سيڪشن؛ ناول

ڪتاب: سيتا هرڻ

باب: --

صفحو :9

 

13

 

” ... ۽ هنومان راڪشس جي محل اندر ويو پر سيتا اُتي نه هئي. انهيءَ محل جي ڀرسان هڪ ٻيو محل هو، جنهن جي اندر هريءَ جو مندر ٺهيل هو، جتي وڀيشڻ رهندو هو، جيڪو هري ڀڳت هو. هن هنومان کي چيو: مان هن جاءِ تي ائين رهندو آهيان جيئن ڏندن جي وچ ۾ زبان.

” ... رگهوپتي لڪشمڻ کان پڇيو: ڀاءُ! تون جنڪ جي ڌيُ کي جهنگل ۾ اڪيلو ڇو ڇڏي آئين. جتي چؤطرف راڪشس گهُمن ڦرن پيا!

”رام جهنگل ۾ پڇندو رهيو: پکيو! جانورو! ڀنؤرو! توهان منهنجي مرگهه نيڻي سيتا کي ڪٿي ڏٺو؟ طوطا، هرڻ، مڇيون، وڄ، پن ڇڻ جو چنڊ، نانگ، ڪام جو تڪش، بدڪون، هاٿي، شينهن، هاڻي پنهنجي حسن تي ٻيهر ناز ڪري سگهن ٿا. ٻُڌ جانڪي! ول جو ميوو، سون ۽ ڪيلا هاڻي خوش آهن، ڇو ته تون وڃي چڪي آهين. اُهي سرها آهن جو هاڻي سونهن ۾ سندن مقابلو ڪوبه نٿو ڪري سگهي.

”رام جهنگل ۾ هلندي لڪشمڻ کي چيو: ’ڏس لڪشمڻ، جهنگل ڪيڏو خوبصورت آهي! انهيءَ جي سونهن پسي ڪير بيقرار نه ٿيندو! جڏهن هرڻ اسان جي آهٽ تي اُٿي ڀڄن ٿا ته اِنهن جون هرڻيون کين چون ٿيون، ’ڊڄو نه، توهان ته جنم جنم کان هرڻ آهيو، پر اِهي ٻئي ته هڪ سونهري هرڻيءَ جي تلاش ۾ آيا آهن. ڀاءُ ڏس، بسنت رت ڪيڏي نه خوبصورت آهي! ڪامديو، سيتا جي گم ٿيڻ ڪري مون کي اُداس ڏسي، جهنگل ۽ ماکيءَ جي مکين ۽ جهرڪين جي مدد سان مون تي حملو ڪرڻ پيو اچي. وڻن تي پکڙيل وليون، سندس فوج جا تنبو آهن. ڪيلي ۽ تاڙيءَ جا پن،  سندس جهنڊا. گلن جا ٻوٽا، سندس تير انداز ۽ ڪوئل جو آواز ڄڻ سندس جهنگلي هاٿيءَ جي گجڪار آهي. ٻگهه ۽ مينائون، ڪامديو جا اُٺ آهن. مور ۽ راج هنس، سندس عربي گهوڙا آهن. پاموز پکي (ڪبوتر) ۽ جهنگلي تتر، سندس پيادا آهن. جبلن جون چوٽيون، ڪامديو جا رَٿ آهن. آبشار، سندس نغارا، ۽ سڳنڌ ڀريون هوائون، سندس جاسوس آهن. اي لڪشمڻ، جيڪو ڪام ديو جي فوج جو مقابلو ڪري سگهي ٿو،ا ُهو سچ پچ وڏو بهادر آهي. ڪام ديوتا جو سڀ کان وڏو هٿيار عورت آهي.

...هاڻي سرسبز زمين، گاهه سان ائين ڍڪجي ويئي آهي جو پيچرا ڏسڻ ۾ به نٿا اچن، جيئن مقدس صحيفا بدعتين جي مباحثن ۾ لڪي ويندا آحن. ڪڪرن واري ڪاري رات جي اونداهين ۾ ٽانڊاڻا ائين پيا چمڪن، جيئن منافقن جو خفيه جلوس ٿيندو آهي. ٿڪل مسافر هيڏانهن هوڏانهن ائين آرام پيا ڪن، جيئن ڳولائو، گيان حاصل ڪرڻ کان پوءِ آرام ڪندا آهن.

”پر لڪشمڻ، ڏس، ساوڻ گذري ويو ۽ پن ڇڻ جي رُت اچي ويئي آهي. زمين هاڻي گلن جي پنن سان ائين ڍڪجي ويئي آهي، جيئن ٻڍاپڻ هوريان هوريان ايندو آهي. رستن تي وهندڙ برساتي پاڻي ائين خشڪ ٿي ويو آهي، جيئن آسودگي، حوس کي ختم ڪري ڇڏيندي آهي.“ (1)

 

فٽ نوٽ

(1) تلسي داس جي لکيل ’رامايڻ‘ مان.

 

 

14

 

اونداهي جهنگل ۾ لڪل ريسٽ هائوس جي هيٺين طرف ڪاليني گنگا شور ڪندي سرخي مائل ڪارين چوٽين تان وهي رهي هئي. وڻن تي پکي رات جو اَجهو وٺڻ کان اڳ، زور زور سان ’چون چون‘ ڪري رهيا هئا. هوا ناريل جي وڻن مان سوساٽ ڪري رهي هئي.

سيتا ڪافي دير کان دريءَ تي ويهي نديءَ جي اونداهين لهرن کي ڏسندي رهي هئي. نوارا ايليا کان واپس ايندي، هتي پهچي لزلي مارش کانئس موڪلائي پنهنجي سفر ڏانهن اڳتي روانو ٿي چڪو هو. نوارا ايليا ۾ کيس ڪيبل ملي هئي ته کيس هڪدم ڪولمبو موٽي ٽن ڏينهن اندر ڪلڪتي پهچي وڃڻ گهرجي.

سيتا کانئس موڪلائڻ کان پوءِ پنهنجي بيڊ روم جو دروازو اندران بند ڪري ڇڏيو هو. اهو ڊاڪ بنگلو سيلون جي گهاٽن جهنگلن ۾ لڪل، ٻين ڊاڪ بنگلن وانگر ماڊرن ۽ جڳمڳائيندڙ هو. انهيءَ جو فرنيچر به پراڻو هو. فرش تي مُڃ جون تڏيون وڇايل هيون. ڊريسنگ ٽيبل جون آرسيون تمام ڌنڌليون هيون. ٻيو ڪو غير ملڪي سياح انهيءَ وقت اُتي موجود نه هو. هوءَ سموري ريسٽ هائوس ۾ بلڪل اڪيلي هئي. امريڪن ايڪسپريس جو ڊرائيور ڪار کي گئريج ۾ بند ڪرڻ کانپوءِ شاگردن ڏانهن وڃي چڪو هو. مانيءَ کائڻ وقت بئري ڏند ڪڍي کيس چيو هو: ”ميڊم! بِرج آن رِورَ ڪِوائي (Bridge on River Kiwai) جي شوٽنگ هن هنڌ تي ٿي هئي. هو سامهون هنڌ، جتان گنگا وهي ٿي، اُها برج اِنهيءَ تي جوڙي ويئي هئي! اليڪ – گنس ۽ وليم هولڊن ۽ سڀ وڏا ايڪٽر هن ريسٽ هائوس ۾ ترسيا هئا. ڏاڍي رونق هئي، مئڊم!“ هوءَ اها ڳالهه ٻڌي به متاثر نه ٿي هئي. ماني کائڻ کان پوءِ هوءَ ڪمري ۾ وڃي دريءَ تي ويهي رهي هئي، ۽ انهيءَ  کان پوءِ بتي وسائي پلنگ تي ليٽي پيئي هئي. سڀاڻي صبح جو کيس ڪولمبو وڃڻو آهي.

رات گهري ٿيندي ويئي. رات، جيڪا چندن جي جهنگلن ۾ ڀٽڪي  رهي هئي، لونگ ۽ الائچيءَ جي ٻوٽن ۾ سمهي پيئي هئي. رات، جيڪا ’ڪينڊيءَ‘ جي مندر جي ڏاڪڻ تي وکريل سفيد گلن تي سمهيل هئي. رات، جيڪا ڪاليني گنگا جي ڪناري، دريائي گاهه ۾ نانگ وانگر وراڪا ڏيئي رهي هئي. رات، جيڪا اونداهن جهنگلن ۾ لڪل ڊچ ۽ پورچوگالي ديولين وانگر خاموش هئي. رات، جيڪا ڪينڊيءَ جي شاهي هاٿين جي شاهي مهاوت وانگر باوقار ۽ مغرور هئي. رات، جيڪا گنگا ۾ وهندڙ هاٿين  وانگر ڪاري ۽ رفتار ۾ ڍري هئي. ڪينڊيءَ ۾ ٽارچ لائيٽ جلوس نڪري رهيو آهي. ’ٻوڌ جي ڏند جو جلوس.‘ ٻڌ جو ڏند، سون چاندي سان جهنجهيل، هاٿيءَ جي جڳمڳائيندڙ هودي ۾ رکيل هيرن جواهرن جي صندوقڙيءَ ۾  رکيل آهي. گاهه تي ليٽيل ٻُڌ، ڏند ڪڍي کِلي رهيو آهي. کيس نقلي ڏند لڳل آهن. مهاتما ٻڌ جا ڏند کائڻ جا هڪڙا ۽ ڏيکارڻ جا ٻيا.

رات، جيڪا هنٽرن جو آواز آهي، بنسريءَ جو آواز، بئگ پائپ (Bag pipe) جو آواز، ستارن جو آواز.

’پريام ميورا پرتي نرتيتي.‘ مور پنهنجي محبوبا ڏانهن نچندو وڃي رهيو آهي، پريام ... اڙي مون کي ته سڀيئي ٻوليون وسري ويون. ڀلا مان ڪيتريون ٻوليون ڄاڻان ٿي؟ هڪ به نه. مان بلڪل گوني آهيان.

لفظن جا بادشاهه! اي لفظن جا بادشاهه! واڻيءَ ۽ وناٽڪ کي منهنجو پرنام، جن لفظن ۽ انهن جون معنائون جوڙيون آهن ... مان وساک دت آهيان – مهاراجا ڀاسڪر جو پٽ ... منهنجي مٿان بادلن جي گجگوڙ آهي. منهنجو پريتم پري آهي...

هي ڇا ٿيو؟ اڙي هي ڇا ٿيو؟

امروٽيون برفاني جبلن تي آهن ۽ انهن تي ڇپ هڻي نانگ ويٺو آهي ... ڇپ هڻي نانگ...

ابوالحماقت قمرالسلام چوڌري مون کي ’چنڊي داس‘ جو اُهو ڪهڙو گيت ٻڌايو هو؟

رات اونداهي آهي ۽ ڪارا بادل. تون اهڙي رات ۾ ڪيئن ايندينءَ؟ اهو گل بن ۾ بيٺو مينهن ۾ پسندو رهيو.

منهنجون سس ۽ نڙاڻون ڏاڍيون ظالم آهن.

چنڊي داس چوي: سکي ڙي، سکي ڙي.

۽ مها ٻُڌ پاڌيئه شري پروجيش ڪمار چوڌري، ’وديا پتيءَ‘ جي ڪهڙي گيت جي معنيٰ ٻڌائي هئي؟

راڌا جي اڌ ٻوٽيل اکين جي ماڻڪي، ائين آهي ڄڻ ڪنول جي گل تي ڀنور ويٺو هجي. ها ها ها.

۽ هوا جي جهوٽي جي زور تي پنکڙين ۾ سِرڪيو وڃي.

وهنجڻ کانپوءِ سندس اکيون، ڪجل لڳڻ سان ائين لڳنديون آهن، ڄڻ ڪنول تي سيندُور لڳل هجي.

۽ اي ي ي ڪ- اي ي ي ڪ

۽ هوءَ رات جو شب رنگ ساڙهي پائي ڪرشن سان ملڻ ويندي آهي.

اجي سُنادي سُنادي ڪرشنا،

تو بنسري ڪي تان سُنادي ڪرشنا.

آن آن آن سُنادي.

رامايڻ ۾ تلسي داس جيءَ لکيو آهي ته نوجوان عورت شعلي جي لاٽ مثل آهي. اي آتما! تون انهيءَ جو پروانو بڻج.

پر ڪو گڏهه جو پٽ تلسي داس جي ڳالهه ئي نٿو ٻڌي.

رتن پورا ۾ جيڪڏهن اُها چنتامڻي هيرو ملي وڃي جيڪو سڀ خواهشون پوريون ڪري ٿو ڇڏي.

سري لنڪا جا سڀ جبل ترڇا ٿي ويا.

خدا ڪري پن ڇڻ، جيڪا وشڻو جي بدن وانگر زرد آهي،

تنهنجا  دک دور ڪري.

اونهو پاڻي، هيبتناڪ مڇين جي ترڻ ڪري بيقرار آهي.

تنهنجو حڪم، تازن گلن جي هارن وانگر مون پنهنجي سر تي کنيو آهي.

بيلا ڦولي آڌي رات، گجرا مين ڪي ڪي گري ڊارون...

اري ڀائي! مين گجراڪي ڪي گري ڊارون

مهاراج جي جئه ٿئي! هڪ شخص، جنهن وٽ پاسپورٽ نه هو، هڪ خط کڻي اسان جي ڪيمپ مان فرار ٿيڻ چاهيو، کيس گرفتار ڪيو آهي.

ٿرڊ ڊگري ڪهڙي طرح ڪيو ويندو آهي؟ ٿرڊ ڊگري. ايف-بي-آءِ.

سي-آءِ-ڊي. پي اي- ڊي. ڪي-ايل-ايم. پئن امريڪن، ايئر انڊيا انٽرنيشنل.

بنا پنن جي وڻ ائين بيٺا آهن، ڄڻ ڪنهن جي ارٿيءَ سان وڃڻ لاءِ تيار بيٺا هجن.

هاڻي مان شمشانن ۾ وڃي پربت منتر ٿي جاڳايان. ڪالي ڪلڪتي والي. ماريپور جي بستيءَ ۾ شمشان گهاٽ هو، جتي ويچارن مسلمان رفيوجين جهوپڙيون ٺاهيون  هيون. جئه ڪالي ڪلڪي والي.

ڪائنات جا ابتدا جو اسرار، ڪاليءَ جي جسم وانگر ڪارو آهي. شفق جي سرخي، ڪاليءَ جو غصو آهي. طوفان ۽ بيماريون ۽ موت. سندس ساٿي آهن. اسان بنگالي، صدين کان ڪاليءَ جو تماشو ڏسندا آيا آهيون ... شري پروجيش ڪمار چوڌري جي اسٽيٽمنٽ ٽو دي پريس ...

بوگس ايڪسپريشنسٽڪ آهي. بوگس.

ميري ريکا کانچي بلڪل بيڪار گئي

انسويا ني ڪها سنو راج ڪماري

پوترتا، پتي ورتا، معصوميت، وفاداري ... هاءِ هاءِ ... ليڊيز اينڊ جنٽلمين ... ڪامريڊس ... پائيو تي پينو ... اوهان سڀني جي سڌ لاءِ اطلاع ٿو ڏجي ته سيتا اڄ جي دنيا جي خوفناڪ جهنگل ۾ گم ٿي ويئي. انهيءَ کي اڄ جي دنيا جو ڪو  راوڻ کنڀي کڻي ويو. سائين منهنجا! هيءَ دنيا، جيڪا ٻن ڪيمپن ۾ ورهايل آهي – اينگلو آمريڪن سامراج جي شڪار دنيا، جنهن ۾ معصومن کي جڏهن  ٿرڊ ڊگري ڪيو وڃي ٿو ته ڪو هنومان بچائڻ لاءِ نٿو اچي. للتا ڊيئر، مائيڪرو فون فيل ٿي ويو. اڙي ڪيلاش ناٿ ماٿر، ٿورو ڪرنٽ ته ڏي، جلدي. ها، ته سائين منهنجا! مون چيو پئي ته اڄ جي دنيا ۾، جتي هائڊروجن بم جا راوڻ، پنهنجي ٻاڻن سان شهرن کي کن ۾ ڀسم ڪرڻ وارا آهن، جتي ايشيا ۽ آفريڪا جون لکين سيتائون اغوا ڪيون وينديون آهن ... اڙي رامايڻ پڙهندڙ ٻگلا ڀڳتؤ، توهان 1947ع ۾ ڪيتريون مسلمان سيتائون اغوا ڪيون هيون، انهن جو ٿورو حساب ته ڪريو. ۽ اڙي يزيد ۽ شمر تي لعنت وجهندڙ مسلمان مجاهدو، توهان جي ...

سيتا ميرچنداڻي ... رول نمبر 963...؟

يس پليز (Yes Please).

جي ها، منهنجو نالو ئي سيتا آهي.

هاءِ سيتا ... هني...

سيتا ... منهنجي جان.

جانِ – من

سيتا ڊارلنگيسٽ

ٻڌاءِ، تنهنجي سڀ کان وڏي خواهش ڪهڙي آهي؟

منهنجي خواهش؟ اِهائي ته سري لنڪا جي جواهرن جي شهر رتن پورا جا سڀ هيرا مون کي ملن. پوءِ ڏسجو ته مان سڀني جي ڪيئن ٿي خبر وٺان.

هاءِ هاءِ، مان وڏي سخت بورجوا آهيان.

هيلو هيلو هيلو ... آواز ... ڪهڙا ڪهڙا آواز ... ٽيليفون جي تارن جي جهڻجهڻاهٽ ... ريل جي ڦيٿن جي ڇڪ ڇڪ ڇڪ ڇڪ ... موٽر بوٽ جي گهڙ گهڙ  هوائي جهاز جي انجڻ جي زون زون گهون گهون شائين شائين ٽائين چين پٽاخ رين رين اولڊ انڊين ڦٽيچر مس ڊمپلاٽ فلفٽ اظهار اختر ڊگلس اسڪاٽ ... روان رون  ڌائين ڇوا ڇُو ... ڌوٻيءَ جو آواز... بيگم صاحب اڄ ڇا پچايون ... تمام عمر رها غمزه و ادا ڪا شڪار.

دهل. بنارس جي مندرن جي روشن چوڪي. قيصر جي ڄڃ جي بينڊ. راجا ڪي آئيگي بارات. سنڊي ڪي سنڊي ... محرم جا نغارا ... جعفر بانديءَ جو نوحو ... اري بلبل ڪو گل پسند، گلون ڪو هوا پسند ... هم بوترابيون ڪو هي خاڪِ شفا پسند ... تجهه ڪو ارم پسند.، همين ڪربلا پسند. همين ڪربلا ... همين ڪربلا پسند ... راوڻ جلي ٿو ... سيتا جلي ٿي ... لنڪا جلي رک ٿي ويئي.

اجهو هيءُ راهُل مشڪيو؟ راهُل جي مشڪ. جميل جو ٽهڪ، شراب جي گلاسن جي کڙ کڙاهٽ. ٻه پوڙها زال مڙس، جيڪي بروڪ لِن برج تي بيهي ماٺ ميٺ ۾ ڪنهن ڳالهه تي کليا پئي ... ٻارن وانگر ڏاڍا خوش ...

مان مري وينديس ... مؤت ... ۽ منهنجون ٽنگون اولهه ڏانهن ڪيون وينديون، جيئن منهنجي آتما ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿي سنڌ مها ساگر تان پار لنگهي سگهي. چکيا جا شعلا ... موم بتيون ... تازا گل ... قبر جي تازي مٽي ... تلسي پور جو قبرستان، جتي ادي جميلا کي دفنائڻ ويا هئا ... اڙي جميلا  ڪير هئي؟ ۽ سندس مڙس واڪا ڪري روئي رهيو هو. بلقيس ٻڌايو ٿي ته سندس مڙس کي اُنهيءَ سال ٻي شاديءَ جو فڪر اچي کنيو. سوائين. آل مين آر سوائين. (Swine. All men are swine.) ... جميل ڊارلنگ، مان اڃا به رات جو گهڻو ڪري اهوئي پريشان سپنو ڏسندي آهيان ته مان ايم. اي جو پيپر حل ڪري رهي آهيان، جيڪو ڪنهن اهڙي ٻوليءَ ۾ لکيل آهي جيڪا سمجهه ۾ نٿي اچي. ۽ ٽي ڪلاڪ پورا ٿيڻ وارا آهن ... ٻه ڪلاڪ ... هڪ ڪلاڪ ... ويهه منٽ ... پنج منٽ ... هڪ منٽ ...

 

Give me five minutes more

Only five minutes more

Only five minutes more of your charms

Give me five minutes more

In your arms.

 

هاٿيءَ جي شڪل جهڙي جبلن جي چوٽي! اتاهين چوٽيءَ تي چڙهڻ جي ڪوشش ڪريو ته پير ترڪي ٿو وڃي، مان سِگريه کان به اوچي چوٽيءَ تي وڃي لڪان تڏهن به پڪڙجي پونديس.

اوهان جي سڃاڻپ؟

جي مان؟ مسز بيچ لگزري هوٽل

۽ توهان ...؟ شري اشوڪا هوٽل ... پڌرايو پڌرايو ...

انڊيا ڊئٽ از ڀارت،  مهاراج ڌيراج اشوڪ جا ٿنڀا ڳولي لڌا. اشوڪ چڪر ڳولي لڌو، اشوڪا هوٽل ڳولي لڌي.

هيءَ منهنجي نڙاڻ آهي ... نڙاڻ بجلي بسنت ... بلقيس انور علي ... نمبر ون ايڪٽريس پروفيسر انٽيلڪچوئل. دهليءَ جي دل جي ڌڙڪن. اي جمني بيگم ... امراءُ بيگم ... کيتو بيگم، سڀيئي هيڏانهن اچو. اڙي هي ڪانون وارو لُڙ ڇو مچايو اَٿو؟ جميل جي ڪنوار پنهنجي کُڙي ڏنڀاءِ، ڪٿي نظر نه لڳي. توتي ڪا مصيبت پوي ڀوري بيگم، گوشه نشين ٿي وئينءَ  ۽ هاڻي ٻن گهڙين لاءِ آئي آهين ميار لاهڻ. ڦڦي بندي، او ڦڦي بندي، ڪالهه کان ادا جميل کي بخار ٿي پيو آهي. منهنجي ته دل ٿي ٻوڌي، رات مون مولا مشڪل ڪُشا جي نالي رپيو ڌوئي کنيو هو ... ۽ ٻُڌ کيتو بيگم، مون بدنصيب تي ڪيڏا نه الزام هنيا آهن ڄڻ پاڻ ته ست ونتي زال آهي. عروج جي زال وڏي چالاڪ آهي، هن جي ور نه چڙهجانءِ امان. هوءَ ڪنهن کي ڇا کارائيندي. مانگهه ننگي ويساک اگهاڙي. ... رات مولا مشڪل ڪُشا سپني ۾ آيو هو. ادا جميل ... او ادا جميل ...

آءِ ايم اَ ڪائو (I am a cow)

مسٽر سينڊ مين ... مسٽر سينڊ مين ... مِيري جِي ڪي ورنداون مين ...

 

In my little corner of the world

To night my love – To night my love.

 

ٻُڌ جي سماڌين تي رات لهي آئي آهي.

اڙي اِنهيءَ رات، وري مون تي حملو ڪيو؟

هوا ڪيڏي تيز ٿي ويئي آهي.

هوا، پراڪرم سمندر تان وهندي پيئي اچي ...

ڪاليني گنگا تان ٿيندي پيئي اچي. ڪولمبو ڏانهن  سڏڪا ڀريندي روئندي پيئي وڃي ... هوا...

هوا ...

چنڊ .....

چنڊ، صندل جي ٽارين تي سمهندو آهي. انهن ماڻهن جي اکين ۾، جيڪي پرڻين ڪاٽيجن ۾ سمهيا پيا آهن. صدين جي ننڊ آهي. ڊون فرننڊيز ڊي ڪرسٽا سمر سنگهارو نامدليار. رتن سنگهه جي – سوريه. گن پال گن وردن. انهن جي اکين ۾ جهنگل جي ننڊ آهي. زرهه پائي پورچوگالي ڊچ قلعن تي حملو ڪرڻ لاءِ وڃي رهيا آهن. انگريز پلانٽرز جا روح مهاهنيا جي رستي جي پاسن کان بيهي امريڪي سياحن کان مکڻ ۽ کنڊ پيا گهرن. چنڊ اڃا مهاويلي گنگا ۾ وهنجي پيو. هاٿي، جيڪي هزارين ورهين جي جهنگل ۾ باندي روح آهن.

چنڊ

رات.

رات، سيتا مهاراڻيءَ جا وار آهن رام رگهوراءِ جو سانورو جسم آهي. ڪاليءَ جو چهرو آهي، تخليق کان اڳ جي اونداهي. اسان سڀ هر وقت انهيءَ تخليق کان اڳ واري اونداهيءَ ۾ قيد ٿيل آهيون ۽ سمجهندا آهيون ته وڏا اووليوشن (Evolution) ٿيو آهي. ڪاري ... ڪاري ... ڪاري رات.

مون پنهنجي ننڊ نيويارڪ ۾ وڃائي ڇڏي. جهنگل ۾ تاڙيءَ جا ڪارا وڻ ڊگها ٿي آسمان سان وڃي لڳا. لنڪا جو کنڊر به ڏند ڪڍي کلي ٿو. هي هي هي. ڪنول جو تلاءُ اوجاڳيل اکين وانگر کليل آهن ... ليلاوتي ... روپوتي ... سيتاوتي...

رڻ ڪوٽ وهار جي اسٽوپا ۾ هڏيون هڪ ٻئي سان انٽرنيشنل سچوايشن (International situation) تي گفتگو ڪري رهيون آهن. پراڪرم باهو پهريون،  ايشيا ۾ ڪميونزم جو پنجون باب لکي رهيو آهي. جهنگل مون کي ڳڙڪائي ڇڏيو.

منهنجا ڳهڻا ڪهڙا ڪهڙا هئا، جيڪي وڏي ماسيءَ مون کي رونمائي جي  مهل ڏنا هئا ... ڪنوار جا ڳهڻا ... رتن پورا جا سونارا، جڙاءُ چندن هار ٺاهين پيا. روشني  روشني ... چمڪ چمڪ چمڪ. جهنگل جا آواز ... جهرڪين جا، سمنڊ جا، رستن جا، هاربر جا، جبلن جا ... سناٽي جا آواز...

آواز

فقط هڪ آهي:

هيڏانهن هلي آءُ ... مون وٽ هلي آءُ ... مون وٽ هلي آءُ ... هلي آءُ.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org