جاويد: (تيز لهجي ۾) تون... تون... نعيم سان
سڙين ٿي.
زينت: (ورجائيندي ساڳئي انداز ۾) آئون نعيم
سان سڙان ٿي! ڪيڏي ته عجيب ڳالهه ڪئي اٿئي!، هڪ
ماءُ جي دل ۾ اولاد لاءِ هڪ جيتري اُڪير رهندي
آهي. اولاد چاهي چڱو هجي يا مٺو، هن جي دل ۾
سدائين انهيءَ لاءِ دعائون هونديون آهن. پر توکي
انهيءَ احساس جي ڪيئن خبر پوندي؟ تنهنجا ته حياتي
جا ڏونگرن جهڙا سخت ۽ اوچا اصول آهن، جيڪي فقط هڪ
رخ کي ڏسي سگهندا آهن.
جاويد: بس ڪر، بس ڪر، آئون وڌيڪ ڪجهه نٿو ٻڌي
سگهان.
زينت: هن اڱڻ تي مون حياتي ڀريل ننڍڙن ننڍڙن
ٽهڪڙن جي تمنا ڪئي هئي. اهڙا ٽهڪ جيڪي عمر جي آخر
حد تي مائٽن جي دلين کي خوشي بخشيندا آهن، پر اهو
سڀ خواب بنجي ويو، اهڙو خواب جيڪو هاڻي ته ڪوشش جي
باوجود نظر نٿو اچي.
جاويد: مون سمجهيو هوته زندگيءَ جو هيءُ دور
تنهنجي ساٿ سان ڪيئن نه ڪيئن گذاري ويندس، پر اڄ
مونکي ائين پيو لڳي ته آئون زمانن کان ڌرتيءَ تي
بار آهيان. اڄ تون به مون کان منهن موڙي، هن
اونداهي زندگيءَ ۾ منهنجو ساٿ ڇڏيو ٿي وڃين.
زينت: تنهنجي اِها سوچ به صحيح نه آهي. مون
توکي پنهنجي حياتيءَ جي ميراث سمجهيو آهي. تنهنجي
ساهه سان ئي منهنجي حياتي آهي. اها تند تڏهن پئي
ڏورجي جڏهن تنهنجي ساٿ جو احساس اٿم، نه ته مون کي
مُئي ته ڪي صديون ٿي ويون آهن. آئون هن وقت هڪ
سڙيل لاشي کان گٽ ڪونه آهيان. اهو سڙيل لاش جنهن
کي اڃان تائين ڌرتيءَ به جاءِ نه ڏني آهي.
جاويد: اڄ تون ماءُ جي حيثيت ۾ پئي ڳالهائين،
منهنجي زينت مون کان رسي ويئي آهي.
زينت: زينت سمورا رشتا وساري فقط تنهنجي وڃي
رهي آهي، پر اڄ دل تي الائجي ڪهڙا پور چڙهي آيا،
جو توسان ائين ڳالهائي ويٺس. ارمان به ٿيو اٿم ته
اڄ مون عمر جي هن منزل تي توسان پهنجي اندر جو
احوال ڇو اوريو... ڪجهه گذري آهي، ڪجهه گذري وڃي
ها.
جاويد: آئون... آئون... تنهنجي انهيءَ آٿت کي
ڇا سمجهان؟ آئون تنهنجي چهري جي رنج کي ڏسي ته
ڪونه ٿو سگهان زينت، پر تنهنجي ساهه جا آواز مون
سان گهڻو ڪجهه اورين پيا. تون پنهنجو پاڻ تي ظلم
ڪري رهي آهين. زينت، فقط منهنجي خوشي لاءِ... آخر
ڇو؟
زينت: اهو سوال نه پڇ. تنهنجي خوشي منهنجي
حياتي آهي. (ڳالهه مٽائيندي) ها، هاڻي مينهن ڪجهه
گهٽجي ويو آهي.
جاويد: توکي گهٽ ته محسوس ڪانه ٿي ٿي؟
زينت: نه.... نه، هاڻي هيءَ ڪمرو ڪافي ٿڌو ٿي
ويو آهي. اچي، هاڻي هيءَ دوا پيو.
جاويد: توکي منهنجو ڪيڏو نه خيال آهي (اُداس
ٿي) پل ۾ جيارين ٿي، پل ۾مارين ٿي، تنهنجي محبت جو
به عجيب سلسلو آهي.
زينت: ڇڏيو انهن ڳالهين کي... اچي دوا پيو.
]موسيقيءَ
سان منظر مٽجي ٿو[
زينت: (پاڻمرادو) آئون ڇا ٿي چاهيان،روح ڇا ٿو
گهري؟ هيءَ اُن تڻ ۽ آنڌ مانڌ مون لاءِ عذاب بنجي
ويئي آهي، سوچ به ڪيڏي نه وڏي مصيبت آهي. مونکي
ڪجهه به سوچڻ نه گهرجي. منهنجي حياتي، هن جي حياتي
آهي، ۽ هن جي زندگي منهنجي... پوءِ به دل ۾ ويٺل
چور روح کي ڪنبائي پيو! الائجي ڇو (ٿڌو ساهه ڀري)
مون ڇا ٿي چاهيو، مليم ڇا؟ حياتي جا جبل جيڏا سال
بنان ڪنهن سڪون ۽ خوشيءَ جي گذري ويا. هي ڀتيون
معصوم ٽهڪڙن جون اُڃايل رهجي ويون. ٽهڪڙا، جن کي
اسان جي اصولن، ٽڙڻ کان اڳي گهٽي ڇڏيو، اسد ۽ نعيم
هن گهر جي روشني... جڏهن هتي سندن سهائي جي ضرورت
هئي، تڏهن هو الائجي ڪيڏانهن گم ٿي ويا....
اسد: (پريان) امان....
زينت: (حيران ٿي) هيءَ ڪنهن جو آواز آهي، جنهن
منهنجي روح کي ڌونڌاڙي ڇڏيو؟ هيءَ آواز منهنجي دل
جي گهراين ۾ گهڙي ويو. ڪنهن جو آهي؟ ڪير آهين؟
اسد: مون کي سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪر امان، آئون
اسد آهيان.
زينت: اسد.... تون.... نه نه، اهو منهنجو وهم
آهي، خيال آهي. انهيءَ وهم اڳي به مون کي ڪيترا
ڀيرا دولاب ڏيئي رنجايو آهي. تون اسد نه آهين. اسد
هن گهر ۾ ڪڏهن به پير نه پائيندو هو، هٺيلو ائين
چئي ويو هو. سال ٿيا جو هو هتان سانوڻ جي مينهن
وانگر هليو ويو. تون اسد نه آهين.
اسد: امان توکي ڇا ٿي ويو آهي! تون....
تون.... مون کي... پنهنجي اسد کي نٿي سڃاڻين؟
زينت: (ترسي آهستي) تون اسد آهين! ها، تون اسد
ئي ته آهين. پر خبر نه آهي مون کي يقين ڇو نٿو
اچي.
اسد: جيڪڏهن تون به منهنجي اچڻ ۾ ناراض هجين
امان ته پوءِ مان هتان ئي پوين پيرن تي موٽي وڃن
لاءِ تيار آهيان. ائين سمجهي ته هن دنيا ۾ هاڻي
منهنجو ڪوبه ڪونهي.... ڪوبه ڪونهي....
زينت: اسد....
اسد: مون حياتيءَ سان هڪ ڊگهي جنگ ڏني آهي.
مون ڪڏهن به پنهنجي لاءِ ڪا خوشفهمي اختيار نه
ڪئي. فقط انهي لاءِ ته مون پنهنجن بازن جي همت تي
ڀروسو ڪيو. انهيءَ ڊگهي ڇڪتاڻ ۾ ڪڏهن ڪڏهن منهنجي
اکين آڏو هڪ روشن ۽ ٻهڪندڙ تارو اُڀري بيهندو هو ۽
دل چوندي هئي ته اهو تارو سدائين ٻهڪندو ۽ چمڪندو
رهي اهو تنهنجي محبت جو ستارو هو، امان تنهنجي
محبت جو ستارو...
زينت: اسد.....!
اسد: پر اسان محنت ۽ پورهئي ڪرڻ وارن جا
جواب محض گهڙين لاءِ هوندا. هڪ گهڙي جي رڃ ڏسي،
مون ۾ ان ڏانهن ڊوڙڻ جي خواهش ٿيندي هئي، پر جڏهن
حقيقتن جو سج اڀرندو هو ته خوابن جا ستارا پاڻهي
پاڻ جهڪا ٿي ويندا هئا.
زينت: اسد، منهنجا پٽ! تون... تون اڃان ڏکويل
آهين!
اسد: ڏک ۽ سک انسان پنهنجي لاءِ پاڻ پيدا
ڪندو آهي امان. ڪيڏا اُمنگ کڻي آئون هن گهر جي
چائنٺ ٽپيو هوس، محض تنهنجي لاءِ. محنت، ڏکن ۽
تڪليفن جي ڊگهي عرصي ۾ منهنجي آڏو اها مشعل ٻرندي
رهي جنهن مان ماءُ جي محبت جي لاٽ پئي نڪتي، بيوس
۽ لاچار ماءُ جي محبت.
زينت: تون.. تون... ويهندين ڪونه؟
اسد: تون جيڪڏهن زهر کائڻ جو چئين ته به
خوشي سان کائي ويندس.
زينت: اسد، منهنجا ٻچا (روئي ٿي).
اسد: تون... تون روئين ڇو ٿي امان؟
زينت: انهيءَ لاءِ تنهنجا ڏک منهنجن ڏکن کان
گهڻا ۽ سرس آهن پٽ.
اسد: آئون کلڻ لاءِ هتي آيو آهيان، روئڻ
لاءِ ڪونه آيو آهيان امان.
زينت: ڌڻي سدائين توکي خوشيون نصيب ڪري پٽ،
آئون ته عورت آهيان، ڪوشش ڪريان ٿي، تڏهن به
پنهنجن ڳوڙهن کي روڪي نٿي سگهان. مون کي ٻڌاءِ،
هيترا سال تون ڪٿي هئين منهنجا ٻچا....
اسد: گذريل وقت جون ڳالهيون پڇي ڇا ڪندينءِ
امان، بس حياتي هئي جيڪا آهستي ڏاڍي گذرندي ويئي
بنان ڪنهن احساس جي.
زينت: تنهنجن ڪپڙن تي ڪارا تيل جا نشان....
اسد: (کلي) اِهي منهنجي محنت جا ٽڙيل گل آهن
امان، وڏي ماڻهو جو ننڍڙو پٽ.
زينت: مونکي ٻڌاءِ ته تون ڇا ڪندو رهيو آهين؟
اسد: محنت، مزوري، لوهه جي اوزارن سان راند.
زينت: توکي انهيءَ ڪم تي ڦڪائي ڪانه ٿي لڳي؟
اسد: ڦڪائي (کلي) اهي دنيا جون نهايت وڻدڙ
خوابن جهڙيون ڳالهيون آهن. خوابن جو حقيقتن سان
تمام گهٽ واسطو هوندو آهي امان، ۽ آئون ڦڪو ڇو
ٿيندس، هيءَ منهنجو پنهنجو اختار ڪيل گس آهي.
زينت: تنهنوج پيءَ، تنهنجو وڏو ڀاءُ، اهي سڀ
پڙهيل ڪڙهيل ۽ وڏين نوڪرين وارا.... ۽ تون...
اسد: انهن ڦٽن کي هٿ نه لاءِ امان. اهي ڦٽ
جي اُٿلي پيا ته انهن جي علاج لاءِ ڪو حيلو به نه
ٿي سگهندو. مون کي ٻڌاءِ، پنهنجي باري ۾، نعيم جي
باري ۾.... ۽... ۽ بابا جي باري...
زينت: اسان جي باري ۾ ٻڌي تون ڇا ڪندين پٽ.
زندگي جيئن آهي، تيئن پئي گذري. نعيم ڪو وڏو آفيسر
ٿي ويو آهي. هن پنهنجي جدا دنيا وڃي وسائي آهي.
تنهنجو پيءَ نوڪريءَ کان واندو ٿي پنهنجي....
پنهنجي نطر وڃايو هڪ هنڌ ويٺو آهي- ۽ آئون اوهان
سڀني کي ياد ڪيو پئي جيان.
اسد: بابا نظر کان ويهي رهيو آهي ۽ سندس
لاڏلي نعيم وڃي نئين دنيا وسائي آهي، ۽ توهان
هتي.... هتي اڪيلا رهو؟
زينت: ها اسان اڪيلا رهندا آهيون پٽ.
اسد: نعيم اچي به ڪونه؟
زينت: ڪڏهن ڪڏهن ڪو پور پوندو اٿس ته هليو
ايندو آهي نه ته مهينا گذريو وڃن.
اسد: بابي کي ته مٿس تمام گهڻو ڀروسو هو،
امان؟
زينت: ڀروسو، ها پٽ. هن سدائين نعيم کي پنهنجي
اصولن جي صورت سمجهيو. اڄ به هو انهيءَ خواب ۾ رهي
ٿو. کيس اهو احساس نه رهيو آهي ته دنيا تمام گهڻو
بدلجي ويئي آهي. منهنجي لاءِ ٻئي برابر آهيو پٽ،
پر تون حالتن سان ٺاهه نه ڪري سگهين، هو حالتن سان
هلي پاڻ کي ٺاهي ويو.
اسد: آئون پنهنجي حال تي خوش آهيان امان، پر
افسوس اهو اٿم ته هو لاڏلو بابي کي چوٽ رسائي ويو،
جنهن تي هن سدائين ناز ڪيو.
زينت: هو اڃان به هن کي پنهنجو لاڏلو سمجهي ٿو
پٽ.
اسد: امان....
زينت: جي؟
اسد: امان.... آئون....
زنيت: چئو چپ ٿي وئين پٽ؟
اسد: امان ڏهن سالن جو عرصو تمام وڏو عرصو
آهي، انهيءَ ۾ الائجي ڇا مان ڇا ٿي سگهي ٿو، پر دل
۾ هڪ اميد اٿم... ڀروسو ڪونه اٿم.... شايد....
زينت: تون چوڻ ڇا ٿو چاهين؟
اسد: آئون.. امان... آئون زاهده بابت ٿو
پڇان.
زينت: (ٿڌي ساهه سان) زاهده!
اسد: ها امان، گُڏي جهڙي، جڏهن آئون ويو هوس
تڏهن به هن مون کي نٿي وڃڻ ڏنو ۽ حياتي جي هن سڄي
ڪشمڪش ۾ هو منهنجي ذهن تي حاوي رهي. مون زندگيءَ ۾
ڪا خواهش نه ڪئي آهي، پر ڪي خواهشون اهڙيون
ٿينديون آهن، جڪي ازخود جنم وٺنديون آهن.... ۽
شايد اها ئي آس آهي، جنهن مون کي جيئڻ سيکاريو
آهي.
زينت: جبل جيڏا ڏهه سال! انهيءَ عرصي گذرڻ کان
پوءِ به توکي آس آهي پٽ!
اسد: ها امان... اها آس وک وک تي مون سان گڏ
رهي آهي، ۽ اڄ به اٿم.
زينت: ڇو؟
اسد: ڇو؟ مون کي اها خبر نه آهي امان. مون
سڄي دنيا سان لاڳاپا ٽوڙي ڇڏيا. هر خواهش ۽ تمنا
جو گلو گهٽي ڇڏيم. سوچيو هئم ته اها ڳالهه به
وساري ڇڏيان، پر وساري نه سگهيس، خبر نه آهي ڇو؟
امان مون دنيا جي باهه ۾ ٻرندي ٻرندي پاڻ کي وڌيڪ
سخت ڪري ڇڏيو آهي. امان پر اڄ به جڏهن هن جو نالو
دل تي تري آيو اٿم تڏهن ائين ٿو محسوس ٿئيم ته
منهنجو سڄو وجود وگهري ويو آهي.
زينت: اجائي آس! ڇا تون ڀانئين ٿو ته زاهده
اها زاهده رهي هوندي جيڪا ڏهه سال اڳ هئي پٽ؟
اسد: ها امان! ڇو جو آئون پاڻ اڃان بدلجي نه
سگهيو آهيان.
زينت: هوءَ هن ڪاري تيل سان ڀريل ميرن ڪپڙن ۾
توکي قبول ڪندي؟
اسد: مون هن جي ڪپڙن کي ڪونه چاهيو هو امان.
هو جنهن به صورت ۾ هئي منهنجي دل ۾ موجود آهي.
زينت: ڏاڍو ڀروسو اٿئي!
اسد: زماني مونکي ٻين تي ڀروسي ڪرڻ جو سبق
ڏنو آهي امان.
زينت: ته پوءِ تنهنجو اهو سبق غلط آهي.
اسد: ڇو؟
زينت: اسد، ڏهه سال هڪ وڏو عرصو آهي. هو ڪاري
تيل جي ڌپ نه پر خوشبوءِ جي خواهشمند آهي... ۽....
۽ هو هاڻي تنهنجي نٿي ٿي سگهي.
اسد: ڇو، انهي ڪري جو آئون پگهر جو پورهيو
ٿو ڪريان. آئون هن کي بيشڪ خوشبوٰ نه ڏيئي سگهندس،
پر آئون هن کي هڪ پر خلوص ۽ سانيتڪو گهر ضرور
ڏيئي سگهندس امان، جنهن ۾ فقط محبت هوندي، فقط
محبت،
زينت: هوءَ انهيءَ ڪري تنهنجي نٿي ٿي سگهي
جو.... جو هنجي شادي ٿي چڪي آهي.
اسد: شادي.... ٿي..... چڪي آهي!
زينت: ها پٽ، هن پنهنجي دنيا وڃي وسائي آهي، ۽
هاڻ، هوءَ تنهنجي ڀاءُ نعيم جي گهر واري ۽ تنهنجي
ڀاڀي آهي....
اسد: (سخت غم) اوهه نعيم، تو مونکي وک وک تي
شڪست ڏني آهي ڪيڏي نه محروم حياتي آهي منهنجي
امان. مونکي تو ڇو جنم ڏنو. ڇو، آخر مون کي ڪهڙي
ڏوهه جي سزا ملي رهي آهي؟
زينت: سڀڪجهه وساري ڇڏ، هليو وڃي پنهنجي
انهيءَ دنيا ۾ جتان تون اچڻ جي ڪوشش پيو ڪرين. هن
هنڌ تولاءِ ڪجهه به ڪونهي، ڪجهه به ڪونهي.
اسد: ايڏين محرومين جي باوجود آئون اڃان پيو
جيان، ڪيڏو نه سخت جان آهيان. منهنجي حياتي جون
اهي تڪيلفون جيڪر پهاڙن تي پون ها ته هوند اهي به
ڏري پون ها. پيءَ جي نفرت، ماءُ جي مصلحت، ڀاءُ جو
فريب. (ٿڌو ساهه ڀري) خير، حياتي جو اهو چڪر آهي.
آئون بابا سان ملي سگهان ٿو؟
زينت: هو شايد اهو پسسند نه ڪري.
اسد: منهنجي دل ته گهڻو ئي ٿي چئي ته ساڻس
ملان پر شايد آئون پاڻ روڪي نه سگهان. هي ڪجهه
پئسا آهن. امان، جيڪي مون گڏ ڪيا آهن، اهي تون رک،
شايد ڪنهن وقت ضرورت پوي.
زينت: تنهجي ڪمائي تي اسان جو ڪو حق ڪونهي.
اسد: برابر- پر آئون توهانجو پاڻ تي حق
سمجهان ٿو.
]تيزيءَ
سان اُٿي هليو وڃي ٿو[
زينت: اسد... اسد.... منهجا پٽ (روئي ٿي)
]موسيقيءَ
سان منظر مٽجي ٿو[
زنيت: اچي، دوا پيئو.
جاويد: اڄ دوا پيئڻ تي دل نه ٿي ٿئيم.
زينت: جي دوا نه پيئندو ته طبيعت ڪيئن ٺيڪ
ٿيندؤ.
جاويد: اڄ آئون تمام خوش آهيان، نعيم پنهنجي
گهر واريءَ سميت هتي ايندو نه- شادي کان پوءِ
پهريون ڀيرو پيو اچي.
زينت: (اداس لهجي ۾) ها، مونکي خبر آهي.
جاويد: پوءِ تو هنن لاءِ ضرور ڪانه ڪا تياري
ڪئي هوندي.
زينت: ڇو نه، منهنجي ننهن جو اچي ٿي. هونءَ به
اسان جي دل آئي جي آڌار لاءِ نهايت ڪشادي آهي.
جاويد: ها، پر هي ته وري بنهه پنهنجا آهن.
ڪيڏي نه سهڻي جوڙي هوندي، نعيم ۽ زاهده جي.
زينت: نهايت سهڻي.
جاويد: توکي شايد اها ڳالهه ڪانه ٿي وڻي.
زينت: منهنجي وڻڻ نه وڻڻ سان آخر ڪهڙو فرق
پوند، جنهن ڳالهه ۾ تون خوش آهين،آئون به انکي
پنهنجي خوشي سمجهان ٿي. مون سدائين فقط تنهنجي
خوشين کي چاهيو آهي.
جاويد: تون ملول آهين! آخر توکي ٿيو ڇا آهي؟
زينت: مون کي ڪجهه به نه ٿيو آهي، اوهان دوا
پيو.
جاويد: ڳالهه کي ٽارڻ جي ڪوشش نه ڪر. آئون
توکي ڏسي ته ڪونه ٿو سگهان زينت، پر تنهنجن اُڌمن
کي محسوس ڪري سگهان ٿو. ٻڌاءِ تون پريشان ڇو آهين؟
ڇا مون مان ڪڪ ته ڪانه ٿي آهين”
زينت: توکي اهو اجايو شڪ اچي ٿيو آهي- آئون
تمام خوش آهيان. آئون تولاءِ سڀ ڪجهه ڇڏيو ويٺي
آهي.
جاويد: ڀلاتو شادي کانپوءِ نعيم ۽ زاهده کي
ڏٺو آهي؟
زينت: (اداس) مون سندن خوشي ئي ڪانه ڏٺي آهي،
هن جي شادي جا خواب اسان ڏٺا هئا- پر هن ڪٺور
اسانکي ٻڌايو ڪونه هو... چپ چاپ وٺي وٺي وڃي نئون
گهر آباد ڪيائين.
جاويد: ها... اهو ته مون کي وسري ويو، پر خير
انهي سان ڪهڙو فرق پوي ٿو، اسان جو پنهنجي اولاد
جي خوشين سان واسطو آهي، جيڪڏهن هوخوش آهن ته اسان
به خوش آهيون. آخر هي نئون زمانو آهي ان جا پنهنجا
رنگ روپ آهن، تون پراڻي زماني جون ڳالهيون پئي
سوچين.
زينت: زمانو ڪيڏو به بدلجي ڇو نه وڃي، ماءُ جي
محبت سدائين هڪجهڙي رهندي آهي- سندس آسون۽ اميدون
وقت جي رفتار سان نه بدلبيون آهن. جڏهن هو پنهنجي
اولاد کي جنم ڏيندي آهي، تڏهن کان وٺي هو ان بابت
ڪيئي آسون دل ئي دل ۾ باسي ڇڏيندي آهي ۽ جڏهن ڪنهن
ماءُ جون اهي آسون سندس مرضيءَ جي خلاف پوريون ٿي
وينديون آهن، ته اها ماءُ پنهنجي روح ۽ وجود کي
ٽڪرا ٽڪرا ٿيندي محسوس ڪندي آهي- آئون اها ماءُ
آهيان.
جاويد: هيڏي وقت گذرڻ کان پوءِ به تنهنجي سوچ
۾ ڪو فرق ڪونه آيو آهي. اهي ئي پراڻا خيال.
زينت: (تيز لهجي ۾) ڇا تنهنجي سوچ ۾ ڪڏهن ڪو
فرق آيو آهي، تو ڪڏهن اسد جي باري ۾ سوچيو آهي؟
جاويد: (ڪاوڙ) انهيءَ جو نالو منهنجي آڏو نه
وٺ، ضدي هٺيلو۽ خود خيال.
زينت: بلڪل تنهنجي اصولن جي اصلي ۽ چٽي صورت.
جاويد: مون کي هن کان نفرت آهي.
زينت: مائٽ ٿي ڪري پنهنجي اولاد کان نفرت ٿو
ڪرين؟
جاويد: ڇا نعيم تنهنجو پٽ ڪونهي؟
زينت: هڪ ماءُ پنهنجي اولاد کان ڪڏهن منهن
موڙي نٿي سگهي، بيشڪ هو به منهنجو پٽ آهي. منهنجون
ٻئي اکيون آهن، پر تو ڪڏهن اسد کي پنهنجو ڪري
سمجهيو،آخر ڇو؟
جاويد: ڇو؟ توکي خبر آهي ته هو لاغرض هو. هن
پنهنجي دنيا پنهنجي خيال سان ٺاهڻ ٿي گهري، هن
سدائين منهنجي مرضيءَ جي ابتڙ ڪيو.
زينت: ڪيڏانهن ويئي تنهنجي روشن خيالي،
ڪيڏانهن ويا تنهنجا اٽل اصول.
جاويد: (نهايت ويچارائي سان) تون.... تون....
مون تان چٿرون پئي ڪرين زينت.
زينت: آئون توتي چٿرون ڪنديس، جنهن هڪ وڏي
عرصي تائين تنهنجن اصولن جا گهاوَ سٺا آهن، تڏهن
به ٻڙڪ ٻاهر نه ڪڍي اٿم. اڄ الائجي مون کي ڇا ٿي
ويو آهي. شايد مون اڄ پنهنجو ڀڳل ٽٽل عڪس ڏٺو آهي،
جنهن ۾ اڃان ماءُ جي مامتا جا ڪي ليڪا باقي آهن.
جاويد: تون چوڻ ڇا ٿي چاهين؟
زينت: اڄ اسد آيو هو....
جاويد: اسد آيو هو! ڪيڏانهن هليو ويو؟
زينت: ڇو، تون بدلجي ڇو ويو آهين- هن جي لاءِ
تنهنجي دل ۾ ته ڪجهه به ڪونهي.
جاويد: (اڻٻڌو ڪري) هو مون کي پڇڻ به نه آيو؟
زينت: مون هن کي روڪي ڇڏيو- شايد تون هن جو
وجود برداشت نه ڪري سگهين ها.
جاويد: آخر ڇو؟
زينت: تو پنهنجي لاءِ، ۽ پنهنجي اولاد لاءِ
اهڙا خيالي گهر جوڙيا هئا، جن جو وجود ڪونه هو.اسد
خيال جي دنيا جو ماڻهو ڪونه هو. هو انهن خوان مان
نڪري، زندگي جي روشن راهه تي هلڻ لڳو. جيڪڏهن هو
تنهنجي آڏو اچي ها ته هن جي جسم مان ايندڙ تيل ۽
گريس جي ڌپ تنهنجي ساهه جي مونجهاري سبب بنجي ها.
ڇو ته هو تنهنجي خوابن جي ابتڙ آهي- بلڪل ابتڙ.
جاويد: تيل ۽ گريس جي تپ؟
زينت: ها، هو ڪنهن ڪارخاني جو مزور آهي.
جاويد: ڪارخاني جو مزور. هن اهائي ڪئي جيڪي
سٽي هئائين. اهو هن فقط مون کي رنجائڻ لاءِ ڪيو
آهي، ڇاڪاڻ ته هن کي مون پڙهائڻ ٿي گهريو... ۽ هو
پنهنجي مرضي سان پڙهڻ ٿي گهريو. آئون سمجهندس اها
سندس هار آهي. چڱو ٿيو جو هو مون وٽ نه آيو.
زينت: هن جي چهري جي سختي جو توکي احساس نه
آهي. هن جي ٻانهن جي زور جي توکي ڄاڻ نه آهي. هن
جي جسم جي توانائي کان تون بي خبر آهين. اڄ جڏهن
مون هن کي ڏٺو ته آئون گهڙي کن لاءِ کيس سڃاڻي نه
سگهيس، پر جڏهن ڳالهايائين ته مونکي اهو ئي معصوم
۽ نازڪ دل وارو سچار اسد معلوم ٿيو.
جاويد: نازڪ دل وارو سچار- هون، هن جي سيني ۾
دل جهڙي شيءَ ئي ڪانهي.
زينت: هنجي سڀني ۾ دل جو اهو روپ آهي، جيڪو
رڳو پريت سان ڀريل آهي. جنهن ۾ ڪنهن به قسم جو
دولاب ۽ فريب ڪونهي، سڌي سنئين. هر ظلم سهڻ واري
دل، سندس محنتي ۽ مضبوط جسم جي نهايت نرم ۽ نازڪ
دل اڄ.... اڄ ڀڄي ڀورا ٿي ويئي ۽ سالن کان جنهن آس
تي جيئندو پئي آيو، اڄ اها آس به کانئس کسجي ويئي.
ڪيڏو نه لاچار ۽ مظلوم آهي.
جاويد: ڪهڙي آس؟
زينت: ڇڏي ڏي انهيءَ ڳالهه کي. آئون تنهنجي دل
ڀڃڻ نٿي چاهيان!
جاويد: مون کي ٻڌاءِ. منهنجي دل ڪانه ڀڄندي،
ٻڌاءِ!
زينت: (وقفي سان۽ اداس لهجي ۾) زمانا ٿيا ته
مون هن گهر جي اڱڻ تي ٽهڪڙا ڏٺا هئا. مون اسد ۽
نعيم جي حياتي کي پنهنجي لاءِ زندگي سمجهيو هو.
اوچتو هڪ ڏينهن گهر جي اڱڻ تي هڪڙي ننڍڙي نازڪ
گُڏڙي ساڻن رانديون ڪرڻ لڳي.
جاويد: تون شايد زاهده بابت پئي چئين؟
زينت: (اڻٻڌو ڪري) اسد جي کلڻي طبيعت انهي
نازڪ گڏي جي دل ۾ گهر ڪري ويئي ۽ نعيم جيڪو پنهنجي
دل ۾ سوين ڳالهيون سانڍيو ويٺو هوندو هو، سندن
ٽهڪڙا ۽ خوشيون سهي نه سگهندو هو ۽ هو اچي تنهنجي
پاڇي ۾ پناهه وٺندو هو ۽ تون هن جون ڳالهيون ٻڌي
اسد کي ماريندو هئين. هو رڙيون ڪري روئيندو هو ۽
نعيم پنهنجي ڪاميابيءَ تي ڪُنڊن ۾ لڪي ٽهڪ ڏيندو
هو. ياد اٿئي؟
جاويد: مون کي هن جي زاهده سان ڊيگهه نه وڻندي
ئي. ڇو جو مون اهو فيصلو ڪيو هوته نعيم جي شادي
زاهده سان ڪرائيندس.
زينت: آئون ڄاڻان ٿي، نعيم جي ميسڻي طبيعت
پنهنجو رنگ لاتو زاهده جي مرضي جي خلاف اسد هن گهر
جي چوديواري مان هليو ويو ۽ نعيم هن گهر ۾ رهي
سڀڪجهه حاصل ڪري ورتو. هن هر وک تي اسد کي ماريو
آهي، ۽ .... ۽ .... نيٺ اسد جي آخري آس به هن کان
کسي ويو- اڄ جڏهن کيس اها خبر ملي ته هن جي نازڪ
دل ٽٽي پئي.
جاويد: تون سمجهين ٿي ته زاهده جهڙي پڙهيل
ڪڙهيل ڇوڪري نعيم جهڙي آفيسر کي ڇڏي، هڪ ٽڪي جي
جاهل مزودر سان پنهنجي زندگي گذارڻ لاءِ تيار ٿي
وڃي ها.
زينت: محبت جا اصول ڪڏهن به نه مٽبا آهن.
جاويد: محبت! اجائي ڳالهه- هن زماني ۾ محبت
فقط ٺٺ ٺانگر سان آهي.
زينت: ٿي سگهي ٿو، پر عورت دل جي دولت فقط هڪ
ڀيرو هارئيندي آهي، فقط هڪ ڀيرو.
جاويد: جيئن تو (کلي ٿو)
زينت: آئون ڪئين چوان.
]پري
کان ڪار اچڻ جو تاثر. فيڊ اِن[
جاويد: (خوش ٿي) شايد هو اچي ويا. اُٿي وڃي
کين وٺي آءَ.
زينت: جيستائين تون هيءَ دوا پيءُ.
جاويد: اوهه تون دوا کي ڇڏ. اڄ مون کي ڪاتڪليف
ڪانهي. اڄ آئون بيحد خوش آهيان، بيحد خوش.
]موسيقي
سانمنظر مٽجي ٿو[
نعيم: آخر مون ايئن کڻي ڪيو به ته ڪهڙو ڏوهه
ڪيم.
زاهده: ڏوهه ته مون ڪيو آهي جو توکي چئي ڏنم.
سوچڻ جي ڳالهه آهي ته آخر هن وقت جڏهن اسان خود
مشڪل سان وقت گذاري رهيا آهيون، تڏهن ٻن ٻين ماڻهن
جو بار ڪيئن کڻي سگهنداسين. |