سيڪشن؛  ناول

ڪتاب: آخري رات

صفحو :1

آخري رات
ممتاز مرزا

انسان ابتدا کان وٺي سُهائي لاءِ جتن ڪيا آهن ۽ جڏهن اوچتو هر طرف اونداهيءَ جو احساس اُڀرندو آهي، تڏهن روشني جو قدر ۽ خيال اڃان به وڌي ويندو آهي. انسان جي سڄي جاکوڙ انهيءَ روشني لاءِ آهي، انهيءَ جهد ۽ جتن ۾، گهڙي کن لاءِ ڪو ڪرڻو پلئه پوي ته انسان پنهنجين سمورين سعوبنن کي صاب پوندو محسوس ڪندو آهي. هن دور جو هر لکندڙ پنهنجي پر ۾ اهڙي روشني جو سوداگر آهي ۽ سندس پنهنجي سماج ۽ معاشري سان سچائي، انهيءَ روشني جو اعليٰ عڪس آهي. انهيءَ سچائيءَ لاءِ هن کي جيڪي سختيون سهڻيون پون ٿيون، عذاب ڏسڻا پون ٿا، اُنهن جي اُپٽار جيڪڏهن پنهنجين تحريرن ۾ ڪرڻ شروع ڪري ته معاشري ۾ وک وک تي وهه جا واهڙ وهي وڃن. معاشري جو اهو سچو انسان اهي وهه وٽيون پنهنجي اندر ۾ اوتي، سماج سان سچ جي ياراڻي نڀائيندو رهي ٿو. اهوئي سچ هن جو سرمايو آهي، اهوئي هڪ لکندڙ جي سُرهاڻ جو سفر آهي، ۽ روشني لاءِ پنڌ آهي.

سنڌ ۾، ڪيئي ادبي تحريڪون اُڀريون، جن پنهنجي پنهنجي پر ۾ سنڌي زبان ۽ ادب جي اوسر لاءِ ڪوششون ڪيون، پر انهن ۾ ’سنڌي ادبي سنگ‘ پنهنجي فڪر ۽ سوچ جي لحاظ کان انهن مڙني تحريڪن ۾ منفرد رهي آهي. هن تحريڪ سنڌ جي جديد ادب خواه اديب کي جيڪو شعور بخشيو آهي، اُن جو مثال ملڻ مشڪل آهي. اڄ جي ڪيترن ئي نامور اديبن ۽ شاعرن جو مڪتب سنڌي ادبي سنگت رهي. اُن جو تنقيدي نشتون، اديب لاءِ درس جي حيثيت رکن ٿيون، جن ۾ اديب کي پنهنجي وقت ۽ سماج سان سچائي جو سبق ڏنو وڃي ٿو. سنڌي ادب جي اها عظيم تحريڪ هر دور ۾، ڪنهن نه ڪنهن طور تي زنده رهي آهي ۽ زنده رهندي: محض انهيءَ لاءِ اُن اديب توڙي شاعر کي سچ چوڻ جو شعور ڏنو آهي. اهائي ادبي تحريڪ منهنجي به رهنما رهي آهي، جنهن تي مونکي فخر آهي.

ڊرامن جو هيءُ مجموعو، ريڊيو ۽ ٽيليويزن ڊرامن تي مشتمل آهي. سنڌي ادب ۾، تحرير جا اهي ٻه فن ريڊيو ۽ ٽي.وي، جي قيام کان پوءِ رائج ٿيا. هن ڏس ۾ سنڌي زبان جي ڪيترن ئي سڄاڻ اديبن شاهڪار ڊراما لکيا ۽ هنن صنفن کي محض تفريح جي بدران ادب جي اعليٰ صف ۾ آڻي بيهاريو آهي. مون به پنهنجن گهڻن ڊرامن مان ڪي چونڊ ڊراما هن مجموعي ۾ شامل ڪيا آهن. انهيءَ سلسلي ۾ ايترو واضح ڪرڻ ضروري آهي ته منهنجي خيال ۾، سنڌي ادب ۾، هنن ٻن اهم ادارن جي قيام کان پوءِ، پيشه ورانه تحريرن جو بنياد پيو، ۽ سنڌي لکندڙن کي پنهنجي محنت جو معاوضو ملڻ لڳو.

خالص علمي ادبي ۽ پيشه ورانه تحريرن ۾، اسان جي ڪيترن دوستن هڪ وڇوٽي رکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي: يعني ته ريڊيو يا ٽي.وي جي تحريرن ۾ خالص ادب جي تخليق ممڪن نه آهي ڇاڪاڻ ته اهي ادارا پنهنجي پسند جي تحرير خريد ڪرڻ جا مجاز آهن. اُن ۾ لکندڙ جي پنهنجي پسند يا ناپسند جو ڪو تعلق نه آهي. منهنجي خيال ۾ اهو صحيح نه آهي_ آءٌ ذاتي طرح سان، انهن ٻنهي ادارن سان منسلڪ رهيو آهيان. هنن ادارن جا ڪي بنيادي خاڪا آهن، جيڪي منهنجي خيال ۾ ڪنهن به مقام تي خاص ۽ اعليٰ ادب جي تخليق ۾ رڪاوٽ نٿا بنجن.

پنهنجين تحريرن بابت فقط ايترو چوندس ته مون سنڌ جي تاريخ کي پنهنجن ڊرامن جو مرڪز بنايو آهي. مون انهن ۾ تاريخ جي حوالي سان سنڌ جي عام ماڻهن کي ڪردار طور منتخب ڪيوآهي ۽ اهو واضح ڪرڻ گهريو اٿم ته هڪ عام ماڻهو پنهنجي سماجي، سياسي ۽ معاشي پس منظر کان ڪيئن متاثر ٿئي ٿو ۽ هو ڪهڙن جذبن سان اُنهن حالتن جو مقابلو ڪري ٿو. سنڌ جي تاريخ جي قصيده گوئيءَ مان جيڪڏهن ڪو خيال ۽ ڪو نۡڪتو يا ڪو فڪر مليو آهي ته اُن ۾ سنڌ جي ماڻهن جي همت، محبت ۽ جفاڪشيءَ جا اهڃاڻ ڏٺا اٿم ۽ اهي منهنجن هنن ڊرامن جا خاص خيال آهن.

ريڊيو ۽ ٽي.وي جي لاءِ لکڻ، ٻه نوان فن آهن، جيڪي سنڌي ادب ۾ رائج ٿيا آهن. ضروري هو ته انهن جي مکيه فني سٽاءُ متعلق ذڪر ڪجي. انهيءَ لاءِ منهنجن ٻن پيارن محترم مراد علي مرزا ۽ محترم عبدالڪريم بلوچ_ مون تي مهرباني ڪري، پنهنجي مصروفيت جي باوجود، مقالا لکي ڏنا، جن لاءِ آءٌ سندن نهايت ٿورائتو آهيان. زيب ادبي مرڪز هن ڪتاب جو ناشر آهي. ان مرڪز چپ چاپ جنهن نموني ۾ سنڌي ادب ۽ زبان جي خدمت ڪئي آهي، تنهن کي وسارڻ ممڪن نه آهي اها ان جي سنڌ جي نئين ادب سان دلچسپي آهي، جو هيءُ ڪتاب اوهان جي هٿن ۾ آهي.

ممتاز مرزا

ريڊيو ڊرامه:

تعارف

ريڊيو ڊرامي ويهين صديءَ جي ٽين ڏهائيءَ ۾ جنم ورتو. ريڊيو لاءِ پهريون ڊرامو هڪ انگريز ڊراما نويس Richard Hughes لکيو جنهن جو عنوان هو “Dangcr” (خطرو) اهو ڊرامو بي بي سي لنڊن تان 15- جنوري 1924ع تي نشر ٿيو. اهوئي زمانو هو جڏهن ريڊيو جي ايجاد ٿي هئي ۽ جنهن به ملڪ ۾ ريڊيو اسٽيشن قائم ٿي، اتي ٻين پروگرامن سان گڏ ڊرامي جي به شروعات ٿي.

ريڊيو جي ايجاد کان اڳ ڊرامي جو تصور فقط اسٽيج تائين محدود هوندو هو. ڊرامي جو مطلب ئي هو اهو ناٽڪ جيڪو اسٽيج تي ڏيکارجي. تنهنڪري ريڊيو ڊرامي کي اسٽيج ڊرامي کان هڪ جدا ۽ علحده صنف ظاهر ڪرڻ لاءِ ان کي ريڊيو پلي (Radio Play) به سڏيو ويو. بهرحال ريڊيو ڊرامو هجي يا ريڊيو پلي، ان جي ٽيڪنيڪ يا جوڙجڪ اسٽيج ڊرامي، فلم ۽ پوءِ جي ايجاد ٽي.وي ڊرامي کان بلڪل جدا ۽ نرالي آهي. اسٽيج تي يا فلم ۽ ٽي.وي جي اسڪرين يا پردي تي جيڪي اسين ڊراما ڏسون ٿا انهن جون ڪيتريون ئي اهڙيون خوبيون آهن، جيڪي ريڊيو ڊرامي ۾ آڻي ئي نٿيون سگهجن. اسٽيج، فلم ۽ ٽي.وي ڊرامن جو اثر سنئون سڌو اسانجي ٻڌڻ کان وڌيڪ ڏسڻ جي حواسن تي ٿئي ٿو. اسانجي اکين اڳيان عمل ٿيندو رهي ٿو: ڪردار جي سماجي حيثيت، هنن جو ماحول، هنن جو زمانو يا دور، هنن جو لباس، هنن جون عادتون ۽ خصلتون، هنن جي گفتگوءَ جو ڍنگ، هنن جي جسماني بناوت، هنن جا جسماني عيب يا خوبيون، هنن جا چهرا ۽ انهن جي رونق ۽ بي رونقي، هنن جي اکين جي ذهانت معصوميت يا شرارت، خوشي، غم، مايوسي، اُميد ۽ نااميدي جي موقعن تي ڪردارن جو جسماني ردعمل، رات ۽ ڏينهن جا جدا جدا وقت، مختلف موسمون ۽ مندون؛ مطلب ته عام زندگيءَ جي جيڪڏهن پوري نه تڏهن به گهڻي قدر تصوير اسان کي اسٽيج تي ۽ ٽي.وي ۽ فلم جي پردي تي نظر اچي سگهي ٿي. اهو سڀ ڪجهه ان ڪري ڇاڪاڻ ته اسٽيج ڊرامي، فلم ۽ ٽي.وي ڊرامي ۾ پرسپيڪٽو (Perspective) هوندو آهي، يعني ڪردار پنهنجي سموري ماحول جي پس منظر ۾ ڏسي سگهبا آهن. اهي سموريون خوبيون ريڊيو ڊرامي ۾ ڪونه هونديون آهن، ڇاڪاڻ ته ان ۾ اهو Perspective هوندو ئي ڪونهي، جيڪو انهن خوبين جو ڪارڻ آهي.

ريڊيو ڊرامو يا پلي لفظن، لهجي، صوتي اثرات ۽ پس منظر موسيقيءَ جو نالو آهي. ان جي لاءِ اک جي نه پر ڪن جي ضرورت آهي. ٻڌندڙ لفظن، لهجي، صوتي اثرات ۽ پس منظر موسيقيءَ کي ٻڌي ڊرامي جي ڪردارن، انهن جي ماحول وغيره بابت پنهنجي ذهن ۾ هڪ تصوير ٺاهيندو آهي. يا وري لفظ، لهجو، صوتي اثرات ۽ پس منظر موسيقي ڊرامي جي ماحول، سٽاءُ، ڪردار نگاريءَ ۽ ڪهاڻيءَ جوتاڃي پيٽو اُڻي ان جي مڪمل تصوير ٻڌندڙ جي ذهن ۾ ٺاهيندا آهن. جڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن ڪم ۾ رڌل هوندي به پنهنجي سر پيو جهونگاريندو آهي، تڏهن هن جون ٻه ڪيفيتون هونديون آهن: هڪ ته هن جا هٿ ان ڪم ۾ رڌل هوندا ؛آهن جنهن جا اهي عادي آهن، ٻيو ته ان وقت هن جي ذهن ۾ ماضيءَ جي ڪن بيحد حسين واقعن ۽ يادگيرين جا مست ۽ مدهوش ڪندڙ واقعا هڪٻئي جي پٺيان اُڀري ڪنهن وائيءَ، ڪنهن ڪافيءَ، ڪنهن گيت جو روپ پهري ڏاڍي بينيازيءَ ۽ بيپرواهيءَ سان هن جي زبان تي پيا ايندا ۽ هن کي هڪ اهڙي خوشي، هڪ اهڙي آسودگي پئي محسوس ٿيندي، جيڪا هن جي لاءِ هڪ اڻ ڄاتل ۽ اڻ سڃاتل هوندي آهي. هڪ اعليٰ ريڊيو ڊرامي جو اثر به اهڙوئي هوندو آهي ته ٻڌندڙ کي اڻ سڃاتل خوشي ۽ آسودگي پهچائي، جيڪا هو ڪنهن ڪم ۾ رڌل هوندي به پنهنجي سر ڪا وائي، ڪو گيت جهونگاري حاصل ڪندو آهي.

ادب جي هر صنف وانگر ريڊيو ڊرامي ۾ به لفظن کي بنيادي اهميت ڏني وئي آهي. لفظ خيال جي ترجماني ڪن ٿا ۽ واقعن، ڪردارن ۽ ماحول کي سمجهڻ ۽ محسوس ڪرڻ جو هڪ تمام اثرائتو وسيلو ۽ ذريعو آهن. ٻڌندڙ جي اکين اڳيان ڪابه تصوير ڪانهي، ڪابه اسٽيج يا پردو ڪونهي. هن جي اڳيان صرف ريڊيو آهي، جنهن جي اسپيڪر مان نڪرندڙ آواز جون لهرون ؛آهن جيڪي هن جي ٻڌڻ وارن حواسن سان ٽڪرائجي، هن جي ذهن ۾ نشر ٿيندڙ لفظن مطابق هڪڙي تصوير پيون ٺاهين. ٿي سگهي ٿو ته اهو ٻڌندڙ ڪو عالم فاضل هجي، ٿي سگهي ٿو ته هو ڪو عام رواجي شخص هجي يا وري هو ڪو هاري ناري يا پورهيت هجي. تنهن ڪري ريڊيو ڊرامي جا لفظ عام فهم هجن، موزون ۽ مناسب هجن، جيئن ٻڌندڙ ڊرامي جي پلاٽ ۽ ڪردارن کي هڪدم سمجهي سگهي، پر جيڪڏهن ولفظ عام گفتگوءَ جا نه هوندا، جيڪڏهن لفظ واقعن مطابق نه هوندا، جيڪڏهن لفظ ڪردارن جي سماجي حيثيت جي ترجماني نه ڪندا، جيڪڏهن هڪ پروفيسر اهڙا لفظ ۽ جملا ڳالهائي جيڪي هڪ پورهيت ڳالهائيندو آهي يا هڪ پڙهيل لکيل عورت اهڙن لفظن ۾ گفتگو ڪري جيڪي عام طرح اڻ پڙهيل عورتون استعمال ڪنديون آهن يا وري جيڪڏهن صورتحال مطابق لفظ ڪونهن، مثال طور همدرديءَ، شفقت ۽ مهربانيءَ وقت نرم ۽ سٻاجها لفظ ڳالهائبا آهن پر بحث، تڪرار ۽ جهيڙي وقت سخت ۽ اگرا لفظ ڪتب آڻبا آهن،  ته اهڙيءَ صورت ۾ ٻڌندڙ جي ذهن ۾ ڪردار جي سچي ۽ حقيقي تصوير ٺهي نه سهگندي، هن جي ذهن ۾ واقعي جو سچو روپ جڙي راس نه ٿيندو ۽ هن جي ٻڌڻ جو سلسلو ٽٽي پوندو. ظاهر آهي ته اهڙيءَ صورت ۾ ٻڌندڙ کي ريڊيو جي سوئچ کي ڦيرائي ڪنهن ٻيءَ اسٽيشن تي رکڻ ۾ ڪابه دير يا تڪليف نه ٿيندي.

ساڳئي ريت لهجي جو مسئلو آهي. لهجو انسان جي مختلف نفسياتي حالتن ۽ ڪيفيتن جو ترجمان هوندو آهي. خوشي ۽ غم، ڪاوڙ ۽ ڪروڌ، ڳڻتيءَ ۽ فڪر، محبت ۽ پيار، نفرت ۽ ڌڪار جا جدا جلدا جدا ٿيندا آهن. جيتوڻيڪ ڪردار هڪڙو ئي هجي، پر سندس نفسياتي حالتن ۽ ڪيفيتن جي اثر هيٺ هن جي لفظن جي ادائگي، هن جو لهجو بلڪل مختلف ۽ جلدا هوندو. ريڊيو ڊرامي ۾ انهن نفسياتي حالتن ۽ ڪيفيتن کي سچائيءَ سان پيش ڪرڻ کي صداڪاري سڏيو وڃي ٿو ۽ ريڊيو ڊرامي جي صداڪار يا فنڪار جي عظمت ۽ وڏائي لهجي جي سچائي آهي. اها سچائي ٻڌندڙ جي ڌيان کي سوگهو ڪري، هن کي پنهنجيءَ دنيا مان ڪڍي ڊرامي جي ماحول ۾ وٺيو اچي، جتي هو به ذهني طرح ڊرامي جو ڪردار ٿيو پوي ۽ هن تي به اهي ساڳيون ڪيفيتون طاري ٿيو وڃن جن جو اظهار ڊرامي جا ڪردار پنهنجي لهجي جي وسيلي ڪندا آهن. ٻڌندڙ به ڊرامي جي ڪردارن وانگر کلندو آهي، ٿڌا ساهه کڻندو آهي ۽ روئيندو آهي.

اهو آهي لفظن ۽ لهجي جو جادو. پر ريڊيو ڊرامي ۾ صوتي اثرات ۽ پس منظر موسيقيءَ کانسواءِ اهو جادو بي اثر ٿيو پوي. جهڙيءَ طرح لفظ خيال جي ترجماني ڪن ٿا، جهڙي طرح لهجو نفسياتي ڪيفيتن ۽ حالتن کي پڌرو ڪري ٿو، تهڙيءَ طرح صوتي اثرات وري ماحول جي تصوير چٽين ٿا ۽ پس منظر موسيقي احساسن ۽ امنگن جي سمجهڻ ۽ انهن جي شدت ۾ تيزي آڻڻ ۽ واڌاري ڪرڻ جو هڪ تمام اثرائتو وسيلو ٿئي ٿي. مثال طور ڊرامي جا ڪردار سمنڊ جي ڪناري تي بيٺا آهن ۽ پنهنجي گفتگوءَ ۾ ٻڌائن ٿا ته ”اسانجي سامهون اٿاهه سمنڊ آهي. پهاڙ جيڏيون ڇوليون سمنڊ جي سيني تان ڊوڙنديون اچيو پيو ڪناري سان ٽڪرائين“ ته اهو مڪالمو رڳو ماحول کي بيان ته ڪري ٿو پر ان جي تصوير نه ٿو چٽي. جيڪڏهن ان مڪالمي سان گڏ سامونڊي ڇولين ۽ سامونڊي هوا جا صوتي اثرات به ڏنا وڃن ته ٻڌندڙ جي ذهن ۾ ان ماحول جي هڪ سچي ۽ اثرائتي تصوير اُڀري ايندي. ساڳئيءَ ريت صبح جي نظاري، رات جي سانت، برسات جي موسم، باغ جي نظاري جنگ جي ميدان وغيره جي ماحول جي تصوير صوتي اثرات جي ذريعي ئي چٽي سگهجي ٿي. انهيءَ کي صوتي تصوير به چيو وڃي ٿو. صوتي اثرات جو هڪ تمام ڳوڙهو جذباتي مطلب پڻ هوندو آهي، جنهن ڪري انهن کي علامت طور به استعمال ڪيو ويندو آهي. انسان دل جي ڌڪ ڌڪ جي علامت سامونڊي جهاز جي بائلر جي ڇُڪ ڇُڪ کي سمجهيو ويو آهي.

ريڊيو ڊرامي جا ڪي اهڙا حصا به هوندا آهن، جن جي پس منظر ۾ جيڪڏهن صورتحال مطابق موسيقي نه ڏجي ته هوند اهي حصا اڻپورا رهجي وڃن، انهن جو اثر ٻڌندڙ محسوس ڪري نه سگهن. رومانوي مڪالمن، الميه مڪالمن، شديد جذباتي ڇڪتاڻ جي حصن جو تاثير لفظن، لهجي ۽ موزون پس منظر موسيقيءَ کانسواءِ ممڪن ئي ڪونهي. پس منظر موسيقي ڊرامي جي اهڙن حصن جي خالن کي ڀري ٿي ۽ انهن جي تاثير ۾ شدت آڻي صورتحال مطابق فضا ٺاهي ٿي.

ريڊيو ڊرامي جي ته شروعات ئي موسيقيءَ سان ٿيندي آهي. يا وري صوتي اثرات سان. انائونسر اسٽيشن جو نالو وٺندو، ان کان پوءِ ڊرامي جو عنوان ۽ ڊرامي جي لکندڙ ۽ پروڊيوسر جا نالا ٻڌائيندو. ڪن ڊرامن ۾ ائين به ڪيو ويو آهي جو انائونسر پهرين صرف اسٽيسن جو نالو ٻڌايو جنهن کان پوءِ ڊرامي جي موضوع مطابق موسيقي ڏني وئي. جيڪڏهن ڊرامو ٽريجڊي آهي ته اها موسيقي الميه هوندي، پور جيڪڏهن ڊرامو مزاحيه آهي ته طربيه موسيقي ڏني ويندي. ڪن ڊرامن ۾ وري هيءُ تجربو ڪيو ويو آهي ته اسٽيشن جي نالي ٻڌائڻ کانپوءِ صوتي اثرات ڏنا ويا. مثال طور جهرڻي يا آبشار جا، جنگ جي ميدان جا، ڪنهن سواريءَ جا، طرح طرح جي پکين جا، سمنڊ جا وغيره ۽ انهن تي ڊراما نويس ۽ پيش ڪندڙ جا نالا Super impose ڪيا ويا. يا وري اسٽيشن جي انائونسمينٽ کانپوءِ هڪدم ڊرامي جي ڪنهن شديد اثرائتي حصي جو ٽڪرو ڏئي، ان کان پوءِ ڊراما نويس ۽ پيش ڪندڙ جا نالا ٻڌايا ويندا آهن. حقيقت ۾ اهي سڀئي فني حرفتون آهن ته جيئن ٻڌندڙ جي ڌيان کي شروع ۾ ئي سوگهو جهلي، هن کي سموري ڊرامي ٻڌڻ لاءِ تيار ڪجي.

اسٽيج تي ڊرامي جي سينن (Scenes) جي ورڇ پردو ڪيرائي يا روشني وسائي ڪبي آهي. فلم ۽ ٽي.وي ڊرامي ۾ وري هڪڙي سين ٻيءَ سين ۾ Cut to يا Mix To يا Disolve ٿيندي آهي. پر ريڊيو ڊرامي ۾ سينن جي وچ ۾ موسيقي ڏئي يا صوتي اثرات ڏئي انهن جي ورڇ ڪئي ويندي آهي. اها موسيقي يا صوتي اثرات به گذريل سين ۽ ايندڙ سين جي مزاج ۽ ماحول مطابق هوندا. الميه يا طربيه ماحول جو انهن هنڌن تي به خيال رکڻو پوندو. ساڳئيءَ طرح صوتي اثرات به سينن جي واقعن مطابق هوندا. انهيءَ کي ريڊيو ڊرامي جي ٻوليءَ ۾ Turn Over يا Ghange Over چيو وڃي ٿو. ڊرامي جي آخر ۾ به ان جي موضوع مطابق موسيقي ڏني ويندي آهي جنهن کي Closing Music يا اختتاميه موسيقي چئبو آهي.

ڊرامي جي شروع ۾، سينن جي وچ ۾ ۽ آخر ۾ موسيقي جا جيڪي ٽڪرا يا حصا ڏبا آهن، انهن جي چونڊ جي لاءِ ڊرامه نويس کان وڌيڪ پروڊيوسر ذميدار هوندو آهي. موسيقي جا اهي ٽڪرا مغربي موسيقيءَ اسانجي ڪلاسيڪي يا نيم ڪلاسيڪي موسيقيءَ يا لوڪ موسيقيءَ مان وٺبا آهن. پر انهن جي چونڊ لاءِ سچي ذوق ۽ ڊرامي جي صحيح سمجهه بيحد ضروري آهي. تڏهن ته ڊرامي جي ماحول ۽ فضا کي ٻڌندڙ جي ذهن ۾ پوريءَ طرح اجاگر ڪري سگهبو.

حقيقت ۾ ريڊيو ڊرامو One-Act Play يا Short Play (ننڍڙو ناٽڪ) جي صوتي تصوير آهي. ان جي تاريخ به ايتري ئي قديم آهي جيتري ڊرامي جي. مشهور يوناني ڊرامه نويس سوفوڪليز جي هڪ ننڍڙي ناٽڪ جو هڪ حصو سلامت مليو آهي. ٻئي مشهور يوناني ڊراما نويس يوريپائيڊس جو لکيل هڪ ننڍڙو ناٽڪ “The Cyclops” اڄ تائين موجود آهي. يونان ۽ روم جي زوال کان پوءِ اهڙن ناٽڪن جو اهڃاڻ وري يورپ جي سجاڳيءَ واري دور (Renaissance Period) ۾ ملي ٿو. جڏهن انهن جي وسيلي عيسائيت جو پرچار ڪيو ويندو هو. ان بعد انگريز بادشاهه هينري اٺين جي دور حڪومت ۾ شاهي درٻار جي دعوتن ۾ بادشاهه ۽ سندس درٻارين جي وندر لاءِ اهڙا ناٽڪ پيش ڪيا ويندا هئا. انهيءَ بادشاهه جي ئي زماني ۾ اهو ناٽڪ بادشاهي درٻار مان نڪري تعليمي ادارن ۾ آيو ۽ شاگردن جي مذهبي ۽ تعليمي اصلاح جو وسيلو بنيو. فرانس ۾ One-Act Play جي اوسر مشهور ڊراما نويس موليئر (Moliere) سان ٿي، جنهن اهڙا ننڍڙا مزاحيه ۽ طنزيه ناٽڪ لکي ادب جي ان صنف کي نه رڳو نئين سر جياريو، پر ان کي عروج تي به پهچايو ۽ ويهين صديءَ جي معروف ڊراما نويسن چيخوف ۽ جارج برنارڊ شا لاءِ ننڍڙن طنزيه ناٽڪ لکڻ لاءِ ميدان تيار ڪيو. اڻويهين ۽ ويهين صديءَ جي شروعات ۾ هڪ روايت هيءَ به هلي ته اسٽيج تي مڪمل ڊرامي ڏيکارڻ کان اڳ One-Act Play ڏيکاريو ويندو هو. اهو ان ڪري ته ٿيئٽر ۾ دير سان ايندڙ ماڻهو به اصل ڊرامي ڏسڻ کان محروم نه رهن. انهيءَ ڪري اهڙن ناٽڪن کي Curtain Raisers به سڏيو ويندو هو. اهي ناٽڪ وندر خاطر ڏيکاربا هئا. پر سن 1903 ۾ ڊبليو.ڊبليو. جيڪب جي افساني The Monkey’s Paw جي ڊرامائي روپ ڏيکارڻ سان ان روايت جو خاتمو ٿيو ۽ One-Act Play جي صنف هڪ ڀرپور ۽ اثرائتي انداز ۾ اُڀرڻ لڳي جنهنڪري هن صديءَ جي جڳ مشهور ڊراما نويسن ان ڏانهن خاص ڌيان ڏنو.

One-Act Play ۽ ساڳئي وقت مختصر افساني جي جوڙجڪ جو ريڊيو ڊرامي جي جوڙجڪ تي ڳوڙهو اثر ملي ٿو. One-Act Play ۽ مختصر افساني وانگر ريڊيو ڊرامي ۾ به واقعا پنهنجي عروج (Climex) تي پهچندا آهن. اسٽيج ڊرامي ۾ ناول وانگر وسعت ۽ پکيڙ هوندي آهي، پر One-Act Play ۽ ريڊيو ڊرامو ڄڻ ته ڪوزي ۾ درياءَ مثل آهن. ٻنهي ۾ ڪا هڪ صورتحال ۽ ڪو هڪ واقعو هوندو آهي. ٻنهي ۾ ڊرامي يا ناول وانگر نه پلاٽ اندر پلاٽ ۽ نه وري ڪو متوازي پلاٽ ٿئي. جئن مختصر افساني ۾ ڪردارن جي خوبين يا خامين جو نهايت تيزيءَ سان پر ٿورن لفظن ۾ خاڪو ڪڍبو آهي، ساڳئي طرح One-Act Play ۽ ريڊيو ڊرامي ۾ ڪردارن جي اوسر به تمام تڪڙي پر اختصار سان ٿيندي آهي. ڊرامي جي موضوع مطابق هر ڪردار ۽ هر واقعو مختصر وقت ۾ تيزيءَ سان اڳتي وڌي پنهنجي عروج تي پهچندو آهي. ريڊيو ڊرامي ۾ غير ضروري سين ۽ غير ضروري ڪردار ٿين ئي ڪونه. انهيءَ جي ڪري ڊرامي ۾ شروع کانوٺي آخر تائين عمل جي ايڪائي (Unity of Action) هوندي آهي. گهڻا سين ۽ گهڻا ڪردار ٻڌندڙن لاءِ دقت پيدا ڪندا ڇاڪاڻ ته ٻڌندڙ ته آواز ۽ لهجي جي وسيلي ڪردارن کي سڃاڻي ٿو. ڀرپور ڪردار نگاريءَ جي لاءِ ٿورن ڪردارن جو هجڻ بيحد ضروري آهي. ان جو هڪ سبب هيءُ به آهي ته One-Act Play ۽ مختصر افساني وانگر ريڊيو ڊرامي جي لاءِ وقت به مختصر هوندو آهي، هڪ ڪلاڪ يا وري اڌ ڪلاڪ يا ان کان به گهٽ وقت. بي بي سي لنڊن تان دنيا جو پهريون نشر ٿيندڙ ريڊيو ڊرامو Danger صرف پندرنهن منٽن جو هو. تنهنڪري ريڊيو ڊرامي جي تعارفي شروعات (Exposition) به مختصر ٿئي. ان ۾ صرف انهن واقعن ۽ خوبين جا اهڃاڻ ملندا ؛آهن، جن جو سنئون سڌو ڊرامي جي پلاٽ سان واسطو هوندو آهي. اسٽيج ڊرامي ۾ ڪيترائي ايڪٽ (Acts) ٿين، جيڪي وري ڪيترين ئي سينن (Scenes) ۾ ورهايل هوندا آهن. پر One-Act Play ۽ ريڊيو ڊرامو هڪڙي ايڪٽ جو ناٽڪ آهي، جنهن ۾ ڪيتريون ئي سينون هونديون آهن، يا وري اهي Scenes کانسواءِ لاڳيتا به ٿيندا آهن ۽ جيئن مختصر افساني ۾ “Cilmix” (عروج) بلڪل آخر ۾ ايندو آهي، ساڳئي طرح One-Act Play ۽ ريڊيو ڊرامي جو عروج به بلڪل آخري مڪالمن ۾ ظاهر ٿي هڪ بيحد ڊرامائي اختتام تي پهچندو آهي. اهوئي سبب آهي ته جيڪي ريڊيو ڊراما پنهنجي عروج تي پهچي ختم ٿين ٿا، اهي وڌيڪ ڪامياب سمجهيا ويا آهن، ڇاڪاڻ جو اهڙن ڊرامن جو اثر گهڻي وقت تائين ٻڌندڙن جي ذهن تي قائم رهيو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org