اڄڪلهه سلينگور رياست جو سلطان شرف الدين آهي، جيڪو
سلطان ادريس شاهه به سڏجي ٿو. اسان جي ڏينهن ۾
يعني اسي واري ڏهي ۾ جڏهن مون ملائيشيا جي شهر
ملاڪا ۾ نوڪري ڪئي ٿي يا ان کان اڳ ستر واري ڏهي ۾
جڏهن مون هن علائقي ۾ جهاز هلايا ٿي، انهن ڏينهن ۾
سلينگور جو سلطان اڄ جي سلطان ادريس شاهه جو پيءُ
”سلطان صلاح الدين عبدالعزيز شاهه“ هو، جنهن جي
نالي شاهه عالم واري مسجد پڻ آهي. منهنجي ساڻن ٻه
دفعا ملاقات هن مسجد ۾ جمعي نماز تي ٿي. اڄ به
هيڏي سيڪيورٽي جي باوجود اڄ جو موجوده سلطان
”ادريس شاهه“ هن مسجد ۾ جمعي ۽ عيد نماز تي اچي ٿو
۽ عام ماڻهن سان ملي ٿو. ڊاڪٽر شفيعع نظاماڻيءَ
ٻڌايو ته هو پڻ هن مسجد ۾ ساڻن ڪيترائي دفعا ملي
چڪو آهي.
سلطان صلاح الدين عبدالعزيز 1926ع ۾ ڄائو ۽ سلينگور جو
اٺون سلطان هو. پاڻ ملائيشيا جو بادشاهه به ٿيو ۽
يارهون نمبر بادشاهه هو. اڄڪلهه ملائيشيا جو
تيرهون بادشاهه پنهنجي بادشاهت جو مدو پورو ڪرڻ
وارو آهي. سلطان صلاح الدين ڀائرن ڀينرن ۾ وڏو هو.
بنيادي تعليم ڪلانگ واري ”پينگڪلان باتو ملئي
اسڪول“ ۽ ملئي ڪاليج ڪئالا ڪنگسار مان حاصل ڪرڻ
بعد هن اعليٰ تعليم يونيورسٽي آف لنڊن جي ”اسڪول
آف اورينٽل ائنڊ آفريڪن اسٽڊيز“ مان حاصل ڪئي.
انگلنڊ کان واپسي تي هن ڪيتريون ئي سرڪاري نوڪريون
ڪيون. هو 8 سال کن انسپيڪٽر آف اسڪولس ٿي رهيو ۽
ان کان اڳ سلينگور سروي ڊپارٽمينٽ ۾ به ڪم ڪيو.
1952ع ۾ مليٽري جي ٽريننگ حاصل ڪري انگريز فوج ۾
ڪئپٽن ٿيو، جنهن بعد هن جي ميجر رئنڪ ۾ ترقي ٿي.
هي سڀ ڪجهه ان ڪري لکي رهيو آهيان، جيئن منهنجي
پڙهندڙن کي احساس ٿئي ته ملائيشيا ۾ اسان جي ملڪ
وانگر پيري مريدي يا وڏيرڪو سسٽم ضرور هو ۽ آهي،
پر ڀوتار وڏيرا نه فقط عام ماڻهن ۾ تعليم پکيڙيندا
رهن ٿا، پر پنهنجي ٻارن کي به اعليٰ کان اعليٰ
تعليم ڏئي مهذب پڻ بنائين ٿا. افسوس جي ڳالهه اها
آهي ته اسان وٽ اڄ
ان جي ابتڙ آهي،
جنهن جو مثال اکين سان ڏسي رهيا آهيون.
خاص ڪري سنڌ جي وڏيري ۽ پير، مير، سردار جو اولاد
ايڏو ته عياش آهي جو هو فوج ۾ وڃڻ کان ڀڄي ٿو،
جو اتي جي زندگي سخت آهي، جيڪا ملائيشيا جي
سلطانن، وڏيرن، بادشاهن جا ٻار خوشي سان قبول ڪن
ٿا. ويندي راڻي ايلز بيٿ پنهنجي پٽ کي فوج ۾
موڪليو، جتي هن هڪ عام ڪئڊٽ وانگر ٽريننگ حاصل
ڪئي. پر اهو آهي ته ملائيشيا جا ملئي مسلمان مرد
چاهي سلطان ۽ بادشاهه هجن يا عام ماڻهو، شادين جا
شوقين آهن ۽ جيڪو پاڻ ۾ جيتري همٿ ساري ٿو ته ٻي
يا ٽين به شادي ڪري ٿو، پر بقول اسان جي ملئي دوست
ابراهيم بن معروف جي هو زنا ڪرڻ يا ٻئي جي زالن ۾
اک وجهڻ بدران هڪ اخلاقي ۽ قانوني ڪم ڪن ٿا ۽ زال
۽ ٻارن جي جوابداري کڻن ٿا. اهو آهي ته هتي جي
وڏيري سلطان يا مير پير جو
اولاد پيءُ جي مرڻ بعد ملڪيت پويان وڙهي جڙهي نٿو ۽ نه وري هنن
وڏن ماڻهن جو اولاد نشئي ۽ چور ڌاڙيل ٿئي ٿو، جيئن
اسان وٽ عام آهي. اهو ان ڪري جو ملائيشيا ۾ اخلاقي
توڙي انگريزي تعليم عام آهي ۽ سلطانن، بادشاهن،
وڏيرن جا پٽ انجنيئر، ڊاڪٽر ۽ چارٽرڊ اڪائونٽنٽ ٿي
پنهنجن ڳوٺن ۾ پنهنجا ڪارخانا، اسپتالون ۽ آفيسون
هلائين ٿا، جن مان هنن جي ايڏي ڪمائي ٿئي ٿي،
جو هنن کي پيءُ جي ڇڏيل ملڪيت جو سهارو وٺڻو ته
نٿو پوي،
بلڪ پنهنجي ڪمائي ۽ بزنيس مان ڳوٺ جي ماڻهن لاءِ
به روزگار مهيا ڪن ٿا.
سلطان صلاح الدين عبدالعزيز گهٽ ۾ گهٽ چار شايون ڪيون،
پهرين زال ”نور“ جيڪا شاهي خاندان جي هئي ۽ سندس
سوٽ ٿئي، جنهن کي هن بعد ۾ طلاق ڏئي ڇڏي، ڇهه ٻار
ٿيا. هن مان وڏو پٽ سلطان شريف الدين ادريس شاهه
اڄ ڪلهه سلينگور رياست جو سلطان آهي. سندس ٻي زال
”چي ماهيرم“ مان هڪ ٻار ۽ ٽي زال ”رحيمان“ مان ٻه
ٻار ٿيا، جيڪا 1993ع ۾ گذاري وئي. ان بعد هن مرحوم
سلطان نه فقط پيريءَ ۾ (1990ع ۾) 64 ورهين جي ڄمار
۾ شادي ڪئي، پر پاڻ کان بيحد ننڍي عمر جي هڪ
خوبصورت ۽ رعيت مان
(Commoner)
سان شادي ڪئي. هونءَ ملائيشيا جا سلطان شاهي
خاندان مان ئي شادي ڪن ٿا، پوءِ سندن ڪا سوٽ ماسات
ناهي ته ٻي رياست جي سلطان جي ڌيءَ يا ڀائٽي
ڀاڻيجي سان شادي ڪن ٿا، پر ”سيتي عائشه“ هڪ عام
ڇوڪري هئي، جنهن سان سلينگور جي هن سلطان شادي
ڪئي. ان وقت عائشه جي عمر 19 سال هئي، يعني سلطان
کان 45 سال ننڍي هئي. پورن نون سالن بعد 1999ع ۾
سلطان صلاح الدين عبدالعزيز شاهه جو سڄي ملڪ
(ملائيشيا) جو بادشاهه
(Yang di Partuan Agong)
ٿيڻ جو وارو آيو. ملئي زبان ۾ ملائيشيا جي بادشاهه
کي ”ينگ دي پرتئان اگونگ“ سڏجي ٿو. ملائيشيا جي
تخت تي جيڪي بادشاهه ويٺا آهن انهن ۾ هي پوڙهو چيو
وڃي ٿو،
جو هن جي ان وقت 1999ع ۾ 73 سال عمر هئي ۽ عائشه
ننڍي ۾ ننڍي راڻي چئي وڃي ٿي جو هن جي ان وقت 29
سال کن عمر هئي. هتي اهو به لکندو هلان ته جيئن
انگريزيءَ ۾ هر رايل هائينيس يا ايڪسيلنسي فرسٽ
ليڊي سڏيو وڃي ٿو تيئن عائشه جي راڻي ٿيڻ تي هوءَ
هِن خطاب سان سڏجڻ لڳي:
”دُلِي ينگ مها مُوليا پادُوڪا باگندا راجا پرميشري
اگونگ تئانڪو سيتي عائشه بنت عبدالرحمان“. هونءَ
فقط راڻي لفظ لاءِ ملئي لفظ ”راجا پرميشوري اگونگ“
آهي. ملئي زبان ۾ راجا لفظ مذڪر توڙي مؤنث لاءِ
استعمال ٿئي ٿو ۽ راني مذڪر آهي. (اسان جي نيول
اڪيڊمي جي هڪ ملئي دوست جو نالو ڪمانڊر راني هو.)
سيتي عائشه نومبر 1971ع ۾ ڪئالالمپور ۾ ڄائي ۽ اتي ئي
وڏي ٿي. بنيادي تعليم هن جالان گرني واري پرائمري
اسڪول مان ورتي، ان بعد هن ”يونيورسٽي ٽيڪنالاجي
مارا“ جي ڪيلنتان رياست واري برانچ مان بئنڪنگ
جي
ڊگري حاصل ڪئي. هيءَ يونيورسٽي ڪيلنتان رياست جي
گادي واري شهر ڪوٽا بارو ۾ آهي.
سلطان صلاح الدين عبدالعزيز شاهه 11 سيپٽمبر 1999ع تي
ملائيشيا جي تخت تي ويٺو ۽ پنهنجي بادشاهيءَ جو
پنجن سالن
وارو
مدو پورو ڪرڻ کان اڳ 21 نومبر 2001ع تي گذاري ويو.
سندس سيتي عائشه سان شادي وقت هيءَ شادي دنيا جي
ميڊيا ۾ پاپولر ٽاپڪ رهيو ۽ ڪيترن ئي رسالن ۽
اخبارن،
هڪ پوڙهي بادشاهه جو
،ننڍي
نيٽي ڇوڪريءَ سان گڏ فوٽو ۽ ان سان گڏ خبرون ڏئي
خوب سنسني پکيڙي. ان بعد 2006ع سال جي نيو ييئر ڊي
تي سابقه راڻي سيتي عائشه هڪ دفعو وري ميڊيا جو
هاٽ ٽاپڪ رهي، جڏهن هن ملائيشيا جي هڪ انگريزي
اخبار
The Star
کي ڏنل تفصيلي انٽرويو ۾ ان ڳالهه جو اظهار ڪيو
ته مڙس جي وفات بعد هوءَ ڪو چاهيندڙ ڳولي رهي آهي،
جنهن سان هوءَ شادي ڪري سگهي. ان سلسلي ۾ هن کي
پنهنجي والدين جي صلاح مشوري ۽ دعائن جي ضرورت
آهي. هن وقت هوءَ چاليهه سالن جي آهي ۽ ٻڌڻ ۾ اهو
پيو اچي ته هوءَ شادي ڪري چڪي آهي. بهرحال هُن کي
هن وقت به
Yang Amat Mulia
(هر رايل هاءِ نيس) چئي مخاطب ڪيو وڃي ٿو ۽
هوءَ
Uitm Alumni سلينگور وومين ايسوسيئيشن، سلينگور گرل گائيڊس ۽ جنتنگ هاتي
ڪُو سوسائٽي جي سرپرست آهي.
سيتي عائشه جي مڙس يعني سابق بادشاهه سلطان صلاح الدين
عبدالعزيز شاهه نالي سندس رياست سلينگور ۾ توهان
کي ڪيترائي رستا ۽ عمارتون نظر اينديون. شاهه عالم
جي مسجد کان علاوه سبانگ وارو هوائي اڏو، جيڪو
ڪئالالمپور واري هوائي اڏي کان اڳ بين الاقوامي
هوائي اڏو هو، ان جو هاڻ نئون نالو ”سلطان
عبدالعزيز ايئرپورٽ“ آهي. سلينگور رياست جي
سيڪريٽريٽ بلڊنگ جو نالو به ”سلطان صلاح الدين
عبدالعزيز بلڊنگ“ آهي، جيئن سنڌ سيڪريٽريٽ ڪراچي
واري بلڊنگ جو نالو ”تغلق هائوس“ آهي. شاهه عالم
جي گولف ڪلب جو نالو پڻ ”سلطان عبدالعزيز شاهه
گولف ڪلب“ آهي.
ڪئالالمپور يا شاهه عالم ۽ ان جي آسپاس ۾ رهندڙ اسان جي
پاڪستاني شاگردن ۽ نوڪري ڪندڙن جي معلومات لاءِ
اهو به لکندو هلان ته ملائيشيا جي هر رياست ضلعن ۾
ورهايل آهي. ڪئالالمپور ۽ پترا جايا،
ٻئي شهر سلينگور رياست جي بلڪل وچ ۾ آهن ۽ انهن جو
هاڻ سلينگور رياست سان واسطو ناهي جو
اهي
فيڊرل شهر سڏجن ٿا. باقي بچيل سلينگور رياست نَوَ
کن ضلعن ۾ ورهايل آهي. ڪئالالمپور جي اتر ۾ گومباڪ
ضلعو آهي، جنهن ۾ باتو غارون آهن. اولهه ۾ پتالنگ
۽ ڪلانگ ضلعا آهن. شاهه عالم شهر پتالنگ ضلعي ۾
آهي (جيئن ميرپورخاص شهر ”ٿرپارڪر ضلعي“ ۾ آهي) ۽
ڪلانگ ضلعي ۾ بندرگاهه ’پورٽ ڪلانگ‘ آهي، جنهن کي
اسان ڪئالالمپور جو بندرگاهه سڏيون ٿا، پر اهو
دراصل سلينگور رياست ۾ آهي ۽ شاهه عالم شهر جو
بندرگاهه سڏجڻ کپي. ڪئالالمپور جي اوڀر ۾ هولو
لنگات ضلعو آهي ۽ هيٺ ڏکڻ ۾ سيپانگ ۽ ڪئالا لنگات
ضلعا آهن. پترا جايا سيپانگ ضلعي ۾ آهي. انهن ضلعن
کان علاوه باقي ٽي ضلعا ڪئالا سلينگور، هُولو
سلينگور ۽ ساباڪ برنام آهن. بهرحال پاڪستان ۾ ويٺي
ويٺي توهان کي انهن نالن وارن شهرن ۾
نوڪري، پورهئي يا پڙهڻ لاءِ
وڃڻو پوي ته سمجهجو
ته ڪئالالمپور کي بلڪل ويجها آهيو. هونءَ سلينگور
رياست جو وڏو شهر شاهه عالم آهي، پر آدمشماري جي
لحاظ کان سبانگ جايا، ڪلانگ ۽ ائمپنگ جايا اڃا به
وڏا شهر آهن. پتالنگ جايا، چيراس، ڪاجانگ، روانگ ۽
سيلا يانگ بارو به سلينگور رياست جا شهر آهن.
باب
پنجٽيهون
ملائيشيا ۾ نوڪري ڪندڙ
هتي ملائيشيا ۾ نوڪري لاءِ يا هتي جي مختلف يونيورسٽين
۾ پڙهڻ لاءِ ايندڙ شاگردن مان ڪجهه، مون سان
Email
ذريعي منهنجي ائڊريس
(altafshaikh2005@gmail.com)
تي يا پاڪستان ۾ هوندو آهيان ته عبرت يا اُمّت
اخبار جي آفيس مان منهنجو ٽيليفون نمبر
(9241666-0300) وٺي، مون سان صلاح مشور ڪندا آهن.
ڪجهه سال اڳ تائين ته اسان جا ڪجهه ڊاڪٽر، انجنيئر
۽ پروفيسر، خاص ڪري نوڪري ڪندڙ عورتون، ملائيشيا ۾
مونجهارو محسوس ڪري يڪدم موٽي آيون ٿي. بهرحال
نوڪري لاءِ ملائيشيا ڏي روانو ٿيندڙ مون سان صلاح
مشورو ڪندو آهي ته آئون هنن
کي اهو ئي چوندو آهيان ته ملائيشيا، عرب ملڪن توڙي يورپ جي ڪيترن
ئي
ملڪن کان بهتر آهي. توهان کي اتي جي نوڪري ملي وڃي
ٿي ته اها ضايع نه ڪريو. دل لڳائي نوڪري ڪريو جو
بيروزگاري جو زمانو آهي ۽ بيروزگاري نه فقط اسان
جي ملڪ ۾ آهي، پر سڄي دنيا ۾ آهي. اهڙي صورت ۾
توهان کي جي ملائيشيا جهڙي ملڪ ۾ نوڪري ملي وئي
آهي ته اها توهان جي خوشنصيبي آهي جو ملائيشيا
موسم توڙي کاڌي پيتي جي لحاظ کان بهترين ملڪ آهي،
جتي توهان ۽ توهان جا ٻار ٻچا سڪون ۽ سهوليت سان
رهي سگهن ٿا. کين آئون اهو به چوندو آهيان ته
توهان کي فئملي رکڻ جي اجازت ڏين ٿا ته يڪدم فئملي
سان ڌارئين ملڪ ۾ نه وڃو. پهرين توهان اڪيلا اتي
پهچو، جيئن رهائش ۽ ٻين ڳالهين جو بندوبست ڪرڻ کان
علاوه ملڪ جو ماحول ۽ مڪاني ماڻهن جي رسم و رواج ۽
ثقافت کان واقف ٿي سگهو ۽ ٿورو گهڻو ان ملڪ جي
ٻوليءَ جا ضروري لفظ ۽ جملا به سکي وٺو، ان بعد
مهيني يا ٻن بعد پنهنجي فئمليءَ کي گهرايو.
هڪ ٻي ڳالهه. ڌارئين ملڪ ۾ پهچڻ سان ڪجهه ڏينهن پنهنجو
ملڪ ۽ پنهنجو گهر سخت ياد اچي ٿو، ڇو جو هر انسان
پنهنجي گهر جي سک ۽ ماحول جو عادي رهي ٿو. ڌارئين
ملڪ ۾ ڪيتريون ڳالهيون، ٿي سگهي ٿو گهر کان بهتر
هجن،
پر ان هوندي به هڪ ٻه ڳالهيون ساري واپس وڃڻ تي دل
چوي ٿي. ڪن کي ڪچهري ياد ايندي، ڪن کي پينگهي ۾
لڏڻ (خاص ڪري منهنجي ڳوٺ هالا جي ماڻهن کي، جتي
گهر گهر ۾ پينگهو آهي)، ڪن کي
کير
پتي چانهه وغيره. جپان ۽ ڪوريا جهڙا ملڪ جتي
انگريزن جو ڪلچر گهٽ رهيو آهي، اتي اها انگريزي
اسٽائيل واري چانهه جيڪا اسان جي ملڪ ۾ به آهي،
بدران گرين ٽي يا ڪافي عام آهي. جيسين ان چانهه جو
بندوبست ٿئي آئون هميشه سخت اٻاڻڪو ٿي ويندو
آهيان. سو پرديس ۾ ڪي ڪي شيون سخت نوستلجيا
(Nostalgia)
پيدا ڪن ٿيون. (نوستلجيا، جنهن لاءِ ملئي لفظ
Rindu
ته آهي، سنڌي ۾
سِڪ چئجي ) ڳوٺ يا گهر جي ڪجهه شين لاءِ اها سڪ يا شدت سان محسوس
ٿيندڙ کوٽ، پرديس ۾ آيل همراهه کي سخت مونجهاري،
مايوسي ۽ ڊپريشن ۾ وجهيو ڇڏي ۽ ڪيترا ان جي سَٽ نه
سهي، واپس روانا ٿيو وڃن.
نوڪري ملڻ تي اسانجا همراهه گهر ڇڏي ولايت وڃڻ لاءِ خوش
هوندا آهن. دوستن يارن کان پيا موڪلائيندا ۽ انهن
طرفان ڏنل فيئرويل دعوتون کائيندا، وڏي شان سان
سامان جي پئڪنگ پيا ڪندا ۽ پوءِ پرديس روانا
ٿيندا. هفتي ٻن کان پوءِ سندن خير عافيت معلوم ڪرڻ
لاءِ جڏهن سندن گهر فون ڪبو ته معلوم ٿيندو ته
همراهه موٽي آيو! ڇو موٽي آيو؟ جواب ملندو: مزو
نه آيس، ڪم ڏکيو هو، رهائش جو سٺو بندوبست نه
هو.... يا ڪو ٻيو سبب. پر منهنجي تجربي ۾ اهو آهي
ته هن کي اها اوائلي ڊپريشن ٿي آهي، جيڪا پرديس ۾
شروع وارا ڏينهن
هرهڪ کي
ٿئي ٿي. ان تي ڪو ڪنٽرول ڪري وڃي ته باقي ٻيون
ڳالهيون يا مسئلا آهستي آهستي ٿي حل ٿيو وڃن يا
برداشت ڪريو وٺجن.
منهنجو ٻاهر ويندڙ کي اهو ئي چوڻ هوندو آهي ته جيڪڏهن هن
کي مزو نٿو اچي ته هو موٽي اچڻ جي تڪڙ نه ڪري.
جيڪڏهن هن موٽڻ جو حتمي فيصلو ڪيو آهي ته ڀلي
موٽي، پر گهٽ ۾ گهٽ مهينو کن ترسي، ٻيو نه ته
ڌاريون شهر گهمي پوءِ موٽي. مون ڏٺو آهي ته ان
مهيني دوران هو اهڙو
Set
ٿيو وڃي جو پوءِ موٽڻ جو نالو نٿو وٺي. ٻي ڳالهه
ته پرديس ۾ نوڪري لاءِ يا پڙهائي لاءِ ويندڙ
گهڻيون اميدون ۽ شوق رکي نه وڃن ته اسان هيئن به
ڪنداسين، هونءَ به ڪنداسين. يا ٻاهر پهچي اسان کي
هي به سک ملندو هُو به ملندو. ڇو جو گهڻيون اميدون
رکڻ وارو
،
واريءَ جا ڪوٽ اڏي ٿو ۽ پوءِ پرديس ۾ پهچي جڏهن
هن جون اميدون پوريون نه ٿيون ٿين ته هو بيحد دل
شڪستو ٿيو پوي. بهتر اهو ماڻهو رهي ٿو جيڪو ڪابه
فالتو اميد نٿو رکي. چوندا آهن ته:
Happy are those who do not expect any thing.
پوءِ اهڙي حالت ۾ ڪا سٺي ڳالهه درپيش اچي ٿي ته اها
هيڪاندي خوشي مهيا ڪري ٿي ۽ جي تڪليفون آهن ته
انهن کي منهن ڏيڻ لاءِ هو اڳ
ئي
تيار آهي.
لاڙڪاڻي پاسي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ”ڀوري ڪلهوڙي“ جي صفيه گل
عباسيءَ فون ڪري پڇيو ته هن
باٽني ۾
M.Sc
ڪئي
آهي ۽ لاڙڪاڻي جي گرلس ڊگري ڪاليج ۾ اسسٽنٽ
پروفيسر آهي. هن جي مڙس ڊاڪٽر گل بلوچ کي ملائيشيا
۾
Ph.D.
ڪرڻ لاءِ اسڪالر ملي آهي. ”آئون به هن سان گڏ وڃڻ
چاهيان ٿي.“
”ضرور وڃو. جيڪي
Ph.D.
ڪرڻ لاءِ ملائيشيا وڃن ٿا، انهن کي فئملي سان رهڻ
ڏين ٿا.“ مون ٻڌايومانس.
”پر آئون اتي نوڪري ڪرڻ چاهيان ٿي، جيئن پنهنجن ٻارن کي
اتي جي انٽرنيشنل اسڪول ۾ پڙهائي سگهان.“ صفيه
ٻڌايو.
”ان لاءِ ته اتي پهچي تون پاڻ ڪوشش ڪري سگهين ٿي ۽
جيڪڏهن تون پنهنجن ٻارن کي ملائيشيا جي مڪاني
اسڪولن بدران اتي جي انٽرنيشنل اسڪول ۾ پڙهائڻ
چاهين ٿي ته ان جا خرچ ته تمام وڏا آهن.“ ۽ اهو به
چيومانس ته هوءَ پنهنجي مڙس کي ته ملائيشيا موڪلي.
دير ٿيڻ تي ڪٿي هن جي اسڪالر ختم نه ٿي وڃي.
۽ هاڻ ملائيشيا پهچڻ جو جيئن ئي مون فيس بڪ تي اطلاع ڪيو
ته صفيه گل عباسي جو ڪئالالمپور کان فون آيو ته
هوءَ سال کن کان هتي ڪئالالمپور (ملائيشيا) ۾ آهي.
”ڏاڍو سٺو ڪئي جو مڙس کي
Ph.D.
لاءِ ڇڏئي.“ مون چيومانس.
”سر! نه رڳو هو پر آئون به Ph.D.
پئي ڪريان ۽ ٻارن کي انٽرنيشنل اسڪول ۾ ئي رکيو
اٿم.“ صفيه ٻڌايو.
”پوءِ ڀلا خرچ پکي لاءِ ڪهڙو بندوبست ڪيو اٿانوَ؟“
مون پڇيو.
صفيه ٽهڪ ڏيندي چيو: ”سر اسان ٻنهي کي نوڪري به ملي وئي
آهي.“
”شاباس هجناوَ. وڏا همت وارا چئبا.“ مون کيس داد ڏنو.
”سر مهرباني ڪري اسان وٽ ضرور اچو، اسين مڊ
وئلي ۾ رهون ٿا.“
مون ٻه ڏينهن کن هنن وٽ وڃڻ جي ڪئي پر وقت نه پئي مليو.
اڄ جيئن ئي منهنجو ميزبان علي سولنگي جالان
(شاهراهه) دامانسارا ۽ جالان بنگسار اُڪري ”جالان
ڪلانگ لاما“ ڏي مڙيو ته مون کيس رستي تي ”مڊ وئلي
سٽي“ ۾ ترسڻ لاءِ چيو.
”منهنجو به اتي جي ميگا مال ۾، هڪ دڪان تي ڪم آهي.“
عليءَ چيو ۽ مون صفيه جي مڙس ڊاڪٽر گل کي فون ڪيو.
موڪل وارو ڏينهن هجڻ ڪري هو پنهنجي فلئٽ تي موجود
هئا.
”اسان اڌ ڪلاڪ اندر هتي جي ميگا مال مان ڪم لاهي توهان
وٽ پهچون ٿا.“ مون کيس ٻڌايو ۽ هن مون کي پنهنجي
بلڊنگ جو نقشو سمجهايو.
ڪئالالمپور جو هي علائقو هڪ ماڊرن ۽ نئون علائقو آهي. اڄ
کان ويهارو سال کن اڳ جڏهن آئون هتي ملائيشيا ۾
هوس،
ته هن علائقي ۾ رٻڙ ۽ پام آئل جا وڻ يا گهاٽو جهنگ
هو، پر هاڻ هي علائقو يورپ جي ڪنهن به شهر کان
پٺتي ناهي. خوبصورت ۽ اوچيون عمارتون، چوڌاري انگڙ
ونگڙ رستا ۽ پليون ۽ هر طرف رنگين اشتهاري بِل
بورڊ لنڊن، پئرس ۽ روم جو ڏيک ڏين ٿا ۽ هن علائقي
جي هن مڊ
وئلي ميگا مال جي ڇا ڳالهه ڪجي! يورپي به هن کي
حسرت ڀريل نگاهن سان ڏسندا هوندا. توهان جي هفتي
ڏيڍ لاءِ هتي ڪئالالمپور ۾ آيا آهيو ته هن ميگا
مال جو ضرور چڪر هڻو. خريد ڀلي ڪجهه به نه ڪريو.
بلڪ اسان پاڪستانين کي هتان ڪا خريداري ڪرڻ به نه
کپي، جو اسان وٽ هڪ کان هڪ اعليٰ شيءِ سستي اگهه ۾
آچر بازار ۾ مليو وڃي. ڪراچي ۾ رهندڙ منهنجو هڪ
ملائيشيا جو دوست جڏهن ڳوٺ (جوهور بارو) ويندو آهي
ته ڪراچي جي ڊفينس واري سنڊي بازار مان پنهنجن
دوستن ۽ مائٽن لاءِ ڪيترائي سووينئر وٺي ويندو
آهي.
مِڊ
وئلي ميگا مال ”جالان سيد پترا“ تي آهي، جتي مڊ
وئلي ڪوميوٽر اسٽيشن به آهي. يعني توهان شهر مان ڪنهن به هنڌان
ريل ۾ چڙهي هن اسٽيشن تي پهچي سگهو ٿا. ان کان
علاوه ڪئالالمپور جي
Rapid Bus
۾ به هتي پهچي سگهو ٿا.
U
(يو) 66، 84، 85، 87 ۽
T
(ٽي) 631
نمبر
بسون هتي اچن ٿيون.
جيئن اسان وٽ ڪراچي ۾ ڪلفٽن تي پارڪ ٽاور مال آهي، تيئن
هي مڊ
وئلي ميگا مال سمجهو ته ان جي وڏي سائيز آهي، جنهن
جي ڇهن ماڙين
(Floors)
تي 430 کن دڪان آهن. 18 پڙدن
(Screens)
واري سئنيما آهي ۽ هڪ تمام وڏو بائولنگ سينٽر آهي.
ان کان علاوه
One Stop IT Center
آهي، جتي ڪيترائي ڪمپيوٽرن جا دڪان آهن ۽ ان
ٽيڪنالاجي سان واسطو رکندڙ هر شيءَ ملي ٿي. ٻه
Food Courts
به آهن، جن مان هر هڪ ۾ ڪيترا مختلف کاڌن جا اسٽال
۽ ريسٽورنٽ آهن. ڀر ۾ ٻه وڏيون هوٽلون پڻ آهن. هڪ
646 ڪمرن جي
Cititel Mid Valley
نالي هوٽل ۽
ٻي 390 ڪمرن جي بوليوارڊ
Boulevard
نالي هوٽل آهي.
هي مڊ
وئلي ميگا مال ۽ ڀر ۾ رهائشي علائقو دي گارڊنس
ملائي ”مڊ
وئلي سٽي“ سڏجي ٿو، جيڪو ملائيشيا جو سڀ کان خوبصورت شهري
(Urban)
علائقو مڃيو وڃي ٿو.
هتي آخر ۾ آئون ڪجهه سٽون صفيه گل عباسي ۽ سندس مڙس
ڊاڪٽر گل بليدي بلوچ بابت لکڻ ضروري سمجهان ٿو،
جيڪي اسان لاءِ مثالي ماڻهو چئي سگهجن ٿا. ههڙن
ماڻهن جو آئون اڪثر هن سفرنامي ۽ ٻين ۾ ذڪر ڪندو
رهان ٿو، جيڪي
Self Made
ماڻهو چئي سگهجن ٿا، جو هو اڄ جنهن پوزيشن ۾ آهن
اهو سمورو سندن محنتن جو نتيجو آهي ۽ ههڙن ماڻهن
جي والدين کي
Credit
ڏيڻ کان رهي نٿو سگهجي، جن گهٽ مالي وسيلن ۽
ڳوٺاڻي زندگي هوندي پنهنجي اولاد کي تعليم سان گڏ
سٺي تربيت ڏني.
صفيه ٻن ڀائرن جي ننڍي ڀيڻ آهي. هوءَ ڇهن مهينن جي هئي
ته سندس والد دلبر علي عباسي وفات ڪري ويو. وڏو
ڀاءُ سڪندر ان وقت ڇهن سالن جو مس هو. ڏٺو وڃي ته
هنن جي والده خديجة الڪبريٰ جيڪڏهن ٻارن جي تعليم
ڏي ڌيان نه ڏئي ها ته به ڪو کيس مهڻو نه ڏئي ها جو
لاڙڪاڻي جي هن ننڍڙي ڳوٺ ”ڀورو ڪلهوڙو“ ۾ ان وقت
ڪيترن پئسي وارن به پنهجا ٻار نٿي پڙهايا، پر ادي
خديجه جي همت
کي جس هجي جو هن نه فقط پنهنجي پٽن کي پڙهايو، پر
ڌيءَ کي به اوتري ئي اعليٰ تعليم ڏياري، جيتوڻيڪ
هي اهو زمانو هو جڏهن شهرن ۾ به ڪيتريون فئمليون
پنهنجين ڌيئرن کي اعليٰ تعليم ڏيارڻ کي عيب
سمجهنديون هيون.
صفيه جي وڏي ڀاءَ سڪندر علي عباسيءَ مهراڻ يونيورسٽي مان
اليڪٽريڪل انجنيئرنگ ۾
BE
ڪرڻ بعد اڄ ڪلهه هو بلوچستان انجنيئرنگ يونيورسٽي
خضدار ۾ اسسٽنٽ پروفيسر آهي. ٻيو ڀاءُ ڊاڪٽر صفدر
علي عباسي قمبر شهر ۾ ڊاڪٽر آهي، هن چانڊڪا ميڊيڪل
ڪاليج مان
MBBS
ڪئي. صفيه پاڻ گورنمينٽ گرلس هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي
مان مئٽرڪ ۽ گورنمينٽ گرلس ڊگري ڪاليج مان انٽر
ڪئي. ان بعد سال 1993ع شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور
مان باٽني
سبجيڪٽ ۾
M.Sc
ڪئي ۽ سال 2009ع ۾
M.phil
ڪئي. هوءَ گورنمينٽ گرلس ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾
باٽني جي اسسٽنٽ پروفيسر هئي ۽ هاڻ هتي ملائيشيا ۾
Ph.D.
ڪرڻ سان گڏ ٽيلرز
يونيورسٽي
۾
پڙهائي به رهي آهي.
صفيه وانگر سندس مڙس،
ڊاڪٽر گل بلوچ به وڏي همت
وارو ۽ پنهنجي وقت جو ذهين ۽ محنتي شاگرد چيو وڃي
ٿو. هو 16 مئي 1964ع تي تعلقي قمبر جي هڪ ننڍڙي
ڳوٺ ”ڪنڊو خان بليدي“ ۾ حاجي غلام عمر بليدي جي
گهر ۾ ڄائو. ڳوٺ ۾ رهڻ جي باوجود حاجي صاحب جي اها
خواهش هئي ته هن جا ٽئي پٽ محنت ڪري پڙهن ۽ سٺن
عهدن تي پهچن. سندس وڏو پٽ ڊاڪٽر گل بلوچ ڊاڪٽر
ٿيو، باقي سندس ننڍا ڀائر انجنيئر ٿيا. در محمد
بليدي جيڪو
PIA
۾ آهي، ڪمپيوٽر انجنيئرنگ ۾
B.E
ڪئي ۽ سڀ کان ننڍي عبدالوهاب بليديءَ مهراڻ
يونيورسٽي مان پيٽروليم انجنيئرنگ ۾
B.E
ڪئي.
ڊاڪٽر گل بلوچ 1989ع ۾ چانڊڪا مان
MBBS
ڪئي ۽ پبلڪ هيلٿ ۾ ماسٽرس ”قائداعظم يونيورسٽي
اسلام آباد“ مان ڪئي. ان بعدD.Ph
لاءِ سال کن هو انگلينڊ جي
Leads
يونيورسٽي سان لاڳاپيل رهيو، ان بعد هو هتي
ڪئالالمپور هليو آيو، جتي هو يونيورسٽي ملايا مان
پنهنجي پي ايڇ ڊي مڪمل ڪري رهيو آهي. ان سان گڏ
سبانگ جايا ۾ ٽيلرس يونيورسٽي ڪاليج جي اسڪول آف
ميڊيسن ۾ سينئر ليڪچرر جي حيثيت سان پڙهائي به
رهيو آهي. هتي اهو به لکندو هلان ته ڊاڪٽر گل بلوچ
شاگردي جي زماني ۾ ڊيموڪريٽڪ اسٽوڊنٽس فيڊريشن
(DSF)
جو ڊپٽي سيڪريٽري جنرل به رهي چڪو آهي. ڊاڪٽر صاحب
سنڌيءَ جو هڪ سٺو ۽ مشهور اديب پڻ آهن. پاڻ پنهنجي
ميڊيڪل جي ڊگري
(MBBS)
کان علاوه فلسفي ۾
B.A.
۽ سوشالاجي ۾ ماسٽرس پڻ ڪئي آهي. سندن ٽي ڪتاب
ڇپجي چڪا آهن:
1 - ”ڏاهيون ڏک ڏسن“ جيڪو 1989ع ۾ ڇپيو
2- ”دوستي“ 1992ع ۾ ڇپيو. اهي ٻئي ڪتاب روشني پبليڪيشن
وارن ڇپرايا آهن
.
3- ٽئگور جو گيتا انجلي، هي ڪتاب 1996ع ۾ سنڌيڪا وارن
ڇپرايو. اڄڪلهه ڊاڪٽر گل جو نئون ڪتاب
Metamorphosis
ڇپائي هيٺ آهي، جيڪو ڪافڪا جو آهي. ان کان علاوه
سندن انگلينڊ، فن لينڊ، ملائيشيا، ٿائلينڊ ۽ جپان
جو سفرنامو پڻ ڇپائيءَ هيٺ آهي.
ڊاڪٽر گل بلوچ آڪسفورڊ انگلش، سنڌي ڊڪشنري جي ٽرانسليٽر
پئنل تي رکيل پنجن اديبن مان هڪ آهي.
ڊاڪٽر گل بلوچ ۽ سندس زال صفيه گل عباسيءَ کي هتي
ملائيشيا ۾ رهي ٻه سال کن ٿي ويا آهن. کين ٻه ٻار
آهن. وڏي ڌيءَ آهي، جنهن جو نالو لاريب آهي. هُن
هِن سال ”او- ليول“ ڪئي آهي. سندس فرينچ نه فقط
آپشنل سبجڪيٽ آهي، پر هوءَ
Fluently
ڳالهائي به سگهي ٿي. کين ٻيو پٽ ٻار شاويز گل
(Chaves Gul)
آهي.
باب
ڇٽيهون
ملائيشيا جي اسلامڪ يونيورسٽي
منهنجي خيال ۾ جتي ملائيشيا جي ٻين تعليمي ادارن جي
ڳالهه ڪئي اٿئون، اتي ملائيشيا جي انٽرنيشنل
اسلامڪ يونيورسٽي (الجامعته الاسلاميته العالميته
ماليزيا) بابت پڻ ڪجهه سٽون لکڻ ضروري سمجهان ٿو
جيڪا
IIUM
يا
UIAM
پڻ سڏجي ٿي. هن قسم جي تعليمي اداري قائم ڪرڻ جو
ان وقت جي وزيراعظم،
مهاتير محمد کي تمام گهڻو شوق هو. هن چاهيو ٿي ته
هن اداري ۾
اسلامي اصولن مطابق تعليم ڏني وڃي جنهن کي هن
Islamization of
Knowledge
سڏيو ٿي ۽ هن يونيورسٽي جي شروع ٿيڻ جي خبر اسان
سندس واتان تڏهن ٻڌي جڏهن 1983ع ۾ هو اسان وٽ،
مئريٽائيم اڪيڊمي ملاڪا جي پاسنگ آئوٽ پريڊ تي آيو
هو. |