سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: آخري رات

صفحو :20

تلخيءَ سان

روزي: مون کي ڪنهن صلاح جي ضرورت نه آهي.

]ڊزالو[

بهرام جو ٻن ڪمرن واور گهر، جن جي حالت خراب ۽ ڦٽل آهي. سڄو سامان بي ترتيب پيو آهي. بهرام ۽ روزي ٻئي موجود آهن.

 

 

بهرام: هيءُ منهنجو اباڻو گهر آهي روزي، جڏهن به آئون هتي ايندو آهيان، تڏهن مون کي ائين محسوس ٿيندو آهي ته هيءُ گهر منهنجو ڪو پراڻو دوست آهي. جڏهن ننڍڙو هوس ته سڄو ڏينهن هنن ڪوٺين ۾ رانديون ڪندو هوس. رات جو ڇت تان آسمان جا تارا ڏسندو هوس. هي گهر گهڻن ڏينهن کان ويران پيو هو، پر... پر هاڻي هيءُ گهر وري آباد ٿيڻ وارو آهي.

روزي: ڏاڍو خوش آهين؟

بهرام: ها، مون کي تمام گهڻي خوشي محسوس پئي ٿئي، هي ڪمرو مون خورشيد لاءِ چونڊيو آهي.

ڪيئن، سٺو آهي نه....؟

روزي: ها، تمام سٺو آهي.

بهرام: هاڻي اهو تنهنجو ڪم آهي ته هن گهر کي پنهنجو سمورو هنر هلائي سهڻائي سان سينگارين.

لا تعلقيءَ سان، آواز ۾ شديد ڪرب وچان

 

 

روزي: خورشيد کي ڪهڙا ڪهڙا رنگ پسند آهن؟

هو سوچڻ لڳي ٿو

 

 

بهرام: اِها ته مونکي به خبر نه آهي، پر چيو هئائين ته آئون پنهنجي پسنديءَ موجب گهر کي سينگاريان... مونکي ته شايد رنگن جي ڄاڻ نه هجي، مون لاءِ سڀ رنگ هڪجهڙا آهن. تون ئي مهربانيءَ سان رنگن جي رٿ ڪر.

روزي سوچي ٿي، چند لمحن کان پوءِ اداس انداز ۾

 

 

روزي: ڪيترن ڏينهن اندر جاءِ تيار ٿيڻ کپي؟

هڪ ٻارڙي وانگر اتاوليءَ سان

 

 

بهرام: شايد آئون وڌيڪ انتظار نه ڪڍي سگهان. ڏهن پندرهن ڏينهن ۾ جيڪڏهن هيءَ جاءِ تون سينگاري ڏئين ته تنهنجو وڏو احسان ٿيندو.

روزي: ڏاڍو انتظار اٿئي!

بهرام: تون هي گهر تيار ڪندينءَ ڪيترو نه سهڻو ۽ عجيب گهر لڳندو.

اڻ ٻڌو ڪري هو بي خياليءَ مان روزيءَ جي هٿن کان اچي ٿو وٺي. اوچتو هن کي احساس ٿئي ٿو ۽ روزيءَ جا هٿ ڇڏي هٽي پري بيهي ٿو.

 

 

بهرام: مونکي معاف ڪجئين. ڀلا تنهنجو سوشل ورڪ ڪيئن ٿيندو؟

روزي: بهرام، دنيا ۾ شايد تون ئي واحد شخص آهين جنهن لاءِ آئون پنهنجو سڀ ڪجهه وسارڻ لاءِ تيار آهيان.

محسوس ڪندي

 

 

بهرام: روزي تون هميشه کان مهربان رفيق هئينءَ.

کلندي

روزي: ۽ تون هڪڙو دلچسپ ساٿي! خير، آئون توکي سامان جي فهرست تيار ڪر ي ٿي ڏيان، اُهو چُڪائي اچ. ڪوشش ڪنديس ته تون جلد از جلد پنهنجي خوشين جي گهر ۾ اچي رهين.

بهرام نهايت پاٻوهه مان روزيءَ کي ڏسي ٿو، ۽ روزي هن جي نظرن جي پاٻوهه کي محسوس ڪندي ساڙهيءَ جو پَلوُ مٿي تي ڪري، ٻاهر نڪري وڃي ٿي.

]فيڊ آئوٽ[

انهن ٻن ڪمن کي ٺاهڻ جو نظارو اڪيلي روزي ڪمرن کي ٺاهي پئي سامان پئي رکي، تصويرون پئي ٽنگي، پردا پئي هڻي. انهيءَ دوران پس منظر ۾ ڏکاري موسيقي. رکي رکي روزيءَ جي چهري جا ڏک جا تاثر اڀرن ٿا. روئڻ لڳي ٿي ۽ ڄڻ ساڻي ٿي ويهي رهي ٿي. چند لمحن کان پوءِ هو گهر کي ڏسي ٿي. چوڦير نظر ڦيرائي آهستي ڪنڌ هيٺ ڪري ٻاهر نڪري اچي ٿي. سندس اکين ۾ بيحد درد آهي. هن منظر ۾ اهو واضح ڪرڻو آهي ته ڳچ ڏينهن روزي کي ڪم ڪندي ٿيوآهي. آهستي آهستي هن جي ذهن ۾ انهيءَ گهر سان محبت جو جذبو پيدا ٿيندو پيو وڃي، ۽ بهرام جي شخصيت هن لاءِ غير معمولي ٿيندي پئي وڃي، آخري ڏينهن تي هوءَ خورشيد جو ڪمرو پئي سينگاري. هن جي دل تي درد ديرا ڪري وڃي ٿو ۽ بيوسي سان ويهي روئڻ لڳي ٿي.

]ڊزالو[

روزيءَ جو ڊرائينگ روم

روزي چانهه پئي ٺاهي. بهرام کيس نهايت پاٻوهه سان ڏسي رهيو آهي

 

 

بهرام: آئون تنهنجا ٿورا ڪهڙي زبان سان مڃان، روزي.

کيس ڏسندي

 

 

روزي: ٿورن مڃڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي تو مونکي هڪ ڪم چيو سو مون پورو ڪيو.

بهرام: آئون اهو ئي ته چوان ٿو، ڪير ٿو پاڻ کي ڪنهن ٻئي لاءِ ايترو پتوڙي.

چانهه ڏيندي

روزي: چانهه پي، اجايون ڳالهيون نه ڪر.

بهرام: تو رات ڏينهن ڪري منهنجي گهر کي سينگاريو آهي، اُهو گهر جنهن ۾رڳو ويراني هئي، اڄ زندگيءَ سان ڀريل آهي.

روزي: تو ڏٺو آهي؟ تنهنجي خورشيد جي پسند موجب آهي يا نه؟

بهرام: نه اڃا مان نه ويو آهيان، رهيو سوال خورشيد جي پسند جو، سو مون کي پڪ آهي ته هن جي پسند تو کان بهتر نه هوندي

حيران نظرن سان ڏسي

روزي: مهرباني.

بهرام: خير، منهنجي شاديءَ جي تاريخ پڪي ٿي وئي آهي، هاڻي آئون جلدئي خورشيد کي وٺي ايندس. تون ايندينءَ نه؟

بهرام جي ڳالهه جو هن تي ذهني طور اثر ٿئي ٿو، پر هو ڪنڌ هيٺ ڪري، پنهنجي رد عمل کي لڪائي ٿي ۽ آهستي

 

 

روزي: ڪوشش ڪنديس، توکي ته خبر آهي ته منهنجي زندگي ڪيڏي نه مصروف ٿي گذري، جي واندڪائي ملي ته ضرور اينديس.

بهرام: پوءِ مون کي اجازت؟

روزي: تنهنجي مرضي.

بهرام اُٿي آهستگيءَ سان هن کي ڏسندو ٻاهر نڪري وڃي ٿو. ڪئميرا روزيءَ جي چهري تي اچي ٿي ۽ ٿڌو ساهه ڀري ٿي.

]ڊزالو[

روزي جو گهر. بيڊروم. سندس اکين ۾ لڙڪ آهن.

راڻي کيس آٿت ڏيڻ لاءِ ويٺي آهي.

 

 

راڻي: ائين لڙڪن ڳاڙڻ مان ڇا حاصل!

روزي: مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته مون کي ٿي ڇا ويو آهي. ڪم ڪرڻ چاهيان ٿي، ڪري نٿي سگهان. هر وقت خورشيد جو ڪمرو اکين آڏو اٿم.

راڻي: ڇا آئون هن سان حسد ته نٿي ڪريان؟

راڻي: پنهنجي وڍئي جو ڪو ويڄ يا طبيب، جي تون پنهنجي هٺ تي نه هجين ها ته شايد اڄ انهيءَ گهر جي مالڪ تون هجين ها، جنهن کي تو پنهنجن ٿن سان، ڪنهن ٻئي لاءِ تيار ڪيو آهي روزي.

ڏک وچان

روزي پر ... هاڻي منهنجو ان گهر سان ڪهڙو واسطو؟ آخر انهيءَ ۾ ڪهڙي ڇڪ آهي جيڪا مون کي سُک سمهڻ نٿي ڏئي. اتي جي هرڪا شيءَ خورشيد جي آهي. گهر، بهرام۽ سندس محبت، سڪ... آخر آئون پاڻ کي انهن ويچارن کان آزاد ڇو نٿي ڪري سگهان.

راڻي: آئون تنهنجي اندر جي اُڌمن کي سمجهان ٿي. اها محبت، جا تو پنهنجي دل ۾ لڪائي هئي، اُها خورشيد جي اچڻ ڪري ڀڙڪو کائي اُٿي آهي.

روزي: مونکي هن سان ڪا دلچسپي ناهي.

راڻي: دلين تي ڪڏهن ڪنهن جو اختيار رهيو آهي بيبي؟ تون نه چئين ته به تنهنجن اکين جي اُداسائي ظاهر ڪري ٿي ته تنهنجي دل ۾ ڪهڙو مانڌاڻ متل آهي.

نهايت ويچارائيءَ سان

روزي: ڇا.... هاڻي مون ۾ حالتن سان مقابلي ڪرڻ جي قوت نه رهي آهي راڻي؟ آيا: بنهه نه .... پر هاڻي هن جي باري ۾ توکي ڪجهه به سوچڻ نه گهرجي. هن پنهنجي دنياآباد ڪئي آهي، متان تنهنجي وجود سان هن جي گهر ۾ ڪو طوفان اچي وڃي ۽ هن جون خوشيون برباد ٿين.

لاچاريءَ سان

روزي: آئون هڪ دفعو هن کي ڏسڻ گهران ٿي، انهيءَ کي جنهن بهرام جي دل ۾ منهنجي جاءِ ڀري آهي فقط هڪ دفعو...

راڻي: جيڪڏهن تون پنهنجي هوڏ تي قائم نه رهين ها ته شايد اڄ توکي اهڙو وقت نه ڏسڻو پوي ها.

روزي ڪنڌ جهڪائي ڇڏي ٿي ۽راڻي اُٿي هن جي مٿي تي هٿ ڦيرائي ٿي

 

 

تون همت واري خاتون آهين روزي- تنهنجي زندگيءَ جو ڪو ٻيو مقصد آهي جنهن ۾ محبت هڪ ثانوي چيز آهي، ائين ملول ٿيڻ توکي نه جڳائي.

هوءَ ڪنڌ کڻي راڻي کي ڏسي ٿي زوريءَ کلڻ جي ڪوشش ڪري ٿي، سندس اکين مان بي اختيار لڙڪ لڙي اچن ٿا.

]فيڊآئوٽ[

بهرام جي گهر جو ورانڊو. ڏيک شروع ٿيڻ سان ڏکاري موسيقي پس منظر ۾... روزي نهايت آهستي آهستي مختلف چيزن کي ڏسندي ڪنهن شيءَ کي ترتيب سان رکندي حسرت سان سڄي ماحول کي پئي تڪي هو پهرين بهرام جي ڪمري ۾ وڃي ٿي جيڪو خالي پيو آهي. وڃڻ وقت هوءَ ائين ٿي وڃي، جيئن ڊپ هجيس ته متان ڪو هجي، ۽ کيس ڏسي نه وٺي. هو پردن کي ٺيڪ ڪري ٿي. ڪتابن کي کڻي سليقي سان ميز تي رکي ٿي. آهستي آهستي پوئين پيرين موٽي ٿي. کنگهڻ جو آواز ڪن تي پويس ٿو هو ڇرڪ ٿي ڀري.

 

سندس آواز چهري تي سپر. انهيءَ خيال سان هن جي چهري تي پريشاني ۽ پشيمانيءَ جا گڏيل تاثر اڀري اچن ٿا. هو واپس وڃڻ چاهي ٿي، پر تجسس وچان ڪمري مان ٻاهر نڪري خورشيد جي ڪمري جي ٻاهران اچي ٿي بيهي. اندران بهرام جو آواز اچي پيوان دوران سڄو وقت ڪيمرا روزي کي مختلف زاوين کان ڏيکاري ٿي

شايد بهرام، خورشيد کي وٺي آيو آهي.

 

بهرام: خورشيد، توسان گڏ هتي پنهنجي گهر ۾ ويهڻ سان ڪيڏي خوشي ملي اٿم. زمانن کان سوچيندو هوس ته تون ۽ مان پنهنجي گهر ۾ ويهون، کنڊ ته مونکي وسري ويئي- کڻي ٿو اچان... ته نه، تون تڪليف نه ڪر.

روزي جو شديد تاثر- چپ ڀڪوڙي ٿي ڇڏي ڄڻ پنهنجي جذبن تي قابو ڪندي هجي سندس آواز سپر آهستي هلڻ لڳي ٿي.

 

 

روزي: مون کي هتي ترسڻ نه گهرجي

بهرام جو آواز ڪنن تي پويس ٿو هو پٿر بنجي بيهي رهي ٿي

 

 

بهرام: چانهه ۾ هڪ چمچو کنڊ ٺيڪ آهي نه....؟

تنهنجي خدمت ڪندي مونکي ڏاڍي خوشي ٿئي ٿي، خبر نه آهي توکي احساس به آهي يا نه ته منهنجي دل ۾ تولاءِ ڪيڏي محبت آهي.

روزي جي اکين ۾ لڙڪ تري اچن ٿا، ڄڻ ته سندس ساهه پيو گهٽجي. وک کڻڻ جي ڪوشش ڪري ٿي کڻي نٿي سگهي، آهستي آهستي هوءَ خورشيد جي ڪمري ڏي وڌي ٿي، پر هو پردو کڻي اندر ڏسي ٿي. ڪرسيون خالي آهي، چانهه جا ٿانَوَ پيا آهن، ننڍڙي ميز تي اڪيلو بهرام ڪنڌ ٽيڪيو، اونڌي منهن پيو آهي.

 

گهٽيل آواز ۾

روزي: بهرام

بهرام ڪنڌ نٿو کڻي

روزي اکين ۾ پاڻي آڻي، واپس وڃڻ لڳي ٿي.

دروزي تي بيهي هڪ دفعو هن کي ڏسي ٿي ۽ بي اختيار

 

 

 

 

 

روزي: بهرام....

بهرام ڇرڪ ڀري هن کي ڏسي ٿو سندس چهرو غمگين آهي

 

 

روزي: مون کي افسوس آهي، مون کي نه اچڻ کپندو هو.

ڏکاري مُرڪ سان- ياد ڪندي

بهرام: ڪا ڳالهه ڪانهي.. ويهه چانهه پي اوهه پليس، چانهه آهي ڪٿي؟

روزي صوفي تي ويهي رهي ٿي بهرام ڏکاري انداز ۾

 

 

بهرام: چند گهڙيون اڳ هڪ مزي جهڙو لقاءُ پئي ڏٺم. آئون به ڪهڙو نه بيوقوف آهيان، پر ڇا ڪريان، تون خيالن ۾ به مون کان پري نه آهين... هتي... هن پنهنجي گهر ۾... ۽ اڪثر....

روزي: بهرام تو شايد مون کي نه سڃاتو مان.... خورشيد نه آهيان، آئون روزي آهيان.

بهرام: آئون توکي سڃاڻان ٿو.

روزي: تو شايد سمجهيو ته آئون خورشيد آهيان.

ڏکاري انداز ۾.

بهرام: نه روزي- خورشيد ڪهڙي. خورشيد نه ڪا هئي نه ٿيندي، هميشہ تون ئي تون هئينءَ... روزي به تون، خورشيد به تون... مون سوچيو هو ته گهر جي ڇڪ توکي سدائين لاءِ منهنجو ڪري ڇڏيندي، پر جڏهن توکان شادي لاءِ موڪليايم ٿي تڏهن به تو اهڙي لاغرضائي ۽ بيپرواهيءَ سان موڪلايو جو منهنجي آخري اميد به ٽٽي پئي.

روزي: بهرام تون ڀليو هئين، مون ان وقت پنهنجي دل کي ڏاڍو ڪري بيپرواهي ڏيکاري هئي، انهيءَ لاءِ ته متان مون کي مايوس ۽ ڏکايل ڏسي تنهنجي خوشيءَ ۾ ڪو رخنو پوي.

بهرام حيرت ۾ هن کي ڏسي ٿو. ٻئي هڪٻئي کي محبت ڀرين نگاهن سان ڏسن ٿا، ڪجهه ڳالهائڻ گهرن ٿا پر آواز نٿو آُٻهين

 

 

روزي: بهرام... ڇا اڃان به تنهنجي دل ۾ منهنجي لاءِ....

هو اٿي ٿو، ۽ هڪ قدم اڳتي وڌي روزيءَ جي هٿ کي وٺي، گوڏن ڀر ويهي، هن جي گوڏن ۾ پنهنجو ڪنڌ لڪائي ڇڏي ٿو.

 

 

ستارن بنان رات

        هڪ تمام شاهوڪار طبقي جو ڊرائينگ روم ائين سينگاريل ڄڻ ڪا تقريب ٿيڻ واري آهي. هڪ اڌڙوٽ خاتون، ڪو رسالو پئي پڙهي. گهڙي گهڙي هو ٻاهر ڏي نهاري پئي، ڄڻ ڪنهن جو انتظار هجيس، پڙهڻ ۾ دل نه پئي لڳيس، سندس چهري تي شديد انتظار جو تاثر آهي، بي دليءَ سان ڪتاب رکي اُٿي، دروازي ڏي وڃي ٿي، گهڙيال ڏي ڏسي ٿي، جنهن ۾ اڍائي لڳا آهن، وري واپس اچي ساڳي جاءِ تي ويهي ٿي ماحول ۾ گهڙيال جي ٽڪ ٽڪ ڇانئجي وڃي ٿي، هو بي دليءَ سان ڪتاب کڻي وري پڙهڻ جي ڪوشش ڪري ٿي، ايتري ۾ هڪ ٻي اڌڙوٽ عمر جي عورت زيبو اچي ٿي، هو هن کي ايندو ڏسي اکين جي اشاري سان اچڻ جو مقصد پڇيس ٿي، ائين ڄڻ هو ڳالهائڻ نه چاهيندي هجي. زيبو به بنا ڪجهه ڳالهائڻ جي هڪ وزيٽنگ ڪارڊ هن جي حوالي ڪري ٿي. هو بيزاريءَ مان وٺي ڏسي ٿي، پهرين هوءَ بي خيالي آهي، پر پوءِ هو ڪارڊ تي ڇپيل نالي تي غور ڪرڻ لڳي ٿي، آهستي آهستي هن جي چهري تي حيراني ۽ پريشاني جا تاثر اڀرن ٿا، ڪتاب رکي اُٿي بيهي ٿي. سندس چهري ۽ عمل تي اڳيون انتظار وارو ڪو تاثر نه آهي، هاڻي هن تي پريشاني جو غلبو آهي. زيبو سواليه انداز ۾ هن کي ڏسي ٿي.

 

 

زيبو: ڇا چوانس بيبي؟

هو هن کي ڏسي ٿي وري ڪارڊ ڏي ڏسي ٿي ۽ هن جي چهري تي سندس اندر جو آواز اُڀري ٿو.

 

 

آواز: هيءَ... ڪهڙو لهر آهي... هيءُ ڪهڙيو طوفان آهي جو ائين اوچتو منهنجي زندگي ۾ آيو آهي... هيڏي سانت ۽ ماٺ کان پوءِ اهڙو طوفان... نه نه.... مان.... مان...

زيبو کيس چوي ٿي

 

 

زيبو: سانئڻ تون مون کي جواب نه ڏنو؟

ڇرڪ ڀري هن ڏانهن ڏسي ٿي ۽ وري وزيٽنگ ڪارڊ ڏي ڏسي ٿي پنهنجن سمورن پريشان جذبن کي لڪائيندي اٽول ٿي

 

 

زاهده: توکي خبر آهي زيبو... آئون... هن وقت ڪنهن سان ملي نٿي سگهان، ڪنهن سان به نه...

زيبو وڃڻ لڳي ٿي هوءَ وري هن کي چئي

 

 

ها، جيڪڏهن هو سڀاني يارهين بجي اچي ته پوءِ شايد...

معنيٰ خيز انداز سان کيس ڏسي ٿي ۽ مرڪندي ٻاهر نڪري وڃي ٿي ۽ هو به اُتاولائي سان هن جي پويان وڃڻ لڳي ٿي ڄڻ ته آيل مهمان کي ڏسڻ جي خواهش شديد تر ٿي وئي هجيس، پر دروازي تي بيهي رهي ٿي، ۽ تمام لاچار ٿي ڏسجي. هٿ ۾ وزيٽنگ ڪارڊ تي نظر ٿي پئي. ساڳيو ڊرائينگ روم زاهده ويٺي آهي جو زيبو اندر داخل ٿئي ٿي، هو هن کي پنهنجن اُڌمن ۽ جذبن کي لڪائيندي نهاري ٿي.

 

 

زاهده: ڇا چيئين؟

 

پريشان ٿي

زيبو: سڀاڻي وري ايندو.

زاهده: سڀاڻي وري ايندو!

 

 

 

زيبو: ها سانئڻ... هن اوهان جي فيصلي جي تمام گهڻي ساراهه ڪئي.

ساڳي اتاولائي ۽ پريشاني محسوس ڪندي.

 

 

زاهده: اوه....

زيبو: سانئڻ... تو.... تو....

زاهده هن کي ڏسي ٿي زيبو ڪنڌ هيٺ ڪري

هوءَ هن ڏي آمادگيءَ واري نظر سان ڏسي ٿي

تيزيءَ سان

زيبو: جي موڪل ڏين ته ڪجهه چوان

زيبو: مون چيو ٿي ته... تو اهو مناسب نه ڪيو...

زاهده: ڇا ٿي چئين؟

آئون ڪنهن اوڦٽو ماڻهوءِ سان هن وقت ملان ها، جڏهن ته....

زيبو: ڪيئن ٿي چئين ته هو اوڦٽو ماڻهو هو.

ڄڻ ته سندس سڀ حوصلا ختم ٿي ٿا وڃن.

 

زاهد: ته... توکي...

زيبو: ها سانئڻ، مونکي سڀ خبر آهي مون کان ڪا ڳالهه ڳجهي ته ناهي.

زاهده: جيڪڏهن توکي سڀ خبر آهي ته پوءِ به مون کي اهڙيون متيون ٿي ڏئين، جنهن سان منهنجي حياتيءَ جي سانت ۾ هڪ نئين طوفان اچڻ جو انديشو آهي؟

زيبو: بيبي، زندگي انديشن جي بنيادن تي قائم نه رهندي آهي. حياتيءَ هڪ کليو رستو آهي، ان کي جيڪڏهن منجهائيندين ته ويتر آزار اڀرندا، انهيءَ ڪري...

پنهنجا جذبا لڪئيندي، نهايت ڌيرج سان

زاهده: زيبو، تون ننڍي لاڪون مون سان آهين، حياتيءَ جون ڪي ڏکيون ۽ سکيون گهڙيون گذريون آهن باقي جيڪي رهيون آهن سي به گذري وينديون. هن وقت منهنجو پنهنجي روح سان مقابلو ڪرڻ مناسب نه ٿيندو.

زيبو: سانئڻ، توکي ماضيءَ کان ائين منهن موڙڻ نه گهرجي.

زاهده: زيبو آئون جوان جماڻ ڌيءَ جي ماءُ آهيان.

زيبو: رخشي ڏاڍي سيبتي ڇوڪري آهي.

زاهده: حساس به.

زيبو: پر هو تنهنجين خوشين جي دشمن ته نه آهي.

زاهده: مون رخشيءَ جي تربيت زندگيءَ جي اعليٰ اصولن تي ڪئي آهي. مان هن جي آدرش آهيان... ۽ ڪو به ماڻهو پنهنجي آدرش کي ائين ڀڄندو ڀرندو ڏسي نه سگهندو آهي زيبو.

معنيٰ خيز انداز ۾ انهيءَ جملي سان هن جي اندر جي آنڌ مانڌ ۾ شدت پيدا ٿئي ٿي

زيبو: ڪڏهن تو به پنهنجا آدرش ڀڄندي ڏٺا هئا.

 

زاهده: انهيءَ تي منهنجو وس ڪونه هو، ۽... زيبو، اهو به ته ضروري نه آهي ته جيڪڏهن مون ڪو زندگيءَ ۾ عذاب سٺو آهي ته رخشي به ان آزار مان گذري...

زيبو: رخشي پڙهيل ڪڙهيل ڇوڪري آهي، هوءَ اها ڳالهه سمجهي سگهي ٿي.

زاهده: تون چوڻ ڇا ٿي گهرين؟

زيبو: حالتن سان ٺاهه.

زاهده: اهو منهنجي لاءِ ممڪن نه آهي.

زيبو: منهنجي صلاح ائين نظرانداز نه ڪر پنهنجو پاڻ سان جهيڙو ڪيستائين ڪندينءَ

زاهده: جيستائين ساهه هوندم.

زيبو: ناممڪن.

زاهده: ڇو؟

زيبو: مون تنهنجي چهري تي اڄ مختلف رنگ ڏٺا آهن... اهڙا، جيڪي دل جي گهراين مان اڀرندا آهن، جن ۾ حياتيءَ سان اڪير هوندي آهي، سڪ هوندي آهي... هوءَ اڃان تائين توکي وساري نه سگهيو آهي. هن جي سڪ...

هوءَ پريشان ٿي وڃي ٿي اٿي هلڻ لڳي ٿي

 

 

 

 

 

 

 

 

تيز لهجي ۾

 

زاهده: بس ڪر زيبو، بس ڪر، مان پنهنجي سڪون کي برباد ڪرڻ نٿي چاهيان آئون هن وقت کي نهايت خاموشيءَ سان گذارڻ گهران ٿي.

زيبو: پر هو سڀاڻي ايندو، پوءِ....

زاهده: پوءِ..... پوءِ ڇا ٿيندو؟

زيبو: سوچڻ لاءِ اڃان گهڻو وقت آهي.

زاهده: تون منهنجي ذاتي معاملن ۾ آخر ايترو دخل ڇو ٿي ڏئين... آئون پنهنجا فيصلا پاڻ ڪنديس... تون....

زيبو: آخر ڪيستائين پان کي دوکا ڏيندينءَ... وقت اچي ويو آهي ته تون پنهنجي خيالن جي ڪوٽ مان پاڻ کي ٻاهر ڪڍين... وري شايد اهڙو موقعو نه اچي.

طنزيه کل سان

زاهده: تون مون کي چريو ڪري ڇڏيندينءَ زيبو... پر ٻڌ... رخشي سان ان ڏس ۾ ڪا ڳالهه نه ڪجانءِ

سوچيندي هوءَ ڪارڊ کي ڏسڻ لڳي ٿي ۽ زيبو هن کي ڏسي مرڪڻ لڳي ٿي.

]فيڊ آئوٽ[

زيبو: مان ڇو ڪنديس.

ڊرائينگ روم- رخشي جي سالگره مختلف مهمان ويٺا آهن. ميز تي کاڌي پيتي جو سامان ۽ تحفه وغيره رکيا آهن. رخشي جي چهري تي ڪجهه انتظار آهي، رکي رکي هوءَ دروازي ڏي نهاري ٿي

 

 

 

 

 

 

 

سلميٰ: رخشي آنٽي ڪٿي آهي؟

هوشيار ٿيندي

رخشي: ممي..... بس ايندي هوندي، تيار پئي ٿئي.

سلميٰ: آنٽي واقعي ڪمال جي خاتون آهي

رخشي: مونکي پنهنجي ممي تي ناز آهي.

نواز اندر اچي ٿو. رخشي جي چهري تي اڻ لکي خوشي پکڙجي وڃي ٿي، غير محسوس ٿيندڙ محبت سان

 

 

 

 

نواز: سالگره مبارڪ

رخشي: مهرباني.

تحفو ڏيندي

نواز: تڪڙ ۾ ڪو چڱو تحفو نه وٺي سگهيس پر...

رخشي: تنهنجي پسند تمام سٺي هوندي آهي

نواز: واقعي... هيلو سلميٰ.

سلميٰ: هائي نواز.

نواز: تنهنجي ممي؟

رخشي: بس اچڻ واري آهي.

زاهده نمودار ٿئي ٿي رخشي ۽ نواز تي نظر پويس ٿي. سندس چهري تي متانت واري مرڪ آهي ۽ قدمن ۾ ڏيانس سڀ هن ڏي ڊوڙن ٿا.

 

 

سڀ: آنٽي سلام... مبارڪون.

رخشي: ممي، هيءُ نواز آهي.

نواز: سلام ممي.

غور سان ڏسندي محبت سان

زاهده: خوش هجين... رخشي منهنجي خيال ۾ تنهنجا سڀ مهمان اچي ويا آهن هاڻي انتظار ڇا جو آهي.

رخشي: بس ممي، اوهان جو ئي انتظار هو.... اڄ... اڄ اوهان ڏاڍيون سٺيون پيون لڳو ممي.

زاهده: مهرباني رخشي اچو.

ڪيڪ واري ميز تي وڃن ٿا. ڳائين ٿا. رخشي ڪيڪ ڪاٽي ٿي رخشيءَ کي مبارڪون ڏين ٿا. فوٽو نڪرن ٿا، ۽ پوءِ سڀ ٽڙي پکڙي جدا جدا هنڌن تي بيهن ۽ کائين ٿا. زاهده به هڪ صوفي تي نمايان نموني ۾ وڃي ٿي ويهي رهي.

 

 

نواز: رخشي نهايت خوش قسمت آهي جو هن کي آنٽي جهڙي ماءُ ملي آهي.

سلميٰ: ها، انهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي، رخشي جي ڪري ئي ته هن دنيا جون سڀ خوشيون ڇڏي ڏنيون آهن.

نواز: ها، ائين برابر آهي، پر رخشيءَ به آنٽي کي مايوس نه ڪيو آهي؛ هوءَ بلڪل پنهنجي ماءُ جي اصولن تي پختي طرح سان پابند آهي.

زاهده تي انهن ڳالهين جو اثر ٿئي ٿو، هوءَ پنهنجو پاڻ کي ماحول ۾ اوپرو پئي محسوس ڪري، ڇاڪاڻ ته هوءِ ذهني طور تي صبح واري واقعي کان پريشان آهي. هيڏانهن هوڏانهن ڏسي، اٿي ٿي.

 

 

 

حيران ٿي

کلندي

 

 

 

کلي

 

 

 

 

پريشان ٿي.

زاهده: ڀائي اوهان پارٽي اينجائي ڪيو مان هلان ٿي.

رخشي: ڇو ممي؟

زاهده: ائين ئي... آئون هاڻي توهان ۾ ٺهان نٿي.

رخشي: او نو ممي، توهان پاڻ کي پوڙهي سمجهڻ لڳيون آهن.

زاهده: جي پوڙهي نه آهيان ته توهان وانگر نوجوان به نه آهيان رخشي. آئون دراصل اڄ ٿڪاوٽ پئي محسوس ڪريان انهيءَ ڪري مون کي موڪل ڏي.

رخشي: طبيعت ته ٺيڪ آهي نه ممي.

زاهده: اوه بلڪل، بلڪل ٺيڪ.. بس ٿورو آرام ڪرڻ ٿي چاهيان.

رخشي: اوڪي ممي... اسين به پارٽي جلد ختم ڪنداسين.

زاهده: نه نه، توهان جي آوازن ۾ مون کي تمام گهڻو آرام ايندو.

اوڪي... گڊباءِ ايوري باڊي.

سڀ: گڊ باءِ سوئيٽ آنٽي.

هوءَ پارٽيءَ مان نڪري وڃي ٿي ۽ ٻيا سڀ کائڻ پيئڻ ۾ مشغول ٿي وڃن ٿا.

]ڊزالو[

زاهده جو بيڊروم. پاڻ سينگار ميز تي ويٺي آهي. هو ته پنهنجن اڇن وارن کي پئي ڏسي. سندس چهري تي مختلف قسم جا تاثر آهن. هوءَ پنهنجي اندر جي اڌمن کي لڪائڻ جي شديد ڪوشش ڪري ٿي، پر ان ۾ ڪاميبا ڪانه ٿي ٿئي رخشي اندر اچي ٿي.

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

رخشي: ممي.

هوءَ ڇرڪ ڀري اٿي ٿي، ائين ڄڻ سندس ڪا چوري ظاهر ٿئي پئي هجي، رخشي ماءُ جي ان ڪيفيت کي محسوس ڪندي

 

 

 

 

رخشي: ممي توهان ٺيڪ ته آهيو نه؟

زاهده: هاها، بلڪ ٺيڪ آهيان.

هوءَ وري ويهي ٿي رهي، رخشي پٺيان اچي سندس ڳچيءَ ۾ ٻانهون وجهي ٿي ٻنهي جو چهرو آئيني ۾ زاهده کيس غور سان ڏسي ٿي۽ لمحن لاءِ هوءِ اکيون جهڪائي ٿي ڇڏي، انگل ڪندي

 

 

 

 

 

 

 

رخشي: اوهان پريشان آهيو ممي؟

زاهده: اهڙي ته ڪا ڳالهه ڪانهي بس ائين ئي...

هوءَ آئيني ۾ رخشيءَ کي ڏسي ٿي ۽ اکيون جهڪائي؛ پاڻ ڇڏائي اٿي ٿي، رخشي ماءُ جي انهيءَ عمل کي حيرانيءَ سان ڏسي ٿي زاهده هلندي هلندي وڃي بيڊ تي بيهي ٿي، ٽيڪ ڏيئي. هڪ دفعو رخشيءَ کي ڏسي وري اکيون جهڪائي ٿي ڇڏي. رخشي حيران ٿي اتي ئي بيٺي ٿي رهي.

 

 

 

 

 

 

 

 

 

رخشي: ممي پيلز... ڇا ٿيو آهي توها

ڌيءَ ڏي نه ڏسندي متانت ۽ ٺهراءُ سان

 

 

زاهده: رخشي ماڻهوءَ جي زندگيءَ ۾ ڪڏهن ڪي گهڙيون اهڙيون اينديون آهن، جيڪي پان سان گڏ اهڙا طوفان کڻي اينديون آهن جن سان سڀڪجهه کن پل ۾ تباهه برباد ٿي ويندو آهي.

رخشي: مون سمجهيو ڪونه ممي، مون کان ڪا غلطي ٿي آهي؟

ڊرسينگ ٽيبل تي حيراني سان ويهندي زاهده ڌيءَ کي ڏسي ٿي سندس اکين ۾ مامتا جا اڏول جذبا واضح آهن.

 

 

زاهده: تون ڪيئن غلطي ڪندين رخشي... توکي ته مون ائين پاليو آهي جيئن ماڻهوءَ جي ڏندن ۾ زبان.

رخشي: پوءِ ڇا آهي، مون کان به لڪايو ٿيون؟

زاهده: رخشي، مون وٽ لڪائڻ لاءِ ڇا آهي، ۽ تنهنجي آڏو ته آئون کليل ڪتاب وانگر آهيان جنهن جي ورق ورق تي فقط تنهنجن اڌمن ۽ جذبن جي پرگهور جا انجام لکيل آهن.

رخشي پنهنجي جاءِ تان اٿي نهايت  چلولائيءَ سان اچي ماءُ کي ڀاڪر پائي ٿي.

 

 

رخشي: مونکي توهان جون ڳالهيون بلڪل سمجهه ۾ نٿيون اچن.

زاهده: سٺو آهي ته توکي اهي ڳالهيون سمجهه ۾ نه اچن.

رخشي: ڇو، آئون ٻار ته نه آهيان

زاهده: تڏهن ته چوان ٿي.... هڪ ڳالهه پڇانءِ؟

رخشي: ضرور پڇو ممي.

زاهده: تون مون کي ڪيئن ٿي سمجهين.

رخشي: پنهنجي حياتيءَ جو سڀ کان وڏو سرمايو آئيڊيل ممي... مون پنهنجي زندگي جي هر وک تي اوهان جي اصولن کي پنهنجي لاءِ روشني سمجهيو آهي.. ۽... دنيا ۾ اوهان جهڙي ممي ٿي نٿي سگهي. اها ڳالهه سڀ ڄاڻن ٿا، پر اهو سڀ اوهان ڇو ٿيون پڇو؟

جذبن کي لڪائيندي مرڪندي

زاهده: بس ائين ئي ڪڏهن ڪڏهن ماڻهو جو روح ائين ئي اتاولو ٿي ويندو آهي. پوءِ پنهنجو پاڻ تان ڀروسو ئي کڄي ويندو آهي. اڄ به ائين ئي محسوس ٿيو... تنهنڪري....

رخشي: او ممي خدا جي واسطي- اوهان سدائين حالتن سان منهن ڏنو آهي. اڄ اوهان جي اهڙيون ڳالهيون ڪيون ته پوءِ منهنجو ته جيئڻ ئي زهر ٿي ويندو. آئون ڪنهن جي سهاري اڳتي وڌنديس ممي....

زاهده: نه نه توکي ائين سوچڻ نه گهرجي.

رخشي: پوءِ اڄ ائين سوال جواب ڇو ممي؟

زاهده: رخشي، آئون خود نٿي ڄاڻان ته مون کي ڇا ٿي ويو آهي. شايد آئون واقعي ٿڪجي پئي آهيان. مون کي آرام ڪرڻ گهرجي. پريشان ٿيڻ جي ڳالهه نه آهي، سڀ ٺيڪ ٿي ويندو. هاڻي وڃي آرام ڪر.

هوءَ ماءُ کي ڏسي ٿي، ۽ وڃي ٿي. سندس چهري تي جيڪي تاثرات آهن انهن مان ائين واضح ٿئي ٿو ته هو ماءُ جي انهيءَ ڪيفيت کان مطمئن نه آهي.

]فيڊ آئوٽ[

ڊرائينگ روم. گهڙيال کان ڏيک شروع ٿئي ٿو جنهن ۾ سوا يارنهن ٿيا آهن- زاهده ۽ اسلم آمهون سامهون ويٺا آهن. زاهده جي چهري تي ڏک ۽ خوشيءَ جا مليل جليل تاثرات آهن. اسلم جو چهرو ڪنهن به تاثر کان خالي آهي. پر هو پنهنجي پر ۾ نهايت پرعزم لڳي ٿو. زيبو چانهه جي ٽرالي کڻي اندر داخل ٿئي ٿي. زاهده چور نظرن سان زيبوءَ کي ڏسي ٿي. زيبو سندس دلي ڪيفيت محسوس ڪندي مرڪي ٿي، ۽ ٽرالي رکي موٽي وڃي ٿي. زاهده ذهني طور تي بدحواس آهي. ڏڪندڙ هٿن سان چانهه ٺاهي ٿي. اسلم جي چپن تي مرڪ آهي، هوءَ چانهه هن ڏانهن وڌائي ٿي ۽ لڄي نظرن سان هن کي ڏسي ٿي.

 

اسلم مرڪندي

اسلم: تو منهنجي ڳالهه جو جواب نه ڏنو؟

پنهنجي لاءِ چانهه ٺاهيندي ميوي ي پليٽ هن ڏانهن ڪندي

زاهده: ڇا جواب ڏيان... مون کي سوچڻ ڏي.

اسلم: اسان سڄي عمر سوچيندي گذاري آهي زاهده.

زاهده: تنهنجي ڳالهه اهڙي نه اهي جنهن تي ڪو فوري جواب ڏيئي سگهجي.

اسلم: زاهده.... ڇا تنهنجي ذهن ۾ ڪابه يادگيري نه آهي؟

پريشان ٿي

زاهده: يادگيريون؟ ڪهڙيون يادگيريون اسلم، زمانو ٿيو جو مون...

ڳالهه ڪٽيندي

اسلم: آخر تون ڪيستائين انهيءَ خول ۾ پاڻ کي قيد رکندينءَ زاهده؟

زاهده: اها منهنجي عمر ۽ جوابدارين جي گهر آهي. مون کي ائين ڪرڻو پوندو.

سنجيدگيءَ سان

اسلم: زاهده، مون پنهنجي زندگي ائين ئي تنهاين ۾ گذاري آهي. انهيءَ ڊگهي ۽ ٿڪائيندڙ زندگيءَ جي ڪنهن به لمحي ۾ منهنجي ذهن مان تنهنجو خيال نه نڪتو آهي. ڇو؟ انهيءَ جي مون کي به ڄاڻ ڪانهي، پر ايترو ضرور سمجهان ٿو ته چاهت جو دنيا ۾ ڪڏهن ڇيهه نه ٿيو آهي.

زاهده: اجايا خيال... اسلم هيءَ عمر اهڙن خوابن جي دنيا ۾ رهڻ جي نه آهي.

سگريٽ دکائيندي

اسلم: مون سدائين حقيقت تي سوچيو آهي.

زاهده: خواب ته تون ڏسندي هئين ۽...

زاهده: تون مون تي چٿرون ٿو ڪرين.

اسلم: تنهنجي سوچ ۾ اڃان تائين ڪو فرق نه آيو آهي.

زاهده: ڪيئن ٿو چئين؟

اسلم: اڳي وانگر اڄ به توکي منهنجي ڳالهين ۾ چٿرون محسوس ٿين ٿيون!...

زاهده: اڳ ۽ اڄ ۾ تمام گهڻو فرق آهي اسلم.

اسلم: اهو تنهنجي لاءِ هوندو، مان پنهنجو پان کي اڃان تائين بدلائي نه سگهيو آهيان اهوئي سبب آهي جو اڄ آئون وري تو وٽ موٽي آيو آهيان.

زاهده: منهنجي دل جي خوشين ۽ سڪون کي هڪ دفعو وري برباد ڪرڻ لاءِ-

شديد ڪرب مان

اسلم: زاهده...

پنهنجي اندر جي اُڌمن کي روڪيندي

زاهده اسلم، مان زندگيءَ کي هڪ حقيقت سمجهان ٿي، اها راند نه آهي... مون کي پنهنجي موجوده زندگيءَ تي اطمينان آهي، آئون ڪنهن سهاري جي ضرورتمند نه آهيان.

اسلم: تون ڪيڏي نه ڪٺور دل آهين، پنهنجي هوڏ ڪري منهنجن احساسن کي نظرانداز ڪيو ڇڏين.

زاهده: مان توسان ڪوڙ نٿي ڳالهائڻ چاهيان بيشڪ منهنجي دل ۾ تولاءِ محبت رهي آهي... مان ڪوشش جي باوجود توکي وساري نه سگهي آهيان... پر پنهنجي ان ذاتي خواهش جو منهنجي حقيقي حياتي سان ڪو تعلق نه آهي. آئون جيئن به آهيان ٺيڪ آهيان... مان ماضي ڏي موٽڻ نٿي چاهيان.

اسلم: آخر ڇو؟

زاهده: اسلم، جڏهن منهنجن مائٽن توکي مون لاءِ نه قبوليو، تڏهن مون نه چاهڻ جي باوجود توکي نظر انداز ڪري ڇڏيو. مون پنهنجي مرضي کي پنهنجن مائٽن جي رضا تي گهوري ڇڏيو ۽ پوءِ آئون هن گهر ۾ وني ٿي آيس، هن گهر مون کي هزارين خوشيون ڏنيون، هن گهر جي هر ڪنڊ منهنجي ٺاهيل ۽ سينگاريل آهي، هن ئي گهر ۾ منهنجي رخشي آهي... سڪون آهي... آئون... حياتي جي هن پوئين پهر ۾ ڪو نئون گهر ٺاهڻ جو ست نٿي ساريان.

اسلم: انسانن جي مقابلي ۾ هنن ديوارن سان ڏاڍي دل اٿئي!

زاهده: هنن جي محبت ۾ آزار نه آهن اسلم.

اسلم: زاهده مون سوچيو هو ته هيڏي عرصي جي تنهائي کان پوءِ تون... تون منهنجو قدر ڪندينءَ.

نهايت محبت ڀريل نظرن سان هو هن کي ڏسي ٿي اسلم سندس اکين ۾ اٿاهه محبت جو ساگر ڇلندو ڏسي، ڪجهه سرهائي سان

 

 

تنهنجي اکين ۾ اڄ به اُهي سنيها آهن، جيڪي گهڻو وقت اڳي زندگي گڏ گهارڻ جي انجامن وقت هئا...

مُرڪي اندر جي آنڌ لڪائيندي

زاهده: ۽ تون ائين ئي اُتاولو آهين جيئن اڳ هئين.

اسلم: منهنجي باري اڄ به تون ائين ٿي سوچين؟

زاهده: منهنجي دل ۽ اکين ۾ تنهنجو اُهو ئي روپ آهي.

اسلم: سچ زاهده!

هن جي خوشي کي محسوس ڪندي

زاهده: ها اسلم... من ۾ تولاءِ اڄ به اُهائي هڪ آهي، پر... پر... اڄ آئون پنهنجن خواهشن تي وس هلائڻ لائق نه رهي آهيان تون وڃ... وڃين پنهنجي دنيا آباد ڪر.

ڏکاري کل سان

اسلم: هون... تون چري آهين... پنهنجي دنيا آباد ڪرڻ جي سڌ هجيم ها ته اُن وقت ڪريان ها جڏهن اڃا هوائن مان بهارن جا جهوٽا محسوس ٿيندا هئا، گلن جي سُرهاڻ وڻندي هئي. اڄ جڏهن هر پاسي پن ڇڻ جا پڙلاوَ ٿا پون تڏهن ڪنهن نئين دنيا جي تلاش ڪريان؛ ڏاڍي بي رحم آهين زاهده.

زاهده: آئون لاچار آهيان، غلط يا صحيح... مان... مان... جيڪو فيصلو ڪيو آهي. اٽل آهي.

اسلم: مان اڃان به انتظار ڪري سگهان ٿو، تون سوچ...

زاهده: منهنجي سوچ ۾ ڪنهن فرق اچڻ جو ڪو امڪان ئي ڪونهي... منهنجي سوچ رخشي آهي، اُن جون خوشيون آهن نه هاڻي منهنجي ڪا خواهش آهي نه خوشي.

هو اٿي ٿو

اسلم: آئون وري ايندس.

پريشان ٿي

زاهده: نه نه.... خدا جي واسطي... مون کي پنهنجي حال تي ڇڏي ڏي... نه... تون مون وٽ وري نه ايندين، تنهنجي اچڻ سان منهنجو روح لُڏي وڃي ٿو. مان پنهنجي اندر ۾ الائجي ڪهڙا طوفان ٿي محسوس ڪريان، ڪن پڙاڏن جا پڙلاوَ ٿا ٻڌجن... تنهنجي آئي کان پوءِ اُهي سڏ مون کان ٻڌا نٿا ٿين.

اسلم: تون مون سان فقط دوستن وارو تعلق به رکڻ نٿي چاهين.

زاهده: نه مون کي تنهنجي غير موجودگي مان وڌيڪ ساءُ ايندو... تنهنجي موجودگي منهنجي دل ۾ تلخي جو جذبو پيدا ڪري ٿي- ۽... ۽ اُها تلخي جيڪڏهن رخشي محسوس ڪئي ته... ته.... هوءَ پريشان ٿي ويندي، اسان ٻنهي لاءِ سٺو اِهو آهي ته اسان هڪٻئي کان وري اڳ وانگر جدا ٿي وڃون ۽ هڪٻئي کي وساري ڇڏيون.

اسلم: ٺيڪ آهي، جيڪڏهن تون ائين ٿي گهرين ته ائين ئي ٿيندو. آئون وري هتي ڪڏهن به نه ايندس.... پر منهنجي وئي کان پوءِ تنهنجي سوچ منهنجي حق ۾ بدلجي ته مون کي ضرور ياد ڪجئين.

تيزي سان مڙي ٻاهر نڪري وڃي ٿو. هو پريشان ۽ شڪسته انداز ۾ اُٿي بيهي رهي ٿي. گهڙيال جي ٽڪ. اُڀري ٿي. هو وقت ڏسي ٿي، هيڏانهن هوڏانهن ڏسي ايش-ٽري مان سگريٽ جا ٽڪرا ڏسي کڻي پروقار انداز ۾ ڪمري مان ٻاهر نڪري وڃي ٿي. ڪيميرا گهڙيال ڏانهن وڃي ٿي. جنهن ۾ ٻه ٿيا آهن.

]فيڊ آئوٽ[

وقت رات... زاهده جو بيڊ روم. هوءَ ڪرسي تي ٿڪل ٿڪل ويٺي آهي. رخشي اچي ٿي. هو ماءُ کي ڏسي ٿي، چند لمحن ۾ هن کي لڳي ٿو ماڻس پريشان آهي، هن جا تاثرات ڪجهه انهيءَ قسم جا اُڀرن ٿا، ته ڄڻ ماءُ سندس لاءِ پريشان آهي. هو آهستي آهستي ماءُ جي ڪرسي جي پٺيان اچي بيهي ٿي زاهده ڇرڪ ڀري هن کي ڏسي ٿي يڪدم چپن تي مُرڪ آڻي

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

رخشي: ممي

 

 

زاهده: ڇو رخشي... هن وقت...؟

رخشي: ننڊ نه پئي آئي ممي.

پريشان ٿي

زاهده: ڇو ڪٿي تنهنجي طبيعت...

رخشي: نه ممي آئون ٺيڪ آهيان... پر....

زاهده جا لمحن لاءِ اهڙا تاثرات ڄڻ رخشي سندس چوري پڪڙي ورتي هجي

 

 

ائين ٿو لڳي ممي... ته اوهان پريشان آهيو.

زاهده: مان... پريشان... تنهنجي هوندي مون کي ڪهڙي پريشاني ٿيندي.

رخشي: ڪلهه پارٽي مان اُٿي آيون، اڄ سويل ئي ڪمري ۾ اچي ويهي رهيون اِهو سڀڪجهه.

زاهده: رخشي.. مون  توکي سدائين سچ ڳالهائڻ جو سبق ڏنو آهي... ۽... آئون تو سان ڪڏهن به ڪوڙ نه ڳالهائيندي آهيان پر... ڪي ڳالهيون اهڙيون اوڦٽيون ۽ اوچتيون زندگيءَ ۾ ليئو پائينديون آهن، جو انهن کي ڦولهڻ سان حياتيءَ جو سُٽ اڃا گهڻو منجهي پوندو آهي. بس ايترو آهي جو هڪ طوفان هو اوچتو اُٿيو، جنهن تيزيءَ سان آيو، اُنهيءَ تيزيءَ سان هليو ويو... آخر... آئون به ته هڏ چم جي انسان آهيان... ٿوري پريشان ٿي وئي آهيان.

رخشي: توهان مون کان جيڪي ڳالهه لڪائڻ گهرو ٿيون، ان ۾ يقيناً چڱائي هوندي... پر.... پر آئون...

زاهده: چئو رخشي... آئون تنهنجي ماءُ به آهيان ته سچي سرتي به...

گفتگو دوران ٻئي پنهنجي پنهنجي دل جا چور لڪائڻ جا تاثرات ڏين ٿيون

رخشي: مونکي سڌ نه آهي ته ائين ڇو ٿيو.. پر آئون بيوس ٿي پيس... هو... هو الائجي ڪيئن...

زاهده: رخشي... تون چوڻ ڇا ٿي چاهين.

رخشي: ممي مون کي اوهان سان انتهائي محبت آهي... اوهان جي محبت منهنجي حياتي آهي... پر... اوچتو منهنجي دل ڪنهن ٻي ماڻهو جي محبت جو پڙلاءُ پيو آهي.

تيزي سان اُٿي هن جي آڏو اچي بيهي ٿي

زاهده: رخشي... تون...! ڪير آهي اُهو...؟

رخشي: ممي... مان.... هن سان شادي ڪرڻ گهران ٿي.

زاهده: ڪير آهي اُهو؟

رخشي: اوهان ناراض ٿيون آهيو.

زاهده: آئون پڇان ٿي ته ڪير آهي جنهن... جنهن تنهنجي دل ۾ جاءِ ورتي آهي.

رخشي: نواز.

پارٽي سيبن ۾ فيلش

زاهده: نواز....

هوگم سم ٿي وڃي ٿي سندس چهري تي مختلف تاثرات ۽ آواز سپرامپوز ٿئي ٿو

رخشي: اسين ٻئي شادي ڪرڻ گهرون ٿا.

 

زاهده: جيڪا ڳالهه تون پنهنجن مائٽن کي نه چئي سگهينءَ، سا ڳالهه ڪيڏي سولائيءَ سان چئي وئي آهي... ڇا آئون پنهنجي ڌيءَ کي انهيءَ عذاب جي دريا ۾ ڇڏي ڏيان جنهن ۾ آئون اڄ تائين ٻڏندي ترندي رهي آهيان.

رخشي جو تاثر- هو ماءُ جي ماٺ کي محسوس ڪري هو خيال مان سجاڳ ٿيندي آهستي سنجيدگيءَ مان

رخشي: ممي؟

 

زاهده: تو اِهو فيصلو ڪيئن ڪيو رخشي رخشي- مون کي خبر نه آهي ممي... پر جيڪڏهن اوهان کي منهنجو فيصلو پسند نه آهي ته... ته پوءِ آئون شادي نه ڪنديس.

زاهده: ڇا تون مون کي پنهنجي هوڏ جو دڙڪو ٿو ڏئين؟

تيزي سان ڊوڙي ماءُ کي ڀاڪر پائي نهايت محبت سان

 

 

رخشي: ممي، اهو آئون سوچي به نٿي سگهان. مونکي پنهنجين خوشين کان وڌيڪ اوهان جون خوشيون پياريون آهن مان اوهان کي ناراض ڪري خوش نه رهي سگهنديس، مان سڄي عمر تنهنجي قدمن ۾ گذارينديس.

زاهده: رخشي. مون ڪڏهن ائين سوچيو به ڪونه هو ته ڪا تون مون کان ائين جدا ٿي ويندينءَ، پر... مائرن کي پنهنجو اولاد ڪڏهن به وڏو محسوس نه ٿيندو آهي... منهنجي لاءِ اڄ به تون اُهائي ننڍڙي رخشي آهين جنهن کي آڱر کان وٺي مون پنڌ ڪرڻ سيکاريو هو... پر.... مون کي يقيناً اِهو سوچڻو هو... ته.... ته تون وڏي ٿي وئي آهين.

هوريان شڪسته آواز ۾

نواز جا ڪي مائٽ آهن؟

رخشي: هن جو پاپا ۽ ممي اوهان وٽ اچڻ چاهين ٿا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org