21
پئرس ۾ سيتا ۽ عرفان ڪئين مهينن تائين رهيا. عرفان
جو بولوارسُوشي ۾ هڪ ڏاڍو خوبصورت فليٽ هو، جنهن
کي سيتا اڳي کان به وڌيڪ نفاست سان سجايو هو.،
عرفان صبح جو آفيس هليوويندو هو. سيتا بازار مان
سؤدو وٺي اچي ماني تيار ڪندي هئي .... عرفان جا
ڪپڙا استري ڪندي هئي، گهر جي صفائي ۽ ٻهاري ڏيندي
هئي. شام جو هو ڪم تان موٽندو هو ته جلدي سندس گرم
سليپر سندس صوفي جي هيٺيان آتشدان وٽ رکندي هئي
.... سمهڻ جي وقت کان گهڻو اڳ ۾ سندس سليپنگ سوٽ
کي گرم پاڻيءَ جي بوتل ۾ ويڙهي سندس بستري تي
رکندي هئي. هوءَ اهڙي مڪمل ۽ سُڪون بخش ۽ آرامده
هائوس وائيف هئي جو عرفان کي عجب لڳندو هو.
هوءَ هر روز صبح جو ٽپاليءَ جو ڏ اڍو انتطار ڪندي
هئي. شايد اڄ نيويارڪ کان سندس طلاق نامو اچي ....
شايد .... پر ڏينهن گذرندا ويا ۽ ڪو طلاق نامو نه
آيو. هوءَ ڪولمبو کان دهلي واپس وڃي ڪنهن سان به
ملي نه هئي. هن پنهجي ماءُ پيءُ کي چيو هو ته کيس
پئرس ۾ نوڪري ملي ويئي آهي ۽ هوءَ اوڏانهن وڃي
پيئي. اُهي به هاڻي کيس ڪجهه به نه چوندا هئا ۽ نه
ڪجهه پڇندا هئا. اهڙين ڳالهين جو وقت ڪڏهوڪو نڪري
چڪو هو. پئرس وڃڻ کان هڪ ڏينهن اڳ هن ڪناٽ پئليس
کان بلقيس ۽ هيما کي فون تي ”خدا حافظ“ چيو هو.
”هاڻي ڪڏهن ايندينءَ....“ بلقيس پڇيو هو.
”خبر ناهي. ڳالهه اها آهي ته منهنجي دل هتي نٿي
لڳي ۽ جيڪڏهن هڪ دفعو يورپ پهچنديس ته اُتان
نيويارڪ وڃڻ ۾ آساني ٿيندي.، راهُل کي ڏسڻ.“
”ٺيڪ ٿي چوين....“ بلقيس وراڻيو هو، ”پر ڪڏهن ڪڏهن
خط ته لکندي رهج.“
”بلڪل لکنديس.“
بلقيس کانئس اهو نه پڇيو هو ته هو پئرس ڇو پيئي
وڃي. کيس خبر هئي ته پئرس ۾ سيتا جو شادي ڪئي بنا
عرفان سان گڏ رهڻ، ڪا نرالي ڳالهه نه هئي. سمنڊ جي
کاٻي ڪناري تي اهڙي طرح ڪئين جوڙا ورهين کان رهندا
پيا اچن ۽ سندن قانوني طور تي شادي ڪرڻ جو ڪو
ارادو نه هو.
موڪل جي ڏينهن اُهي ’سين‘ جي ڪناري گهمڻ ويندا هئا
.... ’ڪارتر لاطين‘ ۾ آوارا گردي ڪندا هئا ....
ڪنهن ڪافي هائوس ۾ بلئڪ ڪافي پيئندي، هوءَ سوچ ۾
پئجي ويندي هئي ته هو پڇندو هو: ”ڇا پيئي سوچين؟“
”مون سوچڻ ڇڏي ڏنو آهي، فقط محسوس ڪندي آهيان.“
هوءَ ڪنڌ مٿي کڻي جواب ڏيندي هئي.
ڪنهن پُل جي ديوار تي جهُڪي ڳالهيون ڪندي ڪندي
هوءَ هڪدم اوچتو ماٺ ٿي ويندي هئي ته هو کيس سگريٽ
دکائي ڏيندو هو: ”هان، سگريٽ ڇڪ .... لڳي دم، مٽي
غم....“
هڪ ڀيري عرفان کيس چيو، ”توکان سواءِ، هڪ ٻيءَ به
تون آهين.... جڏهن تون اوچتو ماٺ ٿي ويندين آهين،
ته مان اڪيلو رهجي ويندو آهيان .... تون مون کان
هزارين ميل پري هلي ويندين آهين .... تون تمام
بلنديءَ تي هوندي آهين. مان تنهنجون ڳالهيون سمجهڻ
چاهيان ٿو، پر ڊپ ٿو ٿئيم.“ ڪڏهن ڪڏهن هوءَ پنهنجي
انهيءَ طريقي جي ڊگهي ماٺ مان بيزار ٿي خود چوندي
هئي، ”عرفان.... ڳالهاءِ نه.“
”ڳالهائيندي ڊپ ٿو ٿئيم.“ هو جواب ڏيندو هو.
سرءُ جي موسم ۾ اُهي بني اسپين ويا، جتي مسجد
قرطبه جي ڏاڪڻ تي چانڊوڪي رات ۾ کين هڪ پاڪستاني
شاگرد مليو. جنهن بيحد وڻندڙ سُر ۾ اقبال جو نظم
ٻڌايو:
”سلسلهء روز و شب نقش گِر حادثات
سلسلهء روز شب اصلِ حيات و ممات.“
”هاڻي مون کي انهيءَ جو مطلب سمجهاءِ.“ سيتا عرفان
کي چيو.
ڪافي دير تائين شعر جي تشريح ڪرڻ کان پوءِ عرفان
ڪڪ ٿي کيس چيو: ”تون پنهنجا ڪاليداس تلسي داس ڪندي
رهه، اقبال تو کان زور آهي.“
هڪ ڏينهن امريڪا کان خط آيو. هن کولي پڙهيو ۽ پوءِ
خاموشيءَ سان ڪپڙا استري ڪندي رهي.
”سيتا!“ عرفان ڪمري ۾ داخل ٿي کيس سڏيو.
”ڇا آهي؟“ هُن چڙي چيو ۽ استريءَ جو سوئچ بند ڪري
دريءَ ڏانهن هلي ويئي.
”آپ آهو چشم هين اهو نهين
هم سي وحشت کي نه ليجي آيئي.“
عرفان آتشدان ڀرسان صوفي تي ويهي ڏانهس ٻانهون
ڊگهيريندي چيو.
هوءَ ساڳي طرح دريءَ کان ٻاهر ڏسندي رهي.
”سيتا ڪهڙي ڳالهه آهي، مون کي ٻڌاءِ.“
”ڪجهه ناهي عرفان.“ هُن مڙي جواب ڏنو،
”ماميءَ جو نيويارڪ مان خط آيو آهي.... لکي ٿي ته
هاڻي هوءَ ڪهڙن نالن جا نُڪتا تبديل ڪندي رهندي؟“
هو خاموش رهيو.
”عرفان .... منهنجو خيال آهي ته اسان وڏي سخت غلطي
ڪئي آهي. مان ڪيستائين اهڙي طرح تو سان رهنديس.“
”ڇو؟“ هو کوکلي کل کليو. ”ڪجهه مهينن ۾ ئي
گهٻرائجي وئينءَ؟ ’گيري نندني اُوما‘ ته شمڀو سان
شادي ڪرڻ لاءِ هڪ هزار سال تپسيا ڪئي هئي ....
’ڪُمار سنڀو‘ (1) پڙهه.“
”مون کي نٿو کپي تنهنجو ڪُمار سنڀو.“ هن بيزار ٿي
چيو.
”ها ها .... هاڻي تنهنجو عقل ٺڪاڻي آيو آهي. مون
توکي چيو نه هو ته تنهنجو سمورو ڪاليداس، شاعري،
ادب، فلاسافي، سڀ فراڊ آهن .... زندگيءَ جي تلخ
حقيقتن آڏو سڀ اجايون آهن يا نه؟“
نيٺ هُن هڪ ڏينهن ڊڄندي ڊڄندي بلقيس ڏانهن خط لکيو
.... پئرس جي موسم بابت لکيائين. فرخنده ۽ ننڍي
ماسيءَ جي خيريت جو پڇيائين، پر اهو پڇڻ جي همٿ نه
ٿيس ته جميل کين سندس باري ۾ ڪجهه لکيو آهي يا نه.
فٽ نوٽ
(1) ڪاليداس جو سنسڪرت ۾ لکيل ناٽڪ.
بلقيس جو هڪدم نهايت ئي مفصل جواب آيو. تمام
نارمل، خوش ۽ غير شخصي خط هو، جيڪو ڪنهن ذاتي
تذڪري جي بدران فقط ٿيئٽر جي تازين خبرن سان ڀرپور
هو.
- اَپٽا (Indian
Peoples Theatre Association)
جي اٺين سالياني ڪانفرنس جو هن سال ڊاڪٽر راڌا
ڪرشن افتتاح ڪيو. ڪافي روسي ڊيليگيٽ به آيل هئا.
گوپي ناٿ به ڊانس ڪئي.
- هن ڀيري ’راج نگريءَ‘ ۾ تون ڏاڍي ياد آئينءَ.
- انڊين آرٽ ٿيئٽر طرفان ’خيال ميرزا‘ اسٽيج ڪيو
ويو آهي.
چڱو آهي.
- ’نئي نؤٽنڪي‘ وارا نؤٽنڪيءَ جي طرز تي ’مٽيءَ جي
گاڏي‘ (1) پروڊيوس ڪري رهيا آهن. چڱو دلچسپ تجربو
ٿيندو .... للتا ڪالهه توکي ڏاڍو ياد ڪيو ٿي.
- بمبئي جو لِٽل بيلي گروپ، ’ميگهه دوت‘ (2) اسٽيج
ڪرڻ وارو آهي ....
’آهه ڪاليداس! ڪاليداس!! شڪنتلا .... آگرابازار
.... مٽيءَ جي گاڏي .... هماچل پرديش جا فوڪ
آرٽسٽ....‘ خط بي دليو هڪ پاسي اُڇلي. هوءَ بورچي
خاني ۾ هلي ويئي.
عرفان سان گڏ رهندي کيس اهي ڳالهيون ڪنهن ٻي دنيا
جون ٿي لڳيون.
هڪ مهينو ٻيو گذري ويو.
”عرفان ٻڌاءِ، هاڻي مان ڇا ڪريان؟“ هن بيوس ٿي
پڇيو،.
”وري بلقيس جي خوشامد ڪرينس، ٻيو ڇا....؟“ هن ٿورو
بي پرواهيءَ سان وراڻيو ۽ ڪوٽ پائي آفيس هليو ويو.
دريءَ تي ويهي سيتا وري بلقيس ڏانهن خط لکڻ شروع
ڪيو:
فٽ نوٽ
(1) ڪاليداس جي سهيوڳي ناٽڪ ڪار، شودرڪا جو سنسڪرت
۾ لکيل واحد ناٽڪ ”مرڇَڪَٽڪَ“ (The
Little Clay Cart).
(2) ڪاليداس جو سنسڪرت ۾ لکيل ناٽڪ.
”مان جميل سان ڪولمبو ۾ ڳالهائي به نه سگهيس،
ڳالهائڻ ته ٺهيو پر سندس هڪ جهلڪ به ڏسي نه سگهيس.
تون ٺيڪ چوندي هنئينءَ ته اهو جهنگلي بدڪ جو پيڇو
ڪرڻو آهي. خدا جي واسطي کيس لکينس ته مون کي
جيترو جلد ٿي سگهي. آزاد ڪري. هو مون کي ڪافي سزا
ڏيئي چڪو آهي.“
۽ سندس لڙڪ ڪاغذ تي ٽپ ٽپ ڪرڻ لڳا. هوءَ صفحن جا
صفحا لکندي ويئي ۽ هڪ ڊگهو ساهه کڻي لفافو بند
ڪيائين.
اُنهيءَ خط جي جواب ۾ بلقيس لکيو:
”توکي اهو پڙهي خوشي ٿيندي ته ’بلونت گارگيءَ‘ جو
’سوهني مهيوال‘ ماسڪو ۾ ڇهن مهينن کان هلي رهيو
آهي. پاٽنا جي ’اَپٽا‘ (A.P.T.A)
وارن ’تال ڪٽورا ڊراما فيسٽيول‘ ۾ هن دفعي پنهنجو
ڊرامو ’پير علي‘ ڏيکاريو، انهيءَ جو هڪ ايڪٽر
تنهنجو پراڻو ڪلاس فيلو نڪتو. توکي سلام چيا اٿس.
- ميرا نالني سارا ڀائي، گجراتيءَ ۾ نوه تمثيلون
پرڊيوس ڪري رهي آهي.
- يونيٽي ٿيئٽر وارا فيروز شاهه ڪوٽلا جي
اوپن ايئر ٿيئٽر ۾ ’اورنگزيب‘ اسٽيج ڪرڻ وارا آهن.
۽ آغا حشر جي تجديد جي سلسلي ۾، توکي ٻڌي خوشي
ٿيندي ته دهلي پِلي هائوس وارا ’رستم سهراب‘ پيش
ڪري رهيا آهن.“
هڪ شام جو سئنيما کان واپس اچي پنهنجي فليٽ ۾ پهتا
ته ڪونسي اَرج (Concierge)
هڪ ڪيبل آڻي سيتا جي هٿ ۾ ڏني. عرفان ڪلف کولي
اندر وڃي چڪو هو. سيتا چانئٺ تي بيٺي لفافو ڦاڙيو.
سندس ڀاءُ کان اطلاع آيو هو: ’ڊيڊي گذاري ويو.‘
جڏهن عرفان ڪپڙا تبديل ڪري سِٽنگ روم ۾ آيو، ان
وقت هوءَ آتشدان اڳيان ڪنڌ لاڙي ويٺي هئي ۽ آهستي
آهستي ڏڪي پئي.
”ڪهڙي ڳالهه آهي، لٽل وومن (Little
woman)؟“
عرفان جهڪي سندس مٿي تي هٿ گهمايو.
”ڪجهه نه.“ هن ڪنڌ مٿي کڻي عرفان ڏانهن ڏٺو. سندس
اکيون بلڪل خشڪ هيون. هن ڪيبل عرفان جي هٿ ۾ ڏني.
”اوهه! آءِ ايم ساري. (Oh!
I am sorry)
ڪاغذ تي نظر وجهندي عرفان آهستي چيو.
”مان دهلي وڃان ٿي.“
”چڱو.“
”مان مميءَ سان ڪجهه عرصو رهنديس.“
”ها ها، ٺيڪ آهي. ضرور وڃ.“ عرفان وراڻيو.
رحمت منزل قرول باغ تي پهچي، هوءَ ڪيترا هفتا گهر
کان ٻاهر نه نڪتي. بلقيس جي ’ماڊرن ٿيئٽر گروپ‘
عذرخواهي لاءِ وٽس اچڻ چاهيو ٿي، پر هن بلقيس ۽
شهزاد هٿان سڀني کي منع ڪئي. هڪ مهيني ۾ هوءَ بلڪل
پيلي پئجي چڪي هئي.
هڪ ڏينهن سندس ماءُ چيو، ”هي تو ڪهڙي دشا بنائي
رکي آهي. وڃ، ٻاهران گهُمي اچ.، بيمار ٿيڻو اٿيئي
ڇا؟“
سندس ماءُ اڃا تائين ساڻس پئرس يا عرفان جي باري
۾ هڪ لفظ به نه ڳالهايو هو. هاڻي اها اسٽيج اچي
ويئي هئي جو سندس ڌيءُ جي ذاتي زندگي بلڪل سندس
ذاتي معاملو هو.
نيٺ هڪ ڏينهن ٽپهريءَ جو هوءَ تيار ٿي ’چاڻڪيا
پوري‘ ويئي. بلقيس وٽ سڀني ڏاڍي محبت سان سندس
آدرڀاءُ ڪيو. فرخنده دير تائين ساڻس ڳالهيون ڪندي
رهي. انهيءَ وقت نئين تمثيل جو اسڪرپٽ کڻي ڪيلاش
اچي پهتو.
چانهه کان پوءِ هن ڳالهين ڳالهين ۾ سيتا کي چيو،
”سيتا، پروجيش بابو توهان جو ڏاڍو پڇيو ٿي.
دهليءَ ۾ جڏهن به اسان سان ملندو هو ته بلڪل توهان
جو ذڪر ڪندو هو. پر توهان ته اسان سڀني کان منهن
موڙي ولايت کي پنهنجو ديس بنائي ڇڏيو.“
هوءَ ڏاڍي اخلاق سان مشڪي. ”اڄ ڪلهه پروجيش بابو
ڪٿي آهي؟“
”سندس نمائش ٿي رهي آهي، انهيءَ ڪري هتي آيل آهي.“
”ڪٿي ترسيل آهي؟“
”اتيئي.... سندس پراڻو هنڌ. بلقيس، هي للتا جو
پارٽ ڏسي وٺ.“
سيتا اُٿي لائونج ۾ هلي ويئي.
”هاڻي ڪٿي ٿي وڃين؟ رات جو اسڪريبل کيڏنداسين.“
کيس ويندو ڏسي بلقيس ڊرائنگ روم مان سڏيو.
”نه بلي، هاڻي مان وينديس، ممي گهر ۾ اڪيلي آهي.“
”ٿورو اڃا ترس، رات جو توکي گهر ڇڏي اينداسين.“
ننڍي ماسيءَ چيو.
”اڄ اسان فرينچ لفظ ٺاهينداسين.، تون ته فرينچ
تمام گهڻي سکي ويئي هوندينءَ.“ بلقيس ڪيلاش سان
گفتگو ڪندي وچان چيو، پر هاڻي سندس آواز ۾ مصروفيت
هئي. سيتا ٻاهر نڪري آئي.
وقت تيزيءَ سان گذرندو ويو. شروع شروع ۾ عرفان کيس
پابنديءَ سان هر هفتي خط لکندو هو. پر گذريل ڪجهه
مهينن کان بلڪل خاموش هو. سيتا هيستائين کيس ڪافي
خط لکي چڪي هئي پر ڪنهن جو به جواب نه آيو هو.
عرفان آخري خط ۾ کيس لکيو هو ته اهو آفيس جي ڪم
سان جرمني وڃي رهيو آهي. پر انهيءَ ڳالهه کي به
ڪافي وقت ٿي ويو هو.
هاڻي هوءَ انهيءَ شدت سان عرفان جي خط جو انتظار
ڪندي هئي، جيئن هو هيستائين جميل جي طلاق نامي جو
انتظار ڪندي رهي هئي. سندس ماءُ کي ڪليم جي معاوضي
جي ڪجهه رقم ملي هئي ۽ سندس ڀاءُ درگاپور مان
پنهنجي اڌ پگهار موڪلي ڏيندو هو. انهيءَ اميد تي
ته هوءَ جلدي عرفان وٽ واپس هلي ويندي، هن نوڪريءَ
جي ڳولا به نه ڪئي. سارو ڏينهن رسوئيءَ ۾ ماڻس وٽ
ويٺي هوندي هئي.
زندگي ڏينهون ڏينهن اونداهي ٿيندي ويئي.
اُن رات ڏاڍو پارو پئي پيو. ماني کائڻ کانپوءِ،
اڱڻ جي نلڪي تي هٿ ڌوئندي، اوچتو کيس خيال آيو ته
سندس ڪو دوست ناهي. هيڏي وڏي دنيا ۾، هيڏي وڏي
عظيم الشان جڳمڳائيندڙ دارالسطنت ۾، واقفڪارن جي
هيڏي وڏي هجوم ۾، ڪو سندس همدرد ناهي. ڇو ناهي؟ هن
ڪنهن جو ڇا ڦٽايو آهي؟ پروجيش هڪ ڀيري کيس چيو هو:
’سيتا ديو! تون اهڙي عجيب و غريب ڇوڪري آهين جو
توکي هن دنيا ۾ اُها خوشي مشڪل سان ئي ملندي. جنهن
خوشيءَ جي تون ڳولا ۾ آهين.‘ .... پروجيش؟؟
”ممي، مان ٿورو ٻاهر ٿي وڃان“ هٿ اُگهڻ کان پوءِ
اوور ڪوٽ پائي هن گهٽيءَ ۾ لهندي چيو. سندس ماءُ
اڱڻ ۾ اچي ڏيڍيءَ جو دروازو اندران بند ڪري ڇڏيو.
نئين دهلي ويندڙ بس لڳ ڀڳ خالي هئي. هوءَ هڪ دريءَ
جي شيشي سان مٿو ڀرائي ويهي رهي ۽ اکيون بند ڪري
ڇڏيائين. ’هاڻي مون کي ائين ٿو لڳي.‘ هن پنهنجي دل
۾ سوچيو، ’ڄڻ رات جي اونداهيءَ ۾ گهڻيئي ٻيڙيون
گهاٽ سان اچي لڳن ۽ مون کي خبر نه پوي ته انهن مان
منهنجي ڪهڙي آهي....‘
پروجيش جي رهائش تي پهچي هن ڪلرڪ کان پڇيو: ”مسٽر
چوڌري آهي؟“
”“ڪهڙو مسٽر چوڌري؟“
”جيڪو ڪلڪتي کان هتي آيل اهي.“
”اهو جيڪو ايڪٽر آهي؟“
”نه.... جيڪو آرٽسٽ آهي.“
”اوهه .... جي ها.... هيڏانهن اچو.“
جڏهن هوءَ هلي ويئي ته ڪلرڪ مٿو کنهندي دل ۾ چيو:
’خوب .... سال ڏيڍ ٿيو، مون کي ياد اچي ٿو ته هيءَ
ساڳي طرح رات جو آئي هئي. تڏهن ڪلڪتي واري ايڪٽر
مسٽر چوڌريءَ جو پڇيو هئائين. هي سڀ ڇاجو چڪر
آهي؟‘
پروجيش ڪمار چوڌري ڪمري ۾ آرام ڪرسيءَ تي ويهي
ڪجهه لکي رهيو هو. کيس دروازي تي بيٺل ڏسي هڪو ٻڪو
ٿي ويو. ”سيتا ديوي ....“ هن کيڪارڻ لاءِ هٿ وڌائي
ڏاڍي ڊرامائي انداز ۾ چيو، ”مون کي خبر هئي ته هڪ
ڏينهن تون ضرور واپس ايندينءَ هڪ ڏينهن ضرور
منهنجي روح جي پڪار تو تائين پهچندي .... تون هڪ
ڏينهن ضرور مون وٽ ايندينءَ.“
گوري، ڪامني، سيتا، سانوري پروجيش ڪمار چوڌريءَ جي
ٻانهن ۾ ائين وڃي ڪري جيئن گنگا جو شفاف پاڻي،
جمنا جي تاريڪ غضبناڪ پاڻيءَ سان وڃي ملندو آهي.
انهيءَ کان پوءِ تمام جلد دهليءَ جي فنڪارن جي
حلقي ۾ اها خبر ڦهلجي ويئي ته شري پروجيش ڪمار
چوڌريءَ جو ’سنڌي پيريڊ‘ شروع ٿي چڪو آهي.
|