سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: آخري رات

صفحو :16

نعيم:     پر هو ڪو سدائين لاءِ ته ڪونه ٿا اچن- فقط بابا جي اکين جي علاج تائين ترسندا ۽ پوءِ واپس هليا ويندا. زاهده، تون سمجهين ڇو نٿي ته هوُ منهنجو پيءُ آهي جنهن جي ڪري آئون اڄ هيءُ سڀڪجهه حاصل ڪري سگهيو آهيان، آخر هن جو مون تي به حق آهي.

زاهده:     مون اهو ڪڏهن چيو ته هنن جو توتي حق نه آهي- اهو حق تون هنن کي سندن ئي گهر ۾ رهائي پورو ڪري سگهين ٿو.

نعيم:     زاهده، ڪٺور نه ٿي. بابا جي طبيعت اڪثر خراب رهي ٿي. توکي خبر آهي ته کيس دل جي تڪيلف به آهي. ٻه چار ڏينهن جيڪڏهن هو هتي اچي رهندو ته سندس روح پرڀي پوندو.

زاهده:     ٺيڪ آهي، جيئن توکي وڻي تيئن ڪر، منهنجو انهي ڳالهه سان ڪو واسطو نه آهي.

نعيم:     هو ٻئي نهايت حساس آهن- هو تنهنجي ناراضگي محسوس ڪري وڌيڪ ملول ٿي ويندا.

زاهده:     جيڪڏهن تون چئين ته اهو وقت آئون مائٽن هلي وڃان؟

نعيم:     نه نه. آئون سڀ ٺيڪ ڪري ڇڏيندس تون فڪر نه ڪر... آئون...

اسد:       (پريان سڏ ڪندي) نعيم... نعيم صاحب.

زاهد:      (پريشان ٿي) هي ڪير پيو سڏ ڪري.... آواز ته ڪو ڄاتل سڃاتل آهي.

نعيم:     ڏسان ٿو.... شايد.... (وقفو) تون... تون ڪير آهين؟

اسد:       (کلي) مون کي سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪر.

نعيم:     (خيرانيءَ سان) اسد .......... تون ........ اسد تون هن حال ۾.

اسد:       (کلي) نه مون کي ڀاڪر پائڻ سان تنهنجي اڇي قميص ميري ٿي ويندي.

نعيم:     پر... تو هي پنهنجو ڪهڙو حال ڪيو آهي؟

اسد:       منهنجي حال کي ڇڏي ڏي، اُهو هر حال ۾ مونکي پيارو آهي. تون پنهنجي حال جي ڳالهه ڪر.

نعيم:     اچ... اندر.... اچ نه.(وقفو)

           ]قدمن جو آواز[

اسد:       (ويهندي) نهايت سهڻو گهر جوڙيو اٿئي. هتي هن گهر جهڙي اونده ناهي، جنهن ۾ تون پلي جوان ٿيو آهين.

نعيم:     هن گهر ۾ روشنيءَ جو سٺو بندوبست آهي.

اسد:       اُس ۽ چانڊوڪي ٻئي هن جاءِ جي پڌر تي چڱو رنگ ڪنديون هونديون.

زاهده:     (ايندي قدمن جو آواز. ناگوري سان) نعيم آئون ڪجهه بازار مان خريداري ڪري اچان ٿي.

نعيم:     زاهده،تون هنکي نه ٿي سڃاڻين، هي اسد آهي. پنهنجو اسد!

زاهده:     (پريشان ٿي) اسد!

اسد:       ها زاهده بيگم... آئون اسد آهيان. منهنجي شڪل اهڙي ٿي ويئي آهي جو... جو اُها ماءُ جنهن مونکي جنم ڏنو هو، تنهن به مون کي ڪونه سڃاتو، توهان ته خير...

زاهده:     (ملول) اسد.... تو.... هيءَ پنهنجو ڪهڙو حال ڪيو آهي. هيترا سال ڪٿي هئين؟

اسد:       هڪ ئي ساهه ۾ ايڏا وڏا ٻه سوال ڪري وئي آهين جو مون ۾ اُنهن جي جواب ڏيڻ جي به همت نه آهي. بس.. موليٰ جو ملڪ تمام وڏو آهي. اسان جهڙن رول ماڻهن لاءِ ڪيئي جايون آهن. هيءَ کليل آسمان، نٽهڻ اُس گرمي، جنهن به پنهنجي هنج ۾ جاءِ ڏني اُتي...

نعيم:     توکي خبر آهي اسد.... ته اسان جي شادي ٿي وئي آهي؟

اسد:       ها، مون کي اها خبر امان ٻڌائي هئي. چيم ته چار ڏهاڙا هتي آهيان ته توکي تنهنجي ڪاميابي تي مبارڪون ڏيئي وڃان سو تنهنجي گهر جو پتو معلوم ڪري اچي نڪتس.

نعيم:     هاڻي تون ڪيڏانهن ويندين. بابا جن اڪيلا آهن. گهر ۾ مرد جي گهڻي ضرورت آهي. تون.... به اتي رهي پئو.

اسد:       (کلي) توکي خبر آهي ته انهي جاءِ ۾ مون لاءِ ڪجهه به ڪونهي. انهيءَ گهر سان مون زمانا ٿيا جو پنهنجا سمورا لاڳاپا ٽوڙي ڇڏيا. آئون انهن لاڳاپن کي جياري بابا کي تڪليف ڏيڻ نٿو گهران.

نعيم:     نيٺ ڪيستائين ائين رلندو ۽ ڀٽڪندو رهندين. منهنجي صلاح مڃ ته شادي ڪري، بابي جوگهر وڃي وسائي.

اسد:       (ملول ٿي) شادي! اِهي خواب جون ڳالهيون آهن. آئون موٽرن ٺاهڻ واور مستري. مون کي ڪير پنهنجو ڪندو. گهڻو اڳ مون اهڙو خواب ضرور ڏٺو هو، پر جڏهن خواب ٽٽو ۽ مون تي حقيقت ظاهر ٿي. تڏهن مون پنهنجي پر ۾ اهو ئي فيصلو ڪري ڇڏيو ته جنهن شيءَ تي منهنجو وس ئي هلڻ ممڪن نه آهي، ان کي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ بيڪار آهي. رڃ پٺيان رلڻ مان آخر ڇا حاصل ٿيندو.

نعيم:     تون ننڍي هوندي کان گهڻو بدلجي ويو آهين.

اسد:       (ملول ۽ اداس کل) شايد توکي گڏي واري ڳالهه ياد آئي آهي (ٿڌو ساهه) اهو وقت الائجي ڪهڙو هو. اها گڏي مون ٻئي ڪنهن جي لاءِ حاصل ڪرڻ ٿي گهري. بنا ڪنهن سبب جي، پر تنهنجي ضد آڏو مون کي شڪست ملي ۽ اها گڏي به مون کان کسجي وئي ۽ آئون روئيندو رهجي ويس.

زاهده:     (آهستي) ۽ هڪ ڏينهن وجهه وٺي تو نعيم جي انهيءَ گڏي کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيو هو ۽ پوءِ نعيم روئندو رهيو، تون ٽهڪ ڏيندو گهران ڀڄي وئين. آخر توهان ٻن ڀائرن جي وچ ۾ انهيءَ بي زبان گڏيءَ جو ڪهڙو ڏوهه هو.

اسد:       توکي سڀ ياد آهي زاهده بيگم.

زاهده:     ڪي ڳالهيون اهڙيون هونديون آهن، جيڪي زندگيءَ ۾ هر قدم تي ياد اينديون آهن. ننڍپڻ جون يادگيريون وڻندڙ به آهن ته ڏکوئيندڙ به.

اسد:       ننڍپڻ جون يادگيريون (ٿڌو ساهه ڀري) خير... گذريل وقت ورڻ محال آهي. جيڪو گذري ويو، سو گذري ويو. پر توهان ٻئي ته گهٽ ۾ گهٽ پنهنجن منزلن ماڻڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.... آئون ڏسان پيو ته اوهان سکئي حياتي پيا گذاريو... پر اوهان جي انهن سکن ۾ ڪي ٻيا به ڀائيوار آهن. انهن جو به اوهان تي پورو پورو حق آهي.

نعيم:     مون تنهنجي ڳالهه نه سمجهي؟

اسد:       بابا ۽ امان کي اوهان جي مدد جي ضرورت آهي. اوهان هن وقت انهن جو ساٿ ڇڏي هنن سان ظلم ٿا ڪريو.

نعيم:     اهو تو ڪيئن سمجهيو آهي. اسد؟ ائين ته ڪونهي اڄ بابا ۽ امان هتي اچڻ وارا آهن، مون ڊاڪٽر سان ڳالهائي ڇڏيو آهي.... بابا جي اکين جو علاج ٿيندو ۽ انشاءالله هو وري به ڏسڻ لڳندو. ڪيئن زاهده؟

زاهده:     (ناگواري سان) جي.... جي.... ها!

اسد:       (کلي) شايد زاهده بيگم کي اها ڳالهه نٿي وڻي!

زاهده:     منهنجي وڻڻ ۽ نه وڻڻ سان ڪهڙو فرق ٿو پوي. گهر جو مالڪ هيءُ آهي، منهنجو ڇا؟

اسد:       آئون فقط ايترو چوندس ته انهيءَ عمر ۾ ماڻهو وڌيڪ حساس بنجي ويندو آهي، بابا جون توهان ۾ وڏيون اميدون آهن جيڪڏهن هن جي احساس ۽ سوچ کي ٿورو ئي ڌڪ لڳو ته پوءِ هو شايد اها جهڙپ سهي نه سگهي ۽ جڏهن به ڪنهن جي خواهشن ۽ امنگن جا محل اوچتا ڊهي پوندا آهن تڏهن هو ڪوشش ڪندو آهي ته سڀني کان منهن موڙي وڃي.

زاهده:     جيئن تو ڪيو.

اسد:       مون (کلي) منهنجو معاملو الڳ آهي. مون کان سڀڪجهه ڇڏايو ويو آهي. مون ڪنهن کي ڇڏيو نه آهي. گهر، ماءُ، محبت، خوشي، سڀڪجهه.... پر آئون جنهن به حال ۾ آهيان خوش آهيان. آئون وقت سان وڙهي وڙهي اهڙو پڪو ٿي ويو آهيان جو هاڻي موت به منهنجي ويجهو اچڻ کان ڊڄي ٿو، خير... اهي ڳالهيون ڇڏيو. مون نعيم تنهنجي شادي جي خوشيءَ ۾ ڪجهه به ڪونه ڪيو هو. مون هي ڪي ڳهه ٺهرايا هئا، الاجي ڪهڙي جذبي هيٺ! هاڻي.... هاڻي مونکي انهن جي ضرورت نه آهي. ڇاڪاڻ ته آئون سمجهان ٿو ته اهي شيون مون جهڙي ماڻهو لاءِ بنهه بيڪار آهن. هي منهنجي طرفان پنهنجي شادي جي سوکڙي وٺ... اچي.

نعيم:     اِنهيءَ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟

اسد:       مون کي به انهن جي هاڻي ڪا ضرورت نه آهي. اچي وٺ چڱو هاڻي آئون هلان ٿو... خدا حافظ... (قدمن جو آواز)

نعيم:     ترس. ترس ته... هليو ويو. عجيب ماڻهو آهي.

زاهده:     عجيب به، غريب به، وقت ۽ زماني اسد کي ڪيڏو نه لتاڙيو ۽ ڌونڌاڙيو آهي!

نعيم:     توکي هن سان ڏاڍي همدردي آهي!

زاهده:     (پنهنجي خيال ۾) همدردي! شايد... هجي. پر هو... هو همدردي جي بدران محبت جو بکيو آهي. فقط محبت جو.

           ]موسيقي[

زينت:     تون هتي اچي خوشي پيو محسوس ڪرين.

جاويد:     ها زينت، آئون پاڻکي مڙئي ڪجهه بهتر پيو سمجهان.

زينت:     پر... پر.... مون کي ته هتي گهٽ ٿي محسوس ٿئي.

جاويد:     ڪمال آهي.... هيڏي صاف ۽ هوادار گهر ۾ به توکي گهٽ محسوس ٿي ٿئي.

زينت:     تون سمجهين ڇو نٿو. مون توسان گڏ زندگي گذاريندي اهو سبق پرايو آهي ته انسان کي سدائين پنهنجي حال تي ڀاڙڻ گهرجي.

جاويد:     هيءُ به ته پنهنجو گهر آهي.نعيم جو گهر آهي...

زينت:     اِهو ته ته تون ۽ آئون ٿا چئون نه. پر جيڪي ڪجهه ڏسجي ٿو اهو اصل کان گهڻو ابتڙ آهي. مون کي هتي سک ڪونه ٿو اچي هتان هل ته هلون.

جاويد:     پر انهيءَ جو ڪو سببب به هوندو... چئن ڏينهن ۾ آخر تو ڇا ڏٺو آهي، جنهن توکي ائين سوچڻ تي مجبور ڪيو آهي.

زينت:     نعيم جا پيءُ! اسان ڪنهن تي بار ٿيڻ نٿا چاهيون، نعيم ۽ زاهده جون ضرورتون جدا آهن، هو خوشي جي حياتي گذارڻ گهرن ٿا ۽ اسان به ائين چاهيون ته هو ٻئي خوش رهن.

جاويد:     ڇا هو اسان مان خوش نه آهن؟

زينت:     آئون ڪيئن چوان... پرآئون ڏسان پئي ته هو پنهنجن گهرجن کي ڪٽي اسان جي پورائي ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. زاهده نهايت سٺي ڇوڪري آهي. پر...هو پنهنجي گهرجن جي کوٽ کي سهي نٿي سگهي. هوءَ سڄو ڏينهن خاموش ۽ پنهنجن خيالن ۾ گم رهي ٿي. هو نعيم جي اها آڌر نٿي ڪري، جيڪا هن کي ڪرڻ گهرجي ۽ نعيم اهو سڀڪجهه محسوس ڪرڻ جي باوجود پنهنجي طبيعت مطابق ماٺ ڪيو پيو سور سهي.

جاويد:     اهو تون ڪيئن ٿي چئين؟

زينت:     آئون عورت آهيان، ٻي عورت جي جذبن کي سڃاڻڻ ۾ دير ڪانه لڳندي آهي.

جاويد:     (کلي) اهي تنهنجا اجايا وهم ۽ وسوسا آهن. اڪيلي حياتي گذاري تو گڏيل زندگيءَ جي خوشين کي وساري ڇڏيو آهي. منهنجي دل اهي ڳالهيون مڃڻ لاءِ تيار ئي ڪونهي.

زينت:     جيڪڏهن تنهنجي دل ڪا حقيقت محسوس نٿي ڪري ته آئون ڇا ڪري سگهنديس! منهنجي خوشي ته فقط تنهنجي خوشين سان آهي. ائين نه ٿئي جو اوچتو ڪنهن چوٽ کان تون بنهه پريشان ٿي وڃين... ۽ ....

جاويد:     ڇڏ انهيءَ ڳالهه کي. مون کي دوا پيار.

           ]موسيقي[

زاهده:     (تيز لهجي ۾) هيءُ گهر آهي يا اسپتال. هر طرف دوائن جي بوءِ، مونکي ته هن گهر ۾ رهندي هاڻي مونجهه ٿي ٿئي.

نعيم:     آهستي ڳالهاءِ زاهده ڀرواري ڪمري ۾ ئي ته بابا جن آهن.

زاهده:     مون کي خبر آهي. اُف، آئون ڪهڙي عذاب ۾ اچي مبتلا ٿي آهيان.

نعيم:     (آهستي) ڇا توکي پنهنجي ماءُ پيءُ جي لاءِ ڪا اُڪير ڪانهي.

زاهده:     هو پنهنجي گهر خوش ويٺا آهن، ڪڏهن تو وٽ اچي نه رهيا آهن.

نعيم:     پري رهڻ ۽ ويجهو اچڻ سان نه محبت وڌي آهي ۽ نه ئي گهٽي آهي زاهده. اهو جذبو...

زاهده:     آئون تقرير ٻڌڻ جي موڊ ۾ نه آهيان. آئون.... آئون فيصلو ڪيو ويٺي آهيان.

نعيم:     ڪهڙو فيصلو؟

زاهده:     ڊاڪٽر چيو آهي ته آپريشن ۾ گهٽ ۾ گهٽ چئن مهينن جي دير آهي. ايڏو سارو وقت آئون هن دوائن جي بوءِ سان ڀريل گهر ۾ نٿي رهي سگهان. آئون مائٽن وينديس.

نعيم:     مائٽن ويندينءَ... ۽ .......

زاهده:     تون پنهنجي ماءُ پيءُ جي خدمت ڪري دعائون کٽندورهه.

نعيم:     ايڏي ڪٺور دل نه ٿي زاهده.

زاهده:     آئون نه پاڻ کي وڌيڪ پريشان ڪرڻ گهران ٿي ۽ نه ئي وري توهان کي، آئون هتي هونديس ته ڪانه ڪا ڳالهه چئي وينديس انهي کان بهتر آهي هجان ئي نه.

نعيم:     تون نه ويندينءَ زاهده، اهو منهنجو فيصلو آهي. باقي آئون ڪنهن اٽڪل سان بابا جن کي گهر موڪلي ڏيان ٿو. بس پوءِ ته خوش ٿيندينءَ.

زاهده:     مون کي سڪون جي ضرورت آهي.

نعيم:     ۽ آئون تنهنجي خوشي ۽ سڪون لاءِ سڀڪجهه ڪرڻ لاءِ تيار آهيان.

           ]موسيقي[

جاويد:     (آهستي، پر ڏکاري آواز ۾) ٻڌءِ.... زينت.... اهو زاهده جو آواز هو، زاهده جا تير هئا.

زينت:     پريشان نه ٿي. اجايو طبيعت خراب ڪندين.

جاويد:     زاهده کي جيڪي چوڻو آهي، ڀلي چئي مون کي پرواهه ناهي. پر نعيم جو ٻڌئي.....

زينت:     نعيم مجبور آهي هن کي پنهنجي مرضي تي اختيار ڪونهي.

جاويد:     ڊڄڻو.... گيدي.

زينت:     اجائي ڪاوڙ نه ڪر. اسان کي هر حال ۾ پنهنجي اولاد جون خوشيون پياريون آهن.

جاويد:     (نراسائي) ڇا عمر جي هن حصي ۾ به اسان جو پنهنجي اولاد جي خوشين ۾ ڪو حصو نه آهي.

زينت:     مائٽن جي اهائي خوشي هوندي آهي ته سندن اولاد خوش رهي.

جاويد:     مون کي.... مون کي.... اڄ پنهنجي شڪست جو احساس ٿو ٿئي زينت....مون جن خوابن ۾ پنهنجي حياتي پئي گذاري آهي ڀڄي ڀور ٿي ويا آهن. مون پنهنجن اجاين ۽ ڪوڙن اصولن جي روشنيءَ ۾ جنهن خوبصورت چهري کي ڏٺو هو، سو اڄ پنهنجي سونهن وڃائي مون لاءِ ڀيانڪ بنجي ويو آهي..... ۽.... ۽..... هن مرحلي تي مون کي حقيقت جو احساس پيو ٿئي جڏهن ته آئون سڀڪجهه وڃائي ويٺو آهيان.

زينت:     حقيقت جو احساس؟

جاويد:     ها زينت! اهو نٺر ۽ خود خيال ڇوڪرو جيڪو سدائين منهنجي اصولن جي ابتڙ هليو، اهو...

زينت:     انهي جي ڪهڙي ٿو ڳالهه ڪرين. جنهن جي اسان کي ڪا خبر نه آهي ته ڪيئن آهي، ڪٿي آهي. نه گهر نه تڙ، سدائين پنهنجي پورائي لاءِ پاڻ پتوڙيندو وتي...

جاويد:     اسد؟ ڪيڏو ويچارو آهي. هن ڪيڏا نه سور سٺا آهن.

زينت:     ڇڏ اسد جي ڳالهه. اجايو پنهنجي طبيعت خراب ڪندينءِ.

جاويد:     مونکي خبر نه آهي، ڇو هن جي يادگيري پئي اچي، الائجي ڇو؟

زينت:     هو اسان جي زندگي جو عجيب حصو آهي.

جاويد:     ها.... هو اسان جي زندگيءَ جو ڏتڙيل۽ ڦٽل حصو آهي. (يڪدم) زينت، مون کي هتان وٺي هل. هتي مون کي هاڻي مونجهه ٿي محسوس ٿئي. هتي جتي چپن تي ڪوڙي مرڪ هجي دل ۽ محبت کان خالي هجي اتي هاڻي منهنجو رهڻ ممڪن نه آهي. مون کي پنهنجي گهر وٺي هل جتي منهنجون خوشيون لڪل آهن. هاڻي مون کي اهي اکيون نه گهرجن، جن سان آئون چهرن تان ڪوڙي محبت وارا لٿل نقاب ڏسي سگهان. مونکي پنهنجي گهر وٺي هل، جتي مهنجي سڪون جو لاشو دفن ٿيل آهي. هل زينت جلدي هل...

           ]موسيقي[

زينت:     اسد تون وري....؟

اسد:       ها امان... دل کي گهڻو ئي سمجهايم ته هتي اچڻ مان ڪجهه ڪونه ورندءِ. پر... اڄ جڏهن آئون نعيم جي گهران موٽيو آهيان، تڏهن ائين پيو سمجهان ته آئون رُلي رُلي ٿڪجي پيو آهيان.

زينت:     اڃان ته حياتيءَ جو تمام ڊگهو پنڌ ڪرڻو اٿئي پٽ. هينئر ئي ٿڪجي پئين ته اڳتي ڪيئن هلي سگهندي... ۽ .... ۽.... تون ته دنيا جو ٿڌو ڪوسو واءُ سهي ڪافي سخت جان بنجي ويو آهين.

اسد:       امان... آئون سڪون جو ڳولائو آهيان. منهنجي حياتي ۾ جيڪي طوفان ۽ زلزلا آيا آهن، تن مونکي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيو آهي.

زنيت:     ۽.... ۽.... آئون اوهان سڀني جي هوڏ ۾ پنهنجي ڀڳل ٽٽل روح سميت جيئڻ جي ڪوشش پئي ڪريان.

اسد:       تون ماءُ آهين،تنهنجي روح مان سدائين محبت جو سهائو نڪتو آهي.

زينت:     ماءُ... (طنزيه کل) محبت.

اسد:       مون کي سڪون جي تلاش آهي امان... آئون چاهيان ٿو ته آئون هن گهر جي چوديواري ۾ اکيون بند ڪري سدائين لاءِ سمهي رهان.

زينت:     ائين نه چئو. جتي تون آرام ۽ سڪون جي ڳولا ڪري رهيو آهين اتي هاڻي توکي اها شيءَ نه ملندي.

اسد:       مون کي هاڻي فقط تنهنجي محبت جي گهرج آهي امان.

زينت:     منهنجي محبت.

اسد:       مون کي خبر آهي ته بابا پنهنجي پياري نعيم جي گهران ناراض ٿي آيو آهي.

زينت:     هو تنهنجو وڏو ڀاءُ آهي. توکي هن جي باري ۾ سوچي سمجهي ڳالهائڻ گهرجي.

اسد:       مون سدائين سڀني لاءِ سوچي سمجهي ڳالهايو آهي. مون هر ڪنهن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. پر ڪنهن مون کي سمجهڻ جي ڪوشش نه ڪئي آهي.

زينت:     اسد!

جاويد:     (پريان) زينت ....... زينت

زينت:     اوهه... ترس آئون اچان ٿي. (قدمن جو آواز)

اسد:       آئون نه هلان امان؟ آئون هڪ دفعو بابا کي ڏسڻ گهران ٿو.

زينت:     (ويندي پري کان) نه.... نه... هن جي اڳي ئي طبيعت خراب آهي.

جاويد:     (فيڊ ان) تون ڪيڏانهن هلي وئينءَ زينت.

زينت:     آئون توڏي آيس پئي طبيعت ڪيئن آهي هاڻي.

جاويد:     هاڻي آئون ڪجهه ڪجهه سڪون محسوس پيو ڪريان، پر دل تي بار اٿم.

زينت:     سڀ ڳالهيون وساري ڇڏ...... جيڪو ٿيو سو چڱو ٿيو.

جاويد:     زينت! مون کي هن احساس ڏاڍو تنگ ڪيو آهي. منهنجي شخصيت ڀڄي ڀورا ٿي وئي آهي، اها ڪوڙي شخصيت جنهن کي مون هڪ زماني کان پنهنجو سمجهي سانڍيو هو. ’آئون ٻين جي ابتڙ آهيان.آئون پنهنجي سوچ رکان ٿو، منهنجا پنهنجا اصول آهن.‘ سڀ اجايا ۽ غلط احساس. نعيم(طنزيه کل) منهنجن اصولن جي تصوير! پر اهو سڀ غلط هو هن منهنجن اصولن کي پرزا پرزا ڪري ڇڏيو آهي. هن ۾ ايتري همت نه هئي جو کڻي ورجائي پڇي ها ته آخر اسان هتان ڇو هليا آياسين.

زينت:     هو حالتن آڏو مجبور هو، اسان گذريل وقت آهيون. هو حال آهي. ماضي ۽ حال ۾ تمام گهڻو ويڇو آهي. نعيم جا پيءُ جيڪڏهن اسان جي موجودگي هنن لاءِ تڪليف جو سبب هئي ته پوءِ اسان اها جاءِ ئي ڇڏي آيا آهيون. هنن جون خوشيون اسان جي خوشين کان مٿي آهن. جيڪڏهن هو خوش آهن ته اسان اڳ ئي خوش آهيون.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org