سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: آخري رات

صفحو :5

شوڀا:     جوتشي مهاراج، ديوتائن جي توتي سلامتي سدائين قائم رهي!

جوتشي: تنهنجي دل ۾ آنڌ مانڌ ڇو آهي راڻي؟

شوڀا:     جوتشي مهاراج، منهنجي دل ڪنهن اڻڄاڻ خطري کان پيئي ڏڪي! ائين ٿو محسوس ٿئي ته ڪجهه ٿيڻ وارو آهي!

جوتشي: تنهنجي دل ڏاڍي نرم ۽ نازڪ آهي، شوڀا راڻي!

شوڀا:     بابا، هن اڄ ئي پروهت جي مقابلي جو فيصلو ڪيو آهي..... منهنجي دل چئي ٿي ته ڪٿي سچ جي واٽ ۾ ٻاريل ڏياٽي اُجهامي نه وڃي!

جوتشي: راڻي، روشني هميشه روشن رهندي. دنيا ۾ هر شيءِ لاءِ هڪ گهڙي، هڪ ساعت مقرر ٿيل آهي. ڪابه ڳالهه پنهنجي مقرر ٿيل وقت کان اڳي ظاهر نه ٿيندي.

شوڀا:     مون اوهان جو مطلب نه سمجهيو، جوتشي بابا!

جوتشي: (نهايت افسردگيءَ سان کلندي) راڻي، اڃان زندگيءَ جون ڪي گهڙيون باقي آهن. تون کلندڙ ۽ ٽڙندڙ مکڙي آهين. تون اهو نه ويچار ته اڳتي ڇا ٿيندو، ۽ ڇا ٿيڻ وارو آهي.

شوڀا:     منهنجي دل ۾ هڪ اڻڄاتو ڊپ آهي. مون کي ائين ٿو محسوس ٿئي، ڄڻ ته وقت تمام جلدي منهنجا ۽ چندر جا ناتا ٽوڙي ڇڏيندو!

جوتشي: (پراسرار لهجي ۾) نيٺ ته هڪ ڏينهن ائين به ٿيندو.... زندگيءَ جو ڪچي سٽ جهڙو ڌاڳو ٿوريءَ ڇڪ سان ڇڄي پوندو. اهي پسڻ ڪنهن کي اڳ پون، ڪنهن کي پوءِ.....

شوڀا:     مون ٻڌو آهي ته جوتشي بابا، ته اڄ ديوتا ٻليدان گهرندا.

جوتشي: (کلي) ٻليدان! اها به شطرنج جي بازي آهي، شوڀا راڻي! بادشاه جي آڏو پيادا پيا اچن.... پيادا ائين پيا وڌن جو بادشاه کي شهه اچڻ جو امڪان آهي. اها به هڪ بازي آهي_ ڪير ڄاڻي، ڪير کٽندو ۽ ڪير هارائيندو؟...... (يڪدم لهجو بدلائي) تون وڃ!.... تنهنجي عمر اها نه آهي جو ڳڻتيون ڪرين. تولاءِ وک وک تي خوشيون آهن. هرڪو پنهنجي ڏوهه ثواب جو پاڻ ذميوار آهي.

شوڀا:     (آهستي آهستي مائڪرو فون کان پري ٿيندي) ڪير ڄاڻي ته هاڻي ڇا ٿيندو؟..... ڇا ٿيندو!

          ]ماڻهن جو گوڙ شوڀا جي آواز تي غالب ٿيندو وڃي، ڄڻ ته شوڀا ماڻهن جي انبوه ۾ گم ٿي ويئي[

شهريار:  (فيڊ اِن) عجيب ڪردار آهي هن جوتشيءَ جو! سڀڪجه ڄاڻندي به خاموش آهي. سڀ وقت ۽ حالت تي ڇڏي ڏنو اٿس. هو خود پاڻ ڇو نٿو ڳالهيون ظاهر ڪري؟

]فيڊ آئوٽ[

جوتشي: ]فيڊ اِن[ وقت هر ناسور جو مرهم آهي. آءٌ ڇا ڪندس؟ هو ڇا ڪندا؟ سچ ۾ زهر آهي.... جنهن سچ جو زهر پيتو، سو امر ٿي ويو!

]ماڻهن جو گوڙ اُڀري ٿو[

          راڄ_ نرتڪي!  هي زرق برق لباس... مٿي تي شاهي مڪٽ.... قدمن ۾ شان، پر دل ۾ درد، من ۾ مونجهه...... فيصلي جي گهڙي ويجهي اچي ويئي آهي. تو اڃان تائين فيصلو نه ڪيو؟

نرتڪي: (ڪاوڙجي) ڇا جو فيصلو؟ ڪنهن جو فيصلو؟

جوتشي: وهلور نه ٿي. اڄ ته اقرار ۽ قبوليت جو ڏينهن آهي. توکي وسري ويو ته مون توکي سچ جي راه ڏسي هئي! پر تو دل جي چئي تي عقل ۽ سچ جي رسي ڇڏي ڏني آهي.... تو امر حياتيءَ جي راه ڇڏي، تاريڪي ۽ موت جو گس ورتو آهي! اچ آءٌ توکي ٻڌايان_

نرتڪي: (ڪاڙوجي) مون کي ڪجهه به نه ٻڌاءِ، آءٌ سڀڪجهه ڄاڻان ٿي.

جوتشي: تون ڪجهه به نٿي ڄاڻين، نرتڪي! ديوتائن توکي فيصلي ڪرڻ جي طاقت ڏني آهي. سچ ۾ جيتوڻيڪ ڪنڊا آهن، پر انهن ڪنڊن جا زخم گل بنجي ويندا آهن. هيءَ ساعت، هي گهڙي وري نه ايندي. نرتڪي! فيصلي جو وقت اچي ويو آهي!

نرتڪي: (ويندي) تو مون کي چريو ڪري ڇڏيو آهي جوتشي! آءٌ هي فيصلو ئي نٿي ڪري سگهان ته ڇا ڪريان؟

]فيڊ آئوٽ[

جوتشي: (ٽهڪ ڏيئي) آءٌ رستي جو وچ وٺيو ويٺو آهيان. انهيءَ ڪري ته پوريل اکيون پٺيان، جيڪي ستا پيا آهن، انهن کي سجاڳ ڪريان.... حياتيءَ جي هر گذرندڙ گهڙي زندگيءَ جي گهڙي کٽائي ٿي. نيڪي ۽ بديءَ ڏانهن آءٌ هر وقت اشارا ڪندو رهندس!.... (ٿڌو ساهه ڀري) ويچارو نوجوان چندر!

چندر:    ]فيڊ اِن[ جوتشي بابا!

جوتشي: اچ، چندر! اڄ اهو ڏينهن اچي ويو آهي، جنهن جو مون کي ويهن سالن کان انتظار هو. انهيءَ ئي ڏينهن لاءِ مون توکي پاليو ۽ جوان ڪيو هو ته تون سچ جي راه وٺندين، ۽ پروهت کان .... ها، پروهت کان پنهنجو حق حاصل ڪندين!.... تو پنهنجي سر جو سانگو لاهي موت جي ميدان ۾ ٽپو ڏنو آهي. اهائي تنهنجي فتح آهي. پر .... پر_

چندر:    جوتشي بابا! توهين ماٺ ڇو ٿي ويا؟ چئو، اهو ڪهڙو ڊپ آهي، جنهن توهان کي ماٺ ڪرايو آهي؟

جوتشي: چندر، منهنجيون اکيون باه ۽ رت پيون ڏسن! اتر کان اڄ ڪارونڀار ڪڪر اُڀريو آهي، جنهن ۾ انسان جي گوشت جي سڙڻ جي بوءِ آهي. ڳجهن جون دانهون آهن! .... اڄ وري رت جو مينهن وسندو!....

چندر:    بابا، هي توهين ڇا پيا چئو؟

جوتشي: اها ڳالهيون تنهنجي لاءِ نيون آهن، پر ديوتائن جي مرضي اهائي آهي. آءٌ هاڻي اهو ٿو ويچاريان ته اڄ تون جيڪر هتي نه هجين ها.... ديوتا اسان کان ڪهڙا امتحان وٺڻ ٿا چاهين! وڃ .... وڃ ... تنهنجي جاءِ هيءَ ڪانهي. تون پنهنجي مقرر ٿيل جاءِ تي وڃ.

چندر:    جوتشي بابا! مون کي سنئين واٽ ڏسيو!

جوتشي: تنهنجي واٽ، سچائيءَ جي واٽ آهي! تون پنهنجي گس تي هلندو رهه ... وڃ!

....       .....                  .....

]ماڻهن جو گوڙ اُڀري ٿو

          پروهت جي سواريءَ جو اچڻ. دهل ۽ نغيريون. ’پري ٿيو! ’هٽو! پروهت جي سواريءَ جا آواز[

جوتشي: ها! هي سواري اسان جي پروهت جي آهي، جنهن جي زندگيءَ جو مول متو پوڄا ڪرڻ هو. پر ديوتائن جي خوشيءَ سان گڏوگڏ هن هتي جي هرڪا شيءِ حاصل ڪئي.

پروهت:   هي ڪير آهي؟

ملازم:   هي ڪو جوتشي آهي، پورهت مهاراج!

پروهت:   (ڇرڪ ڀري) جوتشي!..... اوه، ته هي سڀ هتي اچي گڏ ٿيا آهن! ديوتائن جو قسم، آءٌ هنن مان هڪ کي به جيئرو نه ڇڏيندس!

جوتشي: ]فيڊ اِن[  ڪير جيئرو رهندو؟ ڪير بچندو؟ ..... رت جي مينهن ۽ سڙيل گوشت جي بوءِ ۾ ڪير بچندو؟...... سڀ فنا آهي، هر شيءَ جو انت اچي ويندو!

پروهت:   (پريشانيءَ وچان) هتان جلد هلو! تيز هلو!

جوتشي: (پريان) ها، ڀڄڻ جي ويل اچي ويئي آهي! سڀني کي پنهنجو پنهنجو پلؤ ڇڏائڻو پوندو.

شهريار:  ]فيڊ اِن[  مون کي به تلاءُ ڏي وڃڻ گهرجي. هاڻي ته سڄي بازاري اتي آهي.

]ماڻهن جو گوڙ وڌي ٿو. موسيقي[

پروهت:   اچ. راڄ_ نرتڪي! ديوتائن کي خوش ڪري، کانئن اسان جي سلامتي ۽ سَرهائي لاءِ ٻليدان جو حڪم حاصل ڪر.

          ]ماڻهن جو گوڙ، نرتڪي جي نچڻ جو تاثر. ناچ فيڊ آئوٽ[

پروهت:   راڃ_ نرتڪي! راڄڌانيءَ جي رهواسين کي ٻڌاءِ ته ديوتا ڪنهن جو ٻليدان ٿا گهرن!

جوتشي: (ايندي) هرڪو پنهنجي اندر ۾ جهاتي پائي ڏسي. هيءَ دنيا نيڪيءَ ۽ بديءَ جو ميدان آهي. انهي ميدان جا سوين گس ۽ پنڌ آهن. اوهان ڇا ڪيو آهي؟_ ٻڌاءِ، نرتڪي راڻي! تنهنجي سيني ۾ پيار ڪندڙ ۽ معصوم دل آهي.... سچ جو ساٿ نه ڇڏ!

پروهت:   اهو گستاخ ڪير آهي؟

جوتشي: آءٌ ڪير آهيان؟ توکي انهيءَ جي ڄاڻ آهي. پروهت! وقت اڃان به هٿان نه ويو آهي قبول ڪر! سدائين جيئرو نه رهندين! ايندڙ گهڙيءَ ۾ ڇا ٿيندو، انهيءَ جي توکي ڄاڻ نه آهي.

پروهت:   (ڪاوڙ ۾) اجايون ڳالهيون نه ڪر، پوڙها! هيءَ ديوتائن جي گهڙي آهي. هو اسان ڏانهن پيا نهارين..... ٻڌاءِ، نرتڪي، ديوتائن توکي ڪهڙو حڪم ڏنو آهي؟

نرتڪي: ديوتائن مون کي هي مانَ ۽ مرتبو فقط انهيءَ لاءِ ڏنو آهي ته آءٌ سچ ڳالهان.

پروهت:   جلدي ٻڌاءِ! ٻليدان جي گهڙي گذرڻ کان پوءِ اسان جي قرباني اجائي ٿيندي.

جوتشي: توهان سڀني جا دماغ ڦري ويا آهن. توهان مان ڪير نٿو سمجهي.... ڪوڙ ڳالهائيندڙن جي مٿان ڪچي ڌاڳي ۾ ٻڌل ڪهاڙو پيو لڙڪي! ڌاڳي تي ڪهڙو ڀروسو؟ ڪنهن به وقت ٽٽي پوندو! .... چئه، نرتڪي، چئه!

نرتڪي: بيل ديوتا جا پوڄاريو! ڪن لائي ٻڌو ته ڏوهاري ڪير آهي... ۽ ان جو ڏوهه ڪهڙو آهي!

جوتشي: نرتڪي! ...... سچ سدائين جيئرو رهندو! روشني وارو گس امر حياتي بخشيندڙ آهي!

نرتڪي: (پاڻمرادو) اوندهه ۽ روشنيءَ جو هڪ ٻئي ۾ ڪهڙو لاڳاپو ٿي سگهي ٿو؟ ... چندر، آءٌ توکي وساري نٿي سگهان! منهنجيءَ دل ۾ اڃان به تولاءِ پيار آهي.... تنهنجي زندگي هينئر منهنجن ٻن ٻولن جي وس آهي... آءٌ، آءٌ فيصلو نٿي ڪري سگهان!

پروهت:   (يڪدم) ڏوهاري توهان جي آڏو آهي.... نرتڪيءَ انهيءَ جو نالو_ ’چندر‘ ٻڌايو آهي!

شوڀا:     (رڙيون ڪندي) نه نه، اهو نٿو ٿي سگهي! ديوتائن چندر جي قرباني ڪانه گهري آهي!

پروهت:   (ڪاوڙ ۾) هيءَ ڪير پاڳل ڇوڪري آهي، جيڪا ديوتائن جي مرضيءَ کي صحيح نٿي سمجهي؟

شوڀا:     آءٌ .... آءٌ شوڀا آهيان. راڄڌانيءَ جا رهواسيو! هي سڀ مانڊيءَ جو منڊ آهي. چندر جو ڪوبه ڏوهه ڪونهي. توهان کي ديوتائن جو قسم، چندر کي بچايو! چندر ئي هن راڄڌانيءَ جي زندگي آهي!.... تون ئي چئه، نرتڪي! تون ئي ٻڌاءِ ته چندر کي ديوتائن ٻليدان لاءِ ڪونه چونڊيو آهي!

پروهت:   (ڪاوڙ ۾) هن ڇوڪريءَ جو دماغ ٿي خراب ويو آهي!

شوڀا:     چئه، نرتڪي! تنهنجن چپن تي سچارن واري مرڪ آهي... چئه!

نرتڪي: (نهايت اطمينان سان) ديوتائن جو حڪم هيءُ آهي..... ته پروهت جو ٻليدان ڏنو وڃي!

]ماڻهن جو گوڙ ”پروهت جو ٻليدان“[

پروهت:   چپ ڪر، نرتڪي! تون ڪوڙ ٿي ڳالهائين!

نرتڪي: ديوتائن جو قسم، ديوتائن مون کي اهوئي چيو آهي!.... آءٌ سچ ڳالهائيندي خوشي پئي محسوس ڪريان. منهنجي سيني تي سوين مڻ بار هو، سو لهي ويو! راڄڌانيءَ جا رهواسيو! پروهت، مها پروهت جو قاتل آهي!

]گوڙ وڌي ٿو[

پروهت:   ڪوڙي! دغاباز! تو ديوتائن جي مرضيءَ جي ابتڙ ڳالهه ڪئي آهي! توکي انهي جي سزا ملندي!.... (رڙ ڪري) قتل ڪريو انهيءَ ڪوڙيءَ کي!

جوتشي: نرتڪي ڪوڙي نه آهي_ تنهنجي پيشانيءَ تي ڪوڙ ۽ مڪر جو چٽو نشان آهي!

پروهت:   اوه _ ڪوبه منهنجو حڪم نٿو مڃي! .... آءٌ پروهت آهيان! قتل ڪريو هنن مڪارن کي، ڪوڙن کي

]جوتشيءَ جو ٽهڪ اُڀري ٿو[

جوتشي: (افسردگيءَ سان) بس، اها گهڙي اچي ويئي.... ديوتائن اسان تي پنهنجو قهر نازل ڪيو!

          ]ماڻهن جو گوڙ_ ’حملو! اڇن وهٽن تي سوار لشڪر شهر ڏي ڌوڪيندو پيو اچي!‘ جا آواز[

نرتڪي: (افسردگيءَ وچان) اڇن وهٽن تي سوار لشڪر، اڄ ئي راڄڌانيءَ تي حملو ڪيو!..... اڄ ئي ڏک کي سڪون مليو ۽ ڦرجي ويو! ڪيڏو نه عجيب سلسلو آهي.... هڪ ڪوٽ کي ڊاٺوسين، ته ٻيو انهيءَ کان سخت قلعو قائم ٿي ويو!

آواز:      پروهت مهاراج! ڀڄو، ساه بچايو! حملو ڏاڍو سخت آهي!

پروهت:   اوه، هن پاسي ڀڄو! هن پاسي ڀڄو!

جوتشي: ها، انهي پاسي ئي ڀڄ، پروهت!..... تنهنجو انت انهيءَ پاسي آهي! ۽ تون، چندر، هن پاسي وڃ.... انهيءَ پاسي حياتي آهي، زندگي آهي!

چندر:    نرتڪي! هل، هتي حياتيءَ جو خطرو آهي. تنهنجي جان نهايت قيمتي آهي، هتان نڪري هل!

نرتڪي: چندر مهاراج وڃ، تون پنهنجي حياتي بچاءِ. آءٌ پنهنجي خون سان هن سرزمين تي هڪ نئون ٻج ڇٽينديس_ جنهن مان زندگيءَ ۽ سچ جو سلو ڦٽندو، جيڪو سدائين قائم رهندو!... وڃ، تون وڃ!

          ]گهوڙن جي ٽاپ ٽاپ. جنگ جو تاثر وڌي ٿو[

نرتڪي: ديوتائن کي اهوئي منظور هو (سُڏڪندي) سڀڪجهه تباه ٿي ويو!_ منهنجو شهر، منهنجي زندگي، منهنجي محبت! هاڻي جيئڻ ڪهڙو؟ وڃ، چندر، پنهنجي محبت سميت ڪنهن پاسي هليو وڃ... ۽ ڪنهن ڏينهن وري اچي هن اُجڙيل شهر کي آباد ڪج. تون ئي هن شهر جي زندگي ٿي سگهين ٿو!

شوڀا:     پر، نرتڪي،... تون؟

نرتڪي: آءٌ هنن ئي ڪکن ۾ پلي آهيان ۽ هتي ئي ديوتائن جي قدمن ۾ ساهه ڏينديس. راڻي، منهنجي اهائي خواهش آهي، اهائي آخري تمنا آهي!

جوتشي: (پراسرار لهجو) هي سڀ ڪجهه ڇا ٿي ويو؟..... چندر! تون شوڀا کي وٺي هتان نڪري وڃ_ اهو تولاءِ منهنجو آخري حڪم آهي... زندگيءَ لاءِ جدوجهد جاري رکجان! هڪ ڏينهن توکي هتي وري اچڻو آهي، حملي آور جيستائين هتي اچن، انهيءَ کان اڳ تون هتان هليو وڃ.... آءٌ تنهنجو وري به هتي ئي انتظار ڪندو رهندس!

چندر:    پر، جوتشي بابا، حملو نهايت سخت آهي. متان....

نرتڪي: (کلندي) هيءُ جوتشي ڪڏهن ڪونه مرندو_ هي سدائين جيئرو رهندو!

جوتشي: بيشڪ، آءٌ ڪڏهن به نه مرندس! آءٌ سدائين هن راڄڌاني جو محافظ رهيو آهيان. وسندڙ شهر هجي يا اُجڙيل ۽ ويران کنڊر. آءٌ هيءَ سرزمين ڇڏي نٿو سگهان!.... ۽ نرتڪي، تون؟

نرتڪي: آءٌ به ڪيڏانهن ڪانه وينديس..... آءٌ ته هتي ئي موت سان ملاقات ڪنديس!

جوتشي: تو زندگيءَ جي راه ورتي آهي!

]گوڙ ۽ جنگ جو تاثر وڌي ٿو[

شهريار:  ]فيڊان[ (ڊڄندي) هي سڀڪجهه ڇا پئو ٿئي؟..... هي ڪير حملو ڪندڙ آهن؟ سڄو شهر باه ۾ وڪوڙجي ويو آهي!.... تباهي، موت! .... مون کي هتان ڀڄڻ گهرجي.

جوتشي: (پريان) سڀڪجهه تباه ٿي ويو. سڄو مانڊاڻ ختم ٿي ويو. پر آءٌ جيئرو آهيان ۽ جيئرو رهندس مون کي ڪير به ماري نه ٿو سگهي ڇاڪاڻ ته آءٌ ئي هن راڄڌانيءَ جو مالڪ آهيان. آءٌ جيئرو آهيان ته شهر جيئرو آهي!

(ٽهڪ ڏئي ٿو).

]آهستي آهستي جنگ جو تاثر گهٽجي ٿو[

شهريار:  ]فيڊان[ (سهڪندي) سلو!..... سلو!.... سلو، ڇو سرڪار! خير ته آهي، اوهين پگهريا آهيو!

شهريار:  هڪ گهڙيءَ ۾ سڀڪجهه تباه ٿي ويو!.... اڇن گهوڙن تي سوار سپاهي، ظلم سان شهر پيا ڦٽائين ۽ تباه ڪن!... جوتشي .... جوتشيءَ جي ڳالهه سچي نڪتي!

سلو:      سرڪار، هوش ۾ اچو! اوهان کي ڇا ٿي ويو آهي!... ڪٿان آيا هتي ماڻهو!.... ڪٿي آهي هتي شهر! هتي ته رڳو ويران ۽ اُجڙيل ڀڙا آهن، ۽ اسان جو ننڍڙو تنبو!

شهريار:  جوتشي! _ اهو اڃان جيئرو آهي_ ڀڙن ۽ کنڊرن جو محافظ! ڪاڪا سلو، تو هتي ڪو پيرسن شخص هلندي ڏٺو آهي؟

سلو:      پيرسن شخص! (کلي) سرڪار، ستن ڏينهن ۾ توهان کانسواءِ ٻئي ڪنهن جي شڪل به ڪانه ڏٺي اٿم.

شهريار:  سلو ڪاڪا، جوتشي واقعي اڃان جيئرو آهي! هو ڪڏهن به نه مرندو، هو سدائين جيئرو رهندو.....! ها، جوتشي اهوئي پوڙهو آهي، جنهن مونکي روڪيو هو! جوتشي ۽ پوڙهو صدين کان هنن ڀڙن جو محافظ آهي.

سلو:      خدايا سرڪإر کي ڇا ٿي ويو آهي!

شهريار:  تون، سلو، سامان سڙو ٻڌڻ شروع ڪري ڏي. پاڻ سڀاڻي هتان واپس هلنداسين.

شهريار:  ها، سلو، مون کي جيڪي ڪي گهربو هو سو ملي ويو!... مون هتي جيڪي ڏٺو آهي، سو سدائين ياد رهندو. پاڻ هاڻي اڳتي هلنداسين.

]پڄاڻيءَ جي موسيقي[

پنرو پڊام

                ]شروعاتي موسيقي. جنگ جو تاثر اُڀري ٿو. باه جو تاثر، گهوڙن جي ڊوڙڻ جو تاثر، مردانه، ٽهڪ، عورتن جون دانهون[

ارغون سردار: (ٽهڪ ڏيندي) بڊام جو ڪوٽ، هن ملڪ جي وڏي سورهيه ۽ سرڪش سردار جو راڄ، (ڪاوڙ ۾) ڪنهن کي به جيئرو نه ڇڏيو. پوڙهن ۽ جوانن کي قتل ڪريو، جيئن بڊام پنري کي سڌ پئي ته آڻ نه مڃڻ جو ڪهڙو نتيجو آهي. سرڪشيءَ جي ڪهڙي سزا آهي! (ٽهڪ ڏئي) شاباس بهادرو، اڄ لٽيو.. ڦريو. سمن جي سرداري راڄ جي رت سان راند ڪريو.

                ]ٽهڪ ڏئي ٿو. جنگ ۽ باهه، ماڻهن جي دانهن ڪوڪن جو تاثر چند گهڙين لاءِ اُڀري ٿو. گهوڙن جي وڃڻ جو تاثر. ٿوري دير لاءِ بنهه ماٺ ۽ ان کان پوءِ پس منظر ۾ باهه جو هلڪو تاثر ۽ ان جي پس منظر ۾، پڙاڏي ۾، مردانو آواز[

آواز:            (سُر ۾، صدا جو انداز)

                اڄ گهرجين يارَ، بڊاماڻي پُنرا!

                ڪاڇي ٻئي پار، اچي ويرين وڙهيا.

__

اڄ گهرجين تون، بڊاماڻي پُنرا!

مٿان اچي مون، ويرين واٽون لائيون.

]باه جو تاثر نمايان ٿئي ٿو، ۽ موسيقي[

پنرو:  (پريشان ٿي) شير ڀاءُ، تو ڪو آواز سُئو؟

شير:  آواز؟ هتي ته چؤطرف ماٺ لڳي پئي آهي، سردار.

پنرو:  نه ڀاءُ، منهنجي دل چئي ٿي ته ڪنهن مصيبت جي ماريل کي منهنجو ڪاڍو آهي، ڪنهن مون کي ساريو آهي، سو ڪو دل وارو آهي..... ۽ ..... ۽ ..... ڀاءُ هي مونکي ڪهڙا پسڻ پيا پون!

شير:  آءٌ ڪجهه چئي نٿو سگهان سردار، ايترو سو ضرور چوندس ته اڄ تون الائجي ڇو ملول آهين؟

پنرو:  بيشڪ، تون سچ ٿو چئين شير .... پر ڇو؟ انهيءَ جي مون کي ڪا پروڙ ڪانهي. ڪا ڳالهه مڙيئي آهي.

شير:  عجب آهي سردار! پنري جهڙو سورهيه سردار، جنهن جي گهوڙي جي سنبن جو آواز، ماڻهن جا ڏيل ڏڪائي ڇڏيندو آهي، جنهن جي تراڙ کي وڄ جو پاڻي پياريل آهي، سو اڄ ڪنهن اوڦٽو وهم ۾ اڙجي حيران ٿيو آهي!

پنرو:  (پنهنجي دلي حالت کي لڪائيندي) نه نه، مون کي وهم ته ڪونهي شير، پر ڪجهه مڙيئي ٿيو آهي. ڪو مانڌاڻ متو آهي، ڪو وڳوڙ ٿيو آهي، جنهن منهنجي دل ۾ ايڏي آنڌ مانڌ مچائي آهي!

شير:  پر سائين، ڪا خبر به پئي، ڪٿي مانڌاڻ متو آهي، ڪنهن وڳوڙ مچايو آهي؟

پنرو:  (ڪنهن خيال ۾ ٻڏل آواز ۾) شير، دل گهرين جو سيڪ ستت ايندو آهي. اڄ اهي حالتون نه رهيون آهن، اسان جا ويري وڌي ويا آهن. اسان پنهنجن گهرن راڄن کان پري پيا هلون، ڪٿي ائين نه ٿئي ته ڪو اسان جي پرپٺ اسان جي راڄ تي هلان ڪري.

شير:  سردار، سنڌ ۾ ته ڪو اهڙو مڙس ڪونه ٿو سمجهيم جيڪو تنهنجي ڪوٽ تي ڪاهي..... باقي .....

پنرو:  ڇا به هجي شير، مون فيصلو ڪيو آهي ته اسان راتو_واهه واپس موٽي هلنداسين. دل ۾ جيڪا مونجهه آهي، سا اتي ئي لهندي. ٻي ڪا جاءِ ته ڪانه ٿي سُجهيم، سفر جي تياري ڪريو.

شير:  حاضر .... (وڏي واڪي) ڀائرو، سفر جي تياري ڪريو، سفر جي تياري ڪريو.

       ]فيڊ آئوٽ. ماڻهن جو گوڙ ۽ گهوڙن جي وڃڻ جو تاثر. موسيقي. باهه جو تاثر، ماڻهن جون هلڪيون دانهون، گهوڙن جو پريان اچڻ ۽ بيهڻ جو تاثر. باه جو تاثر نمايان ٿئي ٿو[.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org