سيڪشن؛ ناول

ڪتاب: سيتا هرڻ

باب: --

صفحو :1

سيتا هرڻ

قرة العين حيدر - ولي رام ولڀ

 

سنڌيڪار جي قلم مان

 

قرة العين حيدر، جنهن جو نالو اڙدوءَ جي چوٽي جي ڪهاڻيڪارن ۽ ناول نويسن ۾ ڳڻيو ويندو آهي، اڙدوءَ جي مشهور ڪهاڻيڪار مرحوم سجاد حيدر يلدرم جي ڌيءُ آهي. سندس ماءُ به ناول نگار هئي. پاڻ 1927ع ۾ علي ڳڙهه ۾ ڄائي، جتي پڻس مسلم يونيورسٽيءَ جو رجسٽرار هو. 1947ع ۾ لکنئو يونيورسٽيءَ مان انگريزي ادب مان ايم-اي ڪيائين ۽انهيءَ کان سواءِ چِتر  ڪلا  ۾ به نالو ڪڍيائين. ادبي زندگيءَ جي شروعات 1944ع ۾ ڪهاڻي لکڻ سان ڪيائين، جيڪا اڙدوءَ جي ماهوار رسالي ”همايون“ ۾ شايع ٿي ۽ پسند ڪئي وئي. انهيءَ وقت کان وٺي لاڳيتو لکندي پيئي اچي. سندس ڪهاڻين جا ڪافي مجموعا، ناول، ناوليٽ رپورٽيج، آتم ڪٿا ”ڪارِ جهان دراز هي“ وغيره شايع ٿيل آهن، جن مان ”ستارون سي آگي“، سندس ڪهاڻين جو پهريون مجموعو آهي، ۽ ”ميري ڀي صنم خاني“ سندس پهريون ناول آهي، جيڪي 1947ع ۾ ڇپيا. اهو ناول ورهاڱي جي موضوع تي لکيل آهي ۽ اڙدوءَ جي پهرين ڏهن جديد ناولن ۾ ليکجي ٿو، پر مشهوري کيس”آگ ڪا دريا“ کان پوءِ ملي، جيڪو 1959ع ۾ ڇپيو. اهو ناول Stream of Consciousness ٽيڪنيڪ تي اڙدوءَ جو پهريون سڀ کان ڪامياب ناول سمجهيو ويندو آهي. اهو ناول هند و پاڪ ۾ ڪيترائي ڀيرا ڇپيو ۽ نيشنل بوڪ ٽرسٽ پاران هندستان جي چوڏهن ٻولين ۽ روسي ٻوليءَ کان سواءِ، دنيا جي ٻين سڌريل ٻولين ۾ ترجما شايع ڪيا ويا آهن. اهو ناول ڪراچي يونيورسٽيءَ جي اڙدوءَ جي ايم-اي جي ڪورس تي نصاب طور پڻ رکيل هو. انهيءَ کان سواءِ ساهتيه اڪادمي پاران سندس مجموعو ”پت جهڙ ڪي آواز“ تي، جيڪو ٽن ڀاڱن (Trilogy)- ”پت جهڙ ڪي آواز“، ”جلاوطن“ ۽ ’هائوسنگ سوسائٽي‘ تي مشتمل آهي، 1967ع ۾، ۽ ”آخرِ شب کي هم سفر“ تي 1971ع ۾ انعام به ڏنا ويا آهن.“ [1]

کيس تاريخ سان گهري دلچسپي آهي. سندس وڏا صوفي پرچارڪن مان هئا، جيڪي ٻارهين عيسوي صدي ڌاري بخارا کان هندستان لڏي آيا هئا. سندس پڙ ڏاڏو انگريزن سان 1857ع جي آزاديءَ جي جنگ ۾ وڙهيو هو ۽ پڻس ”نوجوان ترڪ هلچل“ ۾ حصو ورتو هو ۽ ترڪي ڪهاڻيون جديد اڙدوءَ ۾ ترجمو ڪيون هئائين.

قرة العين حيدر ڪهاڻي- کيتر ۾ انساني جذبن جو ڀرپور اظهار ڪري ٿي، جنهن ڪري سندس فن اعليٰ شاعريءَ جي اُتاهين تائين وڃي ٿو ڪلهو هڻي. وٽس نديءَ جي وهڪري جهڙي تيزي ته ناهي، پر چانڊوڪي رات ۾ باغ جي سڳنڌ ضرور ملي ٿي. هوءَ انسان جا لڙڪ ۽ مرڪون، خوشيون ۽ خواب پنهنجي پلاند ۾ کڻي نڪري ٿي ۽ جيڪي پلاند ۾ اٿس. ونڊيندي ورهائيندي ٿي وڃي. جيڪي انسان ضمير جي آرسيءَ ۾ جيون جي سڀني دکن ۽ سپنن جو روپ ڏسڻ ٿا چاهين ۽ اِهو به چاهين ٿا ته انساني جيون ڪنهن سپني جي ساڀيا بنجي پوي ته اُهي سندس رچنائن کي پسند ڪن ٿا. گهڻو ڪري حقيقي ڪردار ۽انهن جي سپنن جا پاڇولا، سندس ڪهاڻين جي تاڃي پيٽي ۾ اُڻجيو ائين ٿا گڏجيو وڃن جو کين هڪ ٻئي کان ڌار نٿو ڪري سگهجي. وقت جيڪڏهن هڪ مسلسل حقيقت آهي، جو  ڪڏهن به ڪٿي نٿو بيهي ۽ روان دوان آهي، ته وڏي ۾ وڏي ٽرئجڊي به اُن وقت تائين انسان جي عظيم  جذبن ۽ اُمنگن جي ترجمان نٿي بنجي سگهي، جيستائين قرة العين حيدر جهڙين ليکڪائن وانگر اها ڪوشش نه ڪئي وڃي ته جيون جي ڏکن ۽ سکن جي رنگن مان جيڪي ڪردار جنم وٺن ٿا، اُهي سڀيئي انهن سپنن جا پاڇولا بنجي وڃن ٿا، جن جو واسطو هڪ عظيم انساني سماج ۽ عظيم انساني تصور سان آهي. عظيم انسان مان منهنجي مراد خيالي انسان نه، پر هڪ اهڙو انسان آهي، جنهن جو درد سمنڊ جيترو گهرو ۽ آڪاس جيڏو وشال آهي. لڙڪن ۾ معصوم انسان جي مرڪ ۽ مرڪندڙ انسان جي منهن تي دکي انسانن جي ڏکن جا پاڇولا- اها اُس- ڇانوَ واري ڪهاڻي جيڪڏهن ڪهاڻيءَ ۾ ناهي، ته اها عظيم ڪهاڻي ٿِي نٿي سگهي.

        ”سيتا هرڻ“ ۾ فن جون بنيادي ڌارائون هڪ هنڌ ڏسڻ ۾ اچن ٿيون، جنهن ڪري اهو ناوليٽ شاهڪار جي حيثيت رکي ٿو. هن ناوليٽ جو ڪينواس جاگرافيائي، تاريخي ۽ تهذيبي طور تي وسيع آهي، جنهن ۾ هندستان جي رزميه شاعري ”رامايڻ“ جي واقعن کي System of reference بنائي سيتا ميرچنداڻيءَ جي ڪهاڻي Personal involvement سان پيش ڪئي ويئي آهي.

ناوليٽ جو مرڪزي ڪردار، سيتا ميرچنداڻي، هڪ پڙهيل لکيل عورت آهي پروگريسو سوچ جي حامي ۽ پرچارڪ آهي. ڪولمبيا يونيورسٽيءَ مان ”هندستان جي سماجي انقلاب“ جي موضوع تي ريسرچ ڪري پي ايڇ- ڊي جي ڊگري ورتي اٿس. هوءَ مذهب، سياست، زندگي، موت ۽ دنيا جي هر شيءِ جي باري ۾ سوچي ٿي ۽ بحث ڪري ٿي. هندو آهي، پر سندس پهرين محبت ۽ پوءِ شادي جميل نالي اڙدو ڳالهائيندڙ هڪ مسلمان سان ٿئي ٿي، جيڪو فيض آباد (هندستان) جو رهاڪو آهي، پر نوڪريءَ سانگي آمريڪا ۾ رهي ٿو. هوءَ پاڻ اصل ۾ سنڌي ۽ حيدرآباد جي رهاڪو آهي. سندس ننڍپڻ سنڌ ۾ گذريو آهي. سندس پيءُ ڪراچيءَ ۾ عامل ڪالونيءَ ۾ ميڊيڪل پرئڪٽس ڪندو آهي، پر ورهاڱي کان پوءِ هندستان لڏي ٿو وڃي.

ناوليٽ جي شروعات، جميل جي ٻي شاديءَ جي خبر سان ٿئي ٿي، سيتا علمي، ادبي ۽ ثقافتي قسمن جي گڏجاڻين ۾ مشغول رهڻ جي ڪوشش ڪري ٿي. سندس دوستيءَ جي دائري ۾ مٿئين طبقي جي امير پڙهيل لکيل نوجوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي دنيا آهي، جيڪا بيحد ذهين، خوبصورت ۽ آزاد آهي. سندس دلچسپيون، گفتگوءَ جا موضوع، ماحول ۽ گڏجاڻيون- سڀ هڪ جهڙا آهن. زندگي انهن لاءِ خوشيءَ جي کيڏ آهي، چهچٽو آهي، پر زندگيءَ جي دک جو ايذاءُ کيس چُڀيندو ۽ ڪُرائيندو رهي ٿو. ننڍڙي پٽ راهُل جي ياد ۾ جميل لاءِ محبت جي ڇڪ، انهن ٻنهي ڪارڻن ڪري، زندگي کيس خالي ۽ فضول لڳي ٿي. پوءِ هوءَ هيڪلائي جي شديد احساس هيٺ حالتن جي بيرحم ۽ تکين لهرن ۾ بيوس بنجي اڳيان لڙهندي وڃي ٿي ۽ خبر نٿي پويس ته نيٺ انهيءَ جو ڪهڙو نتيجو نڪرندو. پر زندگيءَ جي دکن سکن مان گذرندي سندس بنيادي احساس پڻ وڌيڪ گهرو ٿيندو وڃي ٿو ۽ ڏوهه جو احساس ڇاتيءَ تي بار بنجي بيهي ٿو وڃيس. انهيءَ بار کي جهڪو ڪرڻ لاءِ، آسائش جون پناهگاهون ڳولي ٿي. پڇاڙيءَ ۾ عرفان، جيڪو سندس آخري پناهه گاهه آهي، جي بيوفائيءَ کان ته سيتا جي دل بلڪل وساميو وڃي ٿي ۽ زندگي هيڪاري وڌيڪ اونداهي ٿي وڃيس ٿي. تمام شديد گهرو احساس سندس دل ۾ روح تي حاوي پئجي ٿو وڃيس.

سيتا جي جذباتي محرومي، هن ناوليٽ جي دل آهي. اها محرومي هڪ ماءُ جي محرومي آهي، هڪ زال جي محرومي آهي ۽ ساڳئي وقت پنهنجي جنم ڀوميءَ کان به محرومي آهي، جيڪا ليکڪا پنهنجو وطن ڇڏي پرڏيهه ۾ اچي محسوس ڪئي هئي ۽ سيتا جي ڪردار ۾ سموئي، تاريخي فريم ۾ رکي، موضوع ۾ وسعت ۽ گهرائي پيدا ڪئي اٿس. بنيادي طور تي سيتا جي ٽرئجڊي، ليکڪا جي پنهنجي فطرت ۽ سڀاءُ جي ٽڪراءُ جو نتيجو آهي. پنهنجي وطن مان لڏڻ جي تجربي مان، ٽرئجڊيءَ جو عمل شديد ٿئي ٿو. ورهاڱي کان پوءِ، جوان ٿيندڙ مهاجر نسل جون پاڙون ڪنهن زمين ۾ نٿيون کُپن. سندس جذبا جن علائقن سان ڳنڍيل هئا، کين اُتان نڪري ٻين هنڌن تي وڃي رهڻو پيو. ليکڪا انهيءَ جذبي کي شدت سان محسوس ڪري هيءُ ناوليٽ لکيو آهي. تهذيبن جومٽجڻ، لکين ماڻهن جو ڏتڙجي جلاوطن ٿي بي گهر ٿيڻ، قرة العين حيدر جا پسنديده موضوع آهن. هن ناوليٽ ۾ جلاوطنيءَ جي مسئلي کي ننڍي کنڊ جي حدن کان ٻاهر وسيع پئماني تي ۽ ڀرپور انداز سان پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي اٿس، جيڪا سندس فني پئٽرن ۾ هڪ نئين شيءِ آهي.

        قرة العين جي ڪهاڻي- رچنا جي شروعات محدود ماحول ۽ خاص طبقي کان ٿي آهي، پر سندس ذهني اُڏام جو ’Aperture‘ آهستي آهستي کُلندو ويو آهي، ايتري قدر جو سموري ثقافت سندس موضوعن ۾ سميٽجي آئي آهي. پر سندس ڪهاڻين ۽ ناولن ۾ جيڪي موضوع داخل ٿيا آهن، انهن جو رنگ ۽ روپ سندس ذاتي تجربن جي روشنيءَ ۾ بلڪل بدلجي ويو آهي. جيئن سندس تجربن ۾ محرومي ڀريل آهي، انهيءَ ڪري انسانيت پرستيءَ ۽ ترقي پسنديءَ جي پيشڪش ۾ سندس لهجو مايوس ڪُن آهي. سندس لکڻيون ترقي پسند تحريڪ جي اوساري جي حيثيت رکن ٿيون، جنهن جي پويان سندس حساس شخصيت پوري آب ۽ تاب سان اُجاگر ٿئي ٿي. هيءُ ناوليٽ بي انت خلوص سان ڀرپور جذباتي تاثر جو نتيجو آهي، جنهن ۾ خوبصورت عورت جي محبت جو ڏکائيندڙ ڪلائمئڪس، سندس پنهنجي وطن جو وڻن مان لڏڻ جو تجربو ۽ انسانيت پرستيءَ جي روايت جي ناڪاميءَ جو اوسارو- اهي ٽي موضوع، جيڪي قرة العين جي ڪهاڻيءَ ۾ تاڃي پيٽي جي حيثيت رکن ٿا- اچي وڃن ٿا ۽ جذبات جي انهيءَ خانه جنگيءَ کي انهيءَ ڪسوٽيءَ تي پرکڻ گهرجي.

        ترجمي ڪندڙ کي ترجمي ڪرڻ وقت تخليق جي تجربي مان گذرڻو پوندو آهي. آءٌ جڏهن به ڪنهن ڌاري ٻوليءَ جي ادب جي ڪنهن به صنف جي شهپاري کان متاثر ٿيندو آهيان، ته اُن کي هڪدم پنهنجي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪرڻ جي خواهش جاڳندي اٿم. پر اهڙين شاهڪارن کي ترجمي ڪرڻ وقت ڪيتريون ئي ڏکيائون پيش اينديون آهن ۽ پوءِ اهو ڪم هڪ فرد جي وِت کان ٻاهر بنجيو وڃي. ادب جي شاهوڪاريءَ جو مدار نه رڳو ڌرتيءَ، جي اصلوڪين تخليقي لکڻين تي آهي، پر پرڏيهي ۽ ڌارين ٻولين جي ترجمي تي پڻ آهي. دنيا جون شاهوڪار ٻوليون- انگريزي، فرانسيسي، اسپيني، جرمن، روسي يا اٽالين وغيرهه رڳو پنهنجي تخليقي ادب ۽ ڏيهي لکڻين جي ڪري مهندار نٿيون ليکجن، پر دنيا جي ٻين ٻولين جي ادب کي پاڻ ۾ سمائڻ ڪري به اُتم آهن. رومن لٽريچر کي اينگلو سئڪسن ۾ ترجمو ڪيو ويو ۽ انهيءَ کان پوءِ جديد انگريزي ۾، نه ته روم جي زوال کان پوءِ سندن تهذيب جو خاتمو ٿي وڃي ها. نثر جي زبان، جيڪا تمدن جي زبان آهي، انگريزي نثر جي ٻوليءَ کي اليزبيٿ پهرين ۽ جيمس جي زماني ۾ مترجمن سڌاريو ۽ سنواريو. فيلسوفن جي فڪر جا ترجما ڪري لبرل سوچ کي اڳاهون ڪيو ويو. ترجمن وسيلي ئي بحر روم جي رهاڪن جا خيال يورپ تائين پهتا ۽ پوءِ ارڙهين صديءَ ۾ انگلينڊ ۽ هالينڊ جي نون بورجوائي (Dialectic) فيلسوفاڻي نظرين ۽ ترقي پسند تحريڪن ڏکڻ جو سفر ڪيو. اهو ڪم گهڻو ڪري فرانسيسي مترجمن ڪيو، جنهن ڪري فرانس ۾ انقلاب آيو، جيڪو آمريڪا جي انقلاب جو پيش خيمو بنيو.

        اسان جي ٻوليءَ جو ادب به فڪر، ٽيڪنيڪ، فارم ۽ ڪنٽينيٽ جي جن مرحلن مان گذري، جنهن منزل تي پهتو آهي، انهيءَ کي ڏسبو ته اسان بيشڪ پنهنجي ڌرتيءَ جي تاريخي، جاگرافيائي، سياسي، معاشي، مذهبي ۽ سماجي حالتن جو ڪچو مال استعمال ڪيو آهي، پر ساڳئي وقت پرڏيهي ادب جي مختلف ذهني ۽ فڪري لاڙن ۽ نظرين کي قبولي فارم ۽ ٽيڪنيڪ جا تجربا به ڪيا آهن. اهڙي قسم جا تجربا اسان کي هڪ ٻئي جي ويجهو آڻين ٿا ۽ هڪ ٻئي سان ڳانڍاپي ۾ مدد ڪن ٿا. ادب جي چاشنيءَ جا سمنڊ ڀريا پيا آهن، پر انهيءَ چاشنيءَ کي چکڻ لاءِ اسان کي پرڏيهي ادب جي هر صنف جي شاهڪار ڪتابن کي ترجمو ڪرائڻ ضروري آهي. انهيءَ ڪم لاءِ جامع رٿابندي جي ضرصورت آهي، جيڪا قومي سطح جا ادارا ئي ڪري سگهن ٿا.

        آخر ۾ هن ناوليٽ جي ترجمي بابت ذڪر ڪندس. ترجمو ڪيئن ٿيو آهي، انهيءَ جو فيصلو پڙهندڙن تي آهي، پر موضوع جي لحاظ کان اسان وٽ هيءُ نئون ۽ نرالو موضوع آهي، جيڪو جيڪڏهن محدود طبقي کي پسند ٿو اچي، ته انهيءَ جو بار نه ليکڪ تي آهي ۽ نه سنڌيڪار تي.

 

 ولي رام ولڀ

2- شمس چيمبرس، ٽماڙ،

رسالا روڊ، حيدرآباد، سنڌ.

15- مئي 1977ع

 


(1)  ويجهڙائيءَ ۾ سندس ٻه ناول ’گردش رنگ چمن‘ ۽ ’چاندني بيگم‘ پڻ شايع ٿيا آهن، جن ۾ ليکڪ پنهنجي سموري ذات ۽ ڏاهَپ سان موجود آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org