ٻه اکر
اڄ جڏهن محترم الطاف شيخ صاحب جن پنهنجي هن ڪتاب
جي ”پيش لفظ“ لکڻ جو چيو ته مونکي ٽيهه سال پهرين
جي ڪا ڳالهه ياد اچي وئي. ها آئون پبلڪ اسڪول
حيدرآباد مان مئٽرڪ ڪرڻ بعد ماڊل اسڪول گاڏي کاتي
۾ يارهون درجو پڙهي رهيو هوس. سال 82-1981ع هوندو.
مون سائين الطاف شيخ جن کي خط لکيو، پاڻ تڏهن ڪنهن
جهاز تي هئا، خط ۾ سندس ان وقت تائين جي لکيل
سفرنامن جي تعريف ۽ تبصرو ڪيو هوم ۽ ٻُڌايو هئومان
ته مونکي به دنيا ڏسڻ جو شوق آهي پر آئون
Pre Medical پيو پڙهان سو منهنجي نصيب ۾ مرچنٽ نيوي يا شپنگ ڪارپوريشن جي
نوڪري ڪانهي. پاڻ جواب موڪليو هئائون، شايد
سنگاپور مان، هڪ عدد فوٽو سان گڏ. ڳالهه آئي وئي
ٿي وئي. ورهيه گذري ويا. سال 1988ع ۾ ايم بي بي
ايس جو امتحان ڏيندي
CSS ۾ ويهڻ جو خيال آيو. بنا ڪنهن سيريس مُوڊ جي فقط ’وزن
جو پتو ته پوي‘ واري حساب ۾ پيپر ڏئي آيس. خبر پئي
ته 1989ع ۾ مونکي پهرين چوائس يعني
Foreign service of Pakistan
لاءِ چونڊيو ويو آهي. ڏاڍي حيرت ۽ خوشي ٿي. بابا
جن ايترو چيو ته ”سٺو آهي جو ڪسٽم گروپ يا پوليس
وغيره هيٺان رکئي پنهنجي گروپ جي تربيت ۾. کاتو
تمام سٺو آهي. بس رڳو اهو آهي ته تون جيڪو هميشھ
اسان سان گڏ گهر ۾ رهڻ وارو، ٻين ڀائرن وانگر نه
LMC
جي هاسٽل ۾ رهئين نه حافظ اعجاز يا محفوظ (ٻه
منهنجا ننڍا ڀائر
MUET
جا گريجوئيٽ) وانگر مهراڻ جي هاسٽل ۾ رهئين سو
اسان کان پري ضرور ٿي ويندين.“
اڄ جڏهن دنيا جا پنجاهه کن ملڪ ڏسي چڪو آهيان،
گذريل 22-23 سالن ۾، جن مان اڌ درجن ملڪن جي
پاڪستاني سفارتخانن ۾ نوڪري به ڪري چڪو آهيان،
الحمدلله سفير ٿيڻ واري مرحلي ۾ به اچي ويو آهيان
ته وري به سائين الطاف شيخ جو همٿائيندڙ واقعو ياد
ٿو اچيم. پاڻ ڏيپلي واري ڊاڪٽر صالح ميمڻ جو
انٽرويو ورتو هئائون بالٽيمور ۾. ڊاڪٽر صاحب کي
سندن استاد ڀريل کير جي گلاس ۾ جڳهه نه هوندي به
مٿان گل رکي سمجهايو هو ته محنت ڪندو رهجانءِ.
There is always a place on the top.
سو سائين ڳالهه آهي ته نه رڳو آئون پر ڪجهه ٻيا به
سنڌي آفيسر جن جا تبصرا مون
Face book
تي پڙهيا آهن، تن جو اعليٰ سول سروس ۾ اچڻ يا دنيا
ڏسڻ جو سڌي يا اڻ سڌي طرح ضرور سهرو سائين الطاف
شيخ جن جي سر آهي. الله سائين کين وڏي ڄمار ۽
تندرستي
سان نوازيندو رهي، جو اسان جي قوم جي رهنمائي ڪندا
رهن ۽ ڄاڻ ڏيندا رهن.
ملائيشيا ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۾ آئي مون کي اڍائي
سال ٿي ويا آهن، ٻه سال مِنسٽر (پوليٽيڪل) ۽ ڊپٽي
هاءِ ڪمشنر طور ڪم ڪيو اٿم.
جن مان به سال کن هاءِ ڪمشنر (سفير) جي سيٽ خالي
هئڻ ڪري ايڪٽنگ هاءِ ڪمشنر (وقتي سفير) طور به ڪم
ڪيم. پڙهندڙن کي ٻڌائيندو هلان ته ڪامن ويلٿ جي 55
کن ملڪن ۾ اسان جي سفارتخانن کي هاءِ ڪميشن ۽ سفير
کي هاءِ ڪمشنر جو خطاب هوندو آهي.
سفارتڪاريءَ جي نوڪريءَ دوران ڪئين ماڻهن، ثقافت ۽ ٻولين سان
واسطو پيو آهي. سيني ۾ ڪئين سرڪاري ميٽنگن ۽ دعوتن
جا راز هوندا جن کي نوڪريءَ جي مجبورين تحت ظاهر
نٿو ڪري سگهجي. پاڪستان جي ٽن وزيرِ خارجه (پرڏيهي
وزيرن) جو ڊائريڪٽر/ اسٽاف آفيسر ٿي رهڻ جو موقعو
مليو جنهن ۾ ڪيوبا جي ڪنڊ تائين تقريباً سڀني کنڊن
جا کوڙ سارا ملڪ ڏسڻ جو اتفاق ٿيو پر جڏهن
ملائيشيا اچي رهيو هوس ته الطاف شيخ جا ڊزن کن
ملائيشيا بابت لکيل ڪتاب ڳولي هٿ ڪري کڻي پوءِ هتي
آيس، انهن ۾ جيڪو خزانو، تاريخي، جاگرافيائي،
ثقافتي، لساني توڙي انساني رشتن ۽ احساسن جو
(People to people contacts)
جمع ٿيل آهي، اهو اڄ به پوري سچائيءَ سان هڪ دليل
طور واضح آهي. گذريل ٻن ڏهاڪن ۾ جيڪي تبديليون
آيون آهن اهي هي ڪتاب پوريون ڪري وٺندو.
ذاتي طور مونکي ته هن ڪتاب ۾ ملائيشيا جو سمنڊ هڪ
’ڪوزي‘ ۾ بند ٿيل نظر اچي ٿو، ڪئين لمحن تي الطاف
شيخ ياد آيو. ياد اٿم اپريل 2011ع ۾ ايڪٽنگ هاءِ
ڪمشنر طور، ملاڪا شهر ۾ چيف منسٽر رستم محمدعلي
صاحب سڀ سفير گهرايا هئا،
UNESCO
طرفان ملاڪا ۽ پينانگ کي
World Heritage ۾ شامل ڪرڻ جي سالگره جي موقعي تي. جڏهن مون تقرير جو وارو اچڻ
تي ڳالهائڻ شروع ڪيو ته جذبات ۾ شيخ صاحب جو به
حوالو ڏنو، سندن خدمات جو مئرين اڪيڊمي
LAUT
لاءِ. ملاڪا تي ڳالهائيندي، مڪلي ۽ ٺٽي جي تاريخي
حيثيتن جو تقابلي جائزو وٺندي مون الاءِ ڇا ڇا پئي
چيو. جڏهن مون الطاف جا لکيل اهڃاڻ ڏنا
Malacca Straits
جي باري ۾ ته ڪيئن ’ڏکڻ چيني سمنڊ‘ جي لهرن ۽ لوڏن
کان بچي جڏهن سيلاني ملاڪا نار ۾ گهڙندا آهن ته
سڪون ۽ شانت اچي ويندي آهي، ڄڻ ماءُ جي گود ۾ اچي
سُک جو ساهه پٽيو هجين. ڪانفرنس هال ۾ ڄڻ چپ لڳي
وئي. منهنجي تقرير کان پوءِ چيف مِنسٽر اُٿي اچي
مون سان خاص مليو ۽ رات جو سرڪاري ڊنر تي به ويجهو
ويهاري ڪافي خبرچار ڪندو رهيو، جنهن ۾ ڪلچرل شو به
هليو پئي _ پورچوگالي، ڊَچ، انگريز، ملئي، چيني ۽
بَرِصيغر
جي گانن ۽ ثقافتن جو.
اڄ جڏهن پنهنجي ’هيمپشائر ريزيڊنس‘ اپارٽمينٽ جي
31 منزل واري گهر مان جنهن جي ڪمرن جون سڀ ديوارون
وال ٽو وال شيشي جون آهن ۽ روڊ جي سامهون پيٽروناس
جا جاڙا ٽاور اسان جي بلڊنگ جي جاڙن بلاڪن
B
۽
A کي پتڪڙو ثابت ڪرڻ جو پڪو ڏيکاءُ ڏئي رهيا آهن، هي اکر لکندي
مونکي اڄ خبر پئي آهي الطاف جي هن ڪتاب مان ته
منهنجي گهر جي پٺيان واري گهٽي ’جالان ياپ ڪوان‘
جنهن چيني
جي نالي تي آهي،
اهو هتي جو هڪ هيرو هو. هن گهٽيءَ مان آفيس 5 منٽ
۾ پهچي ويندو آهي، بجاءِ جالان اَمپنگ جي، جيڪو
شاهراهه فيصل جو متبادل کڻي چئجي پر هاڻ هاءِ-
رائز بلڊنگن جي ڪري نيويارڪ جو مئن هئٽن
ٿي
پيو آهي.
الطاف ذڪر ڪيو آهي پيران پير سيدنا غوث الاعظم
عبدالقادر جيلانيؒ جن جي پڙپوٽي سيدنا عفيف الدين
گيلاني جو، جن سان هتي رهڻ دوران ڪئين
دفعا سندن مهرباني ۽ زيارتون نصيب ٿيون. جولاءِ
2011ع ۾ ڊاڪٽر طاهر القادري صاحب جن ٽرانزٽ ۾
ملائيشيا آيا ته پئرس وارين ملاقاتن وانگر منهنجو
پڇيائون ۽ تقريباً ٻه ٽي ڏينهن گڏ رهيا. سائين
عفيف الدين وٽ ويا، انهن جي والد سيدنا عبدالقادر
بن منصورؒ جن جو جون 2011ع ۾ (7 مهينا کن اڳ)
وصال ٿي ويو هو ان جي تعزيت ڪيائون. ڊاڪٽر صاحب
سيدنا عفيف
الدين جي چاچي سيدنا علاءُ الدينؒ جا معتقد هئا. ڊسمبر 2011ع جي آخري هفتي ۾ مونکي وري
Setia Bangsa
۾ سيدنا سان ملاقات نصيب ٿي جو وزيراعظم پاڪستان
جو خيرسگالي ۽ پاڪستان اچڻ لاءِ دعوت جو خط کڻي
ساڻن ملاقات ڪيم. ڪافي ديني ڪتاب ڏنائون، هڪ عدد
شال ڏنائون ۽ چاڪليٽن بدران هن دفعي مديني اطهر جي
عَجوَه کجين سان پذيرائي ڪيائون.
الطاف جو هي سفرنامو پڙهندي ڪئين اهڙن موڙن ۽ گلين
مان گذريو آهيان جن جو مشاهدو الطاف ڪيو ۽ ائين
ڪيو جو اسان لاءِ معلومات ۽ تفريح جو سامان ٺهي
پيو. الطاف کي هتان جو
PJK
خطاب مليل آهي. مون به هر سال ملائيشيا بادشاهه جي
ڄم ڏينهن جي موقعي تي ٿيندڙ قومي ايوارڊن جون
تقريبون ٻين سفيرن ۽ هتي جي اميرن، وزيرن سان گڏ
اٽينڊ ڪيون آهن جيڪي بادشاهه نوازيندو آهي. مونکي
خوشي تڏهن به ٿي جڏهن پاڪستان جي قاري خاتون سميه
حنان جولاءِ 2010ع ۾ هتان جي بادشاهه کان پهريون
انعام وصول ڪيو، جنهن تقريب ۾ آئون به شريڪ هوس،
پنج هزار ماڻهن سان گڏ. هفتي جي مدت لاءِ هلندڙ هي
سالانه مقابلو 52 سالن کان لاڳيتو هلندو اچي ۽ هن
سال 74 ملڪن جا قاري (مرد توڙي عورتون) شريڪ ٿيا
هئا. کين سابق بادشاهه ترنگانو جي سلطان ميزان زين
العابدين ڏهه هزار آمريڪي ڊالر، شيلڊ ۽ سرٽيفڪيٽ
ڏنو، ان موقعي تي راڻي نور ظهيره به گڏ هئي. پترا
ورلڊ ٽريڊ سينٽر ۾ ٿيندڙ هن تقريب ۾ منهنجو سڀني
سفيرن ۾ ڳاٽ اوچو ٿي ويو جو پاڪستان پهريون دفعو
52 سالن ۾ ڪو انعام کٽيو هو سو به فرسٽ پوزيشن،
ڪنهن نياڻيءَ جي هٿان. پڙهندڙن کي ٻُڌائيندو هلان
ته ملائيشيا جو 13هون بادشاهه ميزان زين العابدين
10 ڊسمبر تي هتي جي بادشاهه لاءِ ٺهيل نئين محل
Istana Negara
۾ الوداعي ضيافت ڪئي جنهن ۾ سڀني رياستن جا
بادشاهه، موجود ۽ پراڻا وزراء اعظم، سفير ۽ اعليٰ
عملدار شريڪ هئا. مونکي به ان تاريخي محل ۾ وڃڻ جو
شرف مليو. ٻه ڏينهن پوءِ پارليامينٽ هائوس مان
ايڪيهه توبن جي سلامي وٺي اسان سان هٿ ملائي
بادشاهه ۽ راڻي 12 بجي ايئرپورٽ
KLIA جي
VIP
لائونج بنگارايا ڪمپليڪس
(Bunga Raya Complex) مان پنهنجي اباڻي رياست جي گادي ڪئالا ترنگانو روانا ٿي ويا.
سچ ته دل ڏاڍي
اُداس ٿي. هن بردبار ۽ خانداني انسان سان ملڻ جا
ڪئين واقعا ياد آيا. هتي جي شفيع نظاماڻي صاحب
واري تمام مشهور يونيورسٽي ٽيڪنالاجي مارا، شاهه
عالم
Convocations
دوران ملڻ جا جنهنجو پاڻ چانسلر هو، پارليامينٽ جي
سالاني افتتاحي وقت خطاب دوران ٿيل رسمي ملاقاتن
جا، سفير صاحب جڏهن صدرِ پاڪستان جا ڪاغذ پيش ڪيا،
بادشاهه کي سفير ٿيڻ جي
Credentials
جا يا ڪئين محلاتي ضيافتن جا. بادشاهه ته مون به
ڪئين ڏٺا آهن، خليجي رياستن جي ڪئين بادشاهن جون
ضيافتون پاڪستاني سربراهن جي دؤرن
دوران کاڌيون آهن، جن ۾ سعودي عرب جو شاهه
عبدالله،
UAE
جو مرحوم شيخ زيد الخيان ۽ قطر واري امير شيخ حمد
بن خليفه الثاني جي محل ۾ ته ڪئين دفعا ضيافتون
اٽينڊ ڪيون (دوحا ۾ به ڪافي عرصو مون سفارتخاني کي
Head of Mission
طور هلايو 2005ع-2007ع ۾)، ڪڏهن سندن ولي عهدن جي
شاديءَ جون، ڪڏهن
State visits
جون ته ڪڏهن رمضان جي افطار ۽ عيد جي ڏينهن واري
لازمي رسمي ملاقاتن جون)، هر هنڌ جا پنهنجا انداز
اطوار آهن پر ملائيشيا جي
Rotary Kingship
واقعي نرالي آهي. 13 ڊسمبر 2011ع کان 14هون
بادشاهه سلطان عبدالحليم معظم شاهه واڳون وٺي چڪو
آهي، پنجن سالن لاءِ. پاڻ ملائيشيا جي 9 رياستن
(13 مان 9 ۾ سلطان آهن باقي 4 ۾ گورنر) جي سلطانن
۾ پهريون شخص آهي، جيڪو 1970ع کان 1974ع تائين
بادشاهه رهي چڪو آهي ۽ هينئر 84 سالن جي ڄمار ۾
جڏهن وري سندن اُترائين رياست
Kedah
جو وارو آيو آهي ته
Council of Rulers
کيس 5 سالن لاءِ سلطان مقرر ڪيو آهي. نرينو اولاد
نه هئڻ ڪري سندس رياست جي واڳ سندس ڀاءُ ۽ ڀيڻ تي
مشتمل
Regency Council
هلائيندي. پاڻ 1974ع ۾ پاڪستان جو دورو به ڪري چڪو
آهي جنهن دوران کيس نشانِ پاڪستان جو خطاب به
مرحوم ڀٽي صاحب عطا ڪيو هو.
ها سائين، الطاف جي ڪنهن پراڻي سفرنامي ۾ ذڪر
پڙهيو هوم، گلوب سلڪ اسٽور جي مالڪ ڪِشو تيرٿ
راءِ جو، سندس زال مونا جو ۽ خاندان جي جاکوڙ جو.
پَرسال حيرت ٿي جڏهن سندن فون آيو ته پاڪستان جو
جيڪو به سفير هوندو آهي منهنجي غريب خاني تي ضرور
ايندو آهي، سو توهان جي مانَ ۾ گهر تي دعوت رکي
اٿم جنهن ۾ سڀ سنڌي بزنيس مين توڙي سنگاپور جا به
ڪجهه گهرايا اٿم، گهرن وارن سان گڏ توهان حامي
ڀريو ۽ تاريخ به ڏيو. واقعي ڏاڍو مزو آيو ملائيشين
کاڌن کان علاوه سنگاپور مان آيل گوار، ساڳ ۽ آچارن
ته سنڌ ياد ڏياري ڇڏي. ڪچهري به ڏاڍي سٺي ٿي. پاڻ
هاڻ گلوب سلڪ ڇڏي/ وڪڻي چُڪو آهي ۽ وزيراعظم جو
اسڪندر پروجيڪٽ (سنگاپور سان گڏ اربين ڊالرن
جو سيڙپڪاري منصوبو
،جيڪو
جوهر رياست ۾ اڏجي رهيو آهي) صلاحڪار آهي. اڪثر
پاڻ ۽
سندس
زال،
ڊپلوميٽڪ ۽ ٻين دعوتن ۾ گڏبا رهندا آهيون. اڳئين
هفتي جپاني سفارتخاني ۾ بادشاهه جي جنم ڏينهن جي
(قومي ڏينهن) واري موقعي تي ٻُڌايائين ته احمد
آباد ۾ تازو سنڌين جو سالانو ”سميلن“ ٿيو هو جنهن
مان سڄي دنيا جا ٻاهر سيٽلڊ سرنديءَ وارا سنڌي آيا
هئا، سؤ ڄڻن تي مشتمل نان انڊين سنڌين جو هڪ وفد
جلد سنڌ وڃي رهيو آهي ۽ ٻوڏ جي ستايلن جي امداد
لاءِ به عطيا ڏيندو. ٻوڏن کان ياد آيو ته آڪٽوبر
2011ع جي پهرئين هفتي ۾ ڊاڪٽر فهميده مرزا صاحبه
اسپيڪر قومي اسيمبلي ۽ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا صاحب
به ڪئالالمپور آيا هئا ۽ هتي جي ڪميونٽي سفارتخاني
جي سڏ تي لبيڪ چئي دل کولي هن ڪارِخير ۾ مدد ڪئي.
الطاف جو سڄو سفرنامو پڙهي دل خوش ٿي. گهڻيون
تڻيون ڳالهيون، جڳهيون ۽ ماڻهو مشاهدي ۾ رهيا آهن
سو پڙهڻ کان پوءِ وڌيڪ دل تي اُترڻ لڳيون ۽ سندن
احوال پڙهڻ کان پوءِ وڌيڪ تفصيل سان انهن جي ڄاڻ
پئي. مثال طور: حاجي غلام علي سولنگي نه صرف الطاف جو ميزبان ۽ دوست آهي پر مون
سان به سٺي واقفيت ۽ دُعا سلام اٿس. پاڻ هر سال 12
ربيع الاول جي موقعي تي مونکي ’محفلِ ميلاد‘ ۾ وٺي
ايندو آهي ۽ اسٽيج تي جتي سيدنا عفيف الدين سائين
جهڙا عالم دين ۽ تقويٰ وارا انسان ويٺل هوندا آهن
انهن جي پاسي ۾ مونکي به زوريءَ ويهاري وٺندو آهي
۽ باوجود سخت منع ڪرڻ جي هن گنهگار کي به ڪجهه
لمحا مائيڪ جي سامهون ڪري ڇڏيندو آهي. سچ ته ڏاڍو
شرم ايندو آهي، سو اهڙي بردبار همراهه سان سٺو
تعلق هوندي به ايتري خبر نه هئي ته ڇا ايڊوينچرس
داستان رکي ٿو ۽ هيڏن خطرن ۽ مامرن کان پوءِ هتي
هن منزل تي آهي. الله سائين اڃا وڌائيس ۽ خوش رکيس
تمام ڀلوڙ انسان آهي ۽ وڏي نوڙت ۽ بزرگن سان عقيدت
۽ محبت رکڻ وارو.
ها! هڪڙي ڳالهه جي ڪمي محسوس ٿيم، الطاف اگر برو
نه محسوس ڪري ته اسان جي سفارتخاني جي تاريخي
عمارت بابت ٻه اکر ضرور لکان. هيءَ خوبصورت پر
جهوني عمارت پيٽروناس ٽاور کان 3-4 منٽن جي پنڌ تي
آهي، جالان امپنگ تي (گولڊن ٽرينگل ۾) ڪالونيل
اڏاوت، باقي ٻه يا ٽي ڊبل اسٽوري بلڊنگس بچيون آهن
هن مئن هئٽن
جهڙي علائقي ۾. هڪڙي ٽُوئرزم وارن جي آفيس
MATIC
جيڪا سفارتخاني جي سامهون ۽ هڪ چائينز اسڪول آهي.
اڄ به ٻاهران کان ايڏي خوبصورت جو ماڻهو پيٽروناس
ٽاور جو فوٽو ڪڍي وري پٺيان مُنهن ڪري اسان جي
سفارتخاني جي
facçade
جي سامهون فوٽو ڪڍائيندا آهن ۽ ڪئين گورا شام جو
اسان کي ڊيوٽي ختم ڪري ٻاهر نڪرڻ مهل ڏسي رشڪ ڪندا
آهن ته هيڏي خوبصورت عمارت ۾ ڪم ڪرڻ وارا خوشنصيب
آهن. سو سائين هي عمارت 20هين صدي جي بلڪل اوائل ۾
هڪڙي چيني
Chin Yim
ٺهرائي هئي. پاڻ 19 صديءَ جي آخري سالن ۾ چين کان
برٽس ملايا آيو پنهنجي زال ۽ ڌيءَ سان گڏ فقط ٻه
ڊالر کڻي، ڪجهه سال ٽن ۽ رٻڙ
جي فارمن تي مزدور طور ڪم ڪندي، محنت ۽ اورچائيءَ
سان وڃي لک پتي ٿيو، پوءِ هي گهر اڏايائين. تنهن
وچ ۾ پهرين زال ڇڏي ويئي. پاڻ پهرين گهر مان آندل
ڌيءَ، ٻي زال ۽ ان جي چئن ٻارن (ٻه پٽ، ٻه ڌيئن)
سان گڏ رهڻ لڳو هڪڙو پٽ
Adopt به ڪيائين. خدا جي قدرت، ٻئي سڳا پٽ
نوجوانيءَ ۾ فوت ٿي ويا. پاڻ به 1930ع واري ڏهاڪي
۾ گذاري ويو ۽ ملڪيت اڳي پٽ ۽ پوٽن ۾ ورهائجي وئي.
پوءِ ٻي مهاڀاري لڙائيءَ ۾ جپانين قبضو ڪيو ۽ هن
جڳهه کي تفتيشي ڪيمپ به ٺاهيو.
Chin Yim
جو خاندان واپس رٻڙ جي فارمن تي هليو ويو هو، جنگ
ختم ٿيڻ کان پوءِ 1950ع تائين هي گهر خالي رهيو جو
1951ع ۾ ملائيشيا آزادي ورتي، 1958ع ۾ پاڪستان جا
ملائيشيا سان سفارتي تعلقات جُڙيا ۽ 1959ع ۾
Chin Yim جي اَڳي پٽ کان هي گهر پاڪستان جي پهرئين سفير ميجر جنرل شير
علي خان خريد ڪيو ۽ ساڳئي وقت ايتري ئي سائيز يعني
اڍائي هيڪٽرن تي مشتمل پاڪستان هائوس (سفير جي
سرڪاري رهائشگاهه) به جالان اسٽونر تي خريد ڪئي.
اڄ هي ٻئي عمارتون اربن ڊالرن جي ملڪيت آهن ۽
حڪومتِ پاڪستان جو قيمتي اثاثو آهي. ميجر جنرل
شيرعلي خان ڀارتي اداڪار سيف علي خان جو شايد چاچو
ٿئي. پاڻ هيڏانهن لڏي آيا هئا، ورهاڱي کان پوءِ. پَر
سال سندن بيواهه ملڻ آئي ته ٻئي جڳهيون ڏسڻ جي
خواهش ظاهر ڪيائين. ڪئين يادون تازيون ڪيائون ته
ڪيئن ملائيشيا جو پهريون وزيراعظم تنڪو عبدالرحمان
اڪثر سندن گهر دعوتن تي ايندو هو ۽ مهاتير محمد ان
وقت صرف عام
MNA
هو جيڪو دعوت ۾ پريان ويٺو هوندو هو، وڌيڪ
ٻُڌايائين ته اڳوڻي يوگوسلاويه ۾ به سفارتخاني جي
عمارت سندس گهر واري جنرل شير علي خان مارشل ٽيٽو
کي عرض ڪري ڀڳڙن مٺ خريد ڪئي هئي، پنهنجي ٻي سفارت
دوران. اها به اڄ هڪ تمام قيمتي اثاثو آهي. اڳ ذڪر
هيٺ آيل سيٺ ڪِشوتيرٿ راءِ به ڪئين اهڙا فوٽو
ڏيکاريا جن ۾ تنڪو عبدالرحمان سندن گهر ۾ سياسي
ليڊرن سان گڏجي اچي ميٽنگون ڪندو هو ۽ سندن والد
کي پاڻ سان گڏ ويهاريندو هو.
لڳي ٿو ته هڪ ئي ساهيءَ ۾ لکندي لکندي ڪافي
ڳالهيون لکي ويو آهيان پر لکڻي اهڙي بيٺي آهي جو
”لکي لکاڏنو پڙهي الهڏنو“ سو آئون ته پنهنجي آگ
لاهيان پيو ۽ موڪليان ٿو الطاف سائين کي هي ڪاڳر
(جيڪي مون ڦاڙيا آهن پنهنجي چيني زبان سکڻ واري
نوٽ بڪ مان، جنهن ۾ آئون مشق ڪندو آهيان چيني
Kanji Characters جي) موڪلي رهيو آهيان. وڌيڪ سندس اختياري آهي هي اکر ڇَپائين،
ردوبدل ڪن يا مرڳو ئي رديءَ جي ٽوڪريءَ ۾ وجهي
ڇڏين، جيڪڏهن ڪنهن باقاعده اديب ليکڪ جو مواد ملي
ويو هجين هن ڪتاب لاءِ. باقي آئون اعتراف ٿو ڪيان
ته سفرنامو آئون ڪونه لکي سگهندس، هيڏي مصروف ڪِرت
۾ ۽ نوڪريءَ جي مجبوريءَ جي ڪري. سو هنن صفحن ۾ دل
جي ڀڙاس خوب ڪڍي اٿم، ليکڪ
Pseudo
بڻجڻ جي. مهربان پڙهندڙن کي عرض آهي ته وڌيڪ ٽائيم
ضايع نه ڪن ۽ پنو ورائي ڪم جي ڳالهين ۾ لڳن، يعني
بنا ٽڪيٽ ويزا ”هليو
آ، هليو آ، ملائيشيا“.
6-
جنوري 2012ع
ڊاڪٽر امتياز اي.قاضي،
مِنسٽر، ڊپٽي هاءِ ڪمشنر،
هاءِ ڪميشن آف پاڪستان.
ڪئالالمپور، ملائيشيا
باب
پهريون
وڏي عمر ۾ سفر ڪجي يا نه؟
وڏي عمر ۾ سفر ڪرڻ ڪا سٺي يا سولي ڳالهه ناهي. مجبوريءَ
جي حالت ۾ ٻاهر نڪرڻ ٻي ڳالهه آهي پر گهمڻ ڦرڻ جي
خيال کان پنهنجي يا ڌارئين ملڪ ۾ نُوس نُوس ڪرڻ
سراسر بيوقوفي آهي،
ڇو جو جيئن جيئن انسان جي عمر وڏي ٿئي ٿي هن جي
جسماني توڙي ذهني سگهه گهٽجيو وڃي ۽ سروس لاءِ دير
ٿيل ڪار وانگر هن جو ذهن توڙي جسم ڪيترين شين ۾
missing
ڪري ٿو. جواني جي ڏينهن ۾ ٽيهه ڪلو وزني بئگ کڻندي
به هلڪي لڳندي هئي ۽ هاڻ 13 ڪلو جي بئگ به ايڏي
ڳري لڳي ٿي جو مون سمجهيو ته پڪ 20 ڪلو کان مٿي
آهي ۽ ايئرپورٽ تي فالتو وزن لاءِ مون کي ڏوڪڙ
ڏيڻا پوندا. ذهن جو مِسنگ ڪرڻ مان منهنجو مطلب اهو
آهي ته باوجود ڪوشش جي ڪا ڪا ڳالهه رهجيو وڃي يا
وسريو وڃي. ڪئالالمپور ڇڏڻ وقت اميگريشن جو ڊپارچر
وارو پنو بورڊنگ ڪارڊ واري ڪائونٽر تي ڏنو ته ان
جي انچارج موٽائي ڏنو ته اڳيان جڏهن ڪسٽم بعد
اميگريشن ڪائونٽر ڪليئر ڪرايان ته انهن کي ڏيان
(جيئن ثبوت رهي ته آئون هنن جي ملڪ ۾ آيس ۽ ترسي
پوڻ بدران واپس وڃان پيو) پر ايئرپورٽ تي ٺهيل
دڪانن جو ڪلاڪ کن چڪر هڻڻ ۽ هڪ هنڌ ڪافي پيئڻ بعد
جڏهن اميگريشن جي ڪائونٽر تي پهتس ۽ هو مون کان
ڊپارچر ڪارڊ گهرڻ لڳا ته مون کي سمجهه ۾ نه پيو
اچي ته هنن جو مطلب ڇا آهي. مون پنهنجي پَر ۾ ته
سمجهيو ته آئون سڀ ڪاغذ پٽ ڪليئر ڪرائي چڪو آهيان
۽ هاڻ فقط پاسپورٽ تي
Exit
جو ٺپو هڻائڻو اٿم. بهرحال پوءِ ياد اچي ويو ته
”چيڪ ان“ ڪرڻ واري ڪائونٽر تي ويٺل همراهه مون کي
اهو
واپس ڪري ڇڏيو هو ۽ مون ان کي پاسپورٽ اندر هٿيڪو
رکڻ بدران جئڪيٽ جي ڪنهن کيسي ۾ وجهي ڇڏيو هو.
پوءِ چرين وانگر پينٽ ۽ جئڪيٽ جي کيسن ۾ هٿ وجهي،
ان ڪارڊ کي ڳولي ورتم ۽ شڪر ڪيم ته اهو ملي ويو نه
ته ڌارئين ملڪ ۾ اجائي خواري ٿئي ها خاص ڪري اسان
پاڪستانين کي ته تمام گهڻو
خبردار رهڻو پوي ٿو جو اسان پاڪستانين وٽ سڀ ڪاغذ پٽ هجڻ جي
باوجود اسان کي شڪ جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو.
بهرحال منهنجو مطلب آهي ته وڏي عمر ٿيڻ سان جسم
توڙي ذهن
missing شروع ڪري ٿو. پوءِ ڪي
missings
اهڙيون آهن، جيئن مٿيون مثال، جن جي خبر پوڻ سان
احساس ٿيو وڃي ته اسان کان غلطي ٿي وئي پر ڪي شيون
اهڙيون آهن جن جي ڪو نشاندهي نٿو ڪري ته خبر ئي
نٿي پوي. توهان ڪيترن وڏي عمر جي ماڻهن کي ڏٺو
هوندو ته هنن جي پتلون جي زپ کلي پئي هوندي، قيمص
جا بٽڻ هيٺ مٿي ٿيل هوندا، ابتو سئيٽر پهريل
هوندن.... وغيره. اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪيترا پوڙها
ماڻهو، خاص ڪري اسان جهڙن ايشيائي ملڪن جا، سٺ ستر
جي ڄمار ٽپڻ بعد به پنهنجي جسماني ۽ ذهني ڪمزوريءَ
جو اعتراف ڪندي پنهنجي بيعزتي محسوس ڪن ٿا. هو
پنهنجي مڙسي ۽ همت جون ڪوڙيون ڳالهيون ٻڌائي فخر ۽
تسڪين محسوس ڪن ٿا. جيتوڻيڪ ٻڌڻ وارا به سمجهن ٿا
ته ستر يا اسي ورهن جي ڄمار ۾ ”آتش اهو جوان نٿو
رهي جيڪو پنجاهه کان هيٺ واري
range
۾ هو“.
بهرحال وڏي عمر واري جي دل ڀلي جوان هجي پر سفر لاءِ
جسماني ۽ ذهني سگهه هجڻ ضروري آهي جيئن اسان وٽ
چوندا آهن ته سٺ ستر ٽپڻ بعد به جهاز ته هلائي
سگهجي ٿو پر سلينڊر ۽ ڪرئنڪ شافٽ جي ڪئليبريشن
(ماپ) ڪير ڪري. وڏي عمر جو پوڙهو به ڪار ته هلائي
سگهي ٿو پر ٽائر پنڪچر ٿيڻ تي آيا هن ۾ همٿ هوندي
جو ان ويل جا جئم ٿيل نٽ کولي سگهي ۽ ڊڪيءَ مان
اسپيئر ويل ڪڍي بدلائي سگهي؟ ملاڪا کان ڪئالالمپور
موٽي رهيو هوس ته منهنجي ملئي دوست مون کي بس ۾
وڃڻ بدران سندس
پراڊو
ڪار ۾ ڇڏي اچڻ لاءِ چيو. جڏهن هلڻ لڳاسين ته هن
پنهنجي پٽ کي به وهڻ لاءِ چيو.
”خير ۾؟“ مون پڇيومانس. منهنجو مطلب هو ته هو جڏهن پاڻ
هلي رهيو آهي ته پوءِ پٽ کي تڪليف ڇو پيو ڏئي.
”ان ڪري جو متان رستي تي ٽائر پنڪچر ٿي پوي ته توکان يا
مون کان نه نٽ کلندا ۽ نه ٽائر کنيو ٿيندو.“ هن
ٽهڪ ڏيندي چيو.
”تنهنجي معنى ته اِنچڪ (عاليجناب)
به پوڙهو ٿي ويو. هاڻ کڻي مڃ به.“
”مڃيندس هرگز نه“، هن پنهنجي اسٽائيل ۾ ٽهڪ ڏيندي چيو،
”مون کان اڄ به ڪو عمر پڇندو آهي ته چوندو آهيانس
ته ”ماسيح اَدا مُودا... اڃان 80 ورهين کان ننڍو
آهيان. کيس ڪڏهن به اهو نه چوندو آهيان ته 67 سالن
جو آهيان.“ (Masih Ada Muda
– اڃان آهيان جوان
)
بهرحال ڪو پاڻ مڃي يا نه مڃي اسان جي ايشيائي ملڪن ۾
(ملائيشيا سميت) 67 سال وڏي عمر آهي جتي جي ماڻهن
جي سراسري عمر 45 سال مس آهي ۽ وڏي عمر ۾ هر قسم
جي سفر کان پرهيز ڪجي. آئون ته حج لاءِ به چوندو
آهيان ته جوانيءَ جي ڏينهن ۾ ڪجي. بلڪه حج لاءِ ته
هر ڪو سياڻو ماڻهو اهو ئي چوي ٿو. هن پاسي
ملائيشيا ۽ انڊونيشيا پاسي جا ماڻهو گهڻو ڪري ننڍي
عمر
۾ حج ڪن. ڪيترا ته شادي کان اڳ اهو فرض ادا ڪن يا
شادي بعد گهوٽ ڪنوار
يڪدم حج لاءِ روانا ٿين. اهي نصيحتون آئون نه فقط
ٻين کي ڪريان ٿو پر پاڻ کي به ان تي عمل ڪرڻ لاءِ
سمجهاڻيون ڏيندو رهان ٿو ته وڏي عمر ۾ سفر تي نه
نڪرجي. آخرڪار آئون به 67 سالن جو ٿي ويو آهيان.
اسان جي ملڪ ۾ سٺ ورهين جي ڄمار تي رٽائرمينٽ ٿئي
ٿي پر هيڏانهن ملائيشيا سنگاپور کان نيوزيلينڊ
آسٽريليا تائين ريٽائرڊ ٿيڻ جي عمر 55 سال آهي.
هنن اهو ئي تجربو ڪيو آهي ته ذهني يا جسماني ڪم جي
بهتر رزلٽ وڌ ۾ وڌ ٻاونجاهه ٽيونجاهه سالن تائين
ملي سگهي ٿي،
ان بعد انسان پٺتي وڃڻ شروع ڪري ٿو. مهاتير جڏهن
پنهنجي ملڪ جو وزيراعظم هو ته هن طرفان سڀني
سرڪاري آفيسن کي اهي حڪم جاري ٿيل هئا ته ”آفيسن ۾
ڪم لاءِ ايندڙ ڪو به ماڻهو 50 سالن کان مٿي اچي ته
ان سان وڌيڪ فضيلت سان ڳالهايو ۽ هن جي ڪم جو
اڪلاءَ جهٽ ڪريو جو 50 سالن بعد گهڻو ڪري ڪيترائي
ماڻهو بي صبر ۽ جِٽري (چيڙاڪ) ٿيو پون. ان ڪري
سرڪاري ڪامورن جو فرض آهي ته هو انهن جو خيال
رکن.“
ڊاڪٽر مهاتير ميڊيڪل جو ڊاڪٽر آهي. هن کي ضرور ڄاڻ هوندي
ته انسان 50 سالن کانپوءِ تڪڙو تڪڙو بس ٿيڻ لڳي ٿو
يعني سندس پوڙهو ٿيڻ لازمي آهي. يورپ جي ته ڪيترن
ئي ملڪن ۾ اتي جي ماڻهو کي پنجاهه ورهين جو ٿيڻ تي
جهوني شهري
(Senior Citizen)
جو خطاب ملي ٿو. دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ 50 يا ان
کان مٿي عمر وارن لاءِ ضروري آهي ته هو جيڪڏهن
ڌارئين ملڪ ڏي سفر ڪن ته پنهنجو
Old Age Travel انشورنس ضرور ڪرائين. انگريزيءَ ۾ پيريءَ (پوڙهائپ) لاءِ
چوندا آهن ته:
Old age creeps upon a person like thief in the
night.
پيريءَ
ٻلي پير.
جڏهن ٿي اچيو ڪڙڪي،
ته پوءِ ٿي خبر پوي. زباني طرح هو کڻي ڇا به ٻٽاڪ
سٽاڪ هڻندو رهي پر هن کي محسوس ٿيڻ لڳي ٿو ته ٿوري
ئي ڪسرت ڪرڻ يا پنڌ هلڻ سان هن کي ساهه مٿان ساهه
(Hard Breathing) ٿيو پوي، هٿن ۾ هلڪي ڏڪاڻ محسوس ٿئي ٿي، رکي رکي ياداشت جو
گهٽجڻ ۽ ويسارو شروع ٿئي ٿو. وارن جو اڇو ٿيڻ ۽
چمڙيءَ ۾ گهنج پوڻ ته آهي ئي آهي.
هونءَ ته شرم کي پرچائڻ لاءِ ۽ پاڻ کي پوڙهو نه مڃڻ لاءِ
مرد حضراتن ڪيترائي
پهاڪا
گهڙيا آهن جن ۾ نه فقط اسان جا ايشيائي ۽ آفريڪن
به اچي وڃن ٿا،
پر انگريز صاحب به، جيڪي هونءَ ته پاڻ کي گهڻو ئي
عقلمند سمجهن ٿا ۽ ”مڃڻ مراد آهي“ قول تي سختي سان
عمل ڪن ٿا،
پر پاڻ کي پوڙهو سڏائڻ بدران چوندا
”اسين ته اڃان جوان آهيون“.
A person is as old as he feels.
يا وري چوندا: مون پنهنجو برٿ ڊي ملهائڻ ڇڏي ڏنو آهي.
سوال آهي ته گهڙيال جي ڪانٽن کي هٿ سان جهلڻ تي ڇا
وقت بيهي رهندو؟
ڪي پوڙها وري چوندا:
I am retired but not tired
يعني اسان پوڙها ٿي ويا آهيون- نوڪري يا جاب کان جواب
ملي چڪو آهي، پر ٿڪل نه آهيون. وڏي عمر وارو ٻين
ڳالهين ۾ ٿڪل نه هجي پر سفر جوانن کي به ٿڪايو
رکي. ان ڪري پوڙهن کي سفر کان، خاص ڪري پرديس جي
سفر کان، ونءُ وڃڻ کپي. ان ڳالهه تي گورا (انگريز
توڙي يورپي) عمل ڪرڻ جي پوري پوري ڪوشش ڪن ٿا.
اسان کي ڌارين ملڪن جي هوائي اڏن تي جيڪي پوڙها
گورا نظر اچن ٿا،
اهي ايڪڙ ٻيڪڙ سمجهڻ کپن. سندن گهڻائي، سهولتون ۽
پئسو هوندي به، سفر تي نڪرڻ بدران پنهنجي شهر جي
سامونڊي ڪناري تي سڄو سڄو ڏينهن گذاري ڇڏڻ ۾ وڌيڪ
عافيت سمجهن ٿا.
هڪ انگريز پوڙهي مائيءَ جو قصو مشهور آهي ته هوءَ جڏهن
جوان هئي ته هن کي پرديس گهمڻ جو ڏاڍو شوق هو. سفر
لاءِ پئسو هٿ ڪرڻ لاءِ هوءَ ڇا ڪندي هئي جو هر
مهيني ڪجهه پئسا گڏ ڪري لاٽري جي ٽڪيٽ خريد ڪندي
هئي پر هن جي لاٽريءَ جو ڪڏهن به نمبر نه کليو.
پوڙهي ٿيڻ تي به هوءَ عادت کان مجبور ٿي مڙيئي
ڪڏهن ڪڏهن لاٽري ٽڪيٽ خريد ڪندي رهي ٿي.
سندس پاڙيسري ٻڌائين ٿا ته
هوءَ سٺ جي پيٽي ۾ هئي ته هڪ ڏينهن اوچتو هن جي
لاٽري نڪري آئي. پئسن ملڻ جو ٻڌي خوشيءَ
جو
هن کي ايڏو ته شاڪ رسيو جو هن جي دل بيهي رهي ۽
گذاري وئي. کيس صدمو ان ڳالهه جو رسيو ته هن عمر ۾
جڏهن هوءَ سفر جي لائق نه رهي آهي ته هن جي گهمڻ
ڦرڻ جو بندوبست ٿيو آهي. پوڙهيءَ تان کلندي سندس
هڪ پاڙيسريءَ چيو ته ”هن جي الله ٻڌي ۽ هن کي يڪي
وڏي سفر تي بنا پاسپورٽ ۽ ويزا جي گهرائي ورتو“. |