سيڪشن؛سفرناما

ڪتاب: هليو آ، هليو آ.... ملائيشيا

باب: --

صفحو:20

باب اوڻيتاليهون

سفر در سفر...

ملائيشيا هڪ گهڻ قومو، گهڻ مذهبو ۽ گهڻ زبانو ملڪ آهي. ملڪ جو سرڪاري طرح مذهب اسلام آهي ۽ ملڪ جي 50 سيڪڙو ملئي آدمشماري مسلمان آهي. ان کان علاوه باقي چينين ۽ انڊين ۾ به گهٽ ۾ گهٽ ڏهه سيڪڙو مسلمان آهن پر تنهن هوندي به ٻين مذهبن جي ماڻهن ۽ انهن جي عبادت گهرن کي عزت جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو ۽ صحيح معنى ۾ هر هڪ کي پنهنجي مذهب جي پوئيواري ڪرڻ جي آزادي آهي.

ملائيشيا جي هر شهر ۾ توهان کي  مسجدن کان علاوه چينين ۽ هندن جا مندر، ٻڌن جا پگوڊا، سکن جا ٽڪاڻا (گوردوارا) ۽ عيسائين جا گرجا گهر نظر ايندا. اهي به پروٽيسٽنٽ عيسائين جا الڳ، ته ڪئٿولڪ عيسائين جا الڳ. ملاڪا ۾ ته ”جانڪر اسٽريٽ“ وٽ انهن ٻن گرجا گهرن کان علاوه انڊيا جي تامل عيسائين جو چرچ الڳ آهي جنهن جو نالو ئي ”تامل ڪرسچن چرچ“ آهي. ان چرچ جي ئي ڀرسان منهنجي ميزبان ڊاڪٽر مير عطا محمد ٽالپر (جنهن وٽ هن دفعي ملاڪا ۾ رهيس) جو ”ملاڪا ڪامپليمينٽري ميڊيسن“ جو ڪاليج آهي جنهن ۾ هو ڪنسلٽنٽ ڊاڪٽر آهي. بهرحال ملائيشيا ۾ نه فقط مختلف مذهبن جا ماڻهو رهن ٿا ۽ انهن جا پنهنجا پنهجا عبادت گهر آهن پر دنيا جي مختلف ملڪن مان، انهن مذهبن جا عالم هتي واعظ/ ليڪچر لاءِ ايندا رهن ٿا. PEACE ٽي وي تي ايندڙ ڊاڪٽر ذاڪر نائڪ جو ليڪچر به  مون پهريون دفعو هتي ٻڌو. هن کان اڳ 1993ع ۾ مون هن کي ڪوپن هيگن جي مسجد ۾ ڏکڻ آفريڪا جي گجراتي عالم احمد ديدات سان گڏ ڏٺو هو. ان وقت هو انڊيا جي ڪنهن ميڊيڪل ڪاليج جو شاگرد هو ۽ واعظ ڪرڻ سکي رهيو هو. انڊيا جي عالمن کان علاوه پاڪستان جا به ڪيترائي مفتي مولوي هتي واعظ/ تبليغ لاءِ ايندا رهن ٿا، جن مان ڊاڪٽر طاهر القادري پڻ هڪ آهي. ڊاڪٽر محمد طاهر القادري هتي وڏي قدر جي نگاهن سان ڏٺو وڃي ٿو ۽ سندس انگريزي جا ليڪچر هتي جا ملئي توڙي ملائيشيا ۾ رهندڙ فارينر غور سان ٻڌن ٿا. هو اسلام جي ڄاڻ تي وڏي اٿارٽي سمجهيو وڃي ٿو ۽ دين جا اسڪالر هن کي ’شيخ الاسلام‘ سڏين ٿا.

طاهر القادري صاحب کي ٻيو ڪو ڇا به سمجهي پر ڪئالالمپور ۾ اسان جو ميزبان ”روهڙي شريف“ جو حاجي غلام علي سولنگي هن جي تمام گهڻي عزت ڪري ٿو. سندس ڊرائنگ روم ۾ جيڪا فقط هڪڙي فريم ٿيل تصوير لڳل آهي اها ڊاڪٽر طاهر القادري جي آهي. هن جي لاءِ اها فخر ۽ خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته طاهر القادري صاحب سندس هن گهر ۾ رهي ويو آهي ۽ جيئن هو اڄ ڪلهه مون کي پنهنجي گاڏي ۾ وٺي ڪئالالمپور ۽ اوسي پاسي جا سير ڪرائيندو وتي، تيئن هڪ سڄو ڏينهن طاهر القادري صاحب هن جي ڀرسان هن جي ڪار ۾ ويٺو رهيو ۽ علي سولنگي کي ههڙي مذهبي شخصيت کي ڪئالالمپور گهمائڻ جو شرف حاصل ٿيو.

هن کان اڳ مون کي طاهرالقادري جي ايتري ڄاڻ نه هئي. مون هن کي پاڪستان ۾ ٽي وي تي سياسي بيانن جي حوالي سان ڏٺو ۽ ٻڌو هو ته پاڪستان عوامي تحريڪ (PAT) سياسي پارٽي جو سرپرست (Founder) آهي پر هتي ڪئالالمپور ۾ علي سولنگي جي گهر ۾ طاهر القادري جي رکيل ڪتابن مان ڪجهه حصا پڙهي بيحد متاثر ٿيس ۽ علي سولنگي ۽ سندس ڀر واري گهر ۾ رهندڙ پاڪستان جي پنجابي فئملي کان طاهر القادري جي اسلامي خدمتن ۽ تعليمي قابليتن جي ڄاڻ ٿي.

طاهر القادري صاحب 19 فيبروري 1951ع تي جهنگ شهر ۾ دين اسلام جي عالم فريد الدين قادري جي گهر ۾ ڄائو. هن جي وڏن جو تعلق پنجاب جي سيال فئملي سان آهي. پاڻ شروع جي تعليم جهنگ شهر جي ڪرسچن مشنري اسڪول  Sacred Heart School ۾ ورتي جتي هن نه فقط انگريزي جي ڄاڻ حاصل ڪئي پر هن جو عيسائين جي مذهب ۽ سوچ سان به واسطو پيو. پوءِ ٻارهن سالن جي ڄمار ۾ هن جي والد اسلامي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ هن کي مديني پاڪ جي ”مدرسته العلوم الشريعته“ ۾ داخل ڪرايو. هي مدرسو سيدنا ايوب الانصاري جي گهر ۾ آهي، جتي حضور صلي الله عليه وسلم جن مديني پهچڻ تي، شروع وارن ڏينهن ۾ رهائش اختيار ڪئي هئي. مديني ۾ طاهر القادري صاحب ان مدرسي جي مولانا ضياءَ الدين مدني ۽ سيد علوي الملڪ جهڙن عالمن وٽ تعليم حاصل ڪئي. ان بعد هن پنهنجي پيءُ ۽ ٻين اسڪالرن وٽ ديني تعليم ورتي ۽ درسِ نظامي ۽ درس حديث مڪمل ڪيو. ان بعد قانون Law  پڙهڻ لاءِ پنجاب يونيورسٽي ۾ داخلا ورتي. 1974ع ۾ LL.B  جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ اعلى رزلٽ ڪري، هن کي گولڊ ميڊل مليو. ان بعد وڪالت دوران 1978ع کان 1983ع تائين هن پنجاب يونيورسٽي ۾ لا (قانون) پڙهايو. ان بعد هن اتان 1986ع ۾ قانون ۾ Ph.D ڪئي ۽ پروفيسر مقرر ڪيو ويو. ساڳي وقت هو ملڪ جي سپريم ڪورٽ ۽ فيڊرل شريعت ڪورٽ جو ليگل ائڊوائيزر پڻ مقرر ڪيو ويو.

ڊاڪٽر طاهر القادري لاءِ چون ٿا ته هن ايڪانامڪ ۽ پوليٽيڪل سائنس کان ديني فلاسافي، قانون، روحانيت، ميڊيڪل سائنس، صوفيزم،  علم فلڪيات جهڙن سبجيڪٽن تي اٽڪل 6000 کن ليڪچر ڏنا آهن جن مان ڪيترائي اردو، انگريزي ۽ عربي زبان ۾ دنيا جي مختلف ملڪن جي اسلامي ڪتابن جي دڪانن تي ملن ٿا. هن جا انهن زبانن ۾ اٽڪل 400 ڪتاب آهن. 1989ع ۾ هن پاڪستان عوامي تحريڪ نالي سياسي پارٽي ٺاهي ۽ لاهور جي علائقي مان ايم اين اي به چونڊيو، پر هاڻ ٻڌجي پيو ته هن جي سياست سان دلچسپي نه رهي آهي. هو ديني تعليم پکيڙڻ ۽ خدمتِ خلق جهڙن ڪمن ۾ مشغول رهي ٿو. منهاج القرآن انٽرنيشنل سندس NGO آهي جيڪا گذريل 25 سالن کان 80 ملڪن ۾ خير جا ڪم ڪري رهي آهي. ان کان علاوه ڊاڪٽر طاهر القادريءَ لاهور ۾ 1986ع کان منهاج انٽرنيشنل يونيورسٽيءَ کولي آهي، جيڪا منهاج يونيورسٽي لاهور (MUL) به سڏجي ٿي.

مارچ 2010ع ۾ ڊاڪٽر طاهر القادري دنيا  جي  ميڊيا جو مرڪز رهيو، جڏهن هن دهشتگردي (Terrorism) تي غير مشروط فتوا ڏني. آمريڪا مان نڪرندڙ ”فارين پاليسي“ مئگزن هن جو  ان بابت حوالو /بيان ڏنو ته:

“I am trying to bring (the terrorists) back towards humanism. This is a Jihad against brutality, to bring them back towards normality. This is an intellectual Jihad.”

پنهنجي ڪئالالمپور واري ميزبان حاجي غلام علي سولنگيءَ کي چيم ته ”يار لڳي ٿو ته توهان ڊاڪٽر طاهر القادريءَ جا پڪا مريد آهيو.“

”ڊاڪٽر قادري جي واعظن ۽ ڪتابن جو به منهنجي ذهن تي اثر آهي پر منهنجو مرشد شيخ عفيف الدين الجيلاني آهي.“ علي سولنگيءَ چيو.

”ماشاءَ الله“منهنجي وات مان نڪتو.

”توهان هن کي ٻڌو آهي؟“ عليءَ مون کان پڇيو، ”هو بادشاهه پير دستگير جي اولاد مان آهي.“

عفيف الدين جيلاني دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ انگريزي ۽ عربي ۾ اسلام تي ليڪچر ڏيندو رهي ٿو. مون سندس هڪ ليڪچر، گذريل سال هڪ CD تي ٻڌو، جيڪو هن هتي ڪئالالمپور ۾ ڏنو هو. ٻڌڻ وارن ۾ انيڪ ماڻهو موجود هئا جن ۾ ان وقت جو وزيراعظم احمد عبدالله بداوي به موجود هو ۽ عام ماڻهن سان گڏ پٽ تي ويٺل هو.

”ان ليڪچر جي سي ڊي مون وٽ به آهي،“ عليءَ چيو، ”۽ ان ليڪچر ۾ آئون به موجود هوس. حضرت عفيف الدين سال ۾ ٻه ٽي دفعا ملائيشيا ايندو آهي. اهو ليڪچر هن عيد ميلاد النبي جي موقعي تي ڏنو هو جنهن ۾ هن ٻڌايو هو ته حضور جن وٽ هڪ نابين  دعا لاءِ آيو هو.“

”جي ها. بلڪل اهو“ مون علي کي چيو، ”پر علي! شيخ عفيف الدين عرب ٿي ڪري ڇا ته هن جي انگريزي ۽ پر سحر ڳالهائڻ جو انداز آهي.“

”توهان ليکڪ ماڻهو آهيو، ساڻن ملندائو؟“ عليءَ پڇيو.

”ڪيئن ۽ ڪٿي ملجي، بغداد ۾؟ هتي ڪئالالمپور ۾ ته خبر ناهي ڪڏهن ٿو اچي ۽ جتي هيڏي ميڙ ۾ عبدالله بداوي جهڙا اهم ماڻهو ئي پري کان پٿل ماريو ويٺا آهن اتي هوندو هن کي ٽائيم پاڻ سان ملڻ جو؟“ مون عليءَ کي اهڙي نموني، بلڪه ٽوڪ ۾ چيو ڄڻ هن کي چئي رهيو هجان ته ”علي! سَڌون اهي ڪجن جي پوريون به ٿي سگهن.“

”سائين ان جو فڪر نه ڪريو. سائين جن اڄڪلهه ڪئالالمپور آيل آهن، آئون ملڻ لاءِ معلوم ٿو ڪريان ته جيڪڏهن پير صاحب ملي سگهن ته سڀاڻي هلي ملون. هينئر ته رات ٿي وئي آهي.“ عليءَ چيو ۽ ان ئي وقت هن فون ملائي ڳالهايو. هو ڪجهه دير انگريزي ۾ ڳالهائيندو رهيو، پر مون ٻڌو نه پئي جو منهنجو ان وقت گهڻو ڌيان ٽي وي تان هتان جي ٽاپ ملئي ڳائڻي سيتي نور هاليزا ڏي هو، جيڪا ٽيهن سالن جي ڄمار ۾ 200 کان مٿي مڪاني ۽ بين الاقوامي ايوارڊ کٽي چڪي آهي. هوءَ ملائيشيا ۽ انڊونيشيا جي مڙني ڳائڻين ۾ سڀ کان سهڻي آهي (اخبار وارن يا ڪتاب جي پبلشر فوٽو ڇپيو ته توهان به ڏسي سگهو ٿا).

Di Dalam Hatimu     تنهنجي دل ۾

Tlah Aku Temukan    مون لڌو آهي

Arti ke bahagiaan     خوشي جو اولڙو

Cintailah Aku Sepenuh hati   پنهنجي سچي دل سان مون کي پيار ڪر

Sesungguhnya Aku    سچ ته هي آ، آئون

Tak ingin Kau Pergi    نٿي چاهيان ته تون هليو وڃ

Takkan mampu ku hadapi Dunia ini 

تو کانسواءِ آئون دنيا کي منهن ڏئي نه سگهنديس.....وغيرهه وغيرهه.

بهرحال هن ملئي ڳائڻي نور هاليزا جنهن کي ويجهڙائي ۾ ملائيشيا جي حڪومت طرفان داتڪ جو خطاب به مليو آهي، ان جون پوءِ  ڳالهيون  ڪنداسين، هتي پاڻ بغداد جي پير جي ڳالهه جاري رکون. اسان جي ميزبان فون رکڻ بعد اعلان ڪيو ته سڀاڻي پوري ڏهين وڳي هتان نڪرنداسين جو سائينءَ جن يارهين وڳي ملڻ جو وقت ڏنو آهي. مون ان کي Casually ورتو ۽ ان وقت تائين اهو ئي سوچيم ته عليءَ ”شيخ عفيف الدين“ جي سيڪريٽري کي چيو هوندو، تنهن هن کي ’ها‘ ڪئي هوندي ۽ پوءِ جيئن اسان وٽ اهڙن وڏن ماڻهن سان ملڻ لاءِ پهچبو آهي ته در جا دربان اهو چئي موٽائي ڇڏيندا آهن ته ”سائين جن آرام فرمائي رهيا آهن.“ يا ”سائين جن اهم ميٽنگ ۾ آهن.“ خير ٿوري گهڻي خوشي ته ٿي جو منهنجو ايران مان ٿي اچڻ بعد شام ۽ بغداد وڃڻ جو ارادو هو، جتي شيخ عبدالقادر جيلاني جي مزار تي وڃڻ کان علاوه سندس موجوده گادي نشين شيخ عفيف الدين سان ملڻ جو ارادو هو، جيڪو هاڻ آساني سان هتي ٿي ٿو وڃي ته ڏاڍو سٺو. مون کي هڪ عدد ڪالم لکڻ لاءِ ملي ويندو. جي نه ته به ٺيڪ آهي. ٿي سگهي ٿو ساڻس ملاقات ٿئي، پر هو فوٽو نه ڪڍرائي، جو ضروري ناهي ته هر ماڻهو منهنجي سوالن جا جواب ڏئي ۽ فوٽو ڪڍرائي. دراصل اهي ئي ته فوٽو جرنلزم جا مسئلا آهن. پر ان معاملي ۾ آئون هر وقت انگريزي جو اهو قول ڌيان ۾ رکندو آهيان ته:

Happy are those who do not expect.

”خوش اهي رهن ٿا، جيڪي اميد نٿا رکن“ يا کڻي چئجي ته اميد نه رکڻ وارا مايوسي کان بچيو وڃن. پر مون کي ٿوري گهڻي ملاقات جي اميد ان ڪري هئي جو ان رات شيخ عفيف الدين جي ڪئالالمپور ۾ ڪيل واعظ جي   CD  عليءَ کان وٺي هلايم ته ان ۾ علي عربن وارو وڏو جبو اوڍي اڳين قطارن ۾ ويٺل ماڻهن وٽ اچي وڃي رهيو هو، جنهن مان مون کي لڳو ته عليءَ جي هتي چڱي خاصي رهائي رسائي آهي.

ٻئي ڏينهن آئون ته سوٽ ٽائي پائي تيار ٿي بيهي رهيس. عليءَ کي ٿورو بئنڪ جو ڪم هو. جيڪو هو جيئن ئي لاهي گهر پهتو ته گاڏي جي آواز تي آئون ڪئميرا کڻي اچي ساڻس ويٺس.

”سائين مون کي فقط ڏهه منٽ ڏيو ته آئون تيار ٿي اچان.“ عليءَ چيو.

”علي! فرسٽ ڪلاس سفاري سوٽ ۽ زبردست پالش ٿيل بوٽ ته پاتل اٿئي، اڃا ڪهڙي تياري ڪندين.“ مون پڇيو.

”نه يار آئون سائين سان ملندو آهيان ته ديسي ڪپڙا ۽ ٽوپي پائي پوءِ هلندو آهيان.“ عليءَ چيو ۽ يڪدم ڪمري ۾ وڃي اڇي رنگ جو جبو ۽ سنڌي ٽوپي پائي آيو ۽ بوٽ پائڻ بدران چمپل پائي هلڻ لڳو.

”پوءِ ڀلا آئون به ٽاءِ ڪوٽ لاهيان“ مون عليءَ کان پڇيو.

 ”نه تون ڀلي پاءِ، پر هو منهنجي لاءِ مرشد آهي، سو آئون جڏهن به هن سان ملڻ ويندو آهيان ته هن ڊريس ۾ ويندو آهيان ۽ پَٽ تي ٿي ويهندو آهيان. توهان ڀلي هن جي ڀر ۾ صوفي تي ويهجو.“ عليءَ چيو.

”يار ڪرنگهي  (Backbone) جي حادثي ڪري مون کان پٽ تي ويٺو نه ٿيندو،“ مون عليءَ کي ٻڌايو، ”پر جي ضروري سمجهين ته آئون به صوفي تي نه ويهان. پاڻ بيٺي بيٺي ملي وٺون. هونءَ به ههڙو مشغول ماڻهو وڌ ۾ وڌ پنج منٽ ملي سگهندو.“

”نه. اها ڳالهه نه آهي،“ عليءَ چيو، ”مون کين توهان جو ٻڌايو آهي ته توهان هتي ملائيشيا ۾ پروفيسر هئائو ۽ ملائيشيا تي ڪيترائي ڪتاب لکيا اٿانوَ ۽ توهان کي ملائيشيا جي حڪومت طرفان ايوارڊ به ملي چڪو آهي. هو توهان سان ڪجهه دير لاءِ ڪچهري ضرور ڪندو.“

بهرحال اسان گهران نڪتاسين ته عليءَ جي فون جي گهنٽي وڳي ۽ ڪجهه سندس هڪ طرف ڳالهائڻ مان ڪجهه فون رکڻ بعد پاڻ ٻڌائين ته سائين جن جي سيڪريٽري جو فون هو. اڄ واري ملاقات لاءِ معذرت ڪئي وئي آهي جو سائين جن جي طبيعت ڪجهه صحيح ناهي ۽ چڪاس لاءِ اسپتال وڃي رهيا آهن.

عليءَ کي منهنجي لاءِ ڏک ٿيو ته هو ”شيخ عفيف الدين“ سان منهنجي ملاقات ڪرائي نه سگهيو ۽ هاڻ هو سڀان پرينءَ پروگرام مطابق نيوزيلينڊ هليو ويندو، جتي هن کي اسلام تي ٽي چار ليڪچر ڏيڻا آهن. مون عليءَ کي سمجهايو ته هو  ان جو فڪر بلڪل نه ڪري. زندگي ۾ اهي لهرون ۽ لوڏا ايندا رهن ٿا. ضروري ناهي ته هر ڳالهه اسان جي مرضي مطابق ٿئي. بهرحال حياتي ۽ صحت رهي ته هن عالم سان آئون بغداد وڃي ملاقات ڪندس.

اسان موٽي گهر آياسين. عليءَ ڪپڙا بدلائي هڪ دفعو وري انگريز ٿيو، يعني عربن وارو جبو لاهي پتلون شرٽ اوڍي. پوءِ اسان ڪئالالمپور جي سير تي نڪري پياسين، بلڪ هن منهنجي چوڻ تي ڪئالالمپور جي بِرڪ فيلڊ واري علائقي جو چڪر ڏيارڻ لاءِ هليو، جتي منهنجو ملائيشيا ۾ رهڻ دوران اڪثر اچڻ ٿيندو هو، خاص ڪري سستي رهائش ڪارڻ اتي اچبو هو جو اتي YMCA  ۽ ٻيون گهٽ مسواڙ واريون هوٽلون جام هونديون هيون. واپسي تي عليءَ جي چوڻ تي اسان رات جي ماني ڊاڪٽر لياقت ميمڻ جي گهر اچي کاڌي. ڊاڪٽر لياقت علي جو دوست ۽ اسان جي ڳوٺ جو آهي، پر منهنجي ساڻس پهرين ملاقات هتي ئي ٿي. علي مون کي پهرين ڏينهن کان چوندو رهيو ٿي ته هالا جو هڪ انجنيئر لياقت ميمڻ هتي Ph.D. ڪرڻ لاءِ آيل آهي. طبيعت جو ڏاڍو سٺو آهي ۽ بيحد چرچائي جوان آهي، هن سان ضرور ملو.

بهرحال بِرڪ فيلڊ علائقي ۽ هالن جي ڊاڪٽر لياقت ميمڻ جو احوال نئين چئپٽر ۾ ئي ڪبو، هتي پاڻ بغداد کان هتي ڪئالالمپور آيل سيد الشيخ عفيف الدين جيلاني سان ملاقات جو احوال مڪمل ڪريون، جن سان ٻئي ڏينهن بنا ڪنهن اميد جي اوچتو ملاقات ٿي وئي. ٻئي ڏينهن صبح جي نيرن بعد عليءَ کي چيم ته تون ته آهين صفا مولوي ماڻهو، جيتوڻيڪ سعودي عرب ۽ ايران جا مولوي به فوٽو پيا ڪڍرائين. بهرحال هتي جي هندو ۽ چيني مندرن ۽ باتو غارن ۾ ٺهيل ڀڳوانن ۽ هتي جي ملئي ڇوڪرين جا جيڪي هتي جو مڪاني لباس ’باجو ڪرونگ‘ ۽ ”باجو ڪبايا“ پائي پيون هلن، انهن سان تون ڀلي فوٽو نه ڪڍراءِ پر منهنجا ته هلي ڪڍ. يا ٻي صورت ۾ آئون پنهنجي ڪنهن پراڻي شاگرد کي فون ڪري فوٽو گرافي لاءِ پاڻ سان کڻي هلان. ڳالهه اها آهي ته اڪيلو فوٽو گرافي لاءِ نڪرڻ تيِ هر هنڌ ٻن ماڻهن کان موڪل يا منٿ ميڙ ڪرڻي پوي ٿي. اهو ماڻهو مرد، عورت يا ڇوڪري جنهن جي ڊريس يا ڪنهن ٻي ڳالهه کان متاثر ٿي توهان فوٽو ڪڍڻ چاهيو ٿا ۽ جيڪڏهن توهان هن سان گڏ بيهي ڪڍائڻ چاهيو ٿا ته پوءِ ٻيو، فوٽو ڪڍڻ لاءِ ڪو راهگير ڳولڻو پوي ٿو، جيڪو فوٽو ڪڍي.

عليءَ هائوڪار ڪئي ۽ آئون کيس جالان تئانڪو عبدالرحمان واري شاهراهه ۽ مسجد انڊيا وارين گهٽين ۾ وٺي آيس، جتي منهنجي موڪل جا ڏينهن اڪثر گذرندا هئا. اتي انهن دڪانن ۽ ريسٽورنٽن اڳيان بيهي فوٽو ڪڍرايم ۽ پراڻيون يادون تازيون ڪيم ۽ عليءَ کي انهن عمارتن ۽ مالڪن سان ڪجهه وابسته ڳالهيون ٻڌايم.

”علي! هن چوٽر مل جي دڪان ڀرسان هڪ ٻئي پوڙهي سنڌي هندو جو ڪپڙي جو دڪان هوندو هو. هُن پيريءَ ۾ هڪ جوان مسلمان ملئي عورت سان شادي ڪئي،“ مون چيو، ”اها شادي هن لڪ چوريءَ نه پر ظاهر ظهور ڪئي هئي. هو هر وڏي دعوت ۾ هن ملئي جوان عورت کي وٺي ايندو هو ۽ سڀ پيا ڏسندا هئا ۽ تعجب کائيندا هئا ته هڪ مسلمان عورت مذهب جي خلاف غير مذهب جي ماڻهوءَ سان شادي ڪئي آهي ۽ ٻيو ته هوءَ ههڙي جوان، سهڻي ۽ هر وقت ميڪ اپ ۾ ٻهڪندڙ ٿي هڪ اهڙي ڪراڙي مرد سان شادي ڪئي آهي، جنهن جي ڳچيءَ جي چمڙي هڪ طرف پئي لڙڪي ته ٻن دلن جيڏو پيٽ ٻئي طرف.“

”مون کي ته يقين ئي نٿو اچي.“ عليءَ چيو.

”مون وٽ ته ان وقت جون تصويرون به آهن. هي هندو سيٺ وڏي پئسي ۽ اثر رسوخ وارو هو، اڪثر وزيرن ۽ وڏن ماڻهن جي دعوت ۾ زال سان گڏ ايندو هو. هڪ دفعو ته هن ڀرواري دڪان گلوب سلڪ اسٽور وارن ان وقت جي وزيراعظم مهاتير کي گهر ۾ دعوت ڪئي، ان ۾ به هي آيا هئا. مون سان گڏ اڏيري لعل جو اسرار شاهه (آءِ جي پوليس مشتاق شاهه جو مامو) ۽ پاڪستان ايمبسي جو پريس سيڪريٽري خيرپور جو ارشاد نبي عباسي (ڊاڪٽر تنوير عباسي جو ڀاءُ) به موجود هو. هينئر هجي ها ته توکي ان هندو سيـٺ سان ملايان ها.“

”ڪيڏانهن ويو هليو؟“ عليءَ پڇيو.

”اوڏانهن ئي جيڏانهن پاڻ سڀني کي هلڻو آهي. انهن ڏينهن ۾، اسي واري ڏهي ۾ ئي مرڻ تي هو جو سڀني پئي چيو ته ڇوريءَ پئسي خاطر هن مڙهه سان شادي ڪئي آهي. ڪو اهڙو اميتاڀ بچن ته نه آهي. يعني ان وقت جو اميتاڀ بچن. هاڻ ته اهو ۽ اسان به جهونا ٿي ويا آهيون. ان کي 25 سال اچي ٿيا آهن.“

”۽ سندس ملئي زال؟“ عليءَ پڇيو.

”الائي ڪيڏانهن وئي. هن جي قبر تي ميڻ بتيون ٻاري ته نه ويٺي هوندي. هن جي ڪو وڃي جوان ڳوليو هوندو ته به هن جو حق آهي ته ڪنهن سان شادي ڪري بلڪ شادي جو اصل شوق پورو ڪري. پر اهو آئون به ڏسندو هوس ته هن جوڙي کي ڏسي ملئي ماڻهن جا شرم کان ڪنڌ جهڪي ويندا هئا.“

اسان اوڊين سئنيما وٽان ساڄي مڙي، نوبل هوٽل ۽ سموئا Semua هائوس شاپنگ سينٽر وٽ پهچي، هاڻ مسجد انڊيا جي ٻاهران، ننڍي کنڊ جي ماڻهن جي ميڙاڪن کي ڏسڻ ۽ خبرون چارون ڪرڻ لاءِ جالان (شاهراهه) عبدالله منشي تي اڃان پهتاسين مس ته علي سولنگي جي فون جي گهنٽي وڳي. گهنٽيون ته هن کان اڳ به وڄنديون رهيون پئي، بلڪ ڪيترا دفعا علي کي چوندو به رهيس ته ڀلي ٽيليفون اٽينڊ ڪر، تيسين آئون هيڏانهن هوڏانهن دنيا جو ديدار ٿو ڪريان، پر عليءَ پاسيرين اکين سان فون جي اسڪرين تي ڪالر جو نالو پڙهي فون بند ڪري ٿي ڇڏيو.

”آفيس کان آهي، پوءِ پيو ڳالهائيندس.“ هن ٿي چيو يا وري ”هڪڙي واقفڪار جو فون آهي هن وقت ساڻس ڳالهائڻ اهڙو ڪو ضروري ناهي.“

پر هن ڀيري فون جي گهنٽي تي عليءَ فون ڪندڙ جو نالو پڙهي منهنجي ڪئميرا يڪدم منهنجي حوالي ڪري، روڊ تان لنگهندڙ بسين، ڪارين جي گوڙ کان بچڻ لاءِ ٻئي ڪن کي هٿ سان بند ڪري غور سان ٻڌڻ لڳو ۽ رکي رکي ”ييس سر! ييس سر!“ چوڻ لڳو. مون کي اها ئي حيرت ٿي ته عليءَ جو باس وري ڪهڙو آهي!“ اهي باس سرڪاري نوڪرين يا ٻئي وٽ پگهاردار ٿي بيهڻ تي ٿين ٿا.

پنهنجي پرائيويٽ ڌنڌي ۾ جتي نقصان جو خوف رهي ٿو، اتي ڪنهن باس جو نٿو رهي جو هو پاڻ ان بزنيس جو مالڪ آهي ۽ پاڻ ئي باس آهي. بهرحال آخر ۾ ”سر ميڪ اِٽ ون اور“ چئي عليءَ ٿئنڪ يو سر چئي فون بند ڪيو ۽ مون کان ڪئميرا واپس وٺي فوٽو ڪڍڻ جو ڪم شروع ڪرڻ بدران چيو: ”سائين هلو گهر. حضورِ والا اچڻ لاءِ چيو آهي ۽ پنهنجو انتظار ڪري رهيا آهن. پاڻ ته چيائون ته اڌ ڪلاڪ اندر هليا اچو، پر مون چيو مان ته اسان ڪلاڪ ۾ ٿا پهچون.“

”يار ڪمال ٿو ڪرين،“ مون عليءَ کي چيو، ”هتان پاڻ کي ويهه منٽ به نه لڳندا.“

”سائين پهرين گهر هلڻو پوندو.“ عليءَ چيو.

”گهر ڇو؟“

”حضورِ والا سان ملڻ مهل آئون هي انگريزن واري ڊريس نه پائيندو آهيان.“ عليءَ چيو.

آئون سمجهي ويس ته عليءَ کي شيخ عفيف الدين جيلاني سان ايڏي ته عقيدت آهي جو هو جنهن بهتر نموني ۾ پيش ٿيڻ سمجهي ٿو، اهو ئي قائم رکڻ چاهي ٿو. هن اهو به چيو هو ته هو جڏهن شيخ جيلاني سان ملندو آهي ته هميشه وضو ڪري ويندو آهي جو بنا وضوءَ جي هو ڪنهن اهل بيت سان هٿ ملائڻ نٿو چاهي. هونءَ به حضور صلعم جن سان علي سولنگي بيحد عقيدت ۽ محبت رکي ٿو. سندس زبان تي هر وقت درود شريف رهي ٿو. کيس بزنيس جي سلسلي ۾ سڄي ملائيشيا جي هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين وڃڻو پوي ٿو. عليءَ ٻڌايو ته هو ڪئالالمپور کان ملاڪا، ملاڪا کان جوهور، يا هن پاسي شاهه عالم کان اپوح، اپوح کان پينانگ يا ڪيلنتان ۽ ترنگانو رياستن ڏي ڊرائيونگ دوران سڄو وقت درود شريف پڙهندو وڃي ٿو ۽ ڳڻڻ لاءِ هن وٽ ان وقت مڪينيڪل ڪائونٽر هوندو آهي. عليءَ ٻڌايو ته هن جي خواهش آهي ته زندگيءَ ۾ هڪ وار هو هڪ ڪروڙ درودن جو تعداد مڪمل ڪري. سندس ڳالهين مون کي ۽ سندس چمڙي جي سامان جي واپار ۾ پارٽنر محمد شفيق کي ايڏو ته متاثر ڪيو جو اسان به هڪ لک درود پڙهڻ جو عزم ڪيو. هونءَ اسان واري علي سان گڏ پنجاب جو هي بزنيس مئن شفيق پڻ بادشاهه پير دستگير جي هن گرانڊ سن شيخ عفيف الدين جو مريد آهي. محمد شفيق جي آفيس پڻ علي جي آفيس واري علائقي ’تمن باتو‘ ۾ آهي. هي علائقو جالان ڪچنگ روڊ جي هڪ طرف آهي ۽ سندس ڪمپني جو نالو TSN Star Sdn Bhd آهي.

عليءَ رستي تان ئي شفيق کي فون ڪيو ته اسان وڃون پيا تون به سائين جن جي گهر ”تمن سيتيا ونگسا“ پهچي وڃ. ملائيشيا ۾ مختلف علائقا تمن سڏجن ٿا، جنهن جي معنيٰ چمن، گلستان يا گلشن سمجهڻ کپي، جيئن پاڻ وٽ ڪراچيءَ ۾ گلشن اقبال آهي يا حيدرآباد ۾ گلستان سجاد آهي. ڪئالالمپور جو هي ’تمن‘ جنهن روڊ تي آهي، ان جو نالو پڻ جالان (يعني شاهراهه)  Setia Wangsa  آهي.

شفيق ڊائريڪٽ وڃڻ بدران عليءَ جي گهر پهچي پوءِ هن جي ئي ڪار ۾ هلڻ چاهيو ٿي. علي جبو شبو اوڍي مٿي تي سنڌي ٽوپي رکي شفيق جو انتظار ڪرڻ لڳو. شفيق خبر ناهي ڪهڙي علائقي کان اچي رهيو هو ۽ رستي تي ٽريفڪ ۾ اهڙو ڦاسي ويو جو اسان جو ڪلاڪ ته اتي ئي پورو ٿي ويو.

”علي! هاڻ ڇا ڪجي؟ شيخ صاحب هليو نه وڃي؟“ مون پنهنجي اندر جي خوف جو اظهار ڪيو.

”انشاءَ الله ملاقات ٿي ويندي،“ عليءَ ٻڌايو، ”هر دفعي مون کان دير ٿيو وڃي، ان ڪري هن دفعي اڌ ڪلاڪ بدران ڪلاڪ چيم، پر شفيق دير ڪري ڇڏي.“

”چئبو ته هوبه سمجهندو هوندو ته اسان پاڪستاني وقت جا ڪيترا پابند آهيون.“ مون چيو.

بهرحال شفيق صاحب به پهچي ويو، جنهن کي پنهنجي ڪار ۾ ويهاري روانا ٿياسين. تمن سيتيا ونگسا هڪ پهاڙي تي رهائشي علائقو آهي ۽ جبل جي آخري ۽ مٿاهين هنڌ تي جيڪو پلاٽ آهي، اتي ”دارالجيلاني“ نالي شيخ عفيف الدين جيلاني جو گهر ۽ ”الواريسين ٽرسٽ“ جي آفيس آهي، جنهن جو شيخ صاحب چيئرمين آهي. هي علائقو عليءَ جي گهر کان ڪافي پري آهي ۽ منجهند جي ڪري ٽريفڪ وڌڻ ۽ جبل جي چڙهائيءَ ڪري اسان کي اڌ ڪلاڪ کان به مٿي لڳي ويو. گهر جي بلڪل ويجهو پهتاسين ته هڪ وڏي پروڊا ٽائيپ گاڏي اسان جي سامهون گذري وئي. عليءَ چيو ته اها گاڏيءَ پير صاحب جي آهي. اسان کي ڏاڍو افسوس ٿيو. عليءَ چيو ته ڀلا گيٽ تائين ته هلون. گيٽ تي پهتاسين ته ٻن سيڪيورٽي گارڊن عليءَ جو نالو ٻڌي مين گيٽ کوليو ۽ اسان اليڪٽرونڪ Scanner  مشين مان گذري اندر آياسين. عليءَ هڪ گارڊ کي ملئي ۾ گاڏيءَ لنگهڻ جو ٻڌائي چيو ته اسان سمجهيو ته ”تئان“ (صاحب) اسان جو انتظار ڪري هليو ويو. گارڊ ٻڌايو ته هو اسان لاءِ ئي ويٺو آهي. ڊرائيور پنڪچر ٺيڪ ڪرائڻ لاءِ گاڏي ڪاهي پئي ويو.

اسان جي مين هال ۾ گهڙڻ جي آواز تي ڀرواري ڪمري مان شيخ عفيف الدين صاحب ٻاهر نڪتو ۽ اسان سڀني کي وڏا ڀاڪر پائي کيڪاريو ۽ ڊرائنگ روم ۾ وٺي آيو. هن اسان کي پنهنجي ڀرسان صوفن تي ويهڻ جو اشارو ڪيو، پر علي ۽ شفيق هيٺ پٿل ماري ويٺا ۽ جنهن نموني سان شيخ صاحب هنن کي هنن جي حال تي ڇڏي ڏنو ۽ جنهن نموني سان هو ساڻن خبرون ڪري مائٽن مٽن جا حال احوال وٺي رهيو هو، ان مان صاف لڳو ٿي ته هنن کي واقعي شيخ صاحب جي قرب ۽ شفقت جو شرف حاصل آهي. پاڻ اسان کان گذريل ملاقات ڪئنسل ڪرڻ جي معافي ورتي. ”منهنجو دراصل پيٽ خراب ٿي پيو،“ شيخ صاحب ٻڌايو، ”ايتريقدر جو ڊاڪٽر وٽ وڃڻو پيو، جنهن سُئي هنئي، ان بعد فرحت محسوس ڪيم.“

اسان جي پڇڻ تي ته آيا کين پهرين به اها تڪليف رهي آهي، پاڻ ٻڌايائون: ”1995ع ۾ جڏهن لاهور آيو هوس ته اتي جيڪي ٻوڙ کارايا ويا، انهن ۾ مرچ مسالا ڪجهه وڌيڪ ئي هئا. پهريون دفعو اتي منهنجو پيٽ خراب ٿيو. دراصل منهنجي والد مرحوم کي گهڻن مرچن وارو ٻوڙ وڻندو هو سو هنن منهنجي به اهڙي ٻوڙ سان خاطر تواضع ڪئي. ان کان پوءِ جڏهن به مسالن وارو کاڌو کاوان ٿو ته تڪليف ٿيو پوي. ان ڏينهن ڪينٽڪي فرائيڊ چڪن کائڻ جو شوق ٿي پيو، سو اها گهرائي کاڌم ته تڪليف ٿي پيئي.“

بهرحال شيخ عفيف الدين اسان سان، خاص ڪري مون سان به، جنهن جو جيتوڻيڪ پهريون دفعو هو، اهڙو فري ٿي مليو ڄڻ پراڻي واقفيت هجي. هو مون کي بيحد فضيلت وارو ۽ ٻين سان پيار ۽ ادب سان ملڻ وارو انسان لڳو. عليءَ ٻڌايو ته پنهنجي والدين جي ڏاڍي عزت ڪري ٿو. پيءُ گذاري ويو اٿن، سندن والده جو بغداد کان فون ايندو آهي ته اٿي بيهي ڳالهائيندا آهن.

ملائيشيا ۾ ڌارين کي هميشه لاءِ رهڻ (P.R) جي اجازت ڏکي ملڻ تي پاڻ ٻڌايائون ته هو يمن جي هڪ امير مخير همراهه کي سڃاڻي، جيڪو ملائيشيا ۾ مسجدون ۽ ٻيا خير جا ڪم پيو ڪري، پر ملائيشيا جي حڪومت ان کي به پي آر (Permanent Residency)  جي آفر نه ٿي ڪري، جيتوڻيڪ هن کي ان جي ضرورت ئي ناهي ۽ نڪي گهري ٿو. هوڏانهن سنگاپور وارا کيس ڊائريڪٽ شهريت (Citizenship)  ڏيڻ لاءِ تيار آهن.

”جڏهن احمد بداوي ملائيشيا جو وزيراعظم هو ته هن سان منهنجي اڳيان ڪنهن ڳالهه ڪئي ته هو به لنوائي ويو. چوڻ لڳو ته هڪ پروسز آهي، ان موجب اپلاءِ ڪندو ته هتي رهائش ملي ويندس.“ شيخ صاحب ٻڌايو.

اسان کي جلدي موڪل ڏيڻ بدران شيخ جيلاني صاحب اسان سان گڏ ويهي چانهه پيتي. کين مون بابت عليءَ به ڪافي ٻڌايو هو ته آئون هتي ملائيشيا ۾ ڏهه سال کن پڙهائي ويو آهيان ۽ هينئر به وزٽنگ پروفيسر جي حيثيت سان ايندو رهان ٿو. هو مون سان منهنجي لکيل ڪتابن بابت به خبرچار ڪندو رهيو. ”گذريل دفعي آئون ملائيشيا آيو هوس ته منهنجي پاڪستان جي سفير ظفر شيخ سان به ملاقات ٿي هئي، شايد توهان جي فئملي مان آهي.“ هن مون کان پڇيو.

”هن سان منهنجي 40 سالن کان دوستي آهي جڏهن هو پهرين فارين پوسٽنگ تي ٽوڪيو ۾ آيو هو. جپان جي سفرنامن ۾ سندس ڪافي ذڪر ڪيو اٿم.“ مون ٻڌايو.

پاڻ سيڪريٽري کي اسان لاءِ چاڪليٽ آڻڻ لاءِ چيو، جنهن چاڪليٽن سان ڀريل هڪ وڏو مخبو اسان جي اڳيان اچي رکيو. ”توهان اهي کائو ته الطاف لاءِ ڪجهه ڪتاب کڻي اچان.“ شيخ صاحب چيو ۽ ڀرواري ڪمري ۾ هليو ويو. اسان هڪ ٻئي پويان ٽي چار چاڪليٽ چٽ ڪري ڇڏيا. سالن کانپوءِ صحيح قسم جا چاڪليٽ چکڻ جو موقعو مليو هو. جهاز تي هجبو هو ته اهڙي قسم جا چاڪليٽ لاس پاماس ۽ برمودا جهڙن ٻيٽن تي ’ڊيوٽي فري‘ قيمت تي ملندا هئا. عليءَ کي چيم ته اهو سوال نه ڪجانءِ ته ”چانهه پيئڻ وقت آئون رڙيون ڪندو رهيس ته شگر جو مريض آهيان، بنا ڪئنڊرل جي چانهه نه پيئندس ۽ هاڻ چاڪليٽ پيو کاوان.“ عليءَ به مرشد جي سوغات کي وڏي عزت سان کڻي نه فقط کاڌو پر صلاح ڏني ته تبرڪ طور هڪ هڪ کڻي به هلون. کيسي ۾ وجهڻ بعد شفيق کي خيال آيو ۽ چيو: ”يارو پاڻ به غلط ڪم ڪيو آهي. سائين اچي ها ته ان جي منهن تي اجازت وٺي کيسي ۾ وجهون ها. چوڌاري ڏسو ٿا ته ڪيتريون ڪئميرائون لڳل آهن، ٻاهر سيڪيورٽي وارا الائي ڇا سوچين ته پير صاحب جي وڃڻ بعد اسان خبر ناهي کيسي ۾ ڇا وڌو.“

”اها خبر ته نڪرڻ مهل مين گيٽ وٽ پوندي، جتي آپريٽر هر چرپر مانيٽر (اسڪرين) تي Scan ڪري رهيا آهن.“

”ٿي سگهي ٿو اها وڊيو ڏسي پير صاحب خوش ٿئي ته سندن مٺائي اسان کي وڻي آهي،“ مون عليءَ کي چيو، ”بهرحال ان قسم جا چاڪليٽ موڪلي ته مون لاءِ رکجانءِ.“

”سائين بادشاهه ماڻهو آهي. هونءَ ئي مهربانيون ڪندو رهي ٿو.“ علي چيو.

شيخ صاحب پاڻ سان سندن لکيل ڇهه ست ڪتاب کڻي آيو ۽ مون کي ڏنائون. عليءَ کي سنڌيءَ ۾ آهستي چيم ته سائين جن خبر ناهي فوٽو ڪڍرائين يا نه.

”بلڪل ڪڍرائين“ عليءَ مون کي ورندي ڏيندي شيخ صاحب سان منهنجي خواهش جو اظهار ڪيو ۽ پاڻ منهنجي چوڻ تي ڪيترائي فوٽو ڊرائنگ روم ۽ ٻاهر نڪري ڪڍرايا. پاڻ اهو به ٻڌايون ته هو ڪجهه سال اڳ ڪراچي ۽ حيدرآباد (۽ شايد ٽنڊومحمدخان يا ڪنهن ٻئي ٽنڊي جو پڻ نالو ورتائون) آيا هئا .

شيخ صاحب جن کي هتي ملائيشيا ۾ ڪي مولانا شيخ ۽ تئان (عزت ماب) به سڏين ٿا، سندن ڏنل وزيٽنگ ڪارڊ موجب سندن سڄو نالو ”الشيخ السيد عفيف الدين الجيلاني البغدادي“ آهي. سندن سڄي دنيا ۾ ڪيترائي مريد، شاگرد، پوئلڳ آهن، جيڪي هن جي رهنمائي ۽ علم حاصل ڪرڻ جا خواهشمند رهن ٿا. انهن ۾ وڏو تعداد پاڪستان، سريلنڪا، انڊيا، عراق، سنگاپور ۽ ملائيشيا ۾ آهي. پاڻ دارالقادريه جو سربراهه ۽ الواريسين ٽرسٽ جا چيئرمين آهن ۽ سڄي دنيا ۾ ٿيندڙ اسلامي سيمينارن ۽ ڪانفرنسن ۾ اسلام تي ليڪچر ڏيندا رهن ٿا.

شيخ عفيف الدين الجيلاني سلطان اولياءَ (بادشاهه پير) شيخ عبدالقادر الجيلاني الحسيني جي ارڙهين پيڙهي ۾ ۽ حضور صلعم جن جي ٽيٽيهين پيڙهي ۾ آهن. حضرت عبدالقادر جيلاني جن کي غوث اعظم به سڏيون ٿا، 1077ع (470هه) ۾ ايران جي صوبي گيلان ۾ ڄاوا ان ڪري هو گيلاني سڏجن ٿا، پر جيئن ته عربي زبان ۾ ”گ“ جو اُچار ناهي، ان ڪري عرب دنيا ۾ هو جيلاني سڏجن ٿا. هنن جي والد جو شجرو امام حسن سان ملي ٿو ۽ والده جو امام حسين سان. ان ڪري سندن نالي سان گڏ الحسني ۽ الحسيني به لکيو وڃي ٿو. پاڻ وڏو بزرگ ۽ عالم انسان ٿي گذريو آهي. سندن ننڍپڻ جي ڪهاڻي اڪثر ٻارن کي پڙهائي وڃي ٿي ته شيخ عبدالقادر جيلاني جڏهن ننڍو ٻار هو ۽ ڪنهن قافلي سان گڏ بغداد شهر وڃي رهيو هو ته رستي تي ڌاڙيلن قافلي جي ماڻهن تي حملو ڪري سڀ ڪجهه کسي ورتو. هن کان جڏهن هڪ ڌاڙيل پڇيو ته نينگر تو وٽ به ڪجهه آهي ته پاڻ يڪدم چيائون ته ”مون وٽ چاليهه دينار آهن.“ ڌاڙيل سندس سامان ڦولهيو پر ڪجهه نه مليس. ان تي ڌاڙيل هن کي پنهنجي سردار وٽ وٺي ويو ته هن ڇوڪر چيو ته هن وٽ 40 دينار آهن، پر سامان مان ته ڪجهه به نه نڪتو آهي.

سردار ڪاوڙجي چيو ”نينگر تون اسان سان ڪوڙ ٿو ڳالهائين؟“

ڇوڪر جواب ڏنو ”هرگز نه. منهنجي ماءُ 40 دينار منهنجي شلوار اندر سبي ڇڏيا آهن.“

ان تي هنن جڏهن جاچ ورتي ته پئسا واقعي نڪري آيا. سردار کي ڏاڍي حيرت ٿي ۽ هن چيو ته ”ڇوڪرا! تون چاهين ها ته اسان کي نه ٻڌائي پنهنجا پئسا بچائي سگهئين ٿي. تو ائين ڇو نه ڪيو؟“

شيخ عبدالقادر جيلانيءَ جواب ڏنو: ”سفر تي نڪرڻ وقت منهنجي والده مون کي چيو هو ته پٽ چاهي ڪو توکي مارڻ لاءِ آتو هجي ته به ڪوڙ نه ڳالهائجانءِ جو الله انهن ماڻهن مان هرگز خوش نٿو ٿئي، جيڪي ڪوڙ ڳالهائين ٿا.“

ننڍڙي نينگر جي اها ڳالهه ٻڌي سردار کي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا ته هڪ ٻار ٿي ڪري ڪيڏو نيڪ آهي ۽ کيس پنهنجي ڪيل ڏوهن جو ايڏو ته احساس ٿيو جو قافلي جي ماڻهن کان کسيل سموريون شيون واپس ڪري ڇڏيون.

پير عبدالقادر جيلاني فقهي، حديث ۽ تفسير جو وڏو عالم ٿيو ۽ چاليهه سال اسلام جي خدمت ڪندو رهيو، جنهن ۾ هن لکين ماڻهن کي مسلمان بنايو ۽ ڪيترائي ٽولا ٺاهيائين، جيڪي مختلف هنڌن تي وڃي دعويٰ جو ڪم ڪن. پاڻ سن 1166ع يعني هجري سنه 561 ۾ وفات ڪيائون. سندن مقبرو بغداد شهر ۾ سندن مدرسي ۾ آهي، جيڪو دجله ندي (Tigris) جي اوڀر واري ڪپ تي باب الشيخ وٽ آهي.

شيخ عفيف الدين جيلاني 1972ع ۾ بغداد ۾ ڄائو ۽ پرائمري اسڪول کان ڪاليج ليول تائين بغداد مان ئي تعليم حاصل ڪيائين. ڪاليج ۾ شيخ عفيف جا خاص سبجيڪٽ اسلام ۽ شريعت هئا. پاڻ شيخ عبدالقادر جيلاني مسجد ۽ بغداد جي ٻين به ڪيترين ئي مسجدن جو امام ۽ خطيب ٿي رهيو آهي. اسلامي دنيا ۾ جيلاني فئملي (شيخ عفيف الدين جي فئملي) اسلام جي تبليغ جي حوالي سان هڪ ڄاتل سڃاتل فئملي سمجهي وڃي ٿي ۽ عراق ۾ هو اهل بيت فئملي جا سربراهه سمجهيا وڃن ٿا. يعني هو حضور  جن جي اولاد مان آهن ۽ نقاب الاشرف سڏجن ٿا. شيخ عفيف الدين هن فئملي جو موجوده عالم ۽ طريقه القادريه جو سربراهه آهي، جنهن کي فقهي، اسلامي قانون ۽ تصوف جي وڏي ڄاڻ آهي.

 

عراق جي پير الشيخ عفيف الدين جيلانيءَ سان گڏ الطاف شيخ ڪئالمپور ۾

باب  چاليهون

ڪئالالمپور جو سير سپاٽو

جيئن ڪراچيءَ جو انگريزن جي ڏينهن تائين مرڪزي علائقو لي مارڪيٽ ۽ پوءِ پاڪستان ٿيڻ وقت يا اڄ ڏينهن تائين صدر آهي، تيئن ڪئالالمپور جو مرڪزي علائقو جامع مسجد، ”جالان تئانڪو عبدالرحمان“ وارو آهي ۽ جيئن گرو مندر، لسٻيلو، رام سوامي، چنيسر ڳوٺ، لالو کيت، گزري وغيره ڪراچي جا مختلف علائقا آهن، جيڪي صدر جي اردگرد ئي آهن، تيئن ڪئالالمپور شهر جا به مختلف علائقا يا کڻي چئجي ته حصا آهن، جيڪي مختلف ڳالهين، ماڻهن ۽ انهن جي مزاج، دڪانن ۽ عبادت گهرن کان مشهور آهن.

ڪئالالمپور جو هڪ علائقو آهي ”بِرڪ فيلڊس“ جيڪو مون کي ڪافي دلچسپ لڳندو هو ۽ اڄ به لڳي ٿو. جالان سمبان ٿان (روڊ) تان لنگهندي پيلانگي هوٽل وٽ عليءَ کي گاڏي روڪڻ لاءِ چيم، جو مون هن علائقي ۾ ڪلاڪ ڏيڍ چڪر هڻڻ چاهيو ٿي. ملاڪا شهر ۾ 10 سال کن رهڻ دوران آئون جڏهن به ڏينهن ٻه گهمڻ لاءِ ڪئالالمپور ايندو هوس ۽ پنهنجي ڪنهن ملئي يا پاڪستاني دوست کي هن وٽ رهڻ جي تڪليف نه ڏيندو هوس ته سستي ۽ بهتر رهائش لاءِ منهنجي لاءِ ٻه جايون هونديون هيون. هڪ پاڪستان مسجد وٽ K.L  انٽرنيشنل هوٽل، جيڪا پوءِ وقت سان گڏ وڌيڪ ٺاهه جوڙ ڪري مهانگي ٿيندي وئي. ان ڪري ڪڏهن ڪڏهن ان جي ڀر ۾ گيسٽ هائوس (مسافر خانن) ۾ رهڻ لڳس، جن جا مالڪ گهڻو ڪري چيني آهن. انهن مسافر خانن (Inns)  يا گيسٽ هائوسن جو ملئي نالو روُما تُمپنگان (Rumah Tumpangan)  آهي. اڄ به گهٽ بجيٽ تي سفر ڪرڻ وارا مڪاني ماڻهو توڙي يورپي رات گذارڻ لاءِ ”رُوما تمپنگان“ ۾ رهڻ پسند ڪن ٿا. هي هڪ قسم جا گهر ٿين جن جا ڪمرا مسواڙ تي ڏنا وڃن ٿا، جيئن سمجهو ته ڪراچي جي صدر واري علائقي ۾ خيبر ٽائپ هوٽلون آهن. پنهنجي خرچ تي ڪئالالمپور ۾ رهڻ لاءِ منهنجي لاءِ ٻئي نمبر تي بهترين جاءِ يعني ڪم خرچ بالا نشين،  Y.M.C.A  ڪلب هوندو هو، جيڪو اڃان تائين هن علائقي بِرڪ فيلڊس ۾ آهي. YMCA ۾ سَستي رهائش کان علاوه ڪار پارڪنگ جو به بندوبست هجڻ ڪري آئون پنهنجي ڪار کان بي فڪر رهندو هوس. ڪڏهن ڪڏهن ته ڪار اتي ئي ڇڏي بس يا ٽئڪسي ۾ شهر جي مختلف هنڌن تي هليو ويندو هوس. انگريزي اسٽائيل جي مانيءَ لاءِ جيتوڻيڪ YMCA  ۾ صاف سٿرو ۽ سستو بندوبست آهي، پر گيٽ جي ٻاهران ڪيتريون ئي سائوٿ انڊين جون ريسٽورنٽون آهن، جن تي پڪوڙا، بجيا، چپاتي ۽ ٻوڙ بريانيون، پنهنجي ملڪ جي ياد تازه ڪن ٿيون. هن علائقي ۾ شروع کان ڏکڻ هندستان جا ماڻهو رهن ٿا، ان ڪري هن علائقي کي مِني انڊيا به سڏين ٿا، جيئن سنگاپور جي سرنگون روڊ کي لِٽل انڊيا سڏين ٿا.

جيئن ڪلفٽن، ڪياماڙي، ناظم آباد وغيره ڪراچي جا ننڍا علائقا نه پر الڳ ٿلڳ ننڍا شهر (Towns)  بڻجي ويا آهن، تيئن ڪئالالمپور جو هي علائقو برڪ فيلڊس به آهي، جتي نه فقط انڊيا جي ڏاکڻي حصي جا تامل، مليالم، تيلگو ۽ ڪَنهڙ ڳالهائڻ وارا گهڻا رهن ٿا، پر سريلنڪا جا تامل هندو ۽ سنهالي ٻڌ ۽ انهن سڀني جا پنهنجا پنهنجا مندر ۽ اسڪول پڻ آهن. هن علائقي ۽ ڪئالالمپور جي ٻين علائقن چوڪٽ، ائمپنگ وغيره ۾ ائين فرق آهي، جيئن اسان وٽ چاڪيواڙه، محمد علي سوسائٽي ۽ پير الاهي بخش ڪالوني ۾ آهي. جتي ڪئالالمپور جا ٻيا علائقا گهڻي ڀاڱي ملئي يا چيني لڳن ٿا، اتي برڪ فيلڊس وڌيڪ انڊين ۽ سلوني (سريلنڪن) لڳي ٿو ۽ اسان پاڪستاني مسلمانن لاءِ جن انڊيا نه ڏٺي آهي ۽ يورپين لاءِ هي علائقو هڪ عجيب لڳي ٿو، جتي تامل عورتون گل ۽ گلن جا هار ٺاهيو پيون وڪڻن. جتي مندرن ۾ پرساد ڏيڻ لاءِ ناريل ۽ مٺايون هڪ طرف وڪامندي نظر اچن ٿيون ته مندر ۾ پيٽ اگهاڙو ڪري هلندڙ صحتمند ٻاوا ٻئي طرف نظر اچن ٿا. هن پاسي چوڌاري ”باجُو ڪرونگ“ ۾ ملئي عورتون يا مِني اسڪرٽن ۾ ٿلهين سٿرن واريون چيني ڇوڪريون گهٽ، پر تيز رنگن ۽ گوٽا ستارن وارين ساڙهين ۾ ملبوس سُڪل منهن تي هيڊ مکيل يا سينڌ جي وچ ۾ هيڊ ٻرڪيل سنهڙيون مدراسي ۽ بئنگلوري ڇوڪريون گهڻيون نظر اچن ٿيون. پانن ۽ سوپارين جا دڪان، اٽي، گيهه ۽ مسالي جا دڪان، مدراس جي ڪنهن گهٽيءَ جو ڏيک ڏين ٿا. آئون هن پاسي ان قسم جون شيون وٺڻ لاءِ به ايندو هوس. هتي ڪيترائي يورپي ٽوئرسٽ مندرن ۽ ماڻهن جا- خاص ڪري ساڙهين ۾ ملبوس ڇوڪرين جا فوٽا ڪڍندي نظر ايندا.

چون ٿا ته هي علائقو پهرين پهرين ڪئالالمپور شهر جي پنجين ۽ آخري ”ڪئپٽن چينا“ مسٽر يپ ڪوان سينگ ڊيولپ ڪيو. ڪئپٽن چينا بابت شروع جي مضمونن ۾ لکي چڪو آهيان ته ڪئالالمپور ۾ قَلعي (Tin) جي کاڻين ۾ ڪم ڪندڙ چين کان آيل هزارين مزورن کي ڪنٽرول ۾ رکڻ ۽ انهن جي رهائش ۽ ويلفيئر جو خيال رکڻ لاءِ هڪ ڏاڍو مڙس چيني ’ڪمدار‘ طور رکيو ويندو هو، جيڪو ڪئپٽن چينا سڏبو هو. هن ۾ ائڊمنسٽريشن صحيح رکڻ کان علاوه داداگيري ۽ تجارت ڪرڻ جون به خوبيون هونديون هيون. زالن بنا آيل ڇڙهن چيني مزورن جي وندر لاءِ هو اڪثر جوا خانا ۽ چڪلا پڻ هلائيندو هو. هي پنجون ۽ آخري ڪئپٽن چينا Yap Kwan Seng جيڪو 1889 کان سندس وفات (1902ع) تائين رهيو، سو وڏو سخي مرد ٿي گذريو آهي، جنهن نه رڳو ملايا (اڄ واري ويسٽ ملائيشيا) جي ماڻهن جي مدد ڪئي، پر هتي جا پوڙها چيني ٻڌائين ٿا ته انڊيا ۾ جڏهن ڏڪار آيو هو ته هن ڪئپٽن چينا پئسي ڏوڪڙن جي وڏي امداد ڪئي هئي. هن ڪئپٽن چينا جو تعليم ۾ وڏو يقين هو ته تعليم انسان کي خوشحالي جي منزل تي پهچائي ٿي. K.L ۾ جيڪو جهونو تعليمي ادارو ”وڪٽوريا انسٽيٽيوشن“ آهي، اهو هن ٺهرايو. سندس نالي سان ڪئالالمپور ۾ ”جالان يپ ڪوان سينگ“ روڊ پڻ آهي. هن ڪئپٽن چينا ٻين سخي ماڻهن سان ملي اڄ کان هڪ سؤ سالن کان به گهڻو اڳ ’تاءِ واهه‘ نالي پاپر اسپتال ۾ وارڊ ٺاهيو، جيڪا اسپتال اڄ جنرل هاسپٽل ڪئالالمپور سڏجي ٿي.

”يپ ڪوان سينگ“ چين جي ”چاڪ ڪائي“ ضلعي ۾ 1846ع ۾ ڄائو. هن جو واسطو هَڪا (Hakka)  چيني زبان ڳالهائڻ وارن سان هو. هو 18 سالن جو هو ته پنهنجو وطن ڇڏي روزگار لاءِ ملايا آيو ۽ سريمبان شهر جي قلعي جي کاڻين ۾ اچي مزوري ڪئي. هن لاءِ مشهور آهي ته هن سخت محنت ڪري نه فقط پئسو ڪمايو پر ان کي بچائي واپار ۾ لڳايو ۽ آخر ۾ هو هڪ وڏو واپاري، امير ماڻهو ۽ سلينگور رياست جي ليجسليٽو اسيمبلي جو ميمبر به ٿي رهيو. اهي قلعي (Tin)  جون کاڻيون جن ۾ هن مزور ٿي ڪم ڪرڻ جي شروعات ڪئي انهن جو هو مالڪ ٿي ويو. هن جي همعصرن مان ڪنهن وٽ به ايتريون کاڻيون نه هيون، جيتريون هن وٽ هيون. هن بابت پڙهيو اٿم ته هن وٽ 7 هزار مزور هئا، جن هن جي خريد ڪيل کاڻين تي ڪم ڪيو ٿي. کاڻين کان علاوه هو ٻين به ڪيترن گهرن، دڪانن ۽ ڌنڌن جو مالڪ هو. اوڻهين صدي جي آخر ۾ هن ڏٺو ته ڪئالالمپور بيحد تيزيءَ سان وڌي رهيو آهي، جنهن لاءِ گهرن جي ضرورت وڌي رهي آهي ۽ اهي گهر پٿرن بدران سرن جا مشهور ٿي رهيا آهن. ملائيشيا پهاڙي علائقو آهي، هن کي سرن ٺاهڻ لاءِ هن علائقي برڪ فيلڊس ۾ سٺي چيڪي مٽي نظر آئي. هن مزورن کي هتي رهائي سِرن ٺاهڻ لاءِ کورا ٺهرايا. ان تان هن علائقي جو نالو ئي بِرڪ فيلڊس پئجي ويو. پهرين، جن ڏينهن ۾ آئون هتي جي YMCA ۾ اچي رهندو هوس ته چوڌاري رستن جا نالا انگريز حاڪمن جي نالن تان ٻُڌي مون سمجهيو ته هي علائقو به ڪنهن انگريز مسٽر ’برڪس فيلڊ‘ جي نالي تان پيو آهي، پر پوءِ خبر پيئي ته هن علائقي جو نالو ۽ علائقو سٺين سرن لاءِ گهربل مٽي جي ميدانن (Fields)  کان مشهور ٿيو. جيئن هالا پاسي رانجهاڻي ڳوٺ جي کورن جون سرون سڄي سنڌ ۾ مشهور چيون وڃن ٿيون جو اتي سرن ٺاهڻ لاءِ بهترين قسم جي مٽي موجود آهي.

هي علائقو برڪ فيلڊس، نه فقط سرن کان پر، ملايا جي ريلوي کاتي ”ڪيريٽا آپي تناح ميلايو“ (KTM)  جي ڊپو کان به مشهور آهي، جيڪو گذريل ڏهاڪو سال اڳ تائين هتي هو، جيڪو هاڻ سينٽرل اسٽيشن ڏي شفٽ ڪيو ويو آهي. ملائيشيا ۾ توهان کي ريل گاڏين سان وابسته مٿيون لفظ ٻڌڻ ۾ ايندو ۽ ريل جي انجڻ ۽ دٻن تي به ان جو مخفف KTM ڏسڻ ۾ ايندو. ملائيشيا ۾ ريل گاڏيءَ کي آگ گاڏي سڏين ٿا. اسان وٽ به، اسان جڏهن ننڍا هئاسين ۽ اڃان ڊيزل يا پيٽرول جون انجڻيون مشهور نه ٿيون هيون ته ريل گاڏيون توڙي پاڻي جا جهاز ٻاڦ جي انجڻين تي هلندا هئا، جيڪا ٻاڦ بئالرن ۾ باهه ٻاري پاڻيءَ کي ٽهڪائي ٺاهي وئي ٿي. ان ظاهري طرح ٻرندڙ باهه (آگ) ڪري آگ گاڏي يا آگبوٽ (Steam boat) نالا پيا. ملئي زبان ۾ ڪار کي ڪيريٽا سڏين ٿا ۽ ريل گاڏيءَ کي ”ڪيريٽا آپي“ معنيٰ باهه تي هلندڙ ڪار سڏين ٿا. ”تناح ملايو“ معنيٰ ملئي ماڻهن جي ڌرتي يا ديس. جيئن اسان وٽ ’سنڌين‘ لاءِ سنڌي ماڻهو مشهور آهي، تيئن هتي ملئي ماڻهن کي ’اورانگ ملايو‘ سڏيو وڃي ٿو. اهڙي طرح تناح ملايو معنيٰ ملئي ماڻهن جو ملڪ (ملايا) ٿيو، يعني ”ملايا يا ملائيشيا جي ريلوي.“

انگريزن جڏهن ملايا ۾ ريلوي شروع ڪئي ته لائين وڇائڻ ۽ ريل هلائڻ جي ڪم لاءِ هو هندستان جا ماڻهو وٺي آيا، جن مان ڪيترن کي هتي ئي برڪ فيلڊس جي علائقي ۾ ريلوي ڊيپو جي ڀرسان رهائش لاءِ ڪوارٽر ٺاهي ڏنا ويا. انهن جهونن گهرن ۽ ڪوارٽرن مان اڄ به ڪيترا موجود آهن ۽ ان وقت کان انڊين هن علائقن ۾ رهندا اچن. اڄ اهو ڊپو، K.L سينٽرل شفٽ ڪيو ويو آهي، جيڪو پڻ هتان ويجهو آهي. بهرحال بِرڪ فيلڊس مان گذرندڙ رستي ”جالان سمبان ٿان“ تي اڄ به انگريزن جي ڏينهن جون ٺهيل جهونيون عمارتون نظر اچن ٿيون، جيئن ڪراچي ۾ لائيٽ هائوس (ڪي ايم سي آفيس) کان ٽاور تائين ڪالونيل دور جون ڪيتريون ئي عمارتون موجود آهن. هن ئي روڊ جي هڪ گهٽي ”جالان تُن سمبان ٿان چوٿين“ تي YMCA (ينگ مين ڪرسچن ايسوسيئيشن) جي عمارت آهي، جيڪا هوٽل طور پڻ استعمال ٿئي ٿي، جيئن اسان وٽ YMCA ۽ YWCA پڻ هاسٽل طور ڪم اچن ٿيون. هن روڊ تي اڳيان ”ويوا ڪاناندا آشرم“ آهي، جيڪو اوڻهين صدي جو ٺهيل آهي. ”جالان روزاريو“ تي انگريزن طرفان ريل جي کاتي ۾ ڪم ڪندڙن لاءِ جيڪي هڪ سؤ ڪوارٽر ٺهرايل هئا سي اڃا تائين ساڳي حالت ۾ آهن. جيتوڻيڪ اڳيان پويان گهڻ ماڙ عمارتون پڻ ٺهي ويون آهن. اڄ هن علائقي ۾ اها خاموشي ۽ ڳوٺاڻو ماحول نه رهيو آهي، جيڪو ڪجهه اسان وارن ڏينهن ۾ يعني اسي واري ڏهي ۾ هو. هي علائقو ”انڊين کاڌن“ (بلڪ صحيح لفظ ”ڏکڻ هندستاني کاڌن“) کان پڻ مشهور آهي. هتي جي ڪيترين ئي ريسٽورنٽن ۾ پليٽن بدران ڪيلي جي پن تي دال ڀت يا ڀت سان گڏ مڇيءَ جو ٻوڙ رکي ڏين ٿا. هتي جي ريسٽورنٽن ۾ مڇيءَ جي منڍيءَ جو ٻوڙ (Fish Head Curry)، ٿوسائي، اڊلي جهڙيون شيون ملن ٿيون، جيڪي ڏکڻ هندستان جي شهرن ۾ مشهور آهن.

برڪ فيلڊس ۾ ملائيشيا جي نابين ماڻهن جي ايسوسيئيشن The Malaysian Association of Blind پڻ آهي. اها جالان تيبنگ تي آهي، جنهن ۾ ڪيترائي نابين رهن ٿا. توهان اتان لنگهندائو ته آس پاس جي گهٽين ۾ اهي لٺ تي يا بنا لٺ تي هلندي چلندي نظر ايندا. هو هتي رهي رهي هن علائقي کان چڱي طرح واقف ٿي ويا آهن. سرڪار طرفان اتي رستن جي ڪپرن تي ريلنگ پڻ لڳل آهي، جيئن هو  ان جي سهاري حفاظت سان هلي سگهن. اوساڪا ۾ هڪ وڏي شاپنگ مال اڳيان پڻ ائين ڪيترن نابين جپانين کي هلندو چلندو ۽ بينچن تي ويهي هڪ ٻئي سان ڪچهري ڪندو ڏٺو اٿم. هو پنهنجن گهرن ۾ رهن، پر پوءِ جڏهن گهمڻ ڦرڻ يا ڪچهري ڪرڻ تي دل چاهين ته بس ۾ چڙهي ان اسٽاپ تي اچن. سالن کان هن هنڌ تي اچڻ ۽ هلڻ چلڻ ڪري هو هن علائقي کان چڱي طرح واقف ٿي ويا آهن. ڪراچي ۾ نيول هاسپٽل کان سن سيٽ بليورڊ (ڊفينس سوسائٽي) ڏي ويندي، هڪ هنڌ اٺ ڏهه کن ٽنگن کان معذور ماڻهو هٿ جي گاڏن ۾ ويٺل نظر ايندا آهن. هو اهڙن هنڌن تي پهچي خوش ٿين ٿا ته هنن جا ڏک سور ٻڌڻ لاءِ هنن جهڙا موجود آهن.

برڪ فيلڊس ۾ ”جالان برَهالا“ تي Temple of fine Arts  آهي، جتي سائوٿ انڊين ميوزڪ، ڊانس ۽ ٻيون آرٽ جون شيون سيکاريون وڃن ٿيون. اهو اسان جي ڏينهن ۾ 1981ع ۾ شروع ٿيو هو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي هن ثقافتي سوسائٽي جون شاخون جوهور بارو، ملاڪا ۽ پينانگ ۾ کلي ويون هيون. هن فائين آرٽس جي مندر ملڪ جا ڪيترائي فنڪار پيدا ڪيا آهن.

هن ”جالان بَرهالا“ تي ٻيا به ڪيترائي عبادت گهر آهن. هونءَ ملئي لفظ Berhala جي معنيٰ ئي مندر، درگاهه، عبادتگاهه آهي. ٻُڌن جو مها وِهارا مندر، هندن جو ارلمگو سري ويرا هنومان مندر ۽ سِري سڪٿي ڪرپا گا مندر هن ئي روڊ تي آهن. اتي ئي ڀر ۾ يهودين جو لُٿيرين چرچ آهي، جيڪو 1924ع جو ٺهيل آهي ۽ جالان ٿامبي پِلي تي چيني مندر آهي. ٿورو اڳيان ”جالان اسڪاٽ“ تي سري ڪانڊا سوامي مندر آهي، جيڪو سريلنڪا (سلون) جي تامل هندن جو آهي. هن مندر جي عمارت سازي ۽ رنگ روغن ڏسڻ لاءِ هر وقت ٽوئرسٽن جي پيهه رهي ٿي. هي مندر هڪ سؤ سالن کان به وڌيڪ پراڻو آهي. اهڙي طرح مهاوهارا ٻڌن وارو مندر سريلنڪا جي سنهالين جو آهي. ان مان توهان اندازو لڳائي سگهو ٿا ته سريلنڪا جي ماڻهن جو هتي ڪيڏو اونهو اثر رهيو آهي. ان کان علاوه ٻين مختلف مذهبن جا به مندر آهن، جيئن ته عيسائين جي هڪ فرقي جو هولي روزاري گرجا گهر جيڪو 1903ع ۾ ٺهيو، Our Lady of Fatima ۽ ٻيا گهڻا مندر ۽ گرجا گهر هن علائقي جي جالان سلطان عبدالصمد روڊ تي آهن. ”جالان سامبان ٿان ساتو“ رستي تي انڊين آرٿوڊڪس چرچ St.Mary Syrian Cathedral پڻ آهي. ان ڪري برڪ فيلڊس کي Divine Location به سڏين ٿا. بقول منهنجي هڪ مڪاني تامل ڪئپٽن دوست جي هن علائقي ۾ پهچي ماڻهو ڌرم جو سوچي ٿو. پر اهو به لکندو هلان ته هي علائقو شروع کان ڳاڙهين بازارين، مساج پارلرن کان به مشهور آهي تڏهن ته مٿين ڪئپٽين کي اسان جو ڪليگ پروفيسر ڪئپٽن مخدوم چوندو هو ته ”هتي پهچي ماڻهو ڌرم جو ته نه، پر عياشين جو سوچي ٿو.“

 ڪئپٽن مخدوم احمد حسين درٻيلي جو آهي. پاڻ مون سان گڏ ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو ۽ مئرين اڪيڊمي چٽگانگ ۾ پڙهڻ بعد، گڏ گڏ جهاز هلايا. ان بعد ملائيشا جي شهر ملاڪا ۾ هتي جي مئرين اڪيدمي ۾ پڙهايو. انهن ڏينهن جو احوال آئون پنهنجي سفر نامن ”مڪلي کان ملاڪا“ ”ڪئالالمپور ڪجهه ڪوهه“ ”ڳالهيون آهن ڳچ“ ۽ ”اوهريا جي عميق ڏي“ ۾ تفصيل سان ڏئي چڪو آهيان. برڪ فيلڊس ۾ جالان سلطان عبدالصمد تي هڪ مسجد آهي، جيڪا مدرسته الغوثيه سڏجي ٿي. هن ۾ سائوٿ انڊيا جا مسلمان نظر ايندا. هن مسجد ۾ جمعي ڏينهن خطبو تامل زبان ۾ ٿئي. هن علائقي بِرڪ فيلڊس جي هڪ ٻي نمايان ڳالهه اها آهي ته هتي تمام گهڻا تعليمي ادارا آهن. جيتوڻيڪ هي علائقو انڊيا، سريلنڪا ۽ چين کان آيل مزدورن ۽ پورهيتن جي رهائش لاءِ مقرر ڪيو ويو پر اتي رهندڙ ڪجهه امير سخي ماڻهن هتي جي غريبن لاءِ تعليم ۽ صحت جا خوب بندوبست ڪيا. اهي اسڪول اڄ به قائم آهن ۽ هنن غريبن جو اولاد پڙهي ڳڙهي وڏي منزل تي پهچي ويو. هن ملڪ جي ڪيترن انڊين سريلنڪن ۽ چيني ڊاڪٽرن، سرجري پروفيسرن کان سندن وڏن جو احوال پڇندو آهيان ته ڪيترن جي واتان اهو ئي ٻڌندو آهيان ته هن جو پيءُ يا ڏاڏو ريلوي ۾ مزودر هو، يا کاڻين ۾ ڪم ڪندو هو، يا بِرڪ فيلڊس ۾ ڪم ٿي ڪيو. افسوس رڳو اهو آهي ته اسان وٽ سنڌ ۾ ائين نه ٿي سگهيو آهي. غريب ۽ هارين جي اولاد جي تعليم لاءِ ته ڪنهن بندوبست نه ڪيو ،پر ڪيترن وڏن ماڻهن، پيرن ميرن، سردارن وڏيرن پنهنجي اولاد کي به ڪنهن خاص منزل تي نه پهچايو. اسان وٽ انهن ماڻهن پنهنجي هڙئون ڪي درسگاهه ته نه ٺهرايا پر سرڪاري ٺهيل اسڪولن کي به اوطاقون بنائي ڇڏيائون. نتيجي ۾ اسين سنڌي تعليم ۾ پٺتي رهجي وياسين. هاڻ مڙيئي ڪو  B. A يا  M .A ٿو ڪري ته ان جي ڪهڙي اهميت آهي. خاص شعبن؛ نيويگيشن، ايئرو انجنيئرنگ، سرجري ۽ اسپيشل سائنس ۾ دنيا جا ٻار Ph D پيا ڪن. اسان وٽ ٽوپي ۽ اجرڪ جو ڏهاڙو نچي ٽپي ملهائي، ان ڳالهه جو عزم ڪيو وڃي ٿو ته سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ پائينداسين، ڪاش اهو به عزم ڪيو وڃي ته تعليم عام ڪنداسين، امن امان قائم رکنداسين، غريب بيگناهه عورتن کي ڪاروڪاري جي بهاني قتل عام کان بچائينداسين، پنهنجي علائقي ۾ روڊ رستا ٺهرائينداسين، غريبن جي صحت لاءِ ڪوششون وٺنداسين. اسان جو سياستدان ڪيڏو چالاڪ ۽ خود غرض آهي ۽ اسان جو عوام تعليم نه هجڻ ڪري ڪيڏو نه سادو آهي ۽ هو نعري بازي ۾ ايڏو ته جذباتي ٿيو وڃي! هنن وٽ فقط ووٽ آهي اهو به هو اهڙن سياستدانن کي ڏيو ڇڏين، جيڪي پشت به پشت فقط پنهنجي سک ۽ عياشي جو سوچين ٿا ۽ جن کان ووٽ وٺن ٿا اهي هنن لاءِ جانورن کان به بدتر آهن.

هن علائقي بِرڪ فيلڊس جا ٽي هندو بيحد ناميارا ٿيا. ٽنهي جي وڏن جو واسطو سائوٿ انڊيا سان هو ۽ هنن تامل زبان ڳالهائي ٿي. محنت ڪري نه فقط هو پاڻ امير ٿيا پر سندن سخاوت هن ملڪ ۽ هن ملڪ جي ماڻهن کي به فائدو رسايو. توهان جي ڪڏهن هتي ملائيشا ۾ نوڪري يا پي ايڇ ڊي وغيره لاءِ وڏو عرصو رهڻ آيا آهيو ته واندڪائيءَ ۾ نه فقط هن علائقي بِرڪ فيلڊس جو سير ڪجو پر هتي جي ماڻهن سان ملي انهن کان سندن ۽ سندن وڏن جون ڪهاڻيون به ضرور معلوم ڪجو. مٿي جن ٽن شخصيتن جو لکيو اٿم اهي هي آهن:

آنندا ڪرشن؛ جيڪو اسان کان پنج ڇهه سال وڏو آهي ۽ هن وقت ستر سالن جو ٿيندو. پاڻ برڪ فيلڊس ۾ ننڍو ٿي وڏو ٿيو. هتي جي ويويڪانندا تامل اسڪول مان پڙهيو ۽ هو ايڏو وڏو بزنس مئن ٿيو جو اڄ  Forbes مئگزين مطابق ڏکڻ اوڀر ايشيا جو ٽيون نمبر امير ترين ماڻهو آهي. هن مٿين تامل اسڪول مان پڙهڻ بعد وڪٽوريا انسٽيٽيوشن مان تعليم حاصل ڪئي، جنهن لاءِ لکي چڪو آهيان ته اها ڪئالالمپور جي آخري ڪئپٽن چينا ”مسٽر يپ ڪوان سينگ“ ٺهرائي. بهرحال بعد ۾ هن، يعني آنندا ڪرشن آسٽريليا مان بي اي پوليٽيڪل سائنس ۾ ۽ ماسٽرس بزنس ائڊمنسٽريشن ۾ هارورڊ يونيورسٽي مان ڪئي. ملائيشيا ۽ دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ هن جو بزنس آهي. ملائيشا جي مختلف شهرن ۾ جيڪي  Astro ڊش ذريعي اسان پاڪستان ۽ ٻين ملڪن جا چئنل ڏسون ٿا اها ڪمپني پڻ آنندا ڪرشن جي آهي. ڪئالالمپور جي يونيورسٽين ۾ تعليم وٺندڙ اسان جي پاڪستاني شاگردن کي منهنجي اها صلاح آهي ته هو ڪنهن ڏينهن وقت ڪڍي هن شخص سان ضرور ملن ۽ کانئس سندس زندگيءَ ۾ ڪيل محنت ۽ جدوجهد جو احوال وٺن. هو اڃان حيات آهي ۽ اسان جا شاگرد گروپ جي شڪل ۾ هن سان ملڻ لاءِ چوندا ته هو ضرور وقت ڪڍي وٺندو.

بيستيان پلائي پال نڪولاس؛ ڪئالالمپور جي هن علائقي برڪ فيلڊس جي هڪ ٻي اهم شخصيت بيستيان پلائي پال نڪولاس آهي جڪو  B.P. Nicholas به سڏجي ٿو. سريلنڪا کان آيل هي شخص هاڻ گذاري چڪو آهي. پاڻ اورينٽل بئنڪ آف ملايا جو  Founder هو. هن بنيادي تعليم برڪ فيلڊس مان وٺڻ بعد وڌيڪ تعليم سنگاپور مان ورتي. پاڻ فائننس ۽ بئنڪنگ ۾ نالو ڪڍيائين.

تانسري ڊاڪٽر ديوڪي ڪرشنن؛ هن علائقي جي ٽين اهم شخصيت تانسري ڊاڪٽر ديوڪي ڪرشنن آهي، تان سري هن ملڪ جي اعليٰ خطابن مان آهي جيڪو هن ملڪ جو بادشاهه انهن اهم ماڻهن کي ڏيندو آهي جيڪي هن ملڪ لاءِ ڪي خاص خدمتون سرانجام ڏين ۽ جن مان عوام کي فائدو رسي. پاڻ ملائيشا جي سياسي پارٽي ايم آءِ سي (ملائيشين انڊين ڪانگريس) جي لائيف ميمبر آهي. پاڻ ڪئالالمپور جي ميونسپل ڪائونسل جي پهرين ميمبر عورت آهي. هن جو مڙس پي ڪرشنن بزنس مئن هو جيڪو 1998 ۾ گذاري ويو. کين ٽي ٻار آهن.

باب ايڪيتاليهون

ملائيشيا جو ماضي ۽ حال

ڪئالالمپور جي ڏاکڻي علائقي برڪ فيلڊس جي ڪجهه اهم هندو، چيني ۽ ٻُڌ مندرن جون تصويرون ڪڍڻ ۽ اتي هڪ سائوٿ انڊين ريسٽورنٽ ۾ ڪيلي جي پن تي دال ۽ آچار سان ڀت کائي، اسان ڀرواري ريلوي اسٽيشن ”ڪي. ايل، سينٽرل“ تي آياسين، جتي عليءَ جا ڪجهه مهمان چين کان پهتا هئا، جن سان هن جو بزنيس آهي. علي ملائيشيا جي مختلف اسپتالن ۽ ڊاڪٽرن کي ڊاڪٽري اوزار ۽ سرجيڪل ٽولز سپلاءِ ڪري ٿو، جيڪي هو پاڪستان جي شهر سيالڪوٽ، آسٽريليا ۽ چين مان امپورٽ ڪري ٿو. چيني مهمانن کي هوٽل ڀيڙو ڪري عليءَ مون کان پروگرام جو پڇيو.

”بس توهان ئي ٻڌايو ته ڪئالالمپور جا هي ڪجهه ڪلاڪ ڪيئن گذارجن“ مون چيو. ڪئالالمپور بلڪ ملائيشيا ۾ منهنجي اها آخري شام هئي. رات جو يارهين وڳي واري اڏام ۾ مون کي اوساڪا وڃڻو هو ۽ پروگرام اهو ئي ٺهيو هو ته منهنجو ميزبان غلام علي سولنگي مون کي ٽي ڪلاڪ کن اڳ سامان سميت ڪي ايل سينٽرل ريلوي اسٽيشن تي ڇڏي ايندو. ملائيشيا ان معاملي ۾ به نرالو ملڪ آهي، جتي ايئرپورٽ تي پهچڻ کان اڳ توهان ريلوي اسٽيشن تي سامان ۽ ٽڪيٽ ڏئي ”چيڪ ان“ ڪري سگهو ٿا ۽ هوائي جهاز ۾ وهڻ لاءِ توهان جي سيٽ نمبر ۽ نالي جو بورڊنگ ڪارڊ توهان کي هن ريلوي اسٽيشن (K.L Sentral)  تان ملي سگهي ٿو ۽ توهان جڏهن ايئرپورٽ تي پهچو ٿا ته هٿين خالي ۽ آجا تاجا آهيو. نه ته ٻي صورت ۾ وري ٽرين مان سامان لهرائي ٽرالي تي يا ڪوليءَ ذريعي هوائي اڏام واري دريءَ تي پهچڻو پوي ٿو، جيڪا اڃا کليل ناهي يا مسافرن جي ڊگهي قطار ٿي وئي آهي. سو بهرحال ڪئالالمپور ۾ ان معاملي ۾ هڪ مسافر انهن ڳالهين کان بي فڪر ٿي ايئرپورٽ تي پهچي ٿو. پر جيڪڏهن ڪو چاهي ته هو K.L سينٽرل اسٽيشن بدران سڌو ايئرپورٽ تي به اچي سگهي ٿو. ظاهر آهي ملاڪا، سريمبان ۽ شاهه عالم پاسي جا ماڻهو سينٽرل اسٽيشن لاءِ ڪئالالمپور ڇو وڃن. ايئرپورٽ هنن کي ڪئالالمپور شهر کان گهٽ ۾ گهٽ 30 ڪلو ميٽر ويجهو پوي ٿو. سو هي سلسلو جتي توهان هوائي اڏي بدران ريلوي اسٽيشن تي پنهنجي اڏام جي ٽڪيٽ ڏيکاري سامان ڏئي سگهو ٿا ۽ هوائي جهاز ۾ ويهڻ جو بورڊنگ ڪارڊ حاصل ڪري سگهو ٿا، مون فقط ملائيشيا ۾ ڏٺو آهي. ان سان ملندڙ جلندڙ سئيڊن جي شهر مالمو ۾ آهي، جتان مون پنهنجي سبجيڪٽ مئرين انجنيئرنگ ۾ وڌيڪ تعليم حاصل ڪئي. جڏهن ڪراچي اچبو هو ته ٽڪيٽ ۽ سامان مالمو جي فيري اسٽيشن تي ڏبو هو، جتان فيري بالٽڪ سمنڊ جو حصو لتاڙي ڊئنمارڪ جي بندرگاهه ۽ گادي واري شهر ڪوپن هيگن ۾ اچيو ڇڏي، جتان بس ايئرپورٽ تي پهچائي ٿي ۽ جهاز ۾ چڙهجي ٿو. بهرحال هتي به اسان سامان گهلڻ کان بچيل هوندا هئاسين. سئيڊن جي شهر مالمو ۾ لانچ واري کي سامان ڏبو هو، هو اسان کي سامان جي رسيد ۽ جهاز جي سيٽ جو بورڊنگ ڪارڊ ڏيندو هو. اسان هٿين خالي ڪوپن هيگن جي ايئرپورٽ تان هوائي جهاز ۾ چڙهندا هئاسين ۽ ٻارهن ڪلاڪن بعد ڪراچي پهچندا هئاسين ته سامان اتي منتظر ملندو هو.

”سائين ٽي چار ڪلاڪ آهن،“ عليءَ چيو، ”هلو ته توهان جي ڳوٺائي ڊاڪٽر لياقت ميمڻ جي گهر هلون. توهان جي اچڻ جو ٻڌي هن مون کي توهان سان ملڻ لاءِ چيو هو.“

”اها به ڳالهه صحيح آهي“ مون چيو، ”لياقت کي ته نه پر سندس والد ۽ ٻين وڏن کي ضرور سڃاڻندس، جيڪي منهنجا هم عمر هوندا.“

عليءَ لياقت کي فون ڪيو ته هو گهر ئي موجود هو ۽ اسان منڊارن هوٽل وٽان جالان (شاهراهه) مها راجا ليلا وٺي جالان سيد پترا تي آياسين، جتان پوءِ وڌيڪ ڏکڻ طرف وڃڻ لاءِ جالان ڪلانگ لاما تي چڙهياسين. جالان ڪلانگ لاما وڌيڪ اڳيان ڪلانگ شهر ۽ ڪلانگ بندرگاهه کان وڃيو نڪري. ڪئالالمپور شهر ملاڪا، پينانگ يا جوهور بارو وانگر سمنڊ جي ڪناري تي بندرگاهه ناهي. ڪئالالمپور ٻن ندين سنگائي ڪلانگ ۽ سنگائي گومباڪ جي سنگم تي آهي. پر اهو آهي ته ڪئالالمپور کان ”ملاڪا ڳچي سمنڊ“ (Malacca Straits)  ڪو پري ناهي. بس اهو اڌ ڪلاڪ اندر ڪلانگ بندرگاهه کان وڃيو نڪرجي، جتي مٿيون ڪئالالمپور واريون ٻه نديون، هڪ سنگائي ڪلانگ بڻجي ڇوڙ ٿي ڪري. 69-1968ع کان جڏهن اسان هن سمنڊ ”ملاڪا ڳچي سمنڊ“ مان لنگهڻ شروع ڪيو ته ڪئالالمپور  ۾ ڪم لاءِ جهاز کي پورٽ ڪلانگ ۾ اچي لنگر انداز ڪندا هئاسين، جيڪو شروع وارن سالن ۾ انگريز حاڪم نالي پورٽ سئيٽنهام سڏبو هو. بعد ۾ ٻين انگريز حاڪمن جي نالن سان گڏ هن بندرگاهه جو نالو به بدلائي مڪاني نالو پورٽ ڪلانگ رکيو ويو. بهرحال هن جالان ڪلانگ لاما تان منهنجو تڏهن کان اچڻ وڃڻ لڳو رهيو جڏهن اسان جو جهاز پورٽ ڪلانگ ۾ ايندو هو، جتان پوءِ بس يا ٽئڪسي ذريعي ڪئالالمپور شهر ايندا هئاسين. هي روڊ ائين هوندو هو، جيئن پورٽ قاسم کان ڪراچي اچجي. انهن ڏينهن ۾ هي روڊ ويران هوندو هو، پاسن کان جهنگ، پوکون ۽ جهونا ڊٺل ڪارخانا هئا. 1991ع ۾ جڏهن ملائيشيا جي نوڪري ختم ڪري موٽيس ٿي ته به هن روڊ جا اهي حال هئا. پورٽ قاسم ڪري گلشن حديد، قائدآباد وغيره جهڙيون آباديون وڌي شهر ٿي ويا. هيڏانهن ملائيشيا ۾ ته گذريل ٽن ڏهائين کان ترقي جي رفتار ايڏي تيز رهي آهي، جو يورپ جا به ڪيترا ملڪ ساڻس مقابلو نه ڪري سگهن. جالان ڪلانگ لاما جي ٻنهي ڪپرن تي تمن بُڪت ديسا، پتالنگ لاما، تمن شنگهائي، تمن ڪانٽينٽل، تمن گڊوڊ، تمن بڪت انڊا جهڙيون بستيون اسان جي ڪلفٽن ۽ ڊفينس کان به سهڻيون ٿي پيون آهن، جن ۾ هر جديد سهوليت آهي، نه ته 1970ع تائين به ڪئالالمپور کان اسان جو ڪراچي ته ڇا حيدرآباد ۽ سکر به وڌيڪ صاف سٿرو ۽ ماڊرن هو. ايتري قدر جو شادي بعد 1971ع کان جڏهن منهنجي زال به مون سان گڏ جهاز تي سفر شروع ڪيو ته هن کي جپان ته ماڊرن ضرور لڳو پر ڪوريا ۽ ملائيشيا جهڙن ملڪن کان ڪراچي، لاهور ۽ حيدرآباد سٺو لڳو ۽ سنگاپور کان ملائيشيا اچبو هو ته هتي جي ماڻهن سان هن کي همدردي ٿيندي هئي ته ملائيشيا جي شهرن ۾ نه گهڻا تعليمي ادارا آهن نه ميڊيڪل سهولتون يا هائجينڪ ڪنڊيشن. ڊاڪٽري، انجنيئري ويندي مرچنٽ نيوي جي ٽريننگ لاءِ ملائيشيا جا نوجوان آسٽريليا، انڊيا يا اسان جي ملڪ ۾ ايندا هئا. 1970ع تائين هنن وٽ شپنگ ڪمپني يا بين الاقوامي معيار جي هوائي ڪمپني نه  هئي؟ ڪئالالمپور جي هوائي اڏي کان ته اسان جو ڪراچيءَ وارو بهتر هو. پوءِ هنن جو سبانگ جايا ۾ سهڻو هوائي اڏو ٺهيو ۽ هاڻ وارو ته الائي ڇا اٿن. اهڙي طرح هو هر فيلڊ ۽ اداري ۾ ترقي ڪندا ويا. آهستي آهستي جيڪي ڪاليج کليا، اهي يونيورسٽيون ٿي ويون. اڄ اسان جي ملڪ جا ماڻهو ملائيشيا ۾ تعليم وٺڻ اچن ٿا. عرب ۽ آفريڪا جي ملڪن جا شاگرد اعليٰ تعليم لاءِ يورپ يا آمريڪا بدران ملائيشيا اچن ٿا. ايمانداري، محنت ۽ حب الوطني جي جذبن ڪري ملائيشيا ڪٿان کان ڪٿان وڃي نڪتو آهي. اڄ دنيا جا ماڻهو نه فقط تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ پر ميڊيڪل لاءِ، گهمڻ لاءِ، ويندي روزگار ڪمائڻ لاءِ ملائيشيا جو رخ رکن ٿا.

گذريل ڏهاڪو سالن کان آئون ڏسي رهيو آهيان ۽ مون کي خوشي به ٿئي ٿي ته اسان جي ملڪ جي ڪيترين ئي انجنيئرنگ ۽ ميڊيڪل يونيورسٽين جا گريجوئيٽ وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ، خاص ڪري. Ph.D. (ڊاڪٽوريٽ) لاءِ هتي جي يونيورسٽين ۾ اچن ٿا. کين ان تعليم ۽ رهائش لاءِ پاڪستان يا ملائيشيا حڪومت خرچ پکو ڏئي ٿي. ڪو زمانو هو سٺ ۽ ستر واري ڏهي ۾ جڏهن اسان جا جهاز انگلينڊ جي بندرگاهه ۾ ويندا هئا ته اتي پاڪستاني شاگرد نظر ايندا هئا ۽ هاڻ هتي ملائيشيا ۾ نظر اچن ٿا. فرق فقط اهو آهي ته انگلينڊ يا يورپ جو ماحول اهڙو آهي جتي هڪ نوجوان جو خرابين ڏي مايل ٿيڻ جي Tendency  وڌيڪ آهي. ان مقابلي ۾ اسان جي ملڪ جي ماڻهن لاءِ ملائيشيا جو ماحول بهتر آهي ۽ والدين هيڏانهن ٻار موڪلي وڌيڪ سڪون محسوس ڪن ٿا. ڪيترا شاگرد ته ننڍي عمر جا به نظر اچن ٿا، جيڪي پاڪستان مان انٽر ڪري آيا آهن ۽ پنهنجي خرچ تي پڙهي رهيا آهن. بهرحال ملائيشيا ۾ امن امان جي بهتر حالت آهي ۽ اهو گند ناهي جيڪو يورپ جي شهري زندگيءَ ۾ آهي.

ڊاڪٽر لياقت جنهن وٽ اسان جو ميزبان حاجي غلام علي سولنگي وٺي پئي هليو يونيورسٽي ملايا مان انجنيئرنگ جي سبجيڪٽ "Alternate Fuels"  ۾ Ph.D.  ڪري رهيو آهي ۽ جالان ڪلانگ لاما تي سري سنتوسا نالي علائقي ۾ رهي ٿو.

باب ٻائيتاليهون

ڳوٺ جي شاگردن سان ملاقات

ڪئالالمپور جي جالان ڪلانگ لاما تي ”سري سنتوسا“ علائقي ۾ پهچي، عليءَ ڊاڪٽر لياقت کي فون ڪيو ته اسان تنهنجي رهائش وٽ پهچڻ وارا آهيون، هيٺ لهي اچ.

”ڇو ڀلا هن جي فلئٽ جي نمبر جي خبر نه اٿانو ڇا؟“ مون عليءَ کان پڇيو.

”خبر آهي پر سڪيورٽي وارا بنا فلئٽ واري جي اسان کي ڪار به پارڪ ڪرڻ نه ڏيندا.“ عليءَ ٻڌايو.

 هن کان اڳ دل جي ڊاڪٽر شڪيل ميمڻ جي فلئٽ تي هن سان ملڻ وقت مون سمجهيو ته اهڙي سيڪيورٽي شڪيل وارن جي بلڊنگ سان ان ڪري آهي جو اها وچ شهر جالان منشي عبدالله (روڊ) تي آهي پر لڳي ٿو ته اهو سلسلو سڄي ملائيشيا ۾ آهي. ڊاڪٽر شفيع نظاماڻي به جي پاڻ مسجد ۾ ئي نه ملي ها ته هن جي فلئٽ تي به اسان کي ائين نه ڇڏين ها. ڪئالالمپور جي هڪ ملئي پوليس آفيسر دوست کان ٻه ٽي ڏينهن اڳ ان بابت پڇيو هوم ”توهان وٽ ته وزيراعلى، گورنرن ۽ سياستدانن جا گهر توڙي آفيسون عام ۽ خاص لاءِ هر وقت کليل هونديون هيون، هاڻ توهان کي ڇا ٿي ويو آهي؟“

”يار وقت سان گڏ هلڻو پوي ٿو.“ هن وراڻيو.

”وقت سان گڏ؟“ مون حيرت مان پڇيو ۽ وري مون ئي کيس جواب ڏنو، ”يار تون ته ماڪوڙيءَ واري ڳالهه پيو ڪرين.“

آئون جڏهن ملائيشيا ۾ رهندو هوس ته هن هڪ دفعو ماڪوڙي ۽ هاٿيءَ جو چرچو ٻڌايو هو ته ڪنهن نالي کي ٽِپڻ لاءِ ڪاٺ جي جهڙي تهڙي پل ٺهيل هئي. هڪ هاٿي ان تي سنڀالي سنڀالي قدم رکي ٽپي رهيو هو ته ان وقت ڪا ماڪوڙي به ان پل تان لنگهي رهي هئي. جڏهن ٻنهي ڄڻن پل ڪراس ڪئي ته ماڪوڙيءَ چيو ته شڪر آهي جو اسان ٻن جي وزن سان هيءَ پل ٽٽي نه پئي. سو مون پنهنجي دوست کي چيو ته بم اسان جي ملڪن ۾ پيا ڦاٽن، دهشتگرد اسان جي ملڪ ۾ ۽ چڪاس ۽ تپاس جي سختي توهان وٽ؟

”ان ڪري جو توهان وٽ ته هر وقت بم ڦاٽڻ ڪا نئين ڳالهه نه آهي، پر اسان جي ملڪ ۾ ڪو د هشتگرد گهڙي آيو ۽ ڪو بم ڦاٽو ته سڄو ملڪ ڊانوانڊول ٿي ويندو. ٽوئرسٽ توڙي اسان جي ملڪ ۾ ناڻو لڳائيندڙ ڇرڪجي ويندا. سو ان جي بچاءَ لاءِ اسان کي سخت تدبيرون وٺڻ کپن.“ هن چيو.

بهرحال جيسين لياقت لهي، اسان ان ئي وقت پهچي وياسين ۽ مين گيٽ تي ٺهيل گارڊ روم ۾ اطلاع ڪيوسين. انهن لياقت کي فون ٿي ڪيو ته اتي هو پاڻ به پهچي ويو. ڪار جي اليڪٽرونڪ چڪاس ڪرائي هن اسانجي ڪار کي اندر پارڪ ڪيو ۽ اسان کي ٻئي فلور تي پنهنجي فلئٽ ۾ وٺي آيو. ڀر واري فلئٽ ۾ چيني هئا جو هنن جي در ٻاهران ننڍڙي تابوت جهڙو مندر ڀت ۾ کتل هو ۽ پنهنجن ديوتائن کي خوش ڪرڻ لاءِ ٻرندڙ اگربتين جي ڀر ۾ چار پنج صوف پڻ رکيل هئا. لياقت جي گهر جو در ان جي ويجهو هجڻ ڪري ائين نٿي لڳو ته هيءَ ننڍڙي Shrine ڪهڙي گهر جي آهي. عليءَ چرچي خاطر يڪدم لياقت کي چيو ته هي وري ڪڏهن کان ڪم شروع ڪيا اٿئي.

 لياقت کي چيم ته هن ملڪ ۾ مختلف مذهبن جا ماڻهو سڪون ۽ ميٺ محبت ۾ رهندا نظر اچن ٿا. عليءَ کي اهو به چيم ته چيني ماڻهو هونءَ ڪنجوس آهن پر پنهنجن ديوتائن کي هميشه اوچو مال آفر ڪندا. (ياد رهي ته ملائيشيا ۾ انناس، پپيو، ليچي وغيره سستا ميوا آهن. سڀ کان مهانگو ميوو صوف آهي جيڪو ميوو ٻاهرين ملڪن مان امپورٽ ٿئي ٿو جو صوف ٿڌي ملڪ جو ميوو آهي ۽ ملائيشيا ۾ سال جو هڪ ڏينهن به سيءُ نٿو ٿئي.

لياقت سان ملاقات تي معلوم ٿيو ته هو اسان جي ڳوٺ جي حاجي الله ورايو ميمڻ صاحب جو فرزند آهي. سندس مامو محمد اسماعيل ڀرڳڙي اسان جي هالا واري اسڪول جو هڪ اهم شاگرد ٿي گذريو آهي. هو ان ئي اسڪول جو هيڊ ماستر به ٿي رهيو. هو اسان کان ٽي چار سال سينئر هو. ٿلهي هجڻ ۽ چرچن ڀوڳن ۽ حاظر جوابي ۾ ماهر هجڻ ڪري ماڻهن مٿس انهن ڏينهن جي مشهور چرچائي ۽ دلپسند اداڪار جو نالو ”گوپ“ رکيو ۽ اسان اڄ به کيس گوپ جي حوالي سان سڃاڻون ٿا. مون کي ياد آهي ته 1955ع ۾ جڏهن اسين پنجين ڪلاس ۾ پڙهندا هئاسين ته سائين غلام رضا ڀٽو صاحب هيڊ ماستر جي ڏينهن ۾ هن اسڪول ۾ ڊرامو ٿيو هو، ان ۾ اسماعيل گوپ جي اداڪاري اڄ به نٿي وسري. ان ڊرامي جون تصويرون آئون اڄ تائين سانڍيندو اچان. ٿي سگهي ٿو اخبار يا ڪتاب جنهن ۾ منهنجو هي سفرنامو ڇپجي، ان ۾ انهن تصويرن جي ڇپجڻ جي گنجائش نڪري اچي ۽ پڙهندڙ اڌ صدي کان جهوني هن ڊرامي جي معيار ۽ ادائگي جو اندازو لڳائي سگهن.

اسان جي اچڻ جو ٻڌي لياقت اوسي پاسي ۾ رهندڙ ٻين دوستن کي به گهرايو جن مان هڪ ته سڪرنڊ پاسي جي هڪ ڳوٺ بکر جمالي جو ڊاڪٽر (ميڊيڪل وارو) زينت الله جمالي هو جنهن 1999ع ۾ ڪراچي جي سنڌ ميڊيڪل ڪاليج مان MBBS ڪئي. اڄڪلهه هو يونيورسٽي ملايا ۾ Ph.D ڪري رهيو آهي. پاڻ نوابشاهه جي قائدِعوام يونيورسٽي جي پروفيسر عزيز الله جمالي صاحب جو فرزند آهي.

ان کان علاوه ٻيو سانگهڙ ضلعي جي ڳوٺ سرهاري جو عامر اقبال عمراڻي هو. 25 سالن جو عامر قائدِ عوام يونيورسٽي مان انفارميشن ٽيڪنالاجي ۾ بيچلر جي ڊگري BS (IT) حاصل ڪرڻ بعد سندس هڪ دوست عرفان ميمڻ جيڪو ”جوهوربارو“ جي UTM يونيورسٽي ۾ پڙهي رهيو هو، ان جي شوق ڏيارڻ تي پنهنجي خرچ تي جوهور بارو پڙهڻ ويو جتي سال کن رهيو، جيسين سندس دوست عرفان هو. عرفان ميمڻ تعليم مڪمل ڪرڻ بعد جيئن ئي پاڪستان روانو ٿيو ته عامر باقي تعليم جو حصو هتي ڪئالالمپور جي UTM ۾ مڪمل ڪرڻ لاءِ هليو آيو آهي. هو MBA ڪري رهيو آهي ۽ سندس خاص سبجيڪٽ فائننس يا ڪميونيڪيشن بدران “Core” آهي. هي هڪ نئون سبجيڪٽ آهي جيڪو انهيءَ يونيورسٽي ۾ شروع ڪيو  ويو آهي.

عامر اقبال عمراڻي جو ڳوٺ، نوابشاهه پاسي سرهاري آهي. جتي ننڍپڻ ۾ منهنجو به ڪيترائي دفعا وڃڻ ٿيو، جڏهن آئون ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ پڙهندو هوس. سرهاري جا ٻه ڀائر امام شاهه (حاجن شاهه) ۽ سيف الله شاهه منهنجا ڪلاس ميٽ هئا ۽ سندن والد پير صدر الدين شاهه راشدي منهنجي والد جو دوست هو، سو موڪلن ۾ اسان هڪ ٻئي جي ڳوٺن ۾ ايندا رهندا هئاسين. عامر جو ڏاڏو ميان احمد خان عمراڻي جنهن جو 1996ع ۾ انتقال ٿي ويو، اسان کان ڏهاڪو کن سال وڏو هو. هو حڪمت کان پنهنجي تر جي مشهور شخصيت ٿي گذريو آهي. پاڻ سعيد آباد جي جهنڊي وارن پيرن (پير وحب الله شاهه وارن) جا مريد ۽ مولانا عبيد الله سنڌي جو شاگرد هو. کيس ٻه پٽ هئا. هڪ محمد رفيق، جيڪو اڄڪلهه زمينداري ڪري ٿو ۽ ٻيو محمد اقبال عمراڻي (عامر جو والد) ڪراچيءَ ۾ نئشنل بئنڪ آف پاڪستان جي سائوٿ ريجن جو جنرل مئنيجر آپريشن آهي. پاڻ بنيادي تعليم سرهاري ۽ نوابشاهه مان حاصل ڪرڻ بعد سنڌ يونيورسٽي مان MA انگريزي ۾ ڪئي ۽ 1985ع کان بئنڪنگ ۾ آهي. کيس ٽي ٻار آهن. هي عامر سندن وڏو پٽ آهي ان بعد ٻه ٻار (ياسر ۽ قرت العين) آهن.

لياقت جنهن جي گهر اچي گڏ ٿيا هئاسين تنهن مانيءَ لاءِ زور ڀريو. نيٺ اسان جي چوڻ تي چانهه تي راضي ٿيو. ان هوندي به پنهنجي زال کي موڪلي ڪجهه ڪيڪ بسڪٽ گهرايا. عليءَ ٻڌايس ته ”اسان ماني کائي آيا آهيون تو اجائي تڪليف ڪئي.“

”مون لاءِ ڪا تڪليف جي ڳالهه ناهي. توهان کي ته خبر آهي ته آئون چيني ماڻهن جو پاڙيسري آهيان، ايمرجنسي ۾ به مهمانن لاءِ بهترين صوف حاضر ٿي سگهن ٿا.“ لياقت چيو ۽ اسان سندس چرچو سمجهي کلڻ لڳاسين. ڊاڪٽر لياقت ۽ سندس فئملي هن کان اڳ به ملائيشيا ۾ رهي ويا آهن، جڏهن هو سال 2004ع کان 2007ع تائين Energy Conservation سبجيڪٽ تي انجنيئرنگ ۾ ماسٽرس ڪرڻ لاءِ ڪئالالمپور آيو هو. سندس ٻار تڏهن به ۽ هينئر به، هتي جي اسڪولن ۾ پڙهي رهيا آهن. سندس زال شهنيلا پڻ اسان جي ڳوٺ جي هم عمر عزيز الله ميمڻ جي ڌيءَ آهي جيڪا ننڍي هوندي منهنجي ڀاڻيجيءَ شفق قاضي جي ڪلاس ميٽ رهي آهي، سو ان جون خبرون پڇندي رهي.

لياقت پنهنجو ملائيشيا جي تعليمي ادارن ۾ رهڻ جو تجربو ٻڌائيندي چيو ته ملئي ماڻهن کي کائڻ پيئڻ جو ڏاڍو فڪر رهي ٿو. هر وقت بس چوڳو لڳو رهي ٿو. ڪيترا ته نيرن به آفيس ۾ اتي جي ڪئنٽين يا ٻاهر بيٺل ريڙهي واري کان ”ناسي ليماڪ“ يا ”روٽي چنائي“ وٺي کائين. دعوتن جو وڏو شوق اٿن ۽ روزانو ان تي صلاح مشورو پيو هلندو ته لنچ ڪٿي کائجي ڊنر ڪٿي کائجي...

مون کي لياقت جي ملئي ماڻهن بابت اها Observation بلڪل صحيح لڳي ۽ سندس ڳالهائڻ جي چرچائي انداز تان سندس مامو محمد اسماعيل ڀرڳڙي (گوپ) ياد اچي ويو.

”باقي هڪ ڳالهه آهي“، ڊاڪٽر لياقت چيو، ”ملئي جيڪي سنڌ جي ڳوٺاڻن وانگر سست هئا، اهي هاڻ انگريزن وانگر سمارٽ ٿيندا وڃن. شاگرد توڙي آفيسر پنهنجن ڪاليجن، يونيورسٽين ۽ آفيسن  ۾ پوري وقت تي پهچيو وڃن. اسان وٽ سرڪاري آفيسن ۾ ته صبح جو اچڻ جو ٽائيم اٺ هوندو ته ڏهين يارهين کان اڳ ته پهچندا ئي ڪو نه.“ اهو چئي لياقت ٽهڪ ڏنو. اسان جي پڇڻ تي ٻڌايائين:

”ڪنهن پڇيو ته آمريڪا وارا Twin Towers جيڪڏهن پاڪستان ۾ ڪرن ها ته ڪيترا ماڻهو مرن ها؟“

”جواب مليس ته آمريڪا ۾ ته 5000 کن ماڻهو مري ويا پر پاڪستان ۾ هڪ به نه.“

”ڇو ڀلا؟“

”ان ڪري جو اهو صبح جو ساڍي نائين بجي ڌاري حادثو ٿيو هو . پاڪستان ۾ ان وقت تائين ڪير ٿو آفيس اچي، جو بلڊنگ ڪرڻ ۽ باهه لڳڻ سبب مري ها.“

اسان ننڍي هوندي شاهي بازار مان لنگهي اسڪول ويندا هئاسين ته روزانو لياقت جي ناني زوار مولا بخش کي ڏسندا هئاسين. هيءَ گذريل صديءَ جي پنجاهه واري ڏهي جي ڳالهه آهي. زوار جو گاجڻين ۽ مهاڻن جي گهٽيءَ جي منهن وٽ ڀڳڙن ۽ پيهُن جو دڪان هوندو هو. هونءَ ته هالا جون اهي شيون مشهور هونديون هيون، پر زوار مولا بخش جي دڪان جا ڀڳڙا ۽ پيهون اهڙا مشهور هوندا هئا جو جمعي واري ڏينهن ته وٺڻ وارن جي پيهه پيهان هوندي هئي. دڪان جي منهن وٽ سواءِ جمعي جي ڪو نه ڪو همراهه اکر ۾ پيهون ڪُٽڻ ۾ مشغول هوندو هو، جنهن کي ڏسڻ ۽ فوٽو ڪڍڻ لاءِ هر وقت انگريز يا يورپي ٽوئرسٽ ترسي پوندا هئا. ياد رهي ته پيهون ٺاهڻ جو هڪ پنهنجو طريقو ٿئي ٿو. ان لاءِ پهرين سارين کي اُٻ تي رڌيو وڃي ٿو، پوءِ انهن کي سڄي رات ڪونڍي ۾ پُسايو وڃي ٿو. پوءِ صبح جو انهن کي تئيءَ تي ڀُڃي ان بعد اُکري ۾ وجهي ڪٽڻ سان انهن سارين جي کل به لهيو وڃي ۽ اهي چپيل شڪل اختيار ڪريو وٺن. اڄڪلهه جڏهن سڄي هالا جي شهر ۾ پيهن کي مشين ۾ ٺاهيو وڃي ٿو، تڏهن به سائين مولابخش وارن جي هڪ ڪارخاني ۾، جيڪو هالا پراڻا ۾ آهي، اڄ کان سٺ ستر سال اڳ واري طريقي سان ٺاهيو وڃي ٿو ۽ پيهن کائڻ جا شوقين اڄ به انهن پيهن کي ياد ڪن ٿا. مون کي به هن وقت اها ڳالهه ان ڪري ياد آئي جو منهنجي پيٽارو جي دوست، انڪم ٽئڪس ڪمشنر اقبال جماڻيءَ جو ڪجهه دير اڳ فون آيو ته هن لاءِ اهي هٿ جا ٺهيل، ٻه ڪلو کن پيهون گهرائي ڏيان.

زوار مولا بخش ميمڻ صاحب کي ڇهه ٻار ٿيا جن مان ٻه نياڻيون ته ننڍي هوندي گذاري ويون. وڏي پٽ حسين بخش جا ٻه ٻار اختر حسين ۽ اظهر حسين درس تدريس جو ڪم ڪن ٿا. ان بعد ڊاڪٽر لياقت جي امڙ ادي زينب آهي، ان بعد پٽ محمد علي آهي. اسان وارو محمد اسماعيل گوپ سڀ ۾ ننڍو آهي. سائين اسماعيل به سڄي عمر پڙهائڻ جو ڪم ڪيو. پاڻ مخدوم امين فهيم صاحب جو ڪلاس ميٽ هو ۽ هالا جي اسڪول مخدوم غلام حيدر گورنمينٽ اسڪول مان پڙهيو ،ان ۾ ئي ٽيچر ۽ پوءِ هيڊ ماستر ٿي رهيو. رٽائرڊ ٿيڻ کانپوءِ اڃان تائين هالا جي روشن تارا اسڪول جو هيڊ ماستر آهي. بقول سندس ڀاڻيجي ،ڊاڪٽر لياقت جي ته محمد اسماعيل اڄ به اهڙو ئي آهي جهڙو 55 سال اڳ مون هالا جو اسڪول ڇڏيندي آخري دفعو ڏٺو.

ڊاڪٽر لياقت پهرين جنوري 1965ع تي حاجي الله ورائي جي گهر ۾ جنم ورتو. پاڻ بنيادي تعليم هالا مان حاصل ڪرڻ بعد 1990ع ۾ B.E مڪينيڪل انجنيئرنگ ۾ مهراڻ يونيورسٽيءَ مان ڪئي ۽ ماسٽرس جي ڊگري بعد هاڻ Ph.D ڪري رهيو آهي. پاڻ نوابشاهه جي قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي ۾ پروفيسر آهي. ڊاڪٽر لياقت وارا پاڻ ۾ اٺ ڀائر ۽ چار ڀينرون آهن. منهنجي خيال ۾ سندن والدين ۽ سندن مامي  محمد اسماعيل گوپ کي شاباس هجي، جن هنن جي تعليم تي ڌيان ڏنو ۽ ڳوٺ ۾ رهندي به نه فقط پٽن کي، پر چئني ڌيئرن کي به گريجوئيشن ڪرائي. لياقت جي وڏي ڀاءُ تعليم بعد پنهنجي پيءُ جو بزنيس سنڀاليو، باقي ٻيا ڀائر نوڪري ڪري رهيا آهن. ٻي نمبر ڀاءُ ڪرم عليءَ سول انجنيئرنگ ڪئي هاڻ اريگيشن ۾ ايگزيڪيوٽو انجنيئر آهي. ان بعد ڊاڪٽر اُميد علي آرمي ۾ ڪئپٽن رهي چڪو آهي ۽ اڄڪلهه ڀٽ شاهه ۾ پنهنجي ڪلينڪ هلائي ٿو. چوٿون ڀاءُ ڊاڪٽر عاشق علي به آرمي Join ڪئي ۽ اڄڪلهه سنڌ جي جيل کاتي ۾ DIG پوليس آهي. پنجون ڀاءُ امداد علي پڻ ڊاڪٽر آهي ۽ ڇهون ڀاءُ قربان علي EDO (اسسٽنٽ ڪمشنر) آهي ان بعد لياقت آهي. سڀ ۾ ننڍو امجد علي آهي جنهن اليڪٽرانڪ انجنيئرنگ ۾ B.E ڪئي آهي ۽ ڪراچي ۾ پنهنجو خانگي بزنيس اٿس.

ڊاڪٽر لياقت علي کي ٻه ٻار: ڌيءَ مصباح ۽ پٽ زين علي آهن جن لاءِ مٿي لکي چڪو آهيان ته هو هتي ڪئالالمپور جي ملئي اسڪول ۾ پڙهن ٿا.

باب ٽيتاليهون

ملائيشيا جي سهڻي، امير ۽ مشهور ڳائڻي

هن کان اڳ هڪ هنڌ مون ملائيشيا جي هڪ مشهور ڳائڻي سيتي نور هاليزه جو ذڪر ڪيو آهي، جنهن ننڍي عمر ۾ جيڪو نالو پيدا ڪيو آهي، ان جو مقابلو شايد ئي لتا يا دنيا جي ڪا ٻي ڳائڻي ڪري سگهي. ميهڙ يا بدين جهڙي ڳوٺ جي هڪ ملئي ڇوڪريءَ جو ننڍي عمر ۾ ڳائڻ، گانا لکڻ ۽ رڪارڊ ڀرائڻ ۾ ايڏو مٿانهون وڃڻ سڀني لاءِ حيرت جي ڳالهه آهي. دراصل ملائيشيا ۾ ملئي ماڻهن جو ڳائڻ وڄائڻ ۾ 1980ع تائين به اهڙو حال هو جهڙو سنڌ ۾ ڳوٺاڻن سنڌين جو. اسان 1982ع ڌاري جڏهن ملاڪا ۾ رهڻ اختيار ڪيو ته ان وقت ملائيشيا ۾ ٻه کن ٽي وي چئنل شروع ٿيا هئا، جن تان ملئي پروگرام هلڻ ڪري ملئي ماڻهو اڳتي وڌيا نه ته سنگاپور جي ٽي وي چئنلن تان هو انگريزي ۽ چيني گانا ٻڌي دل خوش ڪيو ويٺا هئا. ايتري قدر جو انهن چئنلن يا سئنيما هالن ۾ هلندڙ انڊين هندي فلمون ڏسي انهن جي گانن سان دل وندرائيندا وتيا ٿي. اهو ائين جيئن اسان وٽ سنڌ ۾ آهي. فقط هڪڙو بلئڪ ائنڊ وائيٽ چئنل تي هن صوبي جي زبان جو روزانو فقط خبرون هلن يا گانا! پوءِ سڀ ڪو چوندو هو ته محمد جمن، محمد يوسف، مائي ڀاڳي، روبينا ۽ هڪ ٻه ٻين ڳائڻن کان علاوه سنڌيءَ ۾ ڳائڻا يا آرٽسٽ آهن ڪٿي؟ پوءِ پرائيويٽ چئنل KTN شروع ٿيو ۽ اهڙي طرح چار پنج ٻيا چئنل ۽ ڏسندي ڏسندي سنڌي ڳائڻ وارا ۽ واريون ايتري تعداد ۾ پيدا ٿي ويا آهن جو ماڻهن ٻين زبانن جا گانا ٻڌڻ ڇڏي ڏنا آهن. اهوئي حال اسان کان ويهارو سال کن اڳ ملائيشيا ۾ ٿيو. ٽي وي چئنل وڌڻ ۽ انهن تي مڪاني زبان ملئي جو پروگرام هلڻ ڪري ويا ملئي ڳائڻا وڌندا ۽ 1991ع تائين، يعني ملائيشيا ڇڏڻ تائين خبر ناهي ڪيترا ملئي گانا ماڻهن جا دلپسند ٿي ويا ۽ اسان جهڙا ڌاريان به ملئي گانا جهونگاريندا وتيا. نه ته ان کان اڳ اٽڪل 1980ع تائين ملائيشيا ۾ جتي ڪٿي انگريزي ۽ چيني گانن جي ڌم هوندي هئي. ڪيترا ملئي ڳائڻا ته اهڙا مشهور ٿيا جو هنن جا گانا ڀروارن انڊونيشيا، سنگاپور ۽ برونائي جهڙن ملڪن ۾ به هلڻ لڳا، جتي ملئي زبان ڳالهائي وڃي ٿي ۽ هاڻ هن ڳوٺاڻي ڇوڪري ”سيتي نور هاليزه“ ته ڪمال ڪري ڇڏيو آهي ۽ ملائيشيا جي اڪيلي ڇوڪري آهي، جنهن کي هڪ نه ٻه نه پر يڪا 200 کن وڏا وڏا ايوارڊ ملي چڪا آهن ۽ سندس سُر ۽ سونهن ماڻهن کي موهي رکيو آهي. ڳائڻ ۽ راڳ لکڻ ۽ انهن جا رڪارڊ ٺاهڻ کان علاوه هن جي نالي وڏو ڪاروبار هلي ٿو. سيتي نالي تي ميڪ اپ، چانهه ۽ ٻين شين جون ڪمپنيون آهن، جيئن انڊيا ۾ گودريج ۽ ٽاٽا فئملين جون مختلف ڪمپنيون آهن. سيتي نور هاليزه جي ڪمپني جي چانهه جو نالو CTea (سيٽي) آهي، جيڪا چانهه ڪوٽا ڪنا بالو (ايسٽ ملائيشيا) جي باغن ۾ پوکي وڃي ٿي.

سيتي نور هاليزه لاءِ اهو چيو وڃي ٿو ته هوءَ ملائيشيا جي امير ترين، بااثر، مشهور ترين ۽ سڀ کان گهڻا ايوارڊ حاصل ڪرڻ واري آهي. کيس داتڪ جو به خطاب مليل آهي، ان ڪري هوءَ داتو يا داتن سري سڏجي ٿي. نور هاليزه (سڄو نالو: داتن سري سيتي نور هاليزه بنت تارو دين) 1979ع ۾ تارو دين اسماعيل ۽ سلما باچيڪ جي گهر ۾ تيمير لوح شهر ۾ ڄائي. هن جي سڄي فئملي جو ميوزڪ سان خاص لڳاءُ آهي. سندس ڀاءُ سيفل باهري تارو دين ۽ ٻه ڀينرون سيتي نور سعيده ۽ سيتي سائره پڻ ڳائڻيون آهن. هن جو ڏاڏو مشهورViolinist  ٿي گذريو آهي ۽ سندس ماءُ سلما باچيڪ ملائيشيا جي مشهور لوڪ ڳائڻي آهي، جيئن سنڌ ۾ مائي ڀاڳي يا زرينه بلوچ رهي.

سيتي نور هاليزه بنيادي تعليم پنهنجي شهر Temerloh  ۾ حاصل ڪئي،  ان بعد وڌيڪ تعليم پهانگ رياست جي ڪئالا لپيس اسڪول ۽ ڪاليج مان حاصل ڪئي. هوءَ اسڪول ۾ اٿليٽ ۽ ڊبيٽر مشهور هئي. هن يارهن سالن جي ڄمار ۾ ئي پنهنجي ماءُ کان لوڪ راڳ سکڻ شروع ڪيا ۽ هُن سان گڏ مختلف شادين ۽ خوشي جي ڪاڄن ۾ ڳائڻ شرع ڪيو. 19 ورهين جي ڄمار ۾ 1998ع ۾ هن راڳ رنگ جي ڪمپني ”سيتي نور هاليزه پروڊڪشن سنڊري برحد“ نالي ٺاهي ۽ 1998ع ۾ ڪئالالمپور ۾ ٿيندڙ ڪامن ويلٿ راندين جي شروعات ۾ اڪيلي سر ۽ راندين ختم ٿيڻ تي دنيا جي ٻين مشهور اداڪارن سان گڏ  فن جو مظاهرو ڪري ماڻهن کي موهي وڌو. هيءَ Ceremony  ستر ملڪن ۾ ڏيکاري وئي ۽ نور هاليزه جي بين الاقوامي طور شهرت ٿي. هن فنڪشن بعد نور هاليزه کي جپان جي پنجن ڏينهن واري پروگرام Pop Queen Festival  ۾ دعوت ڏني وئي. 1999ع ۾ کيس شنگهائي ميوزڪ فيسٽول ۾ گهرايو ويو، جيڪو چين ۾ ٿيو ۽ کيس گولڊ ميڊل مليو. بهرحال پوءِ ته کيس آسٽريليا ۽ ٻين ملڪن ۾ گهرائي انعام ۽ ايوارڊن سان نوازيو ويو. جپان ۾ به هڪ دفعو وري يوڪو هاما ۾ ڪنسرٽ لاءِ گهرايو ويو. گرامي ايوارڊس ۾ ته کيس ريڊ ڪارپيٽ ويلڪم ڏني وئي ۽ هوءَ بيحد مصروف ترين ڳائڻي بڻجي وئي ۽ هن لاءِ آچر جو هڪ ڏينهن آرام ڪرڻ به مشڪل ٿي پيو. 2009ع ۾ سندس والد تارو دين اسماعيل جي وفات تي هن 40 ڏينهن لاءِ ڳائڻ جو ڪم بند رکڻ جو اعلان ڪيو سواءِ مولود النبي جي موقعي تي نعتن ڳائڻ جي. نور هاليزه لاءِ چيو وڃي ٿو ته اڄ ڪلهه هن جي اسٽيج پروگرام جو سڀ کان گهڻو اگهه آهي. هوءَ اڌ ڪلاڪ لاءِ 45000 ملئي رنگٽ يعني اٽڪل يارهن لک رپيه في طور وٺي ٿي ۽ هڪ ڪلاڪ لاءِ 70000 رنگٽ يعني پاڪستاني سترهن لک رپيا وٺي ٿي.

سيتي نور هاليزه ڪمايل دولت مان خير خيرات جا به ڪم ڪري رهي آهي. سنومي (سامونڊي طوفان ۽ ٻوڏ) ۾ ستايل ماڻهن جي هن دل کولي مدد ڪئي. تازو هن ٻن مسجدن ٺهرائڻ لاءِ وڏو پئسو ڏنو آهي، جنهن مان هڪ ٿائلينڊ جي شهر پٽاني ۾ ٺهي آهي ۽ ٻي هتي ڪئالالمپور ۾ ٺهڻي هئي، جنهن لاءِ نقشا وغيره به ٺهي ويا، پر هتي جي مولوين اهو چئي پئسا واپس ڪيا ته اهو پئسو جنهن طريقي سان ڪمايو ويو آهي ان مان مسجد ٺهرائڻ جهڙو اسلامي ڪم صحيح نٿو لڳي.

سيتي نور هاليزه جون داتڪ خالد سان شاديءَ جا افواهه ڪافي وقت هلڻ بعد هڪ ڏينهن 17 جولاءِ 2006ع تي جڏهن نور هاليزه ۽ داتڪ خالد گڏجي پريس ڪانفرنس ۾ پنهنجي شاديءَ جو اعلان ڪيو ته سيتي نور هاليزه جي ڪيترن چاهيندڙن کي اها ڳالهه نه وڻي. هر ماڻهوءَ لاءِ اها حيرتناڪ خبر ثابت ٿي ۽ ملڪ جي ميڊيا ۾ ان جي ڪافي تنقيد ڪئي وئي ته 27 سالن جي سهڻي ۽ مشهور ڇوڪري، جنهن کي خبر ناهي ڪهڙا ڪهڙا گهوٽ ملي سگهيا ٿي اها پاڻ کان ويهن سالن جي وڏي عمر جي ماڻهوءَ سان شادي ڪري رهي آهي، جيڪو اڳهين شادي شده آهي ۽ چار ٻار اٿس. ماڻهن کي سيتي نور هاليزه سان ناراضگي به ٿي ته هوءَ پهاڄ بڻجي رهي آهي ۽ هن جو داتڪ خالد جي پهرين زال کي طلاق ڏيارڻ ۾ هٿ آهي. اهو معاملو هتي جي مذهبي کاتي ”جبا تان اگاما اسلام، سلينگور“ وٽ پيش ڪيو ويو، جنهن پڇا ڳاڇا بعد عوام کي اهو ٻڌايو ته داتڪ خالد ۽ سندس سابق زال تينگڪور زاواه بنت تينگڪو ازهام جي طلاق ٻه سال اڳ 2004ع ۾ ٿي چڪي آهي. هو 15 سال گڏ رهيا. بهرحال آگسٽ 2006ع تي داتڪ خالد ۽ سيتي نور هاليزه جي شادي ڌام ڌوم سان ٿي. ملئي شاديون سادگي کان مشهور هونديون آهن، پر هن شاديءَ تي چون ٿا ته 30 لک آمريڪن ڊالر (يعني پاڪستاني اڍائي ڪروڙ رپيا) خرچ ڪيا ويا، جيڪو بعد ۾ جوڙي غلط قرار ڏنو ۽ هنن چيو ته شادي تي فقط 5 لک ملائيشيا جا رنگٽ يعني پاڪستاني ڏيڍ ڪروڙ رپيا خرچ آيو. سندن نڪاح جي رسم ڪئالالمپور جي هڪ مسجد ۾ منعقد ڪئي وئي، ان بعد وڏي دعوت جو بندوبست ڪئالالمپور ڪنوينشن سينٽر (KLCC) ۾ رکيو ويو. بهرحال توهان جو ملائيشيا اچڻ ٿئي ته توهان پاڻ سيتي نور هاليزه جا ڪجهه گانا ضرور ٻڌجو. بلڪ ائين ٿي نٿو سگهي ته توهان ڏينهن ٻن لاءِ ملائيشيا ۾ رهو ۽ هوٽل ۾ يا دوست جي گهر هلندڙ ٽي وي جي ڪنهن چئنل تي سيتي نور هاليزه موجود نه هجي.ٻه مهينا کن اڳ E- News Asia طرفان سيتي نور هاليزه ۽ سندس مڙس داتڪ سري خالد ايشيا جو ٽيون نمبر من پسند جوڙو قرار ڏنو ويو آهي. پهرين نمبر تي چيني جوڙو سائمن ياد ۽ هن جي زال ڪِڪِي QiQi آهي ۽ ٻئي نمبر تي بالي ووڊ جي اداڪاره ايشوريه راءِ ۽ هن جو مڙس اڀيشيڪ بچن آهن. قوم ۽ ملڪ جي يڪجهتي لاءِ جيئن اسان وٽ قومي تراني جي درجي جا ٻيا به ڪيترائي راڳ آهن، جيئن”هم ايڪ هين“ يا انڊيا وارن لاءِ اقبال جو ترانو ”ساري جهان سي اڇا هندوستان همارا“، تيئن ملائيشيا ۾ به ڪجهه اهڙا گانا آهن، جيڪي قومي ڏينهن تي يا اسڪول ۽ ڪاليجن جي فنڪشن تي قومي يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ لاءِ ڳايا وڃن ٿا، جن مان هڪ آهي: ”ساتو ملائيشيا“ يعني ملائيشيا هڪ آهي. ملائيشيا ۾ ملئي، چيني، انڊين ۽ ٻيون قومون (Races) رهن ٿيون، جن جا مختلف دين ڌرم آهن، مختلف زبانون آهن، ايتري قدر جو چيني ماڻهن جون به انيڪ زبانون آهن. سڀ کان ٿورا انڊين آهن، جن مان گهڻن جو واسطو ڏکڻ هندستان سان آهي ۽ جن جون زبانون تامل، مليالم، ڪنهڙ ۽ تيلگو آهن، پر ان کان علاوه پنجابي، سنڌي، پشتو، گجراتي، بنگالي، ملباري، سنهالي ۽ ٻيون به انيڪ زبانون ڳالهائڻ وارا آهن، ان هوندي به ملائيشيا وارا اهو ئي ڳيچ ڳائين ٿا ته هو هڪ قوم آهن. بهرحال هنن جو هي هڪ ملائيشيا Satu Malaysia گانو چڱو پاپولر آهي ۽ ڪيترن ئي ڳائڻين ڳايو آهي، پر سڀ کان سريلي آواز ۾ سيتي نور هاليزه جو چيو وڃي ٿو. ملائيشيا ۾ رهڻ سان هي راڳ توهان جي ڪن تي ضرور ٻُرندو رهندو، جنهن جا ٻول آهن:

تنهنجي ڪاميابي      Kejayaanmu

منهنجو فخر           Kebangganku

اسان جي هڪ جنگ آهي     Semuanya atas satu perjuangan

تنهنجي شڪر گذاري           Kesyukuranku

منهنجو امن            Keamananmu

سڀ اسان جي هڪ هجڻ ڪري آهي   Segalanya atas satu perpaduan

قوم هڪ ٿي ئي ترقي ڪري ٿي   Rakyat bersatu seiring dan maju

اسان جي منزل ڪاميابي ماڻڻ آهي   Pencapaian jadi mercu

مختلف هجڻ جي باوجود به هڪ قوم آهيون   Satu tak mengenal bangsa

اسان کي ڪو جدا نٿو ڪري سگهي  Tak memisahkan kita

اسان مضبوط رهنداسين       Terus Perasa

اسين هڪ ملائيشيا آهيون  Kita satu Malaysia

پاڻ ۾ مضبوط   Teguh ikrar bersama

منهنجي قوم منهنجي چاهت   Negaraku tercinta

هڪ قوم هڪ ملائيشيا       Satu bangsa Satu Malaysia

باب چوئيتاليهون

ملائيشيا ۾ بادشاهت جو نرالو سسٽم.....

ملائيشيا جو بادشاهه (جيڪو ملئي زبان ۾ ينگ دي پرتوئان اگونگ Yang di Pertuan Agong سڏجي ٿو) ملائيشيا ملڪ جو سربراهه يعني Head of State آهي. ايران، ٿائلينڊ يا انگلينڊ جي بادشاهن وانگر ملائيشيا جا بادشاهه صدين کان نه هلندا اچن. فقط  50 سال کن اڳ تائين ملايا جو ڪو بادشاهه نه هو. درياهه (ملاڪا ڳچي سمنڊ) جي هڪ پاسي جاوا، سماترا ۽ بالي جهڙا ٻيٽ جيڪي انڊونيشيا سڏجي ٿو، ڊچن جي هٿ ۾ هو ۽ ٻئي پاسي ملايا تي انگريزن جو قبضو هو. ملايا مختلف رياستن ۾ ورهايل هو، يعني يارهن رياستن ۾. جن مان نون تي انهن رياستن جي سلطانن جي هلي ٿي، باقي ٻن ملاڪا ۽ پينانگ رياست جو ڌڻي سائين ڪو سلطان نه هو. اهي ٻئي رياستون ڄڻ ته انگريزن جون شروع کان زرخريد هيون. بهرحال انگريزن جڏهن سامان ويڙهيو ته 1957ع ۾ ملايا جي رياستن جي سلطانن پنهنجون رياستون ڳنڍي فيڊريشن آف ملايا ٺاهيو (جيڪو هاڻ ملائيشيا آهي) ۽ پاڻ مان هڪ سلطان کي چونڊي سڄي ملڪ جو بادشاهه بڻايائون. هنن عقل کان ڪم وٺي ڪجهه قاعدا قانون ٺاهيا، جيئن هرهڪ سان انصاف ٿي سگهي. انهن قانونن مان ڪجهه هي هئا.

- اليڪشن ذريعي نون سلطانن مان هڪ بادشاهه چونڊيو ويندو.

- هن اليڪشن ۾ فقط ملڪ جي نون رياستن جا سلطان حصو وٺندا.

- نون مان پنج سلطانن جي مخالف ووٽن سان اهو سلطان بادشاهه ٿي نه سگهندو.

- ڪو پاڻ بادشاهه ٿيڻ نه چاهي ته هو ڀلي نه ٿئي.

- ذهني مريض هجڻ جي صورت ۾ هن کي بادشاهه ٿيڻ جو موقعو نه ڏنو ويندو.

- هر رياست جي سلطان کي واري تي بادشاهه بڻايو ويندو.

- بادشاهت جو مدو پنج سال رهندو ان بعد ٻئي سلطان کي بادشاهه بڻايو ويندو.

- ڪنهن بادشاهه جو انتقال ٿي ويو ته ٻئي کي پهرين جو باقي وقت پورو ڪرڻ بدران پنجن سالن لاءِ بادشاهه بڻايو ويندو.

- ننڍي عمر (نابالغ) سلطان کي بادشاهت نه ڏبي.... وغيره وغيره

بهرحال بادشاهه بڻجڻ جو هي هڪ نرالو طريقو آهي، جنهن جو مثال دنيا ۾ نٿو ملي. ان سان ڪجهه ملندڙ سسٽم عرب امارت ۾ ضرور آهي، جتي واري وٽي تي دبئي جو امير صدر ٿيڻ تي ابو ڌابي جو امير وزيراعظم ٿئي ٿو.

بادشاهه Yang di Pertuan Agong کان علاوه نائب بادشاهه (جيڪو ملئي زبان ۾ ٽمبالان سڏجي ٿو) به چونڊيو وڃي ٿو. جيئن بادشاهه جي غير حاضري يا بيماري ۾ ملڪ جو ڪاروبار هلي سگهي. 1957ع ۾ ملايا (هاڻوڪي ملائيشيا) جو پهريون بادشاهه جوهور رياست جو 84 سالن جو سلطان ميجر جنرل سلطان ابراهيم چونڊيو ويو، پر وڏي عمر هجڻ ڪري هن بادشاهه ٿيڻ کان انڪار ڪيو. ان کان پوءِ پهانگ جو سلطان ابو بڪر وڏي عمر جو هو، پر ان جي خلاف پنج ووٽ پوڻ ڪري هن کي بادشاهه بڻجڻ جو موقعو نه ڏنو ويو. آخرڪار ”نيگري سيمبيلان“ جو سلطان تئانڪو عبدالرحمان ملڪ جو پهريون بادشاهه ٿيڻ لاءِ چونڊيو ويو، جنهن جي نالي ڪئالالمپور جي مرڪزي شهر ۾ وڏو شاهراهه جالان تئانڪو عبدالرحمان آهي. هي سلطان 1957ع کان 1960ع تائين بادشاهه ٿيو، سندس وفات بعد سلينگور رياست جو سلطان ”سلطان هشام الدين عالم شاهه“ ملائيشيا جو ٻيو بادشاهه ٿيو ۽ ساڍن چئن مهينن بعد وفات ڪرڻ تي پيرلس رياست جي سلطان تئانڪو سيد پترا کي ٽيون بادشاهه بڻايو ويو. هي بادشاهه پورا پنج سال هليو. ان بعد ٻين رياستن جا سلطان هن واري وٽي موجب ملڪ جا هن ريت بادشاهه ٿيندا رهيا آهن:

4- ترنگانو رياست جو سلطان اسماعيل نصيرالدين شاهه.

5- ڪيداح رياست جو تئانڪو عبدالحليم جيڪو 1970ع کان 1975ع تائين بادشاهه رهيو. اسان جڏهن پهريون دفعو ڪئالالمپور ويا هئاسين ته سلطان اسماعيل نصيرالدين شاهه بادشاهه هو ۽ ان ئي سفر ۾ هانگ ڪانگ کان وري ڪئالالمپور آياسين ته تئانڪو عبدالحليم جي بادشاهه ٿيڻ جي خبر ٻڌيسين.

6- ملائيشيا جو ڇهون بادشاهه ڪيلنتان رياست جو سلطان يحيٰ پترا 1975ع کان 1979ع تائين ٿيو. بادشاهت جو ٽرم پورو ٿيڻ کان اڳ هن جي وفات ٿي وئي.

7- پهانگ رياست جو سلطان احمد شاهه 1979ع کان 1984ع تائين بادشاهه رهيو. هن جي ڏينهن ۾ آئون سامونڊي نوڪري ڇڏي ملائيشيا جي شهر ملاڪا ۾ اچي رهيس.

8- پهانگ بعد ”جوهور“ رياست جو سلطان اسڪندر 1984ع کان 1989ع تائين ٿيو. جوهور رياست ملائيشيا جي بلڪل ڇيڙي واري رياست ڏکڻ ۾ آهي، جنهن جي گاديءَ وارو شهر ”جوهور بارو“ سنگاپور ٻيٽ سان پل ذريعي ڳنڍيل آهي.

9- سلطان اذلان شاهه جو واسطو پيراڪ رياست سان آهي ۽ ملائيشيا جو نائون نمبر بادشاهه آهي. پاڻ هاڪي راند جي ڪري پاڪستان ۾ به مشهور آهي. 1998ع کان ملائيشيا ۾ مردن جي بين الاقوامي هاڪي مئچ ٿئي ٿي، جيڪا هن بادشاهه جي نالي ”سلطان اذلان شاهه ڪپ“ سڏجي ٿي. 1999، 2000 ۽ 2003ع ۾ پاڪستان چئمپين ٿيو هو ۽ 2004ع ۾ هو ٻئي نمبر تي (Runner Up) رهيو. گذريل ٻن سالن 2009ع ۽ 2010ع کان انڊيا چئمپين رهندو اچي.

منهنجي هوندي جيڪي ملائيشيا جا اڄ تائين بادشاهه ٿيا آهن، انهن ۾ سلطان اذلان شاهه وڌيڪ پسند ڪيو ٿي ويو ، شايد ان ڪري جو هو گهڻو پڙهيل ڳڙهيل هو ۽ نياز مندي واري طبيعت سان پيش آيو ٿي. سلطان اذلان شاهه 1928ع ۾ پيراڪ جي شهر باتو گاجاح ۾ ڄائو. بنيادي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪرڻ بعد ڪئالا ڪنگسار شهر جي مشهور ”ملئي ڪاليج“ مان پڙهيو ۽ پوءِ 1953ع ۾ هن يونيورسٽي آف ناٽنگهام مان LLB جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ ”سوسائٽي آف لنڪن  اِن“ طرفان انگلش بار ۾ داخل ٿيو. پنهنجي ملڪ موٽي هن مختلف سرڪاري نوڪريون ڪيون، ان بعد 1965ع ۾ جج به ٿيو. اهڙي طرح اڳتي هلي هو فيڊرل ڪورٽ جو جج ٿيو ۽ 6 سال رکي 1979ع ۾ ملائيشيا جو بادشاهه مقرر ٿيو ۽ 1994ع تائين تخت تاج جو مالڪ رهيو. اهو به لکندو هلان ته اذلان شاهه ڪنهن شاهي خاندان جي ڇوڪريءَ سان نه پر هڪ عام ڇوڪري بئنون بنت محمد علي سان شادي ڪئي. بئنون پينانگ جي ڪنهن اسڪول ۾ ٽيچر هئي ۽ بئنون پهرين عام  (Commoner) ڇوڪري آهي، جيڪا ملائيشيا جي راڻي ٿي. کين پنج ٻار آهن: ناظرين شاهه، اذورين، اشمان، ايلينا ۽ صوفيا.

10- نيگري سيمبيلان رياست جو سلطان تئانڪو جعفر 1994ع کان 1999ع تائين ملائيشيا جو ڏهون بادشاهه ٿيو. هي ملڪ جي پهرين بادشاهه تئانڪو عبدالرحمان جو پٽ هو، پاڻ 2008ع ۾ وفات ڪيائين.

11- سلينگور رياست جو سلطان صلاح الدين عبدالعزيز 1999ع تي ملڪ جو ٻارهون بادشاهه ٿيو، ٻن سالن بعد 2001ع ۾ وفات ڪيائين.

12- پيرلس رياست جو سلطان تئانڪو سيد سراج الدين 2001ع کان 2006ع تائين ملائيشيا جو ٻارهون بادشاهه ٿي رهيو. پاڻ 1943ع ۾ ڄائو هو ۽ هن وقت 68 سالن جو آهي ۽ هاڻ پنهنجي رياست پيرلس جو سلطان آهي.

13- تئانڪو ميزان زين العابدين موجوده ۽ تيرهون نمبر بادشاهه آهي، جيڪو ترينگانو رياست جو سلطان هو. پاڻ 2006ع ۾ ملائيشيا جو بادشاهه چونڊيو ويو ۽ پنهنجي ٽرم جي بادشاهت جا 5 سال پورا ڪري 2011ع ۾ پنهنجي رياست ترينگانو روانو ٿيو.

ان بعد ڪيڊاح جو سلطان، ملڪ جو بادشاهه ٿيندو. ملائيشيا جي سلطانن ان ريت رياستن جا نمبر ٺاهي ڇڏيا آهن، جنهن موجب هڪ هڪ رياست جو سلطان واري تي بادشاهه ٿيندو رهندو. اهي نمبر هن آرڊر ۾ آهن.

ڪيڊاح، ڪيلنتان، پهانگ، جوهور ۽ آخر ۾ پيراڪ. ان بعد وري مٿان کان نيگري سيمبيلان، سلينگور، پيرلس، ترنگانو، ڪيڊاح... وغيره کان شروعات ڪئي ويندي.

باب  پنجيتاليهون

ملائيشيا جون ٻه چار ٻيون ڳالهيون

ملائيشيا ۾ ڳائڻ وڄائڻ خوب آهي. ملڪ جو ته قومي ترانو هڪ آهي، پر هر رياست ۽ فيڊرل ٽيريٽري جو به ترانو آهي. ڪيترن اسڪولن ۽ ڪاليجن کي به پنهنجي پنهنجي لوگو ۽ موٽو سان گڏ هڪ عدد ترانو به آهي. ڪئالالمپور ۾ اڪثر هيٺيون ترانو ڳايو وڃي ٿو جنهن جي انگريزي معنى به شامل آهي.

Harmoni Wilayah Pertiwi

Semoga Sentiasa Diberkati

Wawasan Hala Pembangunan

Sebagi Semangat Perpaduan

 

Wilayah Persekutuan

Maju dan Sejahera (2x)

 

Harmonious is this country’s territory

May it always be blessed

Our  vision directs our development

As the spirit of unity

Federal Territory

Progressive and Prosperity (2x)

انگريزن يا يورپين آفريڪا يا ايشيا جي جن به ملڪن ۾ حڪومت ڪئي، اتي جي ماڻهن هنن کي پسند نٿي ڪيو پر انهن ڌارين مان ڪن اهڙا چڱا ڪم ڪيا جو انهن کي اڄ به پسند ڪيو وڃي ٿو. جيئن سمجهو ته اسان وٽ سر فريئر جنهن سنڌي زبان جي اڄ واري الف ب مقرر ڪئي. اهڙي ئي هڪ انگريز سر هگ لو (Sir hugh Low) کي هتي جا ماڻهو پسند ڪن ٿا، خاص ڪري اهي جن جو واسطو باٽني ۽ زولاجي وغيره سان آهي. مسٽر هگ 1824ع ۾ انگلينڊ ۾ ڄائو، سندس پيءُ وڻ ٽڻ ۽ ٻوٽن جو ماهر horticulturist هو، تنهن پنهنجي پٽ هگ (Hugh) کي جڏهن 20 سالن جو ٿيو ته ڏکڻ اوڀر ايشيا ڏي موڪليو ته اُتي جا گل ٻوٽا هٿ ڪري اچي. هگ سنگاپور ۾ رهي بورنيو ٻيٽ جي گل پن (flora) تي ڌيان ڏنو. ان دوران هن جي سراواڪ جي انگريز راجا سر جيمس بروڪ سان به دوستي ٿي ۽ سندس ڪم کان علاوه کيس پيراڪ رياست جو ائڊمنسٽريٽر به مقرر ڪيو ويو. هن جي ان وقت جي ڪئپٽن چينا (چنگ ڪپنگ ڪُوئي) ۽ ملئي حاڪمن راجا موُدا ۽ سلطان ادريس سان به سٺي دوستي رهي ۽ هن ڪاروبار اهڙي ته سٺي نموني سان هلايو جو پيراڪ رياست جيڪا قرضي ٿي وئي هئي اها هن جي ڪوششن سان امير ٿي وئي.

ملايا ۾ رٻڙ، ڪافي، ڪارا مرچ ۽ چانهه جا فصل هن انگريز سر هگ شروع ڪرايا. 1882ع ۾ هن رٻڙ جا ٻج ڇٽي ست کن رٻڙ جا ٻوٽا پيدا ڪيا، جن مان پوءِ وڌي وڌي اهڙي حالت ٿي جو سڄي ملائيشيا ۾ جتي ڪٿي رٻڙ جي پوک شروع ٿي وئي. ڪوٽا ڪنابالو جي جبلن تي جيڪا اعلى درجي جي چانهه جي پوک ٿئي ٿي ۽ اڄ سيتي نورهاليزه ڳائڻي CTea نالي چانهه جو بزنيس ڪري ٿي، اها به هن انگريز جي محنت ڪري آهي. پاڻ پهريون ماڻهو هو، جيڪو ڪوٽا ڪنابالو جبل جي چوٽيءَ تي پهتو. ڪوٽا ڪنابالو جبلن جي سڀ کان اتاهين چوٽي ۽ جبلن جي پويان اونهي کاهيءَ جو نالو هن انگريز پٺيان آهي. سڀ کان وڏي ڳالهه ته هن ٻوٽن، جانورن، جيتن، پکين تي ايڏو ته ريسرچ ورڪ ڪيو جو اڄ ڪيتريون شيون هن جي نالي سان آهن ۽ دنيا جا شاگرد جن جو باٽني، زولاجي يا ائگريڪلچر سان واسطو آهي، اهي سر هگ لو  جي نالي کان واقف آهن. ڪجهه شيون جن جي سائنسي نالي ۾ Sir Hugh Low جو نالو اچي ٿو هن ريت آهن.

ٻوٽا ۽ گل:

Arachnis Lowii

Dendrobium Lowii

Lowiara (Hybrid orchid)

Sobralia Lowii

Vatica Lovii

Nepenthes Lowii (Pitcher Plant)

۽ ٻيا ڪيترا.

اهڙي طرح ڪجهه جانور:

Ptilocercus lowii

(Pen tailed Tree shrew)

Sundasciurus Lowii

(Low’s Squirrel).

سر هگ لو  جي نالي پيراڪ رياست جي گادي واري شهر اپوح ۾ هڪ روڊ Hugh Low Street  به آهي. وزٽنگ پروفيسر جي حيثيت ۾ مون کي سال ۾ ٻه دفعا کن اپوح جي انگڪو عمر پوليٽيڪنڪ ۾ پڙهائڻ لاءِ وڃڻو پوندو هو ته آئون اڪثر هن روڊ جي ڪنهن هوٽل ۾ رهندو هوس. هي ڪراچي جي زيب النساءِ اسٽريٽ جهڙو بارونق هو. هاڻ ته اپوح جا ٻيا علائقا ۽ روڊ به وڌيڪ ماڊرن ٿي ويا آهن. هن روڊ جو هاڻ جيتوڻيڪ ”جالان سلطان اسڪندر“ نالو رکيو ويو آهي پر ماڻهو اڄ به هن کي ”هگ لو اسٽريٽ“ سڏين ٿا.

سر هگ هڪ سٺو ليکڪ به هو ۽ سندس ڪيترائي ڪتاب آهن. اسان جا پاڪستاني جيڪي ايسٽ ملائيشيا (يعني بورنيو ٻيٽ تي) نوڪري ڪن ٿا، انهن کي Suggest ڪندس ته هو سر هگ جا هي ڪتاب ضرور پڙهن، جيڪي مون وٽ ملائيشيا ۾ گڏ هئا پر پوءِ 1991ع ۾ اهي ۽ ٻيا ڪتاب جن جو ملائيشيا (خاص ڪري بورنيو) سان واسطو هو، نيوز لائين رسالي  جي ايڊيٽر رضيه ڀٽي، حسن مجتبى ۽ نفيسه شاهه کي ڏئي ڇڏيم. نفسيه شاهه ته پاڻ به بورنيو ٻيٽ تي وئي ۽   News line رسالي لاءِ ڪافي لکيو. مسٽر هگ جا ڪتاب:

Sarawak. Its Inhabitants & Productions.

A Botanist in Borneo.

Selesilah (Book of Descent) of Rajas of Brunei.

مٿين ڪتاب جو نالو ”سلسله“ ملئي لفظ آهي، جنهن جي معنى ساڳي آهي جيڪا اسان وٽ سنڌي اڙدو ۾ آهي يعني سلسلو، شجرو، نسل وغيره. سر هَگ تي به هڪ تمام مشهور ڪتاب آهي جيڪو چارلس. ايف. ڪو وان لکيو آهي ۽ پهريون ڇاپو 1969ع جو آهي. ڪتاب جو نالو آهي:

Sir Hugh Low (1824-1905)

”سر هگ لو“ اٽليءَ جي شهر Alassio ۾ 18 اپريل 1905ع تي وفات ڪئي.

 

ڪئالالمپور ۾ گهمڻ جون جايون هڪ نظر ۾:

. سينٽرل مارڪيٽ

. هئنڊي ڪرافٽ ڪامپليڪس

. جالان مسجد انڊيا

. جامع مسجد

ڪئالالمپور برڊ پاڪ

ڪئالالمپور زو نگارا (Zoo Negara)

KLCC پارڪ

. ڪئالالمپور ريلوي اسٽيشن ۽ سندس ائڊمن بلڊنگ

. مسجد نگارا

. نئشنل مانومينٽ

. نئشنل اڪئريم (ماهي گهر)

. پيتالنگ اسٽريٽ

. پيٽروناس Twin ٽاورس

. رُوما پينگهولو ابو سيمان

. سلطان عبدالصمد بلڊنگ

. بڪت ناناس

. K.L ٽاور

. فئملي پارڪ

. باتو غارون (Batu Caves)

. سينٽ مئري ڪئٿيڊرل

. نئشنل ميوزيم

. National Planetarium

. بٽر فلاءِ پارڪ

.داتاران مرديڪا (Dataran Merdeka)

. هرڻن جو پارڪ

. اسلامي آرٽ ميوزيم

. استانا نيگارا (Istana Negara)

.تمن تاسڪ پرڌانا

. ڪئالالمپور ميموريل لئبرري

. ڪئالالمپور ٽيڪسٽائيل ميوزيم

. نئشنل اسپورٽس ڪامپليڪس

. چوڪِٽ (Chowkit)  ڀاڄي ۽ گوشت مارڪيٽ

. سکن جو مندر

. چائنا ٽائون ۽ اتي جو چيني مندر

. برڪس فيلڊ  (Bricksfield)علائقو ۽ اتي جا هندو، ٻڌ ۽ چيني مندر

. تمن تاسڪ (Taman Tasik)  پرمئشوري

 

باب ڇائيتاليهون

ڪئالالمپور ۾ سواريءَ جو بندوبست

ڪئالالمپور ۾، ممبئي، دهلي ۽ تهران جهڙن شهرن وانگر، هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ پهچڻ ڪو مسئلو ناهي. بسون، ٽئڪسيون، ميٽرو، ريل گاڏيون شهر جي هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين هلن ٿيون. ڪئالالمپور ۾ ته اڃا به گهڻيون بسون ۽ ريل گاڏيون آهن. ان کان علاوه مونو ريل به آهي. اهي سواريون بيحد سوليون ۽ سستيون آهن. ٽئڪسي ڪرڻ جي به ضرورت ناهي. هڪ ٽوئرسٽ لاءِ سڀ ۾ بهترين سواري ٽرين آهي ۽ ٻئي نمبر تي بس آهي. ڇو جو هڪ ڌاريون ٽوئرسٽ جن اهم هنڌن تي گهمڻ يا خريداري لاءِ وڃي ٿو، اتي ريل جي اسٽيشن يا بس جو اسٽاپ ضرور ٿئي ٿو. ٽئڪسي ته تڏهن ڪجي جڏهن ڪنهن دوست جي گهر وڃڻو هجي، جيڪو رهائشي علائقي جي ڪنهن اندرين گهٽيءَ ۾ هجي. پر ان صورت ۾ توهان جو دوست يا مائٽ توهان کي سندس گهر تائين پهچڻ لاءِ ٽئڪسي جي تڪليف ڏيڻ بدران توهان کان ٻه ڳالهيون پڇندو: ”توهان جتي آهيو اتان ڪهڙي اسٽيشن ويجهي آهي؟“ ۽ توهان مڪاني ماڻهوءَ کان پڇي هن کي ٻڌائي سگهو ٿا ته توهان داتو ڪرامت، KLCC يا ڪمپونگ بارو ريلوي اسٽيشن وٽ آهيو يا ان جي ويجهو آهيو. يا کڻي چئجي ته هنگ تئاح،  PWTC  يا بُڪت جليل ۾ آهيو. هي ائين آهي جيئن ڪراچي ۾ ڪو مهمان پهچي پنهنجي دوست کي ٻڌائي ته هو سهراب ڳوٺ، لياقت آباد، صدر يا ٽاور وٽ بيٺو آهي. توهان جو ميزبان توهان جو جواب ٻڌي، توهان کي چوندو ته ”ان اسٽيشن تان هڪ ڊالر (رنگٽ) يا ٻن جي ٽڪيٽ وٺي ريل ۾ چڙهو ۽ ٽن يا چئن اسٽيشنن بعد جيڪا فلاڻي اسٽيشن ايندي، ان تي لهي ٻاهر نڪرندائو ته آئون گيٽ وٽ بيٺو هوندس.“

سو توهان ڪئالالمپور ۾ ريل رستي شهر جي مختلف جاين جا چڪر هڻندا رهو. رڳو اهو ياد رکو ته توهان ڪهڙي اسٽيشن وٽ رهيل آهيو، جيئن گهمي ڦري واپس ان اسٽيشن تي اچي پنهنجي رهائشگاهه ڏي هليا وڃو.

هونءَ ڪئالالمپور جو شهر ممبئي ۽ ڪراچي وانگر ڊگهو ناهي. اتفاق سان اهي ٻئي شهر ڏکڻ کان اتر طرف وڃن ٿا ۽ اهڙن شهرن ۾ بس يا ريل گاڏي سڌو ئي سڌو پئي وڃي. ڪياماڙي، نيٽي جيٽي، ٽاور، بولٽن مارڪيٽ، پاڪستان چوڪ، برنس روڊ، صدر، نمائش، گرو مندر، لياقت آباد، وغيره وغيره.

ڪئالالمپور جو شهر تهران ۽ حيدرآباد وانگر چوڌاري پکڙيل آهي. هڪ طرف ڪوٽڙي ته ٻئي طرف لطيف آباد، هوڏانهن فتح چوڪ، ”اسرا“ يونيورسٽي، قاسم آباد، وغيره گول دائري ۾ وڃي ڄامشوري، ڪوٽڙي، مٽياري ۽ ٽنڊوڄام کان نڪتو آهي. دهلي به ائين آهي. ان ڪري ڪراچي ۽ ممبئي وانگر توهان نئين ٽوئرسٽ کي K.L (ڪئالالمپور) سولائي سان سمجهائي نٿا سگهو. پر هڪ ڌارئين ٽوئرسٽ کي ڪئالالمپور پهچي اهو خوف نه هجڻ کپي ته هو ڪو گم ٿي ويندو. هن کي ڪيڏانهن به وڃڻو هجي ته مڪاني ماڻهوءَ کان پڇي ته فلاڻي جاءِ تي وڃڻ لاءِ هو ڪهڙي ريلوي اسٽيشن تي لهي. هو کيس ٻڌائيندو ته سامهون موڙ وٽ يا پوئين گهٽي ۾ هن علائقي جي ريلوي اسٽيشن آهي، اتان فلاڻي اسٽيشن جي ٽڪيٽ وٺي ريل ۾ چڙهه. ان ريلوي اسٽيشن تي پهچي، وڌيڪ پڪ ڪرڻ لاءِ ٻين مسافرن کان پڪ ڪري سگهجي ٿي. ملائيشيا اُهو ملڪ آهي، جتي هرڪو انگريزي سمجهي ۽ ڳالهائي ٿو. هونءَ هتي ڪجهه اسٽيشنون نمبروار لکي ڇڏيان ٿو، جيڪي مون هڪ پني تي پنهنجي سهوليت لاءِ لکيون آهن. ڪيڏانهن نڪرڻ لاءِ پني تي اها اسٽيشن ڏسي، جائزو وٺندو آهيان ۽ ان ٽرين ۾ چڙهندو آهيان.

ڪئالالمپور شهر جي مختلف علائقن ۾ ماڻهن کي پهچائڻ لاءِ جيڪا ريل آهي، اها  Rapid KL Rail  نيٽ ورڪ سڏجي ٿي. هن ريل سسٽم جون ٻه لائينون آهن، هڪ ائمپنگ لائين سڏجي ٿي ۽ ٻي ڪيلانا (Kelana) لائين، جيڪا شروع ۾ پُترا لين به سڏبي هئي. هتي ٻنهي ريلوي لائينن جون ريلوي اسٽيشنون نمبروار لکان ٿو، جن جي لسٽ توهان لاءِ ڪئالالمپور ۾ ڪارآمد ثابت ٿيندي ۽ کيسي ۾ رکڻ سان توهان لاءِ سهوليت رهندي. ٻئي ريلوي لائينون مختلف ريلوي اسٽيشنن وٽان لنگهن ٿيون، پر ڪجهه ريلوي اسٽيشنون اهڙيون آهن، جن تان ٻنهي لائينن جون ريلون لنگهن ٿيون، جهڙوڪ مسجد جامع. ڪي اسٽيشنون اهڙيون آهن، جن تان مونو ريل به لنگهي ٿي، جهڙوڪ ٽِيٽي ونگسا، هنگ تئاح، پاسار سيني، دانگ وانگي وغيره. اهي اسٽيشنون ائين آهن جيئن اسان وٽ ڪوٽڙي يا روهڙي جنڪشون جن تان هڪ مان لهي ٻئي طرف ويندڙ ريل ۾ چڙهي سگهجي ٿو.

بهرحال ائمپنگ لائين ريل گاڏيءَ جون اسٽيشنون هن ريت آهن:

سينتل تمور

سينتل

ٽِيٽي ونگسا

PWTC (پترا ورلڊ ٽريڊ سينٽر)

سلطان اسماعيل

بندر رايا

مسجد جامع

پلازه رعيت

هنگ تئاح

پُودو

چان سو  لِن  Chan Sow Lin

چان سو  لِن ريلوي اسٽيشن کانپوءِ ائمپنگ لائين ريل جون ٻه برانچون يعني  Routes  ٿين ٿيون، جيڪي مختلف طرفن ۽ علائقن کي ڪَور ڪن ٿيون. اهي Yellow روٽ ۽ Green  روٽ سڏجن ٿيون. ييلو (هئڊي) روٽ جي ريل گاڏي چان سو لِن ريلوي اسٽيشن کانپوءِ هنن اسٽيشنن ڏي وڃي ٿي:

مِيهارجا

مالُوري

پانڊان جايا

پانڊان انڊا

چيمپڪا

چهايا،  ۽ آخر ۾

ائمپنگ

۽ گرين روٽ جي ريل گاڏي Chan Sow Lin ريلوي اسٽيشن کانپوءِ ڪئالالمپور شهر جي جن علائقن ۾ وڃي ٿي، انهن جون ريلوي اسٽيشنون هن ريت آهن:

چيراس

سالاڪ سيلاتان

بندر تُن رزاق

بندر تاسڪ سيلاتان

سُنگائي بَيسي

بڪت جليل ۽ آخر ۾،

سري پيتالنگ

هي آخري اسٽيشن ’سري پيتالنگ‘ جو اصل نالو ”ڪامن ويل“ (Koman Wel)  اسٽيشن هو، يعني ڪامن ويلٿ پر هاڻ اها اسٽيشن سري پيتالنگ سڏجي ٿي. چيراس اسٽيشن جو نالو ان علائقي چيراس تان پيو آهي. چيراس وارو علائقو ڪئالالمپور جي صدر (مرڪز) واري علائقي کان ٿورو ٻاهر ڀرو آهي، جيئن ڪراچي جو ملير يا ماڙيپور جو علائقو صدر کان پري آهي. ڪيترائي ٽوئرسٽ هن علائقي جي هوٽلن ۾ رهڻ پسند ڪن ٿا، جو هي هوٽلون وچ شهر جي گوڙ کان آجيون آهن ۽ سندن مسواڙ به گهٽ آهي. ريلوي اسٽيشن هجڻ ڪري توهان منٽن ۾ جتي وڻيوَ پهچي سگهو ٿا. هونءَ ته هي علائقو به يورپ جي ڪنهن شهر کان گهٽ ناهي. چوڌاري نئين طرز جون عمارتون ۽ شاپنگ مال نظر اچن ٿا. هڪ ٽوئرسٽ کي جي وقت هجي ته چيراس (Cheras)  اسٽيشن تي لهي آسپاس جو چڪر هڻي، جتي ڪيترائي شاپنگ سينٽر آهن. جهڙوڪ؛ Leisure مال، ڪناٽ مارڪيٽ سينٽر، Carrefour، جايا جسڪو، UE3 (انچانگ ايماس)، فونيڪس پلازه (جيڪو 1995ع ۾ مشهور چيني ائڪٽر جئڪي چان کوليو)، هيرو هائير مارڪيٽ وغيره وغيره.

جيئن اسان وٽ گذريل ٽيهارو سالن کان جمع بازار يا آچر مارڪيٽون لڳڻ شروع ٿيون آهن، تيئن هن پاسي ملائيشيا، سنگاپور، انڊونيشيا پاسي ’پاسار مالم‘ يعني نائيٽ بازار لڳن ٿيون. پوءِ ڪنهن شهر ۾ آچر ڏينهن ته ڪنهن ۾ جمعي يا اربع ڏينهن لڳن، جتي هر شيءِ سستي اگهه تي ملي ۽ جيئن سڄي پاڪستان ۾ ڊفينس سوسائٽي ڪراچي جي ”سنڊي بازار“ وڏي ۾ وڏي آهي، تيئن هن علائقي چيراس جي پاسار مالم جيڪا تمن ڪناٽ ۾ لڳي ٿي، ملائيشيا جي وڏي ۾ وڏي مارڪيٽ آهي.

چيراس وانگر ”سنگائي بيسي“ ريلوي اسٽيشن تي نالو پڻ ان علائقي تان پيو آهي. سنگائي بيسي به ڪئالالمپور جو ٻهراڙي وارو علائقو آهي، جيئن چنيسر ڳوٺ، ڪورنگي، شير شاهه وغيره ڪراچي جا ٻاهران علائقا آهن. اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪراچي وانگر ڪئالالمپور جا به سڀ علائقا ملي هڪ ٿي ويا آهن. بهرحال ”سُنگائي بيسي“ تاريخي علائقو يا ٽائون آهي، جتي ملائيشيا جي سڀ کان اونهي قلعي (Tin)  جي کاڻ هئي. شروع کان هتي لوهه جو ڪم هلي ٿو ۽ اڄ به ڪيترا لوهه ۽ اسٽيل جا ننڍا وڏا ڪارخانا آهن. شايد سُنگائي بيسي نالو به ان ڪري پيو آهي. ملائيشيا ۾ ڪيترائي ڳوٺ ۽ شهر آهن، جن جي نالي ۾ سنگائي ائين اچي ٿو، جيئن اسان جي شهرن ۾ ”ٽنڊو“. سنگائي معنيٰ ندي. ملاڪا ۾ جتي اسان جي نيول اڪيڊمي هئي، ان جي ڀرواري ڳوٺ جو نالو ”سُنگائي بارو“ هو. بارو معنيٰ نئين، اهڙي طرح سنگائي لاما (جهوني ندي) نالي ڳوٺ آهي. ملاڪا جي ويجهو هڪ وڏي ٽائون جو نالو سنگائي اُڊانگ آهي. اُڊانگ معنيٰ گانگٽ، ٿي سگهي ٿو هن شهر جي ڀرسان وهندڙ نديءَ ۾ گانگٽ گهڻا هجن. ملائيشيا جتي ٻارهوئي زوردار مينهن وسي ٿو، اتي ندين جي کوٽ نه آهي. اهڙي طرح ڪئالالمپور جي هن ٽائون ۾ لوهه، اسٽيل، قلعي جهڙن ڌاتن جي گهڻائي هجڻ ڪري هن جو نالو سنگائي بيسي يعني ”لوهه جي ندي“ پئجي ويو. ان جو مطلب اهو هرگز ناهي ته هيڏانهن مڇين ۽ گانگٽن جي کوٽ آهي.

سنگائي بيسي  Sea Food  کان مشهور آهي، جتي مڪاني ماڻهو توڙي ٽوئرسٽ مڇي، پلي، گانگٽ ۽ ڪيڪڙي جهڙي تازي سي فوڊ لاءِ اچن ٿا. سو ڪنهن ٽوئرسٽ کي ڪئالالمپور ۾ گهمڻ لاءِ وقت هجي ته هن ريلوي اسٽيشن ”سنگائي بيسي“ تي به لهي ڪلاڪ ٻه هيڏانهن هوڏانهن جو چڪر هڻي، پر جيڪڏهن هو ڪئالالمپور ۾ فقط ٻن ٽن ڏينهن لاءِ آهي ۽ هو چهايا، چيراس، چيمپڪا، ميهارجا يا مالوري جهڙين اسٽيشنن تي نٿو لهي سگهي ته ڀلي نه لهي، پر مسجد جامع، سلطان اسماعيل ۽ KLCC جهڙيون اسٽيشنون مِس نه ڪري. KLCC (ڪئالالمپور سٽي سينٽر) اها ريلوي اسٽيشن آهي، جتي هتي جي وڏي عمارت پيٽرو ناس ٽاور آهي، ڪي ايل ٽاور آهي، KLCC ماهي خانو آهي، پيٽرو سائنس ۽ پيٽرو ناس آرٽ گئلري آهي، جن شين کي ڏسڻ لاءِ دنيا جا ٽوئرسٽ اچن ٿا. KLCC لاءِ چيو وڃي ٿو ته ڪئالالمپور شهر جي دل آهي. KLCC کي ”شهر اندر شهر“ (A City Within A City) به سڏين ٿا.

هن علائقي جون خوبصورت فائيو اسٽار هوٽلون به ڏسڻ وٽان آهن. اسان جهڙو ٽوئرسٽ کڻي اهڙين هوٽلن ۾ رهي نٿو سگهي، پر ٻاهران ٻاهران انهن جي عمارتسازي (Architect)  جي سونهن جو نظارو ته ڪري سگهي ٿو... انهن اڳيان بيهي تصوير ته ڪڍرائي سگهجي ٿي.... ڪجهه هوٽلون جيڪي منهنجي اڳيان ٺهيون- بلڪ ڪئالالمپور جون سڀ وڏيون هوٽلون اسان جي اڳيان ٺهيون (ان کان اڳ ملائيشيا جا جهازي ڪراچي اچڻ تي انٽر ڪانٽيننٽل هوٽل ڏسي واهه واهه ڪندا هئا)، انهن مان ڪجهه جا نالا لکان ٿو. انهن هوٽلن وٽان ڪالهه ڪار ۾ لنگهندي سندن نالا لکي ورتا اٿم.

دي ائسڪاٽ ڪئالالمپور

هوٽل مايا ڪئالالمپور

Corus هوٽل ڪئالالمپور

منڊارن اورينٽل

پرنس هوٽل

Novotel Hydro Majestic

ٽريڊرس هوٽل

Impiana KLCC & SPA

هوٽل اڪيٽوريل

شانگريلا هوٽل

ڪرائون پلازا

Renaissance K.L

پئسفڪ ريجنسي

ڪنڪورڊ هوٽل.... وغيره وغيره.

سؤ سال کن اڳ ملائيشيا سڄو جهنگ هو پوءِ آهستي آهستي آباديون ٿينديون ويون. عمارتون ۽ روڊ ٺهندا ويا. پليون ۽ ريلوي لائينون وڇائبيون ويون. پارڪ ۽ کيڏڻ لاءِ ميدان ٿيندا ويا ۽ هاڻ اهو دنيا جو هڪ بيحد ماڊرن شهر ٿي پيو آهي. توهان جي باءِ روڊ ملاڪا، جوهور بارو يا سنگاپور وڃي رهيا آهيو، يا اتر طرف اپوح، پينانگ يا بارڊر ٽپي ٿائلينڊ وڃي رهيا آهيو ته سڄي واٽ هاءِ وي ۽ سپر هاءِ وي وٺڻ بدران ڪٿي ڪٿي توهان گهارو، گجو ۽ ٺٽي جهڙو پراڻو نيشنل هاءِ وي وٺي ملائيشيا جي گهاٽن جهنگن جو سير ڪري سگهو ٿا. پر جيڪڏهن ڪنهن ٽوئرسٽ وٽ ٽائيم ناهي، هو فقط ڪئالالمپور ۾ ٻن ٽن ڏينهن لاءِ آيو آهي ته به فڪر جي ڳالهه ناهي. هو هتي جي گهاٽي جهنگ جو فقط ڪئالالمپور ۾ رهي به سير ڪري سگهي ٿو. ان لاءِ توهان کي مسجد جامع ريلوي اسٽيشن تي لهي پنڌ يا بس ۾ بڪت ناناس اچڻو پوندو. هي علائقو بلڪل وچ شهر ۾ آهي، جتي K.L  ٽاور آهي. هي ٽاور دنيا جو پنجين نمبر تي وڏو ٽيليڪميونيڪيشن ٽاور آهي. بهرحال جالان ائمپنگ، جالان راجا چُولان، جالان پي. راملي ۽ جالان سلطان اسماعيل روڊن جي اندر وارو سمورو حصو بڪت ناناس سڏجي ٿو. يارهن هيڪٽرن ۾ پکڙيل هي سڄو علائقو جهڙو سؤ سال اڳ جهنگ هو، اهڙو ئي رکيو ويو آهي، جيئن ٿوري وقت لاءِ ڪئالالمپور ۾ آيل ٽوئرسٽ ملائيشيا جي گهاٽن جهنگن (Tropical Rain Forest)  جو منظر پسي سگهن. ڪئالالمپور ۾ نوڪرين يا پڙهائي سانگي رهيل توڙي گهمڻ لاءِ آيل اسان جي ملڪ جي ماڻهن- خاص ڪري بلوچستان ۽ سنڌ جي رهاڪن کي (جن ههڙا گهاٽا جهنگ نه ڏٺا آهن) بڪت ناناس گهمڻ جو مشورو ڏيندس، اتي ئي هو K.L Tower  به ڏسي سگهن ٿا ۽ مٿي چڙهي سڄي ڪئالالمپور جو نظارو به ڪري سگهن ٿا.

پاڻ ڪئالالمپور ۾ هلندڙ ٻن ريلوي لائينن جي ڳالهه شروع ڪئي هئي، جنهن مان هڪAmpang Line   جون ريلوي اسٽيشنون لکي چڪو آهيان. ٻي جيڪا Kelana Jaya Line  آهي، اها پُترا لائين به سڏجي ٿي. ڪيلانا لائين يڪي هڪ لائين آهي، يعني اها ائمپنگ لائين وانگر اڳتي هلي ٻن برانچن ۾ نٿي ورهائجي. هتي اهو به لکندو هلان ته هيءَ ريلوي لائين 29 ڪلو ميٽر ڊگهي آهي، جنهن تي بنا ڊرائيور جي ٽرين هلي ٿي. دنيا جي ههڙين آٽوميٽڪ ٽرينن ۾ هيءَ لائين ٽيون نمبر ڊگهي آهي. (پهرين نمبر تي ڪئناڊا جي 70 ڪلو ميٽر اسڪاءِ ٽرين آهي ۽ ٻئي نمبر تي فرانس جي 32 ڪلو ميٽر Lille Metro Val آهي.) ڪئالالمپور جي هن Kelana Jaya لائين جون هي ريلوي اسٽيشنون آهن:

گومباڪ

تمن ميلاتي

ونگسا ماجو

سري رمپائي

سيتيا ونگسا

جيلا تيڪ

داتو ڪرامت

دامائي

ائمپنگ پارڪ

KLCC

ڪمپونگ بارو

دانگ وانگي

مسجد جامع

پاسار سيني

K.L سينٽرل

بنگسار

عبدالله حُڪُوم

ڪيرنچي

يونيورسٽي

تمن جايا

ايشيا جايا

تمن پئرا مائونٽ

تمن بهاگيا، ۽

ڪيلانا جايا

باب ستيتاليهون

ڪئالالمپور ۾ رهائش

اهو به هڪ منجهائيندڙ سوال آهي جڏهن ڪو ٽوئرسٽ ڪئالالمپور ۾ رهڻ لاءِ ڪنهن مناسب هوٽل جو پڇي ٿو. اهڙي سوال جو جواب توهان ورلي صحيح ڏئي سگهو ٿا، جو ان بابت هر هڪ جي پنهنجي سوچ ٿئي ٿي. ڪيترا دفعا ائين ٿيو آهي ته پاڪستان کان آيل همراهه منهنجي suggest ڪيل هوٽل ۾ رهڻ بعد چوندا آهن ته هيءَ هوٽل ڪنهن ڪم جي ناهي. ظاهر آهي هر هوٽل جو ڪمرو  ان جي مسواڙ مطابق ٿيندو ۽ منهنجي خيال ۾ اسان جهڙن ٽوئرسٽن کي فائيو اسٽار، فور اسٽار هوٽلن جو ته نه، پر ٿري اسٽار هوٽلن جو به رخ نه ڪرڻ کپي. مون ته گورن يعني انگريز ۽ يورپين کي به سادين هوٽلن ۾ رات گذاريندي ڏٺو آهي. جيڪڏهن هو واقعي ٽوئرسٽ آهن، يعني هو پنهنجي خرچ تي گهمڻ لاءِ آيا آهن ته. باقي ڪمپني جي خرچ سان يا ڪنهن ملڪ جي يونيورسٽي ۾ ليڪچر يا سيمينار اٽينڊ ڪرڻ لاءِ ڪمپني يا اهو ملڪ خرچ ٿو ڀري ۽ فائيو اسٽار هوٽل ۾ ٿو رکي ته پوءِ اسان کي تڪليف نه ٿيڻ کپي. ڪيترا دفعا هڪ جهاز تان ٻئي جهاز تي بدلي ٿيڻ مهل، ٻئي ملڪ ۾ هوائي جهاز ۾ پهچڻ تي ٻه ٽي ڏينهن هوٽل ۾ رکيو وڃي ٿو يا جهاز (Ship) تي ڳري مرمت هلڻ تي، جنهن  ۾ گهڻو گوڙ شور ٿئي ٿو، اسان جهاز وارن کي فائيو اسٽار هوٽلن ۾ رکيو وڃي ٿو ۽ ٽئي ويلا ماني به اتي کارائي وڃي ٿي. اسان کي ڪو اعتراض ناهي، جيڪا ڪمپني اسان جو هزارين روپين جو خرچ ڀري ٿي ان جا اسين ڪم به لکها ۽ ڪروڙها روپين جا ڪريون ٿا ۽ اسان کي فائيو اسٽار ۾ ڇا ڀلي ڪنهن ڇهن يا ستن تارن وارين هوٽلن ۾ رکن. هونءَ ته سچي ڳالهه اها آهي ته ٻئي جي خرچ ڀرڻ تي به منهنجي دل ڏکندي آهي، جو اهڙي آرام پرست ۽ Luxurious ماحول ۾ ڇو رهجي؟ چار پهر رات جا فقط ننڊ ئي ته ڪرڻي آهي ۽ پيٽ ڀرڻ لاءِ ڊبل روٽي جون ٻه سلائيسون ۽ ٻوڙ ذري ڪافي آهي. سڄو ڏينهن جهاز جي انجڻ روم ۾ بيٺي پير ڪم ڪرڻ ڪري ايڏو ته ٿڪ ٿئي ٿو جو بستر تي ليٽڻ سان ننڊ کنيو وڃي. اهڙو ئي ٿڪ هڪ ٽوئرسٽ کي سڄو ڏينهن شهر ۾ ٽنگون هڻڻ سان ٿئي ٿو.

سو منهنجي خيال ۾ هڪ ٽوئرسٽ کي هوٽل جي ڪمري تي گهڻو خرچ نه ڪرڻ کپي ۽ نه گهڻو گَهوپي خور ٿيڻ کپي. بس ايترو آهي ته ڪمرو هوادار هجي، وهنجڻ لاءِ پاڻي هجي، صاف هنڌ بسترو هجي، مڇر ۽ جيت جڻيا نه هجن ۽ حفاظت وارو هجي. پر مون ڏٺو آهي ته جتي گورا ٽوئرسٽ ڌارئين ملڪ جو چڪر هڻي اتي تاريخي جاين ۽ آثار قديمه جون ڳالهيون ڪندا، اتي اسان جي هم وطنين جو گهڻو زور هوٽل ۾ ننڊون ڪرڻ، هوٽلن جي سهڻن ڪمرن ۽ مئچنگ پڙدن ۽ انهن کي صاف ڪرڻ وارين نوڪرياڻين بابت خبرون هونديون آهن. اسانجا ماڻهو صبح جو ڏهين يارهين بجي ڌاري ننڊون ڪري اٿندا، پوءِ وڏين هوٽلن جي ڊائننگ هال ۾ پُرتڪلف نيرن ڪري ٻارهين هڪ بجي هوٽل مان نڪري پهرين ته پُڇا ڪرائيندا يا سوچيندا ته اڄ ڪيڏانهن گهمڻ نڪرجي. پوءِ ان هنڌ پهچڻ لاءِ ڏس پتا ۽ سواريون معلوم ڪندا... مطلب ته هو پرديس ۾ گهمڻ، ڏسڻ ۽ پرائڻ جو وقت ائين ئي ضايع ڪري ڇڏيندا. پر سياڻا انگريز ۽ يورپي ماڻهو پنهنجو ملڪ ڇڏڻ کان ٻه ٽي هفتا اڳ ان نئين ملڪ ۽ ان جي شهرن جي روڊ رستن جا نقشا ۽ گهمڻ جون جايون چڱي طرح ذهن نشين ڪري پوءِ نڪرندا ۽ پوءِ ڌارئين شهر ۾ پهچي صبح ساڻ گهمڻ ڦرڻ لاءِ نڪري پوندا. ڏٺو وڃي ته صحيح طرح اهي ئي enjoy ڪن ٿا.

اڳئين دفعي جپان کان ڪراچي موٽڻ تي واٽ تي جهاز جو ڪئالالمپور ۾ اسٽاپ هو. ٽريول ايجنٽ ٽڪيٽ ته گهڻي سستي نه ڪئي پر ڪئالالمپور جي هوٽل ۾ هڪ ڏينهن جي رهائش مفت ڪرائي ڏني.

ڪراچي موٽيس ته ٽريول ايجنٽ چيو ”مون جهازران ڪمپني کي چيو ته ٽن ڏينهن بدران ڀلي هڪ ڏينهن جي رهائش ڏيو، پر هوٽل اعلى قسم جي هجي.“

دل ۾ چيم ته عجيب بيوقوف آهين ان کان ته ڪنهن سادي هوٽل ۾ ٽي ڏينهن مفت ۾ رهائش وٺي ڏين ها ته بهتر هو. اهڙي فائيو اسٽار هوٽل مون جهڙي ٽوئرسٽ لاءِ ڪهڙي ڪم جي. بيشڪ اها هوٽل آرامده ۽ وڏين سهوليتن واري هئي. هوٽل کي سئمنگ پول به هو جنهن ۾ هوٽل ۾ رهندڙ مفت ۾ سئمنگ ڪري سگهيا ٿي. پر مون جهڙي ٽوئرسٽ لاءِ اهو ڪلاڪ ٻه به شهر جو واءُ سواءُ لهڻ ضروري هو يا سئمنگ ڪرڻ. هوٽل جي هر ڪمري ۾ رهندڙ لاءِ ذاتي ٽجوڙي جو بندوبست هو جنهن ۾ هو پنهنجيون قيمتي شيون رکي سگهي. پر مون لاءِ اها سهولت به ڪهڙي ڪم جي؟ ڪراچي جي ايمپريس مارڪيٽ مان 115 رپين جي ورتل واچ ان  ۾ رکان يا 25 رپئي واري ڊالر پين رکان يا ٻٽونءَ ۾ باقي بچيل 80 ڊالر رکان؟ پندرهن ڊشن واري نيرن مفت ۾ هئي. اهڙي ڳري نيرن کائي اچي سمهي رهان ان کان بهتر آهي رستي تي ڪنهن اسٽال واري کان چانهه ۽ ڪيڪ پيس وٺي ساڻس ڪچهري به ڪريان، ۽ ڪالم لکڻ لاءِ سندس ڪهاڻي ۽ اهو دڪان هلائڻ جو احوال وٺانس. مون تي ٿڌو ٿورو ڪرڻ جو احساس ڏيارڻ لاءِ هوٽل جي مئنيجر ڪمري جي چاٻي ڏيندي چيو هو؛

  ”سر ڊبل بيڊ وارو ڪمرو پيو ڏيان.“

 دل ۾ مون سوچيو ته ڊبل ڪمري وارو ڇا مون لاءِ ته بنا بيڊ وارو ڪمرو به صحيح آهي جو backache  ڪري آئون سمهان ئي پٽ تي ٿو ۽ خاص ڪري هينئر ته يڪا ٻه مهينا جپان ۾ رهي پيو موٽان، جتي هر ماڻهو تڏي تي سمهي ٿو، چاهي ملڪ جو وزيراعظم هجي يا فلمي اداڪارائون.

بهرحال منهنجو مطلب اهو آهي ته اسان جهڙن سياحن لاءِ اهڙي رهائش يا اهڙو ڪمرو ڪافي آهي، جنهن ۾ فقط بنيادي سهولتون هجن، جن جو احوال مٿي لکي چڪو آهيان، باقي مهانگين هوٽلن جون جيڪي سهولتون آهن جن جي ڪري مسواڙ ڳري ٿئي ٿي، اهي اسان لاءِ ڪهڙي ڪم جون؟ جڏهن آفيس طرفان جهاز جي خريداري يا مرمت لاءِ ٻئي ملڪ وڃبو هو يا ملائيشيا جي نيول اڪيڊمي طرفان سنگاپور يا ٿائلينڊ سيمينار اٽينڊ ڪرڻ وڃبو هو، ته پوءِ واقعي اهڙي هوٽل جي ضرورت پوندي هئي، جتي فئڪس مشين جي سهوليت هجي، جيئن پنهنجي هيڊ آفيس ڏي روز جي رپورٽ موڪلي سگهجي. پر گهمڻ لاءِ آيل مسافر کي ته ڪمري ۾ ويهي ٽي وي ڏسڻ جو به وقت نٿو ملي. ٽي وي تي هلندڙ فلمون، گانا ۽ ڊراما ته هو پنهنجي ملڪ به وڃي ڏسي سگهي ٿو. پنهنجو ڀاڙو ڀري ڌارئين ملڪ ۾ آيو آهي ته شهر گهمي، ان شهر جي ماڻهن سان ملي، خبرون ڪري يا ڪمري ۾ لڳل ٽي وي تي فلمون ڏسي. مٿين هوٽل جنهن ۾ مون کي هڪ رات مفت ۾ رهائڻ جو ٿڌو ٿورو ڪيو ويو هو، ان جي ڪمرن ۾ رکيل ٽي وي لاءِ مئنيجر وڏي شان سان اهو به ٻڌايو هو ته ”سر اسان جي هوٽل جي ڪمرن ۾ عام ٽي وي نه پر فلئٽ اسڪرين واري ٽي وي رکيل آهي.“

مون کي سمجهه ۾ نه آيو ته هو ڇا ٻڌائڻ چاهي ٿو. منهنجي وضاحت گهرڻ تي هن ٻڌايو ته ”سائين فلئٽ ٽي وي سڄو سڄو ڏينهن ڏسڻ سان به اکيون خراب نٿيون ٿين.“ دل ۾ مون سوچيو ته آئون هتي گهمڻ ڦرڻ ۽ شهر جو نڪ نقشو ڏسڻ آيو آهيان يا تنهنجي ٽي وي ڏسڻ! ۽ جيڪو مهمان هن ڪمري ۾ ڏينهن يا ٻه رهندو، ان کي جيڪڏهن ڪلاڪ ٻه ٽي وي ڏسڻ جو شوق به ٿيو ته هن لاءِ ٽي وي کڻي ڪهڙي به هجي، چند ڪلاڪن ۾ ڪنهن جون به اکيون خراب نٿيون ٿين. پر ٿي سگهي ٿو اهڙا به چريا يا اڌ مغزي ماڻهو هجن جيڪي انهن ننڍين ننڍين ڳالهين لاءِ پريشان ٿيندا هجن ۽ کين سندن صحت خراب ڪندڙ اهڙين ڳالهين جو خوف يا سوداءُ ٿيندو هجي. شاديءَ بعد هڪ ان قسم جو نوجوان ڊاڪٽر وٽ آيو ۽ پڇيو:

”سائين منهنجي زال هر وقت چپن تي لپ اسٽڪ لڳائي رکي ٿي. ڇا چمي ڏيڻ سان منهنجي صحت خراب ته نه ٿيندي؟“

ڊاڪٽر وراڻيس ”توکي ڇا لپ اسٽڪ ڊبل روٽي تي هڻي کائڻي ٿي پوي ڇا جو صحت خراب ٿيڻ جو خوف اٿئي؟“

سو ههڙن ڪمرن ۾ رهندڙ ڇا ڏينهن رات رڳو ٽي وي ڏسڻ لاءِ ولايت اچن ٿا ڇا؟

پر توهان کي حيرت ٿيندي ته ڪيترا ماڻهو ولايت ۾ اچي گهمڻ بدران رڳو ٽي وي ڏسيو وڃن. ٻيا کڻي نه هجن، پر هڪ همراهه کي سڃاڻان جيڪو زال ۽ ٻارن کي ٽن ڏينهن لاءِ بئنڪاڪ گهمائڻ  وٺي آيو. اتي پهچي زال جي مرضي شاپنگ ڪرڻ تي هئي. ٻارن چڙيا گهر، مانگر مڇن جا تالاب ۽ ٻيون ڪجهه اهڙيون شيون ڏسڻ چاهيون ٿي ۽ پاڻ ان چڪر ۾ هو ته سندس زال ٻارن کي وٺي گهمائڻ لاءِ ڪيڏانهن ٽري ته هن کي لوفر پائي لاءِ آزادي ملي سگهي. هنن جي ٽئي ڏينهن هڪ ٻئي سان کِٽ پٽ جاري رهي، نتيجي ۾ هو ڪيڏانهن به وڃي نه سگهيا ۽ ٽئي ڏينهن هوٽل جي ڪمري ۾ ٽي وي ڏسي موٽي آيا. ڳوٺ پهچي جنهن تنهن کي ٻڌائيندا رهيا ته ٿائلينڊ جي ٽي وي واهه جي آهي! زبان سمجهه ۾ نٿي اچي پر پروگرام واهه جا ٿا ڏين....

فائيو يا فور اسٽار هوٽلن ۾ ٻي وڏي مصيبت مِني بار جي هوندي آهي. يعني توهان جي ڪمري جي فرج ۾ يا ڪنهن ڪولڊ رئڪ ۾ بيئر، ڪوڪ ۽ ٻين شربتن جون ڪجهه بوتلون ۽ دٻا ، ٻن ٽن قسمن جا چاڪليٽ ۽ بسڪيٽ رکيل هوندا آهن، جن جي قيمت مارڪيٽ جي قيمت کان ٻيڻي ٽيڻي هوندي آهي. منهنجو ڪالم نويس دوست امر جليل صحيح چوندو آهي ته: ”اهڙين هوٽلن کان ڀڄ پري. اسان پيئون ڪونه پر جيڪي پين ٿا، انهن کي به کپي ته بيئر جو دٻو ٻاهران وٺي اچن. بهرحال ڪمري ۾ مِني بار واري سهوليت جي آهي ته پئسي وارن موالين لاءِ. اسان جهڙو ان سهوليت خاطر ڳري مسواڙ واري هوٽل ۾ ڇو رهي.

منهنجي خيال ۾ امر جليل صحيح ٿو چوي. آئون به پنهنجي تجربي مطابق اهڙي هوٽل جي ڪمري ۾ پهچي ان ئي وقت روم سروس واري بئري کي گهرائي چوندو آهيان ته ”هن مِني بار کي چيڪ ڪري وڃ ته ڇا ڇا پيو آهي.“ ڇو جو روم ڇڏڻ وقت هوٽل وارن سان اهڙين ڳالهين تي اڪثر کِٽ پِٽ ٿيڻ جو انديشو رهي ٿي. توهان ڪابه شيءِ استعمال نه ڪريو، پر آخري ڏينهن تي روم ڇڏي هيٺ ڪائونٽر تي پنهنجو بل چڪتو ڪرڻ مهل ان ۾ ٻه بوتلون بيئر يا ڪوڪ جا به 500 رپيا کن لڳا پيا هجن ته عجيب ٿو لڳي.

ان کان علاوه روم  ۾  پهچڻ سان ٽيليفون آپريٽر کي فون ڪري چوندو آهيان ته ٻاهران ايندڙ فون ڀلي ڏي باقي هتان ويندڙ فون بند رک. ڇو جو ان تي به وڃڻ وقت کٽ پٽ رهي ٿي. ڪڏهن ڪڏهن غلطي ۾ توهان کي انهن فونن جا به پئسا ڏيڻا پون ٿا، جيڪي توهان ڪيا ئي نه هوندا آهن. هونءَ به اڄ ڪلهه موبائل فون عام آهي. ملڪ ڇڏڻ وقت پنهنجو موبائل فون پاڻ سان کڻي نڪرو. سواءِ جپان جي هر ملڪ ۾ ساڳيا فون استعمال ٿين ٿا. توهان کي رڳو ان ملڪ جي Sim وٺڻي پوندي. يا ٻي صورت ۾ اهو بهتر آهي ته ڪمري مان نڪري هيٺ ٽيليفون آپريٽر جي آفيس يا رسيپشن تان فون ڪري اتي ئي ان بل جي ادائگي ڪري ڇڏيو.

بهرحال منهنجي نظرن ۾ هڪ ٽوئرسٽ کي فائيو يا فور اسٽار وارين ناليرين هوٽلن ۾ رهي پئسو وڃائڻ بدران، عام هوٽلن ۾ رهڻ کپي، جيئن هو اهو پئسو به ان شهر يا ملڪ کي وڌيڪ ڏسڻ تي خرچ ڪري سگهي. هونءَ به وڏين هوٽلن جون اهي سهولتون جن جي ڪري هنن جي مسواڙ هيڪاندي گهڻي ٿئي ٿي، اسان جهڙن ٽوئرسٽن لاءِ نه آهن. يعني اسان جهڙن غريب ايشيائي ملڪن جي ماڻهن لاءِ. انهن نالي ڪُٺين سهولتن مان ڪجهه وڌيڪ هن ريت آهن جن جو توهان پاڻ جائزو وٺو ته اهي سهولتون اسان جي ڪهڙي ڪم جون آهن؟ ماڻهن کي بيوقوف ۽ کوکلو شان ڏئي هرکائڻ لاءِ هوٽل وارا اهڙين ٺڙڪو سهولتن جي ڳالهه نمايان طور ڪن ٿا، جهڙوڪ:

 ”فٽنيس روم“ سڄو ڏينهن شهر ۾ ٽنگون هڻڻ کانپوءِ توهان کي فٽنيس روم يا جمناسٽڪ هال ۾ وڃي ورزش ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟

:”Kitchenette” ڪن هوٽلن جي ڪمرن ۾ هڪ ننڍي ڪچن ٿئي ٿي جيئن توهان پنهنجي پسند جون هلڪيون ڦلڪيون شيون ٺاهي سگهو. اسان لاءِ وڏو عيش ريڙهي واري کان ٻن رنگٽن جو مرتباڪ (قيمي وارو اڦراٽو) يا چڪن برياني (جنهن کي ملئي زبان ۾ ناسي ايام سڏين ٿا) وٺي پيٽ ڀرڻ ڪافي آهي. ۽ اها ماني گهمڻ دوران ڪٿي کائي وٺجي. گهمڻ بدران گيهه، مکڻ، کير، بيضا وٺي ڪمري تي اچي رڌ پچاءُ ڪرڻ ۾ ڪهڙي عقلمندي آهي!

”هاءِ اسپيڊ انٽرنيٽ“- توهان هفتي اڌ لاءِ گهمڻ آيا آهيو يا مائٽن دوستن کي خط لکڻ ۽ ڪمپيوٽر تي اخبار پڙهڻ، جو توهان لاءِ اهڙي سهوليت ضروري هجي. ها هڪ بزنيس مئن يا سائنٽسٽ ڪنهن ضروري ڪم لاءِ آيل آهي ته ان لاءِ اها سهولت بهتر آهي. توهان کي جي پنهنجي Mail ڏسڻي آهي ته شهر ۾ سائبر ڪيفي جام آهن. ڏيڍ ڊالر ڏئي ڪلاڪ کن وڃي ڪمپيوٽر سان رهاڻ ڪريو.

”پارڪنگ جي سهوليت“: اها به توهان لاءِ اجائي آهي. آئون ملاڪا ۾ نوڪري ڪندو هوس ته منهنجي اداري جي انتظاميه ڪڏهن ڪڏهن مون کي اپوح، پينانگ يا جوهور بارو جهڙن شهرن ڏانهن ليڪچر ڏيڻ لاءِ يا جهاز جي سروي لاءِ موڪليندي هئي ته پوءِ آئون نخرو ڪندو هوس ته اهڙي هوٽل ۾ ڪمري جو بندوبست ڪريو، جتي پارڪنگ Facility هجي، جتي آئون پنهنجي ڪار بيهاري سگهان. پر غير سرڪاري طرح يعني پنهنجي مرضي سان انهن شهرن ۾ گهمڻ ويندو هوس ته شهر کان پري واري ڪا هوٽل ڳوليندو هوس، جيڪا سستي پوي ڀلي ڪار پارڪنگ نه هجي. ڪار کي هوٽل جي ٻاهران ڪنهن روڊ جي پاسي کان بيهاري ڇڏيندو هوس، جو هتي چوري چڪاريءَ جو ته ڊپ آهي ڪونه، بس رڳو ڪار جا در ۽ شيشا، ان ڪري بند ٿا رکجن ته متان ڪو نانگ بلا اندر اچي نه ويهي. يا اسان پاسي، جتي آئون رهندو هوس،  يعني ملائيشيا جي ڏاکڻي پاسي، ملاڪا جي ڳوٺن ڏي ڀولڙن جو وڏو آزار هوندو هو، جيڪي ڪار جو شيشو لٿل ڏسي اندر گهڙي، ڊئش بورڊ مان ڪاغذ پٽ ڪڍي اڇلائي ڇڏيندا هئا يا چٻاڙي ضايع ڪري ڇڏيندا هئا.

“Disabled Access” : انهن فئملين لاءِ آهي، جيڪي پاڻ سان پنهنجا پوڙها يا بيمار مائٽ کڻي گهمڻ لاءِ نڪرن ٿا ۽ سندن ڪمري تائين ويل چيئر هلڻ جي سهوليت ضروري آهي.

“Pet Friendly”: اهي نواب يا انهن جون زالون جيڪي پنهنجن پاليل ڪتن، ٻلن سان گڏ سفر ڪن ٿيون. انهن لاءِ هنن هوٽلن ۾ هنن جي جانورن جي رهائش، کاڌي پيتي، ويندي ڊاڪٽر ۽ حجام جو بندوبست ٿئي ٿو. يعني ڪتن ٻلن جي صحت ۽ هيئر ڪٽنگ لاءِ.

”مساج پارلر“- ملائيشيا ۾ اڄ به چون ٿا ته اهڙا آڍ وارا حڪيم آهن، جيڪي توهان جي جسم جي مالش ڪرڻ ذريعي سور دور ڪريو ڇڏين. امير ملڪن جا ڪيترائي امير ۽ بيوقوف مرد ملندا، جيڪي ٻُڪ ٽَڪن جا ڏيئي ههڙين هوٽلن ۾ مساج ڪرائيندي نظر اچن ٿا.

”شٽل سروس“- مسافرن کي ايئرپورٽ کان هوٽل تائين ۽ واپس ايئرپورٽ تائين ڇڏڻ لاءِ هر وقت هوٽل وارن جي سواري موجود رهي ٿي. اسان جهڙن ٽوئرسٽن لاءِ اها ڪا وڏي ڳالهه ناهي، خاص ڪري انڊيا، ايران، ملائيشيا جهڙن ملڪن ۾، جتي عام بس، ريل، ٽئڪسي هر وقت سهوليت ۽ سستي اگهه تي ملي وڃي ٿي. ان ڪري ڇو ويهي هوٽل جي ڪمري جي گهڻي مسواڙ ڏجي.

بهرحال پڙهندڙن جي زور ڀرڻ تي هتي ڪجهه هوٽلن جا نالا لکان ٿو. هڪ ڪئالالمپور جي دوست ذريعي انهن هوٽلن جا نالا ۽ پاڪستاني رپين ۾ ٿيندڙ مسواڙ پڻ لکان ٿو. اسان جي رپئي جو قدر هر وقت ڪرڻ ڪري ان مسواڙ ۾ واڌارو ايندو رهي ٿو، پر ان هوندي به توهان کي هتي جي هوٽلن جي اگهن بابت  Idea ٿي سگهي ٿي ته هڪ ڏينهن جي مسواڙ ڇا آهي.

- جالان سلطان اسماعيل تي هوٽل ڪرائون پلازه- Rs 6000

- جالان اسٽيشن سينٽرل تي هلٽن هوٽل- Rs 13000

- جالان ايمبي تي Melia هوٽل- Rs 6000

- جالان ايمبي تي رٽز ڪارلٽن هوٽل- Rs 13000

- جالان ائمپنگ تي هوٽل مايا- Rs 8000

- جالان سلطان تي پاڪ رايل هوٽل- Rs 7000

- جالان ڪِيا پينگ تي Novotel سٽي هوٽل- Rs 6000

- جالان سلطان اسماعيل تي Renaissance هوٽل- Rs 8000

- جالان بڪت بنتانگ تي گرانڊ ملينيم هوٽل- Rs 9000

- جالان راجا چولان تي هوٽل راستانا- Rs 6000

- جالان Tiong Nam تي سائٽرس هوٽل- Rs 4000

- جالان سلطان اسماعيل تي  هوٽل اڪيٽوريل- Rs 5000

- جالان پنچاڪ تي هوٽل پئسفڪ ريجنسي- Rs 5000

- جالان بڪت بنتانگ تي مئريٽ هوٽل- Rs 12000

- جالان بولان ۽ بڪت بنتانگ وٽ هوٽل ڪئپيٽل- Rs 5000

-  جالان بڪت بنتانگ تي فيڊرل هوٽل- Rs 6000

- جالان سلطان اسماعيل تي شانگريلا هوٽل- Rs 10000

- جالان سلطان اسماعيل تي شيرٽن امپيريل- Rs 7000

- جالان بڪت بنتانگ تي ويسٽن هوٽل- Rs 10000

- جالان Belia ۽ جالان راجا لائوت وٽ هوٽل گرانڊ ڪانٽيننٽل ڪئالالمپور- Rs 4000

- جالان تئانڪو عبدالرحمان تي Swiss هوٽل- Rs 2000

- جالان پيتالنگ تي هوٽل چانا ٽائون- Rs 2500

- جالان تئانڪو عبدالرحمان تي هوٽل سهارا- Rs 2200

- جالان سلطان اسماعيل وٽ هوٽل فارچونا- Rs 4500

- جالان پيتالنگ تي هوٽل چائنا ٽائون 2K- Rs 2000

- جالان پودو تي هوٽل Zass- Rs 2000

- جالان مسجد انڊيا تي پئلس هوٽل- Rs 4000

- پيتالنگ اسٽريٽ تي پيتالنگ اسٽريٽ هوٽل- Rs 1500

- جالان مسجد انڊيا تي هوٽل Start Point- Rs 3500

- جالان Berangan تي Attapsana گيسٽ هائوس هاسٽل- Rs 1500

اهي ته ٿيون ڪئالالمپور جي وچ شهر جون ڪجهه هوٽلون. شهر کان ٻاهر به سوين هوٽلون آهن، جن جي مسواڙ گهٽ ٿئي ٿي. هڪ ٽوئرسٽ کي کپي ته هو پنهنجي ملڪ مان هوائي جهاز جي ٽڪيٽ خريد ڪرڻ واري ٽريول ايجنٽ ذريعي پنهنجي بجيٽ مطابق هوٽل اڳواٽ بُڪ ڪرائي ته اهو بهتر آهي. ٻيو نه ته هڪ يا ٻن ڏينهن لاءِ ڪنهن به هوٽل ۾ ڪمرو بڪ ڪرائي نڪري، جيئن ڌارئين ملڪ ۾ ايئرپورٽ تان نڪرڻ مهل سڌو ان هوٽل ۾ هليو اچي ۽ پوءِ جي اها هوٽل پسند ناهي ته ڪجهه دير سفر جو ٿڪ ڀڃي پوءِ آرام سان پنهنجي پسند جي هوٽل ڳولهي.

ڪو پئسو بچائڻ چاهي ٿو ته ان کي آئون اها ئي صلاح ڏيندس ته شهر کان ٻاهر طرف ڪا هوٽل ڏسي ڇو جو هتي سواري جو ڪو مسئلو ناهي. هو ڪٿي به رهيل هجي، ڊالر ڏيڍ بس يا ٽرين جي ٽڪيٽ ڀري وچ شهر تائين پهچي سگهي ٿو. ائين ته وچ شهر ۾ به ڪيتريون ئي ننڍيون ننڍيون هوٽلون آهن، جيڪي سستيون آهن. جيئن ڪراچي ۾ صدر واري علائقي جي گهٽين ۾ آهن، پر ان لاءِ هرڪو پاڻ پنهنجي ضرورت ۽ بجيٽ کي ڌيان ۾ رکي رهائش جو انتظام ڪري ته اهو صحيح رهي ٿو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org