ڊرامي جو هڪ ٻيو اهم ۽ بنيادي عنصر مقابلو يا
تصادم
(Conflict)
آهي، جنهن مان ڊرامو نسري ۽ اُسري ٿو. اهو تصادم
يا مقابلو هيرو ۽ خارجي قوتن جي وچ ۾ به ٿي سگهي
ٿو، جيئن قديم يوناني ڊرامن ۾ ڏيکاريل آهي، يا وري
هيرو ۽ سندس ڪوتاهين يا داخلي قوتن جهڙوڪ حسد،
لالچ، هوس، شڪ وغيره جي وچ ۾ به ٿئي ٿو، جيئن
شيڪسپيئر جي ڊرامن ۾ ڄاڻايل آهي. جديد دور جي
ڊرامه نويسن وري فرد ۽ سماج جي ويڙهه کي کنيون آهي
۽ معاشرتي بي انصافيءَ ۽ غير برابريءَ جي ڪري سماج
۾ جيڪا ڀڃ ڊاهه ٿئي ٿي، ان تصادم يا
Conflict
کي پنهنجن ڊرامن ۾ آندو آهي. بهرحال فرد ۽ هن جي
چوطرف يا خود هن جي اندر ۾ جيڪي متضاد قوتون موجود
آهن، انهن جي وچ ۾ ٿيندڙ ويڙهه، تصادم يا
Conflict
ئي آهي، جيڪو موضوع، ماحول، ڪردارن، واقعن ۽
بنيادي ڳالهه ته ڊرامي کي جنم ڏئي ٿو.
هاڻي سوال اُٿي ٿو ته آخر ڊرامي يا پلي لکڻ جي
ڪهڙي ضرورت آهي. ٻين لفظن ۾ ائين به چئي سگهجي ٿو
ته ڊرامي لکڻ جو مقصد ڇا آهي يا وري ڇا هجڻ گهرجي.
شاعري، موسيقي، نقاشي، سنگتراشي ۽ ٻين لطيف فنن
وانگر ڊرامو به احساسن ۽ امنگن جي ان لطيف،
نازڪترين ۽ پُراسرار زندگيءَ جو اظهار آهي، جنهن
جي ڪابه منطقي تعريف يا تشريح ڪري ئي نه ٿي سگهجي.
جذبي ۽ احساس جي وسيلي ئي اسين جسماني، جذباتي ۽
فڪري طرح زنده رهڻ جي مڪمل تجربي کي سمجهي سگهون
ٿا. شاعر، موسيقار، نقاش يا ڊرامه نويس هڪڙي فارم
(Form)،
هڪڙي گهاڙيٽي کي جنم ڏئي ٿو، جنهن ۾ هُن جا احساس،
اُمنگ ۽ جذبا هڪ صورت، هڪ شڪل، هڪ روپ وٺي بيهن
ٿا. تنهنڪري موجوده دور جي هڪ خاتون فيلسوف سوسين
لينگر
(Susuane Langer)
انهيءَ صورت يا روپ يا شڪل کي
Artistic Form
(فني هيئت) ڪوٺيو آهي، جنهن ۾ فنڪار (شاعر،
موسيقار، نقاش وغيره) پنهنجن احساسن ۽ امنگن جو
اڻسڌو اظهار ڪري ٿو. اهڙيءَ ريت ڊرامو يا پلي به
هڪ فني هيئت آهي، جنهن ۾ زندگيءَ بابت ڊرامه نويس
جي احساسن ۽ جذبن جو اظهار ٿئي ٿو. ارسطو جي خيال
مطابق انهيءَ جو مقصد هيءُ آهي ته ڊرامي جي وسيلي
اهڙي عمل جو مثال وجود ۾ اچي ٿو، جيڪو اُڀري ته
ماضيءَ مان ٿو، پر جنهن جو رُخ مستقبل ڏانهن هوندو
آهي. ارسطو انهيءَ ’عمل‘ کي ’عظيم‘ سڏيو آهي ڇاڪاڻ
ته هن جو چوڻ آهي ته ان ۾ آئيندي جا اهڃاڻ ملن ٿا.
ريڊيو ڊرامو به بنيادي طرح ڊراما نويس جي جذباتي ۽
احساساتي اظهار جي هڪ صورت، هڪ روپ آهي. ريڊيو
پروگرامن جو پهريون مقصد ئي تفريح ۽ وندر آهي، پر
اهڙي تفريح ۽ وندر جيڪا بامقصد هجي ۽ نه بي مقصد.
هوڏانهن تفريح ۽ وندر جو به نفسياتي مقصد ٿئي ٿو.
تفريح ۽ وندر جي ڪري جسماني ۽ ذهني ٿڪ کان نجات
ملي ٿي، ٿڪل ۽ ٽٽل جسم ۽ ذهن نئين قوت ۽ توانائي
حاصل ڪري ٿو. لطيف فنن جو ڪمال هيءُ آهي ته اهي نه
رڳو هڪ ٿڪل ۽ ٽٽل جسم ۽ ذهن کي هڪ نئين قوت ۽
توانائي بخشين ٿا، پر سمجهه، شعور ۽ ڄاڻ ۾ واڌارو
آڻي، هڪ اهڙي خوشي ۽ مسرت مهيا ڪن ٿا جنهن جو تصور
اهڙي تجربي کان اڳ بلڪل ناممڪن هوندو آهي. سچي ادب
۽ فن وانگر ريڊيو ڊرامن ۾ به ان حقيقت جي اڻ سڌي
ڪوشش ڪيل هوندي آهي. هڪ سٺي ۽ اعليٰ ريڊيو ڊرامي ۾
نه رڳو تفريح ملندي پر ان سان گڏ مفصديت به نظر
ايندي آهي.
سنڌيءَ ۾ ريڊيو ڊرامن جي شروعات تقريبن سن 1950ع
کان ٿئي ٿي. ان زماني ۾ ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ تان
سنڌي پروگرام فقط 45 منٽن جو نشر ٿيندو هو، جنهن ۾
موسيقي، تقريرون، فيچر ۽ ڊراما پيش ڪيا ويندا هئا.
ڪراچيءَ مان جن اديبن جا ڊراما نشر ٿيا، انهن ۾
امام بخش نياز، حبيب اللہ فڪري، عبدالڪريم شاد،
خديجه چاڳلا ۽ عبداللطيف عباسي جا نالا خاص آهن.
حبيب الله فڪري ۽ خديجه چاڳلا معروف عوامي داستانن
جهڙوڪ نوري ڄام تماچي، عمر مارئي وغيره کي ريڊيو
ڊرامن جو روپ ڏنو. عبدالڪريم شاد وري پنهنجن ڊرامن
لاءِ واقعا اسلامي تاريخ مان ورتا. البت امام بخش
نياز ۽ عبداللطيف عباسي پنهنجي وقت جي سماجي ۽
معاشرتي مسئلن تي ڊراما لکيا.
سن 1955ع ۾ ريڊيو پاڪستان جي هڪ اسٽيشن حيدرآباد ۾
قائم ٿي، جنهن جي ڪري سنڌي پروگرامن کي وڌيڪ وقت
ملڻ لڳو. ڪراچيءَ مان اڌ ڪلاڪ جي مدت جا ڊراما نشر
ٿيندا هئا، پر حيدرآباد مان سنڌي ڊراما هڪ ڪلاڪ جي
مدت جا نشر ٿيڻ لڳا. سيد منظور نقويءَ جي چوڻ
مطابق حيدرآباد مان پهريون سنڌي ڊرامو ’روٽي‘ جي
عنوان سان نشر ٿيو هو، جيڪو هن پاڻ هڪ اردو ڊرامي
تان ترجمو ڪيو هو. ريڊيو ڊرامن جي لکندڙن ۾ سيد
منظور نقويءَ جو بنيادي ۽ اهم حصو رهيو آهي. هن نه
رڳو ترجما ڪري پر اصلوڪا ڊراما لکي سنڌي ٻوليءَ ۾
ريڊيو ڊرامن لکڻ جي پختي پيڙهه ٻڌي. ٻئي طرف محمد
بخش انصاريءَ جون خدمتون وساري نه ٿيون سگهجن،
جنهن ڊرامي جي پروڊيوسر جي حيثيت ۾ ريڊيو ڊرامن ۾
حصو وٺندڙن کي صداڪاريءَ جي فن جي تعليم ۽ تربيت
ڏني. محمد بخش انصاري پاڻ به ڪيترائي ڊراما سنڌيءَ
۾ ترجمو ڪري نشر ڪيا.
اهوئي دور ۽ زمانو آهي جڏهن ممتاز مرزا جي ريڊيو
ڊرامن ۾ دلچسپي پيدا ٿي. ممتاز مرزا پهرين هڪ
صداڪار جي حيثيت ۾ ڊرامن ۾ حصو وٺڻ لڳو. پر پوءِ
هن صداڪاريءَ کي ڇڏي ڊرامن لکڻ ڏانهن وڌيڪ ڌيان
ڏنو. هن ريڊيو لاءِ پهريون ڊرامو ’لاکو ڦلاڻي‘
لکيو جيڪو سن 1959ع ڌاري نشر ٿيو هو. اهڙيءَ ريت
ممتاز مرزا انيڪ ۽ جدا جدا موضوعن تي ڪيترائي
ڊراما لکيا، جن مان سندس چونڊ ڊراما هن مجموعي ۾
شامل آهن.
سنڌ جي ثقافت ممتاز مرزا جي پسند جو شعبو آهي ۽ هن
پنهنجن ڪيترن ئي ڊرامن جا موضوع ۽ پلاٽ ان مان ئي
کنيا آهن. هن مجموعي جو پهريون ڊرامو ’آخري رات‘
ممتاز مرزا جي هڪ شاندار تخليق آهي. اهو ڊرامو
ريڊيو پاڪستان جي جشن تميثيل (سال 1964) جو نهايت
ڪامياب ۽ بهترين ڊرامو سمجهيو ويو هو. ان ڊرامي جو
انگريزي ۽ اردو ۾ به ترجمو ٿيو آهي. موئن جي دڙي
جي تباهي ڊرامي جو موضوع آهي. ممتاز مرزا سنڌ جي
تاريخ جو ڳوڙهو مطالعو ڪيو آهي. هن سنڌ جي سرزمين
جا اهي ماڳ ۽ مڪان پڻ پنهنجين اکين سان ڏٺا آهن
جتي تاريخ جا اهم ترين فيصلا ٿيا هئا. آخري رات
ڊرامي لکڻ کان اڳ ممتاز مرزا ڪيترائي ڀيرا موئن جي
دڙي جو ذاتي مشاهدو ڪيو ۽ دنيا جي ان قديم تهذيب
جي عروج ۽ زوال جي سببن جي ڇنڊڇاڻ ڪئي. موئن جي
دڙي جي تهذيب جي عظمت ۽ وڏائي ان ڪري آهي جو دنيا
جي قديم تهذيبن ۾ اها اڪيلي ۽ پهرين تهذيب آهي،
جنهن جي تمدني زندگي پنهنجي همعصر تهذيبن جي تمدني
زندگيءَ کان بلڪل جدا، نرالي ۽ تمام گهڻي سڌريل
هئي. پڪسرا ٻه ماڙ گهر، صاف سٿرا غلسخانا، ڪني
پاڻيءَ جي نيڪال لاءِ ڍڪيل ۽ زير زمين موريون،
ننڍا توڙي وڏا پڪا ۽ پختا رستا ۽ گهٽيون، ڪپهه،
ڪڻڪ ۽ جَوَن جا فصل، ڪپڙي اُڻڻ، سبڻ، ٿانون،
اوزارن، زيورن ۽ ٻيڙين ٺاهڻ ۽ رنگ ڏيڻ، پٿر گهڙڻ
وغيره جا هُنر موئن جي دڙي جي تهذيب جا خاص ڳُڻ ۽
خوبيون هيون. آثارن مان اهي به اُهڃاڻ مليا آهن ته
اتي هڪ اعليٰ درجي جو اخلاقي نظام به قائم هو ۽
صاف سٿري ۽ خوشحال معاشرتي ماحول جي لاءِ گهربل
مڙئي سهولتون به موجود هيون. انهيءَ قديم ۽ سڌريل
تهذيب جو اوچتو تباهه ٿي وڃڻ ۽ پنجن هزار. سالن
تائين زمين جي سيني ۾ دفن رهڻ کان پوءِ وري اتفاق
سان صفحئه هستيءَ تي ظاهر ٿيڻ تهذيبي تاريخ جو هڪ
اهڙو انقلاب هو، جنهن علمي دنيا ۾ زبردست زلزلو
آڻي ڇڏيو. موئن جي دڙي جي انهيءَ پُر اسرار تهذيب
جي پرولين ۽ ڳجهارتن کي سلڻ ۽ سمجهڻ جي هڪڙي ڪوشش
آخري رات ڊرامي ۾ به ڪيل آهي. انهن کنڊرن مان لڌل
نجڻي
(The Dancing Girl)
۽ پروهت
(The Headpriest)
جي بوتن کي ممتاز مرزا هن ڊرامي ۾ هڪ نئين زندگي
ڏئي، ٻڌندڙن کي وقت جي وهڪري ۾ تاريندو پنج هزار
سال اڳ جي موئن جي دڙي ۾ وٺي هلي ٿو، جتي زندگي
سموري رعنائيءَ ۽ رنگينيءَ سان پنهنجي جوڀن تي
آهي. رات جو وقت آهي ۽ شهر ۾ گهر گهر ڏيا پيا ٻرن.
گهٽين ۽ رستن تي رونق ۽ پيهه پيهان آهي. هر طرف
ٽهڪڙا ۽ خوشيون آهن، محفلون ۽ ڇيرن جا ڇڪاٽ آهن.
موئن جي دڙي ۾ ديوتائن جي خوشيءَ جي رات آهي، جشن
جي رات آهي. اها رات جنهن ۾ سڀ ڪجهه ٿيڻو هو، اهو
سڀ ڪجهه جنهن جي جوتشيءَ کي اڳواٽ خبر آهي، جنهن
جي لاءِ مها پروهت ورهين کان اوسيئڙي ۾ آهي ۽ جنهن
گهڙيءَ پنهنجي اچڻ کان اڳ نرتڪيءَ جي من ۾ مونجهه
پيدا ڪري ڇڏي آهي. پر ان گهڙيءَ اچڻ تي، ان وقت تي
اُتر کان اڇن وهٽن تي سوار وحشي اچن ٿا، رُڪ جو
مينهن وسي ٿو، رت جون نديون وهن ٿيون ۽ باهه جون
ڄڀيون اٿن ٿيون. ڏسندي ئي ڏسندي ڀريل ڀڪيل شهر،
قديم دنيا جي مهذب وستي خاڪ ۽ خون جو دڙو ٿي پوي
ٿو. ڊرامو نيڪيءَ ۽ بديءَ جي تصادم
(Conflict)
مان جنم وٺي ٿو. ان جي ڪهاڻي جيتري سادي ۽ سڌي آهي
اوترو ئي ان جي نازڪ ۽ ڏکئي پلاٽ کي ممتاز مرزا
ڏاڍي فنڪاريءَ سان نڀايو آهي. دراصل ممتاز ڊرامي ۾
حقيقت نگايءَ، تخئيل ۽ فئنٽيسي
(Fantacy)
کي ملائي هڪ اهڙي فضا ٺاهي آهي جنهن مان ان قديم
تهذيب جا پراسرار ڪردار علامتون بنجي اُڀرن ٿا.
جوتشي وقت جي علامت آهي، جيڪو هميشه قائم ۽ دائم
ٿو رهي. نرتڪي سونهن ۽ سادگيءَ جي علامت آهي، مها
پروهت بديءَ جي علامت ۽ چندر سچ جي راهه جي
پانڌيئڙي جي علامت آهي، جيڪو اڄ به شهريار جي روپ
۾ سچ جي ڳولا ۾ سرگردان آهي.
’آخري رات‘ ڊرامي وانگر هن مجموعي جي ٻين ٽن ڊرامن
’پنرو بڊام‘ ’واٽون ۽ نيڻ‘ ۽ ’لاکو ڦلاڻي‘ جا
واقعا به سنڌ جي تاريخ ۽ لوڪ ادب مان ورتل آهن.
پنرو بڊام ۽ لاکو ڦلاڻي تاريخي ڪردار آهن جن جي
سورهيائيءَ ۽ سخاوت جا داستان عوام ۾ ايترا ته
مقبول ٿيا جو ڀٽن ڀانن ۽ سگهڙن هنن کي ڳايو ۽
وڄايو ۽ اڄ اهي اسان جي لوڪ ادب جا به ڪردار آهن.
پنرو بڊام ڪاڇي جو سرڪش سردار آهي. سنڌ ۾ سمن جو
راڄ ختم ٿي ويو آهي. سمن جي حاڪم ڄام فيروز جي
غلطيءَ ۽ بدگمانيءَ جي ڪري سنڌ جو وفادار ۽ وطن
دوست جوڌو دريا خان شهيد ٿي چڪو آهي. هاڻي شاهه
بيگ ارغون جي سموري لاڙ تي حڪمراني آهي. پر ڪاڇي
جو سرڪش پنرو بڊام هن جي ڪوڙڪي ۾ اڃان نه ٿو ڦاسي.
هو شاهه بيگ ارغون جي اک جو ڪنڊو آهي. نيٺ وقت اچي
ٿو ۽ ڪاڇي مان پنري جي غيرحاضريءَ جو فائدو وٺي،
ارغون لشڪر هن جي ڪوٽ تي حملو ڪري قبضو ڪري ٿو ۽
مال غنيمت سان گڏ پنري جي لڄ سونل کي به زوريءَ
پاڻ سان وٺي وڃي ٿو. اهو هن ڊرامي جو مرڪزي واقعو
آهي. جنهن مان ٻيا واقعا جنم وٺن ٿا. سونل جي
وفاداري ۽ فرض شناسي ۽ پنري جي همت ۽ بهادريءَ جا
واقعا، سونل مارئي جي قائم ڪيل روايتن جي امين
آهي. هوءَ ارغون سردار جي هر لالچ کي ٿُڏي پنهنجي
لوئيءَ جي لَڄَ رکي ٿي. ارغون سردار بنديخاني ۾
سونل کي لالچائي ٿو:
”اٿ، اجايو روئڻ ۽ ڦٿڪڻ ڇڏ. حياتيءَ جون جيڪي
خوشيون ملن ٿيون، اهي حاصل ڪر.... هي سون هيرا،
ويس وڳا پهرين منهنجي دل جي دنيا ۾ اچي آباد ٿي.
سچ ٿو چوان تون کي فقط خوشيون ملنديون، فقط
خوشيون.......“
پر سونل مارئي وانگر ارادي جي پختي ۽ قول جي سچي
آهي. هوءَ امير کي چوي ٿي:
”اي امير! اها ريت اسان ۾ ڪانهي جو سون تي سيڻ
مٽايون. اسين مارئي جي وطن جون ڄايون آهيون، توهان
جهڙا سوين هزارين عمر ايندا ۽ پنهنجي سون، مَيَن،
مالن ۽ ملڪيتن جي ڌڄ پسائي هرکائيندا، پر اسان وٽ
اها ڳالهه مهڻو آهي.
”..... آءٌ هن بند ۾ مرنديس، پر تنهنجي خوشين کي
قبولي پاڻ کي ڪارنهن جو ٽڪو نه لائينديس....“
ٻئي پاسي پنري جو ڪردار آهي، جيڪو سورهيه به آهي
ته سچار به، جنهن کي مڪاريءَ ۽ دغابازيءَ سان نفرت
آهي، جيڪو ڦرمار ۽ ٺڳيءَ جي سرشتي جو ازلي ويري
آهي ۽ جنهن کي تاريخ جو به پوريءَ طرح شعور آهي.
هو چوي ٿو:
”ٺٽو اسان جو شهر، جتي سمن سردارن جو راڄ هو، جتي
اسان جي اچڻ وڃڻ تي ڪابه بندش نه هئي، جتي اسان جي
ننگ ۽ لڄ جي بچاءُ لاءِ دريا خان جهڙا دودا هئا...
اڄ انهيءَ ٺٽي جا گس اسان لاءِ بند آهن.... اتي اڄ
اسان جا ننگ ۽ غيرت غيرن جي قيد ۾ آهي. اهي سڀ
زماني جا لاها چاڙها آهن. وقت جا ڦيرا گهيرا آهن.
جيڪڏهن اسان ۾ ست هوندو ته اسين انهن حالتن جو
مقابلو ڪري پنهنجو حق حاصل ڪنداسين ۽ جيڪڏهن اسان
ائين نه ڪيو ته پوءِ اسان به وقت جي وهڪري ۾ وهي
الائجي ڪٿي وڃي پهچنداسين.... شايد اسان جو نالو
به نه رهي!“
۽ ائين ئي ٿيو. پنرو پنهنجيءَ لڄ کي دشمن جي قبضي
مان ڇڏائي ويو، پر پنهنجي وطن جون واڳون انهن هٿن
مان ڇني نه سگهيو جن ۾ ڦٻيل تيز ترارون ٺٽي ۽ اوسي
پاسي جي علائقن تي پوءِ به گهڻي وقت تائين
چمڪنديون رهيون. پنري بڊام جي ڪردار جو اهوئي
الميو
(Tragedy)
آهي جنهنکي ممتاز مرزا هن ڊرامي ۾ ظاهر ڪرڻ جي
ڪوشش ڪئي آهي.
’واٽون ۽ نيڻ‘ جو مرڪزي خيال
(Theme)
شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي سر سامونڊيءَ مان ورتل
آهي. شاهه لطيف ان سر ۾ هڪ اهڙي وڻجاريءَ جي
احساسن ۽ امنگن جي تصوير چٽي آهي، جنهن جو ڀتار
لنڪا جي سون تي هرکجي سامونڊي سفر تي اُسهيو آهي.
ڪئي مندون لنگهي وڃن ٿيون پر وڻجارو نه ٿو وري ۽
ويچاري وڻجاري هن جي انتظار ۾ اوسيئڙي ۾ اکيون
وڇايو ويٺي آهي. هن سر ۾ شاهه عبداللطيف پنهنجي
ذاتي مشاهدي ۽ تجربي کي شاعريءَ ۾ اوتيو آهي ۽
وڻجارين جي قلبي ڪيفيتن جو پنهنجن لفظن ۾ اظهار
ڪيو آهي. ٻين سُرن وانگر هن سُر ۾ به شاهه لطيف
تمثيل پيش ڪئي آهي ۽ ڪردارن جي جذباتي ڪيفيتن جي
زورائتي انداز ۾ اپٽار ڪري ٿو. شاهه جي سُرن ۾
ڪهاڻيءَ جي پلاٽ ڏانهن مختصر اشارا ملندا آهن. هن
وٽ ڪنهن به سر ۾ نه مڪمل ڪهاڻي هوندي آهي ۽ نه
مڪمل پلاٽ (واقعن جي ترتيب)، پر ڪردار نگاريءَ جو
وٽس ڪمال هوندو آهي. هر سر ڪردارن جي داخلي ڪيفيتن
جو آئينو هوندو آهي ۽ اهوئي شاهه جي شاعري جو
اعجاز آهي. سُر سامونڊيءَ جي پڙهڻ کان پوءِ ٽي
ڳالهيون خاص ڪري ڌيان تي اچين ٿيون. هڪ نسواني
ڪردار (وڻجاري)، ٻي
Location
يعني جاءِ يا هنڌ جيڪو سمنڊ جو ڪو بندر آهي ۽ ٽين
ڳالهه انهيءَ نسواني ڪردار جي قلبي ڪيفيت شاهه
لطيف نه ڪردار جو نالو ٻڌائي ٿو نه بندر جو ۽ نه
وري زماني جو. رڳو هڪ صورتحال
(Situation)
جو ذڪر ڪري ٿو، جنهن ۾ ڪردار ۽
Location
علامتون بنجي اُڀرن ٿا. ممتاز مرزا انهن ئي علامتن
کي سنڌ جي تاريخ مان ڳولي ’واٽون ۽ نيڻ‘ جو پلاٽ
ترتيب ڏنو آهي. ڊرامي جو اهم واقعو امير عيسيٰ
ترخان جي دور حڪومت ۾ ٺٽي تي پورچگيزن جو اوچتو
حملو آهي. انهيءَ واقعي جي سببن ۽ نتيجن تي ڊرامي
جي اوسر ٿئي ٿي. ڊرامي جا مرڪزي ڪردار سهجان ۽
سنديس ڀتار ملوڪ آهن. امير عيسيٰ ترخان جي حڪم تي
ملوڪ هن جي راڻيءَ لاءِ پرانهين ملڪ مان موتي آڻڻ
جي هام هڻي سفر تي اُسهي ٿو. ڪيترائي مهينا لنگهي
وڃن ٿا، پر هو واپس نه ٿو وري. سهجان هن جي
اوسيئڙي ۽ انتظار ۾ جُهرندي پئي وڃي. انهيءَ وچ ۾
ملوڪ موتي کڻي ملڪ ڏانهن موٽي ٿو. پر ٺٽي پهچڻ کان
اڳ هن جي ٻيڙي پورچگيزن جي جنگي ٻيڙي جي گهيري ۾
اچي وڃي ٿي، جن کي امير عيسيٰ ترخان بکر جي حاڪم
سلطان محمود جي بغاوت کي ٻنجي ڏيڻ ۾ مدد ڪرڻ لاءِ
دعوت ڏئي گهرايو آهي. پورچگيز سردار پيڊرو ملوڪ کي
ٺٽي وٺي هلڻ لاءِ چوي ٿو پر هو سندن بد ارادن کي
سمجهي انهيءَ کان انڪار ڪري ٿو. هن کي عذاب ڏنا
وڃن ٿا ۽ هن جي هڪ ساٿيءَ جي مدد سان پورچگيز جنگي
ٻيڙو ٺٽي جي بندر تي پهچي وڃي ٿو. امير عيسيٰ
ترخان اڳواٽ ئي پنهنجي فوج وٺي بکر روانو ٿي ويو
آهي. وجهه وٺي پورچگيز ٺٽي ۾ ڦرلٽ ۽ خون خرابو ڪن
ٿا. هزارين بيگناهه انسان هنن جي ظلم جو شڪار ٿين
ٿا ۽ سترهين صديءَ جي ايشيا جي هڪ بهترين شهر ۽
اسلامي ثقافت جي مرڪز ٺٽي ۾ هر طرف رت جا ريلا ۽
باهه جون ڄڀيون آهن. اهو سڀ ڪجهه سجهان جي اکين
اڳيان ٿئي ٿو. هوءَ ته اڳ ۾ ئي پنهنجي ڀتار جي
وڇوڙي جي جهوريل آهي وري جو پنهنجي سانتيڪي شهر کي
اهڙيءَ طرح غيرن جي هٿان تباهه ۽ برباد ٿيندو ڏسي
ٿي ته پنهنجا هوش حواس وڃائي ويهي ٿي. ملوڪ پاڻ
ڇڏائي هن وٽ اچي ٿو پر سهجان سمجهي ٿي ته پورچگيزن
کي هن ئي ٺٽي تائين آندو اهي. تنهنڪري هوءَ هن کي
پيار جي بدران ڌڪار ۽ نفرت ڏئي ٿي. سهجان ملوڪ کي
چوي ٿي:
”تون اهو نه آهين، اهو تون نه آهين جنهن جي لاءِ
ايامن کان نيڻ وڇايو ويٺي آهيان! آءٌ انهيءَ جي
واٽ پئي نهاريان، جيڪو اوچتو ئي اوچتو مون کان
وڇڙي ويو ۽ ............. مون کي ورهه جي وماس ۾
وجهي هليو ويو. هو کاري کيڙاؤ، موتين ميڙاؤ، وري
واپس وطن تي واڳ واريندو!
”تون پاڻ کي ملوڪ نه چئو، مون سڀڪجهه پنهنجي اکين
سان ڏٺو آهي...... تون ته انهن سان گڏجي ٻيڙي مان
لٿو هئين جيڪي پاڻ سان باهه، رت ۽ موت کڻي آيا
هئا.... ۽ منهنجي شهر جا ڪک ... گهڙي کن ۾ ڇا مان
ڇا ٿي ويو!“
اهڙيءَ طرح ’واٽون ۽ نيڻ‘ به هڪ الميه ڊرامو آهي،
جنهن جا مظلوم ڪردار، حاڪم طبقي جي بي پرواهيءَ،
غير ذميداريءَ ۽ حرص جو شڪار ٿي وڃن ٿا.
هن سلسلي جو ٽيون ڊرامو ’لاکو ڦلاڻي‘ آهي. ان
ڊرامي ۾ انائونسر جي واتان ممتاز مرزا ٻڌائي ٿو
ته:
”واديءَ مهراڻ جي هنج ۾ سوين سورهيه ۽ سخي سردار
ساماڻا، جيڪي اڄ به پنهنجي سورهيائي ۽ سخاوت ڪري
هنڌين ماڳين مشهور آهن. انهن سردارن مان هڪڙو لاکو
ڦلاڻي به هو، جنهن جي لاءِ ڀٽائي صاحب چيو ته
’لاکا لک سڄن پر ڦلاڻي ڦير ٻيو‘، هيءُ سورهيه ۽
سخي سردار چوڏهين صديءَ جي اَڌ ۾، خاص 1320ع ڌاري
ٿي گذريو. ان وقت سرداري سرڪشي، سورهيائي ۽ سخاني
هئي ۽ لاکي ۾ اهي مڙئي خوبيون هيون. هن پنهنجن
سورهيه ساٿين سان گڏ ڪڇ جي علائقي ۾ ۽ ان جي آس
پاس ٿرٿلو مچائي ڏنو. واديءَ مهراڻ جي هن سورهيه ۽
سخي سردار بابت قصه خوانن وٽ ڪيئي حڪايتون ۽
داستان هلندڙ آهن.“
لاکو ڦلاڻي سنڌ جي جاگيرداري عهد جو هڪ مثالي
نمائندو آهي. اهو هڪ عجيب دؤر هو، جنهن جا پنهنجا
ڳڻ آهن ته اَوڳڻ به. وعدي وفائي، سورهيائي، سخاوت،
همت ۽ جوانمردي، آئي جو آڌرڀاءُ، عورت جي عزت ۽
احترام، مظلوم ۽ محتاج جي امداد، ٻارن ۽ ٻڍن جي
پرگهور، ارادي جي پختگي، ڪمزور دشمن کي بخش ڪرڻ ۽
قوي دشمن کان وير وٺڻ، دوستيءَ جي لڄ رکڻ وغيره
انهيءَ نظام جا اهي ڳڻ آهن، جن کي اعليٰ قدر چيو
ويندو هو ۽ انهن خوبين جي مالڪ کي هڪ شريف ۽ نيڪ
انسان سمجهيو ويندو هو. پر انهن خوبين سان گڏوگڏ
انهيءَ دؤر ۾ انساني فطرت جون خباثتون به عام جام
ملن ٿيون. مڪاري، ٺڳي، زبان ڏئي ڦرڻ، دغا، دولاب،
حرص ۽ لالچ جهڙا اوڳڻ به ڏسجن ٿا. لاکي ڦلاڻيءَ جي
زماني جي انهن مڙنئي خوبين ۽ خامين جي مثالن کي
کڻي ممتاز مرزا هن ڊرامي جي پلاٽ کي ترتيب ڏنو
آهي، جنهن جي ڪري لاکي جي ڪردار جي دلڪشي ۽
دلفريبي چڱيءَ طرح اُڀري ظاهر ٿي آهي. هو پنهنجن
ساٿين کي ٻڌائي ٿو:
”انجام کي پاڻي ڏيڻ کان ڪوبه شريف ۽ بهادر ڪونه
ڪيٻائيندو. انهيءَ ڪم جي پورائي لاءِ جيڪڏهن مون
کي پنهنجي جان به قربان ڪرڻي پئي ته مون کي افسوس
نه ٿيندو.“
”اوهين سڀئي شاهد رهجو ته لاکي وٽ پنهنجي انجام جي
ڪيڏي نه عزت آهي. اوهان وقت اچڻ تي پنهنجن ٻارن کي
ٻڌائجو ته لاکو جيترو جنگ جي ميدان ۾ سورهيه هو
اوتروئي پنهنجي وعدي پارڻ ۾ سخي.“
لاکو هڪ طوفاني طبيعت جو مالڪ ۽ هڪ واچوڙي وانگر
آهي، جنهن کي هڪ هنڌ ٽڪاءُ نه ٿو اچي. هو گهر ويٺي
شادي ڪرڻ کي عيب سمجهي ٿو ۽ ڪشالا ڪڍي وَني هٿ ڪرڻ
گهري ٿو:
”آءٌ ته مينڌري وانگر ڪشالا ڪڍي مومل ماڻڻ گهران
ٿو.“ پوءِ مهر راڻيءَ جهڙي حَسين عورت جو اڙانگو
شرط پورو ڪري هن سان لائون لهي ٿو ته مهر راڻيءَ
جو عاشق هڪ چوڙيگر لاکي کان اڳواٽ وچن وٺي هن کان
مهر راڻيءَ جي ٻانهن گهري ٿو. اهو ٻڌي لاکو ڏاڍي
ڌيرج سان هن کي چوي ٿو:
”چوڙيگر! مون مهر راڻيءَ جي ٻانهن توکي بخش ڪئي.“
وري پنهنجي ساٿيءَ جسي کي ڏسي چوي ٿو:
”اسان جي ڄڃ هاڻي چوڙيگر جي آهي. سمورو ڏاج زيور
وغيره اسان هنن کي بخش ڪيا.“
انهيءَ واقعي کان پوءِ لاکي کي خبر پهچي ٿي ته
سندس غيرحاضريءَ ۾ سندس پياري ساٿيءَ جسراج جي ڳوٺ
۽ ٻين چئن ڳوٺن تي ريٻارين حملو ڪري ڪيترين ئي
عورتن جو سهاڳ لٽيو ۽ ٻارن کي يتيم ڪيو. اها خبر
ٻڌي هو وير وٺڻ جو انجام ڪري ٿو، پر ريٻاري قبيلي
جي هڪ عورت جيڪا لاکي جي مامي راءِ کنگهار جي راڻي
آهي، تنهن کي کڙڪ پوي ٿي ۽ هوءَ به لاکي کي مارائي
ساهه پٽڻ جو پڪو پهه ڪري ٿي. نيٺ مڪر ۽ فريب،
بهادري ۽ شرافت تي غالب اچي ٿو ۽ لاکي جهڙو بهادر
۽ شريف انسان پنهنجن اصولن تي سر ڏئي سُرخرو ٿئي
ٿو.
انهن ڊرامن کانپوءِ هن مجموعي جا ٻه ڊراما ’پڙاڏو
سو سڏ‘ ۽ ’ماءُ ۽ محبت‘ نفسياتي ۽ معاشرتي موضوعن
تي لکيل آهن. ’پڙاڏو سو سڏ‘ ٻن ڪردارن صادق ۽
نازنين جي داخلي ڪردار نگاريءَ جو موقعو آهي. صادق
هڪ فنڪار آهي، جنهن پاڻ مڪمل ڪرڻ جي جذبي هيٺ فلمي
دنيا ۾ پاڻ کي شهرت جي اوج تي پهچايو آهي. هو
پنهنجي شخصيت جو پاڻ پوڄاري ٿي پوي ٿو. هن پنهنجي
وجود جي چؤڌاري اَنا
(Ego)
جي اهڙي ته مضبوط ڄار اڻي آهي، جنهن کي ڪوشش کان
پوءِ به ٽوڙي، ان مان ٻاهر نڪري اچڻ جي همت نه ٿو
ساري سگهي. هو انهيءَ ڄار ۾ پوريءَ طرح وڪوڙجي
سوگهو ٿي پيو آهي. هن جو اصل نالو سليمان آهي، پر
هن کي پنهنجي شهرت واري نالي صادق سان پيار آهي،
اهو صادق جيڪو فنڪار آهي.
”اصل چيز آهي ئي فنڪار ........... فنڪار عظيم
آهي، عظمت کي ڪير به گهٽائي نه ٿو سگهي.“
صادق پنهنجي لاءِ هڪٻئي هنڌ چوي ٿو:
”اسان ئي ته وقت جا وڏا فنڪار آهيون..... اسان ئي
ته فن کي آسمان جي بلندين تائين پهچايو آهي.....“ |