4
ڪامران هڪ ٿنڀي جي پٺيان لڪي ڪجهه کِٽ پِٽ ڪري
رهيو هو. پوءِ هن فرش تي پيل تارن تي جهُڪي سوئچ
دٻايو. اسٽيج تي هلڪو سفيد اجالو ڦهلجي ويو. اسٽيج
ڊائريڪٽر خالي آڊيٽوريم کي مخطاب ٿي چوڻ لڳو:
”مختصر بيان ڪريان ٿو. مون کي اڪيڊمي طرفان چيو
ويو آهي ته توکي گهرجي ته ’راڪشس جي مُنڊيءَ‘
نالي ناٽڪ، جيڪو مهاراجا ڀاسڪر دت جي پٽ ۽ سامنت
واتيشوردت جي پٽ تمثيل نگار وساک دت لکيو آهي، اڄ
پيش ڪر. مون کي خوشي آهي ته هيءُ ناٽڪ هڪ اهڙي ميڙ
جي سامهون پيش ڪيو ويندو، جيڪو هڪ ادبي تخليق جي
خوبين کي ساراهي سگهي ٿو، ڇو ته اناج جي سٺي فصل
جو مدار پوکيندڙ جي ذاتي خوبين تين ٿو ٿئي. هاڻي
مان گهر وڃان ٿو جيئن پنهنجي زال سان گڏ سنگيت جي
تياري ڪري سگهان.“ پوءِ هن اسٽيج جو هڪ چڪر ڏنو.
”هيءُ رهيو منهنجو گهر. هاڻي مان اندر وڃان ٿو.“
هن چؤطرف نهاريو. ”آهه“ ڪهڙي ڳالهه ڪجي. ائين ٿو
لڳي ڄڻ ڪنهن ڏڻ جون تياريون ڪيون پيون وڃن. نوڪر
پنهنجن پنهنجن ڪمن ۾ رڌل آهن. هڪ داسي پاڻي کنيو
پيئي اچي. ٻي خوشبودار جڙي ٻُوٽيون ڪُٽي پئي. هيءَ
ڇوڪري هار پوئڻ ۾ لڳي پيئي آهي ۽ هوءَ داسي ته ڏسو
جا ڪُٽڻ ۽ ڇاڻڻ سان گڏ راڳ به پيئي جهونگاري. هاڻي
مان گهرڌياڻيءَ کي ٿو سڏيان.“
ٺڪاءُ سان پلاءِ وُڊ جو وڏو تختو هڪ پاسي سِرڪيو ۽
سردار پرديپ سنگهه اوور آل پائي هٿ ۾ مترڪو کڻي
ظاهر ٿيو.
”پرديپ توکي به هن وقت گوڙ ڪرڻو آهي.“ بلقيس هال ۾
رڙ ڪري چيو.
”منهنجي ڪَئي تي پاڻي ڦري ويو. شهزاد ڪٿي آهي؟“
پرديپ ڪاوڙ ۾ چيو.
”اڙي اڙي، هي تخت هيڏانهن گسڪاءِ.“
”اي پاڪباز عورت، سگهڙ ۽ خوش تدبير! منهنجي گهر جي
سياست جي ماهر! اي منهنجي گهر ٻار جي راڻي!
هيڏانهن اچ.“ راڪيش چوندو پئي ويو.
هاڻي ’ايڪٽريس‘ سامهون آئي. ”مهاراج مان هتي
آهيان،. پنهنجي هدايت سان مون کي سرفراز ڪريو.“
بلقيس وري چيو: ”راڪيش، جتي ظالم حمله آور وارو
جملو آهي، انهيءَ کان اڳتي ٿورو وري چئو.“
”چڱو ڏس! ’ظالم حمله آور‘ ڪيتُو سان گڏ چندرما کي
نيچو نِوائڻ ٿو چاهي. ها ڪير آهي!! جڏهن مان هتي
بيٺو آهيان ۽ ...“
هاڻي ست وڳا هئا. ’سيتا اڃا تائين نه آئي هئي.‘
بلقيس گهڙيءَ تي نظر وجهي سوچيو.
هاڻي پاٽليپترا جي نند راجا جو وزير راڪشس جو دوست
’چندن داس‘ چئي رهيو هو:
منهنجي مٿان بادلن جي گجگوڙ آهي
منهنجو پريتم پري آهي
هي ڇا ٿيو؟
امر ٻوٽيون برفاني جبلن تي آهن.
۽ انهن تي نانگ ڇَپ هڻي ويٺو آهي.
هاڻي چندر گپت چئي رهيو هو:
”هوءَ مغرورن کان ڪيٻائي ٿي، ڊڄڻن وٽ نٿي ترسي، ڇو
ته کيس ڊپ ٿئي ٿو. کيس بي آراميءَ کان، احمقن کان
نفرت آهي. هوءَ وڏن وڏن گڻوانن سان به بي تڪلف نٿي
ٿئي. بهادرن کان گهٻرائي ٿي. وئش ناريءَ وانگر کيس
ڏاڍي مشڪل سان ريجهائي سگهجي ٿو.“
”سيتا اچي ويئي.“ ڪامران چاڻڪيا جي گهر جي دريءَ
مان ڳچي ڪڍي للتا کي ٻڌايو. سيتا هال مان لنگهي،
پاسي واري ورانڊي جي ڏاڪڻ تي ويهي رهي، جتي
اونداهي هئي.
ڪامران سوئچ دٻايو. اسٽيج تي اُداس زرد روشني
ڦهلجي ويئي.
هاڻي چندر گپت چئي رهيو هو:
”اُفق جي منظر کي، سرءُ ڪيڏو نه خوبصورت ٺاهيو
آهي. ڇو ته آهستي آهستي سُڪندڙ ندين جي ٻنهي طرف
وارياسا ڪنارا جرڪن پيا.
سارسن جا ٽولا ۽ ڪنول جي گُلن جا جهُڳٽا
۽ چانديءَ جا بادل ۽ اڏامندڙ ٻگهه
۽ سانجهيءَ جو آسمان ۾ دکندڙ ستارا!“
”سيتا!“ بلقيس ورانڊي مان نڪرڻ مهل سڏ ڪيو.
”هاءِ بِلي.“
بلقيس سندس ويجهو وڃي ڏاڪڻ تي ويهي رهي. ”هتي ڪافي
ٿڌ آهي، اندر هل.“
”نه، هتي ئي ٺيڪ آهي.“
”اچڻ ۾ دير ڇو ڪيئي؟ اسان ڪافي ٺاهڻ مهل تنهنجو
ڏاڍو انتظار ڪيوسين. تنهنجون ٻه ٽي فونون به آيون
هيون.“
”ڪنهن جون؟“
”خبر ناهي، ٻڌ سيتا، انهيءَ وقت تو منهنجي پوري
ڳالهه به نه ٻڌي ۽ هڪدم فون رکي ڇڏيو هيئه.“
”هاڻي ڪهڙي ڳالهه ٻڌائڻ رهجي ويئي آهي توکي؟“
”اهو ته ٺيڪ آهي سيتا ڊيئر، پر...“ بلقيس بي
چينيءَ سان پاسو بدلايو. ”اصل ۾ ڪالهه رات وچين
ماسي ڪراچيءَ مان ٽرنڪ ڪال ڪيو هو. قيصر جي شادي
آهي نه ايندڙ هفتي. ته وچين ماسيءَ ڏاڍو زور ٻَڌو
آهي تون انهيءَ ۾ ضرور شريڪ ٿي. وڏي ماسي تلسي پور
مان نه ٿي وڃي سگهي، ادا اصغر جي بيماريءَ جي ڪري.
سندس نهن جي حيثيت سان سندس نمائندگي توکي ڪرڻي
آهي وغيره.“ هن نڙيءَ صاف ڪئي. سردي هوندي به هوءَ
پگهرجي پيئي هئي.
”ڪراچي!“ سيتا جي دل ڄڻ بيهي ويئي هئي. ”ڪراچي!“
”ها ها، ٻيو ڇا!“ بلقيس هڪدم پاڻ سنڀاليو ۽ وري
ايڪٽنگ شروع ڪري ڏنائين: ”هلي هل، ڏاڍو مزو ايندو.
سڀني پاڪستاني مٽن مائٽن سان ملبو. انهن کي ته مون
نوَن سالن کان ڏٺو ناهي. اٺن ڏينهن کان پوءِ هليا
اينداسين. نادر تمام ڊگهو پروگرام ٺاهي موڪليو
آهي. موهن جو دڙو ڏسندا، ڪار ۾ لاهور
وينداسين.اُتي ٻه ڏينهن اديءَ منور وٽ ترسي واپس
دهلي، ڇا خيال آهي؟“ پوءِ هوءَ سيتا سان نظرون
ملائي نه سگهي ۽ تڪڙ ۾ تمثيل جو فائيل اٿلائڻ
پٿلائڻ لڳي. ”هلي هل، سچ پچ وري ايندڙ مهيني مون
کي ٿيئٽر سيمينار لاءِ بمبئي وڃڻو آهي.“
”مون کي خبر آهي ته تون بيحد مصروف، بيحد اهم
ماڻهو آهين. هندستان جي سڄي ٿيئٽر موومنٽ تنهنجي
ڪري ئي ته هلي ٿي.“
”بڪ نه ڪر. اڙي اڙي... روئين ڇو ٿي ڪريڪ داس؟ سچ،
هل مون سان گڏ ڪراچي.“ پوءِ هوءَ خوش دليءَ سان
چوڻ لڳي: ”ٿورو سوچ، مان اڄ تائين ڪنهن فارن ڪنٽري
نه ويئي آهيان. هڪ فارن ڪنٽري ته ڏسي اينديس. بقول
مجاز...“
سيتا خاموش رهي.
”هلو، هتان مسز سين ڏانهن وڃڻ جي بدران سڌو گهر
هلنداسين ۽ مانيءَ کان پوءِ ويهي اسڪريبل
کيڏنداسين. هن ڀيري لئٽن لفظ ٺاهبا. ايڏي دير ڪري
ڇو آئينِءَ؟ پنهنجي گهر هلي ويئي هئينءَ ڇا؟“
”ها، مون ڪجهه دير مميءَ وٽ چپ چاپ ويهڻ ٿي
چاهيو.“
”تو، تو هن کي ٻڌائي ته نه ڇڏيو؟“
”ها، ٻڌائي ڇڏيم.“
”ڇا چيائين؟“
”ڪجهه به نه، چوڻ لڳي، سڀ ڪرمن جو ڦل آهي.“
اندران چندر گپت جو آواز وري اچڻ لڳو. هو پنهنجو
ڊائلاگ ورجائي رهيو هو: ... ۽ چانديءَ جا بادل ۽
اڏامندڙ ٻگهه
۽ سانجهيءَ جو آسمان تي دکندڙ ستارا...
”وچين ماسيءَ جو خط مون کي به آيو آهي.“
سيتا آهستي چيو: ”وڏي ادا جو به. هينئر مون مميءَ
کي ائين به چيو ته وچين ماسي مون کي قيصر جي
شاديءَ تي ڪراچي گهرايو آهي. چوڻ لڳي، ”ضرور وڃ،
تنهنجو اصل گهر، تنهنجا ساهورا آهن. ڪراچيءَ ۾
تنهنجو وڏو ڏير رهي ٿو ۽ وڏو ڏير سهري جي برابر
ٿيندو آهي. سندس چيو هرگز نه ٽارجانءِ.
“And so on and so forth
بلقيس ورانڊي کان هيٺ لڳل گلن کي ڏسندي رهي. هاڻي
ڪوهيڙو گهرو ٿيندو ويو. هڪدم هن هڪ فرض شناس
ڊائريڪٽر جي حيثيت سان اندران ايندڙ چندر گپت جي
صاف ۽ گهري آواز تي ڪن ڏنو.
هو چئي رهيو هو:
سانجهيءَ جو آسمان ۾ دکندڙ ستارا
۽ پوءِ
ندين جون اڀرندڙ لهرون، موسم جي ڳالهه ٻڌي، پنهنجي
پنهنجي آرائن ۾ سمائجي ويون آهن.
فصل جا سنگ مروت وچان جهُڪي ويا آهن، مور پنهنجو
غرور ڇڏي چڪا آهن.
عجب ته انهيءَ ڳالهه جو آهي ته ڪيئن سموري دنيا کي
پن ڇڻ، مقبوليت جي راهه تي هلڻ ۾ ڍرو ڪري ڇڏيو
آهي، اهڙيءَ قاتل وانگر جيڪا محبتن جا قصا ڏاڍي
مهارت سان ٻڌائيندي هجي.
پن ڇڻ، گنگا کي دريائن جي خدا وٽپهچائي، سندس سڪون
کي بحال ڪري ڇڏيو آهي.“
هاڻي ڀاٽ چئي رهيو هو:
”آسمان سندس گلن جي پيلي روشني
شَوِ جي جسم جي رک وانگر ڦهليل آهي.
سيتل ڪرڻن واري چنڊ، بادل وکيري ڇڏيا آهن
اُهي شِوَ جي هاٿيءَ جي کل وانگر مٽي هاڻا هئا.
تکي چانڊوڪي سندس کوپرين جي مالها وانگر چمڪي
پيئي.
هوا ۾ اڏامندڙ راج هنس سندس ٽهڪن وانگر جرڪن پيا.
خدا ڪري سرءُ، جيڪا وشنو جي بدن وانگر زرد آهي،
تنهنجا دک دور ڪري.“
هاڻي چاڻڪيا چئي رهيو هو:
”چئني ساگرن جي وارياسن ڪنارن تائين
جي تاڙيءَ جي پنن سان اونداها جهنگ ڇانوَ ڪيو بيٺا
آهن،
جن جو گهرو پاڻي هيبتناڪ مڇين جي ترڻ ڪري مضطرب
آهي
تنهنجو حڪم، تازن گلن جي هارن وانگر
هڪ سؤ راجائن پنهنجي سر تي کنيو آهي.“
”بلقيس!“ پويان ڪيلاش جو آواز آيو. هو هال جي آخري
دروازي مان نڪري ڏاڪڻ ڏانهن آيو.
”ها.“ بلقيس پويان مڙي پڇيو،
“What is it?”
”تعارف ۾ ڇا ڇا لکبو؟“ هو فرش تي گوڏن ڀر ويهي
رهيو. ”آئوٽ لائين ٺاهي ڏي، مان اندر وڃي لکي
وٺندس.“
”بس، اهو ئي لکي ڇڏ ته هيءَ ماڊرن ٿيئٽر جي چوٿين
ڪلاسيڪل پيشڪش آهي.“
”اها تو ڪيتري قدر نئين ۽ پروفائونڊ ڳالهه ٻڌائي
آهي، مڃان ٿو.“
”۽ ٻيو اهو لک ته ...“ بلقيس سوچيندي مٿو کنهيو.
”ستن ائڪٽن جو جدا جدا اختصار! ۽ شروع ۾ ڇا لکان؟“
بلقيس فائيل کوليو. ”هتي ڪجهه پڙهڻ ۾ ئي نٿو اچي،
اونداهيءَ ۾.اهو لک ته هي ناٽڪ چوٿين عيسوي صديءَ
۾ گُپتا عهد ۾ لکيو ويو. ڊراماٽسٽ وساک دت انهيءَ
جو ليکڪ هو. ڏي، مون کي ڏي، مان پڙهندي وڃان ٿي.“
دروازي مان ايندڙ جهڪي روشني ڏانهن جهُڪي هن پنا
اٿلايا. ”وساک دت انهيءَ جو ليکڪ هو. شهنشاهه چندر
گپت ٻئي جي عهد ۾ پاتليپترا ۾ پهريون ڀيرو اسٽيج
ٿيو. چندر گپت ٻئي جو زمانو شايد سنه 375ع کان سنه
413ع تائين آهي. ڪتاب ۾ چيڪ ڪري وٺج.“
سيتا اُٿي بيٺي. ”مان ٿورو ٻاهر وڃان ٿي.“
بلقيس سندس ڳالهه نه ٻڌي. هوءَ پنهنجي ڪم ۾ ٻيهر
محو ٿي چڪي هئي. هيما وانگي هن کي به سيتا ڏانهن
ڌيان ڏيڻ جي فرصت نه هئي. هوءَ چئي رهي هئي: ”۽
اهو لک ته هيءُ ڏاڍو سيريس ۽ سياسي قسم جو پلي
آهي. پوءِ ٻئي پئراگراف ۾ سنسڪرت ڊرامي ۽ پيور آرٽ
ٿيئٽر جو ذڪر ڪج. رينو لي آئوٽ تيار ڪري ڇڏيو؟“
”گيلي پريس مان ايندي، تڏهن ته هوءَ لي آئوٽ
ٺاهيندي.“
ڪيلاش وراڻيو.
اندر چاڻڪيا چئي رهيو هو:
”سرڻيون ۽ ڳجهون دونهين جي گول ڇلن وانگر،
آسمان تي چڪر هڻي رهيون آهن.
اُڏامڻ وقت سندن کنڀ بلڪل نٿا ڦڙڪن.
گهوڙن پنهنجي ٽاپن سان آسمان مٿي کڻي ڏنو آهي.
فوجن اڳيان هلندڙ هاٿي ساڪت بيٺا آهن
۽ ويرين جي لاهه چاڙهه جي نشانن وانگر سندن
گهنٽيون خاموش آهن.“
سيتا سموري عمارت جو چڪر لڳائي وري ورانڊي ۾ آئي.
بلقيس ۽ ڪيلاش اسٽيج ڏانهن وڃي چڪا هئا. وقت آهي
جو اڏامندو پيو وڃي. هوءَ وري ڏاڪڻ تي ويهي رهي.
اندر پنجين ائڪٽ ۾ شهزاد ملايا ڪيشو جو جُڙتو دوست
ڀاگورائين شهزادي سان مخاطب هو:
”راجڪمار اُهي آهن، جيڪي سياست ۾ عملي طور تي حصو
وٺن ٿا. مقصدن جي ضرورت، دشمن، ساٿين ۽ غير
جانبدار ڌُرين جي گروهه بندي جو تعين ڪري ٿي. غير
سياسي انسانن وانگر فقط ذاتي پسند جي بنياد تي،
اهي دوستيون تسليم نٿيون ڪيون وڃن، شهزادا! سياسي
مقصدن جي سبب ڪري، دوست دشمن ۾ ۽ دشمن دوست ۾
تبديل ڪيا ويندا آهن. جهڙي طرح انسان پنهنجي
موجوده زندگيءَ ۾ اڳئين جنم جون ڳالهيون ڀلجي
ويندو آهي، تهڙيءَ طرح حڪمت عملي سڀني پراڻين
پابندين کي هميشه لاءِ ختم ڪري ڇڏيندي آهي.“
هڪ عملدار اسٽيج تي اچي ٿو. ”مهاراج جي جئه ٿئي!“
هن چيو، ”حفاظتي چوڪيءَ جي نگران درگهه رڪش جو عرض
آهي ته هڪ شخص جنهن وٽ راهداري جو پروانو نه هو،
هڪ خط سان شاهي خيمي گاهه مان فرار ٿيڻ ٿي چاهيو،
جنهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.“
هاڻي ڀاگورائين چئي رهيو هو:
”مهاراج ڪمار! اسان کي ڪُسم پوره تي حملو ڪرڻ
گهرجي، جيئن لوڌرا جي گلن جي غازي سان سجايل ڳلن
وارين گوڙڪيءَ عورتن جا چهرا مٽي هاڻا ٿي وڃن ۽
سندن ڀنورن جهڙن گهنڊيدار وارن جي چمڪ، اسان جي
شهسوار دستن جي ٽاپن سان اُڏايل ڌوڙ جي ٿنڀن سان
ڍڪجي وڃي. ۽ ڌوڙ جي واچوڙن جا اهي ٿنڀا، اسان جي
جنگي هاٿين جي سونڍن مان وسندڙ پاڻيءَ سان وڃجي
وڃي دشمن جي ڪنڌن مٿان ڪرن.“
ورانڊي ۾ هڪ ٽولو ڳالهيون ڪندو گرين روم ڏانهن
هليو ويو. برسات ۾ ڪنهن ڪار جي اسٽارٽ ٿيڻ جو آواز
آيو. چنڊ املتاس جي اوٽ مان نڪري آيو هو.
ڪجهه دير کان پوءِ، اهي سڀئي مسز ڊولي سين ڏانهن
ويندا ۽ سگريٽ جي دونهين سان ڀريل ڊرائنگ روم جي
غاليچن تي ويهي ڏاڍي جوش ۽ خروش سان پنهنجي
پروفيشنل گفتگو ۾ مصروف ٿي ويندا.
پويان کيس ڪيلاش جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. هو گئلريءَ
مان نڪرندي پرديپ کي چئي رهيو هو: ”مسز سين ڏانهن
هلڻ کان اڳ ٿورو نڙي آلي ڪرڻ گهرجي.“
نڙي آلي ڪرڻ کيس به وڻندي هئي.انهن ڇوڪرين کي
انهيءَ ڳالهه جي خبر نه هئي، نه ته جيڪر اُهي هڪدم
کيس مدعو ڪري وٺن. سندن گروهه جي ڪا ڇوڪري ڊرنڪ نه
ڪندي هئي. هاڻي يارهن وڄي رهيا هئا. ٻارهن وڄندا.
آڌي رات ٿيندي. فقط ڊرنڪ ڪري اهو احساس ٿيندو آهي
ته وقت بيهي ويو آهي. ڪيلاش ڪيڏو خوبصورت آهي.
ڊرامو ختم ٿيڻ وارو هو ۽ سمڌير چئي رهيو هو:
”انهن دوستن کان جدائي، جن لاءِ دل ۾ جاءِ آهي،
راڳ رنگ ۾ مشغول ۽ شراب خانن ۾ مئه نوشي ڪندي به
دل ۾ کٽڪي ٿي.“
ڪيڏو نه حال سان ٺهڪندڙ ڊائلاگ آهي! هوءَ مشڪي.
ڪنهن جي جدائي؟ ڪنهن کان جدائي؟ ڪنهن ڪنهن جي
جدائي؟ ۽ کٽڪو ڇا جو؟ ڊيم ڊيم.
هاڻي آخري ايڪٽ جي شروع ۾ راڪشس آهستي آهستي چئي
رهيو هو:
”هيءُ باغ ڪيڏو نه سنسان آهي ڇو ته هتي بارهه دري
جيڪا هڪ طاقتور شاهي خاندان وانگر تعمير ڪئي ويئي
هئي، ڀڄي ٽُڪر ٽُڪر ٿي ڪري چڪي آهي.
بنا گلن جي وڻ، نااهل بادشاهن جي سياسي ڪارواين
وانگر اُجڙيل آهن.
زمين تي گاهه بيوقوف انسانن جي دماغ جي ناقابل عمل
منصوبن وانگر اُڀري رهيو آهي.
۽ ڪهاڙين سان وڍيل ٽاريون، سرڻين جي ڪُوڪُو جي
ڪري، ڄڻ درد وچان ڪنجهي رهيون آهن.
نانگ پنهنجي پيارن دوستن جي انهيءَ دک کي ڏسي،
انهن جي ٽارين تي ائين ويڙهجي ويا آهن، ڄڻ سندن
زخمن تي پٽيون ٻڌل هجن.
بناهه پنن جي، وڻ ائين بيٺا آهن، ڄڻ ڪنهن جي اٿيءَ
سان وڃڻ لاءِ تيار بيٺا هجن.“
اسٽيج جون بتيون وسامڻ لڳيون. ڪامران هال ۾ کيس
پڪاري چيو:
”سيتا!“
هوءَ ڇرڪي.
”اوهان جي فون. مسٽر چوڌري آهي.“
هوءَ اُٿي اسٽيج جي پوئين ڪمري ۾ ويئي. بلقيس ۽
ڪيلاش ميز تي جهُڪي پوري ڌيان سان تعارفي ڪتابچي
جو مضمون لکڻ ۾ رُڌل هئا.
”اڄ تنهنجون ڏاڍيون فونون آيون آهن.“ للتا اسڪرپٽ
تان ڪنڌ کڻي چيو.
”هيلو.“ هن رسيور کنيو.
”هيلو، سيتا.“
”هيلو. يس.“
”سيتا، مان قمر ٿو ڳالهايان. اسان اڄ ئي ڪلڪتي کان
آيا آهيون، فيسٽيول لاءِ پنهنجو پلي کڻي. توکي صبح
کان ڪيترن هنڌن تي ڳولڻ جي ڪوشش ڪيم. نيٺ پتو پيو
ته تون هتي بلقيس جي ريهرسل ۾ اچڻ واري آهين.
بلقيس ڇا پيئي پروڊويوس ڪري؟“
”هاؤ آر يُو قمر؟“
”فائين، تون ٻڌاءِ، نيويارڪ کان ڪڏهن آئي آهين؟“
”ڪافي ڏينهن ٿي ويا. تون ته گهڻي عرصي کان هتي ئي
آهين.“
”ها، پر مارچ ۾ اسان ماسڪو پيا وڃون، انهيءَ پلي
سان. ۽ ڪجهه پراڻيون ڳالهيون ٻڌاءِ سيتا، نيويارڪ
اسان جي اچڻ کان پوءِ اُداس ته نه ٿي ويو هو؟ هاؤ
از اولڊ جميل؟ پوءِ ساڻس ملڻ ٿيو؟ تنهنجو ڪهڙو
پروگرام آهي؟ سيتاتوکي ڏسڻ تي دل ٿي چوي. ٻڌ، تون
هيئن ڪر جو تون هينئر ئي ڪانسٽي ٽيوشن هائوس پهچي
وڃ. هتان گڏجي اشوڪا هوٽل هلنداسين. پروجيش بابو
پارٽيءَ ۾ مدعو ڪيو آهي. نه، تون گيٽ ڪريشنگ بلڪل
نه ڪجانءِ. پروجيش کي نه ٿي سڃاڻين... پوءِ اڃا
دنيا ۾ ڇا ڪيو آهي؟ مان تنهنجي ’نه‘ نه ٻڌندس.
اچين پيئي نه؟ گُڊ، هينئر ئي پهچ.“
سيتا کلي کلي هن جي ڳالهين جا جواب ڏيندي رهي ۽
بلقيس لکندي لکندي ڪنڌ کڻي حيرت وچان کيس ڏسندي
رهي.
5
سيتا سان ڳالهائڻ کان اڌ ڪلاڪ پوءِ، ابوالفصاحت
قمر السلام چوڌري اشوڪا هوٽل ڏانهن روانو ٿيو. ڪي
منٽ اڳ ماڌوري رنگاراءُ پنهنجي ڪار ۾ کيس وٺڻ لاءِ
اچي پهتي هئي ۽ چيو هئائين: ”جلدي هل، پارٽيءَ ۾
تنهنجو گهڻي دير کان انتظار پيو ٿئي.“ ۽ انهيءَ
وقت تائين کيس وسري ويو هو ته هن سيتا کي ڪانسٽي
ٽيوشن هائوس ۾ ملڻ لاءِ چيو هو.
قمرالسلام چوڌري مرشد آباد جو رهاڪو هو. سندس آواز
ڏاڍو خوبصورت هو. ڊگهيون ڊگهيون اکيون، سانورو
رنگ، نج رومانٽڪ شڪل. هو اهڙو ماڻهو هو، جنهن لاءِ
ڪاليجن جون شاعر پرست ڇوڪريون زهر کائينديون آهن.
ڪلڪتي مان ايم-اي ڪرڻ کان پوءِ، ڪيترائي سال هو
ترقي پسند ڊراما پروڊيوس ڪندو رهيو، فلمن ۾ ڪم
ڪيائين، بنگالي ۽ انگريزيءَ ۾ شاعري ڪيائين،
فنڪارن جي ڊيليگيشن سان روس، مشرقي يورپ ۽ عوامي
چين جا چڪر ڏنائين ۽ پوءِ آمريڪا ويو، جتي سندس
انگريزي شاعريءَ کي ڊسڪوَر ڪيو ويو. تازو
ويجهڙائيءَ ۾ سندس نظمن جو پهريون مجموعو لنڊن مان
شايع ٿيو هو، جنهن انگريزي ادب ۾ نالو پيدا ڪري
ڇڏيو. ڊوم موريز کان پوءِ هيءُ ٻيو هندستاني هو،
جنهن جي شاعرانه صلاحيت کي انگلينڊ ۽ آمريڪا جي
عظيم ترين نقادن به داد ڏنو. ’نيو اسٽيٽسمين‘ ۽
’ٽائمز لٽرري سپليمنٽ‘ ۾ سندس باري ۾ ڊگها ڊگها
مضمون لکيا پئي ويا. ايڏي بين الاقوامي شهرت حاصل
ڪرڻ کان پوءِ هو ڇوڪرين جي نظرن ۾ اڃا وڌيڪ گليمرس
ٿي ويو هو، پر قمرالسلام لٻاڙي ۽ غير ذميوار هو.
دوستن کان پيسا اڌارا وٺي واپس نه ڪندو هو. گهڻو
ڪري بيروزگار هوندو هو. هو اهڙي قسم جو ماڻهو هو،
جنهن کي عورتن تي خود عاشق ٿيڻ جي تڪليف ئي نه
وٺڻي پوندي هئي. عورتون کيس پنهنجو محبوب بنائڻ
وڌيڪ پسند ڪنديون هيون.
بلقيس کي ته هُو ڏٺو نه وڻندو هو ۽ کيس ابوالقباحت
قمرالسلام چوڌري چوندي هئي. سندس غير پروفيشنل
حرڪتن کان ساڙ ٿيندو هوس ۽ سندس پوز کي برداشت نه
ڪري سگهندي هئي. اڄ ڪلهه ماڌوري رنگاراءُ مٿس اور
گهور هئي. هوءَ مالاباري حسن جو نمونو هئي ۽ سيتا
کان گهڻو وڌيڪ دلڪش ۽ فرمانبردار هئي ۽ کيس سيتا
کان گهڻو وڌيڪ گرمجوشيءَ سان چاهيائين ٿي. سيتا جي
باري ۾ کيس يقين نه هو ته هوءَ هاڻي هن سال ڪهڙي
قسم جو رويو اختيار ڪندي.
۽ قمر السلام چوڌريءَ جو انگريزي زبان جي انهيءَ
مثال ۾ يقين هو ته هٿ تي ويٺل هڪ جهرڪي، وڻن جي
جهڳٽي ۾ ويٺل ٻن جهرڪين کان وڌيڪ بهتر آهي.
(1) ’مدرا راڪشس‘ جي پهرئين منظر جو
پهريون ڊائلاگ
|