سيڪشن؛ ناول

ڪتاب: سيتا هرڻ

باب: --

صفحو :6

  

 

8

 

ٽرين لاهور کان دهلي پهتي. بلقيس انهيءَ ڏينهن پالم وڃي بمبئي رواني ٿي ويئي. سيتا قرول باغ واپس پهتي، ٻئي ڏينهن هيما سان ملي ۽ ٽئين ڏينهن کان آفيس وڃڻ لڳي. سندس مصروف ۽ خالي زندگيءَ جي معمول جو سلسلو اُتان کان شروع ٿي ويو، جتان ڇڏي هوءَ ٽن هفتن لاءِ پاڪستان ويئي هئي.

بلقيس جي بمبئي موٽڻ کان پوءِ ’مدرا راڪشس‘ شروع ٿيڻ وارو هو ۽ ’ماڊرن ٿيئٽر‘ جا رڪن انهيءَ جي تيارين ۾ ڏاڍا رڌل هئا.

’فرسٽ نائيٽ‘ جي موقعي تي سيتا ٿيئٽر هال جي ڏاڪڻ تي بيهي ڪجهه دوستن سان ڳالهيون ڪري رهي هئي. هُن محسوس ڪيو ته ٿنڀي جي پويان ڪو ماڻهو کيس ڏاڍي ڌيان سان ڏسي رهيو آهي. سندس شڪل ڪجهه ڄاتل سڃاتل لڳي ٿي پر کيس سمجهه ۾ نه آيو ته هو ڪير آهي. هوءَ اطمينان سان ڳالهين ۾ محو رهي. جڏهن سڀئي اندر وڃڻ لڳا تڏهن به، انهيءَ ماڻهوءَ هڪ ٻه ڀيرا مڙي کيس اُڇاتري نظر سان ڏٺو. ناٽڪ ختم ٿيڻ تي جڏهن هوءَ بلقيس کي مبارڪباد ڏيڻ جي ارادي سان للتا جي ڊريسنگ روم ۾ ويئي ته ان وقت اُهو ماڻهو اُتي اڳ ۾ ئي موجود هو ۽ کيس چار پنج ڄڻا گهيريو بيٺا هئا. پنهنجي اندازسان هو ڪا وڏي هستي ٿي لڳو. للتا، سيتا جو ساڻس تعارف ڪرايو: ”پروجيش ڪمار چوڌري!“

پروجيش ڪمار چوڌري ملڪ جو عظيم ترين مصور، عالمگير شهرت جو ايڪسپريشنسٽ آرٽسٽ (Expressionist artist)، جنهن جون تصويرون هُن نمائشن، رسالن  ڪتابن ۾ ڏٺيون هيون، جنهن جي باري ۾ آمريڪا جي آرٽ مخزنن ۾ مضمون پڙهيا هئائين. پروجيش ڪمار چوڌري انهيءَ وقت جيئرو جاڳندو سندس سامهون موجود هو!!

”هيلو سيتا ديوي.“ هو چئي رهيو هو. ”قمر توهان جو گهڻو ذڪر ڪندو هو. ڏاڍي خوشي ٿي جو هن وقت توهان سان ملاقات ٿي آهي. اچو، هيڏانهن ويهون.“

اُهي لباسن جي انبار ڀرسان اسٽولن تي ويهي رهيا. پروجيش بيحد اخلاق سان گفتگو ڪندو رهيو. ’هوءَ هندستان جي سڀ کان وڏي مصور سان ڳالهائي رهي آهي‘، اهو سوچي کيس ڏاڍو تعجب محسوس ٿي رهيو هو.

پروجيش پڪي عمر جو هو. سندس شخصيت ڏاڍي دلڪش هئي ۽ عورتن کي موهڻ جو به فن کيس خوب ٿي آيو.

”ننڍپڻ کان توهان جو نالو ٻڌندي پئي اچان. ڪولمبيا ۾ ته اسان توهان جي تصويرن جي، نمائش به ڪئي هئي، ’انڊيا ايوننگ‘ جي سلسلي ۾ هڪ ڀيري.“ سيتا چيو.

”هون“ هو ڏاڍي شفقت ۽ پنهنجائپ سان مشڪيو.

’ننڍپڻ کان توهان جو نالو ٻڌندي پئي اچان‘- اها ڪهڙي نه رسمي ۽ احمقانه ڳالهه چئي ڇڏيم. پر اها حقيقت هئي ته اُن وقت هوءَ هڪ ڀيرو بي حد نروس (Nervous) ٿي ويئي هئي. مشهور شخصيتن کان موعرب ٿيڻ سندس وڏي ڪمزوري هئي ۽ کيس انهيءَ ڪمزوري جو احساس به هو. پل ئي پل ۾ انهن سڀني مشهور ماڻهن جو جلوس سندس ذهن ۾ ڦرڻ لڳو جن جي هوءَ ننڍپڻ کان هيرو- ورشپ (Hero-worship) ڪندي آئي هئي. ”منهنجو مطلب اهو ناهي ته مان بلڪل ننڍي آهيان. ٻي کن ۾ هن پاڻ سنڀالي چيو.

”ڇو نه. تون ته منهنجي ڌيُ جي برابر ٿيندينءَ.“

”خير اهو ته غلط آهي!..... ڌيءَ؟“ هن ٿورو ترسي چيو:

”ها. جيڪڏهن منهنجي ڪا ڌيُ هجي ها ته تو کان ڪا چار پنج سال ئي ننڍي هجي ها، عمر ۾“

سيتا کي خبر هئي ته جڏهن کان هُن پنهنجي هنگرين (Hungraian) زال کي طلاق ڏني هئي (جيڪا پاڻ وڏي مشهور سنگتراش هئي)، پروجيش ڪمار چوڌري ٻي شادي به ڪئي هئي. جيئن گورڪي سموري دنيا کي پنهنجي يونيورسٽي سمجهندو هو، تيئن پروجيش سموري دنيا جي خوبصورت عورتن کي پنهنجي حرمسرا جون ڪنيزون تصور ڪرڻ جو قائل هو ۽ ائين سوچڻ ۾ هو صحيح هو، ڇو ته تمام گهٽ عورتون سندس شخصيت جي سحر کان بچي سگهنديون هيون. گذريل ويهن سالن کان سندس بي تڪلف دوستن جي حلقي ۾ سندس مختلف ’پيريڊ‘، مشهور هئا. 1938ع کان وٺي 1941ع تائين، جڏهن هو الله آباد جي ڪشميري آرٽسٽ پريمابخشيءَ تي عاشق هو ته اهو زمانو سندس مصوريءَ جو ’ڪشميري پيريڊ‘ چوڻ ۾ ايندو هو. انهيءَ کان پوءِ هڪ ٻئي پويان چيڪو سلواڪين، گجراتي ۽ راجسٿاني دؤر جاري رهيا. 1946ع کان 1953ع تائين جڏهن نامور هندي ليکڪا ڪماري راج راڻي مصرا کانئس متاثر ٿي، ٽي وڏا ناول لکيا ته اُهو پروجيش ڪمار چوڌريءَ جو ’گنگا جمني دؤر‘ سمجهيو ويو. 1952ع کان هن وقت تائين سندس جدا جدا مرهٽي، فرانسيسي، روسي ۽ پنجابي پيريڊ شروع ٿي ختم ٿي چڪا هئا. انهيءَ وچ ۾ سندس هنگرين زال آئي به ۽ هلي به ويئي. هيڏانهن ڪجهه عرصي کان سندس جذباتي زندگيءَ جو ڪو پيريڊ منظرِ عام تي نه آيو هو.

هو للتا جي ڊريسنگ روم ۾ ويهي دير تائين سيتا سان هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون ڪندو رهيو. سڌيون ساديون، گهٽ گهريون غير مابعد الطبعياتي ڳالهيون!

’اڙي، هي هيڏو وڏو ماڻهو ايترو نارمل ۽ سڌو سادو نڪتو! سندس طبعيت ۾ ڪيتري نه مروت هئي! ڪيتري نه ملائميت!‘ سيتا حيرت مان سوچيو ۽ جڏهن پروجيش چيو ته ڇنڇر جي رات جو مون سان گڏجي ماني کائو ته هن هڪدم قبول ڪيو. ”قمر ۽ ماڌوري به ايندا.“ پروجيش اضافو ڪيو.

”اوهه، هائو ونڊر فل! (How Wonderful!) مان قمر سان ڪافي زماني کان نه ملي آهيان.“ سيتا گرمجوشيءَ سان جواب ڏنو.

ڇنڇر جي شام جو جڏهن هو پروجيش ڪمار چوڌريءَ سان گڏ ريسٽورنٽ ۾ گهڙي پئي ته ٻنهي کي گڏ ڏسي ورانڊي ۾ بيٺل ڪنهن ڇوڪري آهستي پنهنجي ساٿي کي چيو: ”شو گرل! (Show girl!)“

سيتا جو چهرو ڳاڙهو ٿي ويو. ’شڪر آهي جو پروجيش اهو واهيات رمارڪ نه ٻڌو‘، هن سوچيو.

اُهي ٻئي اندر وڃي هڪ ڪنڊ ۾ ويٺا. هال ٽهڪن سان جڳمڳائجي رهيو هو. آرڪيسٽرا تي ڪا تازه ترين ڌن وڄي رهي هئي. ماڻهو ٻاهران اچي ميزن سامهون ويٺا ٿي يا ٻاهر وڃي رهيا هئا. پروجيش پنهنجي ڪنهن واقفڪار سان ڳالهائڻ لاءِ اُٿي ٻيءَ ميز ڏانهن هليو ويو. سيتا پنهنجي جاءِ تي ويهي ريسٽورنٽ ۾ ويٺل ماڻهن کي ڏسندي رهي. عجيب عجيب ماڻهو. هندستان جي نئين اسٽيج جا اداڪار. اڙدوءَ جا شاعر ۽ ليکڪ، نوان دولتمند سنڌي ۽ پنجابي، جيڪي ڏهه سال اڳ هن ئي شهر ۾ پاڪستان کان شرنارٿي بنجي آيا هئا. ٻاهر ڪناٽ سرڪس جي رستن تي موٽرن جو وهڪرو وهي رهيو هو. مرڪزي حڪومت جا اعليٰ عهديدار. فلم سيمينار لاءِ آيل بمبئي ۽ ڪلڪتي جا مشهور ايڪٽر ۽ ايڪٽرياڻيون ۽ ڊائريڪٽر. ڪانگريس ۽ سوشلسٽ ۽ ڪميونسٽ پارٽين جا اڳواڻ. انهيءَ نئين سوسائٽي جي باري ۾ ريسرچ ڪري هن پي ايڇ. ڊي جي ڊگري ورتي هئي. ڪجهه منٽن کان پوءِ پروجيش ميز تي واپس آيو ۽ نرم نرم آواز ۾ ساڻس ڳالهيون ڪندو رهيو. انهن نڀاڳن بنگالين جي آواز ۾ ڪيڏو جادو هوندو آهي!

ٿوري ۾ قمر ۽ ماڌوري اچي ويا. ماڌوريءَ جي سينڌ ۾ سيندُور لڳل هو.

”مسز چوڌري!“ پروجيش سيتا سان تعارف ڪرايو.

”مبارڪ هجي قمر!“ سيتا مشڪندي چيو.

”ٿينڪس سيتا! اسان ايڏو جلديءَ ۾ شادي ڪئي آهي جو ڪنهن دوست کي اطلاع به نه ڏيئي سگهياسين ۽ تون پاڪستان هلي ويئي هئينءَ.“

قمر ڏاڍي محبت ۽ خلوص سان سيتا سان ڳالهيون شروع ڪيون، ڄڻ ڪي ٻه پراڻا دوست پاڻ ۾ مليا هجن.

انهيءَ وقت پروجيش هڪ روسي دوست کي پنهنجي ميز تي سڏي ورتو، جيڪا اڙدوءَ ۾ ريسرچ ڪرڻ لاءِ ماسڪو کان علي ڳڙهه آيل هئي. ڪجهه دير کان پوءِ، ٻه ٻيا روسي پارٽيءَ ۾ شامل ٿي ويا. اُهي ٻئي ڀلائيءَ۾ انجنيئر هئا. اهي ’هندي وارا‘ هئا ۽ ’اڙدو واري‘ روسي ڇوڪريءَ سان اُڙدو- هنديءَ جي بحث ۾ لڳا پيا هئا ۽ نهايت ئي مشڪل اڙدو ۽ نهايت ئي شڌُ هندي ڳالهائي رهيا هئا.

پروجيش ٽهڪ ڏيئي کليو. ”اڙدو- هنديءَ جو ته اهڙو جهيڙو آهي جو توهان کي به کڻي ڪريو.“ هن چيو.

جيئن جيئن رات گهري ٿيندي ويئي تيئن تيئن پروجيش جي مهمانن ۾ واڌارو ايندو ويو. ڊنر جي ختم ٿيڻ تي جڏهن سيتا ٻاهر وڃڻ لڳي ته قمر ۽ ماڌوري کيس گرمجوشيءَ سان ايندڙ آچر تي پنهنجي گهر اچڻ جي ڪوٺ ڏني.

قمر ۽ ماڌوريءَ جي شادي کي اڃا هڪ مهينو به نه ٿيو هو. اُهي سُندر نگر جي هڪ فليٽ ۾ رهيا ٿي. ماڌوري سرڪاري آفيسرياڻي هئي ۽ پنهنجي ڪار هلائيندي هئي، انهيءَ ڪري قمر کي پنهنجي مالي ڪاميابيءَ جي باوجود ڪار خريد ڪرڻ جي ضرورت نه پيئي هئي. انهن ڏينهن ۾ اُهي ٻئي پنهنجو گهر انتهائي آرٽسٽڪ انداز ۾ سجائڻ ۾ رُڌل هئا ۽ گهڻو ڪري شام جو ٻاهر وڃڻ جي بدران پنهنجن ويجهن دوستن کي پاڻ وٽ مدعو ڪري وٺندا هئا، جتي سڀ گڏجي کاڌو ٺاهڻ ۾ ماڌوريءَ جي مدد ڪندا هئا.

آخر جي شام جو وعدي مطابق هوءَ پروجيش سان گڏجي قمر جي گهر پهتي. قمر ڪال بيل جو آواز ٻڌي ڏاڍو خوش ٿي ڊوڙندو هيٺ آدر ڀاءُ لاءِ آيو. مٿي پهچي هن مهمانن کي سٽنگ روم ۾ ويهاري، انهن جي خاطر داري ڪرڻ ۾ مشغول ٿي ويو.

پروجيش، جيڪا وڏي پينٽنگ قمر کي شاديءَ جي تحفي ۾ ڏني هئي، انهيءَ هيٺان صوفي تي ويهي سيتا ڏٺو ته ڪاميابي قمر کي ڪنهن حد تائين مختلف شخصيت بنائي ڇڏيو هو. هن جي انداز ۾ خود اعتمادي اچي ويئي هئي. شايد هو هاڻي ايترو لٻاڙي به نه رهيو هو. مهمانن سان ڳالهيون ڪندي ڪندي هن ڪڏهن ڪڏهن نظرون کڻي ڏاڍي پيار سان ماڌوريءَ کي ڏسي ورتو ٿي. ماڌوريءَ مٿس ڏاڍو چڱو اثر ڇڏيو هو. اهو ظاهر هو ته هوءَ سندس بوهيميئن دور ڪرڻ ۾ ڏاڍي مصروف هئي.

قمرالسلام چوڌري انهيءَ وقت هڪ ڪامياب نامور دولتمند انسان هو. مسرور ۽ مطمئن. ڪاميابي روح لاءِ ڪيڏي عمدي شيءِ آهي!

انهيءَ وقت هو ڏاڍي بي نيازي ۽ بيرواهيءَ سان پنهنجي برطانوي ۽ آمريڪي پبلشرز جو ذڪر ڪري رهيو هو ۽ سيتا ڏٺو ته سندس گفتگو ۾ ڪٿي به غرور يا وڏائي جي جهلڪ نه هئي. ڪاميابي انسان کي مروت به سيکاري ڇڏيندي آهي. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ هو ماسڪو وڃي رهيو هو. سندس نئين تمثيل مشرقي برلن ۾ اسٽيج ڪئي وڃڻ واري هئي. تازو هن پنهنجو پهريون ناول مڪمل ڪيو هو. انهيءَ ناول کي ڇپائڻ لاءِ کيس جلدي نه هئي ڇو ته نظمن جي مجموعي جي اشاعت سان کيس ايتري شهرت ملي ويئي هئي جو هاڻي کيس وڌيڪ شهرت جي پرواهه نه رهي هئي. ڪاميابي انسان کي مطمئن ڪري ڇڏيندي آهي.

بيل وڳو ۽ گوپال ۽ جينيفر ڪرين اندر آيا. جينيفر سيتا کي ڏسندي ئي نعرو هڻي ساڻس ڀاڪرين پئجي ويئي. ”ڊارلنگ، توکي هيترين صدين کان پوءِ ڏٺو اٿم. ڪيئن آهين؟“

”مان هاڻي مسز گوپال آهيان. ۽ تون؟“

ستيش گوپال مشڪندي سيتا کي نمستي ڪيو. سيتا ساڻس هڪ ڀيرو بلقيس وٽ ملي چڪي هئي. هو تمام خوش اخلاق ۽ يار ويس پنجابي ڇوڪرو هو. اطلاعات کاتي ۾ نوڪري ڪيائين ٿي ۽ شاعر هو.

”هندستان جي روح ۾ جهاتي پائڻ جو تنهنجو پروجيڪٽ اڃا مڪمل نه ٿيو آهي؟“ مانيءَ لاءِ جاپاني وضع جي ڊگهي چؤڪي ڀرسان ڪُشن تي ويهندي، سيتا جينيفر کان پڇيو.

”بنگال کان پوءِ پنجاب جو جائزو وٺڻ بي حد ضروري هو.“ جينيفر ڊيئر!“ سيتا چيو.

”خدا منهنجي مدد ڪندو!“ جينيفر اکيون گهمائي ڇت ڏانهن ڏسندي جواب ڏنو.

”سيتا جي!“ ستيش ساڻس مخاطب ٿيو، ”قمر صاحب زور ٻڌو آهي ته مان سندس ناول جو اڙدوءَ ۾ ترجمو ڪريان. توهان پڙهيو آهي؟“

”اڃا ته نه.“

قمر هڪدم مسودي جو فائيل ڪڍي کڻي آيو.

”نالو ته ڏاڍو سٺو آهي ’بادلن جو شهر.‘ مطلب؟“ پروجيش عنوان تي نظر وجهي چيو.

”اڙي صاحب، هيءُ نيويارڪ جي اسڪاءِ اسڪريپرز جي بادلن ۾ رهندو آهي نه! پنهنجي سمجهه ۾ ته اهو آيو آهي. جيتوڻيڪ انهيءَ کي به قمر صاحب پنهنجي پينٽنگس وانگر ناقابلِ فهم بنائڻ جي ڪوشش ته پوري ڪئي آهي.“ ستيش گوپال جواب ڏنو.

ماني کائڻ کان پوءِ قمر مسودو کڻي سيتا جي ڀرسان اچي ويٺو. ”سيتا، مان ڪنهن ڏينهن اهو ناول توکي پاڻ پڙهي ٻڌائيندس. توکي نيويارڪ اها طوفاني رات ياد آهي جڏهن تون مينهن وسندي ۽ مون وٽ آئي هئينءَ ۽ مان ڪجهه چئي نه سگهيو هوس. ياد اٿيئي نه؟ مون انهيءَ طوفاني رات جو باب پنهنجي رت سان لکيو آهي.“ هن آهستي چيو.

سيتا نفرت ڀري نظر مٿس وڌي. ’تون زندگين سان انهيءَ ڪري کيڏين ٿو، جيئن بعد ۾ انهن جي باري ۾ ڪامياب ناول لکي سگهين. توهان انٽلڪچوئل دراصل ڪيڏا وڏا فراڊ آهيو!‘ هن دل ۾ چيو.

جينيفر ڪافي ٺاهڻ ۾ ماڌوريءَ جي مدد ڪرڻ لاءِ بورچي خاني ۾ وڃي چُڪي هئي ۽ اُهي ٻئي ڪنهن ڳالهه تي خوش ٿي کلي رهيون هيون. ستيش بُڪِ ڪيس ۾ ڪتاب ڏسڻ ۾ مصروف هو ۽ قمر سان ڪا ڳالهه ڪري رهيو هو.

هڪ کن لاءِ سيتا جو مٿو چڪرائجي ويو. هي بوهيميئن انٽلڪچوئل شادين جي سلسلي ۾ هڪ قسم جي ميوزيڪل چيئرز راند کيڏي رهيا هئا ۽ ناقابل اعتبار هئا، ڇو ته کين پنهنجي زندگين تي اعتبار نه هو.

هڪدم اوچتو کيس عرفان ياد آيو ۽ انهيءَ ياد کيس بيحد دل گرفته ڪري ڇڏيو. ’هن گهڙيءَ هو نه ڄاڻان ڪٿي هوندو؟ پشاور؟ پنڊي؟ واقعي هن ٺيڪ چيو هو: ”تون مون کي غير جذباتي سمجهين ٿي پر هاڻي تنهنجي وڃڻ کان پوءِ مان مستقل هي شعر پڙهي لڙڪ وهائيندو رهندس. لڙڪ وهائڻ ته ٺهيو، نڙيءَ تاڻي رڙيون ڪري رئندس.“

”ڪهڙو شعر؟“

”عرض ٿو ڪريان:

وه ڪب ڪي آئي ڀي اور گئي ڀي، نظر مين اب تک سما رهي هين

يه چل رهي هين وه ڦر رهي هين، يه آ رهي هين وه جا رهي هين.“

 

 

(9)

پنج ڇهه مهينا گذري ويا.

هڪ ڏينهن ڪافي رات گذري ويئي هئي. بلقيس ماني کائي هٿ ڌوئڻ لاءِ غسلخاني ڏانهن وڃي رهي هئي ته فون جي گهنٽي زور زور سان وڄڻ لڳي.

”سيتا هوندي. هوءَ ئي اهڙي طرح وقت بي وقت فون ڪندي آهي.“ بلقيس ننڍي ماسيءَ کي چيو ۽ لائونج ۾ وڃي رسيور کنيائين.

سندس خيال ٺيڪ نڪتو. هيما جي گارڊن هائوس مان سيتا ڳالهائي رهي هئي: ”بلي، مان سڀاڻي صبح جو ڪولمبو وڃان پيئي.“

”ڇا چيو؟ ڪولالمپور؟ خدا جي واسطي..... ڇو ڀلا؟“

”ڪولمبو.“ سيتا جي آواز ۾ ڏاڍي ڪمزوري هئي.

”پر ڇو؟“

”مون کي هاڻي خبر پيئي آهي ته جميل اُتي يو- اين جي ڪنهن ڪم سان آيل آهي.“

”پوءِ ڇا؟“

”مان وڃي آخري ڀيرو کيس پرارٿنا ڪنديس ته راهُل مون کي ڏي.“

”اهو جهنگلي بدڪ جو پيڇو ڪرڻو ٿيو، سيتا ڊيئر. ۽ تون اُتي ڇو ٿي وڃين؟ شايد هو دهلي به اچي. ايڏو ويجهو اچي، اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته هُو هِتي نه اچي. پر هن ته اسان کي ڪولمبو اچڻ جي باري ۾ لکيو به ناهي.“

”هو اُتي فقط هفتي کن لاءِ آيل آهي ۽ پوءِ سڌو جڪارتا هليو ويندو، جتان واپس نيويارڪ. مون يو- اين انفرميشن آفيس مان سڀ ڪجهه معلوم ڪيو آهي.“

”۽ ڪولمبو ۾ تون کيس هٿ ڪندينءَ؟“

”ها، مان سڀ انتظام ڪنديس.“

”يا الله! تون ڏينهون ڏينهن پُراسرار ٿيندي ٿي وڃين. سيتا ڊيئر، اهو ڪهڙيءَ طرح؟ ڏاڍي ريسوريسفُل (Resoursful) آهين!“

”هو تو وارو مهاشيه به اڄ ڪلهه اُتي آهي. ڪنهن ڪانفرنس جي چڪر ۾ ويو آهي.“

”مون وارو مهاشيه ڪهڙو؟“

”اُهو ئي.“ هوءَ ٿورو هٻڪي، ”عرفان!“

”توکي ڪهڙي خبر؟“

”مون کي، مون کي هُن لکيو هو.“

”هون، ته تنهنجي هن سان خط و ڪتابت به آهي. تون واقعي وڏي زبردست ڊارڪ هارس آهين سيتا راڻي! جيڪڏهن خدا نه ڪري، مان ساڻس شادي ڪرڻ واري هجان ها ته هينئر ئي توسان ڊوئل (Duel) لڙان ها!!“

”جيئن ته مون کي خبر آهي ته تون ساڻس شادي نه پيئي ڪرين، انهيءَ ڪري مون سندس خطن جا جواب ڏيڻ ۾ ڪو حرج نه سمجهيو.“

”اوهه! نيور مائينڊ (Never mind)- مون چرچو پئي ڪيو. تون ڪيتري قدر بور بنبي پيئي وڃين. مون کي تنهنجو فڪر لڳو پيو آهي. چيئر اپ!“

”ته هو عرفان صاحب ڏاڍو سمجهو ماڻهو آهي. مان کيس چونديس ته جميل کي سمجهائي راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري، تنهنجي ناتي. هن مون سان پاڪستان ۾ وعدو ڪيو هو ته هو هر ممڪن مدد ڪندو. انهيءَ کان سواءِ مان ڏيڍ سال ڪم ڪندي ڪندي ٿڪجي پيئي آهيان. ٿورو سئر به ڪري وٺان.“

”ته سئر ڪرڻ لاءِ ڇا هتي جايون کُٽيون آهن.“ ڪشمير يا ڪيرالا هلي وڃ. ايڏو پري وڃي پيسا برباد ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي! ۽ وري تو اهائي بيهودي ڳالهه چئي. منهنجو ڪهڙو ناتو؟“

”منهنجو مطلب آهي ته هو توهان جو فيملي فرينڊ آهي.“

”ٻي ڳالهه اها ته جميل ٻن ٽن  جي سمجهائڻ سمجهڻ جي بدران پاڻ وڌيڪ ناراض ٿيندو. توکي سندس غصي جي ته خبر آهي. مان ڀيڻ آهيانس، مون کي خبر آهي.“

”مان سندس زال آهيان، بلقيس.“

”گڊ گاڊ! سيتا توکي عقل جي ڳالهه ٻڌائڻ بلڪل بيڪار آهي. سڌي ڳالهه نٿي ڪرين ته تو لاءِ پاڪستان وڃي عرفان سان ملڻ تقريباَ َ مشڪل آهي ۽ اسان سڀني لاءِ آڪورڊ به، انهيءَ ڪري تون فقط ساڻس ملاقات ڪرڻ ڪولمبو پيئي وڃين. تون ڪنهن کي بيوقوف بنائڻ ٿي چاهين، سيتا ڊيئر؟“

”بلقيس،“ سيتا غصي مان چيو، ”تون مون سان اهڙيون ڳالهيون ڇو ٿي ڪرين؟“

”انهيءَ لاءِ ته تون ڏينهون ڏينهن احمق ٿيندي پيئي وڃين. ماڻهو هتي تنهنجا اسڪينڊل بيان ٿا ڪن ۽ شرم اسان کي ٿو اچي.“

”گُڊ نائيٽ بلقيس!“ سيتا غصي ۾ ڏڪندي زور سان رسيور کڻي رکيو.

”ڪنهن سان وڙهي رهي هئين؟“ هيما ٻار کي لولي ڏيندي پنهنجي ڪمري مان ڏاڍي مٺي آواز ۾ پڇيو.

”توهان سڀئي گڏجي مون کي ڳڙڪائي وينديون.“ سيتا زهر ڀرئي لهجي ۾ وراڻيو ۽ بيگ کڻي تير وانگر گئلريءَ مان ٻاهر نڪري ويئي.

 

 

10

 

”واڻيءَ ۽ وناٽڪ کي منهنجو پرڻام، جن لفظن ۽ انهن جون معنائون جوڙيون آهن. والميڪ، هنومان، ڀواني ۽ شنڪر، رام ۽ سيتا کي منهنجو پرڻام!

”هري هر، جنهن جي ڪارڻ هيءَ دنيا حقيقي نظر اچي ٿي، جيئن رسيءَ کي نانگ سمجهيو ويندو آهي. هري هر، جنهن جا چرڻ ئي اهڙي ڪشتي آهن، جن جي ذريعي سنسار – جنم ۽ مرڻ جي سمنڊ- کي پار ڪري سگهجي ٿو. وشنو، جنهن جو چهرو هاٿي جهڙو آهي، جيڪو ڪَل يُگ جي بديءَ کي جلائي رک ڪري ٿو ڇڏي، مون تي پنهنجي ديا ڪر!

”کير جي سمنڊ ۾ رهندڙ ڀڳوان، جيڪو نيل ڪنول جهڙو نيرو آهي، مون تي ديا ڪر. گُرو رامانند جي قدمن جي مٽيءَ سان، جيڪا امرت آهي، مان پنهنجي ٻُڌيءَ جي اکين کي صاف ڪندس. سنتن جا ڪرم، ڪپهه جي گلن وانگر آهن، خشڪ، سفيد ۽ نرم. منهنجو گُرو، جيڪو دنيا ۾ پرياگ جو سوروپ آهي، جتان گنگا ماتا وهي ٿي، جيڪا رام جي ڀڳتي آهي، جيڪا ڌيان آهي، جيڪا سرسوتي وانگر آهي، هري ۽ هر جي ڪهاڻي تروپڻي (1) وانگر آهي. ڌرم، بڙ جو مضبوط وڻ آهي. بدنفس، هن دنيا ۾ ڪيتُو وانگر ناس ڪندڙ آهن ۽ ڪُنڀ ڪرڻ وانگر ننڊ ۾ آهن. ڀڳوان ۽ منش، دولت ۽ غربت، راجا ۽ فقير، ڪاشي ۽ مگد (2)، گنگا ۽ ڪرم ناش (3)، مارواڙ ۽ مالوا (4)، برهمڻ ۽ ڪاسائي – ويدن انهن ۾ فرق ٻڌايو آهي. مان سفيد پني تي اُهوئي لکان ٿو، جيڪو سچ آهي. ملايا کان جيڪو ڪاٺ اچي ٿو، جنهن کي ڏاڍو قيمتي سمجهيو ويندو آهي، انهيءَ کي فقط ڪاٺ ڪير ٿو سمجهي؟ شاردا (5) جون بوندون سپ ۾ پوندي ئي پورڻ ماسيءَ جي رات جو موتي بنجي وينديون آهن.

 

فٽ نوٽ

(1) الله آباد ڀرسان اهو هنڌ، جتي گنگا جمنا ۽ سرسوتي ملن ٿيون.

(2) ڪاشي نيڪي آهي ۽ مگڌ بدي.

(3) گنگا جي هڪ شاخ، جنهن جي باري ۾ عقيدو آهي ته انهيءَ کي ڇهڻ سان سڀ ڪرم ناس ٿي ويندا آهن.

(4) مارواڙ صحرا آهي ۽ مالوا سرسبز.

(5) برسات

 

”اؤڌ جي پوترنگر ۽ پور ندي سرجُوءَ کي منهنجو پرڻام! سيتا ۽ رام ايئن آهن، جيئن لفظ ۽ انهن جي معنيٰ، پاڻي ۽ ان جي موج. رگهُو پتيءَ جي ڀڳتي برسات جي موسم آهي. رام ڀڳت، سارين جا نسرندڙ سلا آهن. رام نام جا اکر، ساوڻ ۽ بڊي جا مهينا آهن. پتر پريم، اهو جهنگ آهي، جنهن ۾ رام ۽ سيتا گهمندا آهن. ذهين سوال، ڪشتيون آهن ۽ انهن جا جواب آهن ماهر ملاح. رام جا لفظ مضبوط گهاٽ آهن.

”منو مهاراج، جيڪو انساني  نسل جو پيءُ آهي، سندس پوٽو هري ڀڳت هو. منُو ۽ سندس زال راڄ – پاٺ تياڳي، تپسيا لاءِ جهنگ ڏانهن نڪري پيا. اُهي جهنگ ۾ اهڙي طرح هليا ٿي ڄڻ گيان ۽ ڌرم گڏ هجن. ’اوم نمو ڀڳوتي واسديوا‘ جو جاپ ڪندا، اُهي جڏهن گومتيءَ جي ڪناري پهتا ۽ هزارين سال تپسيا ڪيائون تڏهن ايشور کين چيو ته گهُرو  جيڪي گهرڻو هجيو. منُو چيو: اي ايشور، مون کي تو جهڙو پٽ گهرجي. ايشور وراڻيو: منهنجو ثاني ڪوبه ناهي. مان البت ايترو ڪري سگهان ٿو ته تنهنجي پُٽ جي روپ ۾ دنيا اندر جنم وٺي اچان.“

”اڙي هيما،“ امان رامايڻ جي صفحي تي آڱر رکي پنهنجي ڪمري مان سڏيو، ”اڙي، ڇا سيتا هلي ويئي؟ کيس ماني ته کارايوس.“

هيما ڪوبه جواب نه ڏنو. هوءَ بيڊروم اندران بند ڪري ٻار کي سمهارڻ ۾ مصروف هئي. سڄو گارڊن هائوس خاموش هو. شهزاد اڃا نئين دهليءَ کان واپس نه آيو هو. امان عينڪ لڳائي ٻيهر پڙهڻ شروع ڪيو:

 

”... مهاراجا ستيه ڪيتو جي پٽ جي راڄ ۾ سموري ديس ۾ کير جون نديون وهڻ لڳيون. اُهو راجا ڏاڍو نيڪ ۽ بهادر هو. هڪ ڏينهن هو ونڌياچل جي جبلن ۾ شڪار ڪرڻ ويو ۽ هڪ تمام خوبصورت جهنگلي سوئر جو پيڇو ڪندي هڪ آڊرم ۾ وڃي نڪتو، جتي هڪ راجڪمار جوڳيءَ جي ويس ۾ رهندو هو. کيس راجا جنگ جي ميدان ۾ شڪست ڏني هئي ۽ تڏهن کان هو سندس دشمن هو. راجا کيس سڃاڻي نه سگهيو ۽ نقلي جوڳي چيس: منهنجو نالو ايڪ تنو آهي. دنيا جي شروع ٿيڻ کان وٺي هڪ ئي جسم ۾ رهندو آيو آهيان، جو تپسيا سان انسان کي وڏي طاقت حاصل ٿئي ٿي. ساده لوح راجا کيس چيو ته گرُو، اهڙي ديا ڪر جو مان ۽ منهنجو راڄ پاٺ امر ٿي وڃي. انهيءَ چالاڪ سنياسي چيو ته اهو تڏهن ممڪن آهي جڏهن تون برهمڻن کي راضي ڪري پنهنجو ڪرين. برهمڻن جي سراپ سان سڀ طاقتون وس ۾ اچي وينديون آهن. تون منهنجي هٿ جو ٺاهيل کاڌو هر روز هڪ لک برهمڻن کي کاراءِ ته اُهي سڀ تنهنجي وس ۾ ٿي ويندا. جوڳيءَ جي مدد سان راجا برهمڻن جي دعوت ڪئي.، جيئن ئي برهمڻن کائڻ شروع ڪيو ته آڪاش واڻي ٿي ته خبردار، هن ڀوڄن کي هٿ نه لڳائجو. هن ۾ برهمڻن جو ماس رڌيل آهي. برهمڻن انهيءَ تي ناراض ٿي راجا کي سراپ ڏنو ته هو ايندڙ جنم ۾ راڪشس ٿي جنم وٺندو. ان وقت آڪاش واڻي ٿي ته برهمڻو! توهان سوچڻ سمجهڻ کان سواءِ سراپ ڏنو آهي. راجا بي ڏوهي آهي. پر برهمڻن جو ڏنل سراپ واپس نه ٿي ٿي سگهيو. اهڙيءَ طرح ٻئي جنم ۾ راجا، راڪشس جي روپ ۾ جنم ورتو. کيس ڏهه سِر هئا ۽ ويهه هٿ. هو بي حد بهادر ۽ جنگجو هو ۽ سندس نالو راوڻ هو. سندس وزير سندس ننڍي ڀاءُ وڀيشڻ جي روپ ۾ جنم ورتو، جيڪو وڏو وشنو ڀڳت ۽ ڏاهو هو. جڏهن راوڻ گهڻي تپسيا ڪئي، ته برهما کانئس پڇيو، ته گهُر جيڪي گهُرڻو هُجيئي. راوڻ چيس: منهنجي خواهش اها آهي ته فقط انسان يا باندر جي هٿان ماريو وڃان. برهما چيو: تنهنجي اها آرزو پوري ٿيندي.

”سمنڊ جي وچ ۾ هڪ جبل آهي،  جنهن تي برهما هڪ مضبوط قلعو ٺاهيو، جيڪو اِندر جي شهر امراوتيءَ کان وڌيڪ خوبصورت هو ۽ لنڪا چوائڻ ۾ ٿي آيو، جنهن جي چوطرف سامونڊي پاڻيءَ جي کاهي هئي ۽ ڀتيون سون جون ٺهيل هيون، جنهن ۾ هيرا جواهر جُڙيل هئا. راوڻ انهيءَ لنڪا کي پنهنجي راڄ ڌاني بنايو ۽ منجهس اطمينان سان رهڻ لڳو. عيش عشرت، دولت، اولاد، فوج، فتح، طاقت، ذهانت – سڀ سندس هئا. سندس ڀاءُ ڪُنڀڪَرڻ جيڪو تمام گهڻو کائيندو هو ۽ پيئندو هو، سال ۾ ڇهه مهينا سمهندو هو.

”پنهنجي طاقت جي نشي ۾ اچي هڪ ڏينهن راوڻ سموري ڪائنات جي خلاف جنگ جو اعلان ڪري ڇڏيو. سموري دنيا سندس محڪوم ٿي ويئي. نيڪي هن دنيا مان موڪلائي ويئي. تڏهن ايشور چيو: زمانو گذريو ته مون ڪيشيپ ۽ آوتيءَ سان، سندن هڪ آرزو پوري ڪرڻ جو واعدو ڪيو هو. هاڻي مان سورج ونسي گهراڻي ۾ جنم وٺان ٿو ۽ منهنجو نالو رام هوندو.

”آؤڌ جي شهر ۾ رگهوونسي راجا دسرٿ راڄ ڪندو هو، جيڪو ويدن جو ماهر، نيڪ، عقلمند ۽ وشنو جو پوڄاري هو.“

       

ٻاهر موٽر اچي بيٺي. شهزاد آهستي آهستي سيٽي وڄائيندو اندر آيو. پوءِ سندس قدمن جو آواز سندس بيڊ روم ۾ وڇايل غاليچي ۾ گم ٿي ويو.

امان ڪيترائي پنا اٿلائي اڳتي پڙهڻ شروع ڪيو:

 

” ... ۽ جڏهن ٻئي شهزادا اُنهيءَ خوبصورت شهرج ي ٻاهران پهتا، جتي درياء جي ڪناري ٻيا گهڻيئي راجڪمار پنهنجا تنبو هڻي ويٺا هئا، ته وشوامتر چيو: رگهو! اسان هتي ترسنداسين.

”جڏهن مٿلا جي راجا کي خبر پئي ته رشي وشوامتر جن پڌاريا آهن ته پاڻ کين ملڻ لاءِ آيو ۽ کانئن اچي پڇيائين: اي مهاراج، ٻڌايو، هي ٻئي سهڻا ڇوڪرا، جن مان هڪ سانورو ۽ ٻيو گورو آهي، ڪير آهن؟ ڇا ساکشات ايشور، جنهن کي ويدن ۾ ’هي ناهي‘ چيو ويو آهي، اوتار وٺي هن سنسار ۾ آيو آهي؟ تنهن تي وشوامتر ٻڌايو ته اهي ٻئي عاقل ۽ بهادر ڀائر رام ۽ لڪشمڻ آهن.

”۽ شهر جون عورتون، جيڪي درين جي ڄارين مان جهاتي پائي ڏسي رهيون هيون، تن هڪ ٻئي کي چيو: هو سانوري جسم ۽ ڪنول ن يڻن وارو، جنهن جي هٿ ۾ تير ڪمان آهي، ڪوشليا جو پٽ رام آهي. ۽ هو گوري رنگت  وارو، جيڪو رام جي پويان پيو وڃي، سندس وفادار ۽لاڏلو ڀاءُ ۽ سمترا جو پٽ لڪشمڻ آهي. اهي ٻئي هتي ڌنش ڀڃڻ جي مقابلي جو نظارو ڏسڻ آيا آهن.

”۽ سيتا گوري پوڄا لاءِ باغ ۾ آئي ۽ رام هن جي پازيب جي ڇمڪي تي نگاهون مٿي کنيون. سندس نگاهون سيتا جي چهري تي ائين ڄمي ويون، جيئن چنڊ چڪور کي ڏسندو آهي. ۽ لڪشمڻ چيو: ڀراتا، هيءَ جنڪ جي ڌي سيتا آهي، جنهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڌنش ڀڃڻ جو مقابلو ٿي رهيو آهي.

”وڻن جي جهڳٽي مان سيتا، رام ڏانهن نهاريو. سندس نظرون رام تي ائين ڄمي ويون جيئن چڪور سرءُ جي چنڊ کي ڏسندو آهي. هن رام کي اکين وسيلي دل ۾ داخل ڪري اکين جي ڇپرن جا طاق بند ڪري ڇڏيا.

”جڏهن رام، سيتا سان شادي ڪري ايوڌيا موٽيو...“

 

”امان،“ هيما دروازي ۾ اچي چيو، ”آنند روئڻ کان بس ئي نٿو ڪري. ٿورو اچي کيس ماٺ ڪرائينس.“

”ڇوڪري، تون مون کي چين سان ويهي پاٺ ڪرڻ نه ڏيندينءَ.“ ڪتاب هٿ ۾ کڻي بڙ بڙائيندي هوءَ ٻئي ڪمري ۾ ويئي ۽ آنند کي هنج ۾ سمهاري، ٻئي گوڏي تي ڪتاب رکي لوڏا ڏيندي سمهاريندي چيائين، ”هان، تون به ٻُڌ. رام نام ٻڌي ڏسان ته تون ڪيئن ٿو پنهنجي ماءُ کي تنگ ڪرين؟“ پوءِ هن ٻيون چؤپايون پڙهڻ شروع ڪيون:

 

” ...دسرٿ جو حَوس هڪ جهنگل مثل هو، جنهن ۾ راحت، خوش پکين وانگر اڏامندي ڦرندي هئي. انهيءَ جهنگ ۾ ڀيلياڻي شڪارڻ، ڪيڪئي پنهنجي لفظن  جا باز ڇڏڻ واري هئي. هن چيو: مهاراج، هڪ ڀيري توهان مون کي وچن ڏنو هو ته مان جيڪا به فرمائش ڪنديس، توهان پوري ڪندؤ. سورج ونسي راجا پنهنجي قول تان ڦرندا ناهن، هاڻي منهنجي هڪ آرزو پوري ڪريو: رام جي بدران منهنجي پٽ ڀرت کي راڄ گاديءَ تي وهاريو ۽ رام کي چوڏنهن سال بنواس موڪليو.“

 

ٻار زور سان پنهنجو ننڍڙو پتڪڙو هٿ هنيو ۽ ڪتاب هڪدم بند ٿي هيٺ وڃي ڪريو. امان ڪتاب کڻي وري پڙهڻ  جاري رکيو:

 

” ... رام ۽ لڪشمڻ جي وچ ۾ سيتا ائين هلي رهي هئي ڄڻ ساکشات ايشور ۽ آتما جي وچ ۾ فريب نظر. گهاٽن جهنگلن ۾ رشين جا هجوم رام سان گڏجي هليا ۽ (چتر) ڪوٽ پهچي ماليئتي نديءَ جي ڪناري رام قيام ڪيو.“

 

”امان، بشن سنگهه ٿو پڇي ته صبح جو مانيءَ ۾ ڇا ٺاهبو؟“

اوما جيجي ڊائننگ روم مان آواز ڏنو.

ٻار هاڻي سمهي چڪو هو. کيس سمهاري هوءَ بڙ بڙائيندي ٻئي ڪمري ۾ آئي. ڪجهه دير کان پوءِ واپس اچي هن جهاتي پائي ٻار تي نظر وڌي ۽ پنهنجي بيڊ روم ۾ هلي ويئي. هيما هاڻي غسل خاني مان نڪري چهري تي ڪولڊ ڪريم لڳائڻ کان پوءِ سمهڻ جي تياري ڪري رهي هئي ته کيس وري امان جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو:

”هيما، هيڏانهن اچ.“

”جي امان؟“ هن گيلريءَ ۾ اچي پڇيو. امان اکين تي هٿ رکي پلنگ تي ليٽي چڪي هئي.

”هينئر ئي سمهي ته نه پؤ امان!“ هن چيو.

”منهنجي اکين ۾ سور آهي. تون  ٿوري دير هتي ويهي مون کي رام نام ٻڌاءِ.“

”چڱو امان.“ هيما هڪ ڊگهو ساهه کنيو ۽ ڪرسي گهلي فرمانبرداريءَ سان ويٺي. ”ڪٿان پڙهان؟“

”ڪٿان به پڙهه... بن واس جو قصو پڙهه.“

”چڱو.“

 

”ڪاري گهٽا جهڙو سانورو رام گوداوريءَ جي ڪناري پهتو ته لڪشمڻ چيو: ڀراتا، مون کي گيان ۽ سنياس (بي تعلقي) ۽ مايا (فريب مجاز) جي باري ۾ ٻڌايو.“

”اڃا اڳتي هل.“

”چڱو. ’انسويا چيو...‘ اهو پڙهان؟“

 

”ها اهو پڙهه.“ امان اکيون بند ڪري آرام سان پاسو ورائيندي چيو.

 

” ...انسويا چيو: ’ٻڌ راجڪماري، ماءُ، پيءُ ۽ ڀاءُ سڀ پنهنجا سڄڻ ۽ مددگار آهن، پر کانئن محدود خوشي حاصل ٿيندي آهي. مڙس جي سنگ ۾ بي انت خوشي آهي. اُها عورت نيچ آهي، جيڪا پنهنجي مڙس جي عزت نٿي ڪري. همٿ، اصول، دوست ۽ زال- اهي چار شيون ڏکئي وقت ۾ پرکيون وينديون آهن. مڙس ڀلي پوڙهو هجي يا بيمار، احمق هجي يا بدمزاج يا سخت مصيبت ۾ مبتلا هجي – جيڪڏهن زال سندس عزت ۽ مان نه رکندي ته اُها نرڪ ۾ ويندي. ويدن ۽ پُراڻن مطابق، عورت جا چار درجا آهن. بهترين عورت اُها آهي، جيڪا سمجهي ته سندس مڙس کان سواءِ دنيا ۾ ٻيوڪوبه مرد ناهي. ٻئي درجي تي اُها عورت آهي جيڪا مڙس کان سواءِ غير مردن کي پيءُ، ڀاءُ يا پٽ سمجهي. اُها عورت سڀني ۾ نيچ آهي جيڪا فقط موقعي نه ملڻ ڪري پاڪدامن رهي.“

”اڃا اڳتي هل.“

” ... هڪ ڏينهن راوڻ جي ڀيڻ سورپنکا جيئن گوداوريءَ جي ڪناري تي آئي، تيئن کيس ٻئي راجڪمار نظر آيا. اي گرڙ، عورت، خوبصورت مرد کي ڏسي ائين ڀُري پوندي آهي، جيئن سج جي اڳيان وارياسو پٿر.“

 

”اڳتي هل.“

” ... جڏهن لڪشمڻ ڪاوڙ ۾ اچي سورپنکا جو نڪ ڪپيو...‘ اتان ٻڌايان؟“

”هون.“

” ... ته جڏهن هوءَ رُئندي راڪشسن وٽ پهتي ته اُنهن جي سردار ڌومڪيتو چوڏهن هزار راڪشسن جي فوج وٺي رام ۽ لڪشمڻ تي حملو ڪرڻ لاءِ روانو ٿيو.

انهيءَ وقت جهنگل ۾ گدڙ اونائڻ لڳا. ڀوتن، جنن ۽ بد روحن جون ک وپريون جمع ڪيائون. خونخوار ڏائڻيون انهن کوپرين جا دهل وڃائڻ لڳيون ۽ انهن جي تال تي نچڻ لڳيون. سورپنکا پنهنجي ڀاءُ کي چيو...“

 

”اڳتي هل جتي ’سيتا هرڻ‘ ٿئي ٿي.“

” ...۽ ستونتي سيتا ڏٺو ته هڪ سونهري هرڻ جهنگل ۾ ڊوڙندو پيو وڃي. ناٿ! هن چيو: انهيءَ جو شڪار ڪري کل منهنجي لاءِ آڻي ڏيو. رگهوپتي سمجهي ويو ته اهو هرڻ ڪير آهي، پر ديوتائن جو مقصد پورو ڪرڻ لاءِ هن تير ڪمان کنيو. رگهُو پتي لڪشمڻ کي چيو: ادا، جهنگل ۾ راڪشس گهمن پيا. ڌيان، عقل ۽ طاقت سان سيتا جي حفاظت ڪندو رهج. رام کي ڏسندي ئي هرڻ تکو ڀڄڻ لڳو ۽ رام سندس پٺ ورتي ۽ تمام پري نڪري ويو.

”جڏهن هرڻ رام جي تير سان زخمجي ڪريو ته هن هڪ زوردار دانهن ڪئي. دانهن جو آواز ٻڌندي ئي سيتا گهٻرائجي لڪشمڻ کي چيو: لڪشمن، تنهنجي ڀاءُ تي ڪا آفت آئي ٿي ڏسجي. جنهن جي اک جي اشاري سان ساري ڪائنات تخليق ٿي، اُهو هن وقت پاڻ خطري ۾ گهيريل آهي. هڪدم وڃ. لڪشمڻ مجبور ٿي ماٺ ڪري رام کي ڳولڻ لاءِ هليو ويو.

۽ راوڻ جوڳيءَ جي ويس ۾ سيتا جي ڪُٽيا ۾ پهتو ۽ کيس زبرستي کڻي هليو. سيتا دانهون ڪيون: رگهوراءِ... رگهوراءِ...“

 

هيما کي هاڻي ننڊ پئي آئي. هن اکيون مهٽي امان ڏانهن ڏٺو ته شايد سمهي چڪي هجي، پر هوءِ ساڳي طرح شرڌا سان اکيون ٻوٽي پير لوڏي رهي هئي. اهي چؤپايون هوءَ هزارين ڀيرا پڙهي چڪي هئي پر الائجي ڪهڙي ويڌن هيس! هن اوٻاسي ڏيئي وري پڙهڻ شروع ڪيو:

 

” ... راوڻ سيتا کي رَٿ ۾ وهاريو ۽ تيزيءَ سان اُڏامڻ لڳو. سيتا شڪاريءَ جي ڦندي ۾ ڦاٿل ڊنل هرڻي وانگر دانهون ڪندي آسمان تان گذري. جڏهن هن هيٺ هڪ ٽڪريءَ تي باندر کي ويٺل ڏٺو، ته هريءَ جو نالو وٺي پنهنجو رئو اوڏانهن اڇلايائين. راوڻ کيس پنهنجي راڄ ڌانيءَ ۾ وٺي ’اشوڪ واٽڪا‘ ۾ قيد ڪري رکيو.“

 

هوءَ وري اوٻاسي ڏيڻ لڳي ته شايد هاڻي هوءَ بس ڪرڻ لاءِ چوي.

”هاڻي ’هنومان جيءَ واريون چؤپايون‘ پڙهه.“ هن اکيون ٻوٽيل حالت ۾ اطمينان سان فرمائش ڪئي.

”او- ڪي امان.“ هيما  ٿڌو ساهه کڻي وراڻيو.

 

” ... ۽ باندرن لنڪا تائين پهچڻ لاءِ پُل ٺاهي ۽ رگهوراج انهيءَ تي بيهي سمنڊ تي نگاهه وڌي. مانگر مڇ ۽ سمنڊ جي سموري مخلوق سندس درشن لاءِ ٻاهر نڪري آئي ۽ پُل تي ايتري قدر ڀيڙ لڳي جو باندرن کي هوا ۾ اڏامڻو پيو.

باندرن ڪناري تي پهچي خوب ميوا کاڌا...“

 

”هائوس سويٽ!“ هيما کلي پيئي. ”هون.“ امان غصي سان هونگر ڏني.

 

” ... ۽ جبلن جون ڇپون ڀڃي لنڪا ڏانهن اڇلڻ لڳا.

”سامهون لنڪا هئي: سون جو شهر چؤڪ ۽ بازار ۽ گهٽيون هاٿي ۽ گهوڙا. رٿ ۽ راڪشسن جون فوجون جهنگل ۽ جهنگلي گل ڍنڍون ۽ تلاءَُ ۽ انسانن ۽ نانگن ۽ گنڌرئن جون سهڻيون ڌيئرون. هنومان انهيءَ شهر جي مضبوط قلعبنديءَ ڏسي نرسنگهه جو ڌيان ڪيو ۽ مڇر جي صورت ۾ اچي لنڪا ۾ داخل ٿيو. هڪ راڪشس، جنهن جو نالو  لنڪني هو، للڪاري چيو: ’تون منهنجي اجازت کان سواءِ هتي ڪيئن آيو آهين؟ ۽ هنومان کيس ٺؤنشو ٺڪاءُ ڪيو ۽ ...“ (1)

(1) تلسي داس جي لکيل رامايڻ مان.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org