پيڊرو: (ڪاوڙ ۾) بس ڪر.... توکي وسارڻ نه گهرجي
ته تون هن وقت قيدي آهين ۽ تنهنجي حياتي منهن جي
هٿ ۾ آهي!
ملوڪ: بيشڪ آئون قيدي آهيان، پر منهنجي زبان
تنهنجي قيد ۾ نه آهي، فرنگي! آئون سچ چوندو رهندس،
چاهي مون کي موت ڇو نه نصيب ٿئي!
آواز: ملوڪ، تون ٻڌائين ڇو نٿو، آخر انهي ۾
اسان جو ڪهڙو ڏوهه... ۽ ٻيءَ ڪندي هيءَ اسان جي
بادشاهه جي دعوت تي پيا هلن!
ملوڪ: چپ ڪر، غدار... تون به هنن فرنگين جهڙو
آهين! مون کي خبر نه هئي ته اسان ۾ به ڪي اهڙا
ماڻهو آهن، جن کي وطن کان وڌيڪ حياتي پياري
آهي....
پيڊرو: هن کي ٻڌو، ۽ اهڙي سزا ڏيوس جو هيءُ
سڀڪجهه ٻڌائي... تون...
آواز: جي سائين!
پيڊرو: تون اسان کي راهه ڏيکار، اسان انهي جي
بدلي ۾ توکي اجورو ڏينداسين.
آواز: توهان جي وڏي مهرباني، ڪپتان، وڏي
مهرباني.
]موسيقيءَ
جو تاثر ۽ وري لهرون ۽ ٻيڙيءَ جي هلڻ جو آواز[
آواز: ملوڪ.... ملوڪ
ملوڪ: (تڪليف ۾) ڪير آهين.... تون.... تون مون
کي هٿ نه لاءِ.
آواز: تنهنجو جسم رتو رت ٿي ويو آهي!
ملوڪ: منهنجو جسم زخمي آهي، ان مان رت پيو وهي،
مون کي انهيءَ تي ارمان ڪونهي. آئون انهن زخمن تي
فخر ڪري سگهان ٿو، جيڪي فرنگين ظلم ڪري منهنجي جسم
تي ڏنا آهن. پر تون پنهنجي حال تي ڪڙهه، جو تنهنجو
ضمير مري چڪو آهي.... تو دشمن کي پنهنجي وطن جو گس
ڏيکاريو آهي!
آواز: اجايون ڳالهيون نه ڪر، ملوڪ! اسان ڇا
ٿا ڪريون سگهون، جڏهن وقت جي امير هنن کي نينڍ ڏئي
ڪوٺيو آهي.
ملوڪ: وقت جو امير! (غمزده کل) امير عيسيٰ
پنهنجي لاچاريءَ ۽ بيوسيءَ جي خبر پورچوگيزنکي
ٻڌائي آهي، ۽ هو کيس انهيءَ مصيبت مان ڇڏائيندا،
(کلي ٿو) اجايو خيال آهي! هن پنهنجي لاءِ هاڻي ٻه
دشمن پيدا ڪيا آهن.... سلطان محمود ته ٺهي به
ويندو، پر هي فرنگي اسان جي خون جو آخري ڦڙو به
چوسي وٺندا.
آواز: اجايون ڳالهيون نه ويچار، هروڀرو دل تي
بار ٿيندءِ، تون بکيو آهين ڪجهه کائي وٺ.
ملوڪ: پري ڪر اهي ناپاڪ هٿ! آئون بک ۽ اڃ وگهي
مرڻ پسند ڪندس، پر تو جهڙي غدار جي هٿان ڪجهه به
نه کائيندس.
آواز: جيڪڏهن کائين نٿوته مونکي پنهنجا ڦٽ
صاف ڪرڻ ڏي.
ملوڪ: اهي منهنجي سچائي جا شاهد آهن. آئون وطن
وارن کي ڏيکاريندس ته هيءُ ڏسو، هي زخم فرنگين جا
ڏنل آهن ۽ انهن ڦٽن مان وهندڙ خون ڏسي هو محسوس
ڪندا ته فرنگين جا ڪهڙا ارادا آهن.
آواز: تون جيڪڏهن واٽ تي مري وئين ته پوءِ
سهجان جو ڪهڙو حال ٿيندو.
ملوڪ: سهجان! اها منهنجي مڙهه تي خوشيءَ جا
ڳوڙها ڳاڙيندي ته سندس ور وطن جي نالي تي ٽڪو نه
لاتو آهي... بيشڪ، هن جي دل گلن کان به وڌيڪ نازڪ
آهي، پر آئون هنجي لاءِ پنهنجي ملڪ ۽ وطن سان
غداري ڪري، پنهنجي ضمير کي موت نه ڏيندس.... هليو
وڃ.... هليو وڃ ڪٿي منهنجا هٿ تنهنجي ناپاڪ ڳچيءَ
۾ نه پئجي وڃن... ۽ غداري جو بوتو ڀڄي نه پوي...
تنهنجي جيئندي به هر گهڙي عذاب ۾ رهندي- غدارن
لاءِ اهائي سزا آهي... تون ڦٿڪندو رهندين، ٻرندو
سڙندو رهندين، ڪير توکي آٿت نه ڏيندو.. هليو وڃ،
تولاءِ اهائي حياتي آهي، اهائي حياتي آهي.
آواز: (کلي ٿو) تون چريو ٿي پيو آهي، ملوڪ!
]فيڊ
آئوٽ ۽ موسيقيءَ جو تاثر، سمنڊ جون لهرون[
سهجان: هي ٻيڙن جو دس پيو اچي، پر انهيءَ ۾ ملوڪ
جي وانئٽي نطر نٿي اچي... سندس ٻيڙو آهي- شايد پاڻ
نه آهي، هوندو به ڪين- هن کي اچڻو ئي نه آهي. هو
ته انهي عميق ڏي ويو آهي... موتي ميڙڻ،امير جي
راڻي لاءِ.... هو ڪڏهن واپس ايندو.... پر نه، ضرور
ايندو- پر منهنجي دل نٿي مڃي. هو ايندو.... نه به
اچي (کلي ٿي). (وري ڇرڪ ڀري) پر هي ڪير پيا لهن،
هي ته هتي جا ماڻهو ئي ڪونهن... شايد، هي هتي جا
ئي هجن؛ مونکي ڪهڙي خبر، منهنجو ڪنهن سان ڪهڙو
واسطو.... منهنجو ملوڪ..... هي ڪير ماڻهو ٿي سگهن
ٿا........ ڪير به هجن منهنجو ڪنهن سان ڪهڙو
واسطو....
]ماڻهن
جو گوڙ، جنهن۾ هي آواز ته ’هي ڪير آهن؟‘ (دانهون)
’فرنگي فرنگي!‘ ’ڀڄو... ڀڄو!‘[
.... هي مانهو چريا آهن جو دانهون ڪيو پيا ڀڄن...
امير ملڪ۾ ڪونهي... هنن ترارون ڪڍيون آهن... شايد
وڙهندا، پر ڪنهن سانوڙهندا، اسان سان!
پيڊرو: ٺٽي شهر جا رهواسيو! خبردار، ڪنهن به ڪا
گڙٻڙ ڪئي آهي، جيڪو ڌن دولت توهان وٽ هجي، اسان جي
حوالي ڪريو، نه ته اسان سڄو شهر ٻاري ساڙي
ڇڏينداسين. هڪڙو ماڻهو به جيئرو نه ڇڏينداسون.
سهجان: هي شخص ڪهڙيون پيو ڳالهيون ڪري. ڇو.... هي
شايد چريو آهي، جو اهڙيون ٿو ڳالهيون ڪري.
پيڊرو: قيدين کي لاهيو... اسان هنن ماڻهن کي
ڪجهه مثال سان سمجهائينداسين! (ماڻهن جو گوڙ اڀري
ٿو).
سهجان: هي ڪير قيدي آهن! هيءَ.... ته..... ملوڪ
آهي! پر نه ملوڪ هنن جي قيد ۾ ڪيئن ڦاسي سگهندو،
ملوڪ کي ڪير ٻڌي سگهندو.... ڪير به نه.....
ملوڪ: (پريان) سهجان.....
سهجان: هي نالو ڪنهن ورتو.
ملوڪ: سهجان آءٌ ملوڪ آهيان..... هيڏانهن ڏِس!
سهجان: تون ملوڪ ڪٿي آهين، تون فرنگين جو قيدي
آهين... ملوڪ ته پاڻ سان خوشين جي سوغاتن آڻڻ جو
چيو هو، ۽ تون... تون دشمن ساڻ وٺي آيو آهين!
آواز: ڪپتان، مون پنهنجو فرض پورو ڪيو. مون
ٺٽي بندر تائين اوهان کي پهچايو، هاڻي مون کي
اجازت ملي ته.....
پيڊرو: توکي اجازت ضرور ملندي.... ڏسو، جيڪو
ماڻهو اسان جي خلاف ڪجهه ڪندو، ان جو حشر هن شخص
جهڙو ٿيندو (حڪم ڏيندي) هن جي سسي لاهي ڇڏيو!
آواز: نه نه.... آئون بي ڏوهي آهيان... مون توهان
جي مدد ڪئي آهي... مون ڪهڙو ڏوهه....
]تلوار
لڳڻ جو آواز ۽ رڙ- ماڻهن جو گوڙ[
ملوڪ:
غدار! پنهنجي ڄار جو پاڻ شڪار.
سهجان: هيءُ ڇا آهي! هنن هن کي ڇو ماريو؟
ملوڪ: هي وطنجو غدار هو، هن کي اهائي سزا ملڻ
گهرجي...
سهجان: تون به ته هنن سان گڏ آيو آهين! تنهنجي به
اها سزا هئڻ گهرجي؟
ملوڪ: سهجان.....
سهجان: منهنجو نالو پنهنجي زبان تي نه آڻ!
پيڊرو: دوستو! شهر تي حملو ڪريو. جيڪو ڪجهه
حاصل ٿئي ڪريو. واٽ تي جيڪو مانهو اچي ان کي ختم
ڪريو. هيءُ شهر ايشا جو سڀ کان وڏو شهر آهي، اتان
توهان کي ايترو ڌن حاصل ٿيندو، جو دنيا مان توهان
کي ڪٿان به نه ملندو.
]دانهون-
حملي جو تاثر- باه- رڙيون- ٽهڪ- موسيقي[
سهجان: بس ڪر... اي شخص تون مونکي وري خون ۽ موت
جي يادگيري پيو ڏيارين... آئون انهن ڳالهين مان ڇا
ڄاڻان.... هنن جامع فرخ۾ نمازين کي شهيد ڪيو،
بازارون خون سان ڀرجي ويون... ڪنهن به ته سندن
مقابلو نه ڪيو.
ملوڪ: امير ته کين سڏايو هو، ۽ پوءِ پاڻ ملڪ
خالي ڇڏي هليو ويو بکر جي سلطان سان مقابلو
ڪرڻ.... ۽ پٺيان ٺٽو لٽجي ڦرجي تباهه ٿي ويو....
پر سهجان، ڪڏهنڪنهن کي ظلم ڦٻيو نه آهي. هر
ماڻهوءَ کي ان جو ڪيتو ڏيڻو پوندو ۽ خبر اٿئي،
فرنگين جا ٻيڙا هتان ويندي سمنڊ ۾ تباه ٿي ويا....
سهجان: پوءِ ڇا ٿيو... منهنجو شهر، منهنجو شهر
منهنجي ملوڪ جو وطن ته ختم ٿي ويو، پر ياد رک، هي
شهر سدائين آباد رهندو، ڇاڪاڻ ته اڃان آئون پنهنجي
ملوڪ جون واٽون پئي نهاريان! منهنجا نيڻ اڄ به اڳي
وانگر سندس ٻيڙيءَ جي وانئٽيءَ ڏسڻ لاءِ آتا آهن.
هو ايندو. نيٺ هڪ ڏينهن ايندو. هن وڏو سفر اختيار
ڪيو آهي. هڪ نه هڪ ڏينهن هو واپس پنهنجي منزل تي
موٽي ايندو.
ملوڪ: سهجان، ڏس آئون ئي ملوڪ آهيان... آئون
ملوڪ آهيان، مونکي سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪر.... آئون ئي
موتي ڳولڻ ويو هوس، هي ڏس، مون تنهنجي لاءِ لڪائي
رکيا آهن، ساه کان به مِٺا ڪري تولاءِ سانڍيا اٿم!
اچي وٺ، هي موتي پوئي پنهنجي ڳچيءَ ۾ پاءِ...
سهجان: پري ڪر اهي پٿر جا خسيس ٽڪرا، مون کي نه
گهرجن، مونکي انتظار ڪرڻ ڏي! منهنجي ملوڪ جو ٻيڙو
ڄاڻ آيو.... ۽.... پوءِ مون لاءِ خوشيون هونديون
(کلي ٿي) پوءِ منهنجي هينئن کي راحت ملندي... خوشي
ملندي!
]پڄاڻي
جي موسيقي[
لاکو ڦلاڻي
]ابتدائي
موسيقي کان پوءِ گهوڙن جي اچڻ جا آواز، چوپائي جون
رنڀون ۽ ماڻهن جون دانهون اُڀرن ٿيون[.
هڪ آواز: لاکو ڦلاڻي اچي ويو... سر بچايو....
ڀڄو... ڀڄو...
ٻيو آواز: اڙي! لاکو ڦلاڻي! يا الله.... مري
وياسين- هاڻي ڇا ڪريون؟
هڪ آواز: مال ڇڏيو ۽ سر بچايو... لاکي کي رڳو مال
گهرجي.
]ڀڄو
ڀڄو جو آواز- (وقفه)- گهوڙن جي ٽاپ[
لاکو: (ٽهڪ ڏئي) مال ڇڏي ڀڄي ويا! جسراج هو
ڏس. سمورو چوپايو بيٺو آهي.
جسراج: راءِ، تنهنجي نالي ٻڌڻ کان پوءِ ڪنهن جي
مجال آهي جو بيهي. تنهنجي بهادري ۽ دليري ته هنڌين
ماڳين مشهور آهي. ڪنهن ۾ ايتري طاقت آهي جو همت
ڪري تنهنجي منهن مقابل ٿئي؟
جسو: ٺيڪ آهي- هنن کي ڀڄي وڃڻ گهرجي نه ته
لاکي جي تيز تلوار هنن مان ڪنهن کي به جيڪر سلامت
نه ڇڏي. (وڏي واڪي) وارو ڪريو، منهن ڇا پيا ڏسو-
مال کي چوڌاري گهيرو ڪري ڪاهي هلو.
لاکو: (ٿڌو ساه ڀري) جسا، تون ته ڄاڻين ٿوته
مونکي خون خرابي کان سخت نفرت آهي، منهنجي دل سچ
پچ ته اهڙي ڪٺور ڪانهي جهڙي ماڻهو سمجهن ٿا. جڏهن
ڪنهن بيگناهه شخص جي سيني مان منهنجي تلوار پار
ٿيندي آهي، تڏهن مون کي سخت ارمان ٿيندو آهي، دل
تي هڪ قسم جو ڌڪ لڳندو آهي... شايد... منهنجو ضمير
اها ڳالهه گوارا نٿو ڪري سگهي. پر ڇا ڪجي، اسان جي
زندگي اها ئي آهي، خير، جسراج سمورو چوپايو گڏ ڪري
پنهنجي مال ۾ شامل ڪريو.
]ڍڳين
اٺن جا آواز ۽ هشڪار[
انائونسر: واديءَ مهراڻ جي هنج ۾ سوين سورهيه ۽
سخي سردار ساماڻا، جيڪي اڄ به پنهنجي سورهيائي ۽
سخاوت ڪري، هنڌين ماڳين مشهور آهن. انهن سردارن
مان هڪڙو لاکو ڦلاڻي به هو، جنهن جي لاءِ ڀٽائي
صاحب چيو ته ”لاکا لک سڄن پر ڦلاڻي ڦير ٻيو“. هي
سورهيه ۽ سخي سردار چوڏهين صديءَ جي اڌ ۾، خاص طرح
1320ع ڌاري ٿي گذريو. ان وقت سرداري سرڪشي،
سورهيائي ۽ سخاتي هئي ۽ لاکي ۾ اهي مڙئي خوبيون
هيون، هن پنهنجن سورهيه ساٿين سان گڏ ڪڇ جي علائقي
۾ ۽ ان جي آس پاس ٿرٿلو مچائي ڏنو. واديءَ مهراڻ
جي هن سورهيه ۽ سخي سردار بابت قصه خوانن وٽ ڪيئي
حڪايتون ۽ داستان هلندڙ آهن.
]گهوڙن
جي هلڻ جو تاثر اُڀري ٿو[
جسو: راءِ، جتي به اوهان پهتا آهيو، اتي فتح۽
ڪامراني خود وڌي اچي توهان جا پير چميا آهن.
لاکو: ها جسا، اسان جي تلوار ۽ توهانجي ساٿ
جو ڏهڪاء هنڌين ماڳين مشهور ٿي ويو آهي ۽ جيستائين
توهان جهڙا ساٿي مون سان گڏ هوندا، تيستائين اسان
جي جتي ڪٿي فتح ٿيندي.
]ماڻهن
جو گوڙ ٿئي ٿو[
جسراج، هي ڇا جو گوڙ آهي؟
جسراج: ڪو فريادي ٿو ڏسجي سردار.
لاکو: فريادي! هن کي هڪدم منهنجي آڏو آندو
وڃي.
جسراج: (رڙ ڪندي) فريادي کي هيڏانهن اچڻ ڏيو.
پوڙهو: (پريان ايندي) ڪٿي آهي لاکو؟ خدا جو
قهر نازل ٿئيس. مون غريب شخص سندس ڪهڙو ڏوهه ڪيو!
لاکو: اي شخص! هيڏانهن اچ، ڇو پيو رڙيون
ڪرين؟
پوڙهو: مون کي ٻڌاءِ لاکو ڪٿي آهي؟ ظالم ڦورو
لاکو، جنهن سڄي ملڪ ۾ پنهنجي ظلم سان باهه ٻاري
ڏني. آهي، سڄو ملڪ ڦري....
جسراج: بس ڪر، وڌيڪ هڪ لفظ به نه ڳالهائج، نه
ته...
لاکو: نه جسراج، هن کي چوڻ ڏي، اي شخص آئون
لاکو آهيان، ٻڌاءِ ڇا ڳالهه آهي؟
پوڙهو: ته تون آهين لاکو! مظلومن کي ڦرڻ
وارو...
لاکو: پوڙها شخص آخر ڳالهه ڇا آهي، تون اجايو
آپي کان ٻاهر ڇو پيو نڪرندو وڃين؟
پوڙهو: آئون آپي مان ٻاهر ڪونه ٿو نڪران، تو ۽
تنهنجن ساٿين جيڪي اسان غريبن تي ويل وهايا آهن
انهن جا ڪيتا تون.....
لاکو: خاموش! هاڻي تون لاکي جي قهر کي پيو سڏ
ڪرين.
پوڙهو: اڃان به ڪو وڌيڪ قهر ڪيرائيندين! هاڻي
اسان وٽ رهيو ڇا آهي. سڀڪجهه ته تون لٽي ڦري ويو
آهين. آخر ٻڌاءِ ته مون غريب تنهنجو ڪهڙو ڏوهه ڪيو
جو توهان مون مسڪين جو راه گناه سمورو مال ڪاهي
ويا؟
لاکو: تنهنجو ڪيترو چوپايو هو؟
پوڙهو: پڇي تون ڇا ڪندين؟ تون ته بکيو آهين،
مال جو بکيو. اهو ڏينهن پري ڪونهي جو توهان سڀني
تي خدا جو قهر نازل ٿيندو.
لاکو: وڌيڪ هڪ لفظ به ڳالهائيي ته تنهنجي سر
جو خير ڪونهي. فقط منهنجي سوال جو جواب ڏي ته تو
وٽ ڪيترو چوپايو هو؟
پوڙهو: ٻه ڍڳيون ۽ هڪ وڇ.
لاکو: بس! ٻن ڍڳين ۽ هڪ وڇ لاءِ ايڏو کڻي گوڙ
مچايو اٿئي، جسراج! هن پوڙهي کي منهنجي پتيءَ جو
مال ڏئي ڇڏيو.
جسراج: راءِ!
پوڙهو: سمورو چوپايو! نه نه، مونکي رڳو پنهنجو
مال گهرجي.
لاکو: بس، اسان جو اهو ئي فيصلو آهي. جسراج
حڪم جي تعميل هڪدم ٿيڻ گهرجي.
جسراج: جيڪو حڪم راءِ (پري ٿيندي) راءِ جي ڀاڱي
جو مال هن پوڙهي کي ڏنو وڃي. (وقفو) هي توهان ڇا
ڪيو راءِ؟
لاکو: اسان سڀ ڪجهه سوچي سمجهي ڪيو آهي
جسراج. اسان لاءِ هي ميدان ۽ ملڪ کليا پيا آهن ۽
اسان سان گڏ توهان جهڙا ساٿي آهن ته اسين ٻيو به
مال هٿ ڪري سگهنداسين، پر هن جي زندگي جو دارومدار
ته انهي مال تي آهي. هنن مفلسن ۽ مظلومن سان هٿ
چراند ڪرڻ اسان جو مقصد ڪونهي.
جسو: راءِ ٺيڪ ٿو چئي جسراج، هاڻي انهيءَ تي
وڌيڪ ڳالهه ٻولهه ڪرڻ اجائي آهي.
لاکو: جسراج! باقي چوپايي کي گڏ ڪري ڪوچ جي
تياري ڪريو.
جسراج: اسان جي اڳئين منزل ڪٿي ٿيندي، راءِ؟
لاکو: اڳتي، تمام اڳتي، اتي، جتي فتح هڪڙي
ٻانهي وانگر اسان جي آجيان ڪرڻ لاءِ واٽ تي بيٺي
آهي. ساٿيو! اڳتي وڌو!
]گھوڙن
جي هلڻ جا آواز، موسيقي[
لاکو: جسا! گهران نڪتي اسانکي ڪافي وقت ٿي
ويو آهي. انهي سموري عرصي ۾ اسان جتي به قدم رکيو،
فتح اڳتي وڌي اسان جو آڌرڀاءُ ڪيو ۽ آئندي به
جيستائين اسان جا حوصلا بلند آهن، جسي ۽ جسراج
جهڙا سورهيه ساٿي ساڻ آهن، ڪاميابي اسان سان گڏ
رهندي.
جسو: فتح هميشہ بهادر ۽ جوانمرد جو ساٿ ڏيندي
آهي، پر راءِ هڪڙي ڳالهه آهي جا سدائين انهن
ڪاميابين جي موقعن تي پريشان ڪندي رهندي آهي ۽....
لاکو: اها ڪهڙي ڳالهه آهي جسا! تو جهڙي
سورهيه کي نراس ٿيڻ سونهين ته ڪونه ٿو.
جسو: سردار،آئون نراس ٿيڻ ته ڄاڻان ئي ڪونه.
ان هوندي به (ماٺ ٿئي ٿو)
لاکو: هاها، جَسا! چئي ڏي، ٻڌاءِ تونڇا ٿو
چوڻ گهرين؟
جسو: گستاخي معاف سردار. توهان تي پنهنجي
پيءُ جو سايو سدائين سلامت رهي... پر آخرڪار انسان
کي ماڳ مٽائڻو آهي ۽ ٻي دنيا جو سفر ڪرڻو آهي، ڪٿي
ائين نه ٿئي ته اسين اڳ پوءِ جي خيالن کان بي اونا
هتي ئي موجون ڪندا وتون ۽ هوڏانهن ڪيو ٻيو تخت
ماڻي.
لاکو: (رڙ ڪري) جسا! افسوس.... افسوس جو اها
ڳالهه توڪئي آهي، جيڪڏهن ڪو ٻيو ڪري ها ته منهنجي
تلوار جو هڪئي ڌڪ هن کي زندگيءَ جي سمورين مصيبتن
کان آجو ڪري ڇڏي ها.... پر خير.... آئون سمجهي نٿو
سگهان ته اها ڳالهه تنهنجي ذهن ۾ ڪيئن آئي. منهنجي
جيئري ڪنهن جي مجال آهي، جو منهنجي پيءَ جي گاديءَ
ڏانهن اک به کڻي نهاري سگهي. (وڏي واڪي) ٻڌو
ساٿيو، توهين سڀ انهيءَ ڳالهه جا شاهد رهجو، اڄ
آئون عهد ٿوڪريان ته جيڪو به منهنجي پيءَ جي موت
جي منحوس خبر مون تائين پهچائيندو تنهن جي زبان
وڍرائي ويندي. |