سيڪشن؛سفرناما

ڪتاب: هليو آ، هليو آ.... ملائيشيا

باب: --

صفحو:13

باب ڇويهون

ڪئالالمپور ۾ ڪيڏانهن وڃجي

هڪ ٽوئرسٽ جيڪو ٽن چئن ڏينهن لاءِ ڪئالالمپور ۾ آهي ان کي ان مختصر عرصي ۾ ڇا ڏسڻ کپي؟

منهنجي خيال ۾ هن کي پهرين ڏينهن ئي ملائيشيا جي ماڻهن، انهن جي مزاج، ڪپڙن گندين، کاڌن پيتن ۽ عمارتن جو جائزو وٺڻ لاءِ جالان تئانڪو عبدالرحمان  (روڊ) تي پهچي وڃڻ کپي. ڪئالالمپور ۾ هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ تائين پهچڻ ڪا ڏکي ڳالهه ناهي. ڪيترن هنڌن تي توهان واڪ ڪري سگهو ٿا خاص ڪري جهڙالي موسم ۾، نه ته به چوڌاري وڻڪار ۽ اوچين عمارتن ڪري گهٽين ۾ ڇانوَ رهي ٿي. ٻي صورت ۾ ميٽرو ٽرين يا بس ذريعي هڪ يا ٻن رنگٽن ۾ توهان هڪ هنڌ کان ٻئي تائين پهچي سگهو ٿا.

توهان بس يا ٽئڪسي ۾ جالان تئانڪو عبدالرحمان (روڊ) تي پهچي پوءِ پنڌ ئي پنڌ هتي جي مشهور سينٽرل مارڪيٽ، مسجد انڊيا، جامع مسجد، مرديڪا اسڪائر، سلطان عبدالصمد بلڊنگ، چائنا ٽائون يا اڳيان اتر ڏي چوڪٽ بازار، پاڪستاني مسجد، سکن جو گوردوارو، چينين ۽ ٻڌن جا مندر ڏسي سگهو ٿا. اهو هتي جو پراڻو علائقو آهي. يا وري ٻئي پاسي جالان پارليامين ۽ جالان دمانسارا  (روڊن) جي وچ واري علائقي ۾ هڪ ٻئي ڀرسان ڪيتريون ئي شيون ڏسڻ وٽان آهن. ڪئالالمپور جي ريلوي اسٽيشن کان جي شروع ٿجي، جيڪا ريلوي اسٽيشن به ڏسڻ وٽان آهي، ته اتي ئي آرٽ گئلري آهي، جنهن کانپوءِ هتي جي قومي مسجد آهي جيڪا ”مسجد نگارا“ سڏجي ٿي، ان کان علاوه ان پسگردائيءَ ۾ هي شيون ڏسڻ وٽان آهي:

اسلامي آرٽ ميوزيم

پلينيٽيرم نگارا

پکين جو پارڪ

پوپٽن جو پارڪ

تُن عبدالرزاق ميموريل

هرڻن جو پارڪ

ريڪريش پارڪ

نئشنل ميوزيم

۽ ٿورو اڳيان نئشنل مانومينٽ ۽ اسڪلپچر پارڪ آهي.

ميوزيم چاهي هنن جو قومي هجي يا اسلامي، اسان جي ملڪ  جا ماڻهو گهٽ وڃن ٿا. اتي گهڻي ڀاڱي يورپي گورا نظر اچن ٿا. اهڙين شين سان اسان جي ماڻهن جي دلچسپي آهي ڪانه. بهرحال اسان جي ماڻهن لاءِ جيڪي شيون اهميت رکن ٿيون يا هنن کي ڪئالالمپور پهچي خوشي ٿئي ٿي ۽ جن لاءِ آئون پاڻ به recommend ڪندس، انهن جو مختصر احوال هيٺ لکان ٿو.

مسجد انڊيا: ’جالان تئانڪو عبدالرحمان‘ روڊ سان لڳولڳ اوڀر ۾ جالان (شاهراهه) مسجد انڊيا آهي جنهن تي هيءَ ”مسجد انڊيا“ ٺهيل آهي. هيءَ مسجد 1870ع جي ٺهيل آهي، هن مسجد جي اوسي پاسي وارين گهٽين ۾ انڊين ۽ پاڪستاني تمام گهڻا رهن ٿا ۽ جيئن سنگاپور ۾ سرنگون روڊ وارو علائقو لِٽل انڊيا سڏجي ٿو، تيئن جالان مسجد انڊيا (روڊ) جي آسپاس واري علائقي کي هتي جو Little India سڏجي ٿو. هتي توهان کي انڊيا جي بنارسي ساڙهين، راجستاني وڳن کان بالي ووڊ فلمن جون سي ڊيون، آچار، مسالا، چوڙيون ۽ ڪوڙا ڳهه ملي ويندا. ان کان علاوه هتي جي ريسٽورنٽن ۽ هٿ  گاڏي وارن وٽ ننڍي کنڊ جو هر قسم جو کاڌو ملي ٿو.

جامع مسجد: (Masjid Jamek)

ڪئالالمپور جي هيءَ جامع مسجد جيڪا شهر مان وهندڙ ڪلانگ ندي ۽ گومباڪ ندي جي سنگم وٽ آهي، هن شهر جي آڳاٽين مسجدن مان هڪ آهي. هن مسجد کي ٺهڻ ۾ ٻه سال لڳا ۽ 1909ع ۾ ٺهي راس ٿي جنهن جو افتتاح سلينگور رياست جي سلطان ڪيو. مسجد نگارا کان اڳ هيءَ مسجد ڪئالالمپور جي اهم مسجد سمجهي وئي ٿي، جتي ملڪ جا اهم ماڻهو جمعي ۽ عيد نمازن تي آيا ٿي. هن مسجد جي ڊيزائين انگريز راڄ جي برٽش عمارت ساز (آرڪيٽيڪٽ) آرٿر بينيسن هباڪ تيار ڪئي. آرٿر ملايا جي پبلڪ ورڪ ڊپارٽمينٽ ۾ اسسٽنٽ ڊئريڪٽر هو. هن انگريز عمارت ساز جون ڪئالالمپور ۾ ڪيتريون ئي ڊيزائين ڪيل بلڊنگون اڄ به دنيا جا ٽوئرسٽ ڏسڻ اچن ٿا، جيئن ڪراچيءَ جي ميونسپل ڪارپوريشن، ڊي جي سائنس ڪاليج ۽ ايمپريس مارڪيٽ جهڙين عمارتن کي دنيا جا ماڻهو ڏسڻ اچن ٿا. آرٿر (Arthur Benison) جي ڊيزائين ڪيل هڪ عمارت سلطان عبدالصمد بلڊنگ ته بلڪل هن مسجد جي ويجهو آهي. اپوح ۽ ڪئالالمپور جي ريلوي جي بلڊنگ به هن همراهه جي ڊيزائين ٿيل آهي. ڪئالا ڪنگسار جي ابوديا  Ubudiah مسجد ۽ ڪئالالمپور جي رايل سلينگور ڪلب جون عمارتون به هن انگريز انجنيئر جون ڊيزائين ٿيل آهن ۽ سندن اسٽائل ۾ توهان کي ڪافي هڪجهڙائي نظر ايندي. ڪئالالمپور جي هن جامع مسجد ۾ پهچڻ لاءِ توهان ڀر واري اسٽيشن تي اچي سگهو ٿا، جيڪا هن مسجد جي نالي سان ”مسجد جامع LRT اسٽيشن“ سڏجي ٿي. ڪيلانا جايا، سري پيتالنگ ۽ ائمپنگ لائين جون ريل گاڏيون هن اسٽيشن تان لنگهن ٿيون. بلڪه مسجد انڊيا وڃڻ لاءِ به هن اسٽيشن تي لهڻ کپي. هيءَ اسٽيشن جالان تن پيراڪ (روڊ) تي ان هنڌ تي آهي، جتي سنگائي ڪلانگ (درياهه) اتر کان ايندڙ ٻئي درياهه سنگائي گومباڪ سان ملي ٿو. ان ميلاپ وٽ هيءَ جامع مسجد پڻ آهي.

 اُهي ٽوئرسٽ جيڪي ڪئالالمپور ۾ ٻن ٽن ڏينهن لاءِ اچن ٿا، انهن کي به آئون اها صلاح ڏيندس ته هو چاهي ڪٿي به ٽِڪيل هجن، ٽرين ذريعي هن اسٽيشن (مسجد جامع LRT اسٽيشن) تي پهچي، پوءِ واڪ ڪري جامع مسجد اچن. مسجد جي عمارتي ڊيزائين ۽ سونهن پسڻ کان علاوه هن علائقي ۾ ايندڙ ويندڙ مڪاني ۽ فارينر مرد ۽ عورتن جي مختلف لباسن، ڳالهائڻ ٻولهائڻ مان لطف اندوز ٿي سگهجي ٿو. ٿورو مٿي اتر طرف هلڻ سان جالان منشي عبدالله آهي جنهن جي ساڄي پاسي جالان انڊيا (روڊ) ۽ مسجد انڊيا آهي.

هتي اهو به لکندو هلان ته هن مسجد جي ملئي نالي  Masjid Jamek  کي گهڻا ماڻهو ”مسجد جاميڪ“ سڏين ٿا پر ملئي ۾  K  جي اچار کي  ع  پڙهڻ کپي. جيئن ملئي جو هڪ لفظ آهي ”معلومات“ جيڪو اسان وٽ به ساڳيو آهي پر ملئي زبان ۾ ان کي   Maklumat  لکيو وڃي ٿو پر پڙهيو ”معلومات“ وڃي ٿو. مسجد انڊيا جي عمارت عرب مورس ۽ مغلن جي عمارت سازي جو مڪسچر آهي. چون ٿا ته هن مسجد جي ڊيزائين آرٿر بينيسن، دهليءَ جي جامع مسجد کان متاثر ٿي ٺاهي. جنهن هنڌ تي هيءَ مسجد آهي هي اهو هنڌ آهي جتي جڏهن ڪئالالمپور شهر جي شروعات ٿي هئي ۽ چين مان مزدور آيا هئا ته هنن هن هنڌ تي جهوپڙيون ٺاهي پنهنجو هنڌ بسترو رکيو. ان بعد هو اندر جهنگ ۾ (جتي هاڻ ائمپنگ وارو علائقو آهي) وڃي کاڻين جي کوٽائي شروع ڪئي.

”مسجد جامع ريلوي اسٽيشن“ جي اتر ۾ مسجد انڊيا آهي ته ڏکڻ ۾ چائنا ٽائون ۽ سينٽرل مارڪيٽ، جيڪي ٻئي شيون پڻ گهمڻ لائق آهن. سينٽرل مارڪيٽ جي عمارت 1928ع جي ٺهيل آهي، جنهن جي ڊيزائين تي ايوارڊ به ملي چڪا آهن. هيءَ شروع ۾ ممبئي جي ڪرائفرڊ مارڪيٽ ۽ ڪراچي جي ايمپريس مارڪيٽ وانگر هئي، جتي بيضن، ڪڪڙين کان وٺي هر قسم جو گوشت ۽ ميوو ڀاڄيون مليا ٿي. هاڻ اهي سڀ شيون ڀر ۾ چوڪٽ مارڪيٽ ۾ ملن ٿيون. سينٽرل مارڪيٽ کي گذريل صدي جي اسي واري ڏهي جي آخري سالن ۾ هڪ بند مارڪيٽ ڪري ان کي مڪمل طور ايئرڪنڊيشنڊ ڪيو ويو ۽ هن ۾ هيٺ مٿي هاڻ فقط آرٽ جون شيون ملن ٿيون. ڪيترا آرٽسٽ اتي ئي ويٺا تصويرون ٺاهين، پٿر جون مورتيون، پينٽنگ، اسڪيچ ورڪ، ڌاڳي ۽ سُٽ جو ڪم ۽ ٻيا ڪم ڪن.

جهاز ذريعي ملائيشيا اچڻ دوران يا ملاڪا ۾ رهڻ دوران آئون جڏهن به ڪئالالمپور ايندو هوس ته چوڪٽ، مسجد انڊيا روڊ، چائنا ٽائون ۽ هن سينٽرل مارڪيٽ جو چڪر ضرور هڻندو هوس. ملائيشيا جي ڪمپونگن (ڳوٺن) جي ننڍن ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي هتي پينسل ورڪ، واٽر ڪلرنگ، آئل پينٽنگ ۾ عجيب شيون ٺاهيندو ڏسي حيرت ٿيندي هئم. آئون اهڙن ماڻهن کي هميشه اهم سمجهندو آهيان، جن جو ذهن Creative  آهي ۽ جن کي قدرت، آرٽ جي ڪم ۾ ذهين بنايو آهي. هينئر به سينٽرل مارڪيٽ جو چڪر هنيم. گرائونڊ فلور جو چڪر هڻي پوءِ ٻاهر مختلف کاڌن پيتن جي اسٽالن مان هڪ تي ويهي چانهه جو گلاس پيتم. هاڻ چانهه سڄي ملائيشيا ۾ جتي ڪٿي ملي ٿي، نه ته 1985ع تائين ملائيشيا ۾ اسان جهڙي چانهه ڪا ورلي ملي ٿي. جتي ڪٿي ڪافي هلي ٿي. پوءِ ٽوئرسٽن جي وڌڻ سان گڏ انهن جي ذائقي جو خيال رکيو ويو. مون کي ياد آهي ته چانهه جي ٻاڙ کڻندي هئي ته ڪئالالمپور جي ريلوي اسٽيشن ڏي ڀڄندو هوس، جتي جي هوٽل ۾ انگريزن جي ڏينهن کان اسپيشل چانهه جو رواج هلندو اچي، جنهن بابت پنهنجي هڪ سفرنامي ” ڪئالالمپور ڪجهه ڪوهه“ ۾ لکي چڪو آهيان.

پاڪستان مسجد وٽ به هڪ پنجابي گاڏي وارو دوڌ پتي چانهه کان مشهور هو. هن اونڌو تئو رکي ان تي گرم گرم ماني به پچائي ڏني ٿي. هو ٽن قسمن جا ٻوڙ خاص ڪري مڪسڊ ڀاڄي، دال ۽ ڪڪڙ جو ٻوڙ گهران رڌي ديڳڙن ۾ کڻي آيو ٿي. اسان سندس گاڏي جي چوڌاري بيهي کائيندا هئاسين. پاڪستان مسجد جي ڀرسان چينين جا ڪيترائي مسافر خانا هوندا هئا، جن جي ڪمري جي مسواڙ 10-15 رنگٽ مس هوندي هئي، جن ۾ ملائيشيا جي ڳوٺن جا ملئي يا اسان پاڪستاني اچي رهندا هئاسين. ڀر ۾ تعليم کاتي جي آفيس هئي ۽ هنن مسافرخانن ۾ گهڻي ڀاڱي ملائيشيا جي ڪنڊ ڪڙڇ جا ماستر به اچي رهيا ٿي، جن کي پنهنجي پگهار، پروموشن يا بدلي لاءِ ڪئالالمپور اچڻو پيو ٿي.

ڪئالالمپور جي سينٽرل مارڪيٽ ”جالان بينتينگ“ تي آهي. ان کان هيٺ ڏکڻ ۾ اچبو ته هتي جي وڏي ۽ قومي مسجد ”مسجد نگارا“  آهي. ملئي لفظ نگارا يا نغارا جي معنيٰ قومي آهي، جيئن بئنڪ نگارا معنيٰ نيشنل بئنڪ، زو نگارا معنيٰ نيشنل زو. اهڙي طرح ملئي لفظ نيگري جي معنيٰ رياست آهي. نيگري سلينگور يا سلنغور، نيگري پيراڪ، نيگري جوهور وغيره. هڪ رياست جو ته نالو ئي آهي نيگري سيمبيلان يعني ”نمبر نائين رياست“! سڄي ملائيشيا (اوڀر ۽ اولهه ملائيشيا) ۾ ٽوٽل 13 رياستون آهن، جن مان ٻه صباح ۽ سراواڪ اوڀر ملائيشيا ۾ آهن، جيڪو بورنيو ٻيٽ جو حصو آهي. اولهه ملائيشيا جيڪو ٿائلينڊ کان سنگاپور تائين آهي، ان ۾ يارهن رياستون آهن، جن مان فقط  نون ۾ سلطان آهن، جيڪي واري وٽي تي سڄي ملڪ جا بادشاهه ٿين ٿا ۽ ٻن رياستن ملاڪا ۽ پينانگ ۾ گورنر مقرر ڪيا وڃن ٿا. ائين ته هن ملائيشيا ۾ هڪ ٻي به رياست هئي، يعني ٻارهين رياست سنگاپور هو، جنهن کي پوءِ ڌار ڪيو ويو. هي يارهن رياستن وارو مغربي ملائيشيا 1957ع تائين ملايا سڏبو هو، پر پوءِ صباح ۽ سراواڪ ملڻ تي هن جو نالو ملائيشيا رکيو ويو.

بهرحال پاڻ مسجد نگارا جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين، جيڪا 1965ع ۾ ٺهي ۽ ملڪ جي اهم ۽ وڏي مسجد چئي وڃي ٿي، جنهن ۾ ملڪ جو وزيراعظم، سلطان ۽ بادشاهه توڙي ڌاريون اهم شخصيتون نماز پڙهڻ لاءِ اچن ٿيون.  ڪيترائي غير مسلم ٽوئرسٽ هن مسجد جي عمارتسازي جو ڪم ڏسڻ ۽ تصويرون ڪڍڻ لاءِ اچن ٿا. مسجد جامع ۾ ٽي هزار کن ماڻهو نماز پڙهي سگهن ٿا، پر هن ”مسجد نگارا“ ۾ هڪ ئي وقت پندرهن هزار کن نمازي نماز پڙهي سگهن ٿا. هن مسجد جي چوڌاري 13 ايڪڙن تي باغيچو پڻ آهي. مسجد جي عمارت جي ڊيزائين هاورڊ ائشلي نالي هڪ انگريز آرڪيٽيڪٽ ۽ ٻن ملئي انجنيئرن هشام البڪري ۽ بهاردين قاسم تيار ڪئي. هن مسجد جي خاص شيءِ 73 ميٽر منارو ۽ 18 ڪنڊن جي تاري جي ڪنڪريٽ ڇت آهي. هيءَ مسجد جڏهن ٺهي رهي هئي ته هن جو نالو ”مسجد تنڪو عبدالرحمان پترا الحاج“ ملڪ جي پهرين وزيراعظم ۽ ملايا جي آزادي لاءِ جدوجهد ڪندڙ جي نالي منسوب ڪئي وئي، پر تنڪو عبدالرحمان پاڻ ئي ان نالي لاءِ منع ڪئي ۽ مسجد جو نالو ”مسجد نگارا“ تجويز ڪيو. هن مسجد لاءِ هميشه ملڪ جي ڪنهن عالم کي امام بڻايو ويندو آهي. اسي واري ڏهي ۾ جڏهن آئون هن مسجد ۾ ايندو هوس ته داتو حاجي احمد شاحر ابن حاجي دائود هو. هينئر تان سري داتو شيخ حاجي اسماعيل آهي، جنهن ٻڌايو ته هو فيبروري 2007ع کان هن مسجد جي امامت جا فرض سرانجام ڏئي رهيو آهي. هن مسجد ۽ جامع مسجد ۾ عيدن تي يا جمعي نماز تي خطبو ملئي زبان ۾ پڙهيو وڃي ٿو، باقي مسجد انڊيا ۾ ڏکڻ هندستان جي ماڻهن جي گهڻائي هجڻ ڪري تامل زبان ۾ خطبو پڙهيو وڃي ٿو.

جامع مسجد لاءِ اهو به لکندو هلان ته هن جي نماز پڙهڻ واري هال کي ٽي گنبذ آهن. وچيون گنبذ 21 ميٽر (70 کن فٽ) اتاهون آهي. ڪنڊن تي ٻه ڳاڙهين ۽ اڇين پٽين وارا 88 فٽ اتاهان منارا آهن، جيڪي بلڪل اسپين جي قرطبه واري مسجد جو ڏيک ڏين ٿا.

 

جامع مسجد

باب ستاويهون

 

پکين  جو  پارڪ،   پوپٽن  جو  پارڪ

    ڏکڻ اوڀر ايشيا جي ملڪن ۾ سنگاپور سڀ ۾ گهڻو ماڊرن ۽ ذهين ماڻهن جو ملڪ آهي، جيتوڻيڪ اهو  هڪ تمام ننڍڙو ٻيٽ نما ملڪ آهي. ڀروارن ملڪن انڊونيشيا، ملائيشيا، ٿائلينڊ ۽ فلپين وغيره جي مقابلي ۾ ته سنگاپور ڄڻ ڀت جي ٿالهيءَ ۾ چانورن جو هڪ ڪڻو آهي. جتي ملائيشيا جي ايراضي 330000 چورس ڪلو ميٽر آهي، اتي سنگاپور ٻيٽ جي پکيڙ جا 700 چورس ڪلو ميٽر ڇا حيثيت رکن ٿا! سنگاپور ملڪ، يعني ٻيٽ کان ته حيدرآباد ضلعو وڏو آهي، جنهن جي ايراضي 3200 چورس ڪلو ميٽر آهي، اڃا ته ان مان مٽياري جو ضلعو ڪڍيو ويو آهي، جيڪو پکيڙ ۾ ننڍڙو آهي ته به 1420 چورس ڪلو ميٽر آهي. يعني مٽياري ضلعي مان ٻه سنگاپور ملڪ ٺهن ۽ لاڙڪاڻي ضلعي مان ته پورا يارهن سنگاپور ٺهن. پر جي آدمشماري جي حساب سان ڏٺو وڃي ته لاڙڪاڻي جي آدمشماري 25 لک آهي ته سنگاپور جي آدمشماري 51 لک يعني ٻيڻي آهي. هڪ ٻي مزيدار ڳالهه اها ته سنگاپور ۾ مٽياري ضلعي جيترو به نه پاڻي آهي ۽ نه پوک، نه ڌرتي اندر ڪو ڌاتو آهي ۽ نه گئس يا پيٽرول. هي ملڪ پيئڻ ۽ هار وير لاءِ پاڻي به ملائيشيا کان خريد ڪري ٿو. پيٽرول ۽ گوشت ته ٻاهران گهرائي ٿو، پر ڪَدو ۽ واڱڻن جهڙيون معمولي ڀاڄيون ۽ صوف ۽ گدرا به ڌارين ملڪن مان گهرائي ٿو. ان هوندي به هي ملڪ، هي ننڍڙو ٻيٽ، هي ننڍڙو شهر نه فقط پئسي ڏوڪڙ ۾ پر بزنيس، ڪامرس، I T، ماڊرن انڊسٽري ۽ تعليم ۾ امير ترين آهي.

هاءِ اسٽريٽ جو سنڌي بزنيس مئن هرڪشن ڀوڄواڻي چوندو هو ته ”سنگاپور ۾ ڇا آهي؟ ڪجهه به نه آهي. اسان جيڪي ڪجهه ڪمايون ٿا اهو فقط سروس مهيا ڪري حاصل ڪيون ٿا.“

هن جو مطلب اهو هو ته هو مختلف ملڪن مان سامان گهرائي هتي ايندڙ ٽوئرسٽن کي وڪڻي نفعو ڪمائين ٿا. ٽوئرسٽن جي اچڻ لاءِ هنن سنگاپور ۾ امن امان قائم رکيو آهي. انهن جي رهائش لاءِ هوٽلون ۽ ريسٽورنٽون ٺاهيون آهن، شهر ۾ گهمڻ ڦرڻ جي سهوليت لاءِ هر قسم جي سواري آهي. ايتريقدر جو هوائي جهازن ۽ پاڻي جي جهازن جي مالڪن ۽ عملي لاءِ ڪشش پيدا ڪرڻ لاءِ سنگاپور جي حڪومت جهازن جيِ مرمت ۽ سامان جي اُڇت trans shipment   مهيا ڪري ڏيڻ جون سهوليتون پيدا ڪيون آهن. نتيجي ۾ سنگاپور ننڍو ملڪ هوندي به اسان جهاز هلائيندڙ، سامان لاهڻ يا چاڙهڻ لاءِ سنگاپور وڃون ٿا، ڇو جو اسان کي خبر آهي ته هن ملڪ ۾ نه هنگامو ٿئي ٿو ۽ نه هڙتال، ٻارهوئي ڪم هلندو رهي ٿو.... آچر ڏينهن به جهاز پهچڻ سان ان تي ڪم شروع ٿيو وڃي. مرمت لاءِ به هتي نه رڳو سهوليت آهي پر هر قسم جي مرمت جو ڪم ٿيو وڃي. هر قسم جا اسپيئر پارٽ مليو وڃن. نتيجي ۾ دنيا جي هر جهازران ڪمپني هن علائقي ۾ سنگاپور کي ترجيح ڏئي ٿي. سنگاپور وارن لاءِ به مجبوري آهي ته هو هر ڪم ايڏو صحيح ۽ وقت تي ڪري ڏيکارين، جيئن هنن جي ساک قائم رهي.

سنگاپور کي پُرڪشش بنائڻ لاءِ، جيئن دنيا مان ايندڙ ٽوئرسٽن جو وهڪرو قائم رهي، سنگاپور حڪومت پنهنجي ملڪ ۾ هر عمر جي وڏي ۽ ٻار لاءِ ڪانه ڪا وندر ۽ دلچسپي ٺاهي ڇڏي آهي. اسي واري ڏهي ۾ جڏهن اسين ملائيشيا ۾ رهندا هئاسين ته خريداري کان علاوه گهمڻ ڦرڻ لاءِ سنگاپور ويندا هئاسين. ٻن ڏينهن جي موڪل تي به سنگاپور جو رخ رکندا هئاسين. نه فقط ملائيشيا ۾ رهندڙ اسين ڌارين ملڪن جا رهاڪو، پر مڪاني ملئي ماڻهو به سنگاپور ڀڄندا هئا. سنگاپور ۾ دنيا جا مشهور شاپنگ مال کلي ويا هئا ۽ موڪل وارن ڏينهن تي انهن ۾ Sale   لڳائڻ تي ملائيشيا جا ماڻهو اوڏانهن ڀڄندا هئا. پوءِ 1990ع ڌاري ڪئالالمپور، اپوح، پينانگ ۽ ملائيشيا جي ٻين شهرن ۾ سنگاپور کان وڏا دڪان کليا ۽ ملائيشيا جا ماڻهو پنهنجي ملڪ مان شاپنگ ڪرڻ لڳا. اهڙي طرح سنگاپور وارن، نه فقط دنيا جو خوبصورت ۽ وڏو چڙيا گهر ٺاهيو، پر ان ۾ ”اورانگ اتان“  Orang Utan   جهڙا ناياب ۽ اهم جانور رکيا. انهن جون تصويرون ملائيشيا جي اخبارن ۾، هر جمعي ڏينهن اشتهار طور اينديون رهيون ٿي، جن کي ڏسي ملئي ٻار گهر ۾ هاءِ گهوڙا مچائيندا هئا ۽ ڇنڇر يا آچر ڏينهن والدين پنهنجن ٻارن کي چمپئنزي باندر سان گڏ فوٽو ڪڍرائڻ لاءِ سنگاپور جي زُو ۾ پهچي ويندا هئا. آئي سارو سنگاپور مان شاپنگ به ڪندا هئا ته هوٽلن ۾ ماني ٽڪي به کائيندا هئا ته ڪي رات سنگاپور ۾ ترسڻ لاءِ هوٽل جو ڪمرو بڪ ڪندا هئا. نتيجي ۾ سنگاپور جا ماڻهو آيل ٽوئرسٽن مان ڪافي ڪمائي وٺندا هئا.

سنگاپور جو چڙيا گهر مشهوري جي عروج تي هو ته سنگاپور وارن پکين جي Aviary   به ٺاهي، جنهن ۾ هزارين پکي رکيا ويا. اهڙي طرح پوپٽن جو پارڪ ٺاهيو ويو. سائنس جو عجائب گهر ٺاهيو ويو ۽ ٻيون به ڪيتريون شيون! انهن شين جي اخبارن ۾ اشتهار بازي اهڙي ته نموني سان ڪئي ويندي هئي جو ٻار ته ٻار پر اسين وڏا به ڏسڻ لاءِ آتا هوندا هئاسين ۽ آئون پاڻ به هلي وڃي پکين ۽ جانورن کي ڏسڻ لاءِ سنگاپور ويندو رهيس ٿي ۽ اهي شيون واقعي ڏسڻ وٽان آهن، خاص ڪري پکين جي  Aviary جنهن ۾ توهان پکين کي ويجهو کان ڏسي سگهو ٿا.

 سالن کان پوءِ هاڻ ملائيشيا وڃڻ وقت آئون اهو ئي سوچي رهيو هوس ته خبر ناهي هينئر به ملئي ٻار ۽ وڏا، جانور، پکي، پوپٽ وغيره ڏسڻ لاءِ سنگاپور ڏي ڊوڙن ٿا يا نه. ڪئالالمپور پهچي مون کي ملائيشيا جي حڪومت کي داد ڏيڻو پيو، جڏهن مون کي خبر پئي ته هتي جي حڪومت نه فقط  ڪئالالمپور جي چڙيا گهر کي وڌائي وڏو ڪيو آهي ۽ منجهس جانورن جا ڪرتب به ڏيکاريا وڃن ٿا، پر هنن هتي پکين جي Aviary، پوپٽن جو پارڪ، هرڻين جو پارڪ، سائنس جو ميوزيم، اسلامي شين جو ميوزيم ۽ ٻيون ان قسم جون اهڙيون شيون ته ٺاهي ڇڏيون آهن جو پنهنجي ملڪ جا توڙي عرب، ايراني ۽ دنيا جي ٻين ملڪن جا ماڻهو پنهنجن ٻارن کي وٺي ڪئالالمپور، پينانگ ۽ ملاڪا اچن ٿا.

 هونءَ به ملائيشيا وارن کي ڪيترين ڳالهين ۾ سنگاپور وارن راهه ڏيکاري آهي ۽ سڌاريو آهي. سڀ کان پهريون ڪم جيڪو سنگاپور ڪيو، اهو پنهنجي ملڪ ۾ امن امان ۽ قانون جي سخت بالادستي قائم ڪئي نه ته ستر تائين سنگاپور ۽ هانگ ڪانگ چورن ۽ ٺڳن جو ملڪ سڏبو هو، جتي دنيا جي هر شيءِ جو نقل ٺهندو هو، جتي ڏينهن جو به چورن ۽ جيب ڪترن کان خبردار ٿي هلڻو پوندو هو. پوءِ هتي جي حڪومت سنگاپور کي اهڙو ته پرامن ملڪ ٺاهي ڇڏيو، جو اوسي پاسي جي ملڪن (ملائيشيا ۽ انڊونيشيا) توڙي ڏورانهن ڏيهن کان امير ماڻهو پنهنجو پئسو سنگاپور ۾ آڻڻ لڳا. دنيا جي ڪهڙي بئنڪ آهي، جنهن جي برانچ سنگاپور ۾ نه کلي آهي. اهو حال ڏسي ملائيشيا وارن به ان تي عمل ڪرڻ ضروري سمجهيو. هنن وٽ ته زمين جي به کوٽ نه هئي. اڄ ملائيشيا ۾ امن امان، انصاف ۽ ڏيتي ليتي جي سهوليت ڪري سندن ملڪ جا ماڻهو ته پنهنجو پئسو اتي ئي لڳائين ٿا، پر ڌارين ملڪن جا ماڻهو، خاص ڪري جن ملڪن ۾ رشوت، چور بازاري ۽ ڏوهن جي بازار گرم آهي، پنهنجو پئسو ۽ ڪاروبار ملائيشيا ۾ قائم رکڻ چاهين ٿا. اڄ ڏسندي ئي ڏسندي ملائيشيا پئسي دولت، انڊسٽري، تعليم، ڏيتي ليتي ۽ ساک ۾ امير ٿي ويو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org