سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: آخري رات

صفحو :19

انهيءَ جملي سان ناز اندر ڪمري ۾ داخل ٿئي ٿي. هو آهستي آهستي اکيون کولي ٿو. لڙاٽيل تصوير واضح ٿئي ٿي. ناز جي چهري تي غمزده مرڪ اُڀري ٿي.

هو ڪنڌ جهڪائي آهستي چئي ٿو.

 

هن جي چهري جا تاثرات شديد ٿي ٿا وڃن.

 

 

 

 

 

 

 

 

اسلم: تون هتي ڇو آئي آهين؟

ناز: ڇا، منهنجو اچڻ توکي پسند نه آهي؟

اسلم: ڪن ڳالهين کي پسند ڪرڻ جي باوجود ناپسند ڪرڻو پوندو آهي.

ناز: وقت توکي مصلحتي بنائي ڇڏيو آهي.

اسلم: مصلحتي.... مون سدائين سچ ڳالهايو آهي. مصلحتون تو ڪيون آهن، ۽ جڏهن تنهنجي مصلحتن جي نانگ توکي ڏنگيو آهي، تڏهن تون مون وٽ آئي آهين. مون وٽ تنهنجي درد جو ڪو علاج ڪونهي.

نهايت شڪسته انداز ۾

ناز: ائين نه چئو اسلم. مون کان اهو برداشت نٿو ٿي سگهي. تو وٽ آئون انهي آس سان آئي آهيان ته جيڪي ڪجهه مون اڄ تائين ڪيو آهي، ان جي باري ۾ بنا ڪنهن ڳالهه ڪرڻ جي، آئيندي لاءِ ڳالهيون ڪنديس.

اسلم: ماضي وسارڻ مون لاءِ ممڪن نه آهي.... ناز، انهيءَ ماضيءَ جا عذاب سهي سهي اڄ آئون هن منزل تي پهتو آهيان. هاڻي آئون نهايت مطمئن حياتي پيو گذاريان.

ناز: مونکي انهيءَ جو احساس آهي، پر مون ڪو ڏوهه ته نه ڪيو آهي.

ڏک وچان کلندي

اسلم: ڪير ڏوهاري آهي- آئون يا تون؟ انهيءَ جو فيصلو آئون ڪرڻ وارو ته ناهيان. تون ئي ان وقت کي ياد ڪر.

ڪئميرا، ناز جي اکين تي اچي هوءَ آهستي آهستي شديد ڪرب جي عالم ۾ پنهنجون اکيون پوري ڇڏي ٿي. سندس آڏو، سندس ماضي اُڀري اچي ٿو.

ناز جي گهر وارو سادو ڊرائينگ روم. ناز هڪ صوفي تي ويٺي آهي اسلم هڪ پاسي کان اُداس ويٺو آهي.

 

 

ناز: مون کي حق آهي ته آئون پنهنجي آئنده زندگيءَ لاءِ بهتر کان بهتر سوچان. جيڪو مون فيصلو ڪيو آهي، اهو بلڪل درست آهي، ان ۾ ڪنهن به قسم جي تبديلي ممڪن نه آهي.

اسلم: ناز، اصل زندگي دولت نه آهي.

ناز: جي دولت نه آهي ته پوءِ ڇا آهي؟

اسلم: محبت ۽ سڪون انسان جي حياتي جو سڀ کان وڏو سرمايو آهي.

طنزيه کل

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

هو ناز جي جواب کان وڌيڪ رنجيده ٿئي ٿو. هوءَ انهيءَ جملي چوڻ مان ائين ٿي لڳي، ڄڻ ڀڄي پئي هجي. ناز پنهنجي اندر جي اُڌمن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪري ٿي. سندس آواز جهيڻو ۽ روئڻهارڪو ٿي وڃي ٿو.

ناز: محبت ۽ زندگيءَ جو سڪون! بک ۽ مفلسيءَ ۾ اهي سڀ ڳالهيون ختم ٿي وينديون آهن. زندگيءَ جو ٻيو نالو حقيقتن کي سمجهڻ آهي اسلم.

اسلم: تون جنهن رڃ پويان ڊوڙين پئي، اها هڪ ڏينهن توکي احساس ڏياريندي ته تو مسئلن کي ڪيتري حد تائين معمولي سمجهي فيصلو ڪيو هو. بيشڪ مان توکي اهو ڪجهه نه ڏيئي سگهندس، جيڪو سيٺ صاحب توکي ڏيندو، پر، يقين ڄاڻ، هڪ ڏينهن توکي اهو احساس ضرور ٿيندو ته خوشيءَ جو اهو نالو نه آهي ۽ پوءِ توکي.... توکي ڪير سهارو ڏيڻ وارو نه رهندو.

ناز: آئون آيل وقت تي فيصلي ڪرڻ جي قوت رکان ٿي. اول ته اهڙو وقت ايندوئي ڪونه، جي آيو ته پوءِ ان کي منهن ڏيڻ جي مون ۾ اهليت آهي. اسلم: توکي منهنجي محبت جو احساس نه آهي ناز؟

 

ناز: مونکي احساس آهي تنهنجو ۽ تنهنجي محبت جو.... مان شايد پنهنجي دل مان اهو احساس ڪڏهن به ڪڍي نه سگهان. چاهڻ جي باوجود به نه، پر اسلم تون منهنجن حالتن کان واقف آهين. مان هيءُ فيصلو انهيءَ ڪري به ڪيو آهي ته جن محرومين ۾ منهجو ماضي گذريو آهي، انهن مان منهنجو آئيندو نه گذري.... منهنجي گهر وارن کي منهنجي فيصلي تي خوشي آهي.

اسلم: ناز، اڄ کان پوءِ شايد آئون تنهنجي آڏو نه اچان. آئون زندگيءَ جي تلاش ۾ دنيا جي ميدانن ۾ گم ٿي ويندس. جيڪڏهن ڪنهن ڏينهن تنهنجي دل ۾ ڪو خيال مون بابت پيدا ٿئي ته فقط چڱن لفظن ۾ منهنجو نالو کڻي ڇڏجئين.

ناز: منهنجي شاديءَ ۾ نه ايندين؟

اسلم: آئون توکي وسارڻ گهران ٿو. تون به مون کي وساري ڇڏ.

اسلم تيز قدمن سان نڪري وڃي ٿو. ناز جي اکين ۾ لڙڪ تري اچنس ٿا.

 

ماضي جون يادگيريون ختم ٿين ٿيون، ناز جي اکين جو ڪلوز جنهن مان لڙڪ وهي پون ٿا

ناز: توکي وساري به ته نه سگهندس.

 

 

اسلم: هاڻي روئڻ مان ڇا حاصل؟

ناز: غلط فيصلن تي روئڻ کان سواءِ ٻيو ڪري به ڇا ٿو سگهجي. مان پنهنجي اصل زندگيءَ ڏي موٽڻ گهران ٿي.

اسلم: اسين تمام پري نڪري آيا آهيون، هاڻي موٽڻ ممڪن نه آهي.

ناز: ڇا تو مون کي وساري ڇڏيو آهي؟

اسلم: ڏاڍي ڪوشش ڪئي اٿم، پر شايد ڪامياب نه ٿيو آهي.

ناز: آئون سڀڪجهه ڇڏڻ لاءِ تيار آهيان. مونکي سڪون جي تلاش آهي.

اسلم: اهڙا فيصلا هر هر نه ٿيندا آهن ناز! توکي پنهنجي دنيا مان خوشيون حاصل ڪرڻ گهرجن، تو ۾ اها اهليت آهي ته تون وقت کي منهن ڏيئي سگهين.

طنز کي محسوس ڪندي، آهستي

ناز: مون تان چٿرون نه ڪر اسلم... آئون ڏاڍي ڏکايل آهيان.

پنهنجن اڌمن کي روڪيندي فيصلي ڪرڻ واري انداز ۾

 

 

اسلم: ٻڌ ناز، مون تنهنجو گهڻو انتظار ڪيو، شايد منهنجي محبت ۾ ڪوتاهي هئي جو آئون توکي حاصل نه ڪري سگهيس.

ناز: اڄ آئون سڀني کان منهن موڙي تو وٽ آئي آهيان.

اسلم: مون وٽ رهيو ڇا آهي جو مون وٽ آئي آهين... ناز، جيئن تو پنهنجي زندگي کي داءُ تي هنيو هو، تيئن مون به پنهنجي زندگي داءُ تي لڳائي ڇڏي... پر آئون تو وانگر پريشان نه آهيان. مون نه چاهڻ جي باوجود ائين ڪيو، پر تون سڀڪجهه پنهنجي مرضيءَ سان ڪرڻ جي باوجود ناخوش آهين! اها زندگي نه آهي، فيصلا ائين نه ٿيندا آهن. تون جنهن دنيا مان آئي آهين، توکي واپس اتي ئي وڃڻو پوندو...

ناز: چاهي اُتي مون لاءِ عذاب ئي ڇو نه هجن؟

اسلم: عذاب انسان پنهنجي لاءِ پاڻ پيدا ڪندو آهي، جنهن اعتماد سان تو اِها شادي ڪئي هئي، انهيءَ اعماد سان توکي نڀائڻو به پوندو.

ناز: آئون سمجهان ٿي ته تون ڇا ٿو چوڻ چاهين.... بيشڪ، اهو فيصلو مون پاڻ ڪيو هو. پر انسان ڪڏهن غلطي به ته ڪري سگهي ٿو.

اسلم: غلطيءَ جو احساس توکي اڄ ٿيو آهي!

ناز: نه اسلم، انهيءَ احساس منهنجي دل ۾ انهيءَ وقت جنم ورتو هو، جڏهن تون مون کان سدائين لاءِ موڪلائي ويو هئين انهيءَ گهڙيءَ مون محسوس ڪيو هو ته منهنجو فيصلو غلط آهي. پر نيٺ مان به ته انسان هيس.

پيڙا مان

اسلم: آئون انسان آهيان ناز، رانديڪو نه آهيان.

اڻ ٻڌو ڪري

ناز: مون تي دولت جي ڌڄ حاوي ٿي ويئي....، وڏو گهر، آسودو آئيندو خوشي، دولت، اهي سڀ ڳالهيون مون کي زندگي جي گس تان هٽائي ويون، مون ڇڏڻ چاهيو، ڇڏي نه سگهيس.

اسلم: توکي حالتن سان ٺاهه ڪرڻ گهرجي ناز.

ناز: گهڻي ڪوشش ڪيم، پر احساس ٿيم ته دنيا ۾ دولت ئي سڀڪجهه نه آهي. ڪنهن پر خلوص سهاري کان سواءِ زندگي گذرڻ عذاب آهي.

اسلم: هر ماڻهو ائين چاهي ٿو. مون به ائين چاهيو هو، پر تو مون کي قبول نه ڪيو. تو دولت کي سڀڪجهه سمجهيو. هاڻي جڏهن توکي دولت ملي آهي ته تون خوشي ۽ سڪون جي ڳولا ۾ مون وٽ آئي آهين، جڏهن ته مون وٽ ڪجهه نه آهي.

ناز: مون کي ڪجهه به نه گهرجي اسلم. تو وٽ اچڻ کان اڳ مون گهڻو ئي سوچيو.... ۽....

اسلم: ناز، ٽي سال اڳ تو هڪ فيصلو ڪيو هو. اڄ تون وري ڪو نئون فيصلو کڻي آئي آهين، جڏهن ته آئون اڄ ڪنهن کڻي آئي آهين، جڏهن ته آئون اڄ ڪنهن به فيصلي ڪرڻ جي حالت ۾ نه آهيان.

ناز: آئون سڀڪجهه ڇڏڻ جو فيصلو ڪري آئي آهيان اسلم. مون کي زندگيءَ جي سک جي تلاش آهي، جو تون ڏيئي سگهين ٿو. آئون هن کان طلاق وٺن ٿي گهران اسلم!

تيز لهجي ۾

اسلم: طلاق! تو زندگيءَ کي مذاق ڇو سمجهيو آهي ناز... نه تون ٻار آهين، نه ئي منهنجي عمر اها وڃي رهي آهي جو آئون پنهنجن فيصلن کي هر هر مٽايان.

پهريون دفعو ڪجهه محسوس ڪندي

ناز: تو به ڪو فيصلو ڪيو آهي ڇا؟

 

اسلم: مان تو وانگر هر هر فيصلا نه ڪندو آهيان ناز.

ناز: تنهنجون ٽوڪون مون کي سدائين ڏکيون لڳنديون آهن اسلم.

اسلم: انهيءَ لاءِ جو مون توسان ڪڏهن به ڪوڙ نه ڳالهايو آهي، ۽ ٻي ڳالهه به ٻڌي ڇڏ، مون شادي ڪري ڇڏي آهي...

پريشان ٿي

ناز: نه...

هنن جملن دوران ناز جا مختلف تاثرات ڏکارا، پريشان ڪندڙ

اسلم: ها، منهنجو هڪ ننڍڙو گهر آهي، جنهن ۾ هڪ معصوم ٻارڙي جا ٽهڪڙا مون لاءِ سدائين منتظر رهندا آهن. هو منهنجي خدمت ڪرڻ پنهنجي زندگيءَ جي ميراث سمجهي ٿي. آئون انهن کي ڇڏي نٿو سگهان.

ناز خيالن ۾ گم آهي. سندس چهري تي ڪرب جا تاثرات آهن.

اسلم: اهو منهنجو پنهنجو فيصلو هو. آئون انهيءَ سان سڄي عمر سچو رهڻ گهران ٿو. آئون گهٽ ۾ گهٽ توکي دوکو نٿو ڏيئي سگهان.

آهستي، پر بدليل ۽ شڪسته آواز ۾

 

ناز: توکي پنهنجي گهر سان ڏاڍي محبت آهي اسلم؟

اسلم: مون کي پنهنجي فرض جو احساس آهي ناز.

هوءَ اُٿي دروازي ڏي وڃڻ لڳي ٿي.

ناز: اسلم، مون سدائين غلط سوچيو آهي، ۽ غلط فيصلا ڪيا آهن. تون نڀائڻ وارو آهين، ۽ آئون خوابن جي دنيا م رهندي، وقت جي گذرڻ جي احساس کان خالي، غير ذميدار....

اسلم ڪو جواب ڪونه ٿو ڏئي

بهرحال، اها به زندگي آهي... مون کي معاف ڪجانءِ، مون کي تنهنجي دنيا ۾ ٻيهر اچڻ جو ڪو حق نه هو.

هوءَ تيز قدمن سان ڪمري مان نڪري وڃي ٿي.

خدا حافظ.

 

اسلم: خدا حافظ!

اسلم چند لمحن لاءِ ويٺو رهي ٿو. آهستي آهستي اُٿي دريءَ تي اچي ٿو. ناز کي موٽر ۾ ويهندو ڏسي ٿو، ڪار وڃي ٿي. هو شٽر بند ڪري، فون کڻي نمبر ڊائل ڪري ٿو.

 

 

اسلم: هلو- ٻڌ آئون منجهند جو ماني توهان سان کائيندس....

فون رکي گهنٽي وڄائي ٿو. پٽيوالو اندر اچي ٿو.

 

 

اسلم: چانهه کڻي آءُ... ۽ سعيد جيڪڏهن ايڊيٽوريل نه لکيو هجي ته چئينس ته آئون لکان ٿو.

 

فيصلو

 

ڏيک پهريون: وقت شام... روزي جو گهر. سهڻو اميراڻو ڊرائينگ روم. صوفي تي روزي ويٺي آهي، خوبصورت ۽ جوان خاتون آهي، جنهن جي چهري تي سنجيدگيءَ طاري آهي. آڏو ٽيبل تي خطن جو ڍير پيو اٿس. خط کولي ۽ پڙهي پئي. فون جي گهنٽي وڄي ٿي، خط پڙهندي بي خياليءَ ۾ ٽيليفون کڻي ٿي.

 

 

 

 

 

روزي: جي... وعليڪم السلام. ڳالهايان پئي... مهرباني.

مون اوهان لاءِ چئي ڇڏيو آهي... نه نه.... فڪر جي ڳالهه نه آهي، توهان صبح جو وڃي ملجوس...

ها ها، منهنجا سلام وڃي ڏجوس.. انهيءَ ۾ مهرباني جي ڪهڙي ڳالهه آهي، اِهو ته منهنجو فرض آهي. چڱو، خدا حافظ.

فون رکي وري ٽپال ڏسڻ لڳي ٿي نوڪرياڻي ٽرالي ۾ چانهه کڻي اندر داخل ٿئي ٿي.

روزي هن کي ڏسي مُرڪي ٿي. نوڪرياڻي چانهه ٺاهي سندس آڏو رکي ٿي. ايتري ۾ دروازي جي گهنٽي وڄي ٿي. نوڪرياڻي بيزار ٿي آهستي در ڏي ٻاهر وڃي ٿي. انهيءَ غير حاضريءَ دوران روزيءَ تي ڪو اثر نه ٿيو آهي. هوءَ اطمينان سان خط ويٺي پڙهي ۽ چانهه به ويٺي پيئي. ٿوريءَ دير کان پوءِ نوڪرياڻي اچي ٿي سندس هٿ ۾ ڪارڊ آهي. ڪارڊ ڏئيس ٿي. روزي ڪارڊ ڏسي، ڇرڪ ڀري پريشان ٿي وڃي ٿي.

 

نوڪرياڻي سندس ڪيفيت کي محسوس ڪندي

راڻي: بيبي، مهمان کي ڇا چوان؟

روزي: چئينس..

پنهنجن اندروني جذبن کي لڪائيندي، آهستي

چيئنس ته بيگم صاحبه ڪونهي.

حيران ٿي

راڻي: اڳي ته ڪنهن به مهمان کي اوهان موٽايو ڪونهي!

حجت سان

متان ويچاري جو ڪو ضروري ڪم هجي... سڏي اچانس؟

راڻي جي انهيءَ حجت کي محسوس ڪندي، تيز لهجي ۾

روزي: چيم نه ته آئون هن سان نٿي ملڻ چاهيان.

راڻي وڃن لڳي ٿي

راڻي: ناراض ڇو ٿيون ٿيو... اوهان جي مرضي، ڪنهن سان ملو يا نه ملو.

۽ دروازي تي پهچي ٿي، تڏهن روزي پنهنجي رويي تي نادم ٿي، بيوسيءَ جي عالم ۾

 

 

 

 

روزي: ترس راڻي.. کيس وٺي اچ.

راڻي بيهي ٿي، سواليه اندز ۾ کيس ڏسي ٿي. راڻي حيران ٿي، منهن کي موڙو ڏيئي ٿي. ٿوري دير کان پوءِ بهرام راڻي سان گڏ اندر داخل ٿئي ٿو. سنجيده جوان. روزي هن کي ڏسي ٿي. اکين ۾ ازلي اُڪير اٿس.

 

بهرام جي چپن تي پاٻوهه ڀري مرڪ

بهرام ساڳي مرڪ سان

غلطي محسوس ڪندي

روزي: بهرام...

 

بهرام: مون کي ويهڻ لاءِ نه چوندينءَ؟

روزي: ويهه... ويهه.. انهيءَ اجازت جي توکي ضرورت ته ڪونه هئي.

بهرام ويهندي، مرڪندي

بهرام: سال کان پوءِ آيو آهيان... انهيءُ ڪري سمجهيم ته هر ڳالهه لاءِ موڪلائڻ ضروري آهي.

اِهو ٻڌي روزي جي چهري تي هلڪي مُرڪ ڊوڙي وڃي ٿي. راڻيءَ کي اشاري سان وڃڻ لاءِ چوي ٿي. راڻي وڃي ٿي. هوءَ بهرام لاءِ چانهه ٺاهيندي.

 

 

روزي: اميد ته اوهان چانهه پيئڻ ترڪ نه ڪئي هوندي.

بهرام: جي نه، البت کنڊ پيئڻ ڇڏي ڏني اٿم.

پريشان ٿي

روزي: خير ته آهي نه؟

کلندي

بهرام: پريشان ٿيڻ جي ڳالهه نه آهي، ائين ئي ڊاڪٽرن چيو ته گهڻي کنڊ چڱي نه آهي، سو ڇڏي ڏنم. هونئن به اسان لاءِ حياتيءَ ۾ ڪوڙاڻ ئي رهجي ويئي آهي.

روزي سندس آخري جملي جي تلخي محسوس ڪندي، آهستي چانهه جو ڪوپ ڏانهنس وڌائي ٿو.

 

ڪوپ وٺندي

بهرام: تنهنجو سوشل ورڪ ڪيئن پيو هلي؟

خيالن مان موٽندي

روزي: سوشل ورڪ پيو هلي. بلڪل ٺيڪ آهي.

بهرام: ڇا اڃان تائين تون ساڳي ڳالهه تي قائم آهين؟

روزي: بهرام، حياتين جا فيصلا ورائي ورائي نه ڪبا آهن، هڪ ڀيرو فيصلو ٿيو، سو ٿيو.

بهرام: آئون حيران آهيان ته تون ڪئين اڃا تائين پنهنجي فيصلي تي اٽل آهين!

ڳالهه کي ٽاريندي

روزي: منهنجي ڳالهه ڇڏ- تون ٻڌاءِ هيترو سارو وقت ڪٿي گذارئيه ۽ ڪيئن گذاريئه؟

ٿڌو ساهه کڻي

بهرام: هڪڙو سال ئي ته گذريو آهي.

خيال ۾ گم ٿي

روزي: ها هڪڙو سال... صدين برابر...

بهرام: ائين ٿو لڳيم جُڳن کان پوءِ توکي ڏٺو هجيم.

ڇرڪ ڀري، پاڻ تي قابو ڪندي، آهستي ميار واري انداز ۾

روزي: پر.... بهرام، پاڻ ته وري نه ملڻ جو عهد ڪري جدا ٿيا هئاسين... پوءِ .... پوءِ تون وري ڇو آيو آهين؟

بيوسيءَ جي حالت ۾ جهيڻي لهجي ۾

بهرام: وري ڇو آيو آهيان؟ اِنهيءَ ڳالهه جي مون کي به سڌ نه آهي. اڄ ئي هتي آيو آهيان، توسان ملڻ هليو آيس.

روزي: هن شهر ۾ تولاءِ دلچسپي رڳو مان ته نه هيس بهرام.

بهرام: محبتن ۽ دلچسپين ۾ ڪي سنڌا هوندا آهن روزي؟ مون توکي چاهيوآهي، پر تنهنجن اصولن آڏو مون سڀڪجهه ڇڏيو آهي.... نه چاهڻ جي باوجود.... نه چاهڻ جي باوجود آئون توکان جدا ٿي ويس.

هن جي آڏو روزي جي صورت آهستي آهستي جهڪي ٿيندي وڃي ٿي، ۽ انهيءَ سان هو ذهني طور پنهنجي ماضي ۾ پهچي وڃي ٿو، جنهن ۾ هنن ٻنهي جون پياريون يادگيريون موجود آهن. وقت شام هڪ ننڍڙو ۽ خوبصورت ڪافي هائوس. پس منظر ۾ هلڪي موسيقي پئي وڄي. ڪافي هائوس ۾ چند ماڻهو ويٺا آهن. هلڪي روشني ۾ ڪيمرا ماحول کي واضح ڪري، هڪ ڪنڊ واري ميز تي اچي ٿي، جنهن تي بهرام ۽ روزي ويٺا آهن.

 

 

بهرام: نيٺ تو ڪهڙو فيصلو ڪيو؟

روزي: بهرام، مون کان اهو فيصلو نٿو ٿئي... آئون منجهي پئي آهيان ته ڇا ڪريان.

بهرام: توکي فيصلو ڪرڻو پوندو روزي.

منجهندي، جهڪي لهجي ۾

روزي: ڪي اهڙامعاملا ٿيندا آهن جن تي ترت فيصلا نه ٿيندا آهن بهرام....

بهرام: اسان ڪاليج جي زماني کان وٺي گڏ رهيا آهيون روزي، اسان پاڻ ۾ تمام سٺو وقت گذاريو آهي ۽ شايد..... شايد اسان ٻئي هڪٻئي کي چاهيون به ٿا.

روزي: ها.... شايد تون صحيح ٿو چئين.... پر بهرام مان پنهنجي حياتي ڪنهن مقصد سان گذارڻ جي خواهشمند آهيان، مان پنهنجي مقصدن کي پنهنجين خوشين کان وڌيڪ اهم ۽ ضروري تصور ڪريان ٿي. بهرام.... تون ڄاڻين ٿو ته آئون ڪا عام رواجي عورت نه آهيان.

بهرام: مون کي احساس آهي ته تون ڪا عام رواجي خاتون نه آهين پر روزي تون مون کي ائين ڪيئن ٿي نظراندز ڪري سگهين... مون توکي پنهنجي ذات کان وڌيڪ سمجهيو ۽ پرکيو آهي. تو ۾ فيصلي ڪرڻ جي قوت آهي ٺيڪ آهي، پر انسان سدائين صحيح فيصلا به ڪونه ڪندو آهي، ۽ حياتيون ائين وقتي جذبن تحت ٿيل فيصلن تي نه گذرنديون!

روزي: توکي حق آهي ته تون جيئن چاهين، سمجهين.... مان جيڪو ڪجهه سوچيو آهي سو زندگيءَ جي حقيقتن تي مبني آهي... تون مون کان واقف آهين، مان فيصلو ڪري ڇڏيو آهي، اُن کي مٽائڻ منهنجي اصول جي خلاف آهي.

بهرام شڪسته دل سان اٿي بيهي ٿو. هن جي چهري تي سخت پيڙا جا آثار اُڀري اچن ٿا. روزي سندس انهيءَ تڪليف کي محسوس انهيءَ تڪليف کي محسوس ڪري ٿي.

 

 

روزي: تون پريشان ٿي ويو آهين بهرام!

درد کي روڪيندي

بهرام: مون ۾ ۽ منهنجي محبت ۾ ايتري قوت آهي روزي جو آئون انهيءَ پيڙا کي پڌرو نه ڪريان جيڪا تو ڏني آهي. آئون زندگيءَ جي اصولن کي ڀانئڻ ۽ چاهڻ وارو آهيان. مون کي تنهنجي جذبن جو به قدر آهي. انهيءَ ڪري... جي... جي تون مون سان شادي ڪرڻ لاءِ تيار نه آهين، ته شايد معمولي طرح سان تو ساڻ ملڻ هاڻي مون لاءِ مشڪل ٿيندو.

ائين چئي هو تيزيءَ سان ٻاهر نڪري وڃي ٿو ۽ روزي کيس ڏسندي رهجي وڃي ٿي. روزي جي اکين ۾ ڌنڌ ڇانئجي وڃي ٿو، ۽ فيڊ آئوٽ سان ماضيءَ جون يادگيريون ختم ٿين ٿيون ۽ ساڳيو پهرين ڏيک اُڀري ٿو. بهرام ٿڌو ساه ڀري

 

 

بهرام: ويل وقت جون يادگيريون به نهايت عجيب ٿينديون آهن روزي، نه چاهڻ جي باوجود ائين اوچتو تري اينديون آهن جو انساني احساس جا سمورا سور سامهون ٿي بيهندا آهن... عجيب ڪيفيت آهي!

روزي: ماضي هر ڪنهن کي مٺو ٿيندو آهي بهرام.

کلندي

بهرام: سواءِ تنهنجي...

روزي هن کي ويچارين نظرن سان ڏسي ٿي، ۽ اُن شديد ڪرب جو تاثر بهرام محسوس ڪري وٺي ٿو ۽ ٿڌو ساهه ڀري

 

 

خير، گذريل وقت کي ياد ڪرڻ اجايو آهي، تون ٻڌاءِ تنهنجو سوشل ورڪ ڪيئن پيو هلي؟

بهرام ٿڌو ساهه ڀري هن کي ائين ڏسڻ لڳي ٿو، جيئن سندس چهري مان پنهنجي وڃايل محبت کي ڳوليندو هجي. روزي بهرام جي اکين جي آڏو ڪنڌ ڪجهائي ڇڏي ٿي، ائين لڳي ٿو روزي جو اندر منجهڻ لڳو آهي، هو نهايت سختيءَ سان پنهنجي اُڌمن کي روڪيندي شڪسته آواز ۾

 

 

روزي: سوشل ورڪ.... شايد آئون اڳي کان به گهڻو مشغول ٿي وئي آهيان.

بهرام: ماشاءالله، پر ايترو ڪم ته ڪونه اٿئي جو مون لاءِ ذري فرصت ڪڍي سگهين؟ آئون پوري هڪ سال کان پوءِ تو وٽ آيو آهيان.

روزي: بهرام، آئون تولاءِ سڀڪي ڪري سگهان ٿي.

بهرام جي چهري تي هلڪو ملال آهي آهستي اُٿي پنهنجن جذبن کي روزي کان لڪائي گهٽيل آواز ۾

 

 

بهرام: روزي گذريل سڄي عرصي ۾ آئون هر وقت تنهنجي باري ۾ سوچيندو رهيو آهيان. آئون.... آئون هتان انهيءَ ڏينهن هليو ويو هوس. مختلف شهرن ۾ ڦرندي ڦرندي آئون پهاڙ تي هليو ويو هوس.

روزي: تو ۾ حالتن سان مقابلي ڪرڻ جي قوت نه آهي بهرام.

تيز لهجي ۾

بهرام: آئون پاڻ تي ڪوڙ جو نقاب به ته نٿو چاڙهي سگهان روزي.... مان دل جي ڳالهه چهري تي ڏسڻ جو خواهشمند آهيان. آئون تو وانگر حقيقتن کان رخ ڦيرڻ وارو نه آهيان.

بنا ڪنهن اثر وٺڻ جي

 

 

روزي: تو پنهنجي باري ۾ پئي ٻڌايو ته تون پهاڙ تي هليو ويو هئين.

 

بهرام: ها... روزي انهيءَ سفر دوران منهنجي ملاقات خورشيد سان ٿي.

روزي پريشان ٿي

 

 

روزي: خورشيد!... ڪير آهي؟

بهرام: پريسان ڇو ٿي وئي آهين؟

روزي: پريشان... نه.... آئون ڇو پريشان ٿينديس!

ڏک گاڏڙ مرڪ سان

 

 

بهرام: خورشيد سان منهنجي مائٽي ٿيڻ واري آهي.

روزي جو رد عمل، ڄڻ سندس سڄو وجود ڀڄي ڀور ڀور ٿي پيو هجي، ڪجهه ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪري ٿي پر آواز نٿو نڪريس. بهرام سندس ڪيفيت کي محسوس ڪندي نظر انداز ڪري ٿو ۽ هوريان

 

 

بهرام: مان خورشيد سان شادي ڪرڻ وارو هوس، پر اوچتو سندس ماءُ بيمار ٿي پئي، جنهنڪري شادي نه ٿي سگهي.

اندروني ڪيفيتن کي لڪائيندي

روزي: سواءِ افسوس جي ٻيو آئون ڇا ٿي چئي سگهان بهرام

مرڪي معنيٰ خيز انداز ۾

بهرام: منهنجو خيال آهي ته خورشيد جي ماءُ تمام جلدي ٺيڪ ٿي ويندي.

 

روزي انهيءَ ڏس ۾ تون منهنجي مدد نه ڪندينءَ؟

روزي جو آواز ڏک وچان ڏڪڻ لڳي ٿو، پر هو ڪوشش ڪري ان کي لڪائي ٿي.

 

 

روزي: آئون تنهنجي مدد ڪيئن ٿي ڪري سگهان بهرام؟

بهرام: توکي سڌ آهي ته هن دنيا ۾ منهنجو ٻيو ڪوبه نه آهي، هن شهر ۾ سواءِ تنهنجي ٻي اهڙي هستي نه آهي جنهن تي منهنجي حجت هلي.

روزي: تون چوڻ ڇا ٿو چاهين-؟

بهرام: آئون خورشيد کي انهيءَ گهر ۾ آڻڻ چاهيان ٿو جيڪو تنهنجي هٿن سان سينگاريل هجي. ڇا تون منهنجي ايتري مدد به نه ڪندينءَ؟

روزي ڇرڪ ڀري پريشانيءَ وچان اُٿي بيهي ٿي

 

 

روزي: آئون... اِهو... اِهو بلڪل ناممڪن آهي.

بهرام: ڇو ناممڪن آهي؟

روزي: الائجي ڇو. مون وٽ انهيءَ ڳالهه جو شايد ڪو جواب به نه هجي.

بهرام: روزي مونکي تنهنجي انڪار تي ڏک ٿيندو.

روزي: ڏک!

ٿڌو ساهه ڀري

 

 

خير، ٻڌاءِ مونکان ڇا ٿو گهرين؟

بهرام: آئون سڀ ڪم تنهنجي حوالي ڪرڻ گهران ٿو. مون جيڪو گهر خورشيد لاءِ ورتو آهي، ان ۾ هن وقت ڪا زندگي نه آهي... آئون چاهيان ٿو ته تون پاڻ پنهنجن هٿن سان اُن ۾ زندگي پيدا ڪرين.

روزي جي چهري تي تيزي ۽ تلخي جا تاثرات اڀرن ٿا انهيءَ تي ماضي جي يادگيري روزي جي ذهن تي تري اچي ٿي.

ساڳيو ڊرائينگ روم روزي ويٺي آهي. سندس چهري تي اطمينان آهي، بهرام نهايت پاٻوهه سان

 

 

بهرام: مون حياتيءَ ۾ فقط توکي چاهيو آهي. روزي، منهنجي ذهن ۽ خوابن ۾ تون ئي تون آهين. آئون تو کانواءِ ڪنهن ٻي هستيءَ بابت سوچي به نٿو سگهان. تون... تون منهنجي پهرين ۽ آخري محبت آهين.

ڪٽ ساڳيو ڏيک

 

 

بهرام: ڇا پئي سوچين روزي.

ڇرڪ ڀري هن کي ڏسي

 

 

 

 

 

خوش ٿي اٿي وڃڻ جي ڪندي

 

روزي: مون کي تنهنجي خواهشن جو احترام آهي. مون کان جيڪي به پڄندو ڪنديس. پنهنجين مصروفيتن مان وقت ڪڍي تنهنجي ڪنوار لاءِ گهر ضرور سينگارينديس..

بهرام: تون واقعي فراخدل خاتون آهين. آئون سڀاڻي شام جو ايندس ۽ توکي وٺي هلي گهر ڏيکارينديس... ٺيڪ آهي؟

روزي: ٺيڪ آهي.

بهرام: خدا حافظ

روزي: خدا حافظ

ويندي... آهستي فيڊآئوٽ... ساڳي ڪمري ۾ روزي نهايت پريشان ۽ وياڪل انداز ۾ پسار پئي ڪري. راڻي اچيس ٿي سندس حال ڏسي آهستي

 

 

راڻي: بيبي، خير ته آهي؟

ڇرڪ ڀري هن کي ڏسي ٿي

 

 

روزي: هون...؟

راڻي: مون پڇيو پئي ته توهان جي طبيعت ته ٺيڪ آهي نه؟

روزي: ٺيڪ ئي آهي.

راڻي: تڏهن به.... آئون تنهنجي پريشانيءَ کي سمجهان پئي. شايد بهرام.

روزي: ها بهرام آيو هو.

آيا: اهو ته مون به ڏٺو هو... پر هو توکي پريشان ڇو ڪري ويو آهي؟

روزي: مون کي پريشان ڪري ويو آهي! ها شايد ايئن ئي آهي راڻي.

هو جلدي شادي ڪرڻ وارو آهي.

راڻي: شادي... ڪنهن سان؟

روزي: ڪا آهي، خورشيد نالو اٿس.

راڻي: ها... مرد لاءِ عورت جو سهارو ضروري آهي- ۽... آخر هو ڪيستائين پنهنجن اُڌمن ۽ اُمنگن کي روڪي سگهيو ٿي

روزي: ها راڻي... پر آئون انهيءَ ڳالهه کي اڏوشدت سان ڇو ٿي محسوس ڪيان.

راڻي: شايد تنهنجي دل ۾ هن لاءِ اڃا به محبت آهي.

ٿڌو ساهه ڀري ڏکاري ٿي

 

 

روزي: محبت... ها، شايد ائين ئي هجي. هن جي لاءِ اڃا به منهنجي دل جي ڪنهن ڪنڊ ۾ محبت سمايل آهي، ۽ الائجي ڇو آئون پنهنجي اندر ۾ حسد پئي محسوس ڪريان:

راڻي: بيبي، تو جيڪو ڪجهه ڪيو سو سٺو نه ڪيو هو. بهرام هڪ سٺو ۽ روشن خيال خيال نوجوان آهي، تو هروڀرو هنکي نظرانداز ڪيو.

روزي: ٿي سگهي ٿو ائين ئي هجي. بهرحال، آئون سوچان ٿي ته... ته.... آئون هن جي ڪنوار لاءِ ڪيئن گهر سينگاريندس هن جي پسند الائجي ڪهڙي هجي...

راڻي، خورشيد ڪهڙي هوندي؟

آيا: بيبي مون کي ڪهڙي سُڌ، مون ڏٺي ته ڪانهي.

روزي: ڇا هوءَ مون جهڙي هوندي؟

راڻي: آئون ڪيئن ٿي چئي سگهان؟

روزي: بهرام بذاتِ خود نهايت سٺي پسند وارو انسان آهي ۽ هن پنهنجي لاءِ جيڪا خاتون زندگيءَ جو ساٿي چونڊي هوندي، اُها يقيناً اهڙي ئي نفيس ۽ وڻندڙ هوندي جهڙو هو خود پاڻ آهي.

راڻي: بيشڪ، پر تنهن سان تنهنجو ڇا؟

روزي: ائين ئي- راڻي، سوچان ٿي ته مرد جي ذات ڪيڏي نه بيوفا آهي. اڄ کان سال اڳ هن منهنجي محبت جا گيت پئي ڳايا، ۽ اڄ هو ڪنهن ٻي خاتون کي پنهنجي زندگيءَ جو ساٿي چونڊيو آهي.

راڻي: انهيءَ ۾ هن جو ڪهڙو ڏوهه بيبي تو ته هن جي ڪاڻ ئي ڪانه ڪڍي.

روزي: ڪاڻ ته مونکي هينئر به ڪونهي پر ايترو ضرور چونديس ته منهنجو فيصلو صحيح هو. مون چڱو ٿيو جو بهرام کي پنهنجي زندگيءَ جو ساٿي نه بنايو.

راڻي: بيبي، زندگي ٻاراڻي راند نه آهي. اُن جو قدر ڪر، حالتن کي محسوس ڪري وقت جي رفتار سان هلو... زندگي ائين نه گذرندءِ جيئن تون گذارڻ چاهين ٿي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org