12
سوا ڇهه فوٽ ڊگهي ۽ نيرين اکين ۽ سرخي مائل زرد
وارن واري، ڊاڪٽر لزلي ونسنٽ مارش ريسٽ هائوس ۾
پهچي ڪار روڪي ۽ هڪ ڀيرو پويان مڙي ڏٺائين ته شايد
اها سليٽي رنگ جي هلمين، جنهن ۾ اُها خوبصورت
ڇوڪري ويٺي هئي، انهيءَ طرف ايندي هجي. هو ڪولمبو
جي پسگردائيءَ کان هيستائين سندس پيڇو ڪري رهيو
هو. سندس خيال هو ته شايد هوءَ به انهيءَ ريسٽ
هائوس ۾ اچي ترسندي، پر جهنگل مان گذرندڙ ورن وڪڙن
وارو رستو سنسان پيو هو. هو ڪار مان لهي ورانڊي ۾
آيو. بيري نيرن جي ٽري سندس سامهون اچي رکي. هن
بلئڪ ڪافيءَ جو ڪپ ختم ڪرڻ کان پوءِ ٽائيپ رائٽر
کوليو ۽ مضمون ٽائيپ ڪرڻ شروع ڪري ڏنائين: ’ڏکڻ
ايشيا ۾ ڪميونزم جو اثر.‘ پنهنجي ڪتاب جو ٻيو باب
کيس جلد از جلد مڪمل ڪري رسالي جي ايڊيٽر کي
هارورڊ موڪلڻو هو ۽ وقت تمام گهٽ هو. کيس هتان کان
مغربي بنگال ۽ ڪيرل به وڃڻو هو.
ورانڊي ۾ ايڪڙ ٻيڪڙ يوروپين ٽورسٽ بيئر جو گلاس
اڳيان رکي چُپ چاپ ويهي اخبار پڙهي رهيا هئا. باغ
۾ ڳاڙها گل ٽڙيا هئا. آسمان تمام شفاف ۽ نيرو هو.
هن سامهون واري پُرسڪون منظر کي ڏسي ڊگهو ساهه
کنيو ۽ ٻيهر ٽائپ ۾ لڳي ويو.
ڪلاڪ کان پوءِ هو هڪ ڀيرو وري خاموش ڪاري رستي تي
روان هو، جنهن جي ٻنهي پاسن کان رٻڙ جا گهاٽا وڻ
هئا ۽ ڦوٽن جي وڻن تي پيلا پوپٽ اڏري رهيا هئا.
ڪرو وينگالا ۾ هاٿيءَ جي شڪل جهڙي ڪاري چوٽي اُفق
تي ظاهر ٿي. هتان کان چڙهائي شروع ٿئي ٿي، پري پري
تائين پام جا جهُنڊ هوا ۾ جهومي رهيا هئا. هڪ
ننڍڙي ڳوٺ جي خوبصورت بازار مان لنگهندي اوچتو کيس
اُها سائي رنگ واري ڪار ٻيهر ڏسڻ ۾ آئي. ڪجهه دير
تائين اها اڳيان پئي ويئي ۽ هڪ ڳوٺ ۾ ميوي جي دڪان
اڳيان بيهي وري پويان رهجي ويئي.
لزلي مارش کي پاڻمرادو کل اچي ويئي. هو اها ڪهڙي
مسخري ڪري رهيو هو. جيڪڏهن انهيءَ ڇوڪري مڙي ڏسي
ورتو ته سمجهندي ته ڪو ٻيو ٽورسٽ پويان پيو اچي ۽
حقيقت ۾ هو به ائين.
ڳوٺن جي رستن جي ڪناري تي لڳل رنگ برنگي ڪاغذي
چرخيون هوا ۾ تيزيءَ سان ڦري رهيون هيون. ڪٿي ڪٿي
ٻُڌ مندرن جي ڦاٽڪن تي اڇا جهنڊا لڳل هئا، جن مان
ظاهر ٿي ٿيو ته اُتان جي پروهت جو ديهانت ٿيو آهي.
اونداهن جهنگلن ۾ پورچوگالي ۽ ولنديزي عهد جون
جوڙيل ڪيٿولڪ چرچ لڪيون بيٺيون هيون. خوبصورت
ڪاٽيجن جي درين جا پردا لهرائي رهيا هئا.
ڪجهه دير کانپوءِ منظر تبديل ٿيڻ شروع ٿيو ۽ زمرد
جي رنگ جهڙيون ٽڪريون نيڻ نهار تائين ڦهليل هيون.
پولو نروا ۾ ’پراڪرم سمندر‘ جي ڪناري ريسٽ هائوس ۾
پهچي هن اُميد ڀريل نگاهن سان چوطرف ڏٺو. هوءَ
اُتي به نه هئي.
ڪمري ۾ وڃي هن هٿ منهن ڌوتا ۽ لنچ جو آرڊر ڏيڻ کان
پوءِ ٻاهر اچي شيشي جي لائونج ۾ ويٺو، لائونج جي
ٽن طرفن کان پراڪرم سمندر لهرون هڻي رهيو هو. اندر
ميزن تي وڏا وڏا زرد گل گلدانن ۾ جرڪي رهيا هئا.
درين ڀرسان ٽي چار آمريڪي ۽ يوروپي سياح عورتون
ڪافي پيئندي آهستي آهستي ڳالهيون ڪري رهيون هيون.
پاڇي وانگر مؤدبانه هلندي سنهالي بيرا انهن جي
خاطرداريءَ ۾ لڳل هئا.
ڊائننگ هال ۾ ٽورسٽ ڊپارٽمنٽ جي هڪ ڇوڪري مشڪي کيس
نمستي ڪيو.
”پولونروا جا کنڊر ڏسڻ ۾ ڪيتري دير لڳندي؟“ هن
پڇيو.
”اهو انهيءَ تي منحصر آهي ته کيس منجهن ڪيتري
دلچسپي آهي.“ ڇوڪري ڏاڍي اخلاق سان وراڻيو.
”مان آرڪيالاجسٽ آهيان.“
”اوهه! تڏهن توهان کي ’انوُراڌاپورا‘ به ضرور وڃڻ
گهرجي!“
”افسوس آهي جو هن دفعي مان انوُراڌاپورا وڃي نٿو
سگهان. آرڪيالاجي منهنجي هابي آهي، پر اڄ ڪلهه مان
هڪ جدا موضوع تي ڪتاب لکڻ خاطر هتي آيو آهيان.
تنهنجو ڪنهن سياسي پارٽيءَ سان تعلق هجي ته مون کي
ڪجهه ڳالهيون ٻڌاءِ.“ هن بيهي ٻي ڪرسي ميز جي
ويجهو کسڪائيندي چيو، ”تون تامل آهين يا سنهالي؟“
”تامل! پر منهنجو ڪنهن به سياسي پارٽيءَ سان تعلق
ناهي. معاف ڪجو، مون کي هن وقت ڪولمبو واپس وڃڻو
آهي.“ ڇوڪري مشڪي جواب ڏنو ۽ نمستي ڪري اڳتي هلي
ويئي.
ماني کائي هو ٻاهر آيو. ورانڊي ۾ سري لنڪا ۽
پولونروا جو نقشو ۽ ’پراڪرم باهو پهرين‘ جو فرمان
فريم ۾ ٽنگيل هو:
’برسات جو ٿورو پاڻي به انسان جي ڪم اچڻ کان سواءِ
سمنڊ ۾ وهي نه وڃن گهرجي - پراڪرم باهو.‘
هن ’ڏکڻ ايشيا ۾ ڪميونزم جو اثر‘ جو مسودو بند
ڪري، پورٽ فوليو مان ٻيو مسودو ڪڍيو ۽ نقشي سامهون
ڏاڪڻ تي ويهي جلدي جلدي نوٽ وٺڻ شروع ڪيائين:
’عيسيٰ جي پيدائش کان پنج سؤ سال اڳ، هندستان جي
پرنس وجئه، لنڪا تي حملو ڪيو. ساڻس گڏ آيل ماڻهو
مگڌي نسل جا هئا جيڪي سنهالي چوائڻ ۾ آيا ۽ انهيءَ
نسبت سان اهو ٻيٽ ’سنهلديپ‘ سڏجڻ لڳو، يعني شينهن
جو ٻيٽ. پرنس وجئه، لنڪا جي شهزاديءَ سان شادي ڪئي
هئي. لنڪا جا قديم رهاڪو
Pre-Dravadian Astroloids
هئا، جيڪي ڇوٽا ناگپور جي علائقي کان ٿي ملايا،
جاوا ۽ آسٽريليا تائين پکڙجي ويا. لنڪا ۾ انهن جي
راڄڌانيءَ جو نالو لنڪاپور هو. شايد انهن کي، هندن
جي قديمي ايپڪ (Epic)
رامايڻ ۾، اتر هندستان جي آرين پنهنجي نسلي
برتريءَ جي احساس جي بنياد تي، سياح فارم راڪشسن
جي قوم چيو.‘
يشيا ۾، نسل ۽ رنگ جو فرق، مشرق جي ڪلربار-انهيءَ
مسئلي تي مون کي وڌيڪ ڪم ڪرڻو پوندو‘. هن فوٽ-نوٽ
۾ لکيو ۽ ڪيمل سگريٽ دکائي پراڪرم سمندر جي مؤجن
کي ڏسڻ لڳو. انهيءَ واڱڻائي ساڙهيءَ واري ڇوڪريءَ
جو خيال دماغ مان ڪڍي ڪجهه کن کان پوءِ هن وري لکڻ
شروع ڪيو:
’سيلون جا موجوده جهنگلي، جن جي اوڙيسا جي جهنگلي
قبيلن سان گهڻي مشابهت آهي، ’ويدا‘ سڏجن ٿا ۽
اِنهن ئي اوريجنل رهاڪن جو اولاد آهن.
’سنهالي بادشاهه ايڪيويهين صدي تائين انهيءَ ٻيٽ
تي حڪمران ٿي رهيا. انوراڌاپورا انهن جي راڄڌاني
هو. اشوڪ جو پٽ شهزادو مهندر پهريون ٻڌ پرچارڪ هو،
جنهن انوراڌاپورا اچي، سنهالي بادشاهه ’ديونام
پيار تسا‘ کي ٻُڌمَت ۾ داخل ڪيو. شهنشاهه سمندرگپت
جي الله آباد واري ٿنڀي تي اُڪريل آهي ته جن حاڪمن
کيس گذارش ڪئي ته گپتا حڪومت جي چارٽر ذريعي کين
پنهنجي علائقن ۾ رهڻ ڏنو وڃي، تن ۾ سنهالا جا
رهاڪو به شامل آهن. بائبل ۾ ڏکڻ لنڪا جي ساحلي شهر
تارشش ياگال جو ذڪر آهي، جتان ملڪه صبا ۽ سليمان
جي لاءِ مور ۽ هيرا ايڪسپورٽ ڪيا ويندا.
’اٺين صدي عيسوي تائين لنڪا، اُتر هندستان جي
موريا ۽ گپتا ڪلچر کان متاثر رهي ۽ نائين صديءَ
کان ڏکڻ هندستان جي سياسي ۽ تهذيبي حلقهء اثر ۾
داخل ٿي. ڪرشنا نديءَ جي اولهه ۾ انهيءَ وقت چولا،
پاندليه ۽ ڪيرالا جون بادشاهيون قائم هيون. لنڪا
جي تخت جا مختلف دعويدار پنهنجي گهرو جنگين جي
دوران گهڻو ڪري انهن بادشاهن کان مدد وٺندا هئا.
يارهين صديءَ ۾ چولا جي رهاڪن انوراڌاپورا جي
بادشاهت کي شڪست ڏيئي ٻيٽ جي وڏي حصي کي چولا
سلطنت سان شامل ڪري ڇڏيو ۽ پولو نروا کي پنهنجي
راڄڌاني مقرر ڪيائون، پر انهيءَ صدي ۾ سنهالي
بادشاهه پراڪرم باهو – پهريون، ڏکڻ هندستان جي
تسلط کان آزاد ٿي ٻيهر پنهنجي سلطنت قائم ڪري
ورتي.
’لنڪا جو تخت انوراڌاپورا تيرهن سؤ سالن تائين
آباد رهيو. اهو عرصو روم، قرطاجنه ۽ ٿيبز کان ڊگهو
آهي. ۽ پوءِ جهنگل کيس ڳڙڪائي ويو.
’پولو نروا، لنڪا جي عظيم ترين بادشاهه پراڪرم
باهو- پهرين جي عهد ۾، پنهنجي عروج تي پهچي چڪو
هو. هن شاندار ٿيئٽر هال، محلات، آرٽ گئلريون،
استوپ ۽ مندر جوڙيا. هن سموري ٻيٽ ۾ آبپاشيءَ جو
اهڙو زبردست ۽ حيرت انگيز انتظام ڪيو جو پري پري
ڪشمير جا حاڪم پڻ هتان کان انجنيئر گهرائيندا هئا.
(ڪولمبو پلان انهيءَ وقت کان شروع ٿيو هو – ليزلي
مارش دل ۾ چيو.)
’پرياڪرم باهو عظيم الشان مصنوعي سمنڊ تيار ڪرايو.
(لکندي هُن ’سمندر‘ ڏانهن ڏٺو ۽ وري سامهون لڳل
فرمان تي نظر وڌائين: ’برسات جو ٿورو پاڻي به
انسان جي ڪم اچڻ کان سواءِ سمنڊ ۾ وهي نه وڃڻ
گهرجي.‘) انهيءَ کان پوءِ زوال شروع ٿيو‘
لزلي مارش لکڻ جاري رکيو.
’۽ آهستي آهستي ايندڙ صدين ۾ پولونروا به جهنگل جي
وڌندڙ سيلاب ۾ غرق ٿي ويو.
”هُن گهڙي ڏٺي. هاڻي هلڻ گهرجي نه ته رات تائين
سگريه پهچي نه سگهبو. ڪتاب ۽ ڪاغذ سميٽي هن پورٽ
فوليو ۾ رکيا ۽ ريسٽ هائوس مان ٻاهر نڪتو. ڪجهه
قدمن تي پراڪرم باهو جو عاليشان مجسمو هڪ هيٺاهين
چوٽيءَ تي بيٺل هو. انهيءَ مجسمي کي سنهالي
سنگتراشن نؤ سو ورهيه اڳي ٺاهيو هو. انهيءَ مجسمي
جي پاڇي ۾ بيهي، لزلي مارش پاڻ کي بيحد حقير محسوس
ڪيو. ’مان ڪير آهيان؟‘ دور دراز نيو انگليند کان
آيل لزلي ونسٽ مارشل، جيڪو هن وقت مشرق کي تهذيب
سيکارڻ نڪتو آهي، جيڪو سمجهي ٿو ته مشرق جي سڀني
دکن جو علاج فقط وٽس آهي، مشرق کي پنهنجي دکن جو
پاڻ ئي علاج ڪرڻ جو ڪوبه حق ناهي.
مجسمي جي ڀرسان، مٿي جا وار کُٿل ۽ ڪاري رنگ جو هڪ
نوجوان، اکيون ڦاڙي ۽ ڏند ڪڍي بيٺو هو، جيڪو شايد
کانئس خرچي گهري رهيو هو. کيس ائين لڳو ڄڻ هُو،
انهن قديم جهنگلن، انهن سرسبز ٽڪرين، انهيءَ لهرون
هڻندڙ نيري ڍنڍ، انهيءَ ڳاڙهي پٿر جي نيري مجسمي
جو روح آهي، جيڪو اڄ جي ڪلچرڊ دنيا جي اونداهي
لاشعور ۾ اوچتو نمودار ٿي مٿس چٿرون ڪري رهيو آهي.
ڪيمرا کڻي، هو ٽڪرين جي چوٽين تان لهندو هوا ۾
سوساٽ ڪندڙ ڊگهن وڻن جي جهنگل ۾ داخل ٿيو، جتي
ڳاڙهي پٿر جا کنڊر چؤطرف پري پري تائين پکڙيل هئا.
اُڪر ٿيل ٿنڀن جي ’مون اسٽون‘ تي ويهي، هو پنهجي
ڪيمرا فوڪس ڪري رهيو هو ته کيس اوچتو هوءَ نظر اچي
ويئي. هوءَ ٻئي طرف کان ڏاڪڻ لهي پراڪرم باهو جي
’پنجاهه ڪرم واري محل‘ ڏانهن وڃي رهي هئي. هو هڪدم
پٺيان ٿيو. گاهه تي وکريل پيلن پنن تي هن جي قدمن
جي آهٽ ٻڌي، هُن پُٺ ورائي.
”هاءِ.“ لزلي مارش مشڪي چيو.
”هاءِ“ جواب ۾ هوءَ به مشڪي.
هو ساڻس گڏ هلڻ لڳو. ”هيءُ ٻيٽ ايتري قدر خوبصورت
آهي، جو سمجهه ۾ نٿو اچي ته ڇا ڪجي.“ هن ڳالهه
شروع ڪي.
”ها.“ واڱڻائي ساڙهي واري ڇوڪري جواب ڏنو. ”اسان
جي مقدس ڪتاب رامايڻ ۾ لکيل آهي ته سائي ۽ سونهري
لنڪا اهڙي ته دلفريب هئي ڄڻ آڪاش تي باغ لڳل هجي.“
”ڪيڏو حسين اڏاوت جو نمونو آهي اِهو!“ لزلي مارش،
محل کي ڏسندي حيرت ۾ بيهي چيو. ”مان جڏهن به ايشيا
ايندو آهيان ته پنهنجو پاڻ کي بيحد ننڍو محسوس
ڪندو آهيان.“
”تو ڏکڻ هندستان جا مندر ڏٺا آهن؟“
”ها. تون به هندستاني آهين نه؟“
”ها. هُو ڏس ’ست محفل وهار.‘ اهو راڻي روپ متي
ٺهرايو هو. مون هاڻي گائيڊ بوڪ ۾ ڏٺو.“
”منهنجو نالو ڊاڪٽر لزلي ونسنٽ مارش آهي. مان
هارورڊ کان آيو آهيان.“
”مان ڊاڪٽر ميرچنداڻي آهيان. مان 1954ع تائين
ڪولمبو ۾ پڙهي آهيان.“
”مس ميرچنداڻي يا مسز ميرچنداڻي؟“
”ميرچنداڻي منهنجو ميڊن (Maiden)
نالو آهي.“
”توکي خبر آهي ته مان ڪولمبو کان هيستائين تنهنجو
پيڇو ڪندو آيو آهيان. تو هڪ دفعو به پويان مُڙي نه
ڏٺو.“
”هارورڊ جا ماڻهو ته بيحد سنجيدا ۽ معقوليت پسند
مشهور آهن.“
”ها ها ها. تون ڪولمبيا ۾ انگلش ڊپارٽمنٽ جي ڊاڪٽر
ايڊورڊ مارش کي سڃاڻين؟ هو منهنجو ننڍو ڀاءُ آهي.“
کنڊرن جا چڪر ڏيندي، هنن آمريڪا جون ڳالهيون شروع
ڪيون. هو انهيءَ پس منظر مان آيو هو، جتي سيتا
پنهنجي زندگيءَ جو بهترين وقت گذاريو هو. شايد
انهيءَ ڪري هن اجنبي آمريڪي سان هڪ عجيب ويجهائپ
محسوس ٿي.
’اينٿراپالاجي‘ ۽ ’آرڪيالاجي‘ منهنجا وڻندڙ مضمون
آهن، پر يونيورسٽيءَ ۾ پوليٽيڪل سائنس پڙهائيندو
آهيان. اڄ ڪلهه هڪ ڪتاب لکڻ خاطر هتي آيو آهيان.
تون به ڪتاب لکڻ آئي آهين؟“
”نه. هي ڏس.“ هن جلدي گائيڊ بوڪ کوليو. ”هيءُ
راڻين جي وهنجڻ لاءِ ڪنول جي شڪل جهڙو تلاءُ. هتي
لکيل آهي ته انهيءَ ۾ پراڪرام سمندر مان ڪسيءَ جي
ذريعي پاڻي ڀريو ويندو هو.“
اُهي سموري کنڊر ۾ گهمندا رهيا. لنڪا تلڪ مندر.
جيت ون وهار. راڻي روپ متيءَ جو ٺهرايل استوپ.
پراڪرم باهو جي راڻي ’سڀدرا‘ جو ٺهرايل ’ڪيري
وهار.‘ ڏکڻ هندستان جي طرز جا ڀڳل ٽٽل
شيوديوالا. سرن مان جوڙيل گوتم ٻُڌ جو بيحد ڊگهو
مجسمو، جيڪو سڌو بيٺل هو ۽ جنهن جي گوٿڪ وضع جي
مندر جي ڇت ڪري چڪي هئي. ڪارين ٽاڪرو چوٽين وچ ۾
گاهه تي ليٽيل گوتم ٻُڌ، جنهن کي ’نرواڻ پدوي‘ ملي
چڪي هئي ۽ جنهن جي سيرانديءَ کان آنند هٿ ٻڌي
پنهنجي مالڪ جي موت تي اداس بيٺو هو. هڪ وڏي ۽
ويڪري چبوتري تي پدم آسڻ ۾ ويٺل گوتم ٻڌ، جنهن جي
سامهون وڻن تي پوڄارين پنهنجون پنهنجون مرادون
ماڻڻ لاءِ سفيد جهنڊيون ٻڌي رکيون هيون، ۽ جنهن جي
چوطرف سنهالي عورتون اچي سجدي ۾ ڪري پيون هيون.
مورن، هاٿين ۽ راج هنسن جا نفيس ۽ لسا مون اسٽون.
لزلي هڪ هڪ شيءِ ڏسي بي حال ٿيندو ٿي ويو.
”توهان آمريڪي به خوب آهيو.“ سيتا کلي چيو.
”هو ڏس، ’ست محل پرسات.‘“ لزلي سامهون اشارو ڪيو.
انهيءَ زماني ۾ ماڻهو ست ست ماڙ عمارتون جوڙائيندا
هئا. ڪمال آهي!“
”رامايڻ ۾ تلسي داس لکيو آهي ته لنڪا جا محل خود
وشو ڪرم ڀنڊار جي ديوتا ڪُٻير جي رهائش لاءِ
پنهنجي هٿن سان جوڙيا هئا.“ سيتا چيو.
”جي؟ وري چئجو.“ هن هڪدم پنهنجو نوٽ بڪ ڪڍيو. سيتا
کِلي پيئي. ”۽ اهو به لکو ته وشڻو، جادو جو شهر
جوڙيو هو، جنهن ۾ شهزادي وشو- موهني رهندي هئي.“
هوءَ هڪ ڀڳل ٿنڀي تي ويهي رهي. لزلي نوٽ بڪ بند
ڪري ڇڏيو.
”توکي هڪ ڳالهه ٻڌايان.“ هن چيو، ”هندو ديومالا ۽
رامايڻ جي ڪهاڻي پڙهي، مان هميشه سوچيندو هوس ته
سيتا ڪهڙي هوندي.“
”۽ اُها اڄ ڏسي ورتي.“ هوءَ اڃا زور سان کِلي.
فضول. فضول وقت گذري رهيو آهي.
واپسيءَ ۾ کين پري کان ’رڻ ڪوٽ وهار‘ جو عظيم
الشان استوپ نظر آيو. جنهن جي وسيع گنبذ تي گهاٽو
گاهه اُڀري آيو هو. ”ڪيڏي ڀوائتي ڳالهه آهي.“ سيتا
چيو، ”انسان جهنگل جي سامهون بيوس ٿي ٿو پوي.“
”ها.“ لزلي کيس غور سان ڏسندي جواب ڏنو، ”تون بلڪل
ٺيڪ ٿي چئين.“
ريسٽ هائوس جي اڳيان پهچي هن سيتا کي چيو، ”جيڪڏهن
تون اهو نٿي چاهين ته مان ٻيهر تنهنجو پيڇو شروع
ڪريان ته تون منهنجي ڪار ۾ اچ ۽ پنهنجي ڊرائيور کي
چؤ ته اسان جي پويان پويان اچي.“
سيتا ائين ئي ڪيو.
پولونروا جا کنڊر پويان ڇڏي، اُھي وري سڌي رستي تي
آيا. سيتا مٿو پويان ڪري اکيون بند ڪري ڇڏيون.
گذريل سال هوءَ عرفان سان بهاولپور جي مٽيهاڻي
رستي تان لنگهي رهي هئي. عرفان هن وقت ڪولمبو ۾
هو. جميل به ڪولمبو ۾ هو. هوءَ لزلي ونسنٽ مارش
سان گڏ سگريه وڃي رهي هئي.
رات ٿي ويئي.
’ستي ساوتريءَ جهنگل ۾ چيو هو: رات اسان جي چوڌاري
گهري ٿيندي ٿي وڃي. سج لهي چڪو آهي. رات جا حيوان
چئني طرفن کان گهمي رهيا آهن ۽ ڏاڍي بي رحميءَ سان
طنزيه ٽهڪ پيا ڏين. انهن جي هلڻ سان پن کڙ کڙ پيا
ڪن. ڏکڻ اولهه کان ايندڙ گدڙن جون ڀيانڪ اونائيون
منهنجي دماغ کي لوڏي رهيون آهن. منهنجي دماغ کي...
منهنجي دماغ ...‘
رات جي اونداهيءَ ۾ سگريه ريسٽ هائوس تي گهري
خاموشي ڇانيل هئي.
”تنهنجي رزرويشين موجود آهي؟“ لزلي ڪار مان لهندي
پڇيو.
”ها.“
”توهان جو ڪمرو هن طرف وِنگ ۾ آهي، ڊاڪٽر مارش.“
ريسٽ هائوس جي مئنيجر اچي چيو.
”چڱو مهرباني.“ هو اٽيچي ڪيس کڻي ڊگها ڊگها قدم
کڻندو ٻئي ورانڊي ڏانهن هليو ويو.
صبح جو جڏهن هوءَ پنهنجي ڪمري مان ٻاهر نڪتي ته هو
ورانڊي ۾ ويهي ٽائيپ ڪري رهيو هو.
”گڊ مارننگ!“ هن منهن مٿي کڻي چيو.
”گڊ مارننگ ٽو يو پروفيسر!“ سيتا وراڻيو ۽ ڀر ۾
پيل ڪرسيءَ تي ويهي رهي.
هو ٽائيپ ڪرڻ ۾ مصروف رهيو.
”ڇا لکي رهيا آهيو؟“
لزلي ٽائيپ ڪيل ڪاغذ ڏانهس وڌايا.
’ڏکڻ ايشيا ۾ ڪميونزم جو اثر.‘ ’سيلون جي سري
لنڪا فريڊم پارٽيءَ جو ڍونگ‘ ٻئي باب جو پهريون
عنوان هو. هوءَ ڪجهه صفحن تي نظر وجهي بيزاريءَ
سان ٻاهر ڏسڻ لڳي.
”تنهنجي ڳالهين مان لڳو هئم ته تون معقول قسم جو
ڊيموڪريٽڪ آهين.“ ڪجهه منٽ رکي هن چيو.
لزلي ٽائيپ بند ڪري کلڻ لڳو. ”مون ڪلهه شام
پولونروا ۾ توسان بحث ڪرڻ کان پوءِ طئه ڪيو آهي ته
ايڏيون خوبصورت گهڙيون سياسي گفتگوءَ ۾ برباد نه
ڪندس ڇو ته جڏهن تون تقرير شروع ڪري ٿين ته ٻئي
ڪنهن کي ڳالهائڻ ئي نٿي ڏين ۽ اهڙي طرح تمام قيمتي
وقت ضايع ٿئي ٿو. تو جهڙين حسين ڇوڪرين کي
انٽلڪچوئل بلڪل ٿيڻ نه گهرجي.“
سيتا کيس ڪو جواب نه ڏنو ۽ ساڻس گڏجي بريڪ فاسٽ جي
ميز ڏانهن ويئي.
نيرن کائڻ کان پوءِ هن گهڙي ڏٺي.
”هاڻي جلدي سگريه ڏسي اچڻ گهرجي.“
”ڇو؟ ڪهڙي جلدي آهي؟“ لزلي سندس سگريٽ دکائيندي
پڇيو.
”منهنجي دل ٿي چوي ته هڪ ٻه ڏينهن هتي رهڻ گهرجي.“
”مون کي اڱاري جي صبح جو ڪولمبو واپس پهچڻو آهي.“
”ڪولمبو پهچڻ لاءِ ايڏي تڪڙ ڇو آهي؟ تو ته چيو ٿي
ته پراچين لنڪا جي سياحت لاءِ آئي آهين. انگريزن
جي آباد ڪيل هن ڪالونيل (Colonial)
شهر ۾ ڇا رکيو آهي؟“
هوءَ ميز تي ماچس جي تيلين مان اکر ٺاهڻ ۾ لڳي
رهي. هڪ تمام ننڍي عمر وارو سنهالي جوڙو، جنهن جي
انداز مان ظاهر ٿيو ٿي ڄڻ هني مون ملهائڻ آيو هجي،
پنهنجي ڪمري مان نڪري ڪائونٽر تي آيو. ڇوڪري،
ڪولمبو ٽرنڪ ڪال ڪري رهي هئي:
”مما، اسان خير سان آهيون. چڱو... مان؟ ماني تمام
سٺي آهي... ها ها. مون اووليٽن پيتي آهي. مان رتنا
کي تمام گهڻا پڪچر پوسٽ ڪارڊ موڪلينديس. جارج سان
ڳالهاءِ.“
ڪافي ختم ڪري لزلي اُٿي بيٺو. ”جيڪا تنهنجي مرضي.
هلو، سگريه ڏسي اچون.“
سگريه جي ڇهه سؤ فٽ هيبتناڪ چوٽيءَ تي پهچندي
پهچندي ڪافي وقت لڳي ويو. هوا ڏاڍي تيز هئي ۽ هلڪي
اُس هيٺين حد تائين ٻنين ۾ ڦهليل هئي.
پري اُفق ۾ تيز نيريون ٽڪريون ڏسڻ ۾ پئي آيون.
چوٽيءَ تي پهچي چوڌاري ڏسندي هُن هڪدم لزلي کي
چيو، ”گناهه جو احساس سگريه جي چوٽي وانگر خوفناڪ
۽ اٽل، اونداهو ۽ ڊيڄاريندڙ آهي.“
”تون ڪڏهن ڪڏهن اهڙيون گهريون ڳالهيون ڪندي آهين
جو انهن لاءِ باقاعدي فوٽ نوٽس جي ضرورت محسوس ٿيڻ
لڳندي آهي. ٻڌاءِ، دنيا جي ڪهڙي لائبريريءَ ۾
تنهنجي ڳالهين جو اشارو ملي سگهي ٿو؟“ لزلي چيو.
سيتا اکين جا ڇپر کڻي ڏانهس ڏٺو. ڪيتري قدر احمق
ماڻهو آهي.
فضول فضول فضول.
هڪ ٻي چوٽيءَ جي سطح کي پار ڪري هوءَ فرسيڪوز
ڏانهن ويندڙ لوهي ڏاڪڻ هيٺ پهچي ويئي. لزلي هڪ قدم
ڀت تي رکي مٿي نهاريو.
”جيڪڏهن اِتان کان ماڻهو ڪري پوي ته ڪيئن ٿا
ڀانيو؟!“ هن اکين تي هٿ رکي ڇانوَ ڪندي وري چوطرف
ڏٺو. هڪدم هن مُڙي سيتا کان سوال ڪيو. ”تون گناهه
جي احساس جي ڪهڙي ڳالهه ڪري رهي هئينءَ؟“
”ڪجهه نه.“ هوءَ ڀت تي ويهي رهي.
”مون کي ضرور ٻڌاءِ.“ لزلي ضد ڪيو.
”رات مان سگريه جي ڪهاڻي پڙهي رهي هيس.“ سيتا
ڳالهه ٽارڻ لاءِ چوڻ شروع ڪيو، ”ته پنجين عيسوي
صديءَ ۾ ڌتوسين لنڪا جو راجا هو.“
لزلي هڪدم نوٽ بوڪ ڪڍيو ۽ گوڏا کوڙي سندس سامهون
ويهي رهيو.
”کيس ٻه پٽ هئا.“ سيتا هوا جي لهر تي اڏامندڙ رئي
جي پلؤ کي چيلهه جي چوڌاري ويڙهيندي چيو، ”ڪيشيپ
۽ موگُلنا. راجا جي ڌيُ جي شادي سندس سيناپتيءَ
سان ٿيل هئي. هڪ ڏينهن راجڪماري پنهنجي پيءُ کي
چيو ته سندس پتي کيس چهبڪ سان ماريو آهي. ڌتوسين
غصي ۾ اچي سندس سس کي جيئري جلائي ڇڏيو. سيناپتي،
راجا تي پاڻ حملو نٿي ڪري سگهيو، تنهنڪري هن ڪيشيپ
کي پاڻ سان گڏ ڪيو ۽ ڪيشيپ بغاوت ڪرڻ کان پوءِ،
پڻس کي جيئري دفن ڪيو ۽ پاڻ تخت تي ويٺو. موگلنا
ساهه بچائي هندستان ڀڄي ويو پر کانئس پوءِ مهاراجا
ڪيشيپ کي گناهه جو احساس ستائڻ شروع ڪيو. کيس يقين
ٿي ويو ته انتقام جي ديوي کيس سندس ڏوهه جي سزا
ڏيندي. انهيءَ ڪري هر وقت ڊنل راجا، سگريه جي
انهيءَ اوچي چوٽيءَ تي پنهنجو قلعو جوڙايو، جيئن
دنيا کان محفوظ رهي سگهي. انهيءَ چوٽيءَ جي سطح تي
هن محل، ٻه محلا، تلاءُ ۽ حوض ٺهرايا ۽ هتي رهڻ
لڳو پر ارڙهن سالن کان پوءِ ...“
هن ڀت تان اُتي وري مٿي چڙهڻ شروع ڪيو. لزلي نوٽ
بوڪ کڻي گڏ ڪنڌ جهُڪائي ڏاڍي ڌيان سان ڪهاڻي ٻڌندو
پئي ويو. هلندي هلندي هڪ ڏاڪي تي سيتا جو پير ترڪي
پيو.
”اڙي اڙي! سنڀالي هل.“ هن گهٻرائجي چيو. ”ها
پوءِ؟“
”ارڙهن سالن کان پوءِ موگلنا فوج وٺي هندستان کان
موٽيو ۽ انهيءَ چوٽيءَ هيٺيان پنهنجي ڀاءُ سان جنگ
جوٽيائين ۽ ڪيشيپ جنگ جي ميدان ۾ خودڪشي ڪئي.“
اُنهن خطرناڪ لوهي ڏاڪڻ چڙهڻ شروع ڪئي ۽ چند منٽن
۾ مٿي پهچي ويا. چوٽيءَ جي بلڪل ڪناري سان گئلري
هئي، جنهن جي ديوار تي اجنتا جي نموني جا فريسڪوز
ٺهيل هئا.
”گلن جي ورکا ڪندڙ اپسرا جي ري پراڊڪشن ايترا ڀيرا
ڏٺي اٿم جو کيس سچ پچ ڏسندي اعتبار نٿو اچي.“ لزلي
چيو.
”تو اجتنا جا فريسڪوز ڏٺا آهن؟“ سيتا پڇيو.
”نه، هاڻي وڃي ڏسندس. ٿورو سوچ، اهي خوبصورت
تصويرون ڪهڙن فنڪارن ڪيڏا جوکا، کڻي ٺاهيون
هونديون!“
”اجتنا ڏسڻ کان پوءِ، هي پنج ڇهه ننڍيون ننڍيون
تصويرون بلڪل پٿر جهڙيون ٿيون لڳن. مون کي ته ڏاڍي
مايوسي ٿي. اجايو ايترو مٿي چڙهي آيس. هلو، هاڻي
هيٺ هلي گريفٽي ڏسون.“ سيتا گائيڊ بوڪ کولي چيو.
لزلي تصويرون ڏسڻ ۾ محو هو. هوءَ سندس ڀرسان وڃي
بيٺي.
”تنهنجي تصوير جيڪڏهن ڪنهن قديم پٿرائين ديوار تي
اهڙي طرح ٺاهي وڃي ته جيڪر ڪيئن لڳي؟“
لزلي مڙي کيس غور سان ڏسندي چيو، ”خبر ناهي ته اهي
ڇوڪريون ڪير هيون.“
سيتا وارن جي چڳ نرڙ تان هٽائي آهستي چيو،
”وجولتا- وڄ جي شهزادي. ميگهه لتا- بادلن جي
آشهزادي. اپسرائون- رمڀا ۽ مينڪا.“
هن گائيڊ بوڪ ۾ انهن جا نالا پڙهيا. انهن اپسرائن
جون ماڊل ڇوڪريون اصل زندگيءَ ۾ ڪهڙيون رهيون
هونديون.
فريسڪوز کان اڳتي وڌي. اُهي گريفٽيءَ جي ڊگهي
ديوار هيٺ بيهي رهيا. هيٺ شهر جي عظيم الشان چنبن
جي وچان نڪري، ڪي سياح ڏاڪڻ چڙهي رهيا هئا.
سنهاگريءَ جو ڀوائتو پاڇو پري پري تائين ٻنين تي
پئجي رهيو هو.
”سگريه ايندڙ سياحن، ڪيئن صديون اڳ اُنهيءَ ديوار
تي جيڪي ڪجهه لکيو هو، ساڳي طرح محفوظ آهي.“ سيتا
گائيڊ بوڪ کولي پڙهڻ شروع ڪيو: ”هن عظيم الشان
گريفٽيءَ تي، جيڪا ’شيشي جي ديوار‘ سڏجي ٿي، ڇهه
سؤ اسي تحريرون اُڪريل آهن، جن کي تو مون جهڙن
سياحن لکيو هوندو. گهڻا مزاحيه نظم سوال جواب جي
صورت ۾ آهن.
’دوست‘... هڪ هنڌ لکيل آهي: ’انهن سونهري ڇوڪرين
جون تصويرون هر هنڌ مٽجي سپني مثل ٿي ويون آهن.
ڪٿان ڪٿان انهن جو رنگ اڏامي ويو آهي ... ڇا هاڻي
ڪو اهڙو باقي بچيو ناهي جو سندن زماني ۾ ساڻن پيار
ڪندو هجي؟‘
هڪ هنڌ ڪنهن عورت لکيو آهي: ’ٻُڌُ ٻُڌُو، اسان
ڇوڪريون توهان سان مخاطب آهيون – توهان، احمقو!
توهان، جيڪي سگريه آيا آهيون ... گيت ڳائڻ ۽ نظمن
لکڻ کان سواءِ توهان اهو به سوچيو آهي ته اسان
عورتون آهيون ۽ اسان کي مدرا گهرجي.‘
ڪينڊيءَ ۾ شاطوءَ جي دريءَ مان ڍنڍ نظر پئي آئي،
جنهن جي چؤطرف ٽڪرين تي ڳاڙهين پڇتي وارا بنگلا
پام جي گهاٽي جهرمر ۾ لڪا بيٺا هئا. ٽڪرين تي ور
وڪڙ کائيندو ڇانو وارا ڊرائيوز (Drives)
هئا، جن جا نالا سابق برطانوي گورنرن جي زالن جي
نالن تي رکيا ويا هئا: ليڊي هورٽن. ليڊي بليڪس.
ليڊي مڪ ڪليم ... آسمان سامهون، ’بائبل راڪ‘ کُتل
هئي.
شاطوءَ جي مالڪ ڪو رومن ڪئٿولڪ بئريسٽر هو، جنهن
جو اڌ نالو پورچوگالي، اڌ سنهالي ۽ اڌ تامل هو.
هيٺين منزل جي ڊرائنگ روم ۾ سندس فئملي گروپ جا
فوٽا ٽنگيل هئا. مٿي ڊائننگ روم ۾ بئريسٽر جي
روغني تصوير ٽنگيل هئي. تصوير جي هيٺيان لکيل هو:
’ڊون فرننڊيز ڊي ڪوسٽا سمر سنگهار ونامد ليار.‘
”ڪالونيل مشرق ۽ سامراجي مغرب جو اهو ناجائز
ڳانڍاپو مون کي هانگ ڪانگ کان وٺي گوا تائين هر
هنڌ ڏسڻ لاءِ ملي ٿو.“ لزلي نئپڪن کڻي دريءَ ڀرسان
ڊائننگ ٽيبل تي ويهي چيو.
”تو ڪينڊيءَ جي رقاصائن جو ناچ ڏٺو آهي؟“ سيتا
پڇيو.
”ها، مان جنگ جي زماني ۾ برما ويندي، هتي ڪجهه
ڏينهن ترسيو هوس ۽ اتفاق سان اِنهيءَ شاطوءَ ۾
ترسيو هوس. انهيءَ زماني ۾ ڪينڊي، لارڊ مائونٽ
بئٽن جي سائوٿ ايسٽ ايشيا ڪمانڊ جو هيڊڪواٽر هو.“
پوءِ هو ترسي ڪنهن سوچ ۾ پئجي ويو.
”ڇا ٿو سوچين؟“ سيتا سلاد جي پليٽ ڏانهس وڌائيندي
سوال ڪيو.
”ڪجهه به نه.“ هن ڇرڪي چيو. ”برما ۾ ڏاڍو زخمي ٿيو
هوس ۽ ڪئين سال جنگي قيدي ٿي رهيو هوس. منهنجا ٻه
ننڍا ڀائر ٽوڪيو تي بمباري ڪندي مارجي ويا هئا.
جنگ ڏاڍي خوفناڪ شيءِ آهي، هني!“
”۽ هاڻي تون هڪ ٻي جنگ وڙهڻ ٿو چاهين.“
”“ڇو ته تنهنجي هن خوبصورت ايشيا کي ڪميونزم کان
بچائڻ لازمي آهي، هني.“
سيتا هڪ دفعو وري خاموشيءَ سان کائڻ شروع ڪري ڏنو.
”هلو ته سُٺن سياحن وانگر ’ڏند مندر‘ ڏسي اچون.“
کائڻ کان پوءِ هن ٿوري بيزاري سان لزلي کي چيو.
ڪينڊيءَ جي مشهور ’ڏند جي مندر‘ ۾ شام جو پوڄا ٿي
رهي هئي. انهيءَ سان لاڳيتو ڪينڊيءَ جي آخري
مهاراجا ’سري وڪرم راج سنگهه‘ جو ننڍو محل سنسان
پيو هو. لزلي انهيءَجي ديوارن جي نقش نگارن کي
آڱرين سان ڇهندو هليو. انهيءَ بادشاهه کي 1815ع ۾
انگريزن شڪست ڏيئي لنڪا تي قبضو ڪيو هو. سيتا کي
ياد آيو، هن ڪولمبو ميوزيم ۾ سري وڪرم راج سنگهه
جي راڻيءَ جو طلسمي بلائوز هڪ شوڪيس ۾ رکيل ڏٺو
هو، جنهن جي ڪلهي وٽ رت جو هلڪو داغ هو. بلائوز
جي هيٺيان لکيل هو: ’ڪينڊيءَ کي ناس ڪرڻ کان پوءِ
راج محل تي حملو ڪندڙ برطانوي سپاهين مهاراڻيءَ جي
ڪنن مان جيڪي واليون ڪڍيون هيون، اِهو انهيءَ جو
رت آهي!‘
جهانسيءَ جي لڪشمي ٻائي. لکنؤ جي راڻي حضرت محل.
ڪينڊيءَ جي مهاراڻي.
شاطو واپس اچي رات جو مانيءَ کائڻ کان پوءِ لزلي
سان وڌيڪ ڳالهيون ڪرڻ بدران، هوءَ سڌو پنهنجي ڪمري
۾ هلي ويئي. هوءَ ساڻس ٽي ڏينهن مسلسل ڳالهيون ڪري
بيزار ٿي پيئي هئي.
ڪافي رات گذرڻ کان پوءِ لزلي جي ڪمري مان ٽائيپ
رائيٽر جو آواز ايندو رهيو. شايد هو انهيءَ وقت
’ڏکڻ ايشيا ۾ ڪميونزم جو اثر‘ جو ٽيون باب لکي
رهيو هو.
ٻئي ڏينهن سوير اُهي ڪينڊيءَ مان روانا ٿيا. شهر
کان ٻاهر مهاويلي گنگا ۾ هاٿي وهنجي رهيا هئا،
ڪجهه ميلن جي مفاصلي تي سيلون يونيورسٽيءَ جون
ڳاڙهي رنگ جون خوبصورت عمارتون پري پري تائين
ٽڪرين تي پکڙيل هيون. ڇانو وارن رستن تي سوٽي
ساڙهين ۾ سانوري رنگت جون ڇوڪريون ڪتاب کڻي
هيڏانهن هوڏانهن آيون ۽ ويون پئي. ’خبر ناهي،
ويچارين جي قسمت ۾ ڇا ڇا لکيل آهي؟‘ ڪار ۾ لزليءَ
جي ڀرسان ويٺي هن سوچيو: هوءَ به ڪنهن زماني ۾
ساڳي ذوق ۽ شوق سان ڪتاب کڻي پڙهڻ ويندي هئي.‘
هاڻي کيس سمجهه ۾ آيو ته سندس ساهورن جون وڏيون،
ڪنوارين ڇوڪرين کي سلام جي جواب ۾ الله نصيب چڱو
ڪريئي‘ ڇو چونديون هيون. وڏي ماسي، وچين ماسي ۽
ننڍي ماسي- ٽيئي جواب ۾ کيس ’سدا سهاڳڻ رهين‘ ۽
’سينڌ ٿڌي رهي‘ جون دعائون ڇو ڪنديون هيون!
ڪينڊيءَ کان اڳتي اوچتو وڌيڪ اوچن جبلن جو سلسلو
شروع ٿي ويو. پام جا جهڳٽا هاڻي ختم ٿيندا ٿي ويا
هئا ۽ انهن جي جاءِ، اوچن اوچن الپائن جي وڻن ورتي
هئي.
ٽپهريءَ جو اهي انوارا ايليا جي هِل اسٽيشن تي
پهچي ويا. ’روشنين جو شهر.‘
انگريز ڪنٽري هائوس جي نموني جي ٻماڙ ’گرينڊ هوٽل‘
هڪ گلن سان ڍڪيل ٽڪريءَ تي بيٺل هئي.، ان وقت هلڪي
هلڪي برسات پئجي چُڪي هئي. هوا ۾ جابلو گلاب جي
تيز سُڳنڌ هئي. هر طرف ڊيزي ۽ ڪارمنيشن جا ٻوٽا
لهرائي رهيا هئا. هوٽل اندران مڌم مغربي موسيقيءَ
جو آواز پئي آيو.
”اوهه!“ لزلي ڪار مان لهي هوا کي سُنگهندي چيو،
”مون کي هڪدم ائين پيو لڳي ڄڻ ايشيا جي تند و تيز
سحر کان بچي هڪ ڀيرو وري پنهنجي محفوظ ۽ سرد مغرب
۾ واپس اچي ويو آهيان.“
جيتري دير ۾ سيتا پنهنجو سامان سنڀالي نڪتي، هو
هال ۾ وڃي ڪائونٽر تي ويهي ڪلرڪ سان ڳالهائڻ ۾
مصروف ٿ ي چڪو هو. هوءَ به ڀرسان وڃي بيهي رهي.
ڪلرڪ رجسٽر کوليو ۽ لزلي ڏانهن سوالي نظرن سان
ڏٺائين.
”ڊبل روم سَر؟“
”ها.“ لزلي جواب ڏنو.
”نالو؟“
”مسٽر اينڊ مسز لزلي.“ مارفش لزلي جواب ڏنو.
ڪلرڪ لکي ڇڏيو.
”توکي ڪو اعتراض ته ناهي، هني؟“ هن آهستي پڇيو.
هوءَ چپ رهي.
ٻئي ڏينهن صبح جو جبلن تي تمام گهاٽو ڪوهيڙو ڇانيل
هو. ڌنڌ صاف ٿي ته سيتا هائوس ڪوٽ پائي دريءَ تي
ويئي ۽ گلن وارو پڙدو هٽائي ٻاهر ڏسڻ لڳي.
”اڄ ڪهڙو پروگرام آهي؟ هن مُڙي لزلي کان پڇيو.
”تون ئي ٻڌاءِ.“ هن شيوَ ڪندي ڊريسنگ ٽيبل جي
اڳيان جواب ڏنو.
”مان تنهنجي وس آهيان.“
سيتا دريءَ جي سرد شيشي سان نڪ لڳائي دير تائين
ٻاهر جو نظارو ڏسندي رهندي.
لزلي هاڻي انتهائي بي سُري آواز ۾ ڏکڻ پلانٽيشنز
جو هڪ اُداس نغمو جهونگاري رهيو هو. ٻاهر چوٽين
تان بادل ترندا پئي ويا. پري جبلن تي آبشار تيزيءَ
سان ڪري رهيا هئا.
نوارا ايليا ۾ زمين هڪ فوٽ تائين ڪاري آهي. هتان
جي ماڻهن جو عقيدو آهي ته سيتا کي بچائڻ لاءِ
هنومان هتي اچي سموري جبل کي باهه لڳائي هئي ۽
تڏهن کان اها زمين سڙيل آهي. سيتا هتي ئي گم ٿي
هئي. راوڻ، سيتا کي انهيءَ هنڌ قيد ڪري رکيو هو.
ٻن پهرن جو سيتا ۽ لزلي جبلن تي گهمندا ڦرندا هڪ
آبشار جي ڪناري وڃي پهتا.
”ٿورو هتي ترسجو.“ سيتا لزلي کي چيو. آبشار کان
ٿورو پاسيرو هڪ ننڍو اڇي رنگ جو مندر بيٺل هو.
هوءَ ڪار مان لهي چوٽيون پار ڪندي مندر ڏانهن
وڌي.، لزلي به ڪيمرا کڻي پويان ويو. مندر جي
هيٺيان جابلو نديءَ جو شور مچائيندڙ پاڻي وهي رهيو
هو. اندران پوڄاري نڪتو. آمريڪي ٽورسٽ کي ڏسي هو
ڏاڍو خوش ٿيو جو اڄ دولت جي خدا جو درشن ٿيو هوس.
ڏهن رپين کان گهٽ خرچي نه ڏيندو.
”هيءُ سيتا پرميشوري جو مندر آهي.“ وارن کي ويڙهي،
مٿي ۾ عاج جي ڦڻي وجهي، هڪ راهگير سنهالي، سيتا کي
ٻڌائي رهيو هو: ”ڏسو مئڊم، اُها آبشار جي ڀرسان هڪ
ننڍي سرنگهه آهي، جنهن مان سيتا کي ’ايلا‘ مان
ماني موڪلي ويندي هئي. راوڻ هتان کان اٺٽيهه ميل
پري ’ايلا‘ ۾ رهندو هو.“
”گڊ گاڊ!“ سيتا زور سان کِلي، پر لزلي ڏاڍي عقيدت
سان پنهنجي نوٽ بوڪ ۾ لکندو ويو.
”اهي سڀ ڳالهيون پنهنجي ڪتاب جي ’فوڪس بليفس‘ (Folks
bliefs)
جي باب ۾ لکندس. مان ثابت ڪندس ته تنهنجي ساري
ڪميونزم جي باوجود سڄي ايشيا ۾ - هندستان،
پاڪستان، لنڪا، هر جاءِ، عوام ڪيڏي شدت سان پنهنجي
مذهب جا پابند آهن ۽ پنهنجي مذهبي روايتن ۾ ڪيڏو
اٽل ۽ گهرو ويساهه رکن ٿا. هاڻي هن ويچاري غريب
سنهالي مزدور کي ڏسو! هيءُ ڪيڏي ويساهه سان پيو
ٻڌائي ته راوڻ هتان کان اٺٽيهه ميل پري ايلا ۾
رهندو هو. اها مشرق جي لازوال طاقت آهي، هتي، جنهن
کي تنهنجي انڊين ڪميونسٽ پارٽيءَ يا برما جا تخريب
پسند يا هتي جا اشتراڪي ۽ ’همسفر‘ ڪير به ختم نٿو
ڪري سگهي.“
سيتا چوٽيءَ تي جهُڪي اُنهيءَ سرنگهه ۾ جهاتي پائڻ
جي ڪوشش ڪندي رهي، جنهن جي وسيلي سيتا کي ماني
سپلاءِ ڪئي ويندي هئي.
لزلي منادر جي نيم اونداهي ڪوٺڙيءَ اندر وڃي
پوڄاريءَ کان انٽرويو وٺڻ شروع ڪري ڏنو. پوڄاري
سندس مٿي تي تلڪ لڳايو. ڊاڪٽر لزلي مارس ڏاڍي ذوق
۽ شوق سان ڳاڙهو ۽ اڇو تلڪ لڳرايو. مٿي تي تلڪ
لڳرائي، هو بيحد مسخرو ٿي لڳو. ويچارو بيوقوف
آمريڪن!
اُهي انوارا ايليا جي اِنهيءَ ڪنٽري هائوس جي
انهيءَ سرخ گلن جي پردن واري ڪمري ۾، جنهن جي
ٻاهران جابلو گلاب ٽڙيل هئا ۽ پري کان آبشار جو
آواز آيو ٿي، چار ڏينهن رهيا پيا هئا. |