صادق پنهجي فن ۽ شخصيت ۾ ايترو ته غرق آهي جو هن
کي ٻئي ڪنهن جو احساس نه ٿو ٿئي:
”آءُ پنهنجي فن لاءِ جيان ٿو ۽ پنهنجي فن لاءِ
مرندس“. انهيءَ زماني ۾ جڏهن صادق پنهنجي فن جي
بلندين تي پهچي ويو آهي تڏهن هن جي زندگيءَ ۾ هڪ
غير معروف ۽ معمولي ڇوڪري اچڻ گهري ٿي. صادق هن
سان همدردي ڪري ٿو ۽ هوءَ هن جو سهارو وٺي فلمي
دنيا ۾ اڳتي وڌي ٿي. نازنين ترقيءَ جون منزلون طئي
ڪندي فن جي اوج تي پهچي ٿي ته صادق جي شهرت ۽ اوج
جو سج لڙي ٿو وڃي. صادق انهيءَ حقيقت کي قبول نه
ٿو ڪري. نازنين هن کي سهارو ڏيڻ گهري ٿي، پر هٺيلو
۽ ضدي صادق ڏاڍي بيپرواهيءَ سان نازنين جي هر
خواهش، هر تمنا کي ٿڏيندو رهي ٿو. هو نازنين کي
چوي ٿو:
”اڄ جڏهن حياتيءَ جون مڙئي خوشيون ختم ڪري، عمر جي
هن منزل تي پهتو آهيان...... تڏهن .... تڏهن تون
مون تي احسان ڪرڻ ٿي گهرين.... صادق ...... تي
احسان .... ڇا تون سمجهين ٿي ته ........... ته
آءٌ ڪجهه به نه آهيان. ....... آءٌ اجھ به اهوئي
صادق آهيان.... اهوئي عظيم فنڪار ... جنهن فن لاءِ
پنهنجو سڀڪجهه قربان ڪري ڇڏيو ..... نازي .....
ٻڌ، آءٌ تنهنجي هن خوبصورت ٺهيل ٺڪيل ڪمري کان
ڪڏهن به متاثر نه ٿيو آهيان.“ صادق پنهنجي ضد ۽
هوڏ تي ايترو ته قائم آهي جو پنهنجي ساٿيءَ ۽ دوست
ڦلٽوءَ جي نصيحت کي به ٿڏي ٿو ڇڏي:
”ڪهڙيون ڳالهيون ٿو ڪرين ڦلٽو...... ماڻهو چوندا
آهن ته صادق نازنين جي ڪَڍَ لڳي وري پاڻ کي مٿي
آڻڻ ٿو گهري. اهو منهنجي سهپ کان ٻاهر آهي ۽ آءٌ
انهيءَ ڇوڪريءَ جي پٺيان سڏجان، جيڪا منهنجي محنت
سان ان منزل تي پهتي آهي.“
پر نازنين کي صادق سان محبت آهي، سچي محبت. هن سڄي
عمر صادق جي اوسيئڙي جا چَهڪ سَٺا آهن ۽ هر گهڙي
هن جي لاءِ واجهائيندي رهي آهي. صادق کي نيٺ ان جو
احساس ٿئي ٿو ۽ هو نازنين کي نه پر مريم کي (جيڪو
نازنين جو اصلي نالو آهي) سليمان جي حيثيت ۾ ۽ نه
صادق جي حيثيت ۾، قبول ڪري ٿو:
”صادق جيڪو نازنين جو نه ٿي سگهيو، سو سليمان جي
اصلي شڪل ۾ مريم جو ٿيڻ لاءِ تيار آهي.
”مريم ...... آءٌ ...... مريم مون کي اجازت ڏي ...
آءٌ وڃان ٿو ..... صادق کي دفن ڪرڻ لاءِ .... ۽
سليمان کي زنده ڪرڻ لاءِ ....“
پر صادق پاڻ ۾ سليمان کي زنده ڪري نٿو سگهي. صادق
جي اَنا جي ڄار ڏاڍي مضبوط آهي ۽ هڪڙي صبح جو
نازنين اخبار ۾ خبر پڙهي ٿي ته:
”گذريل رات .... پنهنجي وقت جو مشهور اداڪار صادق
نهايت ڪسمپرسيءَ جي عالم ۾ اوچتي دل جي حرڪت بند
ٿيڻ جي ڪري انتقال ڪري ويو.“
’ماءُ ۽ محبت‘ هن مجموعي جو آخري ريڊيائي ڊرامو
آهي. هن ڊرامي ۾ هڪ اهڙي خاندان جي جذباتي ڇڪتاڻ
جي تصوير اُڪريل آهي، جنهن جا فرد پنهنجي هوڏ ۽ هٺ
جي ڪري هڪ ٻئي کان ڇڄي ڌار ٿي ڀڄي ڀُري پيا آهن.
ان هوندي به سماجي ضرورتن هيٺ هو هڪٻئي جو سهارو
ڳوليندا پيا وتن. ڇاڪاڻ ته هنن کي احساس ٿئي ٿو ته
معاشري ۾ هڪٻئي جي سهاري ۽ آڌار تي ئي ڏکي ۽ ڪٺن
زندگيءَ جا ڏينهن پورا ڪري سگهجن ٿا. جاويد گهر جو
وڏو آهي. هو نوڪريءَ کان واندو ٿي، نظر وڃايو هڪ
هنڌ ويٺو آهي. حياتيءَ ۾ هن سوين صعوبتون سٺيون
آهن، پر هن جا ڪي اصول آهن جن کي هن اڃان تائين
مٽايو ڪونهي. هن سدائين انهن تي عمل ڪيو، انهن کي
بچايو ۽ انهن تي راضي آهي.‘ جاويد جي زال زينت
آهي، جنهن کي پنهنجي مڙس جي اصولن ڪجهه به ڪين ڏنو
آهي. زندگيءَ جي ڊگهي پنڌ ۾ فقط چند گهڙيون، جن ۾
هن کي ائين لڳي ٿو ته ڄڻ ته هڪ رليل روح ڪنهن رڃ ۾
ڀٽڪندو هجي. زينت ٻن پٽن نعيم ۽ اسد جي ماءُ آهي.
وڏي پٽ نعيم کي پيءُ پيار ڏئي پاليو ڇاڪاڻ ته هو
سندس اصولن مطابق هلندو هو. پر هن ننڍي پٽ کي
هميشه ڌڪاريو ڇو جو هو سندس اصولن جي پرواهه نه
ڪندو هو. پر ماءُ جي لاءِ ته ٻئي پٽ برابر ان
هوندي به زينت مڙس جي خوشيءَ ۾ خوش رهي ٿي ڇاڪاڻ
ته هن سدائين مڙس جي خوشين کي پئي چاهيو آهي. هوءَ
هنن سڀني جي هوڏ ۾ پنهنجي ڀڳل ٽٽل روح سميت جيئڻ
جي ڪوشش پئي ڪري. هوءَ هڪ ماءُ آهي، جنهن جي روح
مان سدائين سهائو نڪري ٿو. لاڏ ڪوڏ جو پاليل نعيم
پڙهي ڪو آفيسر ٿي پنهنجي ڀاءُ اسد جي دل جي دنيا
زاهده کي پنهنجو ڪري جدا گهري وسائي وڃي ويٺو آهي.
هن جي خيال ۾ ماءُ پيءُ جي خوشيءَ کان وڌ زال جي
خوشي آهي. اسد ننڍي هوندي ئي پيءُ جي سختي ۽ ڀاءُ
جي نفرت کان پاڻ بچائڻ لاءِ گهر مان ڀڄي وڃي
پورهيت ٿئي ٿو. هو ان حال ۾ خوش آهي. هن حياتيءَ
سان ويڙهه کاڌي آهي ۽ پنهنجن بازن تي ڀروسو اٿس.
پر پورهئي جي سخت ۽ ڏکي زندگيءَ ۾ ڪڏهن ڪڏهن هن جي
اکين اڳيان هڪ روشن ۽ ٻهڪندڙ تارو اڀري بيهي ٿو.
اهو هن جي ماءُ جي محبت جو تارو آهي، جنهن جي
روشني هن کي ڇڪيندي ورهين کان پوءِ پنهنجي گهر ان
وقت آڻي ٿي، جڏهن سندس پيءُ جاويد ۽ سندس ماءُ
زينت کي اولاد جي سهاري جي ضرورت آهي. جاويد سمجهي
ٿو ته سندس وڏو پٽ نعيم کيس سهارو ڏيندو. پر نعيم
پيءُ کي ايترو ته مايوس ڪري ٿو جو هن کي اسد جي
سهاري وٺڻ کانسواءِ ٻيو ڪوبه چارو نظر نٿو اچي.
اهڙيءَ طرح ’ماءُ ۽ محبت‘ ڊرامو طربيه انداز ۾ ختم
ٿئي ٿو.
ريڊيو جي لاءِ لکيل هنن ڊرامن ۾ ’آخري رات‘، ’پنرو
بڊام‘، ’واٽون ۽ نيڻ‘ ۽ ’پڙاڏو سو سڏ‘ ڊرامن جي
ٽيڪنيڪ ’لاکو ڦلاڻي‘ ۽ ’ماءُ ۽ محبت‘ ڊرامن جي
ٽيڪنڪ کان مختلف ۽ جدا آهي. انهن ٻن ڊرامن ۾ واقعا
حال ۾ جنم وٺن ٿا ۽ ماضي جي واقعن جي حوالي سان
حال ۾ ئي ختم ٿين ٿا. پر ٻين چئن ڊرامن ۾ واقعا
ماضيءَ ۾ ٿين ٿا جن کي حال ۾ محسوس ڪيو وڃي ٿو.
انهن ۾
Flash Back
يا
Switch Back
جي وسيلي ماضيءَ جي واقعن کي ورجايو وڃي ٿو ۽
ڊرامي جي جتان شروعات ٿئي ٿي اتي ئي اختتام ٿئي
ٿو. اها پوئين ٽيڪنيڪ پهرين ٽيڪنيڪ کان البت مختلف
۽ نازڪ ٿئي ٿي، جنهن کي نڀاهڻ لاءِ هڪ مشاق ڊرامه
نويس جي ضرورت آهي. ممتاز مرزا ٻنهي صورتن ۾ ڪوشش
ڪئي آهي ۽ اهڙا ڊراما لکيا آهن، جيڪي ريڊيو جا
مثالي ڊراما چئي سگهجن ٿا. اهائي ممتاز مرزا جي
ڪاميابي آهي.
مراد علي مرزا،
حيدرآباد سنڌ.
آخري رات
ڪردار
نرتڪي
جوتشي
چندر
شوڀا
پروهت
شهريار
شلو
](صوتي
تاثر) شروعاتي موسيقي. گهڙيال جي ٽڪ ٽڪ. اهڙي
موسيقي جنهن سان وقت جي گذرڻ جو تاثر پيدا ٿيندو
هجي[.
شهريار (ٿڌو ساهه ڀريندي): دل جو سڪون، ۽ کوجنا
جو شوق ڪيڏا نه عجيب ۽ جدا جدا جذبا آهن! آءٌ هت
ڇو آيو آهيان؟ ورهين کان سرگردان ۽ پريشان! پنهنجي
شوق جي تڪميل لاءِ مون ڪيڏا نه ڪشالا ڪڍيا آهن!
گذريل زماني جو سڀ کان وڏو کنڊر ..... موئن جو
دڙو، .... جتي ڪڏهن جيئرن جون جهونگارون هيون،
زندگي هئي، خوشي هئي، سڀڪجهه هو ......... پر اڄ
هتي ڪجهه به نه آهي. عمارتون کنڊرن ۾ مٽجي ويون،
زندگي ماٺ جي ماٿر ۾ گم ٿي ويئي، ڄڻ ته هتي ڪجهه
به نه هو!
](صوتي
تاثر) گهڙيال جي ٽڪ ٽڪ نمايان ٿئي ٿي[
وقت زندگيءَ جو راوي .... وقت جي سيني ۾ سوين
داستان سمايل آهن. اُڀرندڙ سج ۽ لهندڙ سج _
اُڀرندڙ طاقت ۽ ختم ٿيندڙ طاقت _ زندگي ۽ موت _
بقا ۽ فنا.... ڪير پڇي وقت کان، جيڪو بادشاه
آهي... سڀ فنا ٿي ويندو، باقي وقت وڃي بچندو،
(صوت تاثر) گهڙيال جي ٽڪ ٽڪ نمايان ٿي، اهڙي
موسيقي ۾ مٽجي ٿي، جنهن ۾ ڏک ۽ وقت جي گذرڻ جو
تاثر هجي. قدمن جا آواز)
شهريار: هنن کنڊرن جي باري ۾ مون ڪير ڏسيندو؟ هي
وڏو رستو آهي،.... ۽ هيءَ اُها جاءِ آهي جتي چوڏهن
لاشا گڏ مليا هئا.... ۽ هي، بلڪل انهيءَ جي
سامهون، مندر هو. پروهت جو مجسمو هتان ئي مليو
هو.... چوڏهن لاش، مندر جي سامهون! هي ڪهڙو راز
آهي؟ هن کوهه جي تري ۾ اڃان به پاڻي آهي! ڪڏهن
هتان ڪئين نينگريون، سج لٿي مهل مٿن تي گهاگهرون
رکي پاڻي ڀرڻ اينديون هونديون. هتي زندگيءَ جون
خوشيون هيون.... پر اڄ هتي چؤ طرف ماٺ آهي، سڃ
آهي.... (ڇرڪ ڀري) _ هي ڪير آهي..... هي..... اڳي
ته اهو شخص ڪڏهن به هتي نظر نه آيو! اڇي ڏاڙهي،
سفيد ڀرون. چيلهه ۾ ڪُٻ، هٿ ۾ لٺ، چهري تي
مايوسي،.... هي ڪير آهي؟ شايد منهنجي ڳولا جي
حاصلات!.... شايد منهنجي سوال جو جواب!.... (سڏي)
پريا مڙس!
پوڙهو: (ڪجهه پريان): مون کي ٿو سڏين، نوجوان!
شهريار: هاها، پريا مڙس! ترس، آءٌ اچان ٿو.
(قدمن جا آواز)
پوڙهو: جواني اڄ ٻڍاپڻ ڏي ڇو ڊوڙ پاتي آهي؟
شهريار: توهين هتي جا رهواسي آهيو؟
پوڙهو: آءٌ ڪٿي جو رهواسي آهيان ۽ ڪير آهيان،
انهيءَ سان ڪنهن جو ڪهڙو.
شهريار: آءٌ هتي نئون آيو آهيان. تاريخ جي علم
سان مونکي دلچسپي آهي. آءٌ هتان جي حالتن بابت
ڪجهه ڄاڻڻ گهران ٿو.
پوڙهو: مون لاءِ اها ڪا نئين ڳالهه ڪانهي. علم
حاصل ڪرڻ لاءِ هتي ڪيترائي نوان ماڻهو آيا، جن علم
سان گڏ گهڻو ئي ڪجهه حاصل ڪيو. آءٌ ئي آهيان جيڪو
سڀڪجهه ڏسندو رهيو آهيان.
شهريار: مون اوهان جو مطلب نه سمجهيو.
پوڙهو: ضروري نه آهي ته ماڻهو هڪٻئي جو مطلب
سمجهي سگهن. منهنجي لاءِ سڀ ڳالهيون بي معنيٰ آهن.
هتي جو ذرو ذرو منهنجي ملڪيت آهي. آءٌ هنن آثارن
جو رکوال آهيان.
شهريار: (خوش ٿي): پوءِ ته مون کي هتي جي تهذيب
بابت گهڻو ئي ڪجهه ٻڌائي سگهندؤ.
پوڙهو: آءٌ گهڻو ئي ڪجهه ٻڌائي سگهان ٿو.
پر....
شهريار: (يڪدم): آءٌ انهيءَ لاءِ اُجورو ڏيندس.
پوڙهو: (ٽوڪ طور): اجورو؟ دل جي راز لاءِ
اُجورو ڏيندين! آءٌ توکي ڪجهه به نه ٻڌائيندس، هڪ
لفظ به نه..... تون به پنهنجي دل ۾ الائجي ڪهڙا
خيال کڻي آيو هوندين!
شهريار: آءٌ علم جي ڳولا ۾ آيو آهيان.
پوڙهو: تاريخ پاڻ کي وري وري ورجائيندي آهي.
هتي ڇا ڪونه هو؟ سڀڪجهه هو..... پر نه، نوجوان،
مون کي ڪهڙي خبر.... آءٌ ته هڪ اٻوجهه انسان
آهيان، زماني جو هر بار سهڻ وارو.... زمانن کي
منهن ڏيئي، اڄ اچي هن منزل تي رسيو اهيان... ۽ اڃا
به آءٌ جيئرو آهيان!
شهريار: (ليلائيندي): مون کي ڪجهه ٻڌائي، پيرسن!
منهنجي دل ۽ ذوق کي تسڪين ملندي.
پوڙهو: آءُ لاچار آهيان. منهنجي صلاح مڃين ته
هتي نه ايندو ڪر. ۽ .... ۽ رات جو ته هن پاسي لڙڻ
جو خيال به نه ڪج!.... چون ٿا، هتي وياڪل روح
رلندا آهن! متان....
شهريار: (ڪاوڙ مان): بس بس، روحن ڀوتن جون
ڳالهيون آءٌ ڪون مڃان.... آءٌ هتي ايندس، ڪنهن کي
به حق ڪونهي جو مون کي هتي اچڻ کان روڪي!
پوڙهو: ڪنهن کي به حق ڪونهي!.... حق
ڪونهي...... حق! ..... (فيڊ آؤٽ)
شهريار: شايد چريو هو. اجايو هن سان ڳالهائي
پنهنجو وقت وڃايم. آءٌ اڄ رات ئي هتي گهمڻ
ايندس.... اوه، اڄ چوڏهينءَ جي رات آهي!
(صوتي تاثر) موسيقي. هلڪي هوا. ماڻهن جو
گوڙ جيڪو آهستي آهستي اُڀري ٿو)
جوتشي (پريان): قسمت جو حال!.... ستارن جي
رفتار!... اچو! ٻڌو!.... ايندڙ گهڙيءَ ۾ ڇا ٿيڻ
وارو آهي؟ ڪير کٽيندو، ڪير هارائيندو؟....
شهريار: (ڇرڪ ڀري): هي آواز!.... هي آواز ڪٿان
آيو؟.... هڪ گهڙي اڳ ڪنهن جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو....
هي ڇا آهي؟ هو سامهون روشني آهي... روشني... مون
کي انهيءَ پاسي وڃڻ گهرجي.
(قدمن جو آواز (صوتي تاثر) نچڻ جو آواز
آهستي آهستي اُڀري ٿو)
شهريار: هي ڇيرن جا ڇمڪاٽ! هي ماڻهن جو هُل
هنگامو!.. هي زندگيءَ جا آثار! هيءَ ته هڪ وسندي
پئي لڳي! (هڪ عورت جو ٽهڪڙو) هي ٽهڪڙا سچ مچ
زندگيءَ جو اُهڃاڻ آهن. اڄ وقت پنهنجو پاڻ پيو
ورجائي... هتي زندگي آهي، خوشي آهي، ۽ محفل آهي.
(نچ جي لئه اُڀري ٿي) هن گهر جو دروازو کليو پيو
آهي. هيءَ جاءِ ڪنهن جي ٿي سگهي ٿي؟ جتي خوشي به ۽
زندگي به، روشني به آهي ته ٽهڪڙا به.... هيءَ ڪنهن
جي جاءِ آهي؟ (پريان ٻن ماڻهن جا ٽهڪ اُڀرن ٿا) هي
ڪير آهن؟ سندن چهرا ۽ لباس..... آءٌ لڪي بيهان
ڏسان ته هي ڪيڏانهن ٿا وڃن! (ٽهڪ ويجهو اچي فيڊ
آئوٽ ٿين ٿا) هي هن ئي گهر ۾ ويا آهن. آءٌ هنن جي
پٺيان ٿو وڃان. شايد مون کي ڪجهه حاصل ٿئي، ڪجهه
معلوم ٿئي... هي اسرار ۽ ڳُجهه_
(قدمن جا آواز. ماڻهن جو هلڪو چؤٻول)
هڪڙو آواز: نرتڪي! اڄ... اڄ ميلي جي رات آهي.
خوشين جي گهڙي آهي. سڄو سال انتظار ڪري گذاريندا
آهيون ۽ جڏهن هيءَ گهڙي ايندي آهي ته اسان جون
دليون خوشيءَ وچان گلن جيان ٽڙي پونديون آهن، ۽
اسان جا قدم بي اختيار تنهنجي ڏيڍيءَ ڏانهن وڌندا
آهن.... اڄ اسان کي اهو ناچ ڏيکار جو اسان جا روح
ريجهي وڃن.
نرتڪي (آواز ۾ هلڪي مايوسي): دل جي خوشي اُنهيءَ
در تان وٺڻ آيا آهيو، جتي خوشيءَ جو پاڇو به
ڪونهي! ڪهڙا نه سادا انسان آهيو!
ٻيو آواز: اڄ نرتڪيءَ جي من تي مڙيئي ڪو مونجهارو
آهي!
پهريون آواز: سندس اکيون هر هر دروازي ڏانهن
کڄنديون ٿيون وڃن _ شايد ڪنهن جي واٽ پئي
نهاري...... نرتڪي راڻي! ڪٿي دل جو سودو ته ڪونه
ڪيو اٿئي؟
نرتڪي (کلي): اسان جي دل! مهاراج، اسان جا سينا ته
دلين کان خالي آهن. اسين ته اوهان جي اشارن تي
پنهنجي حياتي گذارڻ واريون آهيون.
پهريون آواز: اڄ نرتڪي، اسان کي مايوس نه ڪر! اسان
جي سينن ۾ به دليون آهن...... اسين چاهيون ٿا ته
تون اڄ فقط اسان لاءِ ناچ ڪرين..... بس، فقط اسان
لاءِ!
]
(صوتي تاثر) ڇير ۽ نچ جي لئي اُڀري ٿي[
شهريار: آه، هي نچڻي جو گهر آهي! ۽ هتي ڪو ميلو
ٿيڻ وارو آهي. (نچ جي لئي اُڀري ٿي) نرتڪي!.....
هيءَ نرتڪي؟.... شايد مون ڪٿي ڏٺي آهي!.... ڪٿي
... ڪٿي؟ شايد
](صوتي
تاثر) نچ جي لئي وڌي، تيز موسيقي ۾ مٽجي ٿي. پس
منظر ۾ ڏکاري موسيقي[
نرتڪي (ٿڌو ساه ڀري): آه، هيءَ ڪهڙي حياتي آهي!
هتي جو هر شخص منهنجي خوشي خوشنودي حاصل ڪرڻ لاءِ
مون وٽ اچي ٿو. هر ماڻهو پيار ۽ پريت جو بکيو آهي.
پر اهي اچن به ڪٿي ٿا،_ جتي دل آهي ئي ڪانه! آءٌ
ته فقط ڪنهن ٻئي جسم جو پاڇو آهيان، جنهن ۾ نه روح
آهي نه زندگي. مون .... مون آخر ائين ڇو ڪيو آهي؟
ڇو جو پنهنجي دل جا دروازا ڪنهن ٻئي لاءِ کولي
ڇڏيا؟ انهيءَ لاءِ، جيڪو مون ڏانهن اک به نٿو کڻي!
جيڪڏهن هو هڪ ڀيرو به منهنجي روح ۾ جهاتي پائي ڏسي
ته جيڪر مون کي حياتي ملي وڃي، زندگي حاصل ٿي پوي!
(ڏکاري آواز ۾) هي مون ڇا ڪيو.... مون پنهنجي
حياتي پاڻ وهه ڪري ڇڏي!
]سڏڪا
ڀرڻ لڳي ٿي، جيڪي آهستي آهستي پس منظر ۾ وڃن ٿا.
شهريار فيڊان[
شهريار: ويچاري نرتڪي دل جي ماريل آهي، بيوس. دل
هٿان ڇڏائجي ويئي اٿس، ۽ ڪنهن اهڙي پکيئڙي جي
چوگرد پيئي ڦري، جنهن جي دل ۾ اڳي ڪا صورت سمايل
آهي. (کلي) پيار ۽ محبت جو اهو چڪر به عجيب آهي!
]سُڏڪن
جا آواز اُڀرن ٿا[ |