سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: آخري رات

صفحو :21

رخشي ڪنڌ هيٺ ڪري ڇڏي ٿي.

زاهده: هون... تون واقعي نواز کي پسند ڪرين ٿي؟ ۽ نواز به؟

رخشي آهستي ڪنڌ کڻي ٿي، سندس اکين ۾ بي انتها محبت جي جهلڪ آهي، ۽ ماءُ کي ڏسي مرڪندي ڪنڌ هيٺ ڪري ڇڏي ٿي.

زاهده: جي چهري تي مختلف تاثرات اُڀرن ٿا، پسند ۽ ناپسند جا، چند لمحن کان پوءِ هو اٿي رخشي جي مٿي تي محبت سان هٿ ڦيري ٿي آهستي آهستي دل جي گهراين سان

 

 

زاهده: رخشي، جيئن توکي منهنجون خوشيون پياريون آهن، تيئن مون کي تنهنجن خوابن سان محبت آهي. مان ماءُ آهيان... مان ماضي جي عذابن کان اڄ تائين جان نه ڇڏائي سگهي آهيان، منهنجي حياتي ٻاٽ اوندهه واري رات جهڙي رهي آهي، جنهن ۾ ڪڏهن ڪي ستارا چمڪندا هئا، پر... پر آئون پنهنجين محرومين ڪري تنهنجي حياتي ۾ اونداهي پکيڙڻ نٿي چاهيان.... هو ڀلي اچن... مونکي تنهنجو فيصلو قبول آهي.

انتهائي خوشي وچان

رخشي: ممي....

زاهده: هاڻي تون آرام وڃي ڪر، ڪافي رات ٿي وئي آهي.

رخشي: ممي اوهان ناراض ته نه آهيو؟

زاهده: نه... آئون تمام گهڻي خوش آهيان... هاڻي تون وڃ...

رخشي آهستي محبت جي نظرن سان ماءُ کي ڏسندي چپ چاپ ٻاهر نڪري وڃي ٿي.

چند لمحن لاءِ هو ساڻي ساڻي ويٺي رهي ٿي، هن جي ذهن ۾ فليش.

 

 

اسلم: آئون وري هتي ڪڏهن نه ايندس... پر منهنجي وئي کان پوءِ تنهنجي سوچ منهنجي حق ۾ بدلجي ته مونکي ضرور ياد ڪجئين.

هو خيالن کان پاڻ ڇڏائي اٿي ٿي ڊريسنگ ٽيبل ڏي وڃي ٿي. پرس مان وزيٽنگ ڪارڊ ڪڍي هن کي غور سان ڏسي ٿي، ۽ چند لمحن کان پوءِ ان کي ڦاڙي اڇلائي ڇڏي ٿي. هن جي چهري تي اڏول سڪون آهي.

 

 

ٽيليويزن ڊراما نگاري

’ٽيليويزن ڊراما‘ نه رڳو تخليقي ادب آهي، پر ساڳئي وقت هڪ فني (ٽيڪنيڪي) ڪاوش آهي، انهيءَ لحاظ کان ادب جي ميدان ۾ ٽيليويزن ڊراما هڪ اهم صنف آهي، ڇاڪاڻ ته هن صنف لاءِ، لکندڙ ۾ اسٽيج ڊراما، ناول ۽ افسانا نگاريءَ جي تخليقي خوبين سان گڏوگڏ، فلم ۽ ٽيليويزن جي ڪئميرائن ۽ ٻئي فني سازو سامان جي مناسب معلومات ضروري آهي.

هڪ تجربيڪار ۽ پختو نثر نويس جنهن ۾ ناول يا افساني لاءِ پلاٽ، ڪهاڻي، ڪردار نگاري ۽ سٺا برجستا وڻندڙ اثرائتا ۽ مهلائتا مڪالما لکڻ جي صلاحيت آهي، تنهن لاءِ ”ٽي-وي. پلي“ لکڻ ڪا وڏي ڳالهه نه آهي. فقط کيس ڊرامي جي ٽيڪنيڪي پهلوءَ کي سمجهڻ خاطر ٽيليويزن جي سازو سامان (Equipment) انهن جي ممڪن قوت يا وس آهر سهولت (Potentialities) ۽ بندشن (Limitaiton) بابت ڄاڻ رکڻي پوندي. خاص طور تي 1- ٽيليويزن اسٽڊيو، 2- ڪٽرول روم، 3- فلم ۽ ٽيليويزن ڪئميرائون، 4- بصري تاثر (Optical Efects) ۽ 5- صدا بندي يا آواز جو سلسلو (Sound System) سمجهڻ نهايت ضروري آهي.

ظاهر آهي ته ادب جي هر صنف لاءِ، لکڻ کان شايع ۽ نشر ٿيڻ تائين، اسٽيج تي يا فلم ذريعي پيش ڪرڻ تائين، جدا سهوليتن ۽اخلاقي بندشن کي آڏو رکڻو پوندو آهي. انهيءَ ڪري لکڻ وقت پيشڪش جي لحاظ کان، هر سهولت ۽ بندش جو پورو جائزو وٺڻ گهرجي، ته جيئن ادبي تخليق نهايت سولائي سان پيش ڪري سگهجي. مثال طور ٿيئٽر لاءِ لکڻ وقت، اسٽيج جي ماپ، روشني جي نظام، پردن، سيٽ، آواز جي سلسلي ۽ صوتي تاثر جو خيال رکڻو پوي ٿو، انهيءَ سان گڏ دور، وقت سماجي حالتون وغيره جو خيال رکڻو ٿو پوي؛ ٿيٽر ۾ ڊراما نگار پنهنجو پيغام ۽ ڪهاڻي بروقت ڪردارن جي وسيلي ڏسندڙن آڏو پيش ڪري ٿو، ريڊيو ڊرامي ۾ صوتي اثرات، موسيقي ۽ گفتگوءَ جي وسيلي ڪهاڻي ٻڌندڙن جي تخيل يا تصور تائين رسائڻي پوي ٿي، ۽ هر ٻڌندڙ پنهنجي پنهنجي تصور آهر ذهن ۾ ڪردار ويهاريندي ڪهاڻي يا ڊرامي مان لطف حاصل ڪري ٿو. فلم يا ٽيليوزن ڊرامي ۾، ڪهاڻي حرڪت ڪندڙ، چرندڙ پرندڙ تصويرن ذريعي پيش ڪرڻي ٿي پوي- فلم جي ڪهاڻي سئنيما هال ۾ پروجيڪٽر ذريعي وڏي پردي تي ڏيکاري ٿي وڃي ٽي.وي پلي ذريعي ڪهاڻي گهرن ۾ رکيل ٽي.وي سيٽ جي ننڍي اسڪرين تي ٻڌائي ۽ ڏيکاري ٿي وڃي، ٽي.وي اسڪرين جو تناسب (Ratio)  4x3 آهي، يعني جيڪڏهن اسڪرين جي ويڪر 16 انچ هوندي ته ان جي ڊيگهه 12 انچ هوندي، تنهن ڪري ٽيليوزن ڊرامي لکڻ وقت ڪردارن کي ويجهي کان ڏسڻ گهرجي.

ٽيلويزن ۽ فلم کانئن اڳ وارن فنن جا ڪيترا طريقا ۽ اصول کنيا آهن. انهن پئنٽومائيم يا بئلي کان حرڪت، جسم جي چرپر، ۽ چهري جي تاثر ذريعي ڪهاڻي ٻڌائڻ جو طريقو کنيو. پيتٽنگ ۽ اسڪلپچر جهڙن فنن کان انهن کي (پڪچر ڪمپوزيشن) منظر يا تصويرن کي ترتيب ڏيڻ جهڙو اصول مليو. ناول ۽ اسٽيج کان پلاٽ جا جزا. ڪردار، ڪهاڻيءَ جي جوڙجڪ (تاڃي بيٽي) جا اصول مليا.

جيئن ته ٽيليويزن ڊرامي ۾ ڪهاڻي، لفظن کان وڌيڪ تصويرن جي ذريعي ٻڌائي وڃي ٿي، تنهنڪري ٽيليويزن ڊراما نگار کي سٺن مڪالمن لکڻ جي ڏات کان وڌيڪ تصويرن ذريعي ڪهاڻي ٻڌائڻ جو تجربو هئڻ گهرجي. مطلب ته ڊرامي ۾ ڪهاڻي تصويرن جي عمل، تاثر ۽ حرڪت ذريعي اڳتي وڌي پنهنجي انجام تي پهچڻ گهرجي، اهو تڏهن ممڪن آهي جڏهن ڊرامي ۾ هر تصوير جو عمل، حرڪت، بصري تاثر (Optical Effect)  با مقصد هجي، ۽ هن ڳالهه جو پڻ خيال رکجي ته ٽي.وي. ڊرامي ۾ مڪالمه ٿورا، ننڍا ۽ بامقصد هئڻ گهرجن، ڇاڪاڻ ته ٽي.وي ڊرامي ۾ چهري جي تاثر، اکين ۽ جسم جي حرڪت کان اهڙو ته اثرائتو ڪم وٺي سگهجي ٿو جو هوند ڪيترائي جملا لکجن ته به گهربل تاثر پيدا نه ٿي سگهي. انهيءَ جو اهو مقصد ڪونهي ته ڪو ٽي.وي. ناٽڪ ۾ مڪالمن، صوتي تاثرن يا آواز جي اهميت نه آهي. اهي ڪهاڻي ۾ ٽي مقصد پورا ڪن ٿا:

(1) ڪهاڻيءَ کي اڳتي هلائڻ ۽ ٽيمپو ۾ مدد ڏيڻ، (2) ڪردارن جي نفسيات ۽ هئيت ظاهر ڪرڻ ۽ (3) ڏسندڙن کي ڪهاڻيءَ متعلق اها معلومات ڏيڻ جيڪا تصوير ذريعي ڏيڻ ممڪن هجي.

ڊرامي ۾ مڪالمن جي اهيمت کي ذهن ۾ رکندي چند ڳالهين جو خيلا رکڻ گهرجي. 1. مڪالمه ڳالهه ٻولهه جي انداز ۾ هئڻ گهرجن، نه ڪي ڪنهن مضمون وانگر، ڏسجي ته ان مان ڪهاڻي جي وهڪري ڪهڙو نه ڪهڙو اثر پوي ٿو. 2. ڳرن ۽ منجهيل مڪالمن جي بدران سادا سولا ۽ عام فهم گفتا وڌيڪ اثرائتا ٿيندا. 3. مڪالما ڪردارن جي حيثيت ۽ اهميت آهر لکجن، ڇاڪاڻ ته ليکڪ مڪالمن ذريعي ڪردار جوڙيندو آهي، ڪردار مڪالما خود نه جوڙيندو آهي. ٽانگي واري ۽ فلسفي جي پروفيسر، صوبيدار ۽ بشنيءَ جي مڪالمن ۾ واضح فرق هئڻ گهرجي. انهيءَ جي باوجود اها ڳالهه ذهن ۾ رکجي ته ٽيليويزن ڊرامي ۾ مڪالمن جو استعمال فقط اهڙي صورت ۾ ڪجي جڏهن اشارن، ڪناين، عمل، حرڪت، يا چهري جي تاثر سان مقصد بيان نه ٿي سگهي. ڏٺو ويو آهي ته گهڻو ڪري اهي ليکڪ جيڪي اڳ ۾ ريڊيو لاءِ لکندا رهيا آهن ۽ پوءِ ٽي.ويءَ لاءِ به لکيائون، سي مڪالمن ۾ صوتي تصوير به لکندا رهيا آهن؛ مثلاً جيڪڏهن ٽيليويزن ڊرامي ۾ ڪو ڪردار دروازو بند ڪرڻ وقت چوي ٿو، ”مان دروازو بند ڪري وٺان“ يا پاڻي پيئڻ وقت چوي ته، ”مان پاڻي پي رهيو آهيان“ جڏهن ته اهڙو عمل نظر اچي رهيو آهي ۽ منظر ۾ ائين چوڻ جي گهرج به نه آهي ته اهڙي قسم جا مڪالما غير مناسب ٿيندا، جڏهن ته ريڊيو ۾ اهڙي قسم جي مڪالمن جي ضرورت هوندي آهي.

هر ڪهاڻي، لکندڙ جي تخليقي عمل جو نتيجو هوندي، جنهن ۾ هن جي ذهني جاکوڙ شامل هوندي آهي: ڪهاڻيءَ جو وجود دراصل ڪنهن خيال يا هڪ نڪتي مان جنم وٺي ٿو، جنهن ۾ ليکڪ جو مطالعو ۽ مشاهدو ڪارفرما هوندو آهي. ڪهاڻيءَ لاءِ ڪڏهن ڪڏهن پروڊيوسر به خيال ڏيندو آهي. بعضي تخليقي ادب مان ناول يا افسانو کڻي انهن کي ڊرامائي روپ ڏنو ويندو آهي. ڪڏهن ته هلندڙ دور جا سچا ۽ منفرد واقعا ڊرامي لاءِ سٺا موضوع بنبا آهن. بهرحال ڊرامي لاءِ خيال ۽ موضوع سوچي ان کي ڪاغذ تي آڻبو. جڏهن پروڊيوسر ۽ اداري جا ٻيا واسطيدار ماڻهو موضوع ۽ خيال کي منظور ڪندا ته ليکڪ جو ڪم شروع ٿيندو. سولو طريقو اهو رهندو ته پهرين ڪهاڻي سئين سڌي چند صفحن تي لکي وڃجي. تنهن کان پوءِ ان کي مختلف سينن ۾ ورهائجي، ۽ پوءِ ٽي-وي پلي لکڻ شروع ڪجي. ٽيليويزن ڊرامي لاءِ ڪهاڻي، سيٽ ۽ منظر نگاري، ڪردار نگاري، لباس جو بيان، زمان ۽ مڪان جو ذڪر، ڪئميرا شاٽس، صوتي ۽ بصري تاثر تجويز ڪندي لکڻ شروع ڪجي. ٻين لفظن ۾ ائين چئجي ته ڊرامو ٽي.وي جي مخصوص ”زبان يا ٻوليءَ“ ۾ لکيو وڃي. هاڻ اسين ٽي. ويءَ جي ”زبان“ ۽ ٽيڪنيڪ مان انهن چند شين جو ذڪر ڪنداسين جي ليکڪ لاءِ ضروري آهن. بصري تاثر (Optical Effects): جا ٽي خاص قسم آهن: 1- فيڊ (Fade)، 2. ڊزالو (Dissolve)، 3. وائيپ (Wipe). فيڊ ٻن صورتن ۾ ڪم ايندو آهي هڪ ته خالي اسڪرين تي تصوير ظاهر ڪرڻ لاءِ، ۽ ٻيو ڀريل اسڪرين تان تصوير غائب ڪرڻ لاءِ. پهرين صورت ۾ لفظ ڪتب آڻبو. فيڊ ان (Fade in) يعني تصوير اسڪرين تي آهستي آهستي ظاهر ٿيندي. ٻي صورت کي چئبو فيڊآئوٽ (Fade out) يعني تصوير اسڪرين تان آهستي غائب ٿيڻ تان جو اسڪرين خالي ٿي وڃي. انهيءَ جي استعمال جا وري ٽي طريقا آهن:

1. تيز فيڊ (Fast Fade)، 2. آهستي فيڊ (Slow Fade)، 3. ڪراس فيڊ (Cross Fade). تيز فيڊان يا آئوٽ ڪرڻ سان تصوير اسڪرين تي جلد ظاهر يا غائب ٿيندي، آهستي فيڊان يا آئوٽ ڪرڻ تصوير اسڪرين تان آهستي ظاهر يا غائب ٿيندي. ڪراس فيڊ (Cross Fade) جو تاثر ذري گهٽ ڊزالو (Dissolve) جهڙو ٿئي ٿو ۽ گهڻو ڪري ساڳئي مقصد لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. ڊزالو ۽ ڪراس فيڊ ۾ فرق اهو آهي جو ڪراس فيڊ ۾ اڳئين سين جي آخري تصوير جلد غائب ٿيندي ۽ اسڪرين خالي ٿيندو، جنهن کان پوءِ جلد ئي ٻن سين جي پهرين تصوير ظاهر ٿيندي، پر وچ ۾ ٿوري وقت لاءِ اسڪرين خالي ٿي ويندو. پر ڊزالو (Dissolve) دوران اسڪرين خالي نه ٿيندو.

2. ڊزالو (Dissolve) مان مراد آهي هڪ تصوير جو ٻي تصوير جي اندر آهستي آهستي ظاهر ٿيڻ، تان جو پهرين تصوير غائب ٿي وڃي ۽ پوئين تصوير اسڪرين تي رهجي وڃي. ڊزالو دوران اسڪرين خالي نه رهندو بلڪ ٿوري وقت لاءِ ٻئي تصويرون گڏ نظر اينديون، جڏهن ته ڪراس فيڊ ۾ اسڪرين ٿوري وقت لاءِ خالي ٿي وڃي ٿو. ڊزالو توڙي ڪراس فيڊ وقت جي گذرڻ زمان ۽ مڪان يا جاگرافيءَ جي بدلجڻ لاءِ ڪم آڻبو آهي. مثلاً ڪو نينگر گهر ۾ اسڪول وڃڻ جي تياري ڪندي ڏيکاريون ٿا، هو گهران نڪري ٿو، سائيڪل تي چڙهي ٿو، سائيڪل هلائيندي اسين ڊزالو ڪري نينگر کي ڪلاس ۾ پڙهندي ڏيکاريون ٿا. اهڙيءَ طرح سائيڪل تي سفر، اسڪول ۾ داخل ٿيڻ، سائيڪل رکڻ وغيره ڊزالو ذريعي خود بخود حذف ٿي ويندا. ڪراس فيڊ جي صورت ۾ ڇوڪر کي سائيڪل هلائيندي فيڊ آئوٽ ڪنداسين ۽ ٻي سين ۾ ڪلاس ۾ پڙهندي فيڊ ان ڪنداسين. ڪراس فيڊ ۽ ڊزالو عام طور تي ساڳئي مقصد لاءِ استعمال ٿئي ٿو. پر دراصل انهيءَ جي استعمال ۾ هڪ تمام باريڪ ۽ نازڪ فرق آهي. ڪراس فيڊ گهڻو ڪري سين جي تبديلي، ڪردارن جي تبديلي ۽ ڪهاڻيءَ جي رفتار يا ٽيمپو جي فرق لاءِ استعمال ٿيندو آهي. ڊزالو وقت جي گذرڻ ۽ بعضي فاصلي ۽ جڳهه جي تبديلي لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي.

3. وائيپ (Wipe)، هي بصري تاثر پڻ ڊزالو واري مقصد لاءِ استعمال ڪجي ٿو. مطلب ته زمان ۽ مڪان جي تبديلي، هڪ منظر کان ٻئي منظر تي وڃڻ وغيره. وائيپ ڪيترن ئي قسمن جا ٿين ٿا: هڪ قسم اهو به آهي ته پهرين تصوير يا منظر کي ٻي تصوير يا منطر ڪنهن به هڪ طرف کان ڌوڪيندو ان جي جاءِ والاريندو ويندو. هاڻ اهو ليکڪ جي مرضيءَ تي آهي ته هو پهرئين منطر کي بلڪل غائب ڪري ڇڏي يا اسڪرين جي اڌ تائين ’وائيپ‘ آڻي، ٻئي منظر ساڳئي وقت اسڪرين تي ڏيکاري. اسڪرين کي اهڙيءَ طرح وائيپ جي ذريعي ٻن حصن ۾ ورهائي ٻه جدا منظر ساڳئي وقت ڏيکارڻ جي صورت حال کي ”اسپلٽ اسڪرين“ (Split-Screen) ڪوٺجي ٿو. اسپلٽ اسڪرين جو استعمال فقط اهڙي موقعي تي ڪبو آهي جڏهن ٻن منظرن جو هڪ ٻئي سان سڌيءَ يا اڻ سڌيءَ طرح تعلق هجي، ٻنهي منظرن ۾ ”عمل ۽ حرڪت“ (Action) ساڳئي وقت جاري هجي ۽ ٻنهي منظرن جو فاصلو ڪور (Cover) ڪرڻو هجي. مثال طور هڪ منظر ڏيکارجي ٿو ته ڪو شخص ڊاڪٽر کي فون ٿو ڪري. جيئن ئي ڪردار نمبر ٿو گهمائي ته اسين وائيپ ذريعي اسڪرين کي ٻن حصن ۾ ورهائي، ٻيو منظر به اسڪرين تي ٿا آڻيون جنهن ۾ گهنٽي وڄي ٿي ۽ ڊاڪٽر فون کڻي ڳالهائڻ شروع ٿو ڪري. هاڻ اسين ڏسنداسين ته ٻنهي منظرن جو گفتگوءَ جي لحاظ کان تعلق آهي، ٻنهي منظرن ۾ ساڳئي وقت عمل ۽ حرڪت ٿي رهي آهي، پر ٻئي منظر فاصلي ۽ مڪان جي لحاظ کان هڪ ٻئي کان پري آهن؛ پر جيڪڏهن ڪو چاهي ته ٻه جدا جدا اهڙا منظر وائيپ ذريعي ’اسپلٽ اسڪرين‘ جي صورت ۾ هڪ منظر سان، ماضي يا مستقبل جو منظر به ڏيکاري سگهجي ٿو. ڪنهن ڪردار جي ماضيءَ جون يادون يا حال ۽ مستقبل لاءِ سوچڻ، سندس يادن ۽ سوچ جا منظر تصويري صورت ۾ ڏيکاري سگهجن ٿا. هاڻي هن وائيپ ذريعي زمان مڪان ۽ فاصلي جي قيد کان سين آزاد ٿي ويا پر ڪهاڻيءَ ۾ انهن منظرن جو پاڻ ۾ لاڳاپو ضروري آهي. ٽيليوزن ۾ وائيپ، ڪئميرا ۽ مشينن ذريعي بنائي سگهجن ٿا. فلمن ۾ خود به شوٽ ڪري سگهجن ٿا، جنهن لاءِ ڪيترائي طريقا آهن ۽ اڳواٽ تيار ٿيل به ملن ٿا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org