نازنين: هڪ ماڻهوءَ جي چاهڻ نه چاهڻ سان ڪڏهن
ڪا ڦير گهير ٿي آهي، صادق.... اسان چاهيون ڇا ٿا،
ٿئي ڇا ٿو... حالتن کي پنهنجي وس ڪرڻ ڪا سولي
ڳالهه آهي صادق.
صادق: اسان جيڪو چاهيون ٿا ڪري سگهون ٿا
نازنين.
نازنين: منهنجي مدد ڪرڻ چاهيو ٿا، پر نٿا ڪري
سگهو!
صادق: (ٿڌو ساه ڀري) سچ ٿي چئين، پر نه، آءٌ
تنهنجي مدد ڪندس، ۽ ضرور ڪندس، چاهي مون کي ان
لاءِ ڇا به ڪرڻو پوي.... هن وقت آءٌ ملڪ جو مشهور
هيرو آهيان، آءٌ جيڪي چاهيان ڪري سگهان ٿو.
نازنين: ماڻهو توکي مغرور چوندا.... ۽ فنڪار
ڪڏهن مغرور نه ٿيندو آهي!
صادق: مغرور... پر.... پر.... او هو مون کي
ڪجهه سمجهه ۾ نٿو اچي...
نازنين: جيڪڏهن سمجهڻ جي ڪوشش ڪريو، ته ڳالهه
پڌري پئي آهي!
صادق: ڇا مطلب؟
نازنين: (کلي) مطلب، ڇڏيو ان ڳالهه کي... آءٌ
ته حقيقت ۾ اوهان کي مبارڪون ڏيڻ آئي هيس ته اوهان
اڄ جنهن ڪمال جي اداڪري ڪئي آهي، ان جو مثال ملڻ
مشڪل آهي... ڪيڏي نه زندگيءَ کي قريب هئي اوهان جي
اداڪاري... ۽ ڦلٽو... ڦلٽو ته سچ پچ ڪمال ڪري
ڇڏيو.
صادق: ها.... اڄ مون وانگر ڦلٽو به ڏکيل هو....
جڏهن حقيقتون نروار ٿيون تڏهن هو به سهي نه
سگهيو... ۽ سچا لڙڪ لڙي پيس.
نازنين: ويچارو ڦلٽو... اوهان کي هڪ عرض ڪريان؟
صادق: چئو نازنين.
نازنين: جيڪڏهن توهان کي ٿوري واندڪائي هجي ته
مون وٽ اچو.... چانهه جو....
صادق: انهيءَ تڪلف جي ضرورت نه آهي.... اجايو
توکي تڪليف ٿيندي.
نازنين: مون کي اوهان جي اچڻ ڪري تڪليف ٿيندي!
اهو ڪيئن ٿي سگهي ٿو.... مون کي ته خوشي ٿيندي.
صادق: جيڪڏهن توکي خوشي ٿيندي ته آئون به ضورر
ايندس.
]تيز
موسيقي[
]پس
منظر ۾ ستار تي وهاڳ جو تاثر[
نازنين: اوهان کي منهنجو گهر پسند آيو صادق
صاحب؟
صادق: پسند... جي.... جي ها..... سٺو آهي....
ڪافي پرسڪون آهي.
نازنين: اوهان جي بنگلي جي مقابلي ۾ هيءَ ننڍڙي
جاءِ ته ڪا حيثيت نٿي رکي. تڏهن به اسان جهڙن
مسڪينن لاءِ هيءُ ئي سڀڪجهه آهي... گهٽ ۾ گهٽ
پنهنجا ڪک آهن...
صادق: جي ها....
]وقفه[.
]ڪوپن
جي کڙکڙ[
نازنين: اوهان جي چانهه ۾ کنڊ....؟
صادق: (ڇرڪ ڀري) جي.... ڇا چيئي.....
نازنين: عرض ڪيم ته اوهان لاءِ کنڊ....؟
صادق: بس ڏيڍ چمچو.... فقط ڏيڍ.
نازنين: دراصل صادق صاحب مون پنهنجي حيثيت کان
وڏو ڪم ڪيو آهي. آسمان جي بلندين بابت بيهي سوچان
ٿي، جڏهن ته مون کي پنهنجي اندر جي پوري پروڙ به
نه آهي! (کلي) پر ڪنهن کي پنهنجي سوچ تي قبضو آهي،
خيال آهن، جن کي تيز طوفاني هوائون ڪڪرن وانگر
ڪٿان جو ڪٿي وڃيو پهچائين....
صادق: مون تنهنجي ڳالهه ڪانه سمجهي نازنين....
نازنين: مون اهو ٿي عرض ڪيو ته مون اوهان کي
هتي سڏائي وڏي جرات ڪئي آهي، حالانڪ هيءُ گهر
اوهان جي شان وٽان نه هو...
صادق: اها ڳالهه ته نه آهي، پر تون ڄاڻين ٿي ته
مون کي فرصت اصل ڪانهي... هر وقت ڪانه ڪا شوٽنگ
آهي، سڀني سان منهن ڏيڻو آهي... پر نازنين، آئون
هڪ ڳالهه اڃا تائين نه سمجهي سگهيو آهيان ته تون
هن دنيا ۾ داخل ڪيئن ٿينءَ؟
نازنين: (کلي) جيئن اوهان ۽ ٻيا....
صادق: (تقريباً پريشان ٿي) آءٌ.......... آءٌ
ته وڏي شان سان آيو هوس... ايندي شرط مون کي هيرو
جو ڪردار مليو هو نازنين.
نازنين: (طنزيه) مون کي سڌ آهي....
صادق: پر آئون اهو نٿو سمجهي سگهان ته تو جهڙي
سادي سودي ڇوڪري هن دنيا ۾ ڪيئن داخل ٿي، هيءُ اهو
ٻيلو آهي جنهن ۾ داخل ٿيڻ جا سوين پنڌ پيچرا آهن،
پر واپس نڪرڻ لاءِ ڪو گس نه آهي، جيڪڏهن ڪو ڪوشش
به کڻي ڪري ته به واٽ جا خوفناڪ جانور هڪ وک به
ٻاهرين دنيا ڏي کڻڻ نٿا ڏين- اهڙي ماحول ۾ تون
ڪيئن آئي آهين...؟
نازنين: اها ڳالهه وڏي آهي، ۽ اوهان وٽ وقت
ڪونهي.
صادق: اهو صحيح آهي، پر آئون تنهنجي ڳالهه ٻڌڻ
گهران ٿو. الائجي ڇو، منهنجي دل چئي ٿي.
نازنين: اچي هيءُ صوف کائو...
صادق: تون ڳالهه ڇو ٿي ٽارين؟
نازنين: آئون پنهنجا زخم اوهان کي ڏسڻ نٿي
گهران! وقت جي بيرحم ڪات منهنجي سنڌَ سنڌَ کي چٿي
ڇڏيو آهي، اوهان کي شايد منهنجون ڳالهيون نه وڻن.
جن جي پسند سرهاڻ، اهي زخم پسي ڇا ڪندا.
صادق: آئون تنهنجي مدد ڪرڻ گهران ٿو....
نازنين، مونکي حياتيءَ ۾ ڪنهن شخصيت ايترو متاثر
نه ڪيو آهي، جيترو تو ڪيو آهي.... تنهنجين ڳالهين
۾ آءٌ هڪ سڪون محسوس ڪريان ٿو... مون کي ٻڌاءِ....
توکي هي گَس ڪنهن ڏَسيو.... تون هن روشنين ۽
رنگينين جي دنيا ۾ ڪيئن داخل ٿي آهين؟
نازنين: (ياد ڪندي) ننڍي هوندي کان آءٌ تصويرون
۽ ڪتاب ڏسي، سوچيندي هيس... آءٌ فلاڻي هيروئن
آهيان، آءٌ فلاڻي ايڪٽريس آهيان... گهر ۾ آئيني
آڏو بيهي ڪلاڪن جا ڪلاڪ مختلف فلمن جا ڊائلاگ ادا
ڪندي هيس، ۽ گانا ڳائيندي هيس... (ٿڌو ساه کڻي) ان
وقت زندگيءَ جون مڙئي رونقون ۽ رنگينيون انهي
آئيني ۾ اچي گڏ ٿينديون هيون... (کلي) آئينو، جيڪو
ڪڏهن سچ نه ٻڌائيندو آهي.... ۽ صادق صاحب، انهي قد
آدم آئيني مون کي يقين ڏياريو هو ته مون کان وڌيڪ
ڪو اداڪار نه آهي... آءٌ عظيم فنڪار آهيان... ۽
جڏهن آءٌ ان دنيا ۾ قدم رکنديس تڏهن مون تي گلن جي
ورکا ٿيندي، منهنجي ساراهه ٿيندي... پر آئيني جي
مقبالي ۾ حقيقتون نهايت تلخ آهن....
صادق: (پنهنجي منهن) آئينو، هر فنڪار جو پهريون
استاد آهي....
نازنين: اوهان ڪجهه چيو؟
صادق: نه.... مون..... نه..... هاڻي آئون هلان
ٿو.....
نازنين: پر منهنجي ڪهاڻي اڃا ختم ته نه ٿي آهي
صادق صاحب
صادق: آئون ڪهاڻي جي پوئين حصي کان ائين ئي
واقف آهيان، ڄڻ ته منهنجي پنهنجي ڪهاڻي هجي!
نازنين: (کلي) منهنجي ۽ اوهان جي ڪهاڻي ۾ ڪهڙي
مناسبت... اوهان ته پيدا ئي هيرو ٿيڻ لاءِ ٿيا
هئا.
صادق: (پريشان ٿي) ها.... جي.... نه.....
ها..... ها..... اهو سچ آهي.... پر.... مون کي
توسان همدردي آهي!
نازنين: ڏاڙهون ڪونه کائيندو...؟
صادق: ڏاڙهون... نه.... مون لاءِ چانهه جو گرم
ڪوپ ڪافي هو.... آءٌ تولاءِ وري به پوري ڪوشش ڪندس
ته توکي تنهنجو اصل مرتبو ڏياريان... نه ته.... نه
ته وري ڪا ٻي ڳالهه سوچڻي پوندي.
نازنين: اوهان جي مهرباني جو مون کي ايترو ياد
ڪيو اٿوَ... هونئن ته آءٌ هن حال ۾ به راضي آهيان.
صادق: انجو فيصلو وقت ڪندو. چڱو آئون وڃان؟
نازنين: هلو.... آءٌ توهان کي ڪار تائين ڇڏي
اچان...
]قدمن
جا آواز. تيز موسيقي، جنهن ۾ وقت گذرڻ جو تاثر[
ڦلٽو: (کلندي) اها.... مبارڪ.... مبارڪ، سهڻا
صادق.... مبارڪ
صادق: ڏاڍو خوش آهين ڦلٽو، ڪو نئون ڪانٽريڪٽ
مليو اٿئي ڇا؟
ڦلٽو: مبارڪون انهي ڪري ٿو ڏيئين جو خوش ٿيو
آهيان ته تنهنجون ڪوششون ڪامياب ٿيون آهن.... ۽
تنهنجون ڪوششون فقط انهيءَ ڪري ڪامياب ٿيون آهن،
جو.... جو.....
صادق: (کلي) بس بس، گهڻي ڊيگهه نه ڪر....
منهنجي دل ائين چيو، تڏهن....
ڦلٽو: سهڻا صادق، دل به عجب چيز آهي... اڄ تو
نازنين کي ڌرتيءَ تان کڻي آسمان جو چمڪندڙ ستارو
بنائي ڇڏيو... اڄ هن جي پهرين فلم رليز ٿي آهي، ۽
اڄ ئي هن کي پنڌرهن نوان ڪانٽريٽ ملي ويا آهن.
ٻيون سموريون هيروئنون اڄ کان فقط ماضيءَ جي ياد
ٿي ويون... بس هاڻي انهن لاءِ فقط مائرن ۽ سَسُ جا
رول وڃي رهيا آهن.
صادق: هائو، سچ پڇين ته ان ۾ نازنين جو به وڏو
هٿ آهي، جنهن نهايت ڪاميابيءَ سان پنهنجو ڪردار
ادا ڪيو آهي.
ڦلٽو: (چيڙائيندي) ۽ تو به ساڻس عاليشان
تعاون ڪيو آهي.
صادق: ها ڦلٽو... منهنجي دلي خواهش هئي ته آءٌ
نازنين جي مدد ڪريان- پر خبر نه آهي ڇو؟
ڦلٽو: اها مونکي خبر آهي.... ٻڌايائين؟
صادق: ٻڌاءِ.
ڦلٽو: توکي هن سان محبت ٿي وئي آهي (کلي ٿو)
صادق: (حيران) محبت.... ڦلٽو.... ڇا ٿو
چئين.... آئون نازنين سان محبت ڪريان ٿو... (کلي)
ڪهڙي نه عجب ڳالهه ڪئي اٿئي... صادق جي محبت ايتري
سستي نه آهي... ۽ ٻيو ته منهنجو ۽ هن جو ڪٿي ٿو
ميل ٿئي... هو جونيئر، آءٌ سينئر.... مونکي سمجهه
۾ نٿو اچي ته اها ڳالهه تو چئي ڪيئن؟
ڦلٽو: هونئن ته آءٌ به ان محبت جي چڪر کي
بڪواس ٿو سمجهان... پر جيڪڏهن هجي ته انڪار به نه
جڳائي... اها ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچيم ته آخر اسان
هر وقت اداڪاريءَ ۾ ڇو گم آهيون... جڏهن روشني ختم
ٿي وڃي ٿي، ۽ ڪيمرا جي اک به بند ٿي وڃي ٿي، تڏهن
به اسان کي هوش ڇو نٿو اچي.... اسين ائين ڇو ٿا
سمجهون ته اسان کي سدائين لاءِ خوابن جي دنيا ۾
جاءِ ملي وئي آهي.... حياتيءَ جي حقيقتن کان اسين
ايترو ڇو ٿا ڀڄون.
صادق: ڇاڪاڻ ته اسان سدائين ڪوڙي روشني ۾ رهيا
آهيون... اسان کي کري کوٽي جي خبر نٿي پئي.... ڪوڙ
ڇا آهي، سچ ڇا آهي، جيڪڏهن تون به ائين ئي سمجهين
ها ته پوءِ ڪر اهڙي ڳالهه نه ڪرين ها ته آءٌ
نازنين سان محبت ڪريان ٿو.
ڦلٽو: نازنين ايندڙ وقت جي اها عظيم اداڪار
آهي، جنهن جي روشني لاءِ اسان سڀ سڪنداسين.... تون
اها ڳالهه نٿو سمجهي سگهين صادق سهڻا...
صادق: سون سدائين سون رهندو... ڦلٽو- اسان جي
زندگيءَ جي منزل اها نه اهي ته ڪو وک وک تي
دونهيون دکائيندا هلون- اسين خوشين ۽ خوشبختين جي
منزلن جا مسافر آهيون!
ڦلٽو: سڀ خواب... ۽ خواب به اهڙا جن جي ڪابه
حقيقت نه آهي... ڪنهن به وقت ڌڪ لڳو ته آسمان جي
بلندين تان اچي پٽ پئبو... انهي جو ڪو علاج نه
آهي.... انهيءَ ۾ اسان جو ڪو ڏوهه نه آهي.... اسان
جي دنيائي اهڙي آهي....
صادق: اڙي ڦلٽو.... اسان اهي نه آهيون... اسان
مرڻ گهڙيءَ تائين انهي منزل تي رهنداسين، جنهن تي
اڄ آهيون... (کلي) ياد رک ته مرنداسين ته راڄ
روئيندا.... ڇاڪاڻ ته اسين پنهنجي وقت جا وڏا
اداڪار آهيون.... اسان ئي ته فن کي آسمان جي
بلندين تائين پهچايو آهي....
ڦلٽو: (ڏکارو کلي ٿو) پر انهيءَ ڳالهه جي پڪ
نه آهي ته ڪو سڀاڻي ڪجهه پلئه پوندو به يا نه!
]قدمن
جا آواز[
اجها نازنين پئي اچي.
نازنين: (ايندي) مون اوهان کي ئي پئي ڳوليو
صادق صاحب.
صادق: اڃا به اسان جي تلاش آهي نازنين!
نازنين: (حيران ٿي) جي.... جي ها..... مون
اوهان کي انهيءَ لاءِ ڳوليو جو.... اڄ مونکي
پروڊيوسر سيٺ جمن پنهنجي نئين فلم جو ڪانٽريڪٽ
آڇيو آهي.
صادق: سيٺ جمعي! هون.... مبارڪون.
نازنين: پر....مون کيس سڌي سنئين ڳالهه ٻڌائي
آهي ته... ته...
ڦلٽو: اهڙي ڪا خاص ڳالهه هجي ته آءٌ هليو
وڃان بيگم صاحبه...
نازنين: جي... جي نه..... مون کيس اهو ٻڌايو ته
آءٌ في الحال ان فلم ۾ ڪم ڪنديس، جنهن ۾.... صادق
هوندو.
]ڦلٽو
ٽهڪ ڏئي ٿو[
صادق: نازنين... تو ائين ڇو ڪيو.... تو ائين ڇو
ڪيو؟
نازنين: بس... منهنجي دل ائين چيو....
صادق: روشن ۽ ٻهڪندڙ مستقبل جا فيصلا دل جهڙي
شئي جي چئي تي نه ٿيندا آهن... توکي هن دنيا جي
عادتن جو علم نه آهي... اها جيڪا تو ڳالهه ڪئي
آهي، ان جي باه هر هنڌ پکڙبي... ۽ تون... تون انهي
باهه جي ڪاري دونهين ۾ ٻوساٽجي ختم ٿي ويندينءَ.
نازنين: صادق...
صادق: ها نازنين.... توکي اها خبر نه آهي ته ان
ڳالهه جو ڪهڙو اثر ٿيندو.
ڦلٽو: پر جيڪڏهن هن کڻي ائين چيو ته....
صادق: ڦلٽو.... ٻار نه ٿيءُ... آءٌ ڪنهن اجائي
چڪر ۾ ڦاسڻ نٿو گهران... آئون انهن ڳالهين کان
بنهين مٿي آهيان.. مون وٽ پنهنجو فن آهي، ۽ آءٌ
ڪنهن ٻئي جي فن جي پٺيان زنده رهڻ نٿو چاهيان...
نازنين: (غمزده) مون کي خبر نه هئي ته توهان تي
ان ڳالهه جو ايترو اثر ٿيندو، اوهان جا مون تي
احسان آهن، ۽ هن منزل تي اوهان ئي ته مون کي رسايو
آهي.
صادق: (ويندي) توکي ائين چوڻ نه گهربو هو....
]خزينہ
موسيقي[.
نازنين: (غمزده) ائين ڇو آهي ڦلٽو... هن دنيا ۾
ايڏو ڪوڙ ڇو آهي...!
ڦلٽو: نازنين صاحبه.... هتي هر ماڻهو سدائين
اداڪاريءَ ۾ مشغول رهي ٿو، هن وقت به صادق نهايت
سٺي اداڪاريءَ ڪرڻ جي ڪوشش هئي.... پر.... اوهان
آخر ڪهڙي چڪر ۾ اچي پيون آهيو... هو پٿر آهي....
پٿر سان مٿو هڻڻ پنهنجي پاڻ کي نقصان رسائڻ
آهي.... توهان روشن منزل جا مسافر آهيو، ۽ صادق
(کلي) پنهنجي ان ماڳ تي پهچي چڪو آهي، جتي سچو
فنڪار مري ويندو آهي، ۽ فقط ”آءٌ“ وڃي بچندو آهي،
انهيءَ آءٌ جي ڦيري ۾ هو پنهنجي هر شيءِ وڄائي
ويهندو.... هر چيز....
]’هر
چيز‘ پڙاڏي ۾ گم ٿي وڃي ٿي[
صادق: (فخر ۾) واه نازي... اڄ اهي داستان ياد
ڏياريا اٿئي، جن سان اسان جي زندگيءَ جون مڙئي
خوشيون ڪاميابون ۽ ڪامرانيون وابسته آهن....
حياتيءَ جون اصل خوشيون!
نازنين: (ڏک ۾) اصل خوشيون! ڇو صادق اسان ڪوڙ
کي سچ ٿا سمجهون. عمر جي هن منزل تي جڏهن اسين
ڪجهه نه رهيا آهيون، وقت اسان جي وسان ڇڏائجي ويو
آهي، سڀ مامرا ختم ٿي ويا آهن، تڏهن به اسان ڪوڙين
روشنين ۾ ڪوڙن خوابن جي دنيا ۾ رهڻ پسند ڪريون
ٿا.... هاڻي سڀڪجهه ختم ٿي ويو آهي صادق
صادق: نازي ماڻهو اسان کي ڪڏهن به وساري نٿا
سگهن.... اسان فن لاءِ پنهنجي حياتي ڏني آهي....
ماڻهو ايترا بيقدر نه آهن جو عمر جي هن وک تي اسان
کي وساري ڇڏين.
نازنين: تون اڄ به اهوئي ساڳيو صادق آهين، هٺيلو ۽
ضدي... تون اڄ به حقيقتن کان ائين ٿو ڀڄين جيئن اڳ
سچ جو تڙڪو ڏسي ٽهندو هئين.... هاڻي ته پنهنجو حال
سار پوءِ ڪا ڳالهه ڪر.
صادق: اهي ته وقت جا لاها چاڙها آهن نازي....
سدائين ته حالتون ساڳيون نه رهنديون.... هر وقت
سرءُ نه هوندو.... نيٺ بهار ايندو... گل ٽڙندا....
(کلي) پرنازي.... هڪ ڳالهه ياد رکجئين، اڄ اسين
ڪنهن کي ياد نه آهيون، پر هڪ ڏينهن جڏهن آءٌ
مرندس، تڏهن هر اک روئندي... اخبارون منهنجي ياد ۾
خاص نمبر ڪڍنديون.... ۽....
نازنين: (انتهائي ڏک ۾) ائين نه چئو....
صادق.... ائين نه چئو.... اهو تون ڇو ٿو وسارين ته
تنهنجي حياتيءَ سان هڪ ٻي به حياتي وابسته آهي.
صادق: نازي!
نازنين: ها صادق.... مون لاءِ تون اهوئي ساڳيو
صادق آهين، اسڪرين جو شهزادو... هزارين دلين جو
پيارو... ۽... ۽ آئون اڄ به تنهنجي اوسيئڙي ۾
اکيون وڇايو ويٺي آهيان.
صادق: نازي... تو تمام گهڻي دير ڪئي آهي....
هاڻي هيءَ دل ۽ دنيا ٻئي ويران ٿي ويون آهن، تو
لاءِ هاڻي مون وٽ ڪجهه به نه آهي.... ڪجهه به نه
آهي....
نازنين: جڏهن تو وٽ سڀڪجهه هو تڏهن به تو مون
کي سواءِ اوسيئڙي جي ۽ اهنج جي ٻيو ڇا ڏٺو... تون
ڊڄڻو ۽ بزدل آهين.... تنهنجي سوچ جي دنيا وهمن ۽
وسوسن تي ٻڌل آهي... تون... اڄ به سچ نٿو سهي
سگهين...
صادق: مون کي چانهه ڏي نازي... آئون سخت پريشان
ٿي ويو آهيان.
نازنين: تون هيمشه حقيقتن کان ائين ئي پريان ٿي
ويندو آهين.
صادق: اڄ تو منهنجي دل تي ڇري وهائي آهي....
تنهنجي ڳالهه ڳالهه مون کي هڪ نئون زخم ڏنو
آهي.... آئون وڃان ٿو نازي....
نازنين: اڄ ته توکي منهنجيون ڳالهيون ٻڌڻيون ئي
پونديون... آئون اهو سمورو بار سيني ۾ سانڍي مرڻ
نٿي گهران... (آهستي) آئون پنهنجي حياتيءَ جي راڻي
کي آخري ڀيرو پرچائڻ گهران ٿي... شايد... |