تنهن ڪري بس مان لهي مال روڊ تائين چاڙهيون ۽
ڏاڪڻون چڙهندي هنن جا ڪلها ۽ مٿا برف جي اڇي ٻوري
سان ڍڪجي چُڪا هئا. نرم نرم برف جا ذرڙا جسم تي
لڳي ڏاڍي فرحت بخشي رهيا هئا. هنن کي، جوڙا ۽
ننڍڙا ٻار خوشيءَ وچان برف جا گولا ٺاهي هڪ ٻئي
ڏانهن اڇلائيندا نظر پئي آيا.گرم گرم ڪپڙن ۽ اڇن
ٽوپن ۾ ويڙهيل ٻار ڏاڍا سهڻا نظر اچي رهيا هئا. هو
هيڏانهن کان هوڏانهن ڊوڙي ڊڪي رهيا هئا. هنن جا
کلن جا ڪوڪرا ڪنن ۾ زندگيءَ جي نواڻ ۽ معصوميت
جاعجيب احساس اڀاري رهيا هئا. ’ڪو پنهنجو گڏ هجي
ته هي گهڙيون امر ٿي وڃن.‘ رعنا جي ذهن تي افضل جو
چهرو اچي ويو. هن پنهنجي ساٿين ڏانهن نهاريو. هر
ڪو بيزار پئي نظر آيو. رشيد صاحب اڃا پوئتي هو ۽
ڊرائيور کي ڪجهه سمجهائي رهيو هو. البت اقبال سندس
پاڇو بنيو بيٺو هو.
”ڇو، واٽ تي ڊپ ته ڪو نه ٿيو؟“ رعنا کلندي پڇيس.
”ڊپٰ“ اقبال حيرانيءَ وچان چيو. ’ڇا جو؟ چڱو خاصو
رستوآهي، ها، باقي گاڏي وڃي ڦهڪو ڪري ته پوءِ اهو
سوچڻ جو موقعو به ڪو نه ملندو ته ٿيو ڇا؟“
”انسان به عجيب آهي. ڪٿي نه پهتو آهي؟ سمنڊ، جبل
برفاني علاقا، صحرا. . . . ‘ رعنا چيو.
”ها، هر هنڌ، جتي چاهي اتي پهچي سگهي ٿو.“ اقبال
چيو
”پر اڃا به هڪ جاءِ اهڙي آهي، جتي انسان اهڙي
سولائيءَ سان نه ٿو پهچي سگهي.“ رعنا چيو ۽ وري
راند ڪندڙ ٻارن ڏانهن ڏسڻ لڳي. هن کي سرديءَ جو ڪو
احساس ڪو نه ٿي رهيو هو.
’اها جڳهه شايد تنهنجي دل آهي.‘ اقبال دل ئي دل ۾
چيو.
سندن ساٿي اڳتي وڌڻ لڳا ۽ هو سڀ ڪنگس ائنڊ ڪئينس
ريسٽورنٽ جون ڏاڪڻون چڙهي شيشن بند هال ۾ وڃي
ويٺا. ٿوري دير ۾ رشيد صاحب به اچي ويو.هو رعنا
واري ميز تي اچي ويٺو ۽ هن سان ڳالهيون ڪرڻ لڳو.
اقبال کي اها ڳالهه ڪا نه وڻي. هن پريان هڪ ڪنڊ ۾
ويٺل نوجوان جوڙي کي راز نياز جي ڳالهين ۾ گم
ڏٺو.ائين پئي لڳو ڄڻ هنن کي ڪنهنجي به خبر ڪو نه
هئي.
اقبال خيال ئي خيال ۾ رعنا جي ويجهو ٿيندو ويو. هن
کي لڳو ڄڻ هو جهانگير جي مقبري واري ڪوٺڙيءَ ۾
هجن. ويجهو، تمام ويجهو. هو رعناجي گرم گرم ساهه
کي پنهنجي چپن ۽ ڳلن تي محسوس ڪرڻ لڳو. هن چاهيو
ته ان گرم ساهه کي جهٽي پنهنجي دل ۾ قابو ڪري
ڇڏي. پاڻ به گم ٿي وڃي. هو اڳيان جهڪيو، شيشي جي
گلاس ميز تي ڦهڪو ڪيو ۽ پاڻي وهي هيٺ ڪرڻ لڳو.
اقبال ککو وکو ٿي اٿي بيٺو. سڄي هال جون نظرون هن
تي اچي کنيون.
”ڇو رات ننڊ نه آئي آهي ڇا“ رعنا پريان کلندي
پڇيو.
رشيد صاحب، ’ڪا ڳالهه، ناهي‘ چوندي بيري کي سڏڻ
لڳو ۽ پوءِ سڀ کائڻ پيئڻ ۾ جنبي ويا.
هو مريءَ جي مال روڊ جو چڪر هڻي واپس ٿيا.برف باري
بند ٿي چُڪي هئي، پر سيءُ وڌي ويو هو. سڀني کي
ڏڪڻي ورائي وئي. ان وقت رعنا کي افسوس ٿيو ته
هوءَ شال ڇو نه کڻي آئي. صرف سوئيٽر پائي ڇو آئي.
سندس حالت خراب ٿي ويئي. ائين ٿي لڳس، ڄڻ سندس جسم
پنڊپهڻ ٿي ويندو. هن ڪنهن کي ٻڌايو ته ڪونه پر
جڏهن رشيد صاحب کي دڪان تان گرم شال خريد ڪندي
ڏٺائين ته دل ۾ آيس ته هوءَ به شال خريد ڪري. ان
خيال سان هوءَ دڪان ۾ داخل ٿي ئي مس ته رشيد صاحب
ڪشميري شال کڻي ڪلهن تي وڌس هوءَ ڪجهه به نه چئي
سگهي. انڪار نه ڪري سگهي؛ پر اقبال ڏانهن ڏسڻ
کانسواءِ نه رهي. جيڪو اکين ۾ عجيب اڌمن جا اظهار
ڀريو کيس ڏسي رهيو هو. هن ڪجهه به نه ڪڇيو.
مريءَ مان واپس اچي رعنا سڌي پنهنجي هنڌ ۾ وڃي
گهڙي.هڪ ته هن جي دل ڪچي ٿي رهي هئي، ٻيو ته هن کي
رشيد صاحب جو اهو رويو عجيب لڳو هو. پر هوءَ اها
ڳالهه اقبال سان به نه ٿي ڪري سگهي، ’ڇا مون کي
اهو تحفو وٺڻ جو حق آهي؟‘ هن سوچيو ’ڇا رشيد صاحب
منهنجون سوچون پڙهي ٿو!‘ هوءَ سوچيندي سوچيندي ننڊ
جي آغوش ۾ هلي ويئي .
ٻئي ڏينهن هو ٽئڪسيلا ويا _ ميوزيم ۾ گهڙي اقبال
گوتم جي مورتيءَ جي اڳيان وڃي بيٺو. ’سڪون ۽
اطمينان جو بي انت سمنڊ آهي.دل ٿي چوي ته انهيءَ
خاموش مورت سان ملي هڪ ٿي وڃجي، گوتم جي پرسڪون
چهري ۾ هن کي زندگيءَ جا ڪئين راز جهاتيون پائيندا
نظر آيا. ’بک کي مارڻ_ هر قسم جي بک کي.‘ هن
سوچيو پئي. وري جو ٻئي طرف ڏٺائين ته رعنا نظر ڪا
نه آيس. هوءَ ميوزيم جي وڏي هال ۾ ٻئي طرف هلي وئي
هئي، جتي اشوڪ اعظم جي وقت جون تلوارون، هٿيار ۽
زندگيءَ جي ضرورتن جا سامان رکيا هئا. هو اڳيان
وڌي گوتم جي هڪ ڀڳل مورتيءَ جي اڳيان وڃي بيٺو.
’گوتم هر هنڌ گوتم آهي.‘ هن سوچيو. کيس لاهور جي
ميوزيم ۾ رکيل گوتم جو اهو ٿلهو مجسمو ياد آيو،
جيڪو ٿائيلينڊ مان هٿ آيل هو. هن جا نقوش به ڪجهه
ٿائيلينڊ جي ماڻهن جهڙا هئا. هر قوم جي فنڪار گوتم
۾ پنهنجو عڪس ڏٺو آهي، تڏهن ته هنن گوتم جي مجسمن
کي پنهنجي رنگ ۾ پيش ڪيو آهي.‘
هن کي موهن جي دڙي مان هٿ آيل ٻڌ دور جي سامان جو
خيال آيو. جتي سنڌ ۾ ٻڌ ڌرم جي قديم مندر جا اهڃاڻ
به مليا آهن.‘ تڏهن ته اسان سنڌي صلح پسند آهيون.
دوست ٺاهيندا آهيون.ٻين جي خوشين ۾ خوش ٿيندا
آهيون. تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهيندا آهيون. پر صرف هر ’هن
پنهنجي منهن کلي ڏنو. ڄڻ ته اتي رڳو پاڻ هو ٻيو
ڪير به ڪو نه هو. ’رعنا ڪٿي آهي؟‘ هن جي دل مان
آواز آيو. ’وري موڊ ٺيڪ ڪونه اٿس، خير _ باقي ٿورا
ڏينهن وڃي بچيا آهن. ائين سمجهبو ته ٽي مهينا ڪو
خواب ڏٺو هئم.‘ هن جي دل ۾ سور جي سوٽ اڀري پر
جلدي ختم ٿي وئي. هن ڏٺو ته هو اڪيلو ئي ميوزيم ۾
هو.ٻيا سڀ ميوزيم مان ٻاهر نڪري چُڪا هئا.
”هلبو ياٰ!“ رعنا هن کي پريان چيو. هوءَ ميوزيم جي
اندرئين لوهي در واري ڪمري وٽ بيٺي هئي، جتي کنڊرن
مان هٿ آيل ناچڻيءَ جي سينگاريل مورتيءَ جو نقل ۽
قيمتي زيور ۽ پٿر رکيل هئا. اقبال کي پهرين ته
ائين لڳو ڄڻ اها مورتي ڪمري مان ٻاهر نڪري آئي
هجي.
’ڇا رعنا ايڏي سهڻي آهي. منهنجي پنهنجي قائم ڪيل
راءِ کان به وڌيڪ!‘ اقبال ميوزيم جي عجيب ماحول ۾
پاڻ کي هڪ خوبصورت عورت سان گڏ بيٺل ڏسي سوچيو. هن
جي ذهن جي ڪينوس تي هڪ خالي ڪوٺڙيءَ جو عڪس
اڀريو، جتي هڪ ڏينڀوءَ هن تي مهرباني ڪئي هئي.
گائيڊ ڪمري کي بند ڪرڻ ۾ مشغول هو. ’آخر هوءَ چاهي
ڇا ٿي؟ هينئر ته هن پاڻ مون سان ڳالهايوآهي. تون
چوانس يا توهان.‘ هو ڪجهه سوچي اڳتي وڌيو.رعنا هن
کي عجيب نگاهن سان ڏسي رهي هئي.
”هلو.“ هن ٿڌو ساهه ڀريندي چيو هو.
ٻئي ڄڻا گڏجي ٻاهر نڪتا.
”تون ته مجسمن ۾ چنبڙي وئين.“ رعنا چيو.
”اتي اها ئي ته ڏسڻ جي شئي هئي.“ اقبال چيو.
هن جي جملي تي رعنا جي ذهن ۾ هڪدم آيو ته ڄڻ آءٌ
ته هئس ئي ڪا نه‘ پر هڪدم ڪجهه سوچي چيائين، ”گوتم
جي چهري جي مرڪ هر مورتيءَ مان ظاهر آهي. ها نه!“
”ان ڪري جو هر مورتيءَ ۾ گوتم موجود آهي.“ اقبال
وراڻيو.
”هجيس شابس، گهر گهاٽ، ٻار ٻچا، عيش عشرت ڇڏي وڃي
جهنگ وسايائين.“ هن چيو.
”ڪهڙي خبر ته ڪنهن کي ڪهڙي ڳالهه ۾ ٿو سڪون ملي؟“
اقبال وراڻيو، هن ڪو به جواب ڪو نه ڏنو.
”هي عظيم انسان ڪيئن نه قربانيون ڏئي پنهنجو پاڻ
کي امر ڪري ٿا وڃن.“ رعنا چيو.
”هنن جي امرتا جو راز ئي اهو آهي، جو هو ٻين لاءِ
جيئن ٿا.“ اقبال چيو.
”ٻين لاءِ قربانيٰ“ رعنا آهستي چيو ۽ اقبال ڏانهن
ڏٺائين، جيڪو ميوزيم جي ٻاهرين دروازي تي پيل
زنجير پٽي رهيو هو.
”ٽئڪسيلا وڻيو:، هن پڇيو.
”سڪون آهي _ موت آهي.“ رعنا وراڻيو، ”زندگي
ڪانهي.“
”زندگي ته وسين ۽ واهڻن ۾ آهي.“ اقبال چيو.
’وري ساڳيو ماضي!‘رعنا سوچيو. ’آخر انسان پنهنجي
ماضيءَ مان ڪڏهن ٻاهر نڪرندو.‘
”شام جو جڏهن ڌڻ پنهنجي ڌراڙن سان گڏ دز اڏائيندا
ٽليون ۽ گهنڊڻيون وڄائيندا پنهنجن وٿاڻن تي اچي
رنڀون ڪندا آهن تڏهن وٿاڻن تي ٻڌل پاڏا ۽ وڇون هنن
سان ملڻ لاءِ آتا ٿي رسيون ڇنائڻ جي ڪوشش ڪندا
آهن،“ اقبال سامهون ڍڳين جو هڪ ڌڻ ويندي ڏسي چيو.
ويس کٿوريءَ واسيا، اٺن جي اوڳر
پنهل آهي پنڌ ۾
’پر اهي آئيڊيل ڳالهيون آهن ڪنهن وقت بيشڪ پڪار
مڪس، عطر ۽ تبت سنو، ڪريم هيون پر هاڻ چارلي ۽
مادام روز جو زمانو آهي. پانڊس، ۽ مئڪس فيڪٽر جو
دور آهي.شايد پنهل جي اچڻ جي خبر سندس ڪار جي هارن
مان پئجي سگهي.‘ هوءَ پنهنجي اندر ۾ ڳالهيون ڪري
رهي هئي. پاڻ ٻڌي رهي هئي ۽ پاڻ مرڪي رهي هئي.
’خاموش ڇو آهيو؟‘ اقبال هن سان گڏ هلندي چيو. هاڻ
هو ريسٽ هائوس جي در تي پهچي چُڪا هئا، جتي کين
چانهه پيئڻي هئي.
”خاموش!“ رعنا حيران ٿيندي چيو، ’هيتريون ڳالهيون
ته ڪريان پئي، تون ٻڌين ڇو نه ٿوٰ!‘ هن سوچيو.
اقبال سمجهيو ته هوءَ ساڻس ڳالهائڻ نه ٿي چاهي،
حالانڪه هن کانئس ڪافي ڪجهه پڇڻ ٿي چاهيو. واپسيءَ
جي تياري ڪرڻي هئي، تنهن ڪري مرضي هئس ته ڪجهه
خريداري ڪري ۽ سو به رعنا جي صلاح سان.هونئن به
واپسيءَ جو وقت اچي مٿان وريو هو _ هن ڏٺو ته رشيد
صاحب رعنا سان ڪنهن ڳالهه تان ٽهڪ ڏيندي، گڏ اندر
وڃي رهيو هو _ هو ٻاهر ئي بيهي رهيو _ ’باقي چند
ڏينهن آهن، ڪنهن کي وري ڪير ياد رهندو! هي، خواب
هو . . . .“ هو اتي ئي بيهي سندن ٻاهر نڪرڻ جو
انتظار ڪندو رهيو. البته دل ۾ آيس ٿي ته شايد رعنا
هن کي چوڻ لاءِ اچي. . . . هو انتظار ڪري رهيو هو.
”ٽئڪسيلا مان واپس اچي اقبال جي دل ۾ آنڌ مانڌ ٿيڻ
لڳي. هن پڪو پهه ڪري ورتو هو ته هو واپس ورڻ کان
اڳ رعنا کي پنهنجي دل جو احوال ضرور ٻڌائيندو _
آخر هو ڊڄي ڇو ٿو؟ ٻيو ته وطن واپس وري، رعنا اها
رعنا ته ڪا نه رهندي جنهن سان هر وقت ملي
سگهجي،گهمي سگهجي.هوءَ ته اتي پنهنجي مائٽن سان
رهي ٿي _ ٻيو ته هڪ سنڌي ڇوڪري آهي.آخر اتي هو
ڪيئن ملي سگهندا؟ پر جيڪڏهن هوءَ چاهي ته پوءِ
ضرور ملندو.اهو به ٿي سگهي ٿو ته جڏهن هو افضل سان
ملڻ ڪاليج ۾ وڃي ته اتي ملاقات ٿئين _ پر رعنا جي
مرضي معلوم ڪرڻ ته ضروري هئي نه،!
شام جو هو رعنا کي وٺي نئين ٺهيل انٽر ڪانٽينيٽل
هوٽل ۾ آيو هو.
’تو مون کي هوٽل بازيءَ ۾ وڌو آهي. اڳي آءٌ ڪڏهن
به هوٽلن ۾ ڪو نه وئي آهيان.‘ هوءَ دل ۾ چئي رهي
هئي. هن جي مرضي پئي ٿي ته اقبال کي صاف چئي ڇڏي
ته هوءَ گهريلو قسم جي ڇوڪري آهي، سنڌي معاشري جي
فرد جي حيثيت سان هن کي هوٽلن ۾ وڃڻ جو ڪو حق
ڪونهي ۽ شوق به ڪونهي. پر خبر ناهي ڇو هوءَ چئي نه
سگهي هئي. ٻيو ته اقبال سان گڏ گهمڻ يا هوٽل ۾ وهڻ
خراب به ته ڪو نه لڳندو هوس.
”هي عورتون ته ضرور چونديون هونديون ته تون مون
سان گڏ ڇو ٿي هلين، ساڻن گڏ ڇو نه ٿي هلين؟“ اقبال
وهڻ شرط پهريون سوال ڪيو. هن جي ان سوال جا ٻه
مطلب هئا؛ هڪ ته اهو احساس ڏيارڻ ته رعنا ۽ هن جو
گڏ هئڻ ڪا معنيٰ رکن ٿا ۽ ٻيو ته هن کي انهيءَ
ڳالهه ۾ فخر محسوس ٿي رهيو هو ته رعنا هن سان گڏ
آهي.
اها ڳالهه ٻڌي رعنا جا ڪن پاپڙين تائين ڳاڙها ٿي
ويا. اندر مان چڻنگون نڪرڻ لڳس _ اصل پڇان وٺي
ويس.
’ڇا . . . . ڇا . . . ڇا . . . هي چوڻ ڇا ٿو چاهي؟
هي پاڻ کي سمجهي ڇا ٿو، سمجهي ٿو ته مون سان سندس
ڪو خاص واسطو آهي هنه. . . . ‘ هن جو تن من باهه ۾
ٻرڻ لڳو _ هن جي بدلجندڙ رنگ کي ڏسي اقبال اڃا
حيران ٿيو پئي ته هوءَ اٿي کڙي ٿي.
”ڪيڏانهن؟“ اقبال پڇيو.
”شٽ اپ يو. . . . .“ هن کان جملو به پورو نه ٿيو.
ڪاوڙ هن جي آواز ۾ هڪ عجيب ڦيرو آڻي ڇڏيو هئو. هن
جي آواز هوٽل جي خاموش ۽ پرسڪون ماحول ۾ ٿرٿلو
مچائي وڌو. ”تون مون کي سمجهين ڇا ٿو؟“ هن وري
چيو. اقبال جو منهن زرد ٿي ويو. هن جي بدن ۾
سيسڙاٽ اڀرڻ لڳا. پنهنجي بي عزتي، جيڪي ڪجهه چوڻ
ٿي چاهيائين، تنهن ۾ ناڪامي، سڀ خواهشون ۽ خواب
هڪدم هوا ٿي ويا.ڪجهه سمجهه ۾ ڪو نه پئي آيس. شرم
کان ڪنڌ کڻي جهڪايائين ٻيا ماڻهو هن ڏانهن ڏسي
رهيا هئا ۽ رعنا پرس کولي نوٽن سان مٺ ڀري ميز تي
اڇلائي، تيز تيز قدمن سان ڊُڪندي ٻاهر نڪري وئي_
اقبال هن کي ويندو ڏسندو رهيو. هن کي ڪجهه سمجهه ۾
ڪو نه پئي آيو ته ڇا ٿيو! هو ڪنڌ جهڪائي ٻين کان
نظرون بچائيندو، ٿڙندو، ٿاٻڙندو ٻاهر نڪتو_ هن کي
پنهنجن پيرن جي هيٺان زمين مسلسل کسڪندي لڳي رهي
هئي. ڪنهن ڪنهن مهل ائين ٿي لڳس، ڄڻ سندس جسم جا
ڪي عضوا هيٺ مٿي ٿي ويا هجن، اکيون پنهنجي جڳهه تي
نه هجن يا هڪ ڪن هيٺ هڪ مٿي ٿي ويو هجيس يا ڪلها
هيٺ مٿي ٿي ويا هجنس. ٽرئفڪ جو گوڙ به کيس عجيب ٿي
لڳو، ڄڻ سندس اها بي عزتي ۽ ذلت راولپنڊي جي هر
شخص ڏٺي هئي. هن هر ڪنهن کان منهن لڪائڻ ٿي چاهيو.
پنهنجو پاڻ کان به ’مون ته ڪااهڙي ڳالهه ڪا نه
چئي.‘ هن سوچيو. ’ڇا واسطو ظاهر ڪرڻ به ڏوهه
آهي!‘ هن چاهيو ته روئي ڏئي . . . اوڇنگارون ڏي.
. . . پر هو ماٺ ميٺ ۾ هلندو رهيو.
”اري اقبال صاحب ڪهان اکيلي اکيلي!“ سامهون رشيد
صاحب نظر آيس. هن کي اڪيلو ۽ اداس ڏسي ڪجهه نه
سمجهندي چيائينس ۽ ڪلهي تي هٿ رکيائينس. اقبال
ٻڏندي ٻڏندي ان ڪک جي سهاري هلندو ويو.
رعنا جو اهڙو رويو اقبال لاءِ ڏاڍو عجيب ثابت ٿيو.
هن کي ائين لڳو ڄڻ هو صفا اڪيلوٿي ويو هجي. ڪنهن
اهڙي ٻيٽ ۾ اچي پهتو هجي، جتي ڪو به سندس پنهنجو
نه هجي. ڪنهن ڳالهه ۾ دل نه ٿي لڳس. ڪو به چهرو
نه ٿي وڻيس. نه صرف ايترو پر هنن کي جدا ڏسي سندن
ڪيترن ساٿين جي منهن تي حيرت ۽ اکين ۾ سوال جا
نشان ٿي اڀريا.انهن جي ته ڪا پريشاني ڪا نه ٿي
ٿيس. هن کي ته صرف پنهنجي اندر ۾ ڪاشئي ڀور ڀور
ٿيڻ جو احساس ٿي رهيو هو. ڪا شئي، مسلسل ڀري رهي
هئي. ذهن ۾ عجيب عجيب خيال پئي آيس _ افضل وجود جي
وگهرڻ جي ڳالهه ڪندو هو ته هو کلي ڏيندو هو ’وجود
به ڪا ميڻ بتي آهي جو ڳري ويندو!‘ افضل هُن کي
چوندو هو ته انسان صرف ٻاهر ئي سڀ ڪجهه ناهي، صرف
نڪ، ڪن ۽ چپ نه آهي. اڇو رنگ ۽ نيريون اکيون نه
آهي بلڪه هو ان کان به وڌيڪ ڪجهه آهي. جيڪڏهن غور
ڪجي ته لامحدود آهي، اڄ تائين ڪو غواث، ڪو ٽوٻو
اهڙو پيدا نه ٿيو آهي، جنهن انسان جي اندر جي آتما
جاچي هجي. پر جن به اهڙي ڪوشش ڪئي انهن کي اندر ۾
عجيب اسرار نظر آيو هو. تڏهن ته لطيف چيو هو.
”واقعي اکين کولڻ سان ست سراب ۽ اکين پورڻ سان
حقيقي حسن جو مشاهدو.“ ’هي ڇا؟‘ اقبال حيران ٿي
اکيون ٻوٽيون ته رعنا کي ڀاڪر ۾ ويٺل ڏٺائين. هوءَ
کيس مرڪي پرچائي رهي هئي. هن کي پنهنجي ڪاوڙ ڍري
ٿيندي محسوس ٿي رعنا جي ويجهڙائي کيس پگهرائي ميڻ
ڪري وڌو. هن جي دل ۾ آيو ته خود رعنا کان معافي
وٺي ۽ چويس ’مون کي معاف ڪر،خبر ناهي ڏوهه ڪهڙو
ڪيو اٿم پر معاف ڪر. مون سان نه ڪاوڙجندي ڪر. مون
سان. . . .. ‘ پر اکيون کولڻ سان هو وري رعنا کان
پري ٿي ويو. رعنا ته ڪا نه هئي. هت ته ڪو به ڪو نه
هئو، صرف هو ئي هئو. هن وري کڻي اکيون پوريون. پر
نه . . . . شايد هوءَ خواب ۾ به رسي وئي هئي_
’عجيب ماڻهو آهي افضل به،‘ هن وري سوچيو ’چوي ٿو
ته پنهنجي مرضيءَ سان خواب ڏسندو آهي، پنهنجي
مرضيءَ جا خواب_‘ هن کلي ڏنو، ’منهنجي مرضي جيڪڏهن
هلي ته آءٌ ڪهڙا خواب ڏسان! بس رڳورعنا کي ويٺي
ڏسان_ هن سان ڳالهيون ڪريان. تاريخي جڳهين تي وڃي
پنهنجي پيار ۽ ماضيءَ جا رشتا جوڙيان_ ڪڏهن ڪهڙي
دور ۾ هليو وڃان ته ڪڏهن ڪهڙي دور ۾. سمن جي دور ۾
وڃي نڪرون، ڪينجهر ڪناري تي ويهي روح رهاڻيون
ڪريون. ڏسون ته ڄام تماچي ۽ نوريءَ جو عشق ڪيئن
هو. مون کان وڌيڪ شدت سان ته ڪنهن پيار ڪو نه ڪيو
هوندو، سسئيءَ سان ضرور ملاقات ڪريون _ ڏسون ته هن
جي جذبن ۾ ڪيترو خلوص هو. آءٌ ۽ رعنا هٿ هٿ ۾ ڏئي
سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ وڃون. هر هنڌ پنهنجي پيار جي
قدمن جا نقش ڇڏي اچون. جتان لنگهون هر ڪو چوي، ڏسو
پيار ڪندڙن جوجوڙو وڃي رهيو آهي. ’ماڻهو اسان جي
پيار جا قسم کڻن.‘ هن پاسو ورايو، ’پر اهو تڏهن
جڏهن آرڊر تي خواب اچن.‘ هن کلي ڏنو _ ’افضل ته دل
جي باهه ڪڍيو کنيو پنن تي رکي پر ڪيڏانهن ڪريان!
هڪ معمولي جملي تي ڪاوڙجي وئي. سو به ايڏي
ڪاوڙ،هوٽل ۾ بي عزتي ڪندي دير نه ڪيائين. رشيد
صاحب به سمجهي ويو ته ڪجهه ٿيو آهي، پر هي ڇو ٿو
رعنا جي ويجهو وڃي. رعنا ته واپس ويندي. اسين سڀ
واپس وينداسين، پوءِ ڇا ڪندو؟ بس شل نه سهڻي ڇوڪري
ڏسن_ هاڻ وري اسڪالرشپ لاءِ بندوبست پيو ڪريس.
رعنا ته ڪڏهن لفٽ ڪو نه ڪرائي اٿس، بس اڳيان پويان
پيو هلڻ جي ڪري. رعنا ڏاڍي سادي سودي آهي، ڪٿي
ڪنهن چڪر ۾ نه اچي وڃي. پر تنهن ۾ منهنجو ڇا؟‘ هن
کي پنهنجي خيال تي اچي ڪاوڙ ٿي. آخر منهنجو واسطو
ڇو نه آهي؟ هوءَ منهنجي ساڻيهه جي ڇوڪري آهي. هن
جو هر طرح خيال رکڻ جو حق صرف مون کي آهي.آخر هت
هوءَ مون سان ئي ته ايتري فري آهي. پر ان مان ڇا
ٿيو؟ هاڻ ته واپس ورڻو آهي. بس ٻه چار ڏينهن.
پنڊيءَ مان واپسيءَ تي ڪجهه وٺيو وڃان، ’پر ڇا؟
پيار وڃايو پيو وڃان‘ هن کي افسوس ٿيڻ لڳو ڄڻ سندس
ڪا بي حد قيمتي ۽ عزيز شئي گم ٿي وئي هجي.
هن بستري تان اٿي واش بيسن تي لڳل آئيني ۾ منهن
ڏٺو، هن کي اکين جي چوڌاري ڪارا ڪارا داغ نظر آيا.
هڪ ڏينهن ۾ منهن ئي لهي ويو هئس، هُن منهن تي ٿڌي
پاڻيءَ جا ڇنڊا هنيا.
’رعنا به ويٺي هوندي ٻيو ڇا؟ ڪيڏانهن وئي هوندي؟
ڪنهن سان وئي هوندي؟ اڳ به ته مون کي غلط فهمي ئي
ٿي هئي هوءَ منهنجو انتظار ڪري ڪري واپس ڪمري ۾
هلي وئي هئي. اڄ به ويٺي ئي هوندي. وڃي
ٿوڳالهايانس، ڇا ڪريان دل کان مجبور آهيان. شايد
پيار ماڻهوءَ مان هٺ ۽ غرور ڪڍيو ڇڏي، پياري
ماڻهوءَ جي هر جائز ۽ غلط ڳالهه اڳيان ڪنڌ جهڪائڻ
ئي پيار ڪندڙ جي قسمت ۾ آهي.‘
هو پنهنجن خيالن تي ڪڏهن ڪاوڙبو، ڪڏهن شرمندو
ٿيندو، ڪمري مان ٻاهر نڪتو. هو جيئن ئي عورتن واري
ڪمري ڏانهن مڙيو ته کيس اونداهي ورانڊي مان ٻه
پاڇا ٻاهرين در ڏانهن ويندا نظر آيا. غور ڪرڻ تي
هُن ڏٺو ته رعنا رشيد صاحب سان گڏ ٻاهر وڃي رهي
هئي. هُن چاهيو ته هڪ زوردار رڙ ڪري هن کي روڪي.
هن رڙ ڪئي تمام زوردار رڙ_ پر انهيءَ جو آواز
ٻاهر ڪو نه نڪتو. هن جي اندر تي کنوڻ وانگر ڪرندو،
هن جي وجود ۾ ئي گم ٿي ويو.
حصو ٽيون
نسيم ڊريسنگ ٽيبل جي اڳيان اسٽول تي ويهي ڦڻي ڏئي
رهي هئي ۽ افضل ڀر ۾ پيل کٽ جي پيرانديءَ رکيل
ويڙهيل هنڌ کي ٽيڪ ڏيو ويٺو هو.
”تون ڪڏهن ويندين؟“ نسيم افضل کان پڇيو.
”پرينهن. مون کي اتي هڪ ائڊوانس ڪورس به ڪرڻو
پوندو. نه ته اڃا مهينو پوءِ وڃان ها.“ افضل هن
ڏانهن نهاريندي چيو.
”مئڊم حميده ڇا ٿي چوي؟“ نسيم ڪنڌ ورائي پڇيس.
”آمنا، صدقنا، وڃي ڏهه مهينا ڳوٺ رهندي.“
”۽ جڏهن تون ايندين ته هڪ مان ٻه ٿي چڪي هوندي.“
نسيم کلي چيو.
”ٿي سگهي ٿو ٽي _ جاڙا به ٿي سگهن ٿا.“ افضل کلي
چيو.
”اڙي ها . . . . “ نسيم جملو اڌ ۾ ڇڏيو، جو نوڪر
چانهه کڻي آيو هو.
”. . . . رعنا به جلدي اچڻ واري آهي.“نسيم خوشيءَ
گاڏڙ آواز ۾ چيو.
هن جي جملي تي افضل جي هٿن کي هلڪو لوڏو اچي ويو.
’منهنجي شاديءَ جي خبر پوندس.‘ هن سوچيو. ”پر مون
هن سان ڪو واعدو ته ڪو نه ڪيو هو. نه ڪوئي ڪڏهن ڪا
اهڙي ڳالهه ٻولهه ئي ٿي هئي. پر مون کي جيتري هوءَ
وڻي هئي، ايترو شايد ڪو ٻيو وڻي. خوبصورتيءَ جي به
ڪا انتها ٿيندي آهي! پر مون سان وري ته ڳالهايائين
به ڪونه. ملاقات به ڪو نه ٿي. وري ملياسين ئي
ڪونه.مون سان به ڪيڏا حادثا ٿي ويا. حميده به سٺي
آهي.پياري آهي. بحث ئي ڪو نه ڪري. جيڪي ڏيانس. سو
وٺي، جيڪي چوانس سوڪري. پنهنجي ته ڪا راءِ ئي ڪانه
اٿس. ڏاڍي پياري آهي. نه منهنجي لکڻ تي اعتراض ڪري
نه پڙهڻ تي _ کٽ جي سيرانديءَ ويٺي مون کي ڏسندي
يا تصويرن وارا ڪتاب پئي ڏسندي. ڪڏهن بحث ڪو نه
ڪري شرمائي ڪو نه. جيئن چوانس تيئن ڪري. تڏهن ته
آءٌ به اڳي جهڙو ئي آهيان.‘
”هي اقبال سڃاڻو؟“ نسيم هن کان پڇيو.
”اقبال!“ حيران ٿيندي افضل چيو، ”اڙي هي ڇا ڪيو
مون؟ اقبال کي شاديءَ جي دعوت ئي ڪا نه ڏنم. . . .
“ هن کي ياد آيو ته اقبال سندس ماءُ جي وفات تي
ڳوٺ به آيو هئو.
افضل جي هن ڳالهه مان نسيم سمجهي وئي ته هنن جي
پاڻ ۾ گهاٽي ياراڻي آهي.
”رعنا سان گڏ لاهور ۾ آهي.“ نسيم وضاحت ڪندي چيو.
”ڀلو ماڻهو آهي، ننڍپڻ جو يار آهي. نوابشاهه ۾
خوجا صاحب جي اسڪول جا ساٿي آهيون. گڏڏنڊا کاڌا
اٿئون. پيارو ماڻهو آهي.“ افضل چيو.
”ادا، حميده کي نه آندئي؟“ رشيده اندر اچي چيو. هن
جو اهو لهجو رڳو افضل لاءِ مخصوص هو.
”وٺي ايندس، اڄ شايد بابا اچي، تنهن ڪري نه وٺي
آيس.، افضل چيو، ”آپا، پڪوڙا ڪو نه ٿي ٺاهين؟“
افضل رشيده کي چيو.
نسيم جي دل جي ڌڙڪڻ تيز ٿي وئي. هن سمجهو ته ڪو
تکو ڪڙو جواب مليس، پر رشيده ڏاڍين قربائتين نظرن
سان افضل ڏانهن ڏسندي چيو، ”منهنجي ته اڳ ۾ ئي
مرضي هئي، پر سوچيم ته خبر ناهي تون کائيندين يا
نه“ اهو چئي ٻاهر نڪري وئي.
”جادو ٿي ويو آهي اديءَ تي.“ نسيم چيو.
”سڙين ڇو ٿي، هر ڪنهن جو پنهنجو رويو آهي.“ افضل
چيو.
”ها اسان ته ڏنڀ ڏنا آهن نه!“ نسيم ڪاوڙ مان چيو.
”اهڙا اکر تنهنجي وات مان نه ٿا سونهن.“ افضل کي
رشيده جي باري ۾ اهڙا رمارڪ خراب لڳندا هئا. هن کي
رشيده سان هڪ قسم جو پيار ٿي ويو هئو. هن جي
شاديءَ ۾ رشيده ٽي ڏينهن سندس ڳوٺ هلي رهي هئي. هن
کيس پلئه به ڏنو هو. لاڏا به ڳايا هئا. سڳي ڀيڻ
جون سڪون پوريون ڪيون هئائين _ حالانڪه هنن اها
شادي تمام سادگيءَ سان ڪئي هئي، پر تڏهن به رشيده
سهرا ڳايا هئا. ڪنوار کي روئندو ڏسي رني به هئي.
”تون ته خوامخواهه ٿو ڪاوڙجين.“ نسيم اسٽول تان
اٿي بيٺي.
”آءٌ ته آهيان ئي خوامخواهه.“ افضل خبر ناهي ڇو
چيو.
”تنهنجي ناول جو ڇا ٿيو؟“ نسيم ڳالهه بدلائي.
”سليم کڻي ويو آهي. پر پهرين تنهنجو ڇپجندو.“ افضل
چيو.
”نه، هن ۾ اڃا ڪافي ڦير گهير ڪرڻي اٿم.“ نسيم چيو.
”تون لکڻ کان اڳ نه ٿي سوچين، اها خراب ڳالهه
آهي.“ افضل چيو.
”تون لکڻ کان پوءِ به نه ٿو سوچين.اها ڳالهه وڌيڪ
خراب آهي.“ نسيم چيو ۽ پرس هٿ ۾ کڻي ٻاهر نڪتي.
افضل سمجهو ته شايد گهر ۾ ئي هوندي تنهن ڪري
ويٺورهيو.
’رعنا سان شايد هاڻ به ملاقات نه ٿئي. هن وري ڪهڙو
مون کي ياد رکيو هوندو؟
’هڪ دفعو، هڪ جملي جي دوستي رکيم، هاڻ ته هن کي به
وسري ويو هوندو. مون کي ڪهڙي خبر ته منزل چوڻ سان
ڪا منزل ملي ڪا نه ويندي آهي. هوءَ ته منهنجي لاءِ
ڏورانهين فاصلي تان ويجهو نظر ايندڙ جبل بنجي چُڪي
آهي، جنهن جي جيترو ويجهو وڃبو آهي. اهو اوترو
پري ٿيندو ويندو آهي.
افضل، پڪوڙا کاءُ. نسيم ته ڪو نه ترسي. ساهيڙي
يورپ مان آئي اٿس.“ رشيده پڪوڙن جي پليٽ کڻي آئي.
”ٻڌائي ته وڃي ها!“ افضل چيو ۽ بي دليءَ سان پڪوڙا
کائڻ لڳو.
”آءٌ ڊڄان پيو. خبر ناهي ڇو مون کي بلڪل ائين وقت
۽ زندگي پنهنجن پيرن جي هيٺان کسڪندا پيا لڳن،
جيئن سمنڊ جي ڪناري تي، لهر جي موٽ مهل ريتي پيرن
هيٺان کسڪندي لڳند يآهي. شايد اهو موت جو احساس
آهي يا شڪست جو . . يا اڃا منهنجي دل انهيءَ
واقعي کي وساري نه سگهي آهي، جنهن مون کي زندگيءَ
جي انتها ۽ انتها جي ابتدا سان متعارف ڪرائي ڇڏيو.
. . . “
افضل جو قلم تيزيءَ سان لکڻ ۾ مشغول هئو.”جنم ڏيڻ
وارو موت جي هنج ۾ هليو ويو، شايد وڏن جو چوڻ درست
آهي.اهو دنيا جو دستور آهي. دستور چئي ڪٿي اسين ان
بيوسيءَ کي ته ڪو نه ٿا لڪايون، جيڪا وڏي ۾ وڏو
بهادر، دولتمند ۽ دانا شخص به موت کي آڏو ڏسي
محسوس ڪندو آهي. پر موت کي ته ڪنهن به ڪونه ڏٺو
آهي. ته پوءِ ان کان ڊپ ڇاجو؟ هي دنيا جو دستور
آهي. سڀ دستور مٽائي سگهجن ٿا پر هن دستور جو ڪو
علاج ڪونهي.“
امان، تون ائين هلي وئينءَ، موڪلايئي به ڪو نه.
چيائيون ٿي ته تون بهشتڻ هئينءَ جو ايڏي آرام سان
هن دنيا جو سفر پورو ڪري ورتئي. هاڻ آرامي آهين.
سچ چيو آهي شاعر.
بار مُردن جي مٿان ڪي مڻ مٽي،
۽ اسان جيئرن مٿان ڌرتي سڄي.
افضل لکي رهيو هو ۽ سڏڪي به رهيو هو. حميده خبر
ناهي ڪيڏي مهل خاموشيءَ سان اچي هن جي ڀر ۾ ويٺي
هئي ۽ چتائي منجهس ڏسي رهي هئي. ’خبر ناهي ڪنهن
سان پيو ڳالهائي. مائي ڦاپوءَ چيو ٿي ته ڪٿي نينهن
لڳل اٿس.پر اچي ته مون وٽ ٿو.رهي ته مون وٽ ٿو.
آهي ته منهنجو، آهي ته منهنجو.‘ هن سوچيندي چئي
ڏنو ”آهين ته منهنجو.“ |