16
هوءَ ساري رات رُئندي رهي هئي. ايترو آڪٽوبر
1947ع جي انهيءَ رات به نه رني هئي، جنهن جي صبح
جو هوءَ ۽ سندس ڪٽنب ڪراچيءَ کان ڪاٺياواڙ روانا
ٿيا هئا، يا جڏهن نيويارڪ ۾ جميل کيس گهر مان لوڌي
ڪڍيو هو. قرول باغ ۾ هوءَ اڪثر راتيون جاڳي
راهُل لاءِ ماٺ ميٺ ۾ ڳوڙها ڳاڙيندي هئي ۽ صبح
سوير اڱڻ واري نلڪي تي وڃي اکين تي چڱي طرح پاڻي
جا ڇنڊا هڻندي هئي، جيئن پڻس کي سندس ڳوڙهن جو پتو
نه پوي. پر هن وقت مائونٽ ليونيا جي هن خوبصورت
ڪمري ۾ سندس لڙڪ ڏسي پريشان يا رنج ٿيڻ وارو ڪوبه
نه هو. انهيءَ ڪري هوءَ اطمينان سان بستري تي سُتي
رهي. سندس سامهون سارو ڏينهن، ساري زندگي، ساري
دنيا خالي پيئي هئي. ڀيانڪ، اونداهي پولار جو
طوفاني سمنڊ، جنهن جو ڪٿي ڪو ڪنارو نه هو ... اٺين
وڳي ڌاري بيرو نيرن کڻي آيو ... مهربان، شفيق مشڪ
وارو ٻڍو سنهالي، جيڪو سندس ڳاڙهيون اکيون ڏسي
فڪرمند ٿي نظر آيو، ڇو ته هو به ٻن نوجوان ڌيئرن
جو پيءُ هو، ٽري ميز تي رکي چپ چاپ ٻاهر هليو ويو.
ڏهين وڳي ڌاري تيار ٿي، هُن رِزرويشن لاءِ هوائي
جهاز جي آفيس ۾ فون ڪئي. سمنڊ تي تکي اُس پکڙيل
هئي، جنهن جي چمڪ اکين کي نٿي وڻي. سمنڊ جي ڪناري
تي ڪجهه انگريز ٻار واريءَ جا قلعا جوڙڻ ۾ مصروف
هئا. تمام پري مونگيءَ جا هار وڪڻندڙ عورتون ڪنڌ
جهُڪائي هڪ طرف وڃي رهيون هيون ۽ آلي واريءَ تي
سندن پيرن جا نشان چٽا نظر اچي پئي آيا. ڏينهن
اُجاڙ هو. سمورو مائونٽ ليونيا، سمورو ڪولمبو،
سموري دنيا اُجاڙ هئي، اُجاڙ اُجاڙ اُجاڙ.
ڪجهه منٽ ريلنگ جي سهاري بيهڻ کانپوءِ، هن طئه ڪيو
ته ٻن پهرن تائين شهر جو چڪر لڳائيندي رهي ۽ پئڪنگ
ڪرڻ کان پوءِ وقت کان گهڻو اڳ ايئرپورٽ هلي وڃي.
اوڏيءَ مهل هال پورٽر اچي کيس چيو ته رسيپشن ۾
سندس فون آهي.
هوائي جهاز جي آفيس مان اطلاع هو ته مختلف ڪانفرنس
مان آيل ڊيليگيٽس واپس وڃي رهيا آهن، تنهنڪري سيٽ
ملڻ ڏاڍي مشڪل آهي.
هن بئگ کولي ٽريولر چيڪ بوڪ تي نظر وڌي. چيڪ ختم
ٿيڻ وارا هئا.
”ميڊم، توهان ’ڪيلانيا مندر‘ ڏٺو؟“ رسيپشن ڪلارڪ
کانئس پڇيو.
”نه، هاڻي وڃي ڏسنديس.“ هن ڇرڪي جواب ڏنو ۽ ٻاهر
هلي ويئي.
ٻاهر اچي هُن ٽئڪسي واري کي اشاري سان سڏيو.
”ڪيلانيا ٽيمپل.“
”ساري ميڊم.“ هن ڪنڌ لوڏي چيو.
”ڇو؟“
”شايد ڪرفيو لڳي. شهر ۾ تامل- سنهالي جهيڙي جو
انديشو آهي.“
’او ماءِ گاڊ....‘ هوءَ هڪ وڻ جي سهاري بيهي رهي
.... ’هتي به ....‘
’هاڻي ڇا ڪريان؟‘
هڪدم کيس رتن سنگهه جي – سوريه جو خيال آيو. هن
ڌارئي ملڪ ۾ هوءَ، عرفان ۽ لزلي مارش کان پوءِ فقط
ٽئين ماڻهو جي – سوريه سان ملي هئي. شايد هو ڪوشش
ڪري هوائي جهاز ۾ سيٽ ڏياري.
اندر موٽي هن جي – سوريه کي فون ڪيئي. ان وقت جي –
سوريه جي اخبار جي آفيس ۾ هڪ هنگامي ڪانفرنس ٿي
رهي هئي. ظاهر هو ته سندس آواز ٻڌي کيس ڪافي تعجب
ٿيو.
”هيلو .... هيلو .... ڊاڪٽر ميرچنداڻي! ڪيئن ياد
ڪيوَ؟“
هن رزرويشن جي باري ۾ سربستي ڳالهه ٻڌائي.
”اوهه .... ٻڌو .... هن وقت مان ڏاڍو مصروف آهيان.
توهان صبح جي اخبار پڙهي هوندي؟“
هن صبح جي اخبار پڙهي نه هئي.
”جيڪڏهن توهان تڪليف وٺي هتي اچو .... مسٽر عرفان
ڪڏهن واپس پيو وڃي؟“
”خبر ناهي.“
”اوهه .... چڱو، توهان اچو .... مان توهان جو
انتظار ڪيان ٿو.“
اخبار جي آفيس ۾ هرڪو پنهنجي پنهنجي ڪم ۾ رُڌل هو.
ٽيلي پرنٽر ۽ ٽائيپ رائيٽر جي لڳاتار ٽڪ ٽڪ، سب
ايڊيٽرن ۽ رپورٽرن جي ڀُڻ ڀُڻ ۽ ٽيليفون ايڪسچينج
واري ڪاري ڇوڪريءَ جي بي انتها مٺي آواز ۾ هڪ جهڙي
’لنڪا ديپ – گُڊمارننگ‘ جي رَٽ، سندس دل جي
ويرانيءَ ۾ وڌيڪ اضافو ڪري ٿي ڇڏيو. ڪجهه منٽن جي
انتظار کان پوءِ چيف ايڊيٽر کيس اندر گهرائي ورتو.
هوءَ هال مان لنگهي جي – سوريه جي ڪئبن ۾ داخل ٿي.
هو هڪ ڊگهي ۽ ويڪري ڊيسڪ تي ويهي ٻن ٽيليفونن تي
هڪ ئي وقت ڳالهائي رهيو هو ۽ وچ وچ ۾ انٽرڪام تي
ڪجهه ڳالهائيندو به ويو ٿي. هوءَ ڪنڊ ۾ رکيل
ڪرسيءَ تي ويهي رهي. جي- سوريه هڪ پاسي جي
ٽيليفون بند ڪندي، ڦرندڙ ڪرسي ٿورو ڏانهس ڦيري،
کيس اهڙين عجيب نظرن سان ڏٺو جو هوءَ پگهرجي ويئي
.... ’ڊرٽي اولڊ مئن (Dirty
old man)‘.
هن شديد نفرت سان چپن ۾ ڀڻ ڀڻ ڪئي.
جي – سوريه ٻي رسيور تي هٿ رکي کيس مخاطب ٿي چيو:
”گُڊ مارننگ ڊاڪٽر ميرچنداڻي! اجازت ڏين ته ’سيتا‘
ڪري مخاطب ڪريان. آرام سان ويهه. ڪلهه رات مون کي
عرفان سڄي ڳالهه ٻڌائي.“
ٻئي فون جي بيل وڳي ۽ هن هڪدم سنهاليءَ ۾ گفتگو
شروع ڪري ڏني.
سيتا کي چڪر اچي ويو .... هن مضبوطيءَ سان ڪرسيءَ
جي ٻانهن کي جهليو ۽ ڪجهه کنن لاءِ ڪنڌ هيٺ ڪري
اکيون بند ڪري ڇڏيائين .... ’ڇو نٿي زمين ڦاٽي پوي
جيئن مان اندر هلي وڃان ....‘ پر جيئن ته سيتا ۽
ساوتريءَ جي دنيا نه هئي، ڪل يُگ هو، انهيءَ ڪري
نه زمين ڦاٽي ۽ نه سيتا اُن ۾ پيهي ويئي. ٻيءَ کن
۾ هن پرس مان سگريٽ ڪيس ڪڍي هڪ سگريٽ دکايو.
جي- سوريه فون تي ڳالهه پوري ڪري ڏانهس مڙيو.
”اوهه معاف ڪج. مون توکي سگريٽ پيش نه ڪيو. هن
سيتا کي غور سان ڏٺو. هوءَ بي انتها سفيد نظر پيئي
آئي. ’هن ويچاريءَ جا حواس ضرورت کان وڌيڪ ڪمزور
آهن.‘ هن دل ۾ اهو سوچي وري کيس چيو، ”گهٻراءِ نه.
مان عرفان جو پراڻو رازدار آهيان. شايد توکي خبر
ناهي ته هو ۽ مان، جنگ کان اڳ ڪئين سال جرمنيءَ ۾
گڏ رهيا آهيون.... اُن وقت تون ته تمام ننڍي ٻار
هوندينءَ.“ هن هڪ دفعو وري سيتا کي انهن ئي
ڏڪائيندڙ نظرن سان ڏٺو. ”عرفان جي نجي جذباتي
زندگيءَ جي ڪا ڳالهه مون کان لڪل ناهي. تنهنجو
راز به مون وٽ محفوظ رهندو. ڪڏهن ڪڏهن جرنلسٽن تي
به ڀروسو ڪري سگهجي ٿو!! چڱو .... هاڻي هڪ
خوشخبري ٻڌ. اڄ ڪرفيو نه لڳندو .... ڪافي
پيندينءَ؟“ هن بيل وڄائي.
”نه مهرباني.“ سيتا کي پنهنجي سموري وجود کان
نفرت محسوس ٿي. ’مان هتي ڇو آيس؟‘
”مان .... هو .... هوائي جهاز جي سيٽ.“ هن
ڪمزوريءَ وچان چيو.
”شيور .... شيور .... ماءِ ڊيئر. (Sure
… sure…. Dy dear)
مون کي هڪدم سڀاڻي جو ايڊيٽوريل لکڻو آهي ....
پنهنجي سيڪريٽريءَ کي چوان ٿو.“
هو انٽرڪام ڏانهن جهُڪيو. ”رتنا، ٿورو مارٽن کي
هيڏانهن موڪل .... ۽ تون به اچ.“
ٻيءَ کن ۾ سندس سنهالي سيڪريٽري ۽ ڪلرڪ اندر آيا.
سندس پويان نيوز ايڊيٽر به آيو ۽ ڊيسڪ تي جهُڪي
کيس جلدي جلدي ڪجهه چوڻ لڳو.
هڪ دفعو وري جي – سوريه سيتا جي موجودگي وساري
پنهنجي ڪم ۾ لڳي ويو. هوءَ ڪجهه وقت ويهي ڇت کي
گهوريندي رهي، پوءِ اُٿي ڀرواري ڪمري ۾ هلي ويئي.
انهيءَ ڪمري ۾ گهنڊيدار وارن ۽ گهري سانوري رنگ جو
هڪ تامل نوجوان دريءَ وٽ بيهي هيٺ رستي تي ٽريفڪ
ڏسي رهيو هو .... شايد هو به جي – سوريه سان
ملاقات جو منتظر هو. سيتا ڏاڪڻ ڏانهن وڃڻ لاءِ وک
وڌائي ته جي – سوريه جي سيڪريٽري کيس سڏڻ لاءِ
ڊوڙندي آئي ۽ کيس ڪئبن ۾ ٻيهر وڃڻو پيو. ايتري ۾
جي- سوريه انٽرڪام تي چيو، ”رتنا، مسٽر راما سوامي
کي هيڏانهن موڪل.“
پردو مٿي ٿيو ۽ اُهوئي تامل نوجوان ڪمري ۾ داخل
ٿيو. هن مشڪندڙ نظرن سان سيتا ڏانهن ڏٺو ۽ ديوار
سان بيهي رهيو.
پنهنجي اسٽاف سان ڳالهيون ڪندي ڪندي، ڪرسي سيتا
ڏانهن گهمائي جي – سوريه چيو، ”سيتا، هي بيحد شرير
نوجوان منهنجو دوست راما سوامي آهي. اسان جي ملڪ
جو شعله بيان ڪالم نويس آهي. اسان جي مخالف اخبارن
۾ لکندو آهي پر مون جهڙن فرقي پرستن سان ڪڏهن ڪڏهن
ملندو آهي .... ويهه رام، اسان جي هندستاني مهمان
ڊاڪٽر ميرچنداڻيءَ سان مل. هندستاني هئڻ جي ناتي،
ٿي سگهي ٿو ته هيءَ تنهنجي هم خيال هجي!“ انهيءَ
تعارف کان پوءِ جي- سوريه وري پنهنجي گفتگو ۾ لڳي
ويو.
راما سوامي سيتا کي نمستي ڪيو ۽ ڏاڍي سلجهيل ۽
ميل جول واري انداز سان ڳالهيون ڪرڻ لڳو: ڇا هوءَ
بمبئيءَ کان آئي آهي؟ دهلي کان .... هو به دهلي ۾
رپورٽر جي حيثيت سان ڪيئن سال رهي چڪو آهي ....
دهليءَ ۾ هو فلاڻن فلاڻن صحافين کي سڃاڻي ٿو؟
وغيره وغيره. هن اهو به ٻڌايو ته هن جو اڌ ڪٽنب
مدراس ۾ رهندو آهي، پر هو پاڻ اوورسيز انڊين آهي.
۽ ان وقت اوچتو هڪ ڏاڍي نرالي ڳالهه ٿي .... اجنبي
سنهالين جي مجموعي ۾ گهيريل، سيتا پنهنجي هم عمر
انهيءَ تامل نوجوان لاءِ هڪ عجيب ويجهائپ محسوس
ڪئي .... جهڙي طرح صدين پراڻي، ابديت پرست
پولونروا جي سنسان کنڊرن جي وچ ۾ هُن جديد انسان،
لزلي مارش لاءِ انهيءَ جذبي کي محسوس ڪيو هو ....
ڇو ته هو سندس ڄاتل سڃاتل، ويهين صديءَ جي مغربي،
ماده پرست دنيا جو هڪ فرد هو. پولونروار ابديت
هئي. ڊاڪٽر لزلي ونسنٽ مارش تاريخي وقت. جهڙي طرح
انهيءَ لزلي مارش جي ڀيٽ ۾، جابلو رستن تان
لنگهندي هن مٿي جي وارن جون چوٽيون ڪندڙ ۽ سيررنگ
پائيندڙ سنهالي هاري مردن ۽ عورتن لاءِ ويجهائپ
محسوس ڪئي هئي، ڇو ته اُهي هن جي پنهنجي تهذيب جو
حصو هئا ۽ لزلي مارش غير ملڪي، مسيحي، مغربي انسان
هو .... جهڙيءَ طرح مائونٽ ليونيا جي ڊائننگ هال ۾
ويٺل فيشن ايبل سيلوني مردن ۽ عورتن جي ڀيٽ ۾،
پاڪستان کان آيل عرفان بلڪل هن جو پنهنجو معلوم ٿي
ٿيو، ڇو ته هن جي اُپکنڊ جو رهاڪو هو، جيڪو هن جي
تهذيب جو هڪ حصو هو.... انسان پنهنجي پيچيده
زندگيءَ ۾ هڪ ئي وقت ڪيترن مختلف ۽ متضاد سطحن تي
زنده رهي ٿو.
هاڻي راما سوامي به جي – سوريه سان گڏ ڪنهن بحث ۾
اڙجي ويو هو. ڪئبن ۾ ڳالهين جو گوڙ تمام وڌي ويو.
سندس مٿي ۾ سور پئجي ويو هو، اوچتو بي انتها
بيزار ٿي هوءَ ڪئبن کان ٻاهر نڪتي ۽ تيزيءَ سان
ڏاڪڻ لهي رستي تي آئي.
دڪانن جي سامهون ورانڊي ۾ بنا مقصد جي هيڏانهن
هوڏانهن گهمڻ کان پوءِ هوءَ ڪتابن جي اسٽال تي اچي
بيٺي ۽ اسٽال واري کان آءِ – اي- سي جي آفيس جي ڏس
پڇيائين.
”هلو، مان ٿو توهان کي اُتي پهچايان.“
هن مڙي ڏٺو. راما سوامي مشڪي رهيو هو.
”مهرباني، مون کي فقط ڏس ڏيئي ڇڏيو، مان پاڻيهي
هلي وينديس.“
”توهان جي وڃڻ کان پوءِ مسٽر جي – سوريه ڏاڍو
پريشان ٿيو ته توهان ڪيڏانهن غائب ٿي ويون، پر هِن
تامل – سنهالي ڪرائسس ڪري اهو ايترو منجهيل هو جو
کيس ڪجهه سمجهه ۾ ڪجهه نٿي آيو، جنهن وقت توهان
اُٿي هليون ويون ته هو فون تي پنهنجي وڏي ڀاءُ سان
ڳالهائي رهيو هو، جيڪو ڪئبنيٽ ۾ منسٽر آهي. اڄ هن
جي وزارت به خطري ۾ آهي.“
هو ورانڊي ۾ سيتا سان گڏ هلڻ لڳو.
”هيءُ جهيڙو ڇا تي ٿي رهيو آهي؟“ سيتا گهڙي ڏسي بي
خياليءَ سان سوال پڇيو.
اچو، ڏهه منٽ ڪٿي ويهي ڪافي پيئون.... تون اڄ ئي
دهلي واپس وڃڻ ٿي چاهين؟“
اُهي هڪ ڪافي هائوس ۾ گهڙيا، جتي يونيورسٽيءَ جا
شاگرد ۽ اخبار نويس زور شور سان بحثن ۾ مصروف هئا.
هتي به ڏاڍو گوڙ پئي ٿيو. اُهي دروازي جي ڀرسان هڪ
ميز تي ويٺا. سيتا آهستي آهستي آڱرين سان دروازي
جي ڀرسان ڪن بند ڪيا. ڪيڏو شور هو. سموري دنيا ۾
ڪيڏو هنگامو هو.
”اوهه.... معاف ڪجو .... مان اجهو اچان ٿو.“ ايترو
چئي رام تيزيءَ سان مرشد آبادي ريشمي ساڙهي واري
هڪ ڇوڪريءَ ڏانهن ويو، جيڪا انهيءَ وقت ڪافي هائوس
مان ٻاهر وڃي رهي هئي. ڇوڪري مڙي قهر ڀريل نگاهن
سان سيتا کي ڏٺو ۽ ٻاهر هلي ويئي. رام رومال سان
مٿي جو پگهر اگهندو واپس اچي بيٺو.
”هيءَ منهنجي مڱ هئي....“ سيتا جي سوالي نظرن سان
نظرون ملائي هن ٿورو هٻڪي جواب ڏنو. هو ڪيڏو ننڍو
۽ جوشيلو هو.
هو سندس هم عمر هو. هوءَ سندس زبان، سندس جوش،
سندس جذبو سمجهي سگهي ٿي.
”هئي .... ڇا مطلب؟ هاڻي ناهي؟“ سيتا مشڪندي پڇيو.
”انهيءَ جومدار تازن ترين سياسي صورت حال تي آهي.“
”ڪافيءَ جي پيالي ڏانهن اُداسيءَ سان ڏسندي هن
ٻڌايو، ”هيءَ ڇوڪري سنهالي ٻُڌسٽ آهي .... جيئن ته
منهنجو تامل هندو گهراڻي سان تعلق آهي، تنهنڪري
ڇوڪريءَ جا ماءُ پيءُ انهيءَ شادي جي خلاف آهن.
ڇوڪري بلڪل غير سياسي آهي پر هو کيس ايجوڪيٽ ڪرڻ
جي ڪوشش ڪندو رهندو آهي. انهيءَ ڇوڪري جو پيءُ
يو-اين – جو ليڊر به آهي ۽ سندس سمورو فيوڊل
خاندان بي انتها دولتمند، بي انتها ري ايڪشنري ۽
بي انتها آمريڪا پرست آهي.
”گذريل هفتي مان ساڻس وڙهي پيس. منهنجو ضد هو ته
ٻئي ڪنهن شهر هلي سول ميريج ڪريون ۽ انهيءَ کان
پوءِ ڪجهه عرصي لاءِ مدراس هليا وڃون. پر هوءَ
انهيءَ لاءِ تيار ناهي. ڊڄڻي ڪنهن جاءِ جي! نه
ڄاڻان ڇو مان پنهنجو داستان ٻڌائي توکي بور پيو
ڪريان.“
”مون کي پنهنجي باري ۾ اڃا ٻڌاءِ....“ سيتا هن جي
لاءِ ڪافيءَ جو ٻيو ڪپ اڳيان ڪندي چيو.
”تون هتي نيٽو (Native)
ماڻهن سان ملي آهين؟“
”سواءِ جي- سوريه جي، ٻئي ڪنهن سان نه ملي آهيان ۽
هڪ ڊچ برگر ڇوڪري جو نغمو ٻڌو اٿم.“
”يعني مسٽر جي-سوريه کان سواءِ، پهريون خالص نيٽو
مان آهيان، جنهن سان تنهنجو مُکاميلو ٿيو آهي؟ ڊچ
برگر هتي جا اينگلو انڊين آهن.... هيترا ڏينهن ٻيو
ڇا ڪيو؟“
”بس.... سارو وقت نوارا ايليا ۾ گذري ويو.
”پوءِ ته تون صحيح معنيٰ ۾ غير ملڪي سياح آهين؟
توکي مسٽر جي-سوريه پنهنجي ڊنر ۾ مدعو ڪيو هو؟“
”ها، توکي ڪيئن خبر پيئي؟“
شايد توکي انهيءَ جو اندازو ناهي ته ڪولمبو ننڍو
شهر آهي ۽ تو انهيءَ ۾ چڱو چؤٻول مچايو آهي.
منهنجي هڪ ساٿڻ، پنهنجي اخبار جي سوشل ڪالم ۾
تنهنجو ذڪر به ڪيو هو .... ’مائونٽ ليونيا ۾ ترسيل
دلفريب هندستاني خاتون، جيڪا انتها خوبصورت
ساڙهيون پائي ٿي.‘ هن تنهنجو انٽرويو به وٺڻ ٿي
چاهيو پر تون کيس ڪنهن صورت ۾ ملي نه سگهينءَ!“
”گڊ گاڊ!“
رام نظر ڀري کيس ڏٺو. ”تون مون کي پهرين ڇو نه
ملينءَ؟“
’خدايا .... خدايا .... هي به....‘
”منهنجو مطلب آهي .... مان فقط ايترو چوان ٿو ته
ڪجهه ڏينهن اڳ توسان ملاقات ٿئي ها ته مان توکي
هتي جي اصلي ڌڙڪندڙ زندگيءَ جي جهلڪ ڏيکاريان ها،
تامل گهراڻن ۾ مدعو ڪريان ها، پنهنجي ڀينرن سان
ملايان ها.“
”پنهنجي مَڱ سان نه؟“
”هوءَ منهنجي گهر ڪٿي ٿي اچي!“ هو پوءِ اُداس ٿي
ويو. ”۽ منهنجي تمنا آهي ته هوءَ پنهنجو محل ڇڏي
منهنجي ٽن ڪمرن جي فليٽ ۾ اچي رهي! سيتا، تو
ڪينڊيءَ جي فيوڊل طبقي جي ۽ يوروپين پلانٽرز جي
زندگي ڏٺي ناهي .... برطانيا جي حسين ترين ’ڪرائون
ڪالوني‘ واقعي اُنهن ماڻهن لاءِ جنت هئي ۽ هاڻي به
آهي. تون ته مڊل ڪلاس آهين نه؟“
”ها، لوئر مڊل ڪلاس.“ سيتا وراڻيو.
”منهنجي بي انتها ارسٽو ڪريٽڪ ويلما، هاڻي مون کان
پڇي رهي هئي ته تون هندستان جي ڪهڙي فلائنگ
مهاراڻيءَ کي ڪافي پيو پيارين!!!“
سيتا کِلي پيئي.
”اڄ صبح واريون خبرون ته ڏاڍيون پريشان ڪندڙ آهن.
اُتر ۾ وڏو فساد ٿيو آهي.“ هن رام جي هٿ مان اخبار
وٺي چيو.
ميز جي ڀرسان لنگهندي ڪجهه دوستن کي ڏسي هو مشڪيو.
ايڏو بدشڪل ڪارو شخص، پر سندس چهري مان ذهانت پئي
بکي! هن جا ڏند ڏاڍا خوبصورت هئا ۽ کلندي ڏاڍو
وڻيو پئي. سيتا کيس بي ڌيانيءَ سان ڏٺو. ”ها ....
ٻڌاءِ،“ هن ڪنڌ جهُڪائي ڪن تي آڱر رکي چيو. ”توهان
وٽ ايڏا جهيڙا ڇو ٿا ٿين؟ هڪ ملڪ جا رهواسي ٿي ڪري
پاڻ ۾ وڙهو ٿا.“
”سڀڪجهه ڄاڻيندي، ايڏو اڻڄاڻائيءَ جو سوال شايد
تون انهيءَ ڪري ٿي ڪرين جو واقعي بور ٿي چڪي
آهين.... تو لاءِ اڃا ڪافي گهرايان .... براءِ!“
هن سڏ ڪيو. ”توهان وٽ جهيڙو ڇو ٿو ٿئي؟ توهان به
هڪ ملڪ جا رهواسي آهيو. توهان ۽ اسان ٻئي
سرمائيدار بورجوا سياست جو شڪار آهيون.“
سندس لهجي جي تلخي سيتا کي ياد ڏياريو ته هڪ دفعي
نيويارڪ ۾ جميل جو تعارف سندس وڏي ڀاءُ جي هڪ هم
وطن سان جڏهن ڪرايو ويو هو ته جميل انهيءَ تلخيءَ
سان جواب ڏنو هو. جي .... مان هاڻي به انهيءَ ملڪ
جو آزاد شهري آهيان، جنهن کي توهان ڪجهه سال اڳ
’جنت نشان‘ چوندا هئا.“
”توهان تاملن لاءِ چيو ويندو آهي ته اُهي مين لينڊ
(Main
land)
ڏانهن نهاريندا آهن .... جهڙي طرح سڀ اوورسيز
چيني، مين لينڊ چائنا ڏانهن نهاريندا آهن“ سيتا
کيس چيو.
”مون دهليءَ جي اخبارن ۾ لنڪا جي انڊين پرابلم جي
باري ۾ سلسليوار مضمون لکيا هئا. توکي انهن جي
ڪٽنگ موڪليندس.... شام جو منهنجي گهر مون سان ماني
کائج.“
”ضرور رام! توکي خبر آهي ته منهنجي هميشه کان اها
خواهش رهي آهي ته سموري دنيا ۾، جتي جتي اوورسيز
انڊين رهن ٿا، انهن کي وڃي ڏسان .... ويسٽ انڊيز
.... ماريشس .... آفريقا .... فِجي .... ملايا
.... ۽ نه ڄاڻان ڪٿي ڪٿي .... مدتن کان پنهنجي وطن
کان هزارين ميل پري رهندي، انهن جي زندگي ڪيئن
هوندي .... انهن جي تهذيب، رهڻي ڪهڻي، انهن جي
نفسيات، منهنجو مضمون سوشيولاجي آهي .... انهيءَ
کان سواءِ .... منهنجي دماغ ۾ خلل به آهي.“ هن
ٻيهر گهڙيءَ تي نظر وڌي.
”توکي ڪولمبو مان ڀڄڻ جي ايڏي جلدي ڇو آهي؟ تو
جهڙا خوبصورت مهمان هتي روز روز ڪڏهن ٿا اچن.“
”ڇو؟ اسان جا هندستاني فلم اسٽارز ۽ ڊانسرز ته هتي
اڪثر ايندا رهندا آهن!“ سيتا سندس آواز جي وڌندڙ
جذباتيت کان گهٻرائجي، ڳالهه کي چرچي ۾ ٽارڻ
چاهيو.
”توکي خبر آهي .... تون ’لنڪا ديپ‘ جي انهيءَ ڪمري
۾ جڏهن داخل ٿئينءَ ته مون کي ائين لڳو ڄڻ ڪشمير
جي خوشگوار هوا جو جهوٽو ڪٿان اچي ويو هجي!“
”مان سنڌي آهيان.“
”ها، پر بلڪل ڪشميري ٿي لڳين!“
”سنڌي به بدصورت نه هوندا آهن.“
”هو کلڻ لڳو. انهيءَ وقت .... ڪولمبو جي هڪ ننڍي
ڪافي هائوس ۾ ويٺل ٻه نوجوان .... هڪ سيلوني
اورسيز انڊين تامل .... هڪ هندستان کان آيل
پاڪستان جي ’سنڌي شرنار ٿي‘.... ساڳئي وقت ڪيترا
خوش ۽ ڪيترا اُداس ٿي لڳا .... کين خبر هئي ته
زمين، سندن اڄ جي نوجوان پيڙهيءَ جي پيرن هيٺان
نڪري چڪي آهي ۽ سموري دنيا جو مستقبل سندن ڪيڏي
وڏي ذميداري آهي! ڇا وڏن کي اها خبر هئي ته سندن
پيڙهيءَ جي سياستدانن جي بنايل دنيا ۾ سندن اولاد
کي ڇا ڇا سهڻو پوندو؟
”هل، توکي ڪولمبو گهمايان.“ رام ڪرسيءَ تان اٿندي
چيو.
”پر ايئر لائنز جي آفيس؟“
”جهنم ۾ وڃي تنهنجي ايئر لائينز جي آفيس، هي لنچ
ٽائيم آهي. سڀ آفيسون ٽين وڳي تائين بند رهنديون.
فڪر نه ڪر، توکي سڀاڻي هوائي جهاز ۾ روانو ڪيو
ويندو.“
”شايد تون انهيءَ جو علاج نٿي ڪري سگهين جو ماڻهو
تو ۾ دلچسپي وٺن، اها ٻي ڳالهه آهي ته پنهنجي حد
تائين تون به انهن جي دل ٽوڙڻ نٿي چاهين.‘
”تو ڪهڙي جاءِ اڃا تائين نه ڏٺي آهي؟“ ٽئڪسيءَ جو
دروازو بند ڪري رام پڇيو.
”ڪيلانيا ٽيمپل.“ هن مرڻينگ آواز ۾ جواب ڏنو.
مندر جي چڙهائيءَ تي پهچي، چؤطرف نظر ڊوڙائيندي
سيتا چيو، ”توهان وٽ سياسي صورت حال ڪهڙي به هجي،
پر مون کي گذريل اٺن ڏهن ڏينهن کان بلڪل ائين پيو
لڳي ڄڻ ته ڏکڻ هندستان ۾ آهيان. ساڳيا منظر آهن،
ساڳيو ڪلچر.“ هوءَ ٿڪجي ڏاڪڻ تي ويهي رهي. ’دنيا ۾
ايڏو هنگامو ڇو متل آهي؟‘
”گائيڊ .... ليڊي ....؟ فرسٽ ڪلاس گائيڊ!“ هڪ
سنهالي اوچتو ڪٿان نروار ٿي اچي پڇيو.
هو ڏاڪڻ تان اُٿي. ”توهان جي ٻُڌسٽ مندرن ۾ هندو
ديوي ديوتائن جو ايڏو زور ڇو آهي؟“ هُن عمارت
ڏانهن هلندي سوال پڇيو. رام ڪنڌ جهڪائي خاموشيءَ
سان ساڻس گڏ پئي آيو.
”اهي هندُو ديوي ديوتا، لنڪا ۾ اسان جي ٻڌ ڌرم جا
رکپال آهن.“
گائيڊ وڏي ڀروسي سان چيو.
”ها، هي به ٻڌي ڇڏ!“ سيتا، رام کي چيو ۽ کيس ڊاڪٽر
لزلي مارش ياد اچي ويو.
”پورچوگالين جي اچڻ کان اڳ تائين، لنڪا تهذيبي
لحاظ کان بلڪل هڪ هو ۽ برطانوي تسلط کان تامل –
سنهالي جهيڙي جو وجود به نه هو.“ رام چوڻ شروع
ڪيو پر وري تنگ ٿي چُپ ٿي ويو.
نارنگي رنگ جي ڪپڙن ۾، وڏا وڏا تاڙيءَ جا وڃڻا
کڻي، ڀکشوئن جي هڪ ٽولي سامهون اچي لنگهي.
”تون مون کي ڪجهه چئي رهيو هئين؟“
”ڪجهه نه. تون سوشيولاجسٽ آهين نه .... تو هاڻي
ڏکڻ هندستان جي ڳالهه پئي ڪئي. تو صحيح پئي چيو
ته سنهالي رهڻي ڪهڻيءَ جو طريقو، بنيادي طور تي
هندُو رهڻي ڪهڻي جو طريقو آهي. پر پوءِ اهو سوال
ٿو پيدا ٿئي ته ٻُڌازم يا گهٽ ۾ گهٽ لنڪا جو
ٻڌازم، هندو مُت جو هڪ ورشن (Version)
آهي يا کيس جدا مذهب ۽ ڪلچر سمجهيو وڃي؟ سنهالي
سماج جو بنياد ڪاسٽ تي هو، جيتوڻيڪ ڪاسٽ سسٽم
ٻُڌازم ۾ ناهي. گهڻائي ٻُڌسٽ هندُوئن جي خدائن کي
پوڄيندا آهن .... پوءِ قومي ڪلچر ڇا آهي؟ نج
سنهالي قومي ڪلچر ....؟ نج هندستاني قومي ڪلچر؟
نج پاڪستاني قومي ڪلچر؟
مون جي – سوريه جي ڊنر ۾ اُنهيءَ ڏينهن مين لينڊ
کان آيل ڪجهه هندستاني ۽ پاڪستاني مهمانن کان پڇيو
هو ته ڇا پاڪستاني اسلام، اُهو ئي آهي جيڪو سعودي
عرب يامصر ۾ رائج آهي؟ ۽ ڇا هندستاني هندو عوام جو
ڪلچر اُهو ئي آهي جيڪو اشوڪ جي زماني ۾ هو؟ جڏهن
مان جي – سوريه کي چوان ٿو ته توهان تاريخ جي
ارتقا کي ڪهڙي رُخ کان ٿا ڏسو ته هو هڪدم اسان
جلاوطنن جي نفسيات تي هڪ تقرير شرع ڪري ٿو ڏي.“
”هتي برطانوي دؤر جي نئين مڊل ڪلاس، نوڪريون ۽
سياسي سهوليتون حاصل ڪرڻ لاءِ ايجي ٽيشن ڪيا هوندا
.... ۽ مڊل ڪلاس جي مختلف نسلي ۽ مذهبي فرقن جي
مفادن جو پاڻ ۾ ٽڪراءُ ٿيو هوندو؟“
سيتا پڇيو.
”ها .... هاڻي ٻُڌسٽ ڪانگريس جو مطالبو آهي ته
لنڪا جي تاريخ نئين سر لکي وڃي .... ايشيا جي هر
ملڪ ۾ نئين سر لکي پيئي وڃي .... پر تاريخ کي ڪهڙي
زاويي کان انٽرپريٽ ڪيو ويندو؟“
مندر جي پاسي واري ديوار تي ٻين خدائن سان گڏ،
راوڻ جو ننڍو ڀاءُ وڀيشڻ ڏند ڪڍي کلي رهيو هو.
ڀڳوان وڀيشڻ ويچارو ڀڳوان هئڻ جي باوجود راڪشس به
هو. انهيءَ ڪري سندس ٻه ڏند ٻاهر نڪتل هئا. ”گهر
جو ڀيدي، اهو مهاشيه هو!“ سيتا رام کي چيو ۽ وري
کيس انهيءَ پهاڪي جو مطلب سمجهايائين.
هال ۾، آرٽ اسڪول جو هڪ شاگرد، فريسڪوز جو نقل ڪرڻ
۾ مصروف هو. رام کي ساڻس ڳالهيون ڪندو ڇڏي، هوءَ
اڳتي وڌي ويئي.
ڀرواري ڪمري ۾ گوتم ٻڌ جي تمام ڊگهي ليٽيل مجسمي
جي قدمن ۾ پوڄارڻين مان ڪنهن هڪ جو ننڍڙو ٻار
ميري ڪپڙي ۾ ويڙهيل، مٺي ننڊ ۾ ستو پيو هو ۽ سندس
ماءُ ٿڌي مرمرين فرش تي سجدي ۾ جهڪيل هئي.
راهُل .... راهُل .... راهُل....
تمام هوريان هوريان ۽ سنڀال سان قدم رکندي، متان
سندس پيرن جي آهٽ تي ٻار جاڳي نه پوي، هوءَ ٻي
ڪمري ۾ ويئي، جتي هڪ ٻيو سونهري گوتم ٻڌ هميشه
وانگر ڪنول تي سڪون سان ويٺو هو. هوءَ اکيون ٿورو
بند ڪري مورتيءَ اڳيان مرمرين ڏاڪڻ تي ويهي رهي
.... ڪجهه پل رکي هن اکيون کوليون ....
سامهون عرفان بيٺو هو.
|