جاويد: آخر ماءُ آهين نه، تون ڇو نه ائين
سوچيندينءَ پر مون کان ائين نٿو ٿئي.
زينت: ماءُ، ڇا مائرن جي نصيبن ۾ رڳو ڏک
ڏولاوا لکيل آهن.
جاويد: زينت (ترسي) زينت، مون کي تنهنجن ڏکن
جو احساس آهي. مون کي اهو به احساس اهي ته مون
توکي پنهنجي اصولن تي سدائين پئي قربان ڪيو آهي.
پر حقيقت ۾ منهنجي شڪست آهي مون اسد جي مون اسد جي
معاملي ۾ تنهنجي روح جي راضپي جي ابتڙ سوچيو هو
مون کان پري ٿي ويو. مون پنهنجي اصولن جي صورت
نعيم کي سمجهيو. پر هن ويجهي هئڻ جي باوجود منهنجي
احساسن جي شيش محل کي ڀڃي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو.
ايڏن صدمن جي باوجود آئون اڃان به جيان پيو!
زينت: اجايو پاڻ کي پريشان نه ڪر. تنهنجي
طبيعت اڳي ئي ٺيڪ نه آهي.
جاويد: مون کي اڄ پنهنجن شڪستن جو اعتراف ڪرڻ
ڏي. ائين ڪرڻ سان مون کي سڪون ٿو محسوس ٿئي. مون
اسد کان سندس خوشيون کسي مون هن کي مامتا ۽ محبت
کان پري رکيو. آئون اسد جو ڏوهاري آهيان. آئون اسد
جو ڏوهاري آهيان.
زينت: هي توهان کي ڇا ٿي... (قدمن جو آوز)
جاويد: هي... ڪير آيو آهي؟
زينت: (پريشان) ڪير... ڪير ڪونهي....
جاويد: مون کان لڪائڻ جي ڪوشش نه ڪر زينت مون
کي محسوس پيو ٿئي ته هتي مون کان ۽ توکان سواءِ ڪو
ٻيو به آهي. تيل ۽ گريس جي بو. (تيز آواز ۾)
اسد....
اسد: ها..... بابا.... آئون آهيان. اڄ آئون
پنهنجي سمورا ڏوهه بخشائڻ آيو آهيان، بابا
شايد.... شايد.... مون کي به اوهان وانگر سڪون ملي
وڃي.
جاويد: اسد تنهنجي آواز ۾ ايڏو ڏک....
اسد: آئون حالتن سان مقابلو ڪندو رهيو آهيان
بابا ۽ اڃان به ڪندس. ڇاڪاڻ ته مون ۾ اڃان جيئڻ جي
خواهش آهي، مون کي حياتي سان محبت آهي....
زينت: تون تمام گهڻو ٿو ڳالهائين اسد!
جاويد: هن کي ڳالهائڻ ڏي. هن جي ڳالهين سان
منهنجي دل جو بار هلڪو ٿي رهيو آهي ۽ سڪون پيو
محسوس ٿئي.
اسد: اوهان جي مهرباني بابا. مون کي اوهان
وٽان اهو گهربو هو. زندگي آهي ته وري پيا ملنداسين
چڱو، خدا حافظ.
جاويد: تون وڃين پيو... (سڏيندي) اسد! (قدمن
جو آواز)
اسد: (پريان) جي... بابا سائين.
جاويد: جيڪڏن اڪيلو هجان ها ته شايد توکي وڃڻ
کان نه روڪيان ها، پر... تنهنجي ماءُ کي هاڻي
تنهنجي ضرورت آهي.
اسد: بابا.
جاويد: ها اسد. هيءُ گهر تنهنجو آهي. هتي
توسان محبت ڪندڙ ماءُ موجود آهي ۽ هن هيڏي ساري
دنيا ۾ بنهه اڪيلي آهي. هن کي تنهنجي ساٿ جي ضرورت
آهي. آئون.... توکان اهو ئي ٿو گهران. بس...
اسد: بابا (خوشي ٿي) بابا. توهان مون کي
نئين حياتي ڏني آهي.
]پڄاڻي
جي موسيقي[
ٽي – وي ڊراما
ڪي ڏور به اوڏا سپرين
هڪ اخبار جي آفيس، جنهن ۾ مختلف ڪارڪن ڪم ۾
مصروف آهن. ايڊيٽر جي آفيس جي ٻاهران هڪ
اسٽول تي پٽيوالو ويٺو آهي ۽ اخبار پيو
پڙهي.
ايڊيٽر اسلم اندر داخل ٿئي ٿو. ويٺل سڀني
همراهن سان هٿ جي اشاري سان سلام ڪري ٿو،
ٻيا جواب ڏينس ٿا. پٽيوالو در کولي بيهي ٿو،
۽ اسلم مرڪندو اندر وڃي ٿو. هو ڪرسيءَ تي
ويهي اخبار پڙهي ٿو. ٽپال ڏسي ٿو.
پٽيوالو اندر اچي ٿو. سندس کڙڪي تي اسلم ڪنڌ
کڻي کيس ڏسي ٿو. |
|
|
پٽيوالو: سائين صبح کان وٺي هڪ مائي فون پئي
ڪري.... |
ڇرڪ ڀري حيرانيءَ مان |
اسلم مائي؟
پٽيوالو: ها سائين، اوهان سان ڳالهائڻ پئي
گهري.
اسلم: نالو ٻڌايائين؟ |
پٽيوالي کيسي مان پني جو ٽڪر ڪڍي کيس ڏئي ٿو |
پٽيوالو: نه سائين، باقي هي فون نمبر ڏنو
اٿس ۽ چيائين پئي ته اوهان اچو ته پاڻ
ڳالهائجو، نه ته وري فون ڪندي شايد هُوءَ
هتي اوهان سان ملڻ به اچي.... ائين پئي
چيائين. |
وڌيڪ پريشانيءَ جو اظهار |
|
|
اسلم پاڻي پياريم. |
پٽيوالو حيران ٿي تڪڙو تڪڙو وڃي ٿو، ان
دوران اسلم جي شديد پريشاني جو اظهار ڪرسيءَ
تان اٿي، بيهي ٿو، ۽ ٻاهرين دريءَ وٽان بيهي
ٿو، ٻاهرئين دريءَ جو شٽر مٿي کڻي نهاري ٿو.
گهٽيءَ جو منظر، جتي تيز رفتار ٽريفڪ پئي
هلي.
پٽيوالو پاڻي کڻي اندر اچي ٿو، پر اسلم کي
هن جي اچڻ جو احساس نٿو ٿئي. چند لمحن کان
پوءِ |
|
|
پٽيوالو: سائين پاڻي |
اسلم ڄڻ ڏورانهين خيالن جي دنيا مان اوچتو
موٽي ٿو اچي ۽ آهستي ڦري، هن کان پاڻي وٺي
پيئڻ ٿو لڳي. |
|
سندس ڪيفيت کي محسوس ڪندي
ڀڳل ڀريل آواز ۾
پٽيوالو بيهي کيس ڏسي ٿو |
پٽيوالو: سائين خير ته آهي، اوهان جي
طبيعت...؟
اسلم: تون وڃ، سڀ ٺيڪ آهي ۽ ٻڌ... جيڪڏهن
هوءَ خاتون اچي ته کيس اندر وٺي اچجانءِ.
پٽيوالو: حاضر. |
پٽيوالو ٻاهر نڪري وڃي ٿو هو فون نمبر ڏسي
ٿو، ٽيبل تي ويهي فون نمبر ملائڻ لڳي ٿو، پر
وري فون اڌ ۾ رکي ٿو ڇڏي. چند لمحن بعد وري
فون کڻي ٿو ڏاڍي بيچيني واري ڪيفيت ۾ فون
ڪرڻ گهري ٿو، پر ائين ڪرڻ جي همٿ نٿي ٿئيس.
ڪن گهڙين لاءِ سوچ ۾ گم ٿي وڃي ٿو. هو
جهڙوڪر ڪنهن ڏوهه کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪندي
نهايت تيزيءَ سان رسيور کي، پريشانيءَ جي
انداز ۾ هيڏانهن هوڏانهن نهارڻ لڳي ٿو. |
|
پٽيوالو اچي ٿو. اتاولائي سان |
اسلم: آئي آهي؟
پٽيوالو: نه سائين- مون ٿي پڇيو ته چانهه
کڻي اچان؟
اسلم: نه نه، في الحال نه.... ضرورت پوندي
ته گهرائي وٺندس. |
پٽيوالو حيران ٿي، ٻاهر نڪري ٿو. ٻاهر ويٺل
هڪ ماڻهو وٽ وڃي ٿو ۽ اچرج سان |
پٽيوالو: سعيد صاحب
سعيد: بڪ نه
پٽيوالو: هڪ زبردست خبر آهي.
سعيد: خبر! تو وٽ... ۽ زبردست خبر! مغز خراب
ٿيو اٿئي. چانهه ڪانه ٺاهي اٿئي؟
پٽيوالو: اهائي ته خبر آهي.
سعيد: ڇا مطلب؟
پٽيوالو: مطلب ته اڄ اسلم صاحب چانهه نٿو
پيئي. |
قلم رکي، حيران ٿي، وقت ڏسندي |
سعيد: ڇو؟ پندرهن سالن کان وٺي هن ئي وقت
چانهه پيئندو آهي، ۽ اڄ نٿو پيئي. خير ته
آهي... هو ته بلڪل ٺيڪ.
پٽيوالو: هوته ٺيڪ، پر صبح کان هڪ مائي پئي
فون ڪيس. سو ان جي نياپي ۽ نمبر ڏيڻ سان
همراهه جا اصل هوش ئي هوا ٿي ويا. |
ڪجهه سوچ کانپوءِ
ويندي |
سعيد: هوندو ڪو پراڻو قصو- پر تنهنجو تنهن ۾
ڇا؟ هل، مٿو نه کاءُ، ڪم ڪرڻ ڏي.
پٽيوالو: خبر جو قدر ڪيو سائين... |
سعيد ڪجهه سوچي، مرڪي، ڪم ۾ مصروف ٿي وڃي
ٿو. ڪٽ ڪري، ايڊيٽر جي ڪمري ۾ ٿو اچجي. هو
فون تي ڳالهائي پيو. سندس چهري تي بيزاريءَ
جو تاثر آهي. |
|
|
اسلم: ٺيڪ آهي، سڀ ٿيندو. جي... چيم نه....
گهر ايندي مهل وٺي ايندس... نه نه، هروڀرو
جي غلط فهمي... او هو، وهم جو علاج ته لقمان
حڪيم وٽ به ڪونه هو.... آخر آئون ڪهڙيءَ
ڳالهه تان پريشان ٿينديس.... ڏس، چيم نه ته
ناهيان پريشان، ناهيان، باقي تون هروڀرو
پريشان ڪرڻ گهرين ٿي ته... چڱو چڱو، خدا
حافظ. نه نه، اڄ مون کي ڪم آهي، منجهند جي
مانيءَ تي ڪونه اچي سگهندس... بس مڙئي ڪم
آهي... ڀلا ضروري آهي ڇا ته توهان کي پنهنجن
سمورن ڪمن کان واقف ڪريان... ڪي ڪم هوندا
آهن... هوندا آهن... چڱو خدا حافظ |
هو بيزاريءَ ۾ فون رکي ٿو، فون رکڻ سان،
گهنٽي وڄي ٿي. هو نهايت اتاولائيءَ سان جهٽ
هڻي فون کڻي ٿو، ۽ چند لمحن لاءِ آواز ٻڌي،
رسيور رکي ڇڏي ٿو، وري گهنٽي وڄي ٿي. هو
ڊڄندي ڊڄندي فون کڻي ٿو. |
|
هن فون جي پس منظر۾ موسيقيءَ جاثرات اچن ٿا.
جن ۾ لطيف جذبن جو احساس آهي. اهي وقفه جن ۾
ٻاهران آيل فون جي گفتگو وقت اسلم خاموش
رهندو. موسيقي ۽ سندس چهري جي مختلف تاثرات
مان لطيف ۽ وڻندڙ جذبن جو احساس نمايان ٿئي
ٿو. هو اٿي ٿو ۽ فون کڻي اطمينان سان صوفي
تي وڃي ويهي ٿو. |
اسلم: هلو... جي... ڳالهايان پيو. شايد فون
خراب آهي. اوهان ڪيو.... جي.... نه نه. سچ
پڇو ته مون نه سڃاتو.... مهرباني... شايد
عمر جي ڪري منهنجو حافظو.... بيشڪ اوهان سچ
ٿيون چؤ. پر انسان آهيان، هزارين آواز ٻڌان
ٿو. ڪي ته ياد ڪندي خوشي ٿي ٿئي... پر...
ناز.
نه... آئون ٻڌان پيو.... اهڙيون اوچتيون
خواهشون انسان کي رولي ڇڏينديون آهن ناز....
آخر اڄ ماضيءَ کي سڏڻ جي ضرورت.... مون سان
ملڻ سان توکي ڇا حاصل ٿيندو. اسان هڪٻئي جي
حقن کي ته ڪڏهوڪو وساري چڪا آهيون ناز! هاڻي
پراڻا دود دکائي وڌيڪ ڪجهه حاصل ٿيڻ جو
امڪان ڪونهي... لاحاصل ڳالهين پٺيان ڊوڙڻ
واري عمر گذري چڪي آهي.... اهو ٿَڪَ جو احاس
اوچتو ڪيئن پيدا ٿئي.
مون عمر جو وڏو عرصو انتظار ڪندي گذاريوآهي.
هاڻي جڏهن هر شيءِ پنهنجي جاءِ وٺي بيٺي
آهي، تڏهن تون وري انهيءَ ماٺي ڍنڍ ۾ پٿر ڇو
ٿي اڇلائڻ گهرين جو... پر آئون هتي نٿو ملي
سگهان... تنهنجي گهر اچان... اهو مون لاءِ
ممڪن نه آهي. تون پنهنجو فيصلو ٻڌائي ڇڏ.
نه... نه... نه نه.... نه ناز.... اهو ممڪن
نه آهي.... ممڪن نه آهي.. |
|