هڪ آواز: راءِ، اسين سڀ اوهان جي حڪم سان اتفاق ٿا
ڪريون، اسان جي پڻ اهائي خواهش آهي ته راءِ جي
خوشين ۾ ڪو خلل نه پوي.
لاکو: مرحبا! مون کي اوهان جهڙن ساٿين مان
اهائي اميد هئي.
]گهوڙن
جو آواز وڌي گهٽجي ٿو. موسيقي[
جسو: هي ڪير پيو اچي؟
جسراج: اهو ماڻهو آئون ڀانيان ٿوته ڪيراڪوٽ جو
ڪو ڀَٽ آهي.
جسو: ڪيراڪوٽ جو ڀَٽ! اهو وري هيڏانهن ڇا
لاءِ پيو اچي؟ ڀَٽ ته سدائين....
جسراج: ترس جسا، ترس، ڪو تڪڙو لفظ زبان مان نه
ڪڍ.
ڀٽ: جسي ۽ جسراج جي سر تي ڌڻي جي سلامتي
هجي!
جسراج: اچ اي شخص! ٻڌاءِ اڄ هن پاسي ڪيئن آيو
آهين؟
ڀٽ: آئون، آئون... لاکي لاءِ خراب خبر کڻي
آيو آهيان- اهڙي خبر جنهن جي ٻڌائڻ لاءِ زبان وڍڻ
جي سزا مقرر ٿيل آهي.
جسو ۽ جسرا: ڇا.... راءِ... ڦل... قهر ٿي
ويو....
جسو: اي شخص! اها ته ڏاڍي بد خبر آندي اَٿئي.
لاکي تائين ڪهڙيءَ طرح اها خبر پهچائجي؟
ڀٽ: سردار جسا! مونکي موڪل ملي ته آئون ڪجهه
چوان.
جسو: چئو، چئو.
ڀٽ: اوهان اڄ رات رڳو سردار لاکي کي ٻاهر
وٺي اچي ويهارجو، کيس چئجو ته ڪنهن ڏورانهين ڏيهه
کان هڪڙو ڀٽ آيو آهي، جيڪو اوهان جي چوڪي ڀرڻ ٿو
گهري.
جسراج: پوءِ ڇا ٿيندو؟
ڀٽ: سردار! آئون ڀٽ آهيان. اسين هر هڪ ڪم کي
سياڻپ سان ڪرڻ سکيا آهيون. اوهان پاڻ ڏسندؤ ته
ڪيئن ته آئون اهو سڀ ڪجهه بيان ڪندس جنهن لاءِ
آئون هيڏو سفر ڪري آيو آهيان.
جسو: خير جيڪا تنهنجي مرضي. ان واقعي جي
لاکيسردار کي ته ضرور خبر ملڻ گهرجي.
]موسيقي.
ماڻهن جو هلڪو گوڙ- لاکو اچي ويو... لاکو اچي ويو[
ڀٽ: لاکي جي سر بخت جو خير!
لاکو: ڀلي آئين ڀٽ. اسان کي خوشي ٿي آهي جو
تون هن موقعي تي آيو آهين، جڏهن اسان هر وقت سفر ۾
رهون ٿا ۽ فقط تڪليفون سهون ٿا ۽ جنگيون ڪريون ٿا.
خوشيءَ جي ڳالهه آهي جو تون اسان جي ماڻهن کي ڪجهه
وقت لاءِ وندرائڻ آيو آهين.
ڀٽ: (سر ۾ بيت چوي ٿو)
هڪڙا ڦل پسجن واڙيين، ٻيا جي بٺين ڌاڃ
لاکا آئون مهراڻ، توريءَ سڃو ڪاڇڙو.
لاکو: (ڇرڪ ڀري) توري سڃو ڪاڇڙو.... ڇا....
انهيءَ جو مطلب ڇا آهي؟ ڇا بابو گذاري ويو! انهي
جي معنيٰ ته بابو گذاري ويو.
ڀٽ: سردار، اهوته توهان ٿا چئو، ٻانهيءَ کي
ڪهڙي طاقت آهي جو....
لاکو: ته بابو گذاري ويو.... اوه....
جسو: ائين نه چئو سردار! اوهين خود پنهنجي
زبان سان پيا ائين چئو.
لاکو: (ڇرڪ ڀري) ها جسا، ياد آيم اهي منحوس
لفظ مون پاڻ پنهنجي واتان ڪڍيا آهن.
جسو: پر.... پر.... سردار!
لاکو: جسا، مونکي پنهنجو وچن چڱيءَ طرح ياد
آهي. آئون پنهنجو ڪيل انجام ضرور پاريندس، ضرور
پاريندس.
جسو: نه، نه سردار! هيءُ اوهين ڇا ٿا چئو-
ائين هرگز نه ٿيندو.
لاکو: (جوش وچان) ائين ٿيندو ۽ ضرور ٿيندو
(وقفو) نه ته انجام شڪنيءَ جو اهو هڪ خراب مثال
قائم ٿيندو ۽ اسان جو ايندڙ نسل اسان تي لعنت
ملامت ڪندو، انجام کي پاڻي ڏيڻ کان ڪوبه شريف ۽
بهادر ڪونه ڪيٻائيندو. انهيءَ ڪم جي پورائي لاءِ
جيڪڏهن مون کي پنهنجي جان به قربان ڪرڻي پئي ته
مون کي افسوس نه ٿيندو.
جسو: سردار!
لاکو: جسا! مون فيصلو ڪري ڇڏيو آهي. آئون
هينئر ئي پنهنجو وعدو پاريندس، پنهنجي زبان ڪپيندس
(زور سان) هن ڀٽ کي منهنجي اکين کان پري ڪيو وڃي.
]ماڻهن
جو هلڪو آواز اُڀري ٿو[
هڪ آواز: سردار، منهنجي خيال ۾ اوهان جو فيصلو ٺيڪ
ڪونهي، اسين اوهان کي هرگز اجازت نه ڏينداسون.
ٻيو آواز: آئون پاڻ ائين ٿو سمجهان.
ٽيون آواز: سڄي ساٿ جي اهائي صلاح آهي، سردار!
لاکو: (وڏي واڪي) ته ساٿيو! منهنجو فيصلو اڻ
ٽر آهي، سچ پڇو ته پنهنجي وعدي کي اوهان جي اڳيان
پوري ڪرڻ ۾ مون کي خوشي ڏاڍي ٿئي ٿي. دوستو! اوهين
سڀئي شاهد رهجو ته لاکي وٽ پنهنجي انجام جي ڪيڏي
نه عزت آهي. اوهان وقت اچڻ تي پنهنجن ٻارن کي
ٻڌائجو ته لاکو جيترو جنگ جي ميدان ۾ سورهيه هو
اوترو ئي پنهنجي وعدي پارڻ ۾ سخي.
جسو: ترسو سردار! تڪڙ نه ڪريو، اسان سڀ چڱيءَ
ريت ڄاڻون ٿا ته اوهان وٽ پنهنجي انجام جي عزت
آهي، پر جيسين اوهان پنهنجي انجام کي پاڻي ڏيو،
اسانجون تلوارون اسانجي سينن مان پار ٿي چڪيون
هيونديون.
لاکو: (تيز لهجي) جسا! خبردار!
جسراج: اسين پنهنجي پياري ۽ سورهيه سردار کي
پنهنجي هٿان ڪونه وڃائينداسون.
جسو: سردار منهنجي خيال ۾ هڪ ٻي صورت آهي،
انهيءَ موجب اوهانجو ڪيل انجام به پورو ٿي سگهي ٿو
۽ توهان جو سايو به اسان جي سرن تي سلامت رهي
سگهندو.
جسراج: اها ڪهڙي صورت ٿي سگهي ٿي جسا؟
]ماڻهن
جا آواز- ”ڪهڙي“؟ ”ڪهڙي“؟[
جسو: اها هيءَ ته سردار کي فقط پنهنجو وعدو
پارڻو آهي. اهو هن طرح به پورو ٿي سگهي ٿوته سردار
پنهنجي زبان تي ميڻ جو ٽڪرو رکي، اهو وڍي. ائين
ڪرڻ سان سردار لاکي جو ڪيل انجام به پورو ٿي ويندو
۽ اسين به سردار کان جدا ڪونه ٿينداسين. ٻڌايو
ڀائرو ڇا منهنجي صلاح غلط آهي؟
گهڻا آواز: بلڪل نه، اها صلاح صحيح آهي. لاکي کي
ائين ئي وعدو پارڻ گهرجي.
لاکو: پر... منهنجي ڳالهه ته ٻڌو....
سڀيئي: ها، ها، اوهان کي ائين ئي ڪرڻو پوندو
سردار! فيصلو ٿي ويو.
لاکو: جيڪڏهن توهان سڀني جي اهائي صلاح آهي
ته آئون قبول ڪرڻ کان انڪار نٿو ڪري سگهان.
]”سدا
جيئي لاکو... جيئي لاکو“ ”راءِ لاکار اڄ ڀاڳ
مبارڪ“، ”راءِ جي تخت بخت جو خير“ جا نعرا[.
لاکو: (ڏکوئتي انداز ۾) جسا، جسا! تو هي ڇا
ڪيو. اڄ مون کي تنهنجي سياڻپ ۽ حڪمت اڳيان جهڪڻو
پيو، تو پنهنجي ڳالهه مٿي ڪري اسانکي تڪليف پهچائي
آهي.
جسو: سردار! ائين نه چئو، خدا جي واسطي ائين
نه چئو.
لاکو: خير، هاڻي ساٿين کي ترت تيار ڪر، اسان
جي ٻي منزل ڪيرا ڪوٽ آهي- (تقرير ڪندي) ڀائرو! اڄ
اوهان مونکي پنهنجو سردار چونڊي مون تي اهي
ذميداريون رکيون آهن، جن جو پورو ڪرڻ مون جهڙي
طوفاني طبيعت رکندڙ شخص لاءِ اوکو ٿي پوندو. مون
ڪڏهن به هڪ هنڌ ويهي زندگي ڪانه گذاري آهي، پر
هاڻي آئون اها ڪوشش ڪندس ته آئون هتي رهي، توهان
سان گڏجي، پنهنجي ملڪ ۽ وطن جي خدمت ڪريان ۽ توهان
جون تڪليفون دور ڪريان. اوهان پڪ ڄاڻو ته اڄ کان
پوءِ جتي توهان جو پگهر وهندو اتي لاکي جو خون
وهندو.
آواز: (خوشيءَ وچان) جيئي لاکو...... جيئي
لاکو...
جسو: راءِ!
لاکو: چئو جسا!
جسو: راءِ، اوهان پنهنجي گادي ماڻي ان جي
اسان سڀني کي گهڻي خوشي آهي، پر..... پر..... اهڙن
خوشين جي موقعن تي، اسان کي هڪ ڳالهه نهايت پريشان
ڪندي آهي.
لاکو: چئو جسا آخر اها ڪهڙي ڳالهه آهي، جا
توکي پريشان ٿي ڪري.
جيسو: سردار، اسان کي اڪثر هي خيال پريشان ڪندو
آهي ته لاکي کان پوءِ ڇا ٿيندو!
لاکو: ڇا مطلب؟
جسو: سردار! منهنجو مطلب هيءَ آهي ته هن وقت
تائين توهان جي تخت جو ڪوبه والي وارث ڪونهي.
لاکو: سچ ٿو چئين ساٿي! ڪير ڄاڻي ته مون کان
پوءِ هن تخت جو مالڪ ڪير ٿيندو؟ پر هي وقت انهي
ڳالهه جي سوچڻ جو ته ڪونهي، اڃان ته آئون جيئرو
آهيان.
جسو: بيشڪ، راءِ جو سايو اسان جي سرن تي
سدائين قائم ۽ دائم هجي پر انهيءَ هوندي به اها
ڳالهه ويچارڻ جوڳي آهي.
لاکو: جسا، تون جيڪا ڳالهه ڪرڻ چاهين ٿو سا
چٽيءَ طرح ۽ کولي ڪر.
جسو: راءِ، اسان چاهيون ٿا ته لاکي کان پوءِ
به ڪوڦلاڻي سردار هن راڄ جو مالڪ ٿئي.
لاکو: (کلي) جسا! ڳالهه تو سچ پچ مناسب ڪئي
آهي، پر.... (سوچي ٿو) منهنجي طوفاني طبيعت کي
ڄاڻين ٿوته اسان جو من انهيءَ پهاڙي نديءَ وانگر
آهي، جا گهڙيءَ ۾ ڪٿي ۽ گهڙيءَ ۾ ڪٿي هوندي آهي.
سو آئون نٿو چاهيان ته شاديءَ جي جهنجهٽ ۾ پاڻ
ڦاسائي ملڪي جوابدارين کان منهن موڙيان.
جسو: راءِ، هاڻي اوهين لاکا ڪونه آهيو، جيڪي
ڪڇ ۾ لوڙهيون هڻندا هئا ۽ توهين هاڻي اهي لاکا به
ڪونه آهيو جنهن جي طبيعت طوفاني هئي.
لاکو: جسا! تون آخر چاهين ڇا ٿو؟
جسو: آئون به سڄي رعيت وانگر اهو ئي ٿو
چاهيان ته اوهان جلد ئي وهانءُ ڪريو جيئن توهان
کان پوءِ توهان جو ئي اولاد هن گاديءَ جو مالڪ
ٿئي.
لاکو: تون مونکي مجبور ٿو ڪرين جسا! جسا!
آئون ائين نٿو چاهيان ته ڪو گهر ويٺي شادي ڪريان.
آئون ته مينڌري وانگر ڪشالا ڪڍي مومل ماڻڻ ٿو
گهران.
جسو: (کلي) اها به ڪا ڏکي ڳالهه ڪانهي راءِ!
مون کي خبر ملي آهي ته نهٽي ۾ مهر راڻي نالي هڪ
سمي صاحبزادي آهي. هن سان شادي ڪرڻ لاءِ ڪي شرط
رکيل آهن، جن مان هڪ هيءُ به آهي ته شينهن سان
جيڪو هٿين ٺلهو وڙهندو، مهر راڻي جو هٿ انجي حوالي
ڪيو ويندو.
لاکو: واهه، ڪا ڳالهه ته ٿي نه. اسان ضرور
شينهن سان وڙهنداسين. تون يڪدم نهٽي هلڻ جي تياري
ڪر.
جسو: جيڪو حڪم راءِ!
(موسيقي)
مهر راڻي: نه، نه توکي هاڻي مون وٽ نه اچڻ
کپندوهو.
چوڙيگر: مهر! هي تون ڇا پئي چوين؟
مهر راڻي: آئون بلڪل ٺيڪ پئي چوان، چوڙيگر! اڄ
منهنجي قسمت جو فيصلو ٿي ويو.
چوڙيگر: (ڏکارو) ها، مون کي به انهيءَ ڳالهه جي
خبر آهي ته لاکي تنهنجو رکيل شرط پورو ڪيو. اڄ يا
سڀاڻي اسين هڪ ٻئي کان هميشہ هميشہ لاءِ ڌار ٿي
وينداسين انهيءَ ڪري آئون چاهيان ٿو ته اسان جي
پيار جون آخري گهڙيون خوشيءَ سان گذري وڃن.
مهر راڻي: چوڙيگر! مون تو خاطر الائجي ڪهڙا سڱ
ٺڪرائي ڇڏيا، مون پنهنجن مائٽن کي ناراض ڪيو،
پنهنجي شادي لاءِ اجايا ۽ اڙانگا شرط وڌا، ڪنهن جي
لاءِ، فقط تنهنجي لاءِ، پر تو ۾ اها طاقت ۽ دليري
ڪانه هئي، جو تون اهي شرط پورا ڪري مون سان وهانءَ
ڪري سگهين.
چوڙيگر: مهر، منهنجي زندگيءَ جي انهي ناڪامي کي
نه ورجائي، منهنجو توسان لکيو ڪونه هو، منهنجي
تنهنجي شادي ۾ اهائي ته هڪڙي رڪاوٽ هئي، جو آئون
هڪ غريب چوڙيگر آهيان ۽ تون سمي صاحبزادي.
مهر راڻي: ها، پر مون ته انهي رڪاوٽ کي ختم ڪرڻ
لاءِ اهي شرط وڌا هئا، پرافسوس....
چوڙيگر: ائين نه چئو، مهر ائين نه چئو. آئون
تنهنجو ٻانهون ٿي رهندس، پر مون کي ائين پاڻئون
ڌار نه ڪر.
مهر راڻي: بس چوڙيگر، مون جيڪي چيو سو آخري فيصلو
سمجهه. (ٿڌو ساه ڀري) ائين نه ٿئي جو منهنجي
آبرو...
چوڙيگر: (هڪدم) بس، مهر بس، اڳتي هڪ لفظ به نه
چئج. تنهنجيءَ عزت خاطر جيڪڏهن مون کي ساهه به
صدقو ڪرڻو پوي ته آئون ان ۾ نه ڪيٻائيندس...
پر....
مهر راڻي: ها ها، چئو.
چوڙيگر: آئون پنهنجي زندگيءَ جي آخري جوا
کيڏندس. جيڪڏهن کٽيم ته آئون ۽ تون هڪ ٿي
وينداسين. جيڪڏهن هارايم ته پوءِ خوشيءَ سان
تنهنجي محبت جي راهه ۾ پنهنجو ساهه قربان ڪندس.
مهر راڻي: مون تنهنجو مطلب ڪونه سمجهيو، چوڙيگر؟
چوڙيگر: وقت اچڻ تي توکي سڀڪجهه معلوم ٿي ويندو
مهر، حياتي هوندي ته وري ملنداسين.
]موسيقي[
جسو: راءِ، ڪو سائل اوهان سان ملڻ لاءِ آيو
آهي، چئي ٿو ته تمام پرانهن هنڌان توهان جي سخا جي
ساراهه ٻڌي هتي آيو آهيان.
لاکو: وٺي اچينس- (وقفو)- اچ اي شخص، چئو ڇا
ٿو چئين؟
چوڙيگر: سردار، آئون هڪ چوڙيگر آهيان، غريب
چوڙيگر، توهان جي سخا جي ساراهه ٻڌي توهان کان
ڪجهه گهرڻ آيو آهيان.
لاکو: چئو، ڇا گهرجيئي؟
چوڙيگر: مون کي پهرين وچن ڏيو.
لاکو: وچن! آئون توکي وچن ٿو ڏيان. يقين رک
تون نراس نه ٿيندين.
چوڙيگر: مون کي مهر راڻي جي ٻانهن گهرجي!
لاکو: مهر راڻي جي ٻانهن!
جسو: اي چوڙيگر، تو پنهنجي موت کي پاڻهي سڏيو
آهي.
لاکو: (پنهنجي منهن) هن کي مهر راڻي جي ٻانهن
گهرجي! ته پوءِ ماڻهن جون ڳالهيون سچيو هيون.
چوڙيگر: ها راءِ، مهر راڻي منهنجي آهي، منهنجي ۽
هن جي محبت ازلي آهي. هن منهنجي ڪري ئي شاديءَ
لاءِ اڙانگا شرط وڌا هئا، پر آئون پورا نه ڪري
سگهيس.
جسو: بس ڪر، ڪٿي منهنجي ترار تنهنجي گندي رت
سان خراب نه ٿي وڃي.
چوڙيگر: هن زندگيءَ کان ته موت ڀلو آهي. اچ
هلائي ترار، پرياد رک، لاکي سردار مون سان وچن ڪيو
آهي. هن جي وچن جو اهو ئي نتيجو ٿيندو؟
لاکو: (يڪدم) ترس جسا، تلوار کپ ۾ رک. مون هن
کي وچن ڏنو آهي. تون پهرين مهر راڻي کي حاضر ڪر.
جسو: جيڪو حڪم.
]وقفو[
مهر راڻي: (ايندي. حيراني وچان رڙ ڪري) تون
چوڙيگر! تون هتي؟
چوڙيگر: ها مهر، آئون.... آئون....
مهر راڻي: (ڪاوڙ وچان) تون هتي ڇو آيو آهين؟
چوڙيگر: هتي آئون ڇو آيو آهيان، مونکي انهيءَ جي
خبر ناهي!
مهر راڻي: چپ ڪر. راءِ، هن شخص کي هتان ڪڍيو وڃي.
چوڙيگر: مهر!
لاکو: (سنجيدگيءَ سان) چوڙيگر، مون مهر راڻي
جي ٻانهن توکي بخش ڪئي.
مهر راڻي: (رڙ ڪري) راءِ، هي توهين ڇا پيا چئو؟
لاکو: وڃ مهر راڻي، تون پنهنجي پرينءَ سان گڏ
وڃي گذار. |