رات جو مانيءَ کان پوءِ نادر، سيتا کي سگريٽ دکائي
ڏنو ۽ هوءَ بلقيس ۽ ٻيا ڳالهيون ڪندا ڊرائنگ روم ۾
هليا ويا. هوءَ ميز تي ويهي گلدان مان هڪ گل ڪڍي
انهيءَ جون پنکڙيون جدا ڪندي رهي. عرفان سامهون
ڪرسيءَ تي آهلجي کيس سگريٽ جا ڪش لڳائيندي ڏسي
رهيو هو.
”مون کي خبر نه هئي ته تون ڪو سگريٽ به ڇڪيندي
آهين.“
”انهي ’به‘ جو ڪهڙو مطلب آهي؟“
”ڪجهه نه. تون، تون هن وقت ضرورت کان وڌيڪ اُداس
آهين. تو هتي جو باغ ڏٺو؟ ڪيڏو نه خوبصورت آهي!“
”جي.“
”اڄ چانڊوڪي رات آهي، انهيءَ ڪري پاڻ کي وڌيڪ وڻي
ٿو.“
”جي.“
ڊائننگ روم مان ٽهڪن جا آواز اچي رهيا هئا.
عرفان کي سمجهه ۾ نٿي آيو ته کيس ڪهڙي طرح خوش
ڪري. نفسيات جي ڪتابن ۾ لکيل آهي ته جيڪڏهن انسان
جا مونجهارا مٽائڻا هجن ته ساڻس ننڍپڻ جون ڳالهيون
ڪريو.
”مون کي ڪجهه پنهنجي ننڍپڻ بابت ٻڌاءِ.“ هن وڏي
ماهرِ فن وانگر پڇيو.“
”توهان ته ائين پيا پڇو ڄڻ يُنگ جو روح توهان ۾
داخل ٿي ويو آهي.“
”ها ها ها.“ هو وري پنهنجي کوکلي کِل کلڻ لڳو.
”پوءِ توهان پنهنجي ننڍپڻ بابت ٻڌائيندؤ. معاف
ڪجو، اِها به تمام پراڻي ٽيڪنڪ ۽ گسيل سچوئيشن
آهي.“
”لاحول ولا قوة. تون ته ڪا به ڳالهه ئي ڪرڻ نٿي
ڏين. توکي بيريسٽر هئڻ گهربو هو.“
جميل به کيس پنهنجي ننڍپڻ بابت ٻڌايو هو. هن ڏاڍي
جذباتي آواز ۾ چيو هو: ”اسان جو گهر گهاگهرا کان
ٿورو پرڀرو آهي. منهنجي ماءُ ماني ڏاڍي لذيذ
پچائيندي آهي. منهنجي ننڍي ڀيڻ جو نالو قيصر آهي –
وڏي ڏائڻ آهي. هاڻي ته هوءَ وڏي ڀاءُ سان گڏ
پاڪستان هلي ويئي آهي. مان کيس ڏاڍو ماريندو هوس.
هڪ ڀيري کيس وٺي وڃي مٿي ڪمري ۾ بند ڪري هيٺيان
ڪڙو ڏئي ڇڏيم. پوءِ منهنجي به چڱي دُرگت ٿي.
منهنجون ٻه ماسيون آهن. ادي فرخنده، ننڍي ماسي جي
ڌيءُ آهي. ادي فرخنده وڏي ديش ڀڳت ۽ وڏي گريٽ عورت
آهي – بلڪل ديوي آهي هڪدم. تون ساڻس دهليءَ ۾ ڪڏهن
ملڻ نه ويئي آهين؟ مان چاهيان ٿو ته تون به هن
جهڙي بڻجي پؤ. سندس ننڍي ڀيڻ جو نالو بلقيس آهي.
مان ۽ بلقيس تُلسي پور ۾ وڏي بابا جي باغيچي ۾ وڃي
خوب زيتون چوري ڪندا هئاسين ۽ جڏهن نڀاڳي قيصر وڃي
چغلي هندي هئي ته...“
فضول، فضول وقت گذري پيو.
پر اوڏيءَ مهل هن محسوس ڪيو ته سندس تلخ لهجي
عرفان کي رنج پهچايو هو. هن سچ پچ عرفان جي خلوص
جو جواب بدتميزيءَ سان ڏنو هو ۽ هن کيس ناراض ڪرڻ
نٿي چاهيو. هن ته جميل کي به ناراض ڪرڻ نٿي چاهيو،
پوءِ هي ڇا ٿيو!؟
”مان، مان هن حيدرآباد ۾ پيدا ٿي هيس.“ هن ٿورو
ڏوهه جو احساس هيٺ چوڻ شروع ڪيو ۽ اکين جا ڇپر کڻي
کيس ڏٺائين ته هو ٻڌي به ٿو يا نه.
اسان چار ڀائر ڀينر هئاسين، اسان چار ...“ پوءِ
سندس آواز نڙيءَ ۾ اٽڪي پيو.
”دراصل،“ عرفان کيس چيو، ”مان ورهاڱي کان اڳ ڪڏهن
به سنڌ نه آيو هئس، تنهنڪري کوٽي کوٽي توکان سوال
مٿان سوال پيو پڇان. مون کي ڪا خبر ناهي ته اڻ
وراهيل هندستان ۾ لاهور ۽ پشاور ڪراچي ۽ حيدرآباد
سنڌ ڪهڙا شهر هئا ۽ اتان جا رهواسي ...“
”انهن شهرن مان هڪ جي رهواسڻ ته مان پاڻ ئي توهان
جي سامهون موجود آهيان.“
’رهواسڻ‘ تي هو بي اختيار کلي پيو ۽ ڏاڍي پيار سان
سيتا کي ڏسڻ لڳو. والله، تون به خوب شيءِ آهين.“
پوءِ هن چيو: ”دراصل سيتا تون مون کي بيحد
غيرجذباتي سمجهين ٿي. پر جلاوطن جو مسئلو مون کي
به ڏاڍو پريشان ڪندو آهي. مغربي برلن ۾، هانگ ڪانگ
۾، هر هنڌ مون پناهگيرن کي ڏٺو آهي. آمريڪي شهرن ۾
مشرقي يورپ مان ڀڳل ماڻهن سان مليو آهيان، جارڊان
۾ فلسطيني مهاجرن جي حالت ڏٺي اٿم. ۽ مان جيڪو
ڳالهه ٻولهه ۾ توسان اٽڪيو بيٺو آهيان ۽ تنهنجي هر
ڳالهه چرچي ۾ ٽارڻ چاهيان ٿو، انهيءَ جو سبب اهو
آهي ته اسان هڪ اهڙي دؤر ۾ زندهه آهيون، جنهن ۾
چاليهه ڪروڙ ماڻهن جي نفسيات هڪدم بدلجي ويئي آهي.
سندن خيال، نظريا، جذبا، ردعمل. منهنجي ۽ تنهنجي
وچ ۾ هاڻي ڪو قدر مشترڪ بچيو ناهي. مون کي خبر
ناهي ته تون ڇا ٿي سوچين، ڇا ٿي پڙهين، ڇا ٿي
ڪرين؟ جڏهن بلقيس پنهنجي ٿيئٽريڪل مصروفيتن جو ذڪر
ڪندي آهي، تڏهن ائين لڳندو اٿم، ڄڻ ٻيءَ دنيا جون
ڳالهيون ٻڌي رهيو هجان. ڇڏينس، اسان وري پاليٽڪس
شروع ڪري ڏني، جنهن کان مون کي نفرت آهي.“
”توهان منهنجي ننڍپڻ بابت پئي پڇيو؟“
”ها ها.“
”اسان چار ڀائر ڀينر هئاسين.“ هن فرمانبرداريءَ
سان وري ٻارن وانگر ڄن سبق ٻڌائڻ شروع ڪيو، ”پهرين
اسان هتي حيدرآباد ۾ رهندا هئاسين. هيرآباد ۾
اسان جو گهر هو، جيڪو اسان جي ڏاڏي ٺهرايو هو.
پوءِ ڊيڊي ڪراچيءَ ۾ پرئڪٽس شروع ڪئي ۽ اتي گهر به
ٺهرايائين. مان گرئمر اسڪول ۽ انهيءَ کان پوءِ
سينٽ جوزفز ڪاليج ۾ پڙهندي رهيس. اسان جو تمام وڏو
خاندان هو. چاچا، ماما ۽ ماسيون. انهن مان ڪي عامل
ڪالوني ۾ رهندا هئا ۽ ڪي لاڙڪاڻي ۽ حيدرآباد ۾.
منهنجو ڀاءُ فقط هڪ آهي ۽ ٻه ڀيڻون اٿم. اهي ٽيئي
پارٽيشن جي وقت گهڻو ننڍا هئا.“ پوءِ سندس آواز
اُداس ٿيندو ويو. ”اُنهيءَ سال اسان جهاز ۾
ڪاٺياواڙ جي هڪ پورٽ تي وڃي لٿاسين. آگسٽ کان پوءِ
وارن ٽن مهينن ۾ لکين شرنارٿي هوائي جهاز، ريل ۽
سمنڊ رستي هتان ويا هئا.“
”انهيءَ زماني ۾ ٽرين هلندي هئي؟“
”جي ها. اسپيشل ريفوجي ٽرين هلائي هئائون جيڪا
ميرپورخاص کان مارواڙ جنڪشن تائين ويندي هئي. اُتي
ٽرانزٽ ڪيمپون قائم ڪيون ويون هيون، جيڪي ماڻهو
هتان ويا، اُهي گهڻو ڪري شهري واپاري هئا. کليل
زمين تي رهڻ، انهن جي لاءِ ڏاڍو مشڪل هو. اهي سڀئي
بمبئي پريزيڊنسي، مڌيو پرديش ۽ راجسٿان جي رفيوجي
ڪيمپن ۾ موڪليا ويا. منهنجا مائٽ احمد آباد،
جوڌپور، ونڌيا پرديش ۽ الائجي ڪٿي جو ڪٿي پکڙجي
ويا. گهڻا سنڌي شرنارٿي ڀوپال موڪليا ويا.“
”توهان ڪٿي وڃي رهيا؟“
”اسين پهرين گانڌي ڌام ۾ رهياسين، پوءِ الهاس نگر
۾. اهي سنڌين لاءِ نيون سيٽلمنٽ وسايون ويون هيون.
گانڌي ڌام ۾ ڊيڊي تمام سخت بيمار ٿي پيو. سڀني
سنڌي شرنارٿين وانگر کيس ٻن سالن تائين مالي امداد
ڏيندا رهيا. اها امداد 1950ع جي شروع ۾ بند ٿي
ويئي. ڪن ڪيمپن ۾ بيمارن ۽ پوڙهن کي رکيو ويو هو.
ڊيڊيءَ کان پوءِ اسان سڀيئي دهلي آياسين. انهيءَ
وقت تائين سڀ شرنارٿي ڪاروبار جي ڳولا ۾ سموري
هندستان ۾ پکڙجي چڪا هئا.“ هن هڪ ڊگهو ساهه کنيو.
ڊرائنگ روم ۾ هاڻي رمي شروع ٿي ويئي. عرفان سگريٽ
دکايو پر کيس پيش نه ڪيائين.
”هاڻي اسان اُهي ماڻهو آهيون، جن جو ڪو پنهنجو ديس
ناهي. پنجابين کي گهٽ ۾ گهٽ مشرقي پنجاب ته مليو.“
”تنهنجو ڊيڊي هاڻي ڪجهه به نه ڪندو آهي؟“
”نه، مون ٻڌايو نه، ته هو مستقل بيمار گذاري ٿو.
اسان عامل گهڻو ڪري ڊاڪٽر، وڪيل، پروفيسر – اهڙا
ماڻهو هئاسين. توهان وٽ ڪائسٿ آهن نه يو – پيءَ ۾،
اهڙي طرح اها به هڪ ڪاسٽ هئي. ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي
حڪومت ۾ اهي ئي ماڻهو سموري ائڊمنسٽريشن هلائيندا
هئا، انهيءَ ڪري عامل چوائڻ ۾ آيا.“
”توهان ڪير آهيو، برهمڻ؟“
”نه. عامل کتري ٿيندا آهن، پر هن لڏ پلاڻ جي ڪري
سڀ طبقا هيٺ مٿي ٿي ويا. عاملن ۽ برهمڻ کي به اُتي
فٽ پاٿ تي دڪان کولڻا پيا. پراڻيون ريتون رسمون،
پير فقير، درگاهون، مندر، سڀ هتي رهجي ويا. هتي جو
اصل مذهب صوفي ازم هو. انهيءَ صوفي ازم جي اثر ڪري
اسان ڪٽر قسم جا مذهب پرست ڪڏهن به نه رهيا
آهيون.“
چند منٽن تائين هوءَ ميز جي چادر تي ڪانٽي سان
ليڪون ڪڍندي رهي.
”تون سنڌي پڙهي سگهندي آهين؟“
”ها بلڪل. توهان ڇا ٿا سمجهو ته مان ايڏي ميم صاحب
آهيان جو پنهنجي ٻولي به نٿي ڄاڻان؟ توهان ته هتي
سنڌي ضرور سکي ورتي هوندي؟“
”نه.“ عرفان ڪجهه هٻڪي جواب ڏنو. وري پڇيائين:
”تنهنجو ڊاڪٽريٽ ۾ ڪهڙو مضمون هو؟“
”اهوئي ’سنه 1947ع کان پوءِ هندستان جو سماجي
انقلاب‘ توهان وٽ به انهيءَ سبجيڪٽ تي ڏاڍو ڪم ٿيو
هوندو. مون کي ڪجهه ڪتابن جا نالا ٻڌائجو. منهنجو
موضوع ’پنجاب جا شرنار ٿي‘ هو.“
”هاڻي ساڍا ٻارهن وڄن ٿا، وڃي سمهه.“
”بهتر.“ هوءَ ساڳي فرمانبرداريءَ سان اٿي ۽ کيس
’گڊنائيٽ‘ چئي پنهنجي ڪمري ڏانهن هلي ويئي.
صبح جو هوءَ نيرن کانپوءِ ورانڊي ۾ بيٺي هئي ته
ايتري ۾ سرڪٽ هائوس جو مالهي گُل کڻي آيو. عرفان
سندس ڀرسان بيٺو هو. ”بيگم صاحب لاءِ گل کڻي آيو
آهيان سائين!“ مالهيءَ چيو.
”چڱو، بيگم صاحب کي ڏينس.“ عرفان مشڪي جواب ڏنو.
هوءَ تيزيءَ سان اندر هلي ويئي.
موٽرن ۾ سوار ٿيڻ وقت عرفان کيس چيو: ”ڪالهه تو
منهنجو ڏاڍو دماغ کاڌو آهي. اڄ مان ٿورو آرام ڪرڻ
ٿو چاهيان، انهيءَ ڪري تون نادر سان گڏجي وڃ“.
جنهن وقت اهي سڀ خيرپور مان گذريا پئي ته سيتا
هڪدم چيو: ”مان پير الله بخش جماليءَ سان ملڻ
چاهيان ٿي.“
سڀني کيس سوالي نگاهن سان ڏٺو.
هن بيگ مان نوٽ بوڪ ڪڍي ڏس پتو ٻڌايو. ”ڊيڊيءَ جو
دوست هو. ڊيڊي چيو هو ته ٻئي ڪنهن سان نه ته گهٽ ۾
گهٽ هن سان ضرور ملج.“
گهڻي دير تائين اهي پير الله بخش جماليءَ جو بنگلو
ڳوليندا رهيا.
”هلو، سرڪٽ هائوس هلي، اتان پڇا ڪرايون.“ بلقيس رٿ
ڏني. اسٽيٽ گيسٽ هائوس ويندي پير صاحب جو بنگلو
نظر اچي ويو.
شام جي چانهه کان پوءِ هڪدم اونداهي ڇانئجي ويئي.
”مون کي وسري ويو هو ته سياري ۾ سج جلدي لهي ويندو
آهي.“ نادر چيو، ”هلو، هاڻي توهان کي توهان جي پير
صاحب وٽ ٿا ڇڏيون. ادا عرفان، توهان ڀاڄائيءَ کي
وٺي وڃو. اسان جي هن سموري ڄڃ جي وڃڻ جي ڪهڙي
ضرورت آهي؟“
”هاڻي تون وري منهنجي مٿان سوار ٿي وئينءَ.“ عرفان
ڪار جو دروازو کوليندي کيس آهستي چيو، ”منهنجو
خيال هو ته هاڻي جند ڇٽي.“
پير صاحب جي بنگلي تي پهچي هن سيتا کي چيو، ”تون
اندران ٿي اچ، مان ڪلاڪ کن کان پوءِ اچي توکي وٺي
ويندس.“
”واهه! توهان ڇو نه هلندؤ؟“
”مون کي سنڌين سان ملندي ذرا گهٻراهٽ ٿيندي آهي.“
عرفان شڪي ٿي شرمندگيءَ سان چيو.
”اها ڳالهه آهي!“
”تون ئي کڻي ٻڌاءِ، هو هوندو پراڻي قسم جو ’اصلي
تي وڊو‘ وڏيرو. نه مان سندس ڳالهه سمجهي سگهندس ۽
نه وري هو منهنجي سمجهندو. ۽ اها ته ڏاڍي زيادتي
ٿيندي جو ٻاهران اچي توکي هن جي جذبن جي ترجماني
ڪرڻي پوي.“
سيتا ڪار ۾ ويٺي ويٺي باغ جي گهاٽن وڻن کي ڏسندي
رهي. ”مان ننڍپڻ ۾ ڊيڊيءَ سان گڏ هتي ايندي هيس.
ڊيڊي پير صاحب جو فيملي ڊاڪٽر هو. اسان جو ڏاڏو
حيدرآباد جو مشهور وڪيل هو. حُربخش ميرچنداڻي جو
نالو توهان اڃا به ٻڌندا هوندؤ.“
هن اهو نالو نه ٻڌو هو تنهنڪري سگريٽ دکائي خاموش
رهيو.
”منهنجو ڏاڏو، پير صاحب جو قانوني مشير هو. ٻين
وڏيرن وانگر پير صاحب به مستقل مقدما وڙهندو هو.“
عرفان هارن وڄايو پر چؤطرف سناٽو ڇانيل هو.
سيتا وري ڳالهه شروع ڪئي: ”توهان کي خبر آهي ...“
”نه، خبرنه اٿم!“ عرفان مشڪي سندس ڳالهه ڪٽي.
”توهان کي خبر آهي ته انگريزن جي زماني ۾ هندُن
ڏاڍي ترقي ڪئي ۽ هندُو واپارين وٽ مسلمان تقريباَ
گروي هئا. سنڌي مسلمانن جو ڪو مڊل ڪلاس ڪونه هو ۽
اهي وڏيرا اهڙيءَ طرح پنهنجي فيوڊلزم ۾ قلعا ٻڌي
ويهي رهيا ۽ شايد اڃا تائين اهڙي طرح ويٺا آهن.“
”سموري هندستان جي هندو مسلمانن جي اهائي هڪ ڪهاڻي
هئي. شايد انهيءَ سبب ڪري پاڪستان ٺهيو.“ عرفان
وراڻيو.
”ننڍپڻ ۾ مان پير صاحب جي زالن جا زيور ۽ لباس ڏسي
حيران ٿي ويندي هيس ته اهي ڪيتري قدر بئڪ ورڊ
۽ڪيڏا دولت مند آهن، جنهن جو توهان اندازو نٿا
لڳائي سگهو.“
هڪ مُڇن وارو سنڌي ملازم، وڏي گهير واري ڪاري
شلوار ۾ اندران نڪتو. هن هٿ ٻڌي ٻنهي کي سلام ڪيو
۽ ڊرائنگ روم ۾ وٺي ويو. سيتا جلدي اندر زنانخاني
۾ هلي ويئي. عرفان هڪ صوفي تي ويهي رهيو. ڪمرو
قيمتي فرنيچر سان سينگاريو پيو هو. فرش تي اعليٰ
ترين غاليچا وڇايل هئا. نرم ريشمي پردن تي سونهري
ڏوريون ٻڌل هيون. ڪجهه دير کان پوءِ ڀنڀي ڏاڙهي ۽
وڏين اکين وارو پير الله بخش جمالي اندران ٻاهر
آيو ۽ جهُڪي ٻنهي هٿن سان عرفان سان کيڪار ڪري
خاموشيءَ سان صوفي تي ويٺو. ايتري ۾ چانديِءَ جي
ٽي – سيٽ ۾ چانهه آئي ۽ هُن هيڏانهن هوڏانهن جي
ڳالهين کان پوءِ ملڪي سياست تي اجائي سجائي گفتگو
شروع ڪري ڏني. اهو سر فيروز خان نون جي وزارت جو
زمانو هو ۽ ملڪ ۾ افراتفري متل هئي.
پوءِ هو اُٿي اندر ويو ۽ سيتا کي پاڻ سان گڏ وٺي
واپس آيو ۽ وڏي ريشمي رومال سان لڙڪ اگهي، سيتا جي
مٿي تي هٿ گهمايائين. جڏهن سيتا پير صاحب سان
سنڌيءَ ۾ ڳالهيون پئي ڪيون ته ان وقت عرفان کي شدت
سان محسوس ٿيو ته هو ان جاءِ تي ڪيترو نه اجنبي
هو.
مڇن واري ملازم هڪ وڏي اٽيچي ڪيس ڪار ۾ رکي. ڪار
اسٽارٽ ٿيڻ کان پوءِ عرفان چرچي ۾ پڇيو: ”ڏاڏا وڏا
تحفا هٿ ڪيا اٿيئي!“
”مون ڏٺو به ناهي، هن ڊيڊي، ممي ۽ منهنجي لاءِ جدا
جدا الائجي ڪهڙيون شيون ڏنيون آهن. ڏاڍو قيمتي
سامان هوندو! اهي ماڻهو ڏاڍا جذباتي ۽ بي حد
مهربان آهن.“
”تون جذبن جو ايترو قدر ڪرين ٿي ۽ مٿان وري پاڻ کي
منطقي پڌرو ٿي ڪرين فراڊ!“
ٻئي ڏينهن سندن قافلو خيرپور شهر مان لنگهي رهيو
هو. رستي جي ٻنهي طرفن کان پراڻين سرن جون اداس
عمارتون هيون، جن جي محرابن جي هيٺيان پوڙها
باوقار سنڌي بيٺا هڪ ٻئي سان ڳالهيون ڪري رهيا
هئا. انهن سڀني هٿ جوڙيا ٿي ۽ جهڪي آواز ۾ ۽ جهيڻي
موسيقي ريز لهجي ۾ گفتگو ٿي ڪيائون. ڏاڍي عجيب،
اُداس نرم ۽ ڌيمي تهذيب هئي، جيڪا عرفان انهيءَ
ملڪ ۾ نون سال رهڻ جي باوجود اڃا تائين ڏٺي نه
هئي.
”ڪمال آهي!“ عدالت جي اڳيان گيئر مٽائيندي هن سيتا
کي چيو.
”واقعي عجب جهڙي ڳالهه آهي جو مان هن ملڪ جو
رهواسي آهيان ۽ تون غير ملڪي آهين.“
”پر مون کي هاڻي اها صورت حال ڏسڻ جي عادت پئجي
چُڪي آهي. گذريل ڀيري جڏهن مان نيويارڪ کان جميل
سان گڏ هندستان آئي هيس ته وچين ماسي پنهجي
ڀاڻيجيءَ سان ملڻ لاءِڪ راچي کان فيض آباد آئي هئي
۽ هن مون کي سموري لکنؤ جو سير ڪرايو هو ۽ تلسي
پور ۽ چاندپور جي پراڻين ريتين ۽ رسمن کان روشناس
ڪرايو هئائين، پر فيض آباد کان لکنؤ پهچندي ئي هڪ
غير ملڪيءَ جي حيثيت سان کيس پوليس اسٽيشن ۾
پنهنجي اچڻ ۽ انهيءَ کان پوءِ روانگيءَ جو اطلاع
درج ڪرائڻو پيو هو.“
سنڌ جي شهرن ۾ هر طرف اداسي ۽ بي رنگي ۽ ريتي ۽
ڌوڙ هئي. انگريزي عهد جون يادگار ضلعن جون
عمارتون، سول لائينز جي مٽياڻن رستن جي پاسن کان
خاموش بيٺيون هيون. انگريز سموري ننڍي کنڊ ۾،
پشاور کان وٺي مدراس تائين ۽ بهار کان وٺي سنڌ
تائين، ضلعن جي طرز تعمير ۽ ماحول ۽ مسئلن جو هڪ
جهڙو پئٽرن ٺاهي روانا ٿي چُڪا هئا. اُهي ئي
ڪچهريون،ا ُهي ئي باغ، اُهي ئي ڊاڪ بنگلا، اُهي ئي
ريلوي اسٽيشن جا ڪول تار سان ليپيل ويٽنگ روم ۽
انهن جو هڪ جهڙو واهيات فرنيچر.
سکر جو اهو سرڪٽ هائوس، جنهن ۾ اهي سڀ هاڻي اچي
ترسيا هئا، بلند شهر يا بلاسپور يا گيا، ڪنهن به
جاءِ تي کڻي رکي سگهيو ويو ٿي. اُهو ئي بئرو هو،
جنهن سامهون اچي وڏي صاحب کي سلام ڪرڻ کانپوءِ
پڇيو ٿي ته ماني ڪهڙي مهل کائيندؤ. سندس نالو
گُربچن هجي يا رسول بخش، مالهيءَ جو نالو چراغ دين
هجي يا رام رکيو. پر دنيا بدلجي چڪي هئي، انسان
بدلجي ويا هئا. ڇا سچ پچ انسان بدلجي ويا هئا؟
انهيءَ سوال جو جواب ديانت سان ڏيڻ لاءِ ڪير به
تيار نه هو.
”مان ساڌ ٻيلي وينديس. مان اُهي هميشه هر سال ميلي
۾ ويندي هيس ۽ خوب ميوزڪ ڪمپيٽيشنس ٿينديون هيون.“
سيتا ورجايو.
شام جي وقت لانچ ۾ ويهي، اُهي درياء پار ڪرڻ لڳا.
پريان ساڌ ٻيلي جي ٻيٽاري، وڏي جهاز وانگر لهرن جي
وچ ۾ بيٺي هئي. ڪناري تي پهچي، اُهي ڏاڪڻ چڙهيا.
ڪناري تي ڪافي وڏو پويلين هو، جنهن جي ديوارن تي،
ڪبير جون ٻاڻيون اُڪريل هيون. مٿاهين تي عمارتون
سُنسان هيون – بيشمار ننڍا وڏا مندر ۽ شوالا،
ڇوڪرن جي هاسٽل، ڪلب هائوس. سيتا، عرفان سان گڏجي
چؤطرف گهُمندي ڦِرندي رهي. پارٽيءَ جا ٻيا همراهه
ٿڪجي هيٺ هڪ بينچ تي ويهي رهيا هئا.
”مون کي ڀاڄائيءَ تي ڏاڍو ترس ٿو اچي.“ سيتا کي
اُتاهين تي هڪ اونداهي مندر جي ڏاڪڻ چڙهندي ڏسي
نادر چيو.
مندرن جي ديوارن تي عجيب عجيب خوفناڪ ۽ کلڻهاب شڪل
وارين مورتين هيٺيان پينسل سان طرح طرح جا جملا
لکيل هئا:
’ديوي ماتا! مان هندستان وڃي رهيو اهيان، مون تي
پنهنجي ديا ڪج.‘ - هري ڪيولراماڻي. 12 نومبر
1947ع.
’ڀڳوان! مان اڄ تنهنجو در ڇڏي انڊيا ڀڄيو ٿو وڃان.
مون کي معاف ڪج. - منگهالال گوورڌن داس. 25-
سيپٽمبر 1947ع.
ماتا! مان توکي ڇڏي وڃي رهيو آهيان. هاڻي ڪڏهن
پرساد چاڙهي نه سگهندس. منهنجي اولاد تي ديا ڪندي
رهج.
-رام سچديو خوبچند. 19 ڊسمبر 1947ع.
سيتا ۽ عرفان، ڳولي ڳولي انهن دردناڪ جملن کي
پڙهندا رهيا، ايتري قدر جو سج مهراڻ جي لهرن ۾
ٻڏي ويو.
ٻي اُتاهينءَ تي بڙ جي هيٺيان هڪ اونداهو مندر هو.
اندر گهُپ اونداهيءَ ۾ ريشمي ڪپڙن ۾ راڌا جي آدم
قد مورتي اونڌي منهن پيئي هئي. عرفان کي ڏاڍي وحشت
ٿي. ”هاڻي ٻاهر اچ.“ هن جلدي چيو.
هيٺ لهي ڪلب هائوس جي مرمرين ڏاڪڻ تي ويهندي سيتا
بي اختيار کانئس پڇيو: ”هيءَ جاءِ ڀوتن جو شهر
ناهي؟ منهنجي ڏاڏي مون کي اڪثر رات جو چوندي هئي،
ته اڄ مون تنهنجي لاءِ ڏاڍو سٺو سپنو ڏٺو. رات
ڪنهن گوسائين مهراج جي نيڪ آتما گهر جي مٿان لنگهي
هوندي. يا مون اڄ تمام خراب سپنو ڏٺو. ڪنهن موچيءَ
جو بدروح مٿان لنگهيو هوندو. سندس چوڻ هو ته ڪي
بدروح ٻارن جي شڪل ۾ نڪرندا آهن، جن جي هٿن ۾ چار
چار آڱريون هونديون آهن ۽ بدروح هوا ۾ ڏياٽين
وانگر به اُڏامندا آهن. هيڏانهن ڏسو، ڪٿي هوا ۾
ڏياٽيون ٻري رهيون آهن؟ ساڌٻيلو منهنجي سڄيءَ قوم
جو قبرستان آهي.“
هوءَ اُٿي ٻيءَ ڏاڪڻ تي وڃي ويٺي. ”ڪيڏي اونداهي
آهي! هن اونداهيءَ ۾ منهنجون سڀ آرزوئون، سڀ آدرش،
سڀ پڇتاوا اگيات بيتال (جن ڀوت) وانگر جڳمڳائين
ٿا. هاڻي مون اکيون بند ڪيون ته مون کي ائين لڳو
ڄڻ ڀيرو جي سواريءَ جو ڪتو، ڪاٺ جي وهٽ تي سوار
ٿي، قبرستانن ڏانهن ويندڙ ڏائڻين، هزارين ورهين جي
مري کپي ويل روحن، سڀني گڏجي مون کي چئني طرفن کان
گهيرو ڪيو آهي ۽ مان تمام جلدي مري وينديس.“ هن
وسامجي عرفان جو هٿ جهلي ورتو.
”اسان وٽ هڪ وڏي ڀوائتي رسم هئي.“ هن ڪجهه کن رکي
وري چوڻ شروع ڪيو، ”جيڪڏهن جيڪو ماڻهو ڪنوارو مري
وڃي ته کيس ڳاڙهي ڪپڙي ۾ ويڙهي شمشان ڀوميءَ ڏانهن
کڻي ويندا هئا ۽ زور زور سان دهل وڄايو ويندو هو،
ڄڻ هن موت سان لائون لڌيون هجن.“
”هيءُ سامهون سنڌو پيو وهي. اسان جي ماڻهن جو
عقيدو هو ته انهيءَ جي اولهه ۾، جتي چنڊ لهي ٿو،
اُتي موت جو ديس آهي ۽ هر سنڌي جيڪو مري ٿو، اُنهي
گئو ماتا وسيلي، جيڪا هن زندگيءَ ۾ برهمڻ کي دان
ڪئي هوندي، انهيءَ جي پڇ ۾ چنبڙي، هن درياء مان
پار لنگهي ويندو. ڀڊي جي پورڻماسيءَ جو سندس آتما
انهيءَ ڪشتيءَ ۾ سوار ٿي واپس ايندي، جيڪا سندس
گهر وارا پورڻماسيءَ کان ٻه ڏينهن اڳ سنڌو درياء ۾
ڇڏي ايندا هئا.
”چيٽ مهيني ۾ وڏو ميلو لڳندو هو. دراصل سڀ کان وڏو
خدا، اهو درياء ئي هو، ڇو ته ريگستان ۾ وهندو هو،
جهڙي طرح پراچين مصري، نيل کي ديوتا مڃيندا هئا.
انهيءَ سکر ۾، مڇيءَ جي پُٺيءَ تي سوار دريا –
ديوتا جو مندر هو، جنهن کي مسلمان درياء پير ۽
خواجا خضر چوندا هئا. ڏکڻ پنجاب جا هندو انهيءَ
کي ’درياء صاحب‘ چوندا هئا. ذرا سوچيو: ڪيڏا
فيسينيٽنگ عقيدا هئا! نانگ ديوتا لاءِ اهو چوڻ ۾
ايندو هو ته اُهو ٺٽي کان اڳتي سنڌوءَ جي ڪناري تي
رهي ٿو.“
انهيءَ رات هوءَ سکر بيراج تي بيهي ڳچ دير تائين
سنڌوءَ جي ڪهاڻي ٻڌائيندي رهي ۽ پوءِ هڪدم اوچتو
خاموش ٿي ويئي. ان وقت عرفان ڏٺو ته هوءَ انهي
عظيم الشان باجبروت بند جي ديوار تي جهُڪي بيحد
اڪيلي، بيحد ڪمزور ۽ بيحد اجنبي لڳي رهي هئي.مهراڻ
جي سمنڊ جهڙين ڇولين ۾ گهيريل، ميلن ۾ ڊگهي پُل جي
روشنيءَ جي جهرمر ۽ صدين تائين ڦهليل صحرا جي وسعت
۾ وڃايل ويچاري ڇوڪري!
هيٺ سنڌو چانڊوڪي ۾ لهرون هڻي رهيو هو. ٻنهي ڪنارن
تي روهڙيءَ ۽ سکر جون روشنيون جڳمڳائجي رهيون
هيون. پل تان موٽرن، ٽانگن، بسن ۽ سائيڪل سوارن جو
وهڪرو لنگهي رهيو هو. نومبر 1957ع جي سنڌ جي اها
دنيا، تمام مختلف هئي- ايتري قدر مختلف، جو انهيءَ
۾ قرول باغ دهليءَ کان آيل سيتا ميرچنداڻيءَ لاءِ
ڪا پنهنجائپ نٿي ٿي سگهي.
”توهان ڄام تماچي ۽ نوريءَ جي ڪهاڻي ٻڌي آهي؟“ هن
هڪدم عرفان کان پڇيو.
”نه.“
”شاهه سائين چيو آهي ...“
شاهه سائين ڪهڙو؟“
سيتا حيرت مان ڏانهس ڏٺو. ”توهان کي خبر ناهي؟
شاهه عبداللطيف جي خبر نه اٿو؟“ هن آهستگيءَ سان
پڇيو.
”ٻڌاءِ ٻڌاءِ.“
”نه. رهڻ ڏينس.“ هن جهَڪي آواز ۾ جواب ڏنو، ”هلو
ته واپس هلون. سيءُ پيو پوي. نادر، اڳيان ڪهڙو
اسٽاپ ايندو سڀاڻي؟“
سنڌ مان روانو ٿي نڪرندي نادر کيس چيو: ”ڀاڄائي،
توهان جي سنڌ جو به خوب سير ڪيوسين. ادا ع رفان ته
توهان جي پيرالله بخش جماليءَ جي زيارت به ڪري
آيو.“
”سنڌ نه منهنجي، نه پير الله بخش جماليءَ جي. سنڌ
جا اصلي والي وارث اُهي هاري آهن جن جي باري ۾
سوچڻ جي توهان اڄ تائين ضرورت ئي نه سمجهي هوندي.“
سيتا وراڻيو.
”انقلاب زنده باد!“ نادر خوشيءَ مان نعرو هنيو.
عرفان خوش ٿيو جو هوءَ پنهنجي جذباتي موڊ تي قابو
پائي ٻيهر نارمل ٿي رهي هئي، يعني سياسي بحث ڪرڻ
لاءِ تيار ٿي چُڪي هئي.
بهاولپور ۾ پنج ند جي ٻيلن جي ڊگهن مٽي هاڻن وڻن
۽ پنج دريائن جي سنگم تي وسندڙ چانڊوڪي ڏاڍي
خوشگوار هئي. اُتان اڳڀرو هليا ته چانڊوڪي اڃا
وڌيڪ تيز ٿي ويئي. روشنيءَ ۾ چمڪندڙ سڌي رستي تي
ڪار آڻي، عرفان، سيتا کي چيو، ”صحرا جي ٿڌي، عجيب
چانڊوڪي رات – هاڻي مان ڇا ٿو ڪري سگهان، جيڪڏهن
مون کي اختر شيرانيءَ جا شعر دل تي تري اچن، جيڪي
اسان اسڪول جي اڙدو ڪتابن ۾ پڙهندا هئاسين – ’صبح
بنارس‘، ’شامِ اؤڌ‘ ۽ ’شبِ مالوه‘. صبح بنارس ۽
شامِ اؤڌ ته سمجهه ۾ ايندا هئا پر اهو سمجهه ۾ نٿي
آيو ته ريگستان جي رات ۾ سواءِ ڌوڙ جي ٻيو ڇا رکيو
هوندو. اها هاڻي هتي اچي خبر پيئي. تو بنارس جي
صبح ۽ اؤڌ جي شام ڏٺي آهي؟“
”جي ها.“
چانڊوڪيءَ ۾ سندس هٿ جو ڪنگڻ تيزيءَ سان چمڪيو. هو
ڪجهه دير ماٺ ڪري ڪنگڻ ڪرائيءَ ۾ گهمائيندي رهي.
”ڏاڍو خوبصورت ڪنگڻ آهي... اطالوي آهي نه؟“ عرفان
پڇيو.
”جي ها.“
”نيپلز ۾ خريد ڪيو هوءِ؟“
”جي نه، ڪئناڊا ۾.“
”ڪئناڊا! دنيا ۾ ٻيا به هزارين ملڪ آهن ... اهو
توکي ڪئناڊا وڃڻ جو ڪيئن سُجهيو؟“ عرفان مشڪي
کانئس پڇيو.
”منهنجو مامو اُتي تجارت ڪندو هو. پارٽيشن کان
پوءِ، هن ڊيڊيءَ کي لکيو ته توهان جي مالي حالت
هاڻي اهڙي ناهي جو سيتا کي اعليٰ تعليم ڏياري
سگهو. کيس مون ڏانهن اُماڻي ڇڏيو.“
”ته تون ڏاڍي خوش ٿي هوندينءَ؟“
”ظاهر آهي، هڪ ايڪويهن سالن جي بي انتها حساس
ڇوڪري، جيڪا شرنارٿي ڪيمپن ۾ رهڻ کان پوءِ قرول
باغ جي هڪ ننڍي گهر ۾ رهندي هجي ۽ بس ۾ ويهي، پري
رامجس ڪاليج پڙهڻ ويندي هجي، کيس اوچتو ٻڌايو وڃي
ته کيس ڪئناڊا يا آمريڪا موڪليو ٿو وڃي ... منهنجي
لاءِ ته اها بلڪل پرين جي ڪهاڻين جهڙي ڳاله هئي.
مامي کي ڪو اولاد نه هو. هو ۽ مامي ويهن پنجويهن
ورهين کان آمريڪا ۾ رهيا پئي، سندن ڪاروبار چڱو
وڌندڙ هو ۽ سال ۾ ڇهه مهينا نيويارڪ ۾ رهندا هئا.
انهن هوائي جهاز جي ٽڪيٽ وٺي موڪلي ڏني ۽ ڪولمبيا
۾ منهنجي داخلا ڪرائي ڇڏيائون.“
”اُتي وڃي تون سُرخن جي سنگت ۾ ڦاسي وئينءَ.“
هوءَ کلي. ”سرخن جي سنگ ۾ ته مان دهليءَ ۾ ئي اچي
ويئي هيس. منهنجو هڪ ڪزن، جيڪو لاهور کان شرنارٿي
ٿي آيو هو، اڙدوءَ جو ڪهاڻيڪار هو. شيام نارايڻ
اروڙا. توهان هن جون ڪهاڻيون ضرور پڙهيون هونديون.
هو تمام ريڊ (Red)
هو. سندن گهر ۾ هر هفتي ادبي ميٽنگ ٿيندي هئي ۽
ڪهاڻين تي ڪهاڻيون پڙهيون وينديون هيون.“
”پوءِ؟“
”پوءِ ڇا...“
”نيويارڪ ۾ ڇا ٿيو؟“
هوءَ چُپ ٿي ويئي.؟
هن کانئس جيڪا ڳالهه پڇڻ ٿي چاهي، اها پڇڻ جي کيس
همٿ نه ٿي.
”اوهان، اوهان شايد جميل جي باري ۾ پڇڻ ٿا چاهيو.“
ڪجهه دير کان پوءِ، هن فرمانبرداريءَ سان پاڻيهي
چوڻ شروع ڪيو ڄڻ پنهنجي استاد جي اڳيان ويٺي هجي.
”جميل سان مان هڪ سُرخن جي جلسي ۾ ملي هيس.
اُنهيءَ زماني ۾ مڪارٿي ازم اڃا شروع نه ٿي هئي ۽
گرينچ وليج ۾ ڪافي ليفٽ ونگ گروپ هئا، جن ۾ گهڻو
ڪري يهودي، حبشي ۽ ٿورا هندستاني هئا. جميل اتي
انهيءَ سال يو – اين ۾ ملازم ٿي انڊيا کان آيو
هو.“
”پوءِ؟“
”پوءِ ڇا ... پوءِ بس!“
”ڏاڍو سٺو. مڃان ٿو ته تون به اهلِ زبان چوائڻ جي
حقدار ٿي ويئي آهين.“
”هڪ فيض آباديءَ سان شادي جو ڪئي هيم سو ايتري
اڙدو به نه سکي هوندم! جميل سان ملڻ کانپوءِ مون
اڙدوءَ ۾ دلچسپي وٺڻ شروع ڪئي ڇو ته هو لٽريچر جو
ڏاڍو شائق هو ۽ ساڻس ڳالهين ڪرڻ لاءِ مون کي لازمي
هو ته مان پاڻ کي سندس هم مذاق بنايان ۽ اهي
ڳالهيون سوچيان ۽ ڪريان جيڪي کيس پسند هيون. جڏهن
هو منهنجي وڌيڪ ويجهو آيو ته بعض دفعا بي ساختا
اؤڌيءَ ۾ مون سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ لڳندو هو. جڏهن
مان سندس ڳوٺاڻي زبان تي کلندي هيس ته هو فخر سان
چوندو هو: جناب، مان ۽ منهنجا گهر وارا اُها زبان
ڳالهايون ٿا، جنهن ۾ تلسي داس رامايڻ لکي هئي!‘“
”شاديءَ کان اڳ مان روز شام جو ڪئمپس کان سڌو جميل
جي اپارٽمنٽ تي ويندي هيس، جتي هڪ سردار جي جيڪو
سندس تمام گهاٽو دوست هو، باقاعدي مون کي اڙدو
پاڙهيندو هو. پر انهيءَ سردار جيءَ کي ڪهاڻيون لکڻ
جي اهڙي علت هئي جو پهريون ڪلاڪ ويهي مون کي سندس
تازي ڪهاڻي ٻڌڻي پوندي هئي. ڪمري ۾ هلندي هلندي
چوندو هو ته هو تمام جلدي ڪرشن چندر ۽ راجندر
سنگهه بيديءَ کي ڊائون ڪرڻ وارو آهي. خبر ناهي
ويچارو اڄ ڪلهه ڪٿي آهي؟“
”اڙدو مون کي آسانيءَ سان اچي ويئي ڇو ته اڙدوءَ ۽
سنڌي جي اسڪرپٽ هڪ ئي ته آهي نه. مون کي ياد آهي
ته جميل شاديءَ کان ٻه سال پوءِ پنهنجيءَ ڀيڻ کي
لکيو هو ته منهنجي زال اڙدوءَ ۾ اهڙي ڀڙ ٿي ويئي
آهي جو ڪنهن کي وارو ئي جيڪر نه ڏي. توهان کي خبر
آهي ته مان ڏاڍي ڪميڻي به آهيان!“
”اهو ڀلا ڪيئن؟ ٻڌاءِ!“
”جميل سان جڏهن مان پهريون ڀيرو ملي هيس ته هن
جيءَ ۽ منهنجيءَ هڪ ڪامن دوست ٻڌايو ته هو فرخنده
جو ڪزن آهي. اهو ڄاڻي مان ساڻس اڃا به وڌيڪ خصوصيت
سان مليس، نه ته شايد شروع ۾ کيس
Snub
ڪري ڇڏيان ها.“
”اها ڳالهه آهي ته، توهان شروع ۾ ماڻهن کي ’Snub‘
ڪنديون آهيون.“
”ڊوُ شٽ اپ. ڳالهه ته ٻڌو، پر مون کيس معلوم ٿيڻ
نه ڏنو، ته مان ادي فرخنده يا بلقيس کي چڱيءَ طرح
سڃاڻان ٿي ڇو ته هنن شروع ۾ ئي مون کي ٻڌائي ڇڏيو
هو ته سندس مڱڻو خاندان ۾ ئي هڪ ڪزن سان ٿي چُڪو
آهي، جيڪا شايد بلقيس جي سؤٽ ۽ سڱ ۾ جميل جي
ڀاڻيجي ٿي ٿئي. اوهان مسلمانن ۾ انهيءَ قسم جي
ڏاڍي گڙٻڙ ٿئي ٿي. خير، سو جيڪڏهن مان کيس ٻڌائي
ڇڏيان ها ته مان ادي فرخنده کي سڃاڻان ٿي ته هو
هڪدم دهلي خط لکي ها ته سيتا مير چنداڻيءَ سان
شادي ٿو ڪريان ۽ انهيءَ خبر تي ادي فرخنده ۽ بلقيس
مون کي ڪيڏي ڪميڻي ۽ ذليل سمجهن ها. احسان
فراموشيءَ جي به ڪا حد ٿيندي آهي! اُهي ٻئي دهليءَ
۾ منهنجو ڪيڏو خيال ڪنديون هيون ۽ هاڻي مان سندن
هڪ ڀيڻ جي وَرَ کي ڦاسائي رهي هيس.“
”پنهنجي لاءِ اهڙا ڪڌا لفظ استعمال ته نه ڪر.“
”نه، بلڪل ٺيڪ ته چوان ٿي. سڀئي ڇوڪريون ڪنهن نه
ڪنهن طريقي سان مردن کي ڦاسائينديون آهن. خالي
سندن
Modus operandi
مختلف ٿين ٿا ۽ اوهان جاهلن انهيءَ جو نالو کڻي
محبت وغيره رکيو آهي. هر ڇوڪريءَ جي زندگيءَ ۾ فقط
هڪ تمنا ٿيندي آهي ته هوءَ ڪنهن نه ڪنهن بيوقوف کي
ڦاسائي ساڻس شادي ڪري. باقي سڀ بڪواس آهي.“
”ماشا الله! اوهان جو گوناگون فلسفو داد جي لائق
آهي.“
”مهرباني“
هوا ۾ اُڏامندڙ وارن کي پيشانيءَ تان هٽائڻ کان
پوءِ هن اکيون بند ڪري ڇڏيون. ”جميل سان جنهن
ڏينهن مان پهريون ڀيرو ملي هيس، اُنهيءَ ڏينهن،
رات جو پنهنجي هاسٽل واپس اچي مون پنهنجي روم ميٽ
گريس کي چيو هو: ’اڄ مون کي پهريون ڀيرو احساس ٿيو
آهي ته هيستائين مان اينسائيڪلو پيڊيا برٽينيڪا
هيس- هاڻي هڪ عورت آهيان.‘
”شاديءَ کان اڳ مان جميل سان ٿوري ٿوري ڳالهه تي
خفا ٿي پوندي هيس ۽ تمام سرچي ويندي هيس. هڪ ڀيري
هن مون کي چيو هو: ’تون ڪڏهن شينهڻ وانگر ڀوائتي
ٿي وڃين ٿي ۽ ڪڏهن ٻليءَ جي پونگڙي وانگر ميائون
ميائون ڪرين ٿي.‘ مون هڪدم چيو هو: ’لاحول ولا.‘
سڀ کان اڳ کانئس مان اهوئي جملو سِکي هيس. ’انهيءَ
۾ لاحول جي ڪهڙي ڳالهه آهي!‘ هن چيو هو.
اي ي ي ڪ. مون منهن ٺاهيو هو، جنهن تي هن چيو ته
’تون اهڙي مادي مان ٺهيل آهين، جنهن مان اولڊ ميڊز
تخليق ڪيون وينديون آهن.
”شاديءَ کان پوءِ جڏهن مان خفا ٿي ڪمرو اندران بند
ڪري ڇڏيندي هيس ته چوندو هو: ’هاڻي ته اسان جي
سيتا اونڌي کٽ وجهي ’ڪُوپ ڀَون‘ ’۾ وڃي سُتي. جميل
لفظن جو بادشاهه هو.“
ڪيترا ميل- پٿر لاڳيتا گذري ويا.
”پوءِ.....“ عرفان گهڻي دير کان پوءِ پڇيو، ”شادي
ڪيئن ٿي؟“
”هڪ ڏينهن اسان ڪٿان واپس پئي آياسين ته رستي ۾
سب- وي جي هڪ اسٽيشن تي لهندي جميل چيو......“
”سب- وي ۾؟“
”جي ها. شام جو پنجين وڳي جي ڀيڙ ڀڙڪي ۾.“
”جيڪا ڏاڍي سخت غير رومئنٽڪ ڳالهه هئي.“
”بلڪل. پر جميل کي همبگ (Humbug)
کان چڙ هئي. مان جيئن ته پليٽ فارم تي هجوم جي ڌڪن
۾ اڳتي نڪري چڪي هيس، انهيءَ ڪري کيس زور سان رڙ
ڪري چوڻو پيو ۽ جڏهن مان ٻي ٽرين ۾ چڙهي رهي هيس
ته هن پويان پويان ’مڙي چيو هو: ’سيتا، سيتا، مون
سان شادي ڪندينءَ؟ جواب ڏي. جلدي. وقت تمام ٿورو
آهي. هُن گهڙي کي اهڙي طرح ڏٺو هو ڄڻ هڪ ٻن منٽن
جي دير سان وڏو فرق پئجي ويندو ۽ مون انهيءَ رش ۾
دروازي ۾ چڙهندي پويان مڙي زور سان وراڻيو هو:
’ها.‘ “
”پوءِ؟“
”پوءِ، مون مامي کي نه ٻڌايو ۽ ايندڙ هفتي هڪ
هندستاني دوست جي گهر تي اسان جي شادي ٿي. ڏاڍيون
تصويرون نڪتيون، جيڪي شام جي اخبارن ۾ ڇپيون:
بيوٽيفل انڊين برائڊ (Beautiful
Indian Bride)
وغيره. دوستن خوب خوشيون ملهايون. مامي کي ڊپ وچان
نه ٻڌايم جيتوڻيڪ مان انهيءَ وقت چوويهن سالن جي
ٿي چڪي هيس. مامي کي اخبار وسيلي ئي خبر پيئي ۽
کيس صدمي وچان دل جو دؤرو پيو ۽ مرندي مرندي بچيو.
کيس مون سان ڏاڍي محبت هئي. هن مون کي ڌيُ ڪري
پاليو هو. جميل ساڻس ملڻ لاءِ هن جي آفيس ۾ ويو ته
ساڻس مليو به نه. مامِي جيتوڻيڪ پراڻي قسم جي آهي،
پر مامي کان وڌيڪ سمجهدار آهي. منهنجي خيال ۾
عورتن ۾ ڪامن سينس وڌيڪ ٿيندو آهي. وري ويهه سال
آمريڪا ۾ رهي، هوءَ ٿورو روشن خيال به ٿي ويئي
آهي. مامو ڏاڍي پوڄا پاٺ ڪندو آهي. مامِي جميل سان
هڪ ڊرگ- اسٽور ۾ اچي ملي ۽ کيس ڏاڍو پسند ڪيائين.
جميل ۾ اهائي ته هڪ ڳالهه هئي جو عورتن جي دل پل ۾
موهي وٺندو هو. پوءِ مامي منهنجي مميءَ کي خط
لکيو: ’سيتا شادي ڪري ورتي آهي. ڇوڪرو پنهنجي ذات
برادري مان ناهي. نالو جميل اٿس.‘ بعد ۾ مامي مون
کي کلي چوندي هئي ته ’جميل ۽ جيمل‘ ۾ ڪهڙو فرق
آهي، فقط نُڪتن ئي جو ته فرق آهي!
”ڪجهه ڏينهن کان پوءِ، هُن مميءَ کي به راز ۾ شريڪ
ڪري ورتو ۽ هُن به انهيءَ نُڪتن جي فرق واري ٿيوري
کي قبول ڪري ورتو. ڊيڊيءَ کي هن اهوئي چيو ته
ڇوڪرو آهي ته هندو، پر تمام آزاد خيال آهي. ڪنهن
مذهب کي ڪونه مڃي ۽ اڄ ڪلهه ڪهڙو هندو ڇوڪرو مذهب
کي مڃي ٿو. ڊيڊيءَ جي سمجهه ۾ اها ڳالهه اچي ويئي
ڇو ته کيس خبر هئي ته اسان جي گهر ۾ به دهلي اچڻ
کان پوءِ ڀاءُ شيام جي ڪري ترقي پسنديءَ جي ’چرچا‘
ٿيڻ لڳي هئي.
”هتي تو ثابت ڪري ڇڏيو ته اڃا پوري طرح اڙدودان
بني ناهين. ’چرچا‘ اڙدوءَ ۾ مذڪر آهي.“
”اوهه، ساري. ’چرچو‘ (چؤٻول) ٿيڻ لڳو هو.“ هن هڪ
هڪ لفظ جدا جدا ادا ڪيو.
”ڪجهه مهينا پوءِ، مون ۽ جميل گڏجي ڊيڊيءَ کي خط
لکيو ۽ سربستي ڳالهه لکي ڇڏي. ڊيڊيءَ مون کي لکيو:
’مان توکان خفا ضرور آهيان پر جيڪڏهن تون خوش آهين
ته ٺيڪ آهي.‘ جميل کي هن اهوئي لکيو هو جيڪو سڀني
ڌيئرن جا پيئر پنهنجي ناٺين کي چوندا آهن. ’منهنجي
ڌي نازن پاليل آهي، سندس دل ڪڏهن به نه ڏکوئجانءِ‘
پوءِ هو خود ئي کِلي پيئي.
”ويچارو ڊيڊي. ڊيڊي ڏاڍو لٽرري ماڻهو آهي. هن جميل
کي انهيءَ خط ۾ ’رامايڻ‘ ڪوٽ (Quot)
ڪئِي هئي:
’جهڙيءَ ريت هماليه گِرِي مهيش کي، سمنڊ لڪشمي هري
کي
سؤنپي هئي، اهڙيءَ ريت جنڪ سيتا کي رام جي سپرد
ڪيو. ساڳئي طرح پٽ، مان پنهنجي سيتا توکي سوپيان
ٿو.‘
جميل پاڻ تلسيداس جيءَ جو هم وطن. هُو اهو پڙهي
ٻهڪڻ لڳو. عامل ته ڪافي آزاد خيال ٿيندا آهن پر
ممي پنهنجي پيڪن کان، جيڪي ڪٽر آريه سماجي آهن،
اها خبر اڄ تائين لڪائي رکي آهي ته مون هڪ مسلمان
سان شادي ڪري ورتي آهي. اُهي اڃا تائين اهوئي
سمجهن ٿا ته ڇوڪرو يو- پيءَ جو ڪائسٿ آهي ۽ جميل
نالو اٿس.
”جڏهن راهُل ڄائو ته ممي، ڊيڊي، مامو ۽ مامي سڀ
ڏاڍا خوش ٿيا ۽ انهيءَ ڳالهه تي پاڻ وڌيڪ خوش ٿيا
ته جميل ايترو آزاد خيال آهي جو هن پنهنجي پٽ جو
هندواڻو نالو رکڻ ۾ ڪو هرج نه سمجهيو.
”ٻن سالن کان پوءِ، جميل کي ٽن مهينن جي فرلو
(موڪل) ملي ۽ اسان دهلي آياسين. ادي فرخنده ۽
بلقيس وغيره مون سان ايڏي محبت سان مليون جو مان
شرمسار ٿي ويس. ممي پنهنجي پيڪن اروڙن کي اڳ ۾ ئي
سمجهائي ڇڏيو هو ته ڇوڪرو لکنؤ جو ڪائسٿ آهي،
انهيءَ ڪري اڙدو سٺي ٿو ڳالهائي ۽ڳالهه ڳالهه تي
’لاحول ولا‘ چوي ٿو ۽ ’خدا جو قسم‘ ٿو کڻي. اسان
شرنارٿي يو- پيءَ وارن کان اڳ ۾ ئي ناخوش هئاسين،
انهيءَ ڪري خاندان وارا اصولي طور تي خفا رهيا ته
ڇوڪري غير سنڌين ۾ ڇو ويئي. دهليءَ ۾ اسان ڪجهه
ڏينهن ترسياسين ۽ پوءِ جميل جي وطن چاندپور ۽ تلسي
پور هليا وياسين. مون فيض آباد ۾ لکنؤ ڏٺو، ڪشمير
جو سير ڪيو ۽ انهيءَ کان پوءِ واپس امريڪا، انهيءَ
سال هڪ ڇوڪرو ڪلڪتي کان ايڪٽنگ سکڻ لاءِ نيويارڪ
آيو. سندس نالو چڱو ڊگهو هو؛ ابوالفصاحت قمرالسلام
چوڌري.“
”قمر السلام چوڌري؟ مشهور انگريزي شاعر، جنهن کي
اڄ جي هندستان جو ٽي. ايس. ايليٽ چوندا آهن؟“
”جي ها، اُهو ئي. انهيءَ وقت هو بلڪل مشهور نه ٿيو
هو ۽ اداڪاريءَ جي ميدان ۾ قسمت آزمائي ڪري رهيو
هو. ڪيترن ئي ترقي پسند بنگالي فلمن ۾ ڪم ڪري چڪو
هو ۽ انگريزيءَ ۾ ڏاڍا چڱا نظم ٿي لکيائين. اهو به
اسان جي گروپ ۾ شامل هو. هو ان وقت پنهنجو پاڻ کي
وڏو انقلابي چوائيندو هو، پر هاڻي جڏهن کان لنڊن ۾
سندس ڪتاب ڇپيو آهي، تڏهن کان ٻڌو اٿم ته اينگري
ينگ مئن (Angri
young man)
بنجي ويو آهي.“
”انهيءَ کان پوءِ؟“
”انهيءَ کان پوءِ ڇا..... توهان ته ائين ٿا لڳو ڄڻ
ڪهاڻي لکڻ ويٺا آهيو.“
”اجائي ڳالهه نه ڪر. اڳتي ٻڌاءِ.“
”انهيءَ زماني ۾ ..... خير ڇڏيوس. هاڻي هُن جي ذڪر
مان ڪهڙو فائدو.“
”نه نه، ضرور ٻڌاءِ. مون کان ڪجهه به نه لڪاءِ“
”توهان منهنجو سائڪالاجيڪل علاج پيا ڪريو، ڪٿي
انهيءَ خيال ۾ نه رهجو.“
”لاحول ولا قوة.“
”چڱو خير، پوءِ اهوئي ٿيو... نه ڄاڻان ڇا ٿيو....
مان يونيورسٽيءَ ۾ پنهنجي ڪم ۾ مصروف هوندي هيس.
گهر واپس اچي راهُل جي نگهباني ڪندي هيس. کاڌو
تيار ڪندي هيس. دوستن جو گروپ به اهوئي هو. سڀيئي
ڳالهيون پراڻيون هيون، پر خبر ناهي ڇو. جميل آهستي
آهستي ري- ايڪشنري ٿيندو ويو. خير، مان کيس به
برداشت ڪري وٺان ها، پر هن حد کان وڌيڪ شراب پيئڻ
شروع ڪري ڏنو. جڏهن هو رات جو دير سان شراب خاني
مان موٽندو هو ۽ مان ماني رکي سندس اوسيئڙي ۾ واٽ
ڏسندي هيس، تڏهن قمر مون وٽ ويٺو هوندو هو.“
”۽ تو سان همدردي ڪندو هو. اهو همدرديءَ جو ري
ايڪٽ (React)
چڱو ٿئي ٿو.“
”توهان پاڻ هن وقت انهيءَ ري ايڪٽ ۾ شامل ناهيو؟“
عرفان غصي مان کيس ڏٺو. ”خدا جو قسم، بلڪل برداشت
کان ٻاهر آهين. ها، اڳتي ٻڌاءِ.“
”ٺيڪ آهي، نٿي ٻڌايان. چڱو خير.“ هن سنجيدگيءَ سان
ڳالهه جاري رکي: ”نه، همدرديءَ جي ڳالهه ناهي
عرفان. بس الائجي ڇا ٿيو. انسان واقعن ۽ وقت جي
ڌارائن ۾ لڙهندو ويندو آهي ۽ کيس ڪا خبر نه پوندي
آهي ته ڇا ٿيڻو آهي. دراصل منهنجي ۽ قمر جي دوستي
اهڙي طرح شروع ٿي جو هڪ ڏينهن ڪئمپس ۾ قمر مون کي
چيو ته مان شام جو سندس اپارٽمنٽ تي اچان، جو سندس
هڪ دوست، جيڪا ڪاليج م ايلوڪيوشن (Elocution)
سيکاريندي هئي، ساڻس ملڻ ٿي آئي ۽ مان ساڻس ملي
ڏاڍي خوش ٿينديس. منهنجي ۽ جميل جي اچڻ وڃڻ جا وقت
بلڪل ڌار ڌار هئا. هو ماني يو- اين ۾ ئي کائيندو
هو ۽ گهڻو ڪري شام جو گهر اچڻ بدران اُتان ئي
دوستن سان گڏجي هليو ويندو هو.
جميل ٻين عورتن سان فلرٽ (Flirt)
نه ڪندو هو. انهيءَ ڳالهه جو مون کي اڄ تائين
وشواس آهي. هو مون سان هميشه وفادار رهيو پر
انهيءَ جي باوجود نه ڄاڻان ڇا ٿيو، جيتوڻيڪ عام
طور تي گهر ٻين عورتن جي ڪري برباد ٿيندو آهي.“
”يا ٻين مردن جي ڪري؟“
”جي ها. بهرحال، اسان ٻنهيءَ کي هڪ ٻئي تي پورو
پورو ڀروسو هو ۽ انهيءَ ۾ ڪنهن قسم جي شڪ شبهي جي
گنجائش جو سوال ئي پيدا نٿي ٿيو.“ سندس نڙي بند ٿي
ويئي.
”سگريٽ وٺ.“
”مهرباني.“ هن سگريٽ دکايو. ”مان سگريٽ فقط انهيءَ
ڪري نٿي ڇڪيان جو اهو عورت جي سماجي ۽ اقتصادي
آزاديءَ ۽ مردن سان برابريءَ جو سمبل آهي. بس
آمريڪا ۾ ڪاليج ۾ داخل ٿيندي ئي انهيءَ جي عادت
پئجي ويئي هئي... توهان کي خراب ته نٿي لڳي؟“
”نه.نه“ ڪار جي رفتار هڪدم تيز ٿي ويئي. هن جي
سگريٽ ڇڪڻ يا نه ڇڪڻ تي مان اعتراض ڪندڙ ڪير؟ هن
مون کان اهو سوال ڇو ڪيو؟
”اسان ڇا پئي چيو؟“
”جي؟“
”اوهه، معاف ڪجو. ايترا سال جميل سال گڏ رهي مون
کي مستقبل ’مين‘ (مان) جي بجاءِ ’هم‘ (اسان) چوڻ
جي عادت پئجي ويئي هئي. توهان اؤڌ وارا ’هم‘
(اسان) چوندا آهيو نه- مان ڏاڍي احتياط سان ’هم‘
(اسان) چوندي هيس ۽ ’هماري ڪي هان‘ (اسان وٽ) ۽
’بهت‘ (گهڻو) جي بجاءِ ’بُهت‘ – جميل جي لهجي ۾
اڙدو ڳالهائڻ جو نقل ڪندي هيس. ’نمستي‘ چوڻ ڇڏي،
باقاعدي ’آداب عرض‘ چوندي هيس. جنهن لڳاءَ سان
پنهنجي پاڻ کي جميل جي ڪلچر ۾ ٺهڪائڻ جي ڪوشش ڪيم،
ٻيءَ ڪنهن ڇوڪري پنهنجي پتيءَ لاءِ ايترو ڏاڍو
مشڪل ڪيو هوندو. مون فقط انهيءَ ڪري شراب به وڌيڪ
پيئڻ شروع ڪيو جيئن شام جو ساڻس گڏ رهي سگهان. پر
جڏهن مان ساڻس گڏجي بار ۾ ويندي هيس ته خفا ٿي
ويندو هو ته ڇو هر وقت پاڇي جيان مون سان چهٽي
پيئي آهين.
”جڏهن اسان تلسي پور وياسين ته محرم جو زمانو اچي
ويو هو. جميل جي گهر تي زوردار محرم ٿيندو هو. مان
به ڪاري ساڙهي پائي، پنهنجي سس ۽ نڙاڻن سان گڏجي
مجلس ۾ شامل ٿيس، جيتوڻيڪ هر مذهب کي بي معنيٰ
سمجهان ٿي. جڏهن مون کي اسلام ئي سان دلچسپي ناهي
ته شيعي- سُنيءَ جي قصي سان ڪهڙو مطلب هوندم. پر
جميل شيعه گهراڻي جو فرد هو، تنهنڪري مون کي ساري
دنيا جا شيعا ڏاڍا چڱا لڳندا هئا.“
”ڪنهن ڏاهي تمام ٺيڪ چيو آهي ته عورتون بي حد بوگس
(Bogus)
ٿينديون آهن.“
”ڳالهه ته ٺيڪ آهي.“ هوءَ وري سوچ ۾ ٻڏي ويئي.
”هاڻي ڇا پيئي سوچين؟“
”ڪجهه به نه. مون کي تلسي پور جو محرم ياد اچي ويو
هو. ڪيئن نه سپني وانگر وقت گذاريو هوم ۽ اُتي مون
ٻي هڪ عجيب ڳالهه ڏٺي ته اُتي جي مجلسن ۾ گهڻو ڪري
پنجابي ۽ سنڌي شرنارٿي عورتون به شريڪ ٿينديون
هيون. ادي فرخنده ٻڌايو هو ته گهڻو ڪري يو- پي
اسٽيٽ ۾ اهوئي ٿي رهيو آهي. اڄ ڪلهه ڏسو ڪلچر
پيٽرن ڪهڙي طرح بدلجن ٿا! تلسي پور ۾ اُنهن جا گهر
خالي پيا آهن، جيڪي پاڪستان هليا ويا پر ڪو
شرنارٿي انهن ۾ نٿو رهي جو اها سيدن جي گهرن جي بي
ادبي ٿيندي. هيڏانهن سنڌ ۽ پنجاب ۾ سيدن جي بي حد
عزت ڪئي ويندي هئي نه.“
”يا الله!“
”جي!“
”علم جو سمنڊ آهي جو ڇوليون پيو هڻي!“
”توهان ڳالهائڻ ته ڏيو نه ٿا.“
”مان ته فقط اهو پيو سوچيان ته جميل غريب به دل ۾
ڇا چوندو هوندو ته ڇوڪريءَ سان نه پر پوري
لئبرريءَ سان شادي ڪئي اٿم.“
”ويري فني (Very
Funny).
ها ها!“
”چڱو تقرير جاري رک.“
”ته شام جو مان قمر وٽ پهتيس. سندس ڪمري ۾ سڀيئي
بوهيميئن (Bohemians)
جمع هئا. عرفان، انهيءَ ڇوڪري جينيفر ڪرين کي ڏسي
منهنجا ته ماشائي گم ٿي ويا ۽ جڏهن قمر سڀني اڳيان
کيس پنهنجي مَڱ چئي سندس تعارف ڪرايو ته اسان
ڏسندا رهجي وياسين. پر اسا سڀ انٽلڪچوئل هئاسين ۽
انٽلڪچوئل دنيا ۾ انوکيون ۽ نراليون ڳالهيون ڪرڻ
پنهنجو فرض سمجهندا آهن. جينيفر ڪرين حد کان وڌيڪ
ٿلهي ۽ بي ڊولي هئي ۽ قمر ڪافي هينڊسم (Handsome)
ڇوڪرو هو.“
”ها، مون انڊين هاءِ ڪميشن ۾ سندس هڪ فلم ڏٺي
هئي.“
”آهي نه هينڊسم؟ ۽ جينيفر ڪرين خوفناڪ حد تائين
ٿلهي هئي، پر سندس شڪل ڏاڍي پياري هئي، انهيءَ ڪري
پاڻ وڌيڪ بي تُڪي ٿي لڳي. ائين ٿي لڳي ڄڻ ڪنهن وڏي
گليشير (Glacier)
جي پويان ڪا جل پري مٿو ڪڍي جهاتي پائي رهي هجي.
هوءَ قمر کي بوسٽن جي ڪنهن ٿيئٽر ورڪشاپ ۾ ملي
هئي، جتان سندس پويان نيويارڪ آئي هئي. ايڪٽنگ جي
وڏي قابل استاد سمجهي ويندي هئي. قمر سان ملڻ کان
اڳ، هوءَ هڪ گجراتي ڇوڪري تي عاشق هئي. جڏهن هو
کيس دل شڪتو ڇڏي بمبئي هليو ويو ته هوءَ بيئر پي
پي روئندي ويندي هئي ۽ تجريدي نظم لکندي هئي. سندس
نظم ’نيو ورلڊ رائيٽنگ‘ ۽ ’هڊسن رويو‘ ۾ ڇپبا هئا.
انهيءَ ڳالهه جو اسان سڀني تي رعب هو ڇو جو اسان
ڪافي ننڍي عمر جا هئاسين ۽ سڀني انٽرنيشنل
سيليبريٽي ٿيڻ ٿي چاهيو پر اها خبر نه هئي ته ڪهڙي
طرح ٿيون.“
”هاڻي قمر جا وارا نيارا ٿي ويا.“
”جي ها. پر ڪنهن جي قسمت قمر جهڙي نه هوندي. هو ۽
جينيفر اهڙو عجيب الخلقت جوڙو ٿي لڳو جو اسان سڀ
بي اختيار کلڻ لڳاسين ۽ ڏاڍيون خوشيون ملهايوسين.
شراب جا دؤر هليا. جينيفر، جيئن ته پاڻ بوهيميئن
هئي، تنهنڪري پنهنجي ٿولهه جو پاڻ مذاق اڏايائين
ٿي. سڀني کي سامهون ويهاري پنهنجي نفسياتي
مونجهارن جو تجزيو ڪندي، قمر کي زور ڀري رهي هئي
ته هو سندس سامهون ڪنهن ٻي ڇوڪريءَ تي عاشق ٿئي،
جيئن هو حسد ۽ ٽريجڊيءَ جي جذبات جو تجربو ڪري
بهترين نظم لکي سگهي.
”هڪ ڀيري هن مون کي چيو ته هوءَ هندستان جي روح ۾
جهاتي پائي ڏسڻ ٿي چاهي، انهيءَ ڪري قمر سان شادي
ڪري رهي آهي.“
”خوب!“
”قمر ساڻس شادي ته نه ڪئي پر هوءَ قمر جي اپارٽمنٽ
۾ منتقل ٿي ويئي. اسان انهيءَ ڳالهه جو نوٽيس اصل
نه ورتو ڇو ته توهان کي خبر آهي ته اولڊ مارلٽي (Old
morality)
جا...“
”ها ها، خبر اٿم. ڳالهه ٿوري ۾ پوري ڪر.“
”سالن کن کانپوءِ، قمر ڪلڪتي واپس هليو ويو.
جينيفر ڪرين روز رات جو مون وٽ ايندي هئي. ڪلاڪن
جا ڪلاڪ بيئر پيئندي هئي ۽ اڳي کان وڌيڪ تجريدي
شاعري ڪندي هئي. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ هوءَ به
انڊيا هلي ويئي ۽ اُتي وڃي هن سچ پچ قمر سان شادي
ڪري ورتي. پر انهيءَ کان پوءِ... توهان بور ته نٿا
ٿيو؟“
”مان بي وقوفيءَ جي سوالن جا جواب نه ڏيندو آهيان
... ٻڌائيندي وڃ.“
”پر اها ته تمام ڊگهي ڪهاڻي آهي.“
ملتان شهر ۾ گهڙندي ئي نادر زور سان نعرو هنيو:
”اور ديوان شرر ملتاني – مونڇ سفيد اور منه پر
جواني.
اور ديوان ...“
نادر ڀرسان اچي زور سان هارن وڄايو. هاڻي سڀئي
ملتان اچي پهتا هئا.
”ڪيتري قدر بي تڪو آهين والله!“ عرفان دريءَ مان
ڪنڌ ڪڍي داد ڏنو: ”اڳتي ارشاد.“
”اڳتي ياد نه اٿم.“ نادر کلندي جواب ڏنو.
سڀئي سرڪٽ هائوس پهتا. ڪار مان لهندي نادر ڳالهه
جاري رکندي چيو: ”ڪمال آهي! هن وقت مان سوچي رهيو
آهيان ته ننڍپڻ جون ڪي ڳالهيون ذهن تي ڪيڏو نه نقش
ٿي وڃن ٿيون. ڀاءُ عرفان، توهان انهيءَ تي روشني
ته وجهو. توهان وڏا نفسيات جا ماهر آهيو.“
”واقعي؟“ سيتا خوشي دليءَ سان منهن ٺاهي چيو،
”تڏهن ته سموري رستي تي مون کان منهنجي ننڍپڻ جون
ڳالهيون ئي پڇندو رهيو. مون ننڍپڻ ۾ ’نيرنگ خيال‘
۾ هڪ نظم پڙهيو هو جيڪو ديوڪارانيءَ جي انگريزي
فلم ’ڪرما‘ جي باري ۾ هو. بيحد پُرلطف. اڪبر جي
دهلي دربار قسم جهڙو. انهيءَ جو بس هڪ شعر ياد
اٿم. ٻيو به ڪجهه هو. بلقيس ياد آهي؟“ نادر پڇيو.
”جميل کي پورو نظم زباني ياد هو. کيس هزارين شعر
زباني ياد رهندا آهن.“ پوءِ هوءَ سيتا ڏانهن ڏسي
اوچتو چُپ ٿي ويئي.
نادر ڇرڪي موقعي کي سنڀالڻ گهريو. ”اور ديوان
شررملتاني...“ هن بيوقوفن وانگر آلاپڻ شروع ڪيو.
هاڻي سڀئي ورانڊي ۾ گهڙي هئا.
”ڪجهه ٻيا چنڊُوخانن جا شعر ٻڌايان ڀاڄائي؟“ نادر
گهٻرائجي سرگرميءَ سان پڇيو.
”ضرور ٻڌايو.“ سيتا ماءُ واري مامتا سان ڏانهس
ڏٺو. ويچارو منهنجو ڏير!
”بلقيس نيشنل اينٿم (National
anthem)
شروع ڪريو.“ نادر رڙ ڪئي:
”ڪها مجنون سي يه ليليٰ ڪي مان ني“
بلقيس وارن مان مٽي ڇنڊيندي ساڳئي ڌيان سان پڇيو ۽
پوءِ هن ٺاهي ڳائڻ شروع ڪيو:
”ڪها مجنون سي يه ليليٰ ڪي مان ني“
”ڪيا ڪها؟“ نادر قوالن جي انداز ۾ پڇيو.
”ڪه بيٽا گرتُو کرلي ايم – اي پاس.“ بلقيس تانَ
هنئي.
آرام ڪرسيءَ تي ويهندي عرفان سيتا کي چيو، ”هاڻي
ملتان جي هسٽري شروع ڪر.“
”شٽ اپ.“
”اجي ڪها مجنون ني ... اهو چڱو ٻڌايئه.“ بلقيس جوش
و خروش سان ڳائي رهي هئي؛
”يهي ٺهري جو شرط وصلِ ليليٰ ... تو استعيفا ...
اجي استعيفا.“
اٽيچي ڪيس ميز تي اڇليندي، نادر ڪنڌ ڌوڻيندي نيشنل
اينٿم جي ٽيپ جو بند کنيو؛
”الله اگر توفيق نه دي، انسان ڪي بس ڪا ڪام نهين.
اهي وا. فيفانِ محبت عام سهي، عرفانِ محبت عام
نهين...
عرفان محبت ...“
عرفان، عرفان، عرفان.
ٻئي ڏينهن ڏاڍي تکي اُس هئي ۽ مٽيءَ جو طوفان هو.
شمس تبريز رحه جي مقبري جي ورانڊن ۾ خوفناڪ سرخ
اکين وارو قلندر ۽ غليظ برقعن ۾ ملبوس عورتن ۽ چرس
جا دم هڻندڙ لوفرن ۽ طوائفن جو هجوم هو. هر شخص
خوفناڪ هو. ڏڪائيندڙ شڪلين وارا، ڪنن ۾ وڏا وڏا
والا پاتل فقير ۽ شاهه دُولا جا ڪوئا ۽ قسمين
قسمين فقيرياڻيون.
”اهوئي اوهان جي صوفي ازم جو ڪلچر آهي.“ عرفان
طنزيه آواز ۾ سيتا کي چيو. پر هوءَ مقبري جي ٻاهر
هڪ ڀت جي پاڇي ۾ مسحور بيهي قلندرن کي ڏسندي رهي.
ملتان کان روانا ٿي، جڏهن اهي ٻيهر رستي تي آيا ته
عرفان چيو،
شهرزاد، پنهنجو داستان شروع ڪر.“
”اڃا ڪيستائين ٻڌايان، پڇاڙيءَ جي ته توهان کي خبر
آهي.“
”نه، مون کي پڇاڙيءَ جي خبر ناهي، معلوم ڪرڻ ٿو
چاهيان.“
”جيئن توهان پنهنجو حڪم هلائي سگهو؟“
”نه، مان پنهنجو فيصلو ڪري سگهان.“
”اوهه! توهان غير اشتراڪي ڪيتري قدر رومينٽڪ ٿيندا
آهيو! ها ته مون ڪيستائين ڳالهه ڪئي هئي؟“
”جينيفر ڪلڪتي وڃي قمر سان شادي ڪئي.“
”ها، ته اڃا سندن شاديءَ کي ڇهه مهينا ئي گذريا
هوندا ته هڪ ڏينهن بورچي خاني ۾ راهُل جي لاءِ کير
تيار ڪري رهي هيس ته دروازي جو بيل وڳو. مون در
کوليو. سامهون قمر بيٺو هو. مون کانئس پڇيو: ’تون
ڪيئن آيو آهين؟ تو ته ڪلڪتي ۽ نيويارڪ کي گهر جو
اڱڻ سمجهي رکيو آهي.‘ تڏهن هن هڪ نهايت ڊرامائي
ڳالهه ڪئي. هو گنڀير بنگالي رومينٽڪ آواز ۾ چوڻ
لڳو: ’سيتا، مان تنهنجي ڪري واپس آيو آهيان!!“
”اول ته مان سمجهيس ته هو پنهنجي ڪنهن ڊرامي جو
ڊائلاگ ڳالهائي رهيو آهي. مون کيس مذاق ۾ ٽارڻ
چاهيو پر هو بلڪل سنجيدو هو.
”بس، انهيءَ کان پوءِ،“ هوءَ آهستي آهستي چوڻ لڳي،
”نه ڄاڻان مان هڪ ٻئي وهڪري ۾ وهڻ لڳيس. جميل مون
سان ڪئين ڀيرا ٽي ٽي ڏينهن نه ڳالهائيندو هو. صبح
جو ماٺ ميٺ ۾ تيار ٿيندو هو. راهُل کي پيار ڪندو
هو. هو پنهنجي راهل تي عاشق هو. ۽ آڌي رات کان
پوءِ گهر موٽندو هو. شروع شروع ۾ مون کي خيال آيو
ته مان جميل جي بي پرواهيءَ جو بدلو وٺان پر اصل ۾
ڳاله اها هئي ... ته...“
”ته؟“
”ته مان واقعي قمر ڏانهن ڇڪبي ويس... جيئن نانگ
ڏانهن سندس شڪار ڇڪبو ويندو آهي. هڪ ڏينهن مون کي
ٻڌائڻ کان سواءِ قمر، جميل وٽ بار ۾ ويو ۽ کيس
چيائين: ’جميل، مون کي تنهنجي بِيبيءَ سان عشق ٿي
ويو آهي.“
”گُڊ گاڊ! نو؟ (Good
God! No?)“
عرفان چيو.
”جميل به پهرين ائين سمجهيو ته قمر پنهنجي ڊرامي
جو ڊائلاگ پيو ڳالهائي. پر جڏهن سموري ڳالهه کيس
سمجهه ۾ آئي ته هُن ...“
”ظاهر آهي،“ عرفان سندس ڳالهه وچ ۾ ڪٽي، ”هن اول
ته قمر جي مرمت ڪئي هوندي ۽ پوءِ گهر اچي تنهنجي
خبر ورتي هوندائين... چڱيءَ طرح.“
”توهان کي ڪيئن خبر پيئي؟“ سيتا حيرت مان پڇيو.
”منهنجو مطلب آهي ته جيڪڏهن مان جميل جي جاءِ تي
هجان ها ته ائين ئي ڪريان ها.“
”هن بلڪل ائين ئي ڪيو.هن قمر کي ڏاڍا ٺونشا هنيا ۽
گهر اچي مون کي ڏاڍو ماريائين. مان ڪڏهن سوچي به
نٿي سگهيس ته جميل جهڙي مڌُر ۽ نرم مزاج ماڻهوءَ
تي به ايترو جُنون سوار ٿي سگهي ٿو. هن مون کي
ڏاڍو ماريو.“
”شاباس منهنجا شينهن!“ عرفان چيو، ”۽ انهيءَ وقت
جميل ائين به چيو هوندو ته هينئر جو هينئر منهنجي
گهر مان نڪري وڃ. ۽ رات جو وقت هوندو ۽ ٻاهر برسات
پئجي رهي هوندي.“
سيتا هڪي ٻڪي ٿي کيس ڏسڻ لڳي. ”جي ها، بلڪل ائين
ئي ٿيو هو.“ هن آهستي جواب ڏنو.
”ڏس سيتا،“ عرفان چوڻ لڳو، ”تون جو چئين ٿي ته هر
ڳالهه مختلف ۽ اوريجنل، نرالي ۽ گهري هئڻ گهرجي...
ته سيتا! هيءَ زندگي هزارين لکين ڀيرا ورجايل
داستان آهي. ائين هميشه ٿيو آهي ۽ هميشه ٿيندو
رهندو. ماڻهو اهڙي طرح محبت ۾ گرفتار ٿيندا، هڪ
ٻئي کان مايوس ٿيندا، اهڙي طرح دليون ڀڄنديون، ۽
اهڙي طرح دک سهبا. تون يا جميل يا قمر، نراليون
عجيب هستيون ته ناهيو، تون مون کي سطحي ۽ غير
جذباتي سمجهين ٿي پر، مان ڄاڻان ٿو ته ڪهڙي طرح
تون جميل جي گهر مان (جيڪو تنهنجو گهر هو) نڪتي
هوندينءَ. ڪهڙي طرح هن راهُل توکي ڏيڻ کان انڪار
ڪيو هوندو. ڪهڙي طرح تون مدد لاءِ قمر ڏانهن ويئي
هوندينءَ ۽ شايد هن به توکي سهارو ڏيڻ کان انڪار
ڪيو هجي. اهڙيون ڳالهيون توهان سان نه هئڻ گهربون
هيون، ڇو ته تون، جميل ۽ قمر تمام غير معمولي دل ۽
دماغ وارا ماڻهو هئا، پر زندگيءَ جي چڪيءَ ۾ سڀ گڏ
پيسبا آهن. انهيءَ ۾ انٽلڪچوئل ۽ غير انٽلڪچوئل ۾
ڪو فرق ناهي.“
هويءَ دريءَ تي مٿو ٽڪائي سامهون رستي ڏانهن ڏسندي
رهي. هاڻي پنجاب جون سرسبز ٻنيون شروع ٿي چُڪيون
هيون. ڳاڙهيون ۽ ڪاريون گوڏيون پاتل هارياڻيون
پيچرن مان پئي گذريون. منٽگمري ضلعي کان اڳتي سج
لهڻ جي روشني ۾، آسمان بلڪل ٻرندڙ اَڱرن وانگيان
ٿي لڳو. رستي تي مڪمل سناٽو هو. نار جي چوڌاري ڍڳا
ڦريا پئي. هڪ هاري وڏو پٽڪو ٻڌي، سفيد چادر پائي،
ڍڳن جو جوڙو هڪليندو گهر پئي موٽيو. گهڻي دير
تائين گهنڊين جو سريلو آواز شام جي گلرنگ سناٽي ۾
ترندو ٻڌڻ ۾ پئي آيو. سيتا هٿ وڌائي ريڊيو کولي
ڇڏيو. ريڊيو سيلون تان لتا جو گيت شروع ٿيو، جنهن
۾ گٽار جو چڀندڙ آواز پئي وڳو.
”انهيءَ کي بند ڪر.“ عرفان بيزاريءَ مان چيو.
سيتا هڪدم تعميل ڪئي ۽ سوئچ آف ڪرڻ کان پوءِ وري
مٿو دريءَ تي رکي ڇڏيائين.
”روءُ نه.“ عرفان نرڙ ۾ گهُنج وجهي چيو.
هن سڏڪو ڀريو ۽ آڱر سان اک جي ڪنڊ اُگهيائين.
”مان تنهنجي لاءِ جيڪو ٿي سگهيو، اُهو ڪندس، پر
اهو ته ٻڌاءِ ته مان ڇا ٿو ڪري سگهان؟“
”عرفان، مون کي منهنجو راهُو کپي. جيڪڏهن توکي مون
سان ٿوري به همدردي آهي ته جميل کان منهنجو پٽ مون
کي واپس وٺي ڏي.“
”راهُل، جميل سان هريل آهي.“
”هو کيس چرين وانگر چاهي ٿو. امريڪا مان ايندڙ
دوستن مون کي ٻڌايو آهي ته آفيس مان سڌو گهر اچي
کيس ئي کارائيندو رهندو آهي. هڪ ٻڍي شيدياڻي سندس
سارسنڀال لاءِ رکي اٿس. شام جو گهر ۾ اڪيلو ويهي
ڊرنڪ ڪندو رهندو آهي، پر اها ڳاله سندس ٻيءَ
شاديءَ کان اڳ جي آهي. هاڻي ته هن راهُل کي بورڊنگ
هائوس ۾ رهايو آهي. ڪيئن به ڪري مون کي منهنجو پٽ
واپس وٺي ڏي عرفان.“
”تو سندس گهر وارن کي ڇا چيو؟“
”مان کين ڇا ٿي چئي سگهان؟“
”قانوني مشورو ڪيو؟“
”مان ڪجهه نٿي ڪري سگهان. مون ادي فرخنده سان
ڳالهه ڪڍي هئي. هوءَ ويچاري هر طرح مدد ڪرڻ لاءِ
تيار آهي. هُن جميل کي گهڻئي خط لکيا آهن پر اهو
هڪ مُنجهيل مسئلو آهي ڇو ته جميل سندس ڀاءُ آهي.
هن مون کي طلاق ڏيڻ کان سواءِ ٻي شادي ڪئي آهي.
هاڻي ٿورا ڏينهن ٿيا آهن.“
”اڙي! تو سول ميريج (Civil
marriage)
نه ڪئي هئي؟“
”نه. مسلمان ڪري منهنجو نڪاح پڙهايو ويو هو ڇو ته
جميل جي پيءُ کيس چيو هو ته جيڪڏهن آمريڪا وڃي
ڪنهن غير مسلم سان سول ميريج ڪندو ته هو کيس وراثت
کان محروم ڪري ڇڏيندو ڇو ته هو شيعو مجتهد آهي.
جميل مون کي اها ڳالهه ٻڌائي ... مان سندس عشق ۾
ايڏي شدت سان مبتلا هيس جو مون کيس جواب ڏنو ته ڪو
حرج ناهي، سندس شرط پورو ڪر. ٻڍي ماءُ پيءُ جي دل
ڏکائڻ جي ضرورت ناهي ۽ فرق به ڪهڙو ٿو پوي. مسلم ۽
غير مسلم – مان ته انهن ڳالهين کي بنياد کان مڃان
ئي ڪين. نڪاح نامي تي منهنجو اسلامي نالو شايد
سعيده بيگم لکيو ويو هو. مون بي حد اسرار ڪري بلڪل
شرعي حق رکايو جيڪو فقط چند ڊالر ٿيو ٿي. جيئن ته
جميل مون کي طلاق ڏني ناهي، انهيءَ ڪري اُنهيءَ
اسپيني ڇوڪريءَ کي به مسلمان ڪري شادي ڪئي
هوندائين.
”هو مون کي طلاق نه ڏيئي، چڱي طرح سزا ڏيڻ ٿو
چاهي. قصور سراسر منهنجو هو. مون کيس دوکو ڏنو هو.
مان ڪيترن مهينن تائين، ٻن پهرن جو يا رات جو،
جڏهن موقعو ملندو هو، قمر جي گهر هلي ويندي هيس.
سندس دوستن کي به خبر پئجي ويئي هئي، ته مان سندس
مسٽريس (Mistress)
بنجي چڪي آهيان.
”پر جنهن وقت جميل مون کي گهر مان ڪڍي ڇڏيو ته مان
ڪيترائي ڪلاڪ ٻاهر برسات ۾ سائيڊ واڪ تي بيٺي
رهيس. جيڪڏهن انهيءَ وقت هو هڪ ڀيرو به دروازو
کولي، فقط ايترو چوي ها: ’سيتا، برسات ۾ پُسين
پيئي، اندر اچ‘ ته مان سموري ڄمار کيس دوکو نه
ڏيان ها. پر دروازو ساڳي طرح بند رهيو. اندران
راهُل جي روئڻ جو آواز اچي رهيو هو. هو بيڊ روم ۾
بتي ٻاري، کيس سمهارڻ جي ڪوشش ۾ مصروف هو. سندس
پاڇو مون ڪمري جي دريءَ تي پوندي ڏٺو. هو راهُل جي
پلنگڙيءَ تي جهُڪي کيس سمهاري رهيو هو. کيس ڪنبل
پارائڻ کان پوءِ، هو مٿو ٻنهي هٿن ۾ جهلي صوفي تي
ويهي رهيو، مون دير تائين ساهه روڪي دريءَ اندران
ڏٺو ٿي، ته متان هو مون کي اندر سڏي وٺي. پر هو
ساڳيءَ طرح بُت بنيو اندر ويٺو رهيو ۽ انهيءَ کان
پوءِ بتي وسائي ڇڏيائين.
”توهان پورو اندازو لڳايو هو. مان اُتان ٽئڪسي ڪري
قمر جي گهر پهتيس. انهيءَ وقت وٽس محفل متل هئي.
هن مون کي تعجب سان ڏٺو. ’ايڏي برسات ۾ ڇو آئي
اهين؟ ڪيئن آهين؟‘
”مون کيس سربستي ڳالهه ٻڌائي. هو خاموش ٿي ويو ۽
پوءِ چوڻ لڳو ’مون غلطي ڪئي هئي. مان توسان ڪڏهن
نباهي نه سگهندس. مان ڏاڍو غير ذميوار ماڻهو
آهيان. واپس هلي وڃ ۽ جميل کي چئينس ته توکي معاف
ڪري ڇڏي. هو تمام نوبل ماڻهو آهي. ضرور معاف ڪندو.
مان به کانئس معافي وٺندس ... اسان ٻئي جذبات جي
سيلاب ۾ وهي ويا هئاسين، سيتا راڻي! زندگي جو اصلي
سڪون توکي هڪ سالڊ (Solid)
ماڻهوءَ جي گهر مان ئي ملي سگهي ٿو.‘ هو نه ڄاڻان
ڪهڙا ڪهڙا ڊائلاگ چوندو رهيو. مان ٻاهر نڪري آيس.
”ڪجهه ڏينهن مون پنهنجي دوست گريس جي اپارٽمنٽ ۾
گذاري ۽ پوءِ ماميءَ کان ڀاڙي جا پئسا وٺي دهلي
آيس. هاڻي سال کن کان دهليءَ ۾ آهيان.“
”تو راهُل لاءِ جميل کي لکيو؟ خُلع جي ڪوشش نٿي
ڪري سگهين؟“
”عرفان اِهي ايڏيون ڊيڄاريندڙ ڳالهيون آهن، جو
مون ڪڏهن سوچيو به نه هو ته جنهن ماڻهوءَ کي مون
پنهنجي زندگي، پنهنجي دل، دماغ، روح ۽ سڀڪجهه
سونپي ڇڏيو هو، کانئس هڪ ڏينهن علحدگي حاصل ڪرڻ
لاءِ قانوني جهيڙو ڪرڻو پوندو. مون جهيڙو وڌائڻ
نٿي چاهيو ڇو ته ڊيڊيءَ کي سموري ڳالهه جو تفصيل
معلوم ٿئي ها ته صدمي جي ڪري هارٽ فيل ٿي وڃي ها.
هڪ بئريسٽر دوست جي ذريعي البت جميل کي خط لکرايو
هوم ته هن جواب ڏنو ته انهيءَ عورت جي اخلاقي حالت
اهڙي ناهي جو هڪ معصوم ٻار جي پرورش ڪري سگهي.
عرفان، سندس پائنٽ شايد ٺيڪ به هئي. گهٽ ۾ گهٽ
دنيا جي نظرن ۾.“
”واٽ اَ ربش! (What
a Rubbish!)“
لاهور اسٽيشن تي انڊيا ويندڙ ٽرين ۾ سوار ٿيڻ کان
اڳ، پليٽ فارم جي سيخن جي اوريان ويٺل ڪانسٽيبل
ڪاغذن جي خانه پوريءَ لاءِ سوال پڇڻ شروع ڪيا. هڪ
خاني تي اچي هن پڇيو: ”مذهب؟“
سڀ گڙ ٻڙ آهي. بلقيس فارم مڪمل ڪرائي ٽرين جي
ڀرسان بيهي اڳي وانگر مٽن مائٽن سان ڳالهيون ڪرڻ ۾
مشغول هئي. نادر ۽ عرفان، سيتا سان گڏ پوليس جي
ميز وٽ موجود هئا. ڪانسٽيبل پاسپورٽ کولي ٻيهر ڏٺو
۽ ويزا تي نظر وڌائين:
نالو: مسز سيتا جميل.
”سفر جو مقصد؛ عزيزن سان ملڻ لاءِ پاڪستان آئي
هئي.
مڙس جي قوميت: جمهوريه هند جو شهري.
هن وري هڪ ڀيرو سيتا تي نظر وڌي. عجيب نالو هو.
پيشانيءَ تي تلڪ لڳايو اٿس. پاڪستان کان هندستان
وڃي رهي آهي. چڱو پُراسرار معمو آهي.
”مذهب؟“ هن ٻيهر سوال ڪيو.
”اهو سوچڻو پوندو. چڱو فري ٿنڪر (Free
thinker)
لکو.“ عرفان کلندي چيو.
ڪانسٽيبل لکيو.
”ها ها ها.“ نادر ٽهڪ ڏنو. ”ڀاڄائي فري ٿنڪر! سڀ
سؤڻ وڏي ماسيءَ کان پڇي تلسي پور ۾ ڪندي هئي، جڏهن
جميل ڀاءُ بيمار ٿيو هو. ها ها.“
”ها ها ها.“ عرفان کوکلي کِل کليو.
”ها ها ها.“ سيتا به سندس ساٿ ڏنو. |