11
بينگ بينگ بينگ. انجڻين جو گوڙ گهٽ ٿيو ۽ هوائي
جهاز آسانيءَ سان ’رتمالنا‘ ايئرپورٽ تي لٿو.
مدراس کان هيستائين، گهاٽن بادلن جي ڪري اُڏام
ڏاڍي خراب رهي هئي. هوءَ جهاز تان لهي سڌو انڊين
ايئرلائينز جي ڪائونٽر تي ويئي ۽ ڪولمبو پلان جي
آفيس ۾ فون ڪيائين.
”جي نه، هتي ته ڪو مسٽر عرفان ناهي. شايد ٻي ڪنهن
بلڊنگ ۾ هجي. ترسو خبر وٺي ڏيان ٿو. اوهان ڪلاڪ کن
کان پوءِ ٻيهر...“
سندس دل ۾ ڌڌڪو ٿيو: ’هاڻي ڇا ٿيندو؟‘
”يو-اين جي آفيس ڪٿي آهي؟“ هن ٽئڪسي واري کان
پڇيو.
ڊرائيور ٽئڪسي هڪ بلڊنگ جي اڳيان اچي بيهاري.
’انهيءَ اندر ويٺو هوندو: جميل. پنهنجي ڊيسڪ تي
پنهنجي ڪم ۾ رڌل هوندو. جيڪڏهن هو هن وقت ٻاهر
نڪري اچي ته ڇا ٿيندو؟‘ هڪدم کيس ڏاڍو ڊپ لڳو ۽
سڌو، ’مائونٽ ليونيا‘ هوٽل ڏانهن رواني ٿي ويئي.
انهيءَ ڏينهن ڏاڍي خوشگوار اُس ڦهليل هئي. رستي جي
ٻنهي طرفن کان لڳل ڳاڙهن گلن جا گهاٽا ٻوٽا، ناريل
جا وڻ سمنڊ جون لهرون – هر شيءِ جڳمڳائجي رهي هئي.
مائونٽ ليونيا جي هيٺ، ڪناري تي، انگريز ۽ آمريڪي
سن باٿ وٺي رهيا هئا. فضا ۾ ڏاڍي عجيب سُستي ڇانيل
هئي.
پنهنجي ڪمري ۾ پهچي ڪجهه دير کان پوءِ هن دري
کولي. سامهون سمنڊ ڇوليون هڻي رهيو هو.
ڪاريون سنهالي آيائون، ڪن انگريز ٻارن کي واريءَ
تي کيڏائڻ ۾ مصروف هيون. هڪ سنهالي عورت وارن ۾
گُل هڻي، مونگيءَ جا هار وڪڻندڙ دريءَ هيٺان
لنگهي. ”بيڊس ميڊم؟ ويري نائيس بيڊز.“ (Beads
madam? Very nice beads.)
هن مٿي نهاري چيو.
هن دري بند ڪري ڇڏي ۽ ڊريسنگ ٽيبل جي سامهون اچي
ويٺي. ’هاڻي ڇا ٿيندو؟‘
ڪلاڪ کان پوءِ دروازي تي کڙڪو ٿيو ۽ اڇي سرونگ ۾
ملبوس بيري اندر اچي هڪ ڪارڊ پيش ڪيو: ’عرفان احمد
ڪاظمي.‘
”اوهه! ٿينڪ يو!“ پوڙهي سنهالي بيرو ڏاڍي شفقت سان
مشڪيو. هوءَ جلدي جلدي وار سنواري هيٺ هلي ويئي.
عرفان ٽيرس تي رنگين ڇٽيءَ هيٺ ويهي ڪنهن سنهاليءَ
سان ڳالهائي رهيو هو. کيس ڏسي هو ڪرسيءَ تان
اُٿيو.
”مسٽر رتن سنگهه جي – سوريه!... مسز ڊاڪٽر
ميرچنداڻي!“ هن سنهاليءَ سان سندس تعارف ڪرايو.
”مسٽر جي- سوريه هتان جي هڪ وڏي اهم سنهالي اخبار
جو ايڊيٽر ۽ منهنجو پراڻو دوست آهي.“
سيتا مشڪي هٿ جوڙيا. ٽيئي ويهي رهيا. سيتا ٿوري بي
چئنيءَ سان چوطرف نظر ڊوڙائي. پڪي عمر جو مسٽر
جي-سوريه کيس ڏاڍي دلچسپيءَ سان ڏسي رهيو هو.
عرفان سان ڳالهائڻ کانپوءِ، هُن سيتا کي رات جي
مانيءَ جي ڪوٺ ڏني ۽ اجازت وٺي اُتان هليو ويو.
عرفان پاسو بدلائي سگريٽ دکايو.
”ته تون اچي وئينءَ!“
”جي ها.“
هيترن ڏينهن کان پوءِ اها وڏي اَن سيريمونيئس (Unceremonious)
ملاقات هئي.
”تو اهو لکيو ئي نه ته اوچتو هتي ڇو نازل ٿي رهي
آهين. مون سمجهيو ته تون به ڪنهن سرڪاري ڪم سان
اچڻي آهين. ڪولمبو انٽرنيشنل ڪانفرنسن جو شهر
آهي.“
”خط ۾ سڄو داستان ڪهڙو ويهي لکان! توهان کي ته
چڱيءَ طرح خبر آهي.“
”سچ ته اهو آهي ته هاڻي مان سوچيان ٿو ته مون کي
تنهنجي باري ۾ ڪا به خبر ناهي.“
سندس دل ٻڏڻ لڳي. ٻيءَ کن ۾ هن پاڻ سنڀالي پڇيو:
”توهان کي ڪيئن خبر پيئي ته مان هتي آهيان؟“
”مان به هتي ترسيل آهيان. تو اهو به نه لکيو هو ته
ڪهڙي ڏينهن پهچين پيئي. بهرحال، توکي ڳولڻ ۾ وڌيڪ
دقت نه ٿي.“
”جميل سان ملاقات ٿي؟“
”جميل هتي ئي آهي؟ تون هن سان ملڻ آئي آهين؟ وڏي
بلئڪ هارس (Black
horse)
آهين!“ هن ايش- ٽري ۾ سگريٽ وسائيندي چيو. ان مهل
هو ڏاڍو مايوس نظر آيو.
”توهان جو خيال هو ته مان ايترو پري کان هلي فقط
توهان جو درشن ڪرڻ آئي آهيان؟“
”يو هيوَ هوپس. (You
have hopes)“
هن کِلي جواب ڏنو.
هڪدم ماحول جي ڇڪتاڻ دُور ٿي ويئي. هو به خوب
کليو: ”ها ها ها.“
”توهان هُن سان ملو. هاڻي هڪدم يو-اين وارن کان
خبر وٺو ته هو ڪٿي ترسيل آهي.“
”ڪهڙي خبر ته هو به هتي هجي!“
هن جو رنگ اڇو ٿي ويو. پوءِ هن جلدي جلدي چوڻ شروع
ڪيو: ”توهان هن سان راهُل جي باري ۾ ڳالهايو ۽ کيس
چئوس ته هڪ ڀيرو مون سان ملي، فقط هڪ ڀيرو.“
هو پنهنجي گهٻراهٽ لڪائڻ لاءِ ڪجهه کنن تائين ڪوٽ
جي کيسن ۾ سگريٽ ڪيس ڳولڻ کان پوءِ چوڻ لڳو: ”مان
ساڻس اڄ تائين نه مليو آهيان، سيتا! منهنجي ساڻس
ايتري بي تڪلفي ڪيئن ٿي ٿي سگهي، جو ساڻس ملنديئي
سندس ذاتي معاملي ۾ اهڙيءَ طرح وڃي ٽنگ اڙايان.“
”پر توهان چيو هو...“
”ها ها، بلڪل ٺيڪ آهي. مان ضرور ساڻس ملندس. هاڻي
ڪا تجويز سوچيون ٿا. تون ايستائين رليڪس (Relax)
ته ڪر. هان سگريٽ وٺ.“
”مان ڪيئن ٿي رليڪس ڪري سگهان؟“
”اهو به ٺيڪ آهي.“ هو وري منهن لاهي خاموش ٿي ويو.
سامهون بي حد خوبصورت ’ڊچ برگر‘ ڇوڪرين جي هڪ ٽولي
لنگهي. منجهن هڪ ڇوڪري نيري فراڪ ۽ نيري پڪچر هئٽ
۽ سفيد دستانن ۾ بلڪل گنيز برو جي پينٽنگ ٿي لڳي.
هندستاني ساڙهين ۾ ملبوس سنهالي ۽ تامل عورتون،
قيمتي سوٽن ۾ ملبوس ڪارا مرد، گنڀير شڪلين وارا
انگريز، بي فڪرا آمريڪي هيڏانهن هوڏانهن گهُمي ڦري
رهيا هئا. ٽيرس کان هيٺ سمنڊ گجگوڙ ڪري رهيو هو.
”شام جو ڇا ڪري رهي آهين؟“
”ڪجهه نه.“
”جي-سوريه جي پارٽيءَ ۾ هل – گال مينس.“
”مان هِتي سوشل ملاقاتن لاءِ نه آئي آهيان.“
”تڏهن ڇا جهنگل ۾ ويهي تپسيا ڪندينءَ؟“
”هيءُ ماڻهو به عجيب بوگس هو. هاڻي ڇا ٿيندو؟
’هاڻي ڇا ٿيندو؟‘
هوءَ اُٿي بيٺي.
”هاڻي ڪٿي جو ارادو آهي؟“
”جهنم جو.“
”اڙي ڙي ڙي. خطا ٿي وئينءَ ايڏو جلدي؟“
’هاڻي ڇا هو به جميل جو شينهن ۽ ٻليءَ جي پونگڙي
وارو جملو ورجائڻ وارو هو؟
”او ماءِ گاڊ!“
هوءَ ريلنگ تي جهڪي ڪناري ڏانهن ڏسڻ لڳي. ”توهان
هتان ڪڏهن واپس ويندا؟“ هن ڪجهه کن رکي موضوع
بدلايو.
”ڏهه پندرهن ڏينهن ٻيا لڳندا.“
”واپس لاهور؟“
”نه منهنجي ٽرانسفر پئرس ٿي آهي. ڪراچي پهچڻ کان
پوءِ ايندڙ مهيني پئرس روانو ٿي ويندس.“
”هائو ونڊرفل! لڪي يو.“ (How
wonderful! Lucky you.)
”پئرس وڃڻ ڪا خاص ’ونڊرفل‘ ڳالهه ته ناهي ۽ ’لڪي‘
ته مان زندگيءَ ۾ اڄ تائين ڪنهن سلسلي ۾ رهيو ئي
ناهيان.“
”اُتي ڪيترو عرصو رهندا؟“
”خبر ناهي. في الحال ته ٻن سالن لاءِ وڃڻو آهي.
چڱو، جيڪڏهن تون ڊنر تي نٿي هلين ته مون کي اجازت
ڏي. مون کي به ٿورو ڪانفرنس جي ڪن ماڻهن سان ملڻو
آهي. مان جيترو جلدي ٿي سگهيو، تنهنجي پتي ديو کي
جهلڻ جو جتن ڪريان ٿو ۽ پوءِ کيس ڪلٽيويٽ (Cultivate)
ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس، تُنهنجي خاطر.“
”ماڻهن کي ڪلٽيويٽ ڪرڻ ته توهان کي خوب اچي ٿو.
ڪوشش جي ڪهڙي ضرورت آهي.“ سيتا ٿوري تلخيءَ سان
جواب ڏنو.
هو کليو. “چڱو، هاڻي خفا نه ٿيءُ. چيئر اپ. سڀاڻي
سويرئي ڪانفرنس جو اجلاس آهي. جيڪڏهن موقعو مليو
ته فون ڪندس. تون بريڪفاسٽ لاءِ هيٺ ايندينءَ؟“
”جي نه.“
”چڱو ته مان ڪانفرنس وڃڻ کان اڳ فون ڪندس. گُڊ
نائيٽ.“
”گُڊ نائيٽ.“
هو ڊگها ڊگها قدم کڻندو ٽيرس تان ٻاهر هليو ويو.
هوءَ ريلنگ تي مٿو رکي سمنڊ کي ڏسندي رهي، جتي سج
لهي رهيو هو ۽ ڪناري تي بڪني پاتل انگريز عورت ٽهڪ
ڏيندي اڳيان ڊوڙندي پئي ويئي ۽ هڪ ٿلهو انگريز
ساهه ۾ ڀرجي واريءَ تي هُن جي پٺيان ڊوڙندو پئي
ويو.
ٻئي ڏينهن هوءَ شهر جو چڪر هڻي ٽپهريءَ جو موٽي
رسيپشن ڪائونٽر تي سندس نالي عرفان جو خط رکيو هو:
”مون کي هن نمبر تي ٽيليفون ڪر، بيحد ضروري ڳالهه
آهي.“
هن پنهنجي ڪمري ۾ وڃي ڌڙڪندڙ دل سان فون ڪئي.
عرفان پنهنجي ڪمري مان ڳالهائي رهيو هو؛ ”سيتا ٻڌ،
گهٻرائج نه. ڪلهه رات هڪ وڏو قصو ٿي پيو. جي
–سوريه جي ڊنر ۾ جميل صاحب به آيل هو. گهڻي دير
تائين ساڻس تعارف ٿي نه سگهيو. هو پريان هڪ ڪنڊ ۾
ويهي شراب پيئڻ ۾ مصروف هو. انهيءَ کان پوءِ
پارٽيءَ ۾ شامل ٿيو، پر ڪنهن سان به هڪ لفظ به نه
ڳالهايائين. جي-سوريه مون کي ٻڌايو ته هو ڪالهه
کان بي حد ڊپريسيڊ آهي، ڇو ته کيس خبر ملي آهي ته
سندس زال هڪ پاڪستانيءَ سان ڀڄي آئي آهي ۽ مائونٽ
ليونيا ۾ ترسيل آهي.
سيتا، هن جي ڪاوڙ ۽ رنج حق تي آهي، اها حقيقت
آهي.“
”جي؟“
”اها حقيقت آهي ته تون مائونٽ ليونيا ۾ ترسيل
آهين! ها ها ها، چڱو. هاڻي ڀلا اها سڌ پوڻ کان
پوءِ مان ساڻس ڇا ٿي ڳالهائي سگهيس. مان ته ڊنر
ختم ٿيڻ کان اڳ ئي ڪن لڪائي ڀڄي آيس.“
”توهان ايترو ڊڄڻا نڪتا!“
هو وري کليو. ”اڙي مان ته چرچو پيو ڪريان. هاڻي
هڪدم ڪو ’آغا حشر‘ جو ڊرامو ته ٿئي نه پيو جو مان
سندس سامهون وڃي ڊائلاگ چوڻ شروع ڪريان. هڪ ٻن
ڏينهن ۾ موقعو مهل ڏسي ساڻس ڳالهائيندس. ماڻهو
ڪافي ڏکيو ٿو ڏسجي. پنهنجي ٻين خاندان وارن کان
بلڪل مختلف آهي. ڪلهه شام ٽيرس تي مون کي توسان
ڳالهيون ڪندي ڏسي ڊنر تي ڪافي ماڻهن مون کان پڇيو
ته اها ڪير پريزاد هئي، جنهن سان تون چانهه پي
رهيو هئين، وغيره. توکي خبر آهي ته گوسپ جي عادت
انساني فطرت ۾ داخل آهي،جنهن کي بدلائي نٿو سگهجي.
هاڻي ڪانفرنس ۾ وڃان ٿو. شام جو جيڪڏهن چئين ته
تنهنجي ڪمري تي اچي پوري رپورٽ ڏيان. هيٺ پبلڪ ۾
تو سان ملڻ ٿورو ٺيڪ ناهي.“
”جي نه. رات جو ڏهين وڳي کان پوءِ فون ڪجو.“
”چڱو.“
رات جو سندس فون نه آئي. ٽئين ڏينهن هوءَ ڏاڪڻ لهي
باغ ۾ وڃي رهي هئي ته هال کان ايندي هو کيس ملي
ويو. ”سيتا، مون کي معاف ڪج.“ هن جلدي جلدي چيو،
”مان رات وري تمام دير سان موٽيو هوس. ٻڌ، هيڏانهن
اچ. مان اڄ لنچ تي جميل صاحب سان ملاقات ڪري رهيو
آهيان.“ اُهي هڪ گل مهر جي هيٺيان بيهي رهيا. ”ٻڌ،
هتي هڪ جاءِ ’سان مشيل‘ (San
Machael)
آهي. اهو هڪ ڍنڍ جي اندر ٻيٽ آهي، جتي هڪ ريسٽورنٽ
آهي. مان شام جو اُتي ايندس ۽ تون به اُتي پهچج.
ساري رپورٽ اُتي ٻڌائيندس.“
”اُتي ڪو هندستاني پاڪستاني ته نه هوندو؟“ هن ٿورو
ڊڄندي چيو.
”منهنجي خيال ۾ ته ڪو هندستاني پاڪستاني ايترو پري
نه ويندو. شام جو وقت گهڻو ڪري ماڻهو شهر جي نائيٽ
ڪلبن ۾ گذارڻ وڌيڪ پسند ڪندا آهن، چڱو، تون ڇهين
وڳي اُتي ضرور پهچج.“
”اڪيلي؟“
”اڙي ساري دنيا گهمي چڪي آهين ۽ اتي اڪيلي نٿي
پهچي سگهين. حد آهي!“
”چڱو چڱو.“ سيتا جلديءَ ۾ جواب ڏنو. هو تيزيءَ سان
باغ جي ٻارين جي ڪنارن تان لنگهندو هيٺاهين ڏانهن
لهي ويو.
ٽيڪسي ڪولمبو جي پسگردائيءَ مان نڪري سڌي رستي تي
رواني ٿي ويئي، جنهن جي ٻنهي پاسن کان ڊگهن وڻن جا
گهاٽا جهڳٽا هئا ۽ جهنگل جي اندر ور وڪڙ کائيندڙ
رستن تان لنگهندي ڍنڍ جي ڪناري تي وڃي بيٺي. وڻن
جي هيٺيان ٻه ٽي موٽرون هيون. هوءَ لهي ڪاٺ جي بوٽ
هائوس ۾ ويئي. کيس ڏسي موٽر بوٽ واري، موٽر بوٽ
ڏاڪڻ سان لڳائي ڇڏي. ڪکائين ڇت جي انهيءَ سنسان
بوٽ هائوس ۾ ٻرندڙ سُرخ روشني ڏاڍي پراسرار ٿي
لڳي. ايتري ۾ ٻه چار ٻيا ماڻهو به اچي ويا ۽ سڀئي
وڃي موٽربوٽ ۾ ويٺا. اُهي تامل مرد ۽ عورتون هئا ۽
سڀ ماٺ ڪري ويٺا هئا. بوٽ گهڙ گهڙ ڪندي پاڻيِءَ
تي هلڻ شروع ڪيو. ڍنڍ ۾ مڪمل خاموشي هئي. پري
ڪنارن تي ناريل ۽ چندن جي جهرمر لڳل هئي. آسمان جو
رنگ ڳاڙهو ٿي ويو هو. ڍنڍ جي وچ ۾ ’سان مشيل‘ جي
چوٽيءَ تي روشني ٿي رهي هئي. ڪجهه دير کان پوءِ
بوٽ گهاٽ سان وڃي لڳي. هوءَ ڪاٺ جي ڊگهي ڪوريڊار
مان لنگهي ريسٽورنٽ ڏانهن ويئي. ٻارين جي ڪنارن
مٿان کير جهڙيون جاپاني قنديلون ٻري رهيون هيون.
اندر ريسٽورنٽ ۾ ڪجهه سنهالي ڪيٿولڪ ڇوڪريون ۽
ڇوڪرا نچي رهيا هئا. ورانڊن ۾ ايڪڙ ٻيڪڙ ماڻهو
بيٺا هئا. ڏاڍو اُداس ۽ ڊپريسنگ ماحول هو.
آرڪيسٽرا ’انيتا برانيٽ‘ جو اداس گيت وڄائي رهيو
هو ۽ هڪ ڊچ برگر ڇوڪري مائڪرو فون جي اڳيان ڳائي
رهي هئي:
“O come along with me
To my little corner of the world
And dream a little drem
In my little corner of the world.”
هن چؤطرف ڏٺو. عرفان ڪٿي به نه هو. هوءَ ڏاڪڻ لهي
ٻيٽ جي ٻئي ڪناري ڏانهن ويئي، جتي هڪ ڪاٺ جو
پويلين، جيڪو ڍنڍ جي بلڪل وچ ۾ ڪاٺ جي ٿنڀن تي
بيٺل هو، هڪ ننڍي پل جي وسيلي ٻيٽ سان ڳنڍيل هو.
هوءَ انهي پويلين ۾ داخل ٿي. اهو به سنسان پيو هو.
ڇيڙي تي ڪو سنهالي جوڙو ريلنگ تي ٽڪيل پاڻيءَ جي
لهرن کي ڏسي رهيو هو. هاڻي سج لهي چڪو هو. ڍنڍ جو
پاڻي ڪرمچي ٿي ويو هو. ڪجهه کنن لاءِ پوءِ اها
سُرخي، رات جي ڪاراڻ ۾ بدلجي ويئي.
”سيتا!“
هُن مُڙي ڏٺو.
عرفان ڪنڊ واري ميز تان اُٿي آيو. ”تو ڏٺو ڪونه ته
مان هن طرف ويٺو هوس.“
اُهي ريلنگ جي ڀرسان رکيل ڪرسين تي ويهي رهيا.
سيتا جهُڪي لهرن کي ڏسڻ لڳي. ”ڪيڏي خوبصورت جاءِ
آهي هيءَ!“
”ها. ها، خوبصورت ته آهي پر هڪ ڪم جي ڳالهه ٻڌ.“
”ٻڌاءِ.“ سيتا نظرون کڻي کيس ڏٺو. هو ڏاڍو بزنس
لائيڪ نظر اچڻ جي ڪوشش ۾ مصروف هو. پرين اچ گهر ۾
ڇوڪريءَ جو آواز لائوڊ اسپيڪر تي گونجي رهيو هو:
“You will soon forget that there is any other
place
And if you care to stay in may little corner of
the world
Then we can hide away in my little corner of the
world.”
”ڪالهه کان اڄ تائين ڏاڍا واقعا ٿيا.“ عرفان سگريٽ
دکائي جلدي جلدي چوڻ شروع ڪيو، ”هڪ ته ڳالهه ڪافي
پکڙجي ويئي آهي ته تون هتي آيل آهين ۽ عجيب ڳالهه
آهي نه، ته تون ۽ تنهنجو صاحب بهادر، ٻئي هن شهر ۾
موجود آهيو. ۽ ماڻهو خبر ناهي ڇو مون کي ’رقيبِ
روسياهه، سمجهڻ لڳا آهن. اهو ته چڱو هنگامو ٿيو.
تو پهريائين انهيءَ باري ۾ ڇو نه سوچيو؟ هاڻي
ڪانفرنس کان پوءِ شام جي محفلن ۾ ماڻهن کي اها
بيحد عمدي گوسپ هٿ اچي ويئي آهي ۽ انڊو- پاڪستان
جي جهيڙن جي پيش نظر اها صورت حال پاڻ وڌيڪ
تشويشناڪ آهي. ڪن ماڻهن کي ته اها خاطري آهي ته
مان جميل جي بيبيءَ کي ڀڄائي کڻي آيو آهيان ۽ کيس
مائونٽ ليونيا ۾ لڪائي رکيو اٿم. اڄ هڪ شخص چيو ته
ڇو، پريشان ڇو ٿو ٿين؟ ٻئي جي زال اغوا ڪرڻ ماسيءَ
جو گهر ناهي.“
سيتا ٿورو ڏڪي ويئي. ”هاڻي ڇا ٿيندو؟“
هو کليو. ”ٿيندو ڇا؟ انڊو- پاڪستان تعلقات وڌيڪ
خراب ٿيندا. ٿي سگهي ٿو ته ڪو ڪرائسس (Crisis)
به ٿئي، جنهن تي اسان جي پرڏيهي وزير جو بيان به
ڇپجي ۽ توهان وٽ لوڪ سڀا ۾ سوال ڪيا وڃن. اخبارن ۾
ڌڙا ڌڙ خبرون ڇپبيون. ڏسندي وڃ. اڀي تو ابتدائي
عشق هي...!“
”توهان ته ڪنهن به وقت مذاق ڪرڻ کان نٿا مڙو، پر
مون کي ٻڌايو ته مان ڇا ڪريان؟“
”مان پڇان ٿو ته تون هتي ڇو آئينءَ؟ جيڪڏهن جميل
سان ملڻو هو ته امريڪا هلي وڃين ها.“
”امريڪا هلي وڃان ها ۽ اوڏانهن وڃڻ جو ڀاڙو توهان
ڏيو ها.“
هن ڪاوڙ مان چيو.
”اڄ لنچ تي جميل صاحب سان ملاقات نه ٿي سگهي. هو
آيو ئي ڪونه، تنهنڪري ٽپهريءَ جو مٿي تي ڪفن ٻڌي،
جي-سوريه سان گڏجي گال مينس ويس، جتي موصوف قيام
پذير آهي. پاڻ پنهنجي ڪمري ۾ قلعه بند ٿي هميشه
وانگر شراب پيئڻ ۾ لڳو پيو هو. مون جي-سوريه کي
اندر موڪلي چورايو ته مان انهيءَ ساري قصي جي
چٽائي ڪري سندس اها خوفناڪ غلط فهمي دور ڪرڻ
چاهيان ٿو. جي-سوريه اهو جواب کڻي آيو ته عرفان
صاحب کي چئي ڇڏ ته قمرالسلام چوڌريءَ کي جهڙي مار
نيويارڪ ۾ ڪڍي هئم، اُها هو اٺ ڏينهن تائين وساري
نه سگهيو هوندو. تنهنڪري جيڪڏهن پنهنجو ساهه پيارو
اٿيئي ته منهنجي سامهون نه اچج.“
پويلين ۾ هوا جي ٿڌي لهر داخل ٿي ۽ سيتا جا وار
اُڏرڻ لڳا. هن ڪارا وار سميٽي مٿو ڍڪيو.
”توکي خبر آهي،“ هو آهستي آهستي چوڻ لڳو، ”تون
پنهنجون ٻيڙيون ساڙي چڪي آهين. قمر جو قصو جيڪو هو
سو ٿيو. جميل کي پروجيش چوڌريءَ جون خبرون به پهچي
چڪيون آهن.“
سندس رنگ سفيد ٿي ويو.
”توهان کي ڪنهن ٻڌايو؟“
”مون کي سمورو وقت تنهنجو خيال رهندو آهي ۽ تون دل
۾ نه ڪج، ڇو ته تون ائڊلٽ (Adult)
بڻجڻ جي ڪوشش ڏاڍي ٿي ڪرين، پر آهين ڪانه. توکي
اها به چڱي طرح سُڌ آهي ته مان تو ۾ ڪافي دلچسپي
ٿو وٺان. شايد تون انهيءَ جو علاج نٿي ڪري سگهين
ته ماڻهو تو ۾ هٻڪي دلچسپي وٺن. اها ٻي ڳالهه آهي
ته پنهنجي حد تائين تون انهن جي دل ٽوڙڻ نٿي
چاهين.“
”اوهان هن وقت ايتري قدر ذليل ۽ ڪميڻي ڳالهه چئي
آهي جو مان انهيءَ جو جواب ڏيڻ نٿي چاهيان. مان
توهان کي پنهنجو دوست سمجهي ڪولمبو آئي هيس.“
”دوست! دوست ڪهڙي بلا آهي؟ ڊيم.“
شام جو گهري سناٽي ۾ ٻيٽ جي طرف کان اندڙ سنگيت
هاڻي تمام صاف ٻڌڻ ۾ پئي آيو. ناچ گهر اندر ڇوڪري
اهو ئي گيت ڳائي رهي هئي:
“I always knew I’d fine some on like you
So welcome to my little corner of the world.”
هو هڪم اُٿي بيٺو. ”هاڻي ڪافي رات ٿي ويئي آهي.
ڪولمبو واپس وڃ. تون اڳ ۾ پهرين بوٽ ۾ ڪناري ڏانهن
واپس هلي وڃ. مان پوءِ هليو ايندس. ڪهڙي خبر واقعي
ريسٽورنٽ ۾ ڪو مون کي يا توکي سڃاڻي وٺي.، رات پوڻ
سان هتي ماڻهو وڌيڪ جمع ٿيندا آهن. گُڊ نائيٽ.“
هو کيس پويلين جي پل تائين ڇڏڻ به نه آيو. هوءَ
ٻاريءَ جي ڪناري تي آئي. گهاٽ ڏانهن وڃڻ لاءِ ناچ
گهر جي رستي تان لنگهي ته ريسٽورنٽ جو سنهالي
مئنيجر ڊي-جي پائي، جيڪو بلڪل پينگوئن پئي لڳو،
سامهون اچي چيو، ”مس! توهان جلدي واپس پيا وڃو.
ڊنر لاءِ نه ترسندؤ؟“ ڀرسان لنگهندڙ ٻن تامل عورتن
کيس غور سان ڏٺو. هوءَ تکا تکا قدم کڻندي ڪوريڊار
تائين پهتي. ڪوريڊار جي ڇيڙي تي هڪ ٻيو سنهالي
جوڙو ريلنگ تي جهڪيو بيٺو هو. رات جي آسمان جي
وسعت ۽ سناٽي جي مقابلي ۾ سندن مٿان هڪ سُرخ ۽ سبز
جاپاني قنديل ٻري رهي هئي. چؤطرف بي انت هيڪلائي
هئي.
گهاٽ تان لهي هوءَ موٽر بوٽ ۾ ويٺي. اندر روسي
سفارت خاني جا ڪجهه مرد ۽ عورتون ويٺا هئا. انهيءَ
جاءِ جو اهڙو جادو هو جو شايد ڳالهه ڪندي به ڊپ ٿي
ٿيو ته اهو جادو ٽٽي نه پوي.
ٻئي ڏينهن عرفان کيس لائونج ۾ مليو. ”مون اڄ جميل
صاحب سان ملڻ جي ڪوشش ڪئي پر هو ملاقات لاءِ تيار
ناهي. لاحول ولا قوة، تو مون کي ڪهڙي مصيبت ۾
ڦاسائي ڇڏيو.“
”مون کي افسوس آهي ته مون توکي مصيبت ۾ ڦاسايو
آهي. منهنجو خيال آهي ته اسان ٽيئي ڪلچرڊ ماڻهو
آهيون ۽ انهيءَ سطح تي اهو خالص هيومن معاملو،
منهنجي صلاح مشوري سان نبيرجي سگهندو.“
”تو وري اجايو سجايو چوڻ شروع ڪيو!“ عرفان چڙي
چيو. ”مان ايندڙ ڇهن ڏينهن تائين ڪانفرنس جي ڪم ۾
بي حد مصروف رهندس. تون هتي ايترو وقت بيڪار ڪيئن
ڪاٽيندينءَ. بهتر اهو آهي ته اسڪينڊل جو زور
گهٽائڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ هفتي کن لاءِ ڪينڊي وغيره
هلي وڃ. ايندڙ اڱاري کان مان واندو آهيان. انهيءَ
کان پوءِ اسان ويهي سوچي سگهنداسين.“
”پر جميل؟“
”انهيءَ جو فڪر نه ڪر. هو به اڃا هفتو ڏهه ڏينهن
کن ترسندو. پر تون هاڻي خدا جي واسطي هتان رفو چڪر
ٿي. ڪنهن امريڪي ٽورسٽ پوڙهيءَ کي پاڻ سان گڏ کڻ.
هوٽل اهڙين پوڙهين سان ڀريا پيا آهن. ڪمپني به
رهندي ۽ تون دل کولي هن جي جنرل ناليج ۾ و اڌارو
ڪندي رهج.“
”چڱو.“ هن هڪ ڀيرو وري فرمانبرداريءَ سان وراڻيو.
”مان آمريڪن ايڪسپريس وارن سان ڳالهائي تو لاءِ
تمام فرسٽ ڪلاس ٽُور جو انتظام ڪرائي ٿو ڏيان.“ هن
ڪائونٽر تي وڃي ٽيليفون جو رسيور کنيو. |