6
ڪنوار پيڪن مان موڪلائي وڃي چڪي هئي. وچين
ماسي ڪنڊ پاسي لڙڪ پئي لاڙيا. وڏو ڀاءُ
گهڙيءَ گهڙيءَ لڙڪ پيئڻ جي ڪوشش ڪري رهيو
هو. ماڻهن جي رواني ٿي وڃڻ کان پوءِ،
شامياني ۾ صوفا ڪجهه بي ترتيبيءَ سان پيا
هئا. مسند، جتي نڪاح ۽ بعد ۾ آرسيءَ ۾
منهن ڏسڻ جي رسم ادا ٿي هئي، اُتي هاڻي
ٻار کيڏي رهيا هئا. گلن جا هار وکريا پيا
هئا. ميراثڻيون ڳائيندي ڳائيندي ٿڪجي
چڪيون هيون. شهرجي وڏي سوسائٽيءَ جا فرد
ميزبانن کي خدا حافظ چئي موٽرن ۾ سوار ٿي
رهيا هئا. بلقيس مائٽن جي هجوم اندر زور
زور سان کلي رهي هئي. ڪاري شيرواين ۽
چوڙيدار پاجامو پاتل سندس ڪزن نادر،
مهمانن کي سگريٽ پيش ڪري ڪري ٿڪجي صوفي تي
وڃي ويٺو هو. سندس ڀاڀي شامياني جي هڪ ڪنڊ
۾ پنهنجي دوستن جي ميڙ ۾ بيهي زوردار
تقرير ڪري رهي هئي. ’هيءَ اسان جي پَت
وڃائيندي‘- نادر ٿورو پريشان ٿي سوچيو ۽
پوءِ ڪافي گهرائڻ لاءِ ڪوٺيءَ ۾ هليو ويو.
هوءَ ساڳي طرح بحث ۾ رڌل هئي ته هڪ تمام
شاندار شخص هٿ ۾ ڪافي جو ڪوپ کڻي سندس
ڀرسان لنگهيو ۽ کيس ڏسي ڏاڍي اُداسيءَ سان
مشڪيو، ڄڻ سندس اکين ۾ ترندڙ بي انت دک کي
سمجهندو هجي يا سمجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو
هجي. سندس وارن جي انداز ۾ جميل جي ٿوري
جهلڪ هئي، جنهن هڪ کن لاءِ کيس ڏاڍو بي
چين ڪري ڇڏيو. ڪجهه دير اڳ هن ڏٺو هو ته
هو مسند جي ڀرسان بيهي بلقيس سان ڏاڍي
اخلاق سان ڳالهائي رهيو هو ۽ هوءَ به
انهيءَ اخلاق سان ڳالهين جا جواب ڏيئي رهي
هئي. هڪ مائٽياڻي ڇوڪري ڪافيءَ جي ٽري کڻي
ڏانهس آئي. ”هيءُ صاحب ڪير آهي؟“
”هي ئي ته عرفان آهي.“ ڇوڪري جواب ڏنو ۽
اڳتي هلي ويئي.
پوءِ نادر سُڪل ميوي جي پليٽ کڻي وٽس
ويجهو آيو. هن ٿورو هٻڪي وري اُهوئي سوال
ڪيو: ”هيءُ صاحب ڪير آهي؟“
”اڙي! توهان اڃا هنن سان مليون ناهيو؟
ترسو، هاڻي ته سڏيانس ٿو.“ هو ڊگها ڊگها
قدم کڻندو انهيءَ شخص وٽ پهتو. ”عرفان،
هيڏانهن اچو، اوهان اسان جي ڀاڄائيءَ سان
اڃا تائين مليا ئي نه آهيو؟“ هو کيس پاڻ
سان گڏ وٺي واپس آيو. ”سائين، هيءَ اسان
جي ڀاءُ جميل جي ڪنوار آهي، ڊاڪٽر سيتا
جميل.“
هن ڏاڍي ادا سان عادت موجب ’آداب عرض‘
چيو.
’آداب‘ انهيءَ شخص جواب ڏنو. ’اچو هيڏانهن
ٿا وهون. اوهان ايتري دير بيهي ٿڪجي ته نه
پيون آهيو؟ مان اڌ ڪلاڪ کان توهان جي
تقرير ٻڌي رهيو آهيان.“ اهي ٽيئي پريان هڪ
ڪنڊ ۾ رکيل صوفي تي وڃي ويٺا.
”مان پنهنجي ڪيس جو نقطهء نظر ٻڌائڻ جي
ڪوشش ڪري رهي هيس، پر توهان ٻيءَ ڌر جي
نقطهء نظر سمجهڻ لاءِ تيار ئي نٿا ٿيو.
هونئن ٿورو منطق استعمال ڪريو. جلدي
اموشنل ٿي ويندا آهيو توهان. مون ڏٺو آهي
ته توهان جا گهڻا پڙهيل لکيل ماڻهو به
ڏاڍا سادا آهن.“
”Every
case is emotional, the rest is argument“
عرفان مشڪي جواب ڏنو.
هوءَ ٿورو تعجب سان کيس ڏسڻ لڳي. ايتري ۾
سندس هڪ ٻيو ساهوراڻي سڱ جو مائٽ ناصر اچي
ڀرسان ويٺو. ”ڀاڄائي، ڪافي گهرايان؟“ نادر
پڇيو.
”اوهان کي ڪراچي ڪيئن لڳي؟“ عرفان پڇيو.
ڪيڏو شديد بيوقوفاڻو سوال فقط سوشل گفتگو
خاطر مون کي به ڪرڻو پيو آهي. هن دل ۾
سوچيو.
هاڻي نادر، ناصر ۽ عرفان، ٽنهي ساڻس
هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون شروع ڪري
ڏنيون. عرفان کانئس پڇيو: ”اوهان ڪهڙيون
ڊاڪٽر آهيو؟ دوائن واريون يا ٻيون؟“
”جي نه سائين. هيءَ دل جي دارونءَ جو
ڪاروبار ڪن ٿيون.“ ناصر ڏير جي ناتي ساڻس
مذاق ڪيو. جڏهن کان هوءَ هتي آئي هئي،
تڏهن کان هڪ ميڙ سندس پويان پويان هوندو
ئي هو. سڱ ۾ ڏير ۽ نڙاڻون هر وقت کيس
ڇيڙينديون رهنديون هيون.
تلسي پور جون ميراثڻيون، جيڪي سندس خاندان
سان گڏ هجرت ڪري ڪراچيءَ آيون هيون ۽ هتي
لاکيت ۾ رهنديون هيون، رات جو قيصر ۽
بلقيس کي وري وري ٻڌائي، ساڻس مخاطب ٿيون
ٿي:
ساس هماري يون ڪهه گئي ٿين
ڀر جوگي ڪو چٽڪي دي دينا ناري
مين البيلي ڀول گئي ٿي
مين ني جوگي ڪو نندي دي ڊاري ري.
نادر هُن جي لاءِ طرح طرح جا پروگرام
ٺاهيا ٿي، خاص ڪري انهيءَ خيال کان ته
جميل کيس طلاق ڏيڻ کان سواءِ ٻي شادي ڪئي
آهي. اهي سڀ کيس خوش رکڻ جي هر ممڪن ڪوشش
۾ لڳل هوندا هئا.
”ڪنوار، اسان ته تو اڳيان ڏاڍو شرمسار
آهيون.“ وچين ماسي هر هر چوندي هئي.
”جميل منهنجي سامهون ناهي، نه ته جيڪر
ماري ماري سڌو ڪري ڇڏيانس ها. کيس منهنجي
غصي جي خبر آهي.، وڏي ڀاءُ کيس چيو هو.
وچين ماسيءَ راهُل جون تصويرون هر ايندڙ
ويندڙ کي ڏيکاريون ٿي: ”ڏس، ڪهڙو نه چنڊ
جهڙو آهي، بلڪل منهنجي جميل تي ويو آهي.“
”اسان جي ڀاڄائي ڏاڍي قابل آهي.“ نادر وڏي
فخر سان عرفان کي ٻڌايو. عرفان نظرون کڻي
سيتا ڏانهن ڏٺو. هوءَ ٿورو گهٻرائجي
ويئي.ايتري ۾ وڏو ڀاءُ اُتي آيو. سيتا
هڪدم ساڙهيءَ جي پلؤ سان مٿو ڍڪيو ۽ ٽيئي
ڄڻا ادب وچان اُٿي بيٺا.
”ڪنوار،“ وڏي ڀاءُ مخاطب ٿي چيو، ”بلقيس
چوي ٿي ته هوءَ ايندڙ آچر جو واپس وڃڻ ٿي
چاهي، تُنهنجو ڪهڙو ارادو آهي؟“
ايندڙ آچر جو، هوءَ وسامجي ويئي. ايتري
جلدي، ايترو جلدي هوءَ هتان هلي ويندي ۽
پوءِ شايد انهيءَ شخص کي ڪڏهن سموري ڄمار
ٻيهر ڏسي نه سگهي.
”اسان جي ته مرضي آهي ته توهان اڃا ڪجهه
ڏينهن هتي رهو. هيءُ به توهان جو گهر آهي.
پر بلقيس جلدي ڪري رهي آهي جو کيس جلدي
بمبئي پهچڻو آهي.“ وڏو ڀاءُ چئي رهيو هو.
”ادا سائين! اسان سوچيو هو ته ڪار ۾ لاهور
وينداسين.“ نادر چيو،
اچو ڀاڄائي، اندر هلي بلقيس کان پڇو ٿا.“
هوءَ عرفان کي، ’شب خير‘ چئي نادر سان گڏ
ڪوٺيءَ ۾ هلي ويئي.
انهيءَ رات، جڏهن هوءَ ڏاج واري ڪمري ۾،
سامان ۽ شيون سنواري رکڻ ۾ ڇوڪرين جي مدد
ڪري رهي هئي تڏهن وچين ماسي اوچتو کانئس
پڇيو: ”ڪنوار تو عرفان کي ڏٺو؟“
”جي ها.“
”سندس ماءُ، هن جو بلقيس جي سڱ لاءِ دهلي
پيغام موڪليو آهي. اسان بلقيس کي، عرفان
ڏسڻ لاءِ ئي ته گهرايو آهي، پر هوءَ
اهڙيءَ ته عقل جي اُبتي آهي جو کيس اها
ڳالهه سمجهه ۾ ئي نٿي اچي.“
”ائين آهي تڏهن؟“ سيتا هڪ سعادتمند هنن
وانگر خانداني مسئلن ۾ دلچسپي وٺندي چيو.
”مون کي ته چڱو معقول ماڻهو ٿو لڳي.“
”معقول ته آهي، پر بلقيس به جڏهن سمجهي.“
”ڪهڙو ڪم ڪندو آهي؟“
”تمام وڏي نوڪري اٿس. هزار ٻه پگهار اٿس،
ڇوڪريءَ کي ڇا کپي؟ گهر به سٺو اٿس.“ وچين
ماسي تحفن جا پئڪيٽ هيٺ مٿي رکندي جواب
ڏنو.
”هر دوئي جو رهندڙ آهي. هردوئي جي خبر
اٿيئي؟“
”جي نه، جي ها.“ هن مُنجهي جواب ڏنو.
”اسان جي بلقيس جي دماغ ۾ پاڪستان اچڻ جي
ڳالهه ئي نٿي اچي. هاڻي ڏس نه، عرفان ته
پاڪستاني آهي.“ سيتا ٽانڪيل جوڙا کڻي پلنگ
تي رکندي ويئي.
”سڀاڻي تون نادر سان گڏجي وڃي پنهنجي ڪوٺي
ته ڏسي اچ“
ڪراچي اچڻ کان هڪ ڏينهن اڳ هوءَ بلقيس کي
پنهنجي گهر قرول باغ وٺي ويئي هئي. بلقيس
کي هن اڄ تائين گهر ڪوٺ به ڏني هئي. هوءَ
پنهنجي دوستن مان ڪنهن کي پنهنجو صحيح پتو
نه ٻڌائيندي هئي، پر جنهن ڏينهن هوءَ
ڪراچيءَ لاءِ سامان ٻڌي رهي هئي ته سندس
ماءُ زور ڪيو هو ته هوءَ بلقيس کي مانيءَ
تي سڏي.
”ڪيڏي نه خراب ڳالهه آهي جو مون اڄ تائين
تنهنجي نڙاڻ کي ڏٺو به ناهي.“
سيتا ڪجهه مهينن کان هڪ سرڪاري کاتي ۾
نوڪري ڪري رهي هئي ۽ آفيس مان هن بلقيس کي
فون تي دعوت ڏني هئي.
انهيءَ کان هڪدم پوءِ بلقيس، هيما کي فون
ڪيو ته هوءَ شام جو سيتا جي گهر وڃي رهي
آهي ۽ کيس پڪ اپ ڪندي ويندي. ٻن پهرن جو
هوءَ لنچ جي وقت ڪناٽ سرڪس جي ريسٽارنٽ ۾
بلقيس سان ملي ته بلقيس کيس چيو هو: ”مان
پراڻي دهليءَ وڃي، هيما کي وٺندي، اٺين
وڳي تائين تو وٽ پهچي وينديس.“
”هيما کي وٺندي ايندينءَ؟“
”ها ها، ڇو؟“
”هيما کي ڇو سڏيو اٿيئي؟
بلقيس حيران ٿي ويئي هئي. ”هيما تنهنجي
ايتري پراڻي سهيلي آهي، کيس سڏڻ ۾ ڪهڙو
هرج آهي؟ منهنجو ته خيال هو ته اڳ ۾ ئي
کيس ٻڌائي چڪي هوندينءَ“
”پر بلقيس، هيما ايڏي شاندار حويليءَ ۾
رهي ٿي، مان کيس پنهنجي گهر ڪيئن سڏيان.
مون وٽ ته ويهڻ جي جاءِ به ناهي. تون
منهنجي مائٽياڻي آهين، تنهنجي ٻي ڳالهه
آهي.“
”سيتا!“ بلقيس جو منهن حيرت وچان کليو
رهجي ويو. ”سيتا! ۽ تون ڪلاس ۽ طبقاتي
شعور جي باري ۾ ايتريون تقريرون ڪندي
آهين!!“
”اهو سڀ ٺيڪ آهي.“ هُن چڙي جواب ڏنو هو.
”But
I happen to have a lot of personal pride“
”Good
heavens
ته هاڻي مان هيما کي ڪيئن منع ڪريان.“
”هاڻي ڪيئن منع ٿي ڪري سگهين؟“
انهيءَ شام جو بلقيس هيما کي ساڻ ڪري سيتا
جي ٻڌايل پتي تي قرول باغ جي هڪ گهٽيءَ ۾
پهتي. دريءَ مان سيتا جون ننڍيون ڀينرون
جهاتي پائي ڏسي رهيون هيون. سيتا جي ماءُ
دروازو کوليو. اهو ڪنهن هيٺين وچين طبقي
جي مسلمان جو ڇڏيل تنگ ۽ اونداهو ننڍو گهر
هو. ممي ٻنهي ڇوڪرين کي وچين ڪمري ۾ وٺي
ويئي ۽ گلم تي ويهاريائين. هڪ طرف پلنگ
پيل هو ۽ ڀت سان ٽرنڪون هڪ ٻئي مٿان چڙهيل
هيون. الماڙيءَ جي مٿان سري ڪرشن جي وڏي
تصوير ٽنگيل هئي. ڪجهه دير کان پوءِ ممي
الماڙيءَ جي پويان فريم ڪيل ڪلمو ڪڍيو ۽
ڇنڊي اچي ميز تي رکيائين. ”بلقيس، هيءُ
ڪلمو هن ڪمري ۾ لڳل هو. مون اهو لاهي
احتياط سان رکي ڇڏيو آهي. ڪيترا ڀيرا سيتا
کي چيم ته توکي پهچائي ڏي، متان غلطيءَ
سان هتي ڪنهن کان بي ادبي ٿي نه وڃي.
هاڻي تون کنيو وڃجان.“
”ٺيڪ آهي.“ بلقيس جواب ڏنو هو.
ممي ٿالهيون ۽ ڪٽوريون گلم تي پرڇي رکيون.
هيما ۽ بلقيس ڏاڍي آرام سان ٽنگون سڌيون
ڪري ديوار جي سهاري ويهي، مميءَ ۽ سندس
ننڍين ڀينرن-ليلا ۽موهنيءَ سان ڳالهيون
ڪنديون رهيون. سيتا ٻيءَ ديوار سان ٽيڪ
ڏيئي ويٺي انهن سڀني کي تڪيو. سامهون
ديوار تي هنومان جي تصوير ٽنگل هئي، جيڪو
جبل تريءَ تي کنيو اُڏامندو پئي ويو. مون
به زندگيءَ جو جبل کڻي آسمان تي اڏامڻ جي
ڪوشش ڪئي هئي – هن دل ۾ سوچيو هو.
”پُٽ، ڪراچيءَ جي عامل ڪالونيءَ ۾ اسان جي
ارڙهن ڪمرن جي ٻه ماڙ جاءِ هئي.“ مميءَ
گلاسن ۾ پاڻي اوتيندي، بلقيس سان مخاطب
هئي.
سيتا ڏاڍي بيزاريءَ سان کيس ڏٺو هو. اهو
قصو هرڪنهن هڪ کي ٻڌائي کيس ڪهڙي قسم جو
اطمينان محسوس ٿئي ٿو؟
”انهيءَ ڪوٺيءَ ۾ ڊاڪٽر صاحب، سيتا جي
ڊيڊي ڇهن ڪمرن ۾ سنگ مرمر جو فرش هڻايو
هو.“
”ممي، هاڻي اها رام ڪهاڻي کڻي ختم ڪر.“
سيتا چڙي چيو هو.
”بلقيس تون وڃي ضرور ڏسج، منجهس نيري رنگ
جي شيشن جون دريون آهن. ’دولت راءِ محل‘
لکيل آهي، جو پري کان ئي پيو ڏسبو آهي،
جمشيد روڊ کان موتي لعل نهرو روڊ ڏانهن
جڏهن مڙندينءَ.“
”ممي هاڻي ٺيڪ آهي. ڏسي وٺنداسين. هيما تو
دهي بڙا کنيا؟“
انهي وقت ڊيڊي اندر گهڙيو هو.
”ڇو هي توکي دولت محل جا قصا پيئي ٻڌائي
نه؟ هن جي اها عادت مشڪل سان ويندي.“ هن
کلندي چيو ۽ اُتي ئي گلم تي ويهي رهيو هو.
پوءِ هن مهمان ڇوڪرين کي چيو هو:
”پٽ،توهان ٻئي هيترن ورهين کان پوءِ اڄ
پهريون ڀيرو اسان جي غريب محل ۾ آيون
آهيو، انهيءَ کي دولت محل سمجهي وري به
اچجو.“
”صبح جو نيرن کانپوءِ نادر توکي تنهنجي
جاءِ ڏيکاري ايندو.“ وچين ماسي برتن سليقي
سان رکندي وري چيو.
”جي نه، نه ڏسنديس. ڪهڙي ضرورت آهي!“ هن
جواب ڏنو،. وچين ماسي چپ ٿي ويئي.
چاندپور هائوس ۾ هڪ هفتو گذري ويو.
چاندپور هائوس سندس وڏي ڏير جي
اسڪينڊنيوين طرز جي ٻه ماڙ ڪوٺيءَ جو نالو
هو، جيڪا هن هائوسنگ سوسائٽيءَ ۾ ٺهرائي
هئي.
”اهو ٻڌائڻ جي خبر ناهي ڪهڙي ضرورت آهي ته
توهان هڪ پراڻي قسم جا سابق تعلقيدار آهيو
۽ هڪ پراڻي قسم جو اوهان جو چاند پور
تعلقي تلسي پور، ضلعي فيض آباد ۾ 1947ع
تائين موجود هو. ٻيو ڪجهه نه ته هتي
پاڪستان اچي اوهان رفيوجي ماڻهو، پراڻن
نالن سان اڃا تائين چنبڙيل آهيو.“ بلقيس
هڪ ڏينهن صبح جو نيرن تي عادت مطابق
پنهنجي پاڪستاني مائٽن سان جهيڙو لائي
ڏنو.
”اسان جو چاندپور هائوس هو يا نه، لکنؤ
وڃي پلنگ روڊ تي ڏسج.“
وچين ماسي چيو. سندس آواز ۾ سيتا کي
پنهنجي ماءُ جي آواز جي جهلڪ ٻڌڻ ۾ آئي.
هوءَ بيزاريءَ وچان دريءَ کان ٻاهر ڏسڻ
لڳي.
ڊرائيور تي سندس ڪار اچي بيٺي. هو لٿو ۽
ورانڊي جي ڏاڪڻ چڙهي ڊائننگ روم ۾ گهڙيو،
جتي بلقيس بي نيازيءَ سان ٽوسٽ تي مکڻ
لڳائڻ ۾ مشغول هئي.
انهيءَ هڪ هفتي جي دوران هو هر روز صبح
شام چاند پور هائوس ايندو هو ۽ ڪلاڪن جا
ڪلاڪ ويهي سڀني سان ڳالهيون ڪندو رهندو
هو، پر هميشه انهيءَ موقعي جي تلاش ۾
رهندو هو ته سيتا جي ڀرسان ويهي سگهي، پر
ڪنهن کي اها خبر نه پوي ته هو ڪو سيتا جي
قربت جو خواهان آهي. وچين ماسي اهو سوچي
پيئي خوش ٿيندي هئي ته هو بلقيس جي ڪري
اچي پيو. جڏهن ڪو ايڏي خوشامد ڪندو ته
ڇوڪريءَ کي پاڻيهي ها ڪرڻي پوندي. هن هڪدم
بلقيس جي ماءُ کي، جيڪا سندس وڏي ڀيڻ هئي،
تلسي پور اهڙو خط لکي موڪليو ته ماشاالله
بلقيس جي ڳالهه هتي تقريباَ پڪي ٿي ويئي
آهي.
نوجوان پارٽيءَ جو گهڻو وقت نادر جي ڪمري
جي سامهون ورانڊي ۾ گذرندو هو. هڪ ڏينهن
اُهي ورانڊي ۾ ويهي ٽپهريءَ جي چانهه پي
رهيا هئا ته عرفان، سيتا کي چيو: ”توهان
کي واپس وڃڻ جي ايتري جلدي ڇو آهي؟ اسان
پاڪستاني ايترا خراب ته ناهيون! ڪجهه
ڏهاڙا اڃا ترسي پؤ.“
”مان ته دنيا ۾ ڪنهن کي به خراب نٿي
سمجهان. مذهبي جنون ۽ شاؤنزم جو فلسفو ته
اوهان جهڙن غير اشتراڪين جي برڪت سان
مليو آهي.“
”بلڪل ڀاڄائي! هڪ مهينو ٻيو ترسو، اوهان
جي ويزا مان وٺرائي ڏياريندس فٽافٽ.“ نادر
چيو.
”ڪيئن ترسان مان؟ منهنجي پويان سي-آءِ-ڊي
نه لڳي پوندي!“
”خير سيتا، اڃا تون ايتري اهم به ناهين جو
سي –آءِ-ڊي وارا رڳو تنهنجي لاءِ پنهنجي
ننڊ خراب ڪن.“ بلقيس کلي چيو. ”ڪجهه سالن
کان پوءِ جيڪڏهن انهيءَ رفتار سان ترقي
ڪندي رهينءَ ته انٽرپول وارا تنهنجي پويان
البت لڳندا.“
هن اداسي سان انهن ٽنهي ڏانهن ڏٺو.
فضول. فضول. دنيا ڪيڏي نه فضول جاءِ هئي.
”توهان جو ميڊن نالو ڇا آهي؟“ عرفان پڇيو.
هُو ’پروڊڪشن‘ رسالي جا پنا اٿلائي رهيو
هو، جيڪو نادر ڏاڍي شوق سان پڙهندو هو.
”ميرچنداڻي.“
”اسان وٽ هردوئيءَ ۾ هڪ سنڌي انجنيئر بدلي
ٿي آيو هو، مان تڏهن ننڍو هوس.“ عرفان
ڳالهائڻ شروع ڪيو. ”سندس نالو ميرچنداڻي
هو. هڪ ڏينهن هو ملڻ آيوته نوڪر اندر اچي
چيو ته بيگم صاحب، مڇرداني صاحب آيو آهي.
انهيءَ کان پوءِ هو ڪافي ڏينهن تائين کيس
مرچ داني چوندو رهيو. اهو واقعو مون کي
اڃا تائين ياد آهي. اسان انهيءَ زماني ۾
سنڌي ڏٺا به نه هئا. گنج ۾ ٻن ٽن سنڌين جا
دڪان هئا ۽ بس.“
”ها.“ نادر چيو. ”بلقيس توکي فروٽ مارٽ
وارو سنڌي ياد آهي، جڏهن تو اندر والٽرز
لاءِ کانئس پڇيو هو ته ڇا سندس شادي ٿي
ويئي ۽ ڇا هوءَ واقعي تمام گهڻي ڪريڪ آهي،
ته هن جواب ڏنو هو:
”Yes
madam, she is mad and married both“
”ها ها ها.“ اسان سڀئي سندس حاضر جوابيءَ
تي ڪيڏو نه کليا هئاسين.
”ها ها ها.“ عرفان به کليو ۽ پوءِ رسالو
ڏسڻ لڳو. نادر پراڻين يادن ۾ گُم ٿي ويو.
فضول. فضول وقت گذري رهيو آهي.
اوڏيءَ مهل هن عرفان کان پڇيو: ”توهان کي
خبر آهي ته ٿرڊ ڊگري ڪهڙي طرح ڪيو ويندو
آهي؟“
”ڇو؟ توهان کي انهيءَ جو خيال ڪيئن آيو؟“
عرفان پڇيو.
”ائين ئي. خيالن ۾ ربط ۽ منطق جو ڪهڙو
ذڪر؟“ عرفان کيس غور سان ڏٺو ۽ وري ڳالهه
ٽارڻ چاهيائين: ”اوهان اهو لطيفو ٻڌو
آهي؟“
”ڪهڙو؟“
”اهو ئي ته هڪ دفعي نيويارڪ ۾ ليفٽ ونگ
اديبن جي هفتي وار ميڙ ۾ اڌ کان وڌيڪ خفيه
پوليس جا ماڻهو هوندا هئا. هڪ ڏينهن هڪ
جلسي ۾ هڪ اديب اٿي حاضرين کي هن ريت
مخاطب ٿيو:
”Comrades
and gentlemen of F.B.I“
”ها ها ها.“ نادر ٽهڪ ڏنو.
پوءِ اهي چارئي کوکلا ٽهڪ ڏيندا رهيا.
شام ٿي ته سمجهه ۾ نٿي آيو ته هاڻي ڇا
ڪجي.
”هلو پڪچر تي هلون، ڀاڄائي.“ نادر کيس
چوندو هو، ”روز پڪچر! ايتريون انگريزي
آمريڪي فلمون ڏسي توهان جي دل نٿي ڀرجي؟“
عرفان سان بحث ڪندي ڪندي هوءَ بيزاريءَ
مان چوندي هئي: ”ڪا پوليٽيڪل انڊرسٽينڊنگ
ناهي، ڪتاب ناهن، سٺيون فلمون ڏسڻ لاءِ
نٿيون ملن، اخبارن ۾ بس وڃي رهي آهي،
اهائي هڪ ’مارننگ اسٽار!‘ جيڪا قوم
’مارننگ اسٽار‘ پڙهي ۽ انهيءَ جا ڪارٽون
ڏسي ڏسي سڄي عمر گذاري ڇڏي، انهيءَ جي
سائيڪالاجيءَ جو ڪهڙو حشر ٿيندو!“
”ڀاڄائي، توهان بيشڪ اسان جا لاهه
ڪڍائينديون. پاڻ ته هليون وينديون پر اسان
جو جيڪو حشر ٿيندو، اهو دنيا ڏسندي. هر
محفل ۾ اهڙيءَ طرح اُبتيون سبتيون فضول
ڳالهيون اُڏائينديون رهنديون آهيو.“
هن نادر جي احتجاج جو ڪو نوٽيس نٿي ورتو ۽
اهڙيءَ طرح چوندي رهندي هئي.
عرفان جون موڪلون ختم ٿي چُڪيون هيون ۽
کيس لاهور واپس وڃڻو هو. آخر اهو فيصلو
ٿيو ته اُهي سڀ ٻن موٽرن ۾ گڏجي لاهور
ويندا.
انهيءَ ڏينهن شام جو وقت سيتا ورانڊي ۾
اڪيلي ’لائيف‘ رسالو ڏسي رهي هئي ته هو
آيو. اهو پهريون موقعو هو جو هنن ٻنهي وٽ
ٽيون ڪو به نه هو. ”پرينءَ صبح جو انتظام
ٿي ويو آهي، ڊاڪٽر صاحب.“ هو ٿورو پرڀرو
هڪ ڪرسيءَ تي ويهي رهيو.
”مون کي ڊاڪٽر صاحب نه چوندا ڪريو، ڏاڍو
خراب ٿو لڳي.“
”پوءِ ڀلا ڇا چئجي؟ مسز جميل بيگم صاحبا،
شريمتي جي؟“
”توهان کي خبر آهي ته منهنجو سڌو سنئون
نالو سيتا آهي.“
”بيحد پيارو نالو آهي، انهيءَ ڪري نالو
وٺندي ڊپ لڳندو اٿم.“
هوءَ خاموش ٿي ويئي. هوءَ بلقيس جي سڳي
ماسات جي زال هئي. هو ڄڻ سندس ٿيڻ وارو
نڙان جو مڙس هو ۽ انهيءَ لحاظ کان مذاق جي
رشتي جو پهلو نڪتو ٿي. شايد انهيءَ ڪري هو
کيس مستقل ڇيڙيندو رهندو هو.
شايد.
”اوهان جو رامچندر جي پنهنجو راڄ پاٺ
سنڀالڻ لاءِ اجوڌيا ڪڏهن پڌاربو؟“ عرفان
پڇيو. کيس اهو ٻڌايو نه ويو هو ته جميل ٻي
شادي ڪري ورتي آهي. اهو نجي خانداني
معاملو ۽ عرفان پوءِ به ڌاريو هو.
”هاڻي سندن ٽرم وڌيڪ ٻن سالن لاءِ وڌي ويو
آهي. اوهان نيويارڪ ويا آهيو؟“
”جي ها.“
”جڏهن توهان اُتي نه هيو.“
”مان ته اُتي 1949ع کان آهيان.“
”مان به اُتي 1949ع ئي ۾ پهريون ڀيرو ويو
هوس. دراصل منهنجا ۽ توهان جا حلقا مختلف
رهيا هوندا. هاڻي آمريڪا ڪڏهن ٿيون وڃو؟“
”اڃا ڪجهه طئه ناهي.“ هن گهٻرائجي دروازي
ڏانهن ڏٺو ۽ دعا گهرڻ لڳي ته بلقيس يا ڪو
ٻيو اتي اچي وڃي ۽ اهو موضوع ختم ٿئي.
جنهن ڏينهن صبح جو اُهي سڀ سفر تي روانا
ٿيڻ وارا هئا، انهيءَ رات جو بلقيس کي
فِلو ٿي پئي ۽ ڪجهه ڏينهن لاءِ وڃڻ ملتوي
ڪرڻو پين.
هاڻي جو بلقيس بيمار ٿي پيئي ته سيتا ئي
اڪيلي نادر ۽ عرفان سان گڏجي ٻاهر ويندي
رهندي هئي. ايتري عرصي ۾ هوءَ نادر جي
دوستن جي حلقي ۾ ڏاڍي مقبول ٿي ويئي هئي.
نادر جا دوست گهڻو ڪري انٽلڪچوئل قسم جا
هئا. انهن سيتا کي جيءَ ۾ جايون ڏنيون.
عرصي کان پوءِ کين هڪ جيئري جاڳندي هندو
ڇوڪري نظر آئي هئي. پهريون ڀيرو جڏهن نادر
پنهنجي ڪجهه انٽلڪچوئل دوستن کي سيتا سان
ملائڻ لاءِ چاند پور هائوس ۾ ڪوٺ ڏني ته
وچين ماسي پنهنجي ڪمري جي دريءَ مان جهاتي
پائي چيو هو: ”هيءَ نادر جي پارٽي آهي يا
شوجيءَ جي ڄڃ، هڪڙو ٻئي کان ڪسر هليو پيو
اچي.“
”اهي سڀ ڀاڄائيءَ سان ملڻ لاءِ گهرايا
ويا آهن.“ هڪ ڇوڪري جواب ڏنو هو.
”تنهنجي ڀاڄائي پڻ خبطڻ آهي.“ وچين ماسي
چيو هو.
هاڻي عرفان بي تڪليفيءَ سان سيتا جو نالو
وٺندو هو ۽ کيس ’تون‘ چئي مخاطب ٿيڻ لڳو
هو. قيصر چالي (1) لاءِ آيل هئي ۽ ٻن
ڏينهن کان پوءِ پنهنجي مڙس سان گڏ پشاور
وڃڻ واري هئي.
فٽ نوٽ
(1) چالي جي رسم، شاديءَ کان چاليهن ڏينهن
کان پوءِ، ستاوڙي وانگر ٿيندي آهي.
رات جو قيصر جي ساهورن جي مان ۾ چاندپور
هائوس ۾ تمام وڏي ڊنر هئي. بلقيس هاڻي چاق
ٿي چڪي هئي ۽ نادر انهن ٻنهيءَ سان گڏ
شام جو ريڪس ۾ پڪچر ڏسڻ جو پروگرام ٺاهيو
هو.
ٽپهريءَ جو سيتا جلدي جلدي تيار ٿي ٻاهر
وڃڻ لڳي ته بلقيس کيس سڏ ڪيو.
”يس بِلي.“ سيتا دروازي ۾ رڪجي پڇيو.
”هاڻي ٻاهر پيئي وڃين؟“
”ها. تون ساڍي پنجين وڳي پئليس هوٽل
اچجان. مان توکي اُتيئي بار ۾ ملنديس.“
”بار ۾؟“
”ها ها. منهنجيءَ اُتي ڊڪ سان اپائنٽمنٽ
آهي.“
هو ڪلهه اتفاق سان مون کي الفنسٽن اسٽريٽ
۾ ملي ويو. مون سان گڏ ڪولمبيا ۾ هو. هتي
ورلڊ بئنڪ جي سلسلي ۾ آيل آهي. ڇو؟
”سيتا ڊارلنگ،“ بلقيس پلنگ تان لهي هائوس
ڪوٽ پائيندي چيو، ”تون ضرورت کان وڌيڪ
Emancipated
ٿي ويئي آهين. هي آمريڪا يا انگلينڊ
ناهي.“
”اوهه، مون کي انهيءَ ڳالهه جو خيال ئي نه
آيو. چڱو تون پوڻي ڇهين وڳي تائين عرفان
جي گهر پهچ. مان ڊڪ کي چونديس ته مون کي
اُتي لاهي ڇڏي. عرفان پئليس هوٽل ڀرسان ئي
ترسيل آهي. ڪچهري روڊ تي ڪلهه اسان کيس
اتيئي ڊراپ ڪيو هوسين نه.“
”عرفان جي گهر!“ بلقيس وڌيڪ پريشان ٿيندي
چيو، ”ڊارلنگ، هو بيچلر آهي، اڪيلو رهي
ٿو. تون سندس گهر ڪيئن ٿي وڃين سگهين؟“
”او ماءِ گاڊ! چڱو ساري. مان توکي وڌيڪ
ڏکوئڻ نٿي چاهيان.“
”ڊنر لاءِ هينئر کان ئي مهمان اچڻ شروع ٿي
ويندا. توکي واپس اچي تيار به ٿيڻو آهي.
نادر کي چئينس ته اڄ پڪچر گول ڪري.“ بلقيس
چيو.
”چڱو.“ هن فرمانبرداريءَ سان وراڻيو.
پنهنجي امريڪن ڪلاس فيلو سان پئليس جي بار
۾ ملاقات ڪرڻ کان پوءِ پوءِ هن ڪائونٽر تي
وڃي عرفان کي فون ڪيو. هاڻي کيس جلدي
چاندپور هائوس واپس وڃڻ گهربو هو، پر سندس
دل چئي رهي هئي ته هوءَ شام هيڪلائيءَ ۾
عرفان سان گذاري.
ڪجهه منٽن کان پوءِ عرفان پهچي ويو. ساڻس
گڏ سندس دوست عثمان به هو. اهي ٽيئي وڃي
لائونج ۾ ويٺا.
سيتا کي سُرخ رنگ جي سونهري ڀرت واري
ساڙهي پاتل هئي جيڪا کيس تمام ٺهي رهي
هئي. ڊنر جو وقت اچي پهتو پر هوءَ
بيپرواهيءَ سان ڳالهيون ڪندي رهي. عرفان
سندس ويجهو صوفي تي ويهي مٿس نهن کان چوٽي
تائين نظر وجهي مشڪندي پڇيو:
”ميلا هي چاند گنج مين سورج گهن ڪا آج
تم ڪس لئي نه غيرت شمس و قمر گئي؟“
هوءَ کلڻ لڳي. ”سچ پچ توهان اڙدو دانن ۾
ڦاسي منهنجو ته بقول نادر، چڱو حشر ٿيو
آهي.“
”۽ اڙدودان به وري ڪهڙا- لکنؤ جي رند ۽
آرزو کان گهٽ ته ڳالهه ئي نٿا ڪن.“ عرفان
جي دوست چيو. ڪجهه دير کان پوءِ هن سيتا
کان اجازت ورتي ۽ هليو ويو.
هاڻي رات جي اونداهي ڇانئجي ويئي هئي.
پئليس هوٽل جي اُنهيءَ حصي ۾ نسبتاَ َ
خاموشي هئي. ماڻهو لاگورمي ڏانهن وڃي چڪا
هئا.
”ڪافي پيئندينءَ؟“ عرفان پڇيو. کيس خبر نه
هئي هت هو سج لهڻ کانپوءِ فقط ڪاري قهوي
تي گذارو ڪرڻ پسند نه ڪندي آهي. هو کيس
غور سان ڏسندو رهيو.
”تون سچ پچ ڏاڍي خوبصورت آهين.“
”مهرباني.“
پوءِ هن سيتا جي وارن تي نظر وڌي. ”تون
سينڌ ۾ سيندور ڇو نٿي لڳائين؟“
”دراصل... اها منهنجي سيندُور جي دٻي ڪٿي
وڃائجي ويئي – ڪراچي کان ايندي. وچين ماسي
ڪيترا ڀيرا چئي چڪي آهي ته ڪنوار تو
سيندُور لڳائڻ ڇو ڇڏي ڏنو آهي. تنهنجي
ٻُسي سينڌُ ڏسي مون کي ڀؤ ٿو وٺي. هن جي
خاطر مون سوچيو آهي ته ضرور لڳائينديس،
پر هتي ملي ويندو سيندُور؟“
”خبر ناهي.“ عرفان آهستي آهستي وراڻيو.
”پڇا ڪرائينس.“
”توهان ڪٿان ڳولا ڪرائي گهُرائي ڏيو.“
پوءِ هوءَ هڪدم چپ ٿي ويئي ۽ سندس چهرو
ڳاڙهو ٿي ويو. ڪيڏي نه عجيب و غريب صورت
حال هئي! هُن کيس سيندُور آڻڻ لاءِ ڇو
چيو، جيڪو هوءَ جميل جي نالي تي لڳائيندي.
او ماءِ گاڊ! هو دل ۾ ڇا سوچيندو هوندو هن
وقت. هن طئه ڪيو ته کيس سموري ڳالهه
ٻڌائي ڇڏي.
”توهان کي خبر ناهي.“ هن رُڪي رُڪي چوڻ
شروع ڪيو، ”مان سيندُور ڪنهن جي
لاءِلڳايان! جميل مون کي ڇڏي چڪو آهي.“
پوءِ هوءَ نرڙ ۾ گهنج وجهي اکين جا ڇپر
ڇنڀيندي دريءَ کان ٻاهر ڏسڻ لڳي، جيئن لڙڪ
نه لڙي پون.
”مون کي خبر آهي.“ عرفان ڌيمي آواز ۾ جواب
ڏنو. ”مون کي ڪنهن به نه ٻڌايو هو، تڏهن
به مون کي خبر پئجي ويئي هئي. پهرئين
ڏينهن جڏهن تو کي شامياني جي هيٺ مليو
هوس، تڏهن تنهنجي اکين کي پڙهي ورتو هئم
ته تون ڪيڏي نه دُکي آهين. اچ،“ هو هڪدم
اٿي بيٺو. ”چاندپور هائوس هلون. توکي قيصر
جي دعوت ۾ دير سان پهچڻ نه گهرجي. تون هن
گهراڻي جي نهن آهين.“
”۽ توهان کي به دير ڪرڻ نه جڳائي. توهان
انهيءَ گهراڻي جا ناٺي بنجڻ وارا آهيو.“
سيتا آهستي چيو: ’ڇا ڪريان! ڇا ٿو ٿي
سگهي؟‘
”بلڪل نه. توکي خبر آهي ته بلقيس منهنجي
ته تر جيتري به پرواهه نٿي ڪري.“
”۽ توهان کي، توهان کي به سندس پرواهه
ناهي؟“
”بلڪل نه، پر توکي انهيءَ جو يقين ڪرڻ جي
ڪهڙي ضرورت آهي. هل، اٿي دير نه ڪر.“
انهيءَ رات هو چاندپور هائوس جي ڊنر مان
جلد واپس هليو ويو. گهر پهتو ته دير تائين
ننڊ نه آيس. سنسان ڪمرو کائڻ ٿي آيس. نيٺ
بيزاريءَ مان هن عثمان کي فون ڪئي.
”مان اعظم جي اسٽيگ پارٽي ۾ وڃان ٿو. تون
به جيمخاني هليو اچ.“
عثمان جواب ڏنو.
”مان هاڻي وڌيڪ ڪنهن پارٽيءَ ۾ نٿو وڃي
سگهان.“
”يار، تون اچ ته سهي، هڪ ڪنڊ ۾ ويهي
تنهنجي سيتا جون ڳالهيون ڪنداسين. آؤ حسين
يار ڪي باتين ڪرين!“
”چڱو ڀلا اچان ٿو“
هو پنهنجي فليٽ مان لهي گهمندو جيمخاني
پهتو. عثمان اڃا ڪونه آيو هو. هو ورانڊي ۾
تمام پري وڃي هڪ ڪنڊ ۾ ويهي رهيو.
سيتا سيتا.
”سيتا جميل ڏاڍي زبردست فلرٽ ٿي لڳي.“ هو
ڇرڪي ويو. پام جي ڪونڊين وٽان زور شور سان
گفتگو ٻڌڻ ۾ پئي آئي. شايد اُهائي اسٽيگ
پارٽي جاري هئي، جنهن لاءِ عثمان کيس ڪوٺ
ڏني هئي. هو اکيون بند ڪري ٻڌي رهيو هو.
کيس محسوس ٿيو ڄڻ سندس دماغ تي هٿوڙن جا
ڌڪ لڳي رهيا هجن.
”بلڪل ديسي خالص ’ڪُمايون جي آدم خور‘ (Man-eater
of Kumayun)
ٿي لڳي.“
”۽ مٿان وري پنهنجو پاڻ کي پروگريسو ٿي
پڌرو ڪري.“
”سُرخن وٽ اخلاق جو تصور تمام بلند آهي.“
”تڏهن اها ڳالهه آهي!“
”روسي ته انهي سلسلي ۾ چڱا خاصا وڪٽورين
آهن.“
”بڪواس، انهن ۾ سڀ شيون مشترڪ، ٿينديون
آهن.“
”شايد اوهان کي خبر ناهي ته روسين کي
’پاڻيءَ جي گلاس جي ٿيوري‘ رد ڪئي به عرصو
گذري ويو.“
”توهان کي انهيءَ خاتونِ محترم برين واش
ڪري ڇڏيو آهي.“
”واهه سائين واهه! هوءَ ويچاري ڇا برين
واش ڪندي، پر توهان انهن ماڻهن مان آهيو
جن جي دلين تي الله سائين مهر هڻي ڇڏي
آهي. سچ آهي، جهالت ۾ وڏي برڪت آهي.“
”مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته انسان جي ذاتي
زندگيءَ کي سندس سياسي عقيدن جي ڪسوٽيءَ
تي ڇو ٿو پرکيو وڃي.“
”افسوس جو فقط انهيءَ ڇوڪريءَ سان ملي، جا
ايڏي ڪنفيوزڊ آهي، اوهان سڀني ڇوڪرين کي
هڪ ئي تارازيءَ ۾ ٿا توريو. بدقسمتيءَ سان
هتي آئي به ته ڪير: سيتا جميل. انڊيا کان
هتي فقط بي ڪلاس فلمون گهرائڻ جي اجازت
آهي ۽ سيتا جهڙيون
Phoney
ڇوڪريون.“
”خير، ڳئون کي ٻئي جي ٻنيءَ جو گاهه هميشه
سر سبز نظر يندو آهي.“
”ڳالهائي ڏاڍو ٿي. ڪلهه رحمان جي مانيءَ
تي ڪلاڪ کن سڀني سان ڄاڙي هڻندي رهي.“
”ٻڌو آهي ته ڏاڍو سٺو نچي ٿي ڄاڻي –
ڪٿاڪلي.“
”اڙي عورتون ڪٿاڪلي ناچ نه نچنديون آهن.“
”هلو خير. مان ڪو ناچو ته نه آهيان جو مون
کي ناچ جي قسمن جي خبر هجي.“
”ڏاڍي سٺي ڇوڪري آهي ڀائو. بس ٿورو پيئندي
سرس آهي. جيئن چوندا آهن: مڇيءَ وانگر
پيئندي آهي.“
”اهائي سندس هڪ ادا آهي، جيڪا اسان کي
ڏاڍي وڻي.“
”واهه! جان عالم واجد علي شاهه توهان ئي
ته آهيو.“
”اسان ٻڌو آهي. ته پنهنجي مڙس کي ڇڏي ڏنو
اٿس.“
”پوءِ ته موقعو آهي. قسمت آزمائڻ گهرجي.
اوهه! هوڏانهن عرفان صاحب لڪو ويٺو آهي.
اڙي عرفان، ڇا خيال آهي؟ تون هن معاملي تي
روشني ته وجهه.“
”عرفان صاحب سان ڳالهائڻ بيڪار آهي. ولي
الله آهي.“
هو خاموشيءَ سان اتان اُٿي هليو آيو.
ٻئي ڏينهن صبح جو سيتا کيس چاند پور هائوس
جي ڦاٽڪ تي ئي ملي ويئي.
”رات توهان مانيءَ کان پوءِ ايترو جلدي
هليا ويا. اُتي خوب ڳائڻ وڄائڻ ٿيندو
رهيو.“ هن چيو.
”هون.“
”مون توهان کي ڪافي رات گذرئي کان پوءِ
فون به ڪئي هئي پر نوڪر ٻڌايو ته توهان
جيمخاني هليا ويا آهيو.“
”هون!“
”ڇو، توهان کي ڇا ٿيو آهي؟“ هن ٿورو
وسامجي پڇيو.
”سيتا!“
”جي.“
”ماڻهو تنهنجي باري ۾ طرح طرح جون ڳالهيون
ڪن ٿا. مون کي بلڪل سٺو نٿو لڳي. ڇا
دهليءَ ۾ به تنهنجي لاءِ ماڻهو اهڙي قسم
جون ڳالهيون ڪندا اهن؟“
”ضرور ڪندا هوندا. مون کي خبر ناهي.“
”پرواهه به نه اٿيئي.“
”اونهن.“ هوءَ هڪدم جهنجهلائجي ويئي. اُهي
ورانڊي جي ڏاڪڻ تائين پهچي ويا هئا. ”اندر
هلو. سامان ٻڌجي تيار ٿي ويو آهي. توهان
جو انتظار پيو ٿئي.“ هن سردي مهريءَ سان
جواب ڏنو.
اندر باقاعدي روئڻ پٽڻ متل هو. ڪراچيءَ
جون مائٽياڻيون شاديءَ ۾ آيل هندستاني
عورتن سان ڀاڪر وجهي زارو قطار روئڻ ۾ رڌل
هيون. بلقيس سُون سُون، ڪندي پئي ڦري. مرد
ماڻهو به نڪ سڻڪي لڙڪ اگهي رهيا هئا. وچين
ماسي ڀاڪر وجهي سڀني تان گهور پئي ويئي.
عرفان گيلريءَ جي دروازي تي بيٺي، اهو
منظر پئي ڏٺو ۽ کيس بي اختيار کل اچي
ويئي. ”اهي سڀيئي ڪيڏا نه گڏهه آهن.“ هن
آهستگيءَ سان سيتا کي چيو.
هندستاني سڀ مائٽ هوائي جهاز ۾ واپس وڃي
رهيا هئا. بلقيس ۽ سيتا، نادر ۽ عرفان سان
گڏ لاهور وڃڻ واريون هيون. ڪراچيءَ کان به
ٻه ٽي ڪزن لاهور تائين ساڻن گڏ وڃي رهيا
هئا. سموري پارٽي ٻاهر اچي موٽرن ۾ لڏجي
ويٺي. سيتا، بلقيس سان گڏ نادر جي ڪار ۾
اچي ويٺي. عرفان ٻين عزيزن کي پنهنجي
’شيو‘ ۾ ڀريو. امام ضامني جي گوڙ ۾ موٽرون
’فارٽي سيڪنڊ اسٽريٽ جي ڏنگن ڦڏن ۽ آڏن
اُبتن رستن مان نڪري ڊرگ روڊ تي آيون ۽
ٺٽي طرف روانيون ٿيون.
7
”ننگر ٺٽو!“ نادر، شاهه جهان جي مسجد جي
سامهون ڪار بيهاريندي ڄڻ انائونس ڪيو.
جڏهن اُهي ٽاڪ منجهند جو جامع مسجد جو چڪر
هڻي واڻين جي گهٽيءَ مان لنگهي رهيا هئا،
تڏهن انهن اُجاڙ گهرن ۾، جيڪي سرِن ۽
مٽيءَ جي گاري مان ٺهيل هئا، هوا هڪدم
ڏاڍي تيزيءَ سان لڳڻ لڳي ۽ ائين ٿي لڳو ڄڻ
انهيءَ هنڌ، دنيا جي سڀني بي گهر، رولو ۽
مفلس روحن جو واسو آهي. سيتا خاموشيءَ سان
بلقيس جي پويان پويان هلندي رهي. ڪجهه دير
کان پوءِ عرفان ساڻس گڏوگڏ هلڻ لڳو.
”توهان کي خبر آهي، هن شهر جو نالو ٺٽو ڇو
آهي؟“ هن گوگلز لاهيندي عرفان کان پڇيو.
”نه.“
”مغل گورنرن جي وقت جي هيءُ شهر ايڏو رونق
وارو ۽ آباد هو، جو هتي سڄي ايشيا مان آيل
ماڻهن جا ٺٽ جا ٺٽ لڳا رهندا هئا، توهان
کي تاريخ پڙهڻ جو شوق آهي؟“
”بلڪل نه.“
”اوهه!“
جڏهن اُهي ڪارن ۾ سوار ٿيڻ لڳا ته بلقيس
کيس آهستي چيو: ”تون عرفان جي ڪار ۾ وڃي
ويهه. مان ٿورو ادي نسيم وغيرهه سان گپ شپ
ڪرڻ چاهيان ٿي. پر مان هن جي ڪار ۾ وڃي
ويهنديس ته عرفان ۽ مان ٻئي خوامخواهه
بيزار ٿينداسين، خاص ڪري اديءَ نسيم جي
سامهون. مان انهن سڀني کي نادر جي ڪار ۾
سڏائي ٿي وٺان.“
هاڻي اهي سڀ صحرا مان گذري رهيا هئا. سيتا
عرفان کان پڇيو: ”توهان انهيءَ ڏينهن مون
کان سوال پڇيو هو ته مون کي ڪراچي ڪيئن
لڳي. هاڻي اهوئي سوال توهان کان مان پڇان
ته منهنجي سنڌ توهان کي ڪيئن ٿي لڳي؟“
هو مٿس نظر وجهي چپ رهيو.
”هاڻي مون کي اهو سوچي سوچي پريشاني ٿي
رهي آهي ته ڊيڊي مون کان سوال مٿان سوال
ڪري منهنجو نڪ ۾ دم ڪري ڇڏيندو، ته تو
فلاڻي جاءِ ڏٺي، فلاڻي ڳوٺ مان لنگهي
هُئينءَ. ممي ايترو چيو هو ته پنهنجي جاءِ
ڏسج ته ڪهڙي حال ۾ آهي. مون ته اها به نه
ڏٺي.“
”تنهنجو ڊيڊي ڪراچيءَ ۾ ڇا ڪندو هو؟“
”ڊاڪٽر هو. رام باغ ۾ سندس ڪلنڪ هوندي
هئي.“
”رام باغ؟“
”رام باغ ڪراچي ۾ آهي. توهان ڏٺو ناهي
ڇا؟“
”اڙي ها، جنهن کي آرام باغ چوندا آهن.“
سامهون اُٺن جو قافلو وڃي رهيو هو. هڪ
ٻڪري رستو پار ڪندي ڪار جي اڳيان آئي ته
هن زور سان بريڪ هنئين. لوڏي اچڻ سان سيتا
تقريباَ عرفان جي مٿان وڃي ڪري. ”ساري“
سيتا گهٻرائجي چيو.
”قصور منهنجو هو، ٻڪريءَ جو نه. اڃا، اڃا
تنهنجو ڊيڊي دهليءَ ۾ پرئڪٽس ڪندو هوندو.“
عرفان به گهٻراهٽ ۾ پنهنجي گفتگو جو سلسلو
اتان کان ئي جوڙڻ چاهيو.
”جي نه، هو ڪيترن سالن کان بيمار آهي،
تنهنڪري ڪجهه به نه ڪندو آهي. منهنجو ڀاءُ
ڀلائيء جي اسٽيل مِل ۾ انجنيئر ٿي ويو
آهي. هن ويچاري جي ڪري گذر سفر پيو ٿئي.“
”اوهه!“
”هو سامهون ڏسو، اسين حيدرآباد ويندي گهڻو
ڪري هن وڻ هيٺان ڪار بيهاريندا هئاسين.
هتي ئي هڪ ڀيرو منهنجي ٽنگ ۾ ڏاڍو ڌڪ لڳو
هو.“
هو چپ چاپ ڪار هلائيندو رهيو.
”ڇا توهان کي اهو احساس ناهي ته هيءُ
منهنجو ديس آهي، منهنجون ٻنيون، منهنجا
ڳوٺ، منهنجي پيرن جون مزارون؟“ هن فڪر
منديءَ سان پڇيو.
”مون کي خبر نه هئي ته تون ايتري قدر
سنٽيمينٽل آهين.“ عرفان چيو.
”جڏهن به توهان دهلي ايندو ته رستي ۾ جمنا
جي پُل تان گذرندي مان ڏسنديس ته توهان
سينٽيمينٽل ٿيو ٿا يا نه؟“
”مان يادن جي بيماريءَ کي ويجهو اچڻ نه
ڏيندو آهيان.“
”چڱو ٿيو جو اوهان مون کي اها ڳالهه ٻڌائي
ڇڏي!“
”ٻي ڳالهه ته مان دهلي به ڇو ايندس.“
”ڇو ته اُتي توهان جا ٿيڻ وارا ساهوار جو
آهن.“
”لاحول ولا قوة. تو وري پيڪن – ساهورن جو
وظيفو شروع ڪري ڏنو. عورتن واريون پراڻيون
ڳالهيون.“
هن ڪار جي رفتار اڃا وڌيڪ تيز ڪري ڇڏي. هو
بلڪل نادر جي ڪار کان اڳيان اڳيان پئي ويو
۽ خيال رکيائين ٿي ته هنن جي پٺيان نه
رهجي وڃي، جيئن ٻئي ڄڻا پوئين موٽر ۾
ويٺلن جي نظرن جي سامهون هجن.
’ڪيتري قدر محتاط ماڻهو آهي.‘ سيتا سوچيو.
ڪجهه دير خاموشي رهي. هڪ ٽرڪ ڌوڙ اڏائيندي
ڀرسان لنگهي ويئي. هاڻي اهي هڪ قديم
قبرستان جي ڀرسان لنگهي رهيا هئا.
”سموري سنڌ قبرن جو ملڪ آهي.“ عرفان ڪجهه
لمحن کان پوءِ پنهنجي خيال جو اظهار ڪيو.
”توهان کي خبر آهي ته هيءُ ڪيترو پراڻو
ملڪ آهي؟“ هوءَ شايد سندس معلومات ۾ اضافو
ڪرڻ تي سندرو ٻڌي بيٺي هئي.
’سچ پچ ڏاڍي بڪ بڪ ڪندڙ ڇوڪري آهي. ڪجهه
دير ماٺ ڪري نٿي ويهي سگهي؟ پر شايد انسان
پنهنجي گهٻراهٽ لڪائڻ لاءِ لاڳيتو ڳالهيون
ڪندو ويندو آهي. ٿرڊ ڊگريءَ جو هڪ طريقو
اهو به آهي.‘ عرفان سوچيو.
”نه.“ هن زور سان چيو، ”مان تاريخ ۾ هميشه
ڏڏ هوندو هوس.“
”ممي ٻڌائيندي هئي ته پُراڻن ۾ لکيل آهي
ته راجڪمار سبيءَ جو اولاد بلوچستان ۾
پکڙيو ۽ اجوڌيا جي رامچندر جو ڀاءُ ڀرت،
سنڌو ديس جي راڄ گديءَ تي ويٺو. هوءَ ڏاڍي
يقين سان چوندي آهي ته مهاڀارت کان پوءِ
ڪلجگ شروع ٿيو، جنهن ڪري انهيءَ کان پوءِ
پُراڻن ۾ سنڌ جو ذڪر نٿو ملي.“
”اها ڳالهه آهي؟ پوءِ وڌيڪ ٻڌاءِ.“
”چرچو نه ڪريو.“
”اڙي نه نه. ٻڌاءِ نه. مان ڏاڍي دلچسپيءَ
سان پيو ٻڌان.“
”يوناني هن ملڪ کي انڊوسيٿيا چوندا هئا،
ڇو ته لاڙ جا ماڻهو آريا نه، پر سٿين
هئا.“
”اها ڳالهه آهي! مون کي انهن ٻنهي نالن جي
فرق جي خبر ناهي. مان ته آهيان اڻ ڄاڻ
ماڻهو، پر تون ٻڌائيندي هل. تنهنجي آواز
ٻڌڻ ۾ مون کي ڏاڍو لطف ٿو اچي.“
”گڊ گاڊ!“
هاڻي اُهي حيدرآباد جي ويجهو ايندا پئي
ويا. ”ويسٽ ايشيا کان آيل اهي ئي سٿين لوڪ
ڪاٺياواڙ ۽ راجسٿان تائين پکڙجي ويا، جيڪي
هاڻي راجپوت سڏبا آهن.“
”اها ڳالهه آهي!“
”پراچين زماني ۾ ميرپورخاص ۾ برهما جي هڪ
وڏي سُندر مورتيءَ جو مندر هو ۽ ملتان ۾
سُوريه جو مندر هو. سيوهڻ ۾ پراڻن آرين
شِو جا مندر جوڙيا هئا.“
”تون ڪڏهن مندر ويئي آهين؟“
”ها، ننڍپڻ ۾ گهڻو ويندي هيس. ٽنڊوآدم ۾
بي شمار شِوالا هئا. انهيءَ ڪري اهو سنڌ
جو ڪاشي سڏبو آهي. هيم ڪوٽ ۾ مهاديو جو
مندر. ماسيءَ سان گڏجي هڪ ڀيرو ويئي هيس ۽
ڪلفٽن تي جيڪو مندر هو، اُتي مان
شِوراتڙيءَ جي ڏينهن مميءَ سان گڏجي ويندي
هيس. منهنجي ڏاڏي ڪاليءَ جي گهڻي پوڄا
ڪندي هئي. اسان وٽ ڪاليءَ جي هڪ روپ کي ٿر
مائي چوندا آهن، جنهن جو مطلب آهي، ٿر-
ريگستان جي ديو.“ پوءِ هوءَ چُپ ٿي ويئي.
ڪجهه دير کان پوءِ هن پاڻيهي ڳالهائڻ شروع
ڪيو: ”ممي وڏي رام ڀڳت آهي. ڪراچي ۾ هئي
ته ڏاڍي تمنا هيس ته تيرٿ ڪرڻ لاءِ اجوڌيا
وڃي. جڏهن مون جميل سان شادي ڪئي ته کيس
ٻڌايم ته جميل جو ڳوٺ تلسي پور، اجوڌيا
کان فقط چار پنج ميل پري آهي. ڪيڏي نه
عجيب ڳالهه آهي!“
”ڪا خاص ڳالهه ته ناهي. تون زندگيءَ جي هر
معمولي کان معمولي واقعي کي به حد کان
وڌيڪ ڊرئميٽڪ بنائي ٿي ڇڏين.“
”اوڪي اوڪي. توهان مون کي بلڪل مورک سمجهو
ٿا. اسان وٽ سنڌيءَ ۾ هڪ چوڻ آهي ته عورت
جو عقل سندس کُڙيءَ ۾ هوندو آهي ۽ سج لهڻ
کان پوءِ اُتان به نڪري ويندو آهي. توهان
جو به شايد اهوئي خيال آهي! پر مان ته
ساڌ ٻيلي به وينديس.“
”ضرور وڃج. تون جذباتي سفر تي نڪتي آهين.
هاڻي ڇا ٿو ڪري سگهجي!“
”هيلو! ڪجهه منهنجو ادب ڪر.“
”لائيڪ هيل. (Like
hell)“
”هڪ ڳالهه ٻڌاءِ.“
”جي؟“
”توهان هندو پپر جي ٽاريءَ وڍڻ تي وڙهڻ
لاءِ ڇو تيار ٿي ويندا آهيو؟ هر دوئيءَ ۾
جڏهن به تعزيو پپر ۾ لڳو ناهي ۽ مٿاڦاڙ ٿي
ناهي.“
”پپر ۾ مهاديوجي جو رهي ٿو.“
”اوهه، آءِ سي!“ هو ٽهڪ ڏيئي کلي پيو.
پوءِ، ڪجهه دير کان پوءِ هن چيو: ”پپر جي
به اسان جي زندگين ۾ عجيب و غريب اهميت
هئي. امان چوندي هئي ته پپر ۾ ڏائڻيون
رهنديون آهن. پپر جي هيٺ شهيدن جون مزارون
هونديون هيون. هردوئيءَ ۾ منهنجي گهر
سامهون پپر جو جيڪو وڻ هو، امان اسان ٻارن
کي ٻن وقتن جي ملڻ مهل، نماشام جو، انهيءَ
جي هيٺيان ڪڏهن وڃڻ نه ڏيندي هئي، متان
ڇانوَ نه ٿي پوي ۽ روز شهيد جي مراز تي
چراغ روشن ڪرائيندي هئي.“ هن جو آواز
جذباتي ٿي ويو هو.
”هاڻي سينٽيمينٽ: ڪير ٿي رهيو آهي؟“ سيتا
چيو.
”شٽ اپ.“
پري کان حيدرآباد جا منگهه نظر اچڻ لڳا.
”هاڻي سُون سُون ڪري روئڻ شروع نه ڪج. وٺ
رومال.“
عرفان کيسي ۾ هٿ وجهي رومال ڪڍيو. هوءَ
کلي پيئي. سرڪٽ هائوس جي رستي ڏانهن ڪار
موڙيندي هن سيتا کي چيو: ”تون مون کي سنڌ
جو داستان ٻڌائي رهي هئينءَ، اُهو ته پورو
ڪر. سٿين لوڪ آيا، پوءِ ڇا ٿيو؟“
هوءَ هٿ تي هٿ رکي سنجيدگيءَ سان ويهي
رهي ڄڻ يونيورسٽي لئبرري ۾ ويٺي هجي.
”پوءِ هتي ٻُڌمت خوب ڦهليو ۽ هتي سارسوت
برهمڻ رهندا هئا ۽ راجپوت ۽ جاٽ، اروڙ شهر
جا رهاڪو، مسلمان جي حملي جي وقت پنجاب
ڀڄي ويا. منهنجي ممي لاهور جي اروڙا آهي.
سنڌي، مسلمان ٿيڻ کان پوءِ به پنهنجي
پراڻي مذهب جي عزت ڪندا رهيا. بيشمار
درگاهون ٺهي ويون. انهن سڀني پيرن مان هڪ
هڪ نالو هندُو هو ۽ هڪ هڪ نالو محمدن“
“سچ پچ؟“
”ها. راجا پرتري هري، لال شهباز جي نالي
سان مشهور ٿيو. پير پٺو، پير سلطان سڏجي
ٿو. زندهه پير کي خواجا خضر سڏين. اڏيرو
لال کي شيخ طاهر چون ۽ لالو جسراج، منگهو
پير ٿي ويو.“
”منگهو پير، اڙي اهوئي ڪراچيءَ وارو منگهو
پير؟“
”جي ها.“
”اهو ته ڪمال آهي.“
”ڪڏهن توهان منهنجي ڊيڊيءَ سان ملو ته هو
توهان کي اهي سڀ قصا ٻڌائيندو. کيس سنڌ جي
هسٽريءَ جي گهڻي ڄاڻ آهي. هاڻي به اڪثر
ويٺو چچ نامو پڙهندو رهندو آهي.“
”اڃا ٻڌاءِ.“
”بس، جيئن هندُن وٽ هر شيءِ جو ڪونه ڪو
ديوي، ديوتا ايجاد ڪيو ويندو آهي، تيئن
مسلمانن وٽ به هر شيءِ جا جدا جدا پير
بنجي ويا. راڳن جا پير، مٽيءَ جي برتنن جا
پير، پينگهي جو پير. سموري سنڌ پيرن جو
ديس ٿي وئي. نانگن جي منتر جنتر جا ڄاڻو
جوڳي سڀ مسلمان هوندا هئا، پر شو جي فرقي
سان تعلق ٿي رکيائون ۽ گرو گورکناٿ کي
مڃيندا هئا. انهيءَ سان گڏوگڏ رمضان جو
مهينو هندُون لاءِ پوتر بڻجي ويو ۽ اُهي
تعزين جي اڳيان نذر و نياز چاڙهڻ لڳا.
توهان وٽ به ائين ئي ٿيندو هوندو؟“
”ها.“
”مذهب سچ پچ اسان لاءِ اوائلي سوين سالن
تائين زبردست آفيم جو ڪم ڪيو آهي ۽ انهيءَ
کان پوءِ گولي بارود جو.“
”هاڻي تون پنهنجي تقرير متان شروع ڪرين.
مون کي ڏاڍي بک لڳي آهي. سرڪٽ هائوس
پهچندي ئي مانيءَ جو انتظام ڪر منهنجي
لاءِ.“
”توهان کي سمجهائڻ بلڪل بيڪار آهي. ري
ايڪشنري!“