منشي عبدالله روڊ ملاڪا رياست جي ملاڪا شهر ۽ ٻين
شهرن: جاسين، مُوئر ۽ مسجد تاناح ۾ به ملندو جو
منشي عبدالله ملاڪا ۾ ڄائو هو. منشي عبدالله جو
سڄو ۽ اصل نالو عبدالله بن عبدالقادر هو. هتي
ملائيشيا ۾ ”منشي“ ٽيچر يا پڙهيل لکيل ماڻهو کي
سڏيو وڃي ٿو جيڪو ٻين کي به پڙهائي. منشي عبدالله
جا وڏا،
عرب سوداگر هئا جن جون ڪجهه پيڙهيون ڏکڻ هندستان ۾
رهڻ بعد، سنگاپور ۾ اچي
Settle ٿيون ۽ ڪن مڪاني مدراسي تاملن سان ته ڪن ملئي عورتن سان به
شادي ڪئي. منشي عبدالله جو ڏاڏو ۽ پڙڏاڏو معلم به
ٿي رهيا، جنهن تان کين منشي سڏيو ويو. عبدالله
ملاڪا ۾ ڄمڻ ڪري سنگاپور ۾ کيس ملاڪا وارو منشي به
سڏيندا هئا. ههڙن ماڻهن جي فئملي ڏسي مون کي مرزا
قليچ بيگ جي فئملي ياد ايندي آهي جيڪي دراصل روسي
رياست جارجيا جا رهاڪو هئا، پوءِ اتان هو لڏي
ايران ۾ رهيا، بعد ۾ هنن جون ڪجهه فئمليون سنڌ ۾
به اچي رهيون. مرزا قليچ بيگ جي سنڌي ادب ۾ وڏي
خدمت آهي. منشي عبدالله به هتي جي مڪاني ملئي زبان
جو وڏو ليکڪ ٿي گذريو آهي. جنهن جي دور ۾ ملئي ڪلاسيڪل ادب، ماڊرن ادب جي شڪل اختيار ڪئي. منشي
عبدالله 1796ع ۾ ڄائو،
يعني شاهه لطيف جي وفات کان 40 سال پوءِ ڄائو ۽
1854ع
ڌاري
جدي ۾ وفات ڪئي. انهن ڏينهن ۾ جدو ترڪي جي سلطنت
عثمانيه جو حصو هو. سعودي ملڪ ته پوءِ وجود ۾ آيو.
منشي عبدالله به پنهنجي پيءُ ۽ ڏاڏي جو ڌنڌو،
درس تدريس اختيارڪيو،
انگريز ۽ ڊچ حاڪمن کي ملئي پڙهائي ۽ ترجميڪار جا
فرض ادا ڪيا. پاڻ ڪيترائي ڪتاب لکيا،
جن ۾ حڪايات عبدالله (عبدالله جي آتم ڪٿا) اڄ
تائين تمام گهڻو مشهور آهي. سندس حج جو ملئي زبان
۾ لکيل سفرنامو:
Kisah
Pelayaran Abdullah ke Mekah
(عبدالله جي حج جي سفر جو قصو) پڻ پڙهڻ وٽان آهي جيڪوحج
هن 1854ع ۾ ادا ڪيو. حڪايات عبدالله 1845ع ۾ ڇپيو.
اهو ملئي زبان جو پهريون ڪتاب آهي، جيڪو ڪمائيءَ
جي خيال سان ڇپيو ويو ۽ اڄ تائين وڪامندو رهي ٿو.
پي راملي (P. Ramlee)
به هڪ اهم ملئي شخصيت ٿي گذريو آهي ۽ هو نه فقط
ملائيشيا ۽ سنگاپور پر
انڊونيشيا ۾ به مشهور آهي. پي راملي هنن لاءِ ائين
آهي جيئن پاڪستان، انڊيا ۽ بنگلاديش وارن لاءِ فلم
ائڪٽر دليپ ڪمار. پر منهنجي خيال ۾ هن جو مثال ملڪه ترنم نورجهان سان ڏئي سگهجي
ٿو،
جو دليپ ڪمار ته فقط فلمن ۾ اداڪاري ڪئي.
پر پي راملي هن تر جو مشهور ائڪٽر، ڊائريڪٽر،
ڳائڻو، ڪمپوزر، راڳ لکندڙ ۽ پروڊيوسر رهي چڪو آهي.
هتي جا ماڻهو پي راملي جون پنجاهه ۽ سٺ واري ڏهاڪي
جون فلمون،
ڪجهه اهڙي شوق سان ڏسندا آهن، جيئن اسان وٽ رنگيلا
جون. توهان ملائيشيا ۾
مهينو مس رهندائو ته راملي جي فلمن کان واقف ٿي
ويندائو. رات به هتي جي هڪ چئنل تان سندس 1953ع جي
بلئڪ ائنڊ وائيٽ فلم
“Hujan Panas”
هلي رهي هئي. ملئي زبان ۾ ”هُجان“ معنى بارش،
مينهن ۽ ”پاناس“ معنى گرم. راملي جي پهرين فلم
Cinta
(چِنتا) معنى ”پيار“ آهي، جيڪا 1948ع ۾ ٺهي ۽ آخري
فلم
Air Mata di Kuala Lumpur
(آئر ماتا ڊي ڪئالالمپور) 1973ع جي آهي. ملئي زبان
۾ پاڻيءَ لاءِ لفظ آئر آهي جيڪو ائين لکيو وڃي ٿو
جيئن ”هوا“ لاءِ انگريزي لفظ
Air
لکون ٿا.
Mata
(ماتا) معنى اکيون،
”اکين
جو پاڻي“ سو ٿيا ڳوڙها، ڊي معنى ۾. سو هن فلم جو
نالو ٿيو ”ڪئالالمپور ۾ ڳوڙها.“
پي راملي جو اصل نالو زڪريا بن نياڪ پوتيح هو جيئن
دليپ ڪمار جو محمد يوسف آهي. پاڻ پينانگ جي مختلف
اسڪولن ۾ پڙهيو. ٻي جنگ دوران جڏهن ملايا چار سال
کن جپان جي قبضي ۾ هو، هن جپاني نيول اڪيڊمي ۾
تعليم حاصل ڪئي. جپان تي بم ڪرڻ ۽ انگريزن جي
ملايا ۾ واپس اچڻ تي هن سول ڪاليج مان تعليم مڪمل
ڪئي. هو راندين ۽ ميوزڪ ۾ به هوشيار هو.
پي راملي ٽي شاديون ڪيون جن مان ٽي ٻار ٿيس. ان کان علاوه پنج ٻيا ٻار
نپايائين. هتي ملائيشيا ۾ يتيم ۽ لاوارث ٻارن کي
پالڻ ۽ پنهنجي ٻار جو درجو ڏيڻ عام ڳالهه آهي. اڄ
جا نوجوان، هاڻ مڙيئي هڪ زال کي ڪافي سمجهڻ لڳا
آهن نه ته اسان جي ٽهي جي هم عمر ملئي مسلمانن
۾ ٻي يا ٽين
شادي ڪرڻ ڪو هروڀرو خراب نٿي سمجهيو ويو ۽ نه وري
گهڻين شادين مردن لاءِ ڪو خاص معاشي بار پيدا ڪيو
ٿي، جو مردن وانگر هتي جي هر عورت ڪا نه ڪا نوڪري،
پورهيو يا بزنيس ڪري پنهنجي ۽ ٻارن جي خرچ جو
پورائو ڪري ٿي.
پي راملي 1929ع ۾ ڄائو ۽ 44 ورهين جي ڄمار ۾ 1973ع ۾ دل جي دوري پوڻ
سبب
وفات ڪيائين.
۽
جالان ائمپنگ واري قبرستان ۾ ئي دفن ٿيل آهي. کيس
مرڻ بعد ”تان سري“ جو خطاب ڏنو ويو. اهو خطاب ائين
آهي جيئن انگريزن وٽ
Sir جو آهي. 1982ع ۾ هن روڊ تي سندس نالو رکيو ويو نه ته ان کان اڳ
هن روڊ جو نالو ”جالان پئري“ هو.
مٿي جالان ائمپنگ روڊ بابت لکندي ڪئالالمپور جي هڪ ٻئي اهم روڊ جالان دانگ
وانگي جو لکيو اٿم، جيڪو هتي جي دانگ وانگي علائقي
۾ آهي. دانگ وانگي علائقو ڪئالالمپور جو هڪ مرڪزي
علائقو آهي، جيئن ڪراچيءَ ۾
کارادر يا بغدادي. دانگ وانگي روڊ اڃان تائين اصلي نالي
”ڪئمپبيل روڊ“ سان پڻ سڏجي ٿو. هي انگريز ريزيڊنٽ
اهو ئي صاحب آهي، جنهن جي نالي ڪراچي ۾ نيو چالي ۽
پاڪستان چوڪ جي وچ ۾ ڪئمپبيل روڊ آهي جيڪو فريئر
روڊ کي ايم اي جناح روڊ سان سٽي ڪورٽ وٽ ڳنڍي ٿو.
جنهن روڊ (جالان) جو هينئر جالان راجا چولان نالو آهي، اهو 1982ع تائين هتي
جي انگريز ڪاموري مسٽر ويلڊ نالي هو. راجا چولان
جو پيراڪ رياست جي شاهي خاندان سان تعلق هو. پاڻ
ڪافي پڙهيل ڳڙهيل هو. هن انگريزن ۽ ملئي سلطانن
سان گڏجي پيراڪ، سلينگو، نيگري سيمبيلان ۽ پهانگ
رياستن جي 1896ع ۾ فيڊريشن ٺهرائي،
جيڪا
Federated Malay States
سڏجڻ لڳي، جيڪا پوءِ اڳتي هلي اڄ وارو ملائيشيا
ملڪ ٿيو. راجا چولان انگريزن تي اهو به زور آندو
ته هو ملئي ماڻهن جون معاشي حالتون بهتر بڻائين ۽
کين سول سروس ۾ نوڪريون ڏين. پاڻ 1869ع ۾ ڄائو هو
۽ 1933ع ۾ وفات ڪيائين.
ڪئالالمپور ۾ جيڪي پراڻيون عمارتون آهن، انهن مان بوڪ هائوس جيڪا عمارت
Le Coq D’or
جي نالي سان به سڏي وئي ٿي، پڻ هڪ هئي جيڪا 2006ع
۾ ڊاٺي وئي. هيءَ عمارت اسان جي پاڪستاني
سفارتخاني واري ائمپنگ روڊ تي جتي اسان جو
سفارتخانو پلاٽ نمبر 132 تي آهي اتي بوڪ هائوس
پلاٽ نمبر 121 تي هو. يعني پيٽروناس ٽاور ۽ بوڪ
هائوس جي وچ ۾ فقط هڪ بلاڪ جو فاصلو آهي. بوڪ
هائوس هڪ انگريز ڪمپنيءَ
Cycle & Carriage
ڪمپني جي چيني مالڪ چُئاچينگ بوڪ لاءِ 1926ع ۾ ٺهڻ
شروع ٿيو ۽ 1929ع ۾ مڪمل ٿيو.
هن بلڊنگ (بوڪ هائوس) جي پٺيان هڪ ڪهاڻي مشهور آهي ته ائمپنگ روڊ تي رهندڙ
هڪ امير چينيءَ جي ڌيءَ تي چينگ بوڪ جڏهن جوان هو
ته عاشق ٿي پيو پر جيئن ته ڇوڪريءَ جي پيءُ چينگ،
بوڪ کي غريب ڏسي
رشتو ڏيڻ کان انڪار ڪيو. ان بعد چينگ سنگاپور هليو
ويو جتي هن ڪجهه سال محنت مزوري ۽ پوءِ بزنيس ڪري
سائيڪلن جي مرمت جي ڪمپني ”سائيڪل ائنڊ ڪئريج“
کولي جنهن جون برانچون اپوح ۽ ڪئالالمپور ۾ به کوليون. بهرحال هن خوب پئسو ڪمايو ۽ ڇوڪريءَ جي
پيءُ کي ڏيکارڻ لاءِ هن هيءَ عمارت ”بوڪ مئنشن“
ڇوڪريءَ جي گهر ڀرسان ٺهرائي. ڪي چون ٿا ته چينگ
کي هيءَ ڇوڪري ملي وئي، ڪي چون ٿا ته هن ڪنهن ٻي
ڇوڪريءَ سان شادي ڪئي. بهرحال چينگ جي فئملي هن
گهر ۾ رهي. 1942ع ۾ ٻي وڏي لڙائي دوران جپانين
پنهنجي قبضي دوران هن بلڊنگ ۾ پنهنجي
Yokohama Specie
بئنڪ کولي. لڙائي ختم ٿيڻ ۽ انگريزن جي موٽي اچڻ
تي، هن بلڊنگ کي ڪجهه عرصي لاءِ بورڊنگ هائوس به
بڻايو ويو. ان بعد 1958ع کان هن ۾ فرينچ ريسٽورنٽ
Le coq D’or
نالي کولي وئي جيڪا هتي جي هاءِ ڪلاس ريسٽورنٽ
سمجهي وئي ٿي. اسان به درٻيلي جي ڪئپٽن احمد حسين
مخدوم سان گڏ ملاڪا کان هلي ملي چانهه پيئڻ ۽ هن
شهر جي اهم شخصيتن کي ويجهو ڏسڻ لاءِ ڪئالالمپور
جي هن ريسٽورنٽ ۾ ايندا هئاسين. هيءَ هوٽل 43 سال
هلڻ بعد 2001ع ۾ بند ڪئي وئي. گذريل صدي جي هر
ٽريول يا گائيڊ بڪ ۾ توهان کي هن بوڪ هائوس ۽ لي
ڪاڪ ڊور ريسٽورنٽ جي تعريف لکيل ملندي. هن بلڊنگ
جو آرڪيٽيڪٽ به ڏسڻ وٽان هو ۽ هتي جي هڪ مشهور
تصويري ڪتاب
Guide to Notable Buildings of K.L
۾ هن عمارت جي پڻ تصوير آهي. هڪ ٻيو ڪتاب
100 Years of Kuala Lumpur Architecture 1890-1990
۾ به هن عمارت جي تصوير آهي. چون ٿا ته ريسٽورنٽ
جي بند ٿيڻ بعد هن بلڊنگ جي حالت خراب ٿي وئي ۽
منجهس ڏار به پئجي ويا هئا. ان ڪري هتي جي
ميونسپالٽي وارن هن بلدنگ کي ڪيرائڻ ۾ بهتري
سمجهي. جيتوڻيڪ ڪيترن ماڻهن کي هن عمارت جو نالو
نشان مٽجڻ جو افسوس آهي.
انهن ۾ شايد هڪ آئون به هجان جيڪو هن بلڊنگ اڳيان
مڪاني ملئي دوستن ۽ وطن کان آيل مهمانن سان گڏ
بيهي شوق سان تصويرون ڪڍرائيندو هوس.
هن فرينچ ريسٽورنٽ
Le Coq D’or
۾ منهنجي دلپسند ملئي ڳائڻن سڌيرمن، داتو شيڪ،
شيلا مجيد، اِيلا (نورڪلماساري)، شريفا ائني ۽ نورا زيلا روسلي سان ملاقات ٿي. سڌيرمن
پڙهيل لکيل ڳائڻو هو. سندس مشهور گانو ”باليق
ڪمپونگ“ (ڳوٺ پيو وڃان) اڄ به گنگنائيندو رهان ٿو.
(سڌيرمن) جنهن جو اصل نالو حاجي ارشد هو 1992ع ۾
40 سالن جي عمر ۾ گذاري ويو. اڄ صبح جو هڪ روڊ
سائڊ ريسٽورنٽ ۾ نورڪلماساري
جو گانو ڊِي سِني اَڪُو مينانتي..... (هي اها ئي
جاءِ آهي جتي مون انتظار ڪيو) ٻڌي 1987ع جو سال
ياد اچي ويو، جڏهن
ڪلماساريءَ
اهو گانو ڳايو هو ۽ مون ٻڌڻ سان پنهنجن ملئي دوستن
کي چيو هو ته هي گانو اسان جي ننڍي کنڊ جي ڳائڻي
لتا منگيشڪر جي پراڻن گانن ”برسات مين هم سي ملي
تم
سجن“ يا ”چلي جانا نهين“ جي ياد ٿو ڏياري. مون ڏٺو
ته پاءُ صدي گذرڻ بعد اڄ به ٻڌندڙ ان گاني تي
جهومي رهيا هئا، جنهن گاني کي
ملاڪا کان ڪئالالمپور گاڏي هلائڻ وقت آئون به ٻڌي جهومندو هوس. توهان کي به ان گاني ٻڌڻ جو موقعو
ملي ته ضرور ٻڌجو. ڇا ته ميوزڪ ڪمپوز ڪئي وئي آهي،
ڇا ته مٺي سر ۾ مائي نورڪلماساريءَ
ڳايو آهي ۽ ڇا ته شاعري آهي...
Di
Sini Aku Menanti
Tibe saat ini
Bertemu melepas rindu
Youg lama tersimpan
Ingatkah lagi padaku
Yang masih di sini
Menanti dengan setia
Pertemuan ini
Di sini kita bertemu
Kunyanyikan lagu rindu
Di sini kita bertemu
Mesranya bersama
semula.
باب
ايڪٽيهون
مٽيارين جا ماڻهو ملائيشيا ۾....
سمهڻ مهل منهنجي ميزبان حاجي غلام علي سولنگيءَ مون کان
ٻئي ڏينهن جو پروگرام پڇيو.
”هڪ ته شاهه عالم شهر هلڻ چاهيان ٿو، جتي ٽنڊي قيصر جي
ڊاڪٽر شفيع نظاماڻي سان ملڻو اٿم.“ مون کيس ٻڌايو.
ملائيشيا اچڻ کان اڳ مون جن وٽ رهڻ چاهيو ٿي ڊاڪٽر شفيع
به انهن مان هڪ هو. ڊاڪٽر شفيع سان منهنجا تمام
پراڻا تعلقات آهن ۽ هو هڪ پُرخلوص ۽ پيارو دوست ۽
ڀائرن جهڙو ڀاءُ آهي. هن جو سالو شوڪت نظاماڻي
منهنجي ڀاڻيجي ڊاڪٽر مشتاق ميمڻ جو اٺين ڪلاس کان
ڪلاس ميٽ ۽ دوست آهي، جڏهن هنن ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو
۾ داخلا ورتي هئي. منهنجو ننڍو ڀيڻيوو
ڊاڪٽر اقبال قاضي ۽ ڊاڪٽر شفيع 1974ع کان گڏ رهيا
۽ ڪراچي جي سول اسپتال ۾ وڏو عرصو ڪم ڪيو. بهرحال
آخر ۾ اهوئي فيصلو ڪيم ته رهندس علي سولنگي وٽ، جو
منهنجو گهڻو ڪم هن جي گهر جي آسپاس هو، پر ڊاڪٽر
شفيع وٽ گهمڻ لاءِ ضرور ويندس. ڊاڪٽر شفيع مون کي
سندس يونيورسٽي
UTM
(يونيورسٽي ٽيڪنالاجي مارا) ۽ شاهه عالم جي
خوبصورت مسجد ڏيکارڻ چاهي ٿي. مون هن وٽ منجهند
مهل وڃڻ چاهيو ٿي.
”پوءِ صبح جو کڻي پاڪستان ايمبسي ۾ هلون،“ عليءَ چيو،”ا
ڄڪلهه
ڊپٽي سفير امتياز قاضي صاحب آهي، مون کين توهان
بابت هتي
هجڻ جو
ٻڌايو آهي.“
مون کي حيرت ٿي ته امتياز هتي اچي ويو آهي. اڃا مهينو کن
اڳ ته اسلام آباد ۾ سيڪريٽري هو.
”توهان نالي ۾ ڀُليا ته نه آهيو؟“ مون عليءَ کي چيو.
”بلڪل نه. سندن اهوئي نالو آهي.
گذريل هفتي هن مون کي پنهنجو ڪتاب به ڏنو هو ۽
ٻڌايو هئائين ته هن توهان جا ڪتاب پڙهيا آهن پر
مليو ناهي.“
”ڪمال ٿو ڪرين،“ مون عليءَ کي چيو،
”امتياز سان منهنجي ان وقت کان ملاقات آهي، جڏهن
هو حيدرآباد جي پبلڪ اسڪول ۾ پڙهندو هو. سندس والد
صاحب قاضي سچي ڏنو اسان جي دادو واري دوست
عبدالقادر قريشي جي والد اميد علي قريشي صاحب ۽
ڊاڪٽر تنوير عباسي جي والد جو سٺو دوست هو.
ايتري ۾ علي سولنگي امتياز قاضي صاحب جو ڪتاب کڻي آيو،
جيڪو هن پنهنجي والد محترم کي منسوب ڪيو آهي ۽
سندن والد جو نالو لعل محمد قاضي لکيل هو. مون
عليءَ سان ٻئي ڏينهن صبح جو هلڻ جو پروگرام ٺاهيو.
منهنجو ڀاڻيجو ڊاڪٽر مشتاق ميمڻ به ٽن ڏينهن لاءِ
جپان کان ڪئالالمپور آيل هو ۽ هو جنهن هوٽل ۾
ترسيل هو، اها پاڪستان ايمبسي جي ويجهو هئي. هن کي
پڻ ايمبسي ۾ اچڻ لاءِ چيم، جيئن اتي هن سان به
ملاقات ٿي وڃي.
صبح جو روڊ سائيڊ تي هڪ گاڏي تي نيرن تيار ڪندڙ ملئي
عورت وٽ ”ناسي ليماڪ“ کائي ائمپنگ روڊ ڏي روانا
ٿياسين، جتي اسان جو سفارتخانو آهي. جڏهن 132
جالان ائمپنگ جي ويجهو پهتاسين ته عليءَ چيو ته
سائين امتياز قاضيءَ کي فون ڪريو ته ايمبسيءَ جو
گيٽ کولرائي، نه ته هتي جا چوڪيدار ۽ گيٽ ڪيپر
اهڙا آهن جو گاڏيءَ کي اندر اچڻ نه ڏيندا ۽ ٻاهر
پري پري تائين پارڪنگ ناهي.
”يار ڏاڍي ٻڌائيهءِ،“ مون عليءَ کي چيو، ”هڪ بي دعوتو ۽
ٻيو ڪِرائتو! هڪ ته آئون امتياز صاحب سان مليو
ناهيان ۽ ٻيو ته بنا ٻڌائڻ جي پيا هلون، ٽيون وري
اسان ڪهڙا صاحب آهيون، جن لاءِ آٽوميٽڪ گيٽ کلي
وڃي، جيئن اسان گاڏي اندر اچي پارڪ ڪريون.“
”سائين ٻيو ڪو چاڙهو ناهي. ٽراءِ کڻي ڪريو.“ عليءَ چيو ۽
مون نمبر ملائي دل ۾ سوچيو ته اها ملاقات به نه
ٿي. پر نمبر ملڻ تي امتياز کي جيئن ئي پاڻ بابت
ٻڌايم ته يڪدم وڏي آڌر ڀاءَ سان چيائين:
”اچو سائين اچو. اسان کي توهان جي اچڻ جي ڊاڪٽر مشتاق
کان خبر پئجي وئي ۽ هو به مون وٽ توهان جو انتظار
پيو ڪري.“
مون کي حيرت ۽ خوشي ٿي ته ڪٿي ڪٿي مڙيئي اهو احساس ٿئي
ٿو ته هن نفسا نفسيءَ جي عالم ۾ اديب جي به عزت
ڪئي وڃي ٿي. مونکيِ هي خلوص ۽ عزت ظاهر آهي ته هڪ
جهاز هلائيندڙ جي حيثيت ۾ نه پر هڪ قلمڪار جي
حيثيت ۾ ملي رهيو آهي. اسان جي گاڏي گيٽ تي پهچڻ
تي ريموٽ ڪنٽرول ذريعي دروازا کلي ويا ۽ اڳتي
ضروري چڪاس بعد گاڏي پارڪ ڪري ايمبسي جي عمارت ڏي
وڌياسين. عليءَ کي چيم ته ملائيشيا ۾ گهاريل
پنهنجو پراڻو زمانو ياد ٿو اچيم، جڏهن اڃا هي
دهشتگردي جو دور شروع نه ٿيو هو. هي سفارتخانا ته
ڇا وزيراعظم ۽ گورنرن جي آفيسن جا در به کليا پيا
هوندا هئا. ڪنهن به قسم جي چيڪنگ نه ٿيندي هئي.
ملائيشيا پهچڻ سان پاسپورٽ کي ڪٻٽ جي خاني ۾ رکبو
هو ته ٽن سالن بعد، جڏهن پنهنجي وطن ورڻ جي مهينو
موڪل ٿيندي هئي ته ڪڍبو هو. هاڻ ته پاسپورٽ هر وقت
پاڻ سان رکڻو پوي ٿو، خبر ناهي ڪنهن وقت ۽ ڪنهن
هنڌ چڪاس ٿئي.
سفارتخاني ۾ گهڙڻ سان امتياز قاضي صاحب اسان جو آڌر ڀاءُ
ڪيو ۽ مٿي پنهنجي آفيس ۾ وٺي آيو، جتي منهنجو
ڀاڻيجو مشتاق ميمڻ به موجود هو. امتياز قاضي صاحب
ٻڌايو ته مشتاق سندس ڀاءُ حافظ اعجاز سان گڏ مهراڻ
يونيورسٽي مان
B.E.
ڪئي آهي. بهرحال هن ملاقات ۾ خبر پيئي ته امتياز
قاضي
وارا
ته اسان جي پاڙي واري شهر مٽيارين جا آهن ۽ نه فقط
امتياز کي پر سندن سڄي فئملي کي تعليم ۽ ادب سان
تمام گهڻي دلچسپي آهي. امتياز قاضي، نور محمد هاءِ
اسڪول جي هيڊ ماستر،
قاضي غياث الدين جو ڀائٽيو ٿئي. هو صاحب بالادي
صاحب کان پوءِ هيڊ ماستر ٿيو هو. امتياز جي والد
لعل محمد قاضي صاحب جو به درس تدريس سان واسطو
رهيو آهي. هو صاحب وڏو عرصو مٽياريءَ جي هاءِ
اسڪول جو هيڊ ماستر ٿي رهيو ۽ آخر ۾
SDEO
ٿي رٽائر ڪيائين. سندن شاگردن مان منهنجو مٽيارين
وارو ڀيڻيوو فضل صديق شيخ پڻ هڪ هو. سائين لعل محمد قاضي صاحب اڄڪلهه
حيدرآباد ۾ پنهنجي وڏي پٽ ڊاڪٽر الطاف قاضي وٽ رهي
ٿو ۽ سندن عمر 75 جي لڳ ڀڳ هوندي. ڊاڪٽر الطاف
قاضيءَ
MBBS
ڪرڻ بعد
MD
ڪئي ۽ اڄڪلهه سرڪاري نوڪري ۾ آهي. هيءَ قاضي
فئملي سنڌ جي پڙهيل ڳڙهيل فئملين مان آهي. لعل
محمد صاحب توڻي سندن ڀاءُ غياث الدين قاضي انهن
ماڻهن مان آهن، جن وڏي عيال ۽ گهٽ انڪم جي باوجود
غربت ۾ رهي به پنهنجي اولاد کي تعليم جي زيور سان
آراسته ڪيو.
امتياز قاضي جن پاڻ ۾
پنج
ڀائر ۽ ٽي ڀينرون آهن. وڏو ڀاءُ ڊاڪٽر الطاف آهي،
ان بعد امتياز پاڻ آهي. ان بعد حافظ اعجاز آهي،
جيڪو ڪراچي ۾
KESC
۾ انجنيئر آهي ۽ ان بعد سرفراز قاضي آهي، جنهن سنڌ
يونيورسٽي مان
MBA
ڪئي ۽ 1996ع کان ڪراچي جي اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڊائريڪٽر
آهي. ننڍي ڀاءُ محفوظ
MEUT
(مهراڻ يونيورسٽي) مان
B.E.
ڪئي ۽ اڄ ڪلهه اسلام آباد ۾ ”فيڊرل فلڊ ڪميشن“ جو
اسسٽنٽ ايگزيڪيوٽو انجنيئر آهي. سندن ٻن ڀيڻن
روزينا ۽ رووانا سنڌ يونيورسٽي مان
MA
ڪئي آهي ۽ سندن گهر وارا محمد اڪرم ۽ شعيب رحمان
به ٽيچنگ ۾ آهن. سڀ ۾ ننڍي ڀيڻ امبرين ڊاڪٽر آهي.
ڊاڪٽر امتياز قاضي صاحب جيڪي هن وقت ڪئالالمپور ۾
پاڪستاني سفارتخاني ۾ ڊپٽي سفير آهن، پنهنجي مامي
آفتاب قاضي وانگر بيحد پڙهيل ڳڙهيل ۽ ادب سان چاهه
رکندڙ آهن. ڊاڪٽر امتياز ڄامشوري جي لياقت ميڊيڪل
يونيورسٽي مان
MBBS
ڪئي، ان بعد سنڌ يونيورسٽي مان
وڪالت يعني
LLB
۽ انٽرنيشنل پبلڪ پاليسي ۾
M.A
۽ واشنگٽن آمريڪا جي جان هاپڪنس يونيورسٽي مان
MIPP
ڪئي.
امتياز قاضي سي ايس ايس جي امتحان بعد 1989
ع
۾ فارين سروس ۾ داخل ٿيو ۽ اسلام آباد ۾ وزارتِ
خارجه جي مختلف آفيسن ۾ ڪم ڪرڻ کان علاوه تهران
(ايران)، پئرس (فرانس) ۽ دوحا (قطر) ۾ پاڪستاني
سفارتخانن ۾ ڪم ڪرڻ بعد هاڻ ڪئالالمپور آيو آهي،
جتي هو ائڪٽنگ سفير آهي ۽ هي منهنجو مضمون ڇپجڻ
تائين هو سفير ٿي چڪا هوندا. امتياز پاڪستان ۽
ECO
سيڪريٽريٽ طرفان ڪيترن ئي بين الاقوامي ميٽنگ
(Forums/ Summits)
۾ حصو
وٺي
چڪا آهن. جهڙوڪ: يو اين او (نيويارڪ ۽ جنيوا) ۾
ورلڊ بئنڪ،
TMF،
سارڪ،
NAM،
يونيسڪو،
OIC،
ڊي
ايٽ،
ECO
وغيره.
امتياز قاضي به اسان واري سابق سفير ظفر شيخ ۽ جپان ۾ اڄ
ڪلهه موجوده سفير نور محمد جادماني وانگر مختلف
زبانن جي مهارت حاصل ڪرڻ جو شوق ۽ قابليت رکي ٿو.
امتياز انگريزي عربي، فرينچ ۽ فارسي زبان لس ئي لس
(fluently)
ڳالهائي وڃي ٿو. اڄڪلهه ملائيشيا ۾ رهي هو چيني
زبان (منڊارن) نه فقط ڳالهائڻ پر لکڻ جي به ڪوشش
ڪري رهيو آهي. کيس لکڻ پڙهڻ سان دلچسپي آهي. سندس
ٻه ڪتاب ڇپجي چڪا آهن. هڪ ته عمر خيام جي فارسي
رباعين جو انگريزي ۾ ترجمو آهي. هن ڪتاب ۾ هن 300
کن رباعين جو ترجمو ڪيو آهي ۽ ٻيو شيخ امام محمد
شرف
الدين البوصيري رح جي عربي ڪتاب قصيدة المديح جو سمجهاڻين سان گڏ
انگريزي ترجمو آهي، جنهن ڪتاب جو امتياز انگريزي
نالو
“Elegy of Streaky Garment”
رکيو آهي. اڄڪلهه هو شاهه لطيف جي بيتن جو
انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري رهيو آهي ۽ هيستائين سترهن
کن سُرن
جو ترجمو مڪمل ڪري چڪو آهي. شاهه لطيف جو رسالو هن
کان اڳ سنڌ يونيورسٽي جي سابقه هيڊ آف انگلش
ڊپارٽمينٽ مئڊم امينا خميساڻي، سنڌ جو اديب قمر
شهباز ۽ آغا سليم پڻ ترجمو ڪري چڪا آهن.
ڊاڪٽر امتياز قاضي جي مامي ڊاڪٽر
آفتاب قاضي کان آمريڪا ۾ شايد ئي ڪو پڙهيل ڳڙهيل
پاڪستاني اڻ واقف هجي. هو آمريڪا جي مختلف
يونيورسٽين ۾ پروفيسر ۽ يورپ جي ڪيترين ئي
يونيورسٽين جو ممتحن ۽ وزيٽنگ پروفيسر آهي. بيحد
پڙهيل ڳڙهيل ۽ تعليمي ماهر هجڻ سان گڏ تاريخدان،
ڪيترن ئي مضمونن جو ليکڪ ۽ مفڪر آهي. پاڻ پنهنجي
مٽيارين جي قاضي فئملي لاءِ ٻڌايو هئائين ته؛ هندستان جي مغل شهنشاهه اورنگزيب جڏهن
ميان نور محمد ڪلهوڙي کي ٺٽي صوبي جو گورنر مقرر
ڪيو هو ته هن کي ڪنهن تعليم يافته ماڻهو جي ضرورت
پئي، جيڪو صوبي جو خزانو صحيح طرح هلائي سگهي. هن
مدد لاءِ جيسلمير جي مهاراجا کي عرض ڪيو، جنهن جي
نتيجي ۾ اسان جي وڏي ديوان مانڪ رام ۽ هن جي فئملي
کي جيسلمير مان لڏي ٺٽي اچڻو پيو ۽ شروع ۾ هن کي
فقط خزاني جو ڪم سونپيو ويو. ان کان پوءِ هن جي
پٽن ۽ پڙپوٽن قانون ۾ دلچسپي ورتي ۽ قاضي جي عهدي
تي حڪومت جو ليگل ڊپارٽمينٽ هلائڻ لڳا.
”نور محمد ڪلهوڙي جي وفات بعد هن جي پٽن غلام شاهه
ڪلهوڙي ۽ مرادياب ڪلهوڙي جي وچ ۾ جهيڙا ٿي پيا ته
ڪير حڪومت ڪندو. غلام شاهه جي پنهنجي درٻار شاهپور
۾ هئي ۽ مرادياب ڪوٽڙي واري علائقي مان وڙهي رهيو
هو. اسان جي وڏن شروع وارا سال ٺٽي ۾ گذاريا ۽
پوءِ خداباد ۽ شاهپور ۾ رهيا، جتي اڃا به اسان جا
ڪجهه سوٽ پنهنجيون زمينون سنڀاليندا اچن. غلام
شاهه ڪلهوڙي جيئن ئي پنهنجو گاديءَ جو هنڌ نيرون
ڪوٽ (حيدرآباد) قائم ڪيو، اسان جا وڏا به ان وقت
جي درٻار سان گڏ حيدرآباد هليا آيا ۽ اچي مٽياريءَ
۾ رهائش اختيار ڪيائون. ان وقت تائين فئمليءَ جا
ڪيترا ميمبر اسلام جي دائري ۾ داخل ٿي چڪا هئا
(اسان جو وڏو ڏاڏو مرڻ تائين هندو رهيو) ۽ ڪلهوڙا
۽ ان بعد ٽالپر حاڪمن وٽ عدالتن جا سربراهه ٿي ڪم
ڪرڻ لڳا هئا. جيتوڻيڪ چوڻ لاءِ ته اهو ئي چيو ويو
ٿي ته ملڪ ۾ اسلامي قانون هليو ٿي، پر هليو اهو ٿي
جيڪو ان وقت جي حاڪمن جي وات مان حڪم جاري ٿيو ٿي. ناانصافي جي
چڪيءَ ۾ هندو توڙي مسلمان پيسندا رهيا.“
ڊاڪٽر آفتاب قاضيءَ ٻڌايو ته ”اسان جي خاندان جا اهم
ڀاتي جهڙوڪ قاضي عزيز الله (آفتاب جي والده جو
پڙڏاڏو،
جنهن قرآن مجيد جو سنڌي ۾ ترجمو ڪيو) حڪومتي عهدا
ڇڏي لنواري شريف جي پيرن وٽ اچي رهيا. هو لنواري
شريف جي پيرن جا مريد ٿيا ۽ ساڳي وقت هنن جا ٽيچر
به ٿي رهيا. اسان جي ڪيترن ئي وڏن اتي وفات ڪئي
۽ لنواري شريف ۾ ”قاضين
جو
قبرستان“ اڄ به مشهور آهي.
”اسان جي ڪجهه ٻين وڏن ۾ ڊاڪٽر امتياز قاضي جو پڙڏاڏو
لعل محمد قاضي به اچي وڃي ٿو،“ آمريڪا ۾ رهندڙ
ڊاڪٽر آفتاب قاضي (امتياز جي مامي) ٻڌايو ”جڏهن
انگريزن ميرن کي شڪست ڏني ته امان جي پڙڏاڏي عزيز
الله قاضيءَ ميرن جو ڪيس بمبئي وڃي ايسٽ انڊيا
ڪمپني اڳيان پيش ڪيو پر هن جي هار ٿي. ان وقت جا
جج دادا عزيز الله جي ذهانت ۽ سٺي عربي ۽ فارسي
زبان مان بيحد متاثر ٿيا ۽ کيس انگريزن وٽ اعلى
عهدي تي رهڻ لاءِ آڇ ڪئي ۽ کيس ٻئي زبانون پڙهائڻ
لاءِ تمام سٺو پگهار ۽ سواريءَ لاءِ گهوڙو به ڏنو
ٿي،
پر دادا انڪار ڪيو. هو ستر سال ٽپي چڪو هو ان ڪري
هن معذرت ڪئي.
”انگريزن جي ڏينهن ۾ قاضي فئملي کي ڪافي نقصان رسيو. هن
فئملي جا ڪيترائي وڏا حجاز هليا ويا. اتي به هنن
پڙهائڻ جو ڪم ڪيو. ڪيترا اتي گذاري ويا. ٻين کي
انهن جا شاگرد مٽياري وٺي آيا. بهرحال اوڻيهين ۽
ويهين صدي ڌاري اسان جي ڀاتين جو تعليم يافته هجڻ
ڪري وري قدر ٿيو. منهنجو ڏاڏو شهدادپور جو هيڊ
منشي مقرر ڪيو ويو، بعد ۾ نوابشاهه جو مختيارڪار
به ٿيو. خاندان جا ٻيا ڀاتي مٽياري جي مدرسن ۾
اسلامي تعليم ڏيڻ لڳا. منهنجو والد محمد انور قاضي
مختيارڪار ۽ پوءِ ڊپٽي ڪليڪٽر (اسسٽنٽ ڪمشنر) ٿي
رٽائرڊ ڪيو. منهنجو هڪ چاچو ڊاڪٽر خدا ڏنو ڊاڪٽر
ٿي شهدادپور جي ماڻهن جي خدمت ڪئي ۽ ٻيا چاچا ٻين
سرڪاري نوڪرين ۾ رهيا...“
پروفيسر آفتاب قاضي صاحب مٿي جنهن شخص لعل محمد قاضي
صاحب جو ذڪر ڪيو آهي اهو ڊاڪٽر امتياز قاضي جو
پڙڏاڏو ٿئي. هي لعل محمد صاحب مفتي هجڻ سان گڏ
مٽياري جو آخري متولي پڻ ٿي رهيو. پاڻ ٽنڊو
سائينداد جي پير آغا (سليم جان سرهندي جي ڏاڏي) کي
به پڙهايو. ان کان علاوه هن مڪي شريف جي مدرسي
صولاتياه ۾ به ٻه سال پڙهايو جيڪو مدرسو اڄ به مڪي
۾ قائم آهي. هتي اهو به لکندو هلان ته انگريزن جي
ڏينهن ۾ ننڍي کنڊ ۾ پينٽ (پتلون) ۾ نماز پڙهڻ تي
گوڙ مچي ويو هو ۽ هندوستان جي ڪيترن علمائن اها
فتوا ڏني ته پتلون ۾ نماز پڙهڻ ڪفر
ڪئالالمپور ۾ پاڪستان جي هاءِ ڪميشن (سفارتخاني)
جو
ڊاڪٽر امتياز قاضي ملائيشيا جي وزير داتو حمزه زين
الدين سان گڏ
22 سال اڳ جي هڪ يادگار تصوير: الطاف شيخ (ساڄي
کان ٻيو نمبر)
ملائيشيا جي وڏي اديب، شاعر ۽ مفڪر داتڪ سعيد صمد
۽ ٻين ملئي اديبن سان گڏ
آهي. ان تي لعل محمد صاحب ،جيڪي مفتي به هئا، فتوا ڏني ته اهو ڪفر جو ڪم نه
پر فسق آهي. کين ٻه پٽ ٿيا: عبدالواحد ۽ رحمت
الله. رحمت الله کي اولاد نه ٿيو، باقي وڏي پٽ
عبدالواحد قاضي صاحب کي ٻه پٽ ٿيا. هڪ 1933ع ۾
غياث الدين، جنهن لاءِ لکي چڪو آهيان ته مسٽر
بالادي بعد نور محمد هاءِ اسڪول جو هيڊ ماستر ٿيو.
ٻيو پٽ 1937ع ۾ ڄائو جنهن تي نالو سندس ڏاڏي جو
لعل محمد رکيو ويو، جيڪو اسان واري ڪئالالمپور جي
ائڪٽنگ سفير ڊاڪٽر امتياز قاضي صاحب جو والد آهي.
نور محمد هاءِ اسڪول جي سابق هيڊ ماسٽر غياث الدين
قاضي صاحب کي ٽي پٽ آهن، جن مان وڏو فياض الدين
مٽياريءَ ۾ زمينون سنڀالي ٿو. ٻيو نمبر رياض الدين
سئي گئس ۾ انجنيئر آهي ۽ ننڍو اعزازالدين
حيدرآباد جي مسلم ڪمرشل بئنڪ ۾ نوڪري ڪري ٿو.
ڊاڪٽر امتياز قاضي صاحب جي ڄم جي تاريخ 3 مارچ 1965ع
آهي. اولاد ۾ کين ٽي نياڻيون آهن: ماهين، مبروڪا ۽
ماياسا.
باب
ٻٽيهون
مون سي ڏٺا ماءُ.....
ڪئالالمپور ۾، 132 جالان ائمپنگ تي پنهنجي ملڪ جي
سفارتخاني ۾ مٽياري جي ائڪٽنگ سفير ڊاڪٽر امتياز
سان خبرون ڪرڻ بعد اٿيس ٿي ته هن نيول اٽيچي سان
به ملڻ لاءِ چيو.
”گذريل دفعي توهان آيا هئائو ته ان آفيس ۾ ان وقت جي
نيول اٽيچي سان فوٽو ڪڍرايا هئا.“ ڊاڪٽر امتياز
قاضيءَ چيو.
”ان کي ته ڪافي عرصو ٿيو، توهان کي ڪيئن خبر پيئي؟“ مون
حيرت مان پڇيو.
”توهان جا ملائيشيا وارا ڪتاب اسان جي لئبرري ۾ آهن. ان
مان هڪ ”ملائيشيا ڪي دن“ ۾ توهانجو هن سان گڏ فوٽو
آهي.“
”پوءِ ته هلو ته هاڻ پاڻ به اتي فوٽو ڪڍرايون.“ مون چيو
۽ اسان هلڻ لڳاسين. رستي تي ڊاڪٽر امتياز کان هاءِ
ڪمشنر (سفير) جو پڇيم ”اڃان پهريون وارو فوجي آهي
يا ڪو ڊپلومئٽ به آيو آهي؟“ مون پڇيو.
”مسعود خالد آهي.“ ڊاڪٽر امتياز ٻڌايو.
”ڏاڍو سٺو.“ مون چيو.
”توهان جي وافقيت آهي؟“
”نه ڪا گهڻي ناهي. آئون ان ڪري سٺو ٿو چوان جو ملائيشيا
جي حڪومت کي اها ڳالهه نه وڻندي آهي ته سفارتخانن
۾ ڊپلومئٽن بدران فوجي جرنيل هجن.“
ڊاڪٽر امتياز کي ٻڌايم ته 1992ع ۽ 1993ع وارن سالن ۾
منهنجي مسعود خالد سان ٻه ڄار دفعا ملاقات ٿي هئي،
جڏهن هو اسانجي لنڊن واري سفارتخاني ۾ هو. اسان
سئيڊن
۾
هوندا هئاسين جتان
IMO
جون ميٽنگون اٽينڊ ڪرڻ لاءِ لنڊن ايندا هئاسين.
اسان مٿين فلور تي مين هال ۾ ڳالهائي رهيا هئاسين ته
اتفاق اهڙو ٿيو جو ان وقت سفير صاحب پنهنجي آفيس
مان نڪري ڪيڏانهن ٻاهر وڃي رهيو هو. امتياز منهنجو
ٻڌايس ته هو اتي ئي ترسي خبر چار ڪرڻ لڳو ۽ ٻئي
ڏينهن ملڻ جو پروگرام رکيوسين.
مسعود خالد مون کان 10 سال کن ننڍو آهي. هن انٽر نيشنل
رليشن ۾ ماسٽرس ڊگري حاصل ڪرڻ بعد 1979ع ۾ فارين
سروس ۾ نوڪري شروع ڪئي. لنڊن کان علاوه هو
نيويارڪ، تاشقند ۽ سيول (ڪوريا) ۾ پڻ رهيو آهي.
هاڻ ڪئالالمپور ۾ آهي، پر سندس ڳالهين مان لڳو ته
کيس ڪنهن ٻي اهم پوسٽ تي موڪليو پيو وڃي ۽ هتي جو
سفير (هاءِ ڪمشنر) ڊاڪٽر امتياز قاضي ٿي رهيو آهي.
ساڻس وڌيڪ خبر چار نه ٿي سگهي جو ٻئي ڏينهن مون کي
ملاڪا وڃڻو پئجي ويو. |