ڇهه مهينا ٻيا لنگهي ويا. سيتا پروجيش سان گڏ
’اسپرنگ فيسٽيول‘(Spring
festival)
لاءِ سرينگر ويل هئي. اُتان موٽي هوءَ ساڻس گڏجي
ڪلڪتي هلي ويئي. نيٺ ڊسمبر ۾ پروجيش جي جاپان وڃڻ
کان پوءِ هوءَ دهلي واپس آئي. اچڻ سان سندس ماءُ
کيس ٻه لفافا ڏنا. هڪ تي روم جي مهر لڳل هئي. تمام
مختصر خط هو:
”تازه ترين خبرون جيڪي تنهنجي باري ۾ ٻڌيون اٿم،
صحيح آهن؟
- عرفان.“
ٻيو ڊگهو لفافو نيويارڪ مان آيو هو. سندس دل
تيزيءَ سان ڌڙڪڻ لڳي. جميل جو خط .... جميل جي هٿ
سان لکيل سندس نالو .... سندس هٿ ڏڪڻ لڳا. شام ٿي
رهي هئي. دريءَ تي وڃي هن پڙهڻ شروع ڪيو .... اهو
خط به تمام مختصر هو:
”راهُل بلڪل ٺيڪ آهي. مان توکي طلاق ڏيان ٿو. تون
هاڻي آزاد آهين ۽ جنهن سان چاهين، شادي ڪري سگهين
ٿي. راهُل کي مان ايندڙ سال دهلي جامعه مليه
موڪليندس، جيئن هو پنهنجي ملڪ ۾ رهي ۽ هندستاني
ٿئي، هتي بلڪل امريڪن ٿي ويو اهي. هو دهليءَ ۾ اچي
ته تون فرخنده وٽ وڃي ساڻس ملي به سگهين ٿي. مون
کي ڪو اعتراض ناهي.
فقط جميل“
کيس ڏاڍي ڪمزوري محسوس ٿي رهي هئي. هوءَ اُتيئي
دريءَ وٽ فراسيءَ تي ويهي رهي ۽ ديوار جي سهاري
ويهي هنومان جي تصوير ڏسڻ لڳي. جيڪو هٿ جي تريءَ
تي جبل کنيو اُڏامندو پئي ويو.
ٻئي ڏينهن هن عرفان کي ايترو مختصر جواب لکيو:
”مان پنهنجي ڀاءُ جو انتظار پيئي ڪريان.
هو جيئن ئي هتي ايندو تيئن ئي ممي ۽ ليلا ۽
موهنيءَ کي ساڻس درگاپور موڪلي، هڪدم تو وٽ
پهچنديس. منهنجو انتظار ڪر. مان توکي .... ۽ فقط
توکي پيار ڪريان ٿي ۽ انت سمي تائين اهڙيءَ طرح
پيار ڪندي رهنديس.“
’وقت نڪرندو پيو وڃي. وقت ڊوڙندو پيو وڃي. هاڻي
مون کي دير ڪرڻ نه گهرجي.‘ هن لفافو بند ڪندي
پنهنجو پاڻ کي چيو.
پر هاڻي وقت جي ڪهڙي پرواهه آهي! هن ٻيهر پاڻ کي
ياد ڏياريو .... هاڻي هوءَ تمام جلدي مسز عرفان
بنجي ويندي. هوءَ هاڻي قانوني طور تي آزاد آهي.
هوءَ عرفان سان شادي ڪندي، جيڪو انٽيلڪچوئل يا
بوهيمين ناهي .... بيحد سمجهدار سڌو سادو سالڊ (Solid)
ماڻهو آهي .... پوءِ هوءَ پاڪستان هلي ويندي ۽
پاڪستاني شهري جي حيثيت سان پنهنجي شهر ڪراچي واپس
هلي ويندي، جيڪو هاڻي سندس ناهي پر پوءِ ٿي ويندو
.... شايد .... پوءِ هوءَ انهن سڀني جاين تي ٻيهر
ويندي .... حيدرآباد .... ساڌ ٻيلو .... سکر ....
ملتان .... پنج ند جو اهو ڊاڪ بنگلو جتي رات جي
راڻي مهڪي هئي.
جميل ۽ قمر ٻنهي سندس روح کي مالا مال ڪرڻ بدران
اٽلندو سندس روح کي گهايل ڪيو هو. پروجيش پنهنجي
عظمت ۾ ايڏو گم ٿيل هو، هو سندس روح کي ڇهيائين به
نه .... پر عرفان .... عرفان.
سيتا ميرچنداڻي .... سيتا جميل .... سيتا عرفان
.... ۽ هاڻي تمام جلدي سندس پراڻا دوست، بلقيس،
هيما، للتا، هن جي لاءِ غير ملڪي ٿي ويندا. سندس
ماءُ، سندس ڀاءُ ڀيڻ، سموري هندستان ۾ پکڙيل سندس
ماڻهو .... سنڌ مها ساگر هاڻي جن جو ناهي .... پر
سيتا ميرچنداڻي سنڌ ديس واپس وڃي رهي آهي. نيٺ
کيس پنهنجو گهر ملي ويو .... عرفان جو خيال، هن جي
لاءِ هاڻي ائين هو جيئن اُماس جي رات ۾ اوچتو چنڊ
نڪري اچي.
ٻه هفتا کيس سفر جي تياري ۾ لڳي ويا. جنهن ڏينهن
هوءَ جلدي جلدي پنهنجون ساڙهيون استري ڪري سوٽ ڪيس
۾ رکي رهي هئي ته هن جي ماءُ سندس ڪمري ۾ اچي
پڇيو: ”هاڻي ڪٿي ٿي وڃين؟“
”ممي .... مان عرفان سان شادي ڪرڻ وڃان ٿي.“ هن
سوٽ ڪيس بند ڪري سڪون سان وراڻيو.
منجهند جي وقت ڪناٽ پئليس ۾ ايئرلائنز جي آفيس مان
ٻاهر نڪري هن سوچيو ته سڀني دوستن کي آخري ڀيرو
’خدا حافظ‘ چوي. ڪافي هائوس اڃا سنسان پيو هو.
هونئن للتا ۽ ڪيلاش جو گروپ گهڻو ڪري شام جي وقت
يا آچر جي صبح جو اتيئي ملي ويندو هو.
آٽو رڪشا ۾ هوءَ سڀ کان اول نظام الدين ويسٽ ويئي،
جتي چوڌاري پري پري تائين نون بنگلن ۾ گهڻو ڪري
وچئين طبقي جا پنجابي آباد هئا. هوءَ پهريون ڀيرو
للتا وٽ وڃي رهي هئي. ڏاڍي مشڪل سان کيس للتا جو
ننڍڙو گهر مليو. هوءَ اندر اڱڻ ۾ سليپنگ سُوٽ تي
شال اوڍي اُس ۾ ويٺي هئي. سندس ٻار اسڪول مان موٽي
اڱڻ ۾ ٽرائيڪل هلائي رهيو هو. سندس مڙس اڃا آفيس
مان واپس نه آيو هو. رسويو بورچيخاني ۾ ماني تيار
ڪري رهيو هو. سيتا وڃي للتا وٽ کٽ تي ويٺي.
”اڄ جمعدارڻ اڃا تائين ناهي. سموري گهر ۾ ايترو
ڪچرو پيو آهي.“ للتا مطمئن آواز ۾ کيس چيو. کيس
زڪام ٿي پيو هو. ”هيڏانهن اچ، هاڻي اُس تان کسڪي
پريان هلي ويندي.“
نئين هندستاني اسٽيج جي هيءَ بلندپايه اداڪارا
پنهجي گهر جي چوديواريءَ ۾ محفوظ، ڪيڏي سڪون سان
ويٺي هئي.
هوءَ ڪلاڪ کن سيتا سان هيڏانهن هوڏانهن جون
ڳالهيون ڪندي رهي. هن به سيتا کان وڌيڪ ڪجهه نه
پڇيو. جڏهن اُس اڱڻ مان کسڪي هلي ويئي ته هن چيو:
”اچ، سامهون هلي ويهون.“ هوءَ چپ چاپ اُٿي ٻاهر
آئي، جتي ننڍڙي لان ۾ ٻه موڙا وجهي للتا کيس ويهڻ
لاءِ چيو.
”هاڻي هلنديس.“ ڪجهه دير رکي سيتا چيو.
”واهه! ماني کائي وڃجانءِ.“
”نه، دير ٿي ويندي.“
”چڱو، موهن جو ته انتظار ڪر، هاڻي ايندو هوندو.“
”چڱو.“
سامهون ڪجهه قدمن جي مفاصلي تي نظام الدين اولياء
جي مقبري جي ديوار تي اُس لهرون هڻي رهي هئي. فضا
۾ ڏاڍي بي چئني ۽ اُداسي هئي. سيتا ٿڪجي پاسو
بدلايو. للتا چپ چاپ رستي ڏانهن ڏسندي رهي.
نظام الدين اولياء جي مسجد مان آذان جو آواز آيو.
فضا جو سناٽو گهرو ٿي ويو.
”للتا، هاڻي مان هلنديس. ڪيلاش، پرديپ، ڪامران،
سڀني کي منهنجا سلام چئج ۽ ڪافي هائوس واري سموري
ڪرائوڊ (Crowd)
کي.“
”چڱو.“
نوڪر آٽو رڪشا وٺي آيو.
رستي تي هنڌ هنڌ تي واچوڙا هئا. هوءَ للتا کان
موڪلائي آٽورڪشا ۾ اچي ويٺي. آٽو رڪشا واري
سردارجيءَ جي ڊگهي اڇي ڏاڙهي، سياري جي ٿڌي هوا ۾
لهرائي رهي هئي.
للتا پنهنجي ننڍڙي ڦاٽڪ تي جهُڪي دير تائين رستي
ڏانهن ڏسندي رهي.
املتاس جا پيلا پن واچوڙي ۾ اُڏري رهيا هئا. اُس
هاڻي ٿڌي پئجي چُڪي هئي.
”ڪيڏانهن هلون بِيبِي؟“ سردارجي ٻاهر مين روڊ تي
اچي پڇيو.
بلقيس جي گهر ۾ اُن وقت ڌوٻي آيو هو. ننڍي ماسي
پٺئين ورانڊي ۾ ڀاڄي واري کان پٽاٽا ترائي رهي
هئي. فرخنده جا ٻار اسڪول مان موٽي هميسه وانگر
پاڙي جي ٻارن سان پٺئين لان ۾ ڪرڪيٽ کيڏي رهيا
هئا. بلقيس لائونج ۾ بيد جي ڪرسين جا ڪور لاهڻ ۾
مصروف هئي.
”هن ڪمري ۾ اچ، مان ٿورو اِهي چادرون لاهي وٺان.“
سيتا کي ڏسي هن سڪون سان چيو.
تمام عمر رها غمزه و ادا ڪا شڪار
ڊائننگ روم جا ميز پوش سميٽي هوءَ فرخنده جي بيڊ
روم ۾ آئي.
”هن پاسي وارو دروازو بند ڪرينس، ڏاڍي هوا پيئي
لڳي.“ هن سيتا کي چيو. پوءِ هوءَ جلدي جلدي ڊريسنگ
ٽيبل جون شيون هٽائي فرش تي رکڻ لڳي. سيتا صفائي
ڪرڻ ۾ سندس مدد ڪندي ويئي. بلقيس، فرخنده ۽ گهوٽس
جي پلنگن جا پوش لاٿا. ائش – ٽري صاف ڪيائين. نيرن
پردن جي پٺيان لڪيل، ’هندستان ٽائيمز‘ جي ڍير تان
مٽي ڇنڊيائين، گهوٽس جا ڪپڙا، جيڪي ڪمري ۾ وکريا
پيا هئا، سميٽيائين.
تمام عمر رها غمزه و ادا ڪا شڪار
ڀر واري ڪمري ۾ ننڍي ماسي هيٽر جلايو ۽ شال ۾ نهن
کان وٺي چوٽي تائين ويڙهجي پلنگ تي اوڪڙون ويهي
رهي ۽ سوپاري ڪترڻ لڳي. ٻاهران ٻارن جي کلڻ ۽ وڙهڻ
جا آواز آيا پئي.، سردي هاڻي وڌي ويئي هئي.
چاڻڪيا پوريءَ جي ڊپلوميٽڪ ڪالونيءَ ۾ اعليٰ
آفيسرن جا سرڪاري فليٽ ۽ سفارت خانن جون عمارتون
پري پري تائين بي نيازيءَ سان ڦهليل هيون. مسرور ۽
مطمئن انسان، انهن عمارتن ۾ رهندا هئا. پريان
گردوغبار جي ڌنڌ ۾ ويڙهيل اشوڪا هوٽل پنهنجي عظمت
۾ سربلند ۽ اٽل ڳاڙهي پٿر جي اوچي عظيم الشان جبل
وانگر بيٺي هئي. باغن ۾ سرءُ جا گل ٽڙي چڪاهئا.
تمام عمر رها غمزه و ادا ڪا شڪار
لائونج جو دروازو کڙڪيو. ڪيلاش آيو هو. پرديپ جي
فون آئي. ٻارن ڊرائنگ روم ۾ ٺڪاءُ سان گلاس ڀڃي
وڌو. ادي بتول ورانڊي ۾ ٽپهريءَ جي نماز کان پوءِ
وظيفو پڙهندي هونگر ڏني.
چاڻڪيا پوريءَ مان رواني ٿي، سيتا شام جو ڪمشنر
لين پهتي. ’نيري ڪوٺيءَ‘ جي ورانڊي ۾ بيٺل ٻن ٽن
ڇوڪرين کيس نمستي ڪيو.
گارڊن هائوس ۾ هيما پنهنجي ٻار سان بيڊروم ۾ وڃي
چڪي هئي. سندس مُڙس لنڊن مان موٽي آيو هو ۽ هوءَ
ٽن چئن ڏينهن کان پوءِ ساڻس گڏجي پنهنجي ساهورن
شولاپور وڃڻ واري هئي.
گارڊن هائوس ٻاهران گاهه تي ٻه ننڍڙا تبتي ڪتا
کيڏي رهيا هئا: ’چنگ ۽ چائو.‘ شهزاد انهن کي هنج ۾
کڻي سيتا سان انهن جو تعارف ڪرايو: ”اهي ٻئي دلائي
لاما سان گڏ هتي آيا آهن.“
”اڇا!؟“
”اقبال وٺي آيو آهي سرحد تان. هو دلائي لاما جي
قافلي سان ڊيوٽيءَ تي هو نه! خبر اٿيئي، اقبال
هاڻي ليفٽننٽ ڪرنل ٿيڻ وارو آهي!“
”هائو ونڊرفل!“
امان ٻاهر نڪري آئي.
”اڙي سيتا، ڪافي ڏينهن کان پوءِ ڏسڻ ۾ آئي آهين.
ڪيئن آهين؟“
”ٺيڪ آهيان امان.“
”شام ٿي ويئي آهي، سرديءَ ۾ ٻاهر نه بيهه.“
”چڱو امان.“
”انهيءَ گهڙي، جڏهن ٻئي وقت پاڻ ۾ ملندا آهن،
تڏهن مهاديو ۽ پاروتي ڪيلاش تان لهي اُڏامندا
ڦرندا آهن.“ اهڙي ئي هڪ سرد شام جو امان کيس ٻڌايو
هو.
هيما ۽ شهزاد کان موڪلائي هوءَ رات جو قرول باغ
موٽي. صبح جو سوير هوءَ پئرس لاءِ فلاءِ ڪرڻ واري
هئي. |