17
هن خاموشيءَ سان منهن ٻئي پاسي ڦيري ڇڏيو ۽ ديوار
جون تصويرون غور سان ڏسڻ لڳي.
عرفان اڳتي وڌيو .... ”سيتا .... ٻڌ.... ڏس....
ڳالهه ٻُڌ.... گوتم ٻڌ امن جو شهزادو هو .... مان
سندس سامهون جهُڪي توکان معافي ٿو وٺان .... سيتا
مون کي معاف ڪر .... مون کي معاف ڪر .... سيتا
....“
هن فريسڪوز تي نظرون ڄمائي ڇڏيون.
”سيتا .... ٻڌين پيئي....؟ سيتا .... سيتا....
سيتا....“
18
”ڪالهه مان دل جو آرام پائڻ لاءِ مهاتما ٻُڌ جي
مندر ويو هوس، پر اڄ منهنجو موڊ ايترو ڊرامائي
ناهي .... تنهنڪري اڄ شام جو هلو ته شهر کي رونق
بخشيون.“ مائونٽ ليونيا جي بالڪنيءَ تي جهڪيل
عرفان رٿ ڏني.ڍ
”هلو.“ سيتا خوش ٿي جواب ڏنو.
”ليٽل هَٽَ (Little
hut)
هلي، چيني ڪئبري (Cabret)
ڏسنداسين .... سڀني نائيٽ ڪلبن ۾ هلنداسين.“
”هلنداسين.“
”سان مشيل هلي، ڊچ برگر ڇوڪريءَ کان پنهجي فرمائش
جا نغما ٻڌنداسين.“
”ٻڌنداسين.“
”زُو ۾ هلي هاٿي کي هارمونيم وڄائيندي ڏسنداسين.“
”ڏسنداسين.“
”پر توکي ته پنهنجي جرنلسٽ دوست جي گهر وڃي
اوورسيز ۽ اسٽيٽ ليس انڊينس (Overseas
and Stateless Indians)
جيم سئلن جي تجزيي جي پروجيڪٽ تي ڪم ڪرڻو هو.“
”او عرفان .... واقعي ....!“ هوءَ ٽهڪ ڏيئي کلي
پيئي.
”تون به ڪهڙن ڪهڙن قسمين قسمين ماڻهن کي ڪٿان ڪٿان
پڪ اپ ڪري ٿي وٺين! ڪمال آهي!“ عرفان جي لهجي ۾ ڪا
طنز، ڪا تلخي نه هئي. هو هڪ بي تڪلف ساٿي وانگر
ڳالهائي رهيو هو .... جيڪو حاسد، بد گمان، شڪي، ڪم
ظرف عاشق نه هو پر فقط هڪ پراڻو دوست هو ....
انسان ڪيئن نه جدا جدا وقتن ۾ مختلف ٿيندو رهندو
آهي. ”اڙي .... پنهنجي هُن هنومان کي فون ته ڪر ته
سندس ڊنر ۾ اچي نٿي سگهين.“
”هنومان ڪير؟“
”اهوئي تنهنجو راماسوامي اپاسوامي ڪير آهي؟“
اها حقيقت آهي ته ان وقت تائين هوءَ راما سواميءَ
کي بلڪل وساري چڪي هئي. عرفان کيس ڪڏهن جو واپس
گهرائي ورتو هو. راما سوامي جي ننڍي عمر، سياسي هم
خيالي، تهذيبي ويجهائپ – هر شيءِ، سندس دماغ مان
ڪيلانيا جي مندر ۾ ئي نڪري ويئي هئي .... دنيا ۾
ماڻهو فقط هڪ ئي هو .... عرفان .... عرفان ....
اول ۽ آخر .... عرفان .... ٽيون ڏينهن شام جو جڏهن
عرفان سندس بيعزتي ڪئي هئي ۽ سندس روح، سندس دل ۽
دماغ جا ڇوڏا لاهي ڇڏيا هئائين.... ڪالهه رات
.... جڏهن هوءَ ڦٽي هانءُ روئندي رهي هئي ....
اُها خوفناڪ صبح جڏهن کيس جي –سوريه جي آفيس ۾
ويهڻو پيو هو .... اُها اُجاڙ منجهند، جڏهن هن
راماسواميءَ سان گڏ سگريٽن جي دونهين سان ڀريل
ڪافي هائوس ۾ سيلون جي سياست تي ڳالهيون ڪيون
هيون .... اهي سڀ هڪ دفعو سندس ذهن مان نڪري ويا
.... کن .... حال .... کن، جيڪو موجود آهي ....
جيڪو تنهنجي هٿ ۾ آهي .... اهو قابو ڪري رک ....
مضبوطيءَ سان قابو ڪري رک .... ڇو ته ڏينهن ۽ رات
تيزيءَ سان کسڪندا ٿا وڃن.
وقت اجهو ختم ٿيڻ وارو آهي.
19
انهيءَ رات عرفان لِٽل هَٽَ کان موٽندي پهريون
ڀيرو جميل جو ذڪر ڪيو. هن چيو ته لڙائي واري رات،
هن ٻارهين وڳي اهو ٻڌائڻ لاءِ فون ڪئي هئي ته جميل
سان ملاقات ته ٿي هئي، پر وٽس ڪي ماڻهو اچي ويا،
جنهنڪري ڪا ڳالهه ٿِي نه سگهي، پر سڀاڻي شام جو
ته هو ضرور ڪنهن به صورت ۾ جميل سان ملندو.
”مان توهان جي انهيءَ ملاقات جي ڪوشش ۽ ملاقاتن
مان ايڏي بور ٿي چڪي آهيان جو هاڻي مون کي بلڪل ڪا
پرواهه ناهي.“ سيتا بي ڌيانيءَ سان جواب ڏنو. ”مان
هاڻي وڃان ٿي دهلي واپس.“
پر ٻئي ڏينهن صبح جو سوير سندس دروازو کڙڪيو.
”ڪير آهي؟“ هوءَ ڇرڪي اُٿي ويٺي ۽ وڃي دروازو
کوليائين.
”آ....ڇي....“ عرفان ڇڪون ڏيندو اندر داخل ٿيو.
”اڙي .... توهان ڪيئن آهيو ....؟ سيتا پريشان ٿي
پڇيو.
”بلڪل ٺيڪ آهيان .... فڪرنه ڪر .... منهنجو حشر
قمر جهڙو نه ٿيو آهي .... دراصل ڪلهه رات گهڻي دير
تائين سمنڊ جي ڪناري گهمندي زڪام ٿي پيو اٿم ....
هوا ڏاڍي تيز هئي.“
”هون....! ته توهان سمنڊ ڪناري گهُميا پئي! ڪنهن
سان گڏ؟“
”هيلو!“ عرفان کيس غور سان ڏٺو. صوفي تي ويهي هو
خوشدليءَ وچان کليو. ”تنهنجي پتي ديو سان گڏ.“ هو
بي انتها سُٺي موڊ ۾ هو. ”ڏاڍو لطف آيو ....
تنهنجي مڙس سان منهنجي ته دوستي ٿي ويئي .... خوب
شيءِ اهي.“ هو سگريٽ دکائڻ کان پوءِ ڏاڍو کليو.
”“ڳالهه ته ٻڌايو....“ سيتا وهاڻن جي سهاري اونڌو
ليٽي سوال پڇيو.
عرفان ساڳي طرح خوشيءَ وچان کلندو رهيو. ”تنهنجي
پراڻ ناٿ جو جواب ناهي والله. ڪلهه شام جو جڏهن
مان گال مينس پهتس ته هن مون کي مٿي پنهنجي ڪمري ۾
سڏائي ورتو. هميشه وانگر تمام گهڻو ڊرنڪ (Drunk)
هو. نه دعا نه سلام، گهڙندي ئي هن مون کي ’پدماوت‘
جو ’سنگلديپ کنڊ‘ ٻڌائڻ شروع ڪيو .... ائين لڳو
ڄڻ مَلڪ محمد جائسيءَ جي روح منهنجو واسو ڪيو هجي
.... دوها پڙهندو ٿي ويو ۽ توکي ياد ڪري زاروزار
روئندو ٿي ويو. جڏهن ’سنگلديپ کنڊ‘ پڙهي چڪو ته
پنهنجي موجوده زال جي تصوير ڏيکاريائين ۽ علامه
اقبال جا اسپين وارا شعر پڙهڻ لڳو.“
موجوده زال جي ذڪر تي عرفان محسوس ڪيو ته سيتا جي
چهري تي هڪ هلڪو بادل ڇانئجي ويو ۽ هن بي چئنيءَ
وچان پاسو بدلايو.... عرفان ٿوري ڳالهه مٽائي چيو،
”سيتا .... تون نيرن ڪيڏي مهل ڪندي آهين؟“
نيرن جو فڪر نه ڪريو .... ڳالهه ٻڌايو ....“
”چڱو سائين ....“ هن نڙي صاف ڪئي. ”انهيءَ کان
پوءِ جميل صاحب ۾ تلسي داس جيءَ جي روح اچي واسو
ڪيو ۽ هن رامايڻ جون چؤپايون وٺي پڙهڻ شروع ڪيو
.... کيس ب ي انت چؤپايون زباني ياد آهن ....
واقعي تو ڪنهن ڪرئڪ سان شادي ڪئي هئي!“
سيتا کي اها ڳالهه نه وڻي. ”هو ڪرئڪ بلڪل ناهي
.... لٽريري شخص آهي .... اوهان جهڙا خالي ماڻهو
پدماوت ۽ رامايڻ کي ڇا سمجهن.“
”اوهه .... ڪاوڙجي وئينءَ. اڙي تون حڪم ڪرين ته
سمورو مهاڀارت، سمورو ڪاليداس، سمورو ديوان حافظ،
سمورو شيڪسپيئر، سمورو ايليٽ، جيڪو چاهين ٻڌايان
.... پر انهيءَ فراڊ ۾ منهنجو يقين ناهي ....
توهان عورتون، اهڙين ڳالهين جي چڪر ۾ اچي ته
بيوقوف بنبيون آهيو .... ڇا توکي خبر ناهي ته اهي
وڏا شاعر ۽ ڪهاڻيڪار، جيڪي محبت ۽ زندگيءَ جي حسن
جي ساراهه ۾ هزارين صفحا ڪارا ڪندا آهن ۽ نه ڄاڻان
زمين ۽ آسمان کي ڪٿان جو ڪٿان پاڻ ۾ ملائيندا آهن،
گهرن ۾ پنهنجين زالن سان سلوڪ ڪيئن ڪندا آهن؟ خبر
.... پوءِ ته هو، رامايڻ ڇڏي وري ’سنگلديپ کنڊ‘
کان شروع ٿيو .... ۽ انهيءَ ڀيري مون کي ڇينڀيندو
به ويو ته مان به ايترو وڌيڪ شراب ڇو نٿو پيان
.... پوءِ هڪ هڪ دوهو ڏهه ڏهه ڀيرا مون کان
پڙهايائين. ڪمال جو ماڻهو آهي والله .... گريٽ مين
.... ڏاڍو چڱو ماڻهو آهي ويچارو ....“
عرفان پنهنجي ايڪسائيٽمنٽ (Excitement)
۾ اُٿي دريءَ ڏانهن ويو. هو بيحد خاموش هو.
”هڪ ٻه دوها تون به ٻڌندينءَ؟“ هُن مڙي سيتا کان
پڇيو.
”نه.“
”نه ڪيئن....؟ ٻُڌڻا پوندا .... توکي شڪايت آهي ته
مان لٽريري ناهيان.“ هن پسار ڪندي نڙي صاف ڪئي.
”ڪهتا هي اُستاد ڪه
”سنگلديپ کٿا اب گائون
او سو ’پدمن‘ هرڻ سناؤن!“
ٻڌايان؟“
”نه.“
”تنهنجا ته وڏا به ٻُڌندا. جيئن تنهنجي مڙس مون
سان ويڌن ڪئي آهي، تيئن مان به تنهنجي خبر ڇو نه
وٺان.... ٻُڌ.... ويچاري جميل ڪيتري قدر روئندي
ٻڌايو هو:
راگهو جو سيتا سنگ لائي – راوڻ هَرلي ڪون سڌ پائي
يه سنسار سُپن کر ليکا – بچڙ گئي جانو نه ديکا (1)
هاءِ هاءِ .... اڃا ٻُڌ:
سنگديلپ جو نانهه نڀاهو
يهي ٺانون سانڪر سب ساهو (2)
”ها.... انهيءَ جو ڪجهه اندازو ته مون کي به
آهي....!
سيتا کي بي اختيار کل اچي ويئي. هو پنهنجي جوش ۾
پسار ڪندو وري دريءَ وٽ آيو ۽ هيٺين طاق تي
ٺونٺيون رکي دوهي مٿان دوهو ٻڌائيندو رهيو. هو
واقعي ايڏو خوش هو ڄڻ ڪو وڏو مقابلو جيتي آيو هجي
.... سيتا کيس اڄ تائين ايڏو خوش نه ڏٺو هو.
”اڃا ٻڌ، ڇا چيو اٿس ظالم ....
محمد جيون جل ڀرن رهنٽ گهري کي ريت
گهري جو آئي جيون ڀري ڍري جنم گا بيت (3)
فٽ نوٽ
(1) رام چندر جيءَ سان گڏ سيتا هئي پر ڪنهن کي خبر
هئي ته کيس راوڻ کڻي ويندو. هيءَ دنيا سپني مثل
آهي، اُهي ائين وڇڙيا ڄڻ هڪ ٻئي کي ڏٺو به نه
هئائون.
(2) سنگلديپ جهڙي جاءِ تي ڪيئن پهچندين، اهو هنڌ
لنگهڻ سڀني لاءِ ڏکيو آهي.
(3) اي محمد! هيءَ زندگي نار مثل آهي جنهن ۾ پاڻي
ڀريو آهي ۽ هاربو آهي. گهڙي ۾ پاڻي ڀرجڻ ڄڻ زندگي
آهي ۽ پاڻي جو هارجڻ موت.
”توهان تي به منهنجي پتيءَ جي ڪرئڪپڻي جو اثر ٿيو
ٿو ڏسجي.“ هن عاجز ٿي چيو، ”هاڻ اصل ڳالهه تي
اچو.“
”اڃا ٻُڌ.... ٻُڌ .... پوءِ نه چئجان ته مون کي نه
ٻڌايئه .... اڙي هاءِ هاءِ .... هو سندس ٻُڌي اڻ
ٻڌي ڪري ٻُڌائيندو رهيو:
”هي ڪي جوت ديپ جو سوجها – يه جو ديپ انڌيرا بوجها
جو پي ناهين اسٿر وسا – جگ اجار کا کيجئي بسا.“
”ڇا مطلب آهي؟“ سيتا پڇيو.
”ملڪ محمد چوي ٿو ته دل جي روشنيءَ ۾ سنگلديپ ڏٺم
.... ۽ هن اونداهي دنيا ۾ بلڪل ڪارو ڪارونڀار آهي.
جڏهن محبوب ئي وس ۾ ناهي، ته دنيا آباد هجي يا
ويران، تنهن کي ڇا ڪبو .... ۽ ٻڌ....“ هو هڪدم
رائٽنگ ٽيبل تي ويٺو....
”محمد چنگ پيم کي سن مهه گگن ڊرائي،
ڌن برهن او ڌن هيا جيهين يه آگ سمائي“ (1)
هن سيتا کي انهيءَ دوهي جو مطلب وري سمجهائڻ جي
ضرورت نه سمجهي ۽ منهن هيٺ ڪري خاموش ٿي ويو.
”توهان به وڏا گُڻوان نڪتا!“ سيتا چيو.
هن جهُڪي سلام ڪيو. ”اڙي، توکي ڪهڙي خبر، مان وڏو
لڪل رستم آهيان. ڇا ٿي سمجهين، بس اڪيلو تنهنجو
جميل خان ئي اُستاد آهي؟“
”اوهان ديوانا آهيو بلڪل!“ هوءَ ٽهڪ ڏيئي کلڻ لڳي.
”سيتا“
”جي؟“
”هاڻي هو هڪ دفعو بيحد سنجيدو بڻجي غور سان پنهنجي
بوٽن
فٽ نوٽ
(1) اي محمد!محبت جي چڻنگ کان ته زمين ۽ آسمان
به ڊڄن ٿا. شاباس آهي محبتين ۽ انهن جي دلين کي،
جن ۾ اها آگ سمائجي وڃي ٿي.
ڏانهن ڏسي رهيو هو. پوءِ هن پنهنجي بي چئني لڪائڻ
لاءِ قلمدانن ۾ رکيل پينسلن سان کيڏڻ شروع ڪيو....
”سيتا....“ هن ٻيهر چيو.
”جي....؟ جميل.... جميل.... ڇا چيو؟“ سيتا ساهه
روڪي پڇيو.
”جميل کي مون سموري ڳالهه سمجهائي، اڌي رات جو
جڏهن مون کيس سمنڊ جي ٿڌي هوا پئي کارائي تڏهن هو
سوبر (Sober)
ٿي چڪو هو .... مون کيس چيو ته توکي طلاق ڏيئي ڇڏي
.... ڇو ته .... ڇو ته.... ڇوته .... مان توسان
شادي ڪرڻ ٿو چاهيان. سچوئيشن بيحد پراڻي ۽ گٺل آهي
نه.... پر تون پاڪستان نه ايندينءَ .... يا
ايندينءَ؟“
گهڙيءَ جي ٽڪ ٽڪ تيز ٿي ويئي، ٻاهر سمنڊ ۾ گجگوڙ
هڪدم وڌي ويو. ڪجهه کنن جي ماٺ کان پوءِ سيتا چيو:
”توهان اِهو ڪيئن سمجهيو ته مان....“
”منهنجو سمجهڻ يا نه سمجهڻ بلڪل منهنجو فعل
آهي.... ۽ جيتري قدر منهنجو خيال آهي ته مان
پنهنجي فعل جو پاڻ مختيار آهيان. اوهان منهنجي
سوال جو جواب ڏيو، مهرباني فرمائي....“
”اوهان هتان هليا وڃو.“
”ڪيڏانهن....؟ ڪمري کان ٻاهر....؟ هليو ويندس. هڪ
دفعو تون اڳ ۾ به ٻاهر ڪڍي چڪي آهين. هونئن اهو
سمجهي ڇڏ ته مان نٺر آهيان.... ۽ خبر ناهي ته ڪهڙي
مصيبت آهي جو هاڻي توتي غصو نٿو اچيم .... بس پيار
آهي، جو وڻين ٿي ....ٻُڌ، ايندڙ مهيني مان پئرس
پيو وڃان .... تون هڪ ڪم ڪر ....“ هن بي انتها
نروس (Nervous)
ٿي وري پينسلن سان کيڏڻ شروع ڪيو .... ”تون هيئن
ڪر جو اُتي اچ.“
هوءَ پلنگ تان اُٿي بيٺي. ”جو ٿيڻو هوندو سو ٿيندو
.... هاڻي وڃو.“
”چڱو .... هڪ دوهو ٻيو به ٻُڌي ڇڏ. انهيءَ تي
سوچجانءِ....“ هن دروازي تي پهچي چيو.
”محمد! مڌ جو پيم ڪا هيي ديپ نيهه راک!
سيس ندئي پتنگ جيون تب لگ جائي نه پاک (1)
فٽ نوٽ
(1) اي محمد! محبت جي شراب سان دل جو ڏيئو ٻار.
پرواني وانگر جيستائين سر نه ڏيندين تيستائين پرين
وٽ ڪيئن پهچي سگهندين؟ |