا منارا دنيا ۾ سڀ
کان
ڊگها منارا مڃيا ويا ٿي، جنهن بابت گنيز بڪ
آف
ورلڊ رڪارڊ ۾ ايندو رهيو ٿي. پر پوءِ موراڪو (مراقش) جي شهر ڪسب
لنڪا ۾ مسجد الحسن الثاني ٺهڻ تي، ان جا منارا
جيڪي 690 فٽ مٿاهان آهن، سڀ کان ڊگها منارا ٿيا ۽
اها مسجد مڪي جي مسجد الحرام ۽ مديني جي مسجد
النبوي کان پوءِ پنجين نمبر تي وڏي مسجد چئي وڃي
ٿي، جنهن ۾ هڪ ئي وقت هڪ لک پنج هزار ماڻهو نماز
پڙهي سگهن ٿا.
شاهه عالم جي هيءَ بلو مسجد (سلطان صلاح الدين عبدالعزيز شاهه مسجد) ۾ ويهه
هزار ماڻهو نماز پڙهي سگهن ٿا ۽ ڏکڻ اوڀر جي ملڪن
۾ ٻئي نمبر تي وڏي مسجد چئي وڃي ٿي. پهرين نمبر تي
انڊونيشيا جي شهر جڪارتا جي ”مسجد استقلال“ آهي،
جيڪا 1961ع ۾ ٺهڻ شروع ٿي ۽ 17 سالن بعد 1978ع ۾
مڪمل ٿي. هن مسجد ۾ هڪ لک ويهه هزار ماڻهو هڪ ئي
وقت نماز پڙهي سگهن ٿا.
عليءَ چيو ته جيسين ڊاڪٽر شفيع اچي تيسين هلي مسجد گهمي اچون.
”نه. ڄاڻ ته ڊاڪٽر صاحب پهتو،“ مون عليءَ کي خبردار ڪندي چيو، ”۽ هو مسجد
ڏيکاري ته سٺو،
نه ته پوءِ ڪجهه گهمائڻ جي چڪر ۾ يونيورسٽي هلي
گهمائيندو.“
عليءَ کلندي چيو ”ڇا واقعي؟“
”بلڪل،“ مون عليءَ کي چيو، ”ڪراچي ڇڏڻ کان اڳ ڊاڪٽر صاحب جو ضد هو ته هن
ڀيري ڪئالالمپور ۾ ٻئي ڪنهن وٽ رهڻ بدران هن وٽ
رهان ۽ ايتريقدر جو هن ٻئي ڏينهن مون لاءِ موڪل
ڪري مون کي شاهه عالم ۽ ڪئالالمپور گهمائڻ ٿي
چاهيو.“
”ڪمال آهي سائين جي دل جو.“ عليءَ چيو.
”آئون ڊاڪٽر شفيع
کي ننڍي هوندي کان سڃاڻان. هي بيحد پيارو انسان ۽
معصوم طبيعت جو آهي. هو هرهڪ جي سچي دل سان عزت
ڪري ٿو ۽ نيڪ نيتي سان خدمت ڪرڻ جو جذبو رکي ٿو.“
ايتري ۾ ڊاڪٽر شفيع
جي ڪار اچي اسان جي ڪار ڀرسان بيٺي ۽ کيڪار کڙي
بعد ڊاڪٽر صاحب چيو ته جماعت جو وقت ٿي رهيو آهي،
وضو ڪري وٺو ته عصر
جي
نماز پڙهون، پوءِ هيءَ مسجد گهمون. نماز بعد مسجد
جو هڪ هڪ حصو گهمندي مغرب نماز جي
بانگ
به اچي وئي ۽ اسان نماز پڙهي کانئس موڪلايو ته هٿ
وڌائڻ بدران ڊاڪٽر جي چهري تي ڪاوڙ
اچي وئي. ”ائين ڪو توهان کي ڇڏيندس ڇا؟ ماني کائي
پوءِ وڃو.“
”ڊاڪٽر صاحب! اڃا ته ساڍا ڇهه ٿيا آهن ۽ چئين وڳي ته لنچ ڪري آيا آهيون.“
مون ايلاز منٿون ڪيون.
”نه سائين، ائين ڪيئن ٿيندو. ماني تيار ٿي چڪي
هوندي.“ ڊاڪٽر صاحب چيو، ”توهان جي فون اچڻ سان
مون گهر
وارن کي ماني لاءِ
چئي
ڇڏيو.“
بهرحال مسجد مان سڌو ڊاڪٽر شفيع
جي گهر آياسين. سندس گهرواري (اسان واري شوڪت
نظاماڻي جي ڀيڻ) ۽ وڏي ڌيءَ
صدف،
ڪچن ۾ ماني ٺاهڻ ۾ مشغول هيون ۽ ماني به ملئي
ماڻهن وانگر ڀت ۽ ڀاڄي يا ڀت ۽ مڇي بدران ٽي ٽي ڊش
هڪ طرف ته سلاد، ماني، ڀت ٻئي طرف، جيئن اسان وٽ
سنڌ ۾ رواج هلندو اچي. سئيڊن جا ماڻهو اسان
پاڪستانين تان کلندا آهن ته توهان جڏهن دعوت ڪريو
ٿا ته هڪ کان وڌيڪ ڊش ڇو ٿا ٺاهيو؟ ۽ اها حقيقت
آهي ته سئيڊن، ناروي، ڊئنمارڪ- توڙي جپان جي ماڻهن
اڳيان هڪ کان وڌيڪ ڊش رک ته منجهي پوندا ته ڇا
کائجي. اهو ئي مونجهارو مون سان لاڳو آهي. ان ڪري
عليءَ کان واعدا وچن وٺي پوءِ سندس گهر ۾ اچي رهيس
ته مانيءَ ۾ فقط هڪ ڀاڄي يا ٻوڙ ڪجانءِ، جيڪو
منجهند جو به کائينداسين ته رات جو به ۽ بچي پيو
ته ٻئي ڏينهن به اهو کائينداسين. پر سائين ڊاڪٽر
شفي عمر ۾ ننڍو هوندي به ان معاملي ۾ منهنجي ڪٿي
ٿو ٻُڌي. سندس سالو شوڪت نظاماڻي بيحد ياد اچي رهيو هو ته جيڪر هو
هتي موجود هجي ها ته ڊاڪٽر صاحب کي ان حقيقت کان
آگاهه ڪري سگهي ها ته آئون ڌورو
ڀت،
ان ڪري شوق سان کائي رهيو آهيان جو آمليٽ بيضو ۽
ڌورو ڀت منهنجا دل پسند ڊش آهن. ان معاملي ۾ مون
دبئي ۾ شوڪت نظاماڻي سان ۽ واشنگنٽن ۾ منور لغاري
سان هڪ ئي گهر ۾ بيحد سٺو وقت گذاريو جو هنن مون
کي منهنجي حال تي ڇڏي ڏنو هو. |