افضل پنهنجو پاڻ مان ڪنڌ ٻاهر ڪڍندي هن ڏانهن ڏٺو
۽ ٻانهن کان ڇڪي کڻي ڇاتيءَ سان لڳايائينس. هن کي
حميده جي ساهه مان پيار جي سرهاڻ ڦٽندي محسوس پئي
ٿي. حميده جي چهري ۾ هن کي پنهنجي خاندان جا اهڃاڻ
پئي نظر آيا. هن جو سنهڙو نڪ، گول گول ڳل، سنهڙا
چپ، کاڏي ۾ هلڪو گهٻ، چيريون اکيون، موڪري پيشاني،
گهنڊيدار وار، وچين سينڌ، سڀني ۾ ڪنهن نه ڪنهن جا
اهڃاڻ هئا. اهي نقش اهڙا هئا، جن جو سندس زندگيءَ
سان گهاريل گهڙين جا پاڇولا نظر ايندا هئا. هن وڌي
حميده کي پيشانيءَ تي چمي ڏني. حميده پنبڻيون
جهڪائي ڇڏيون، ’پيار مون سان اٿس، آهي ته منهنجو.‘
حميده سوچي رهي هئي.
’مون کي حميده نه ملي ها ته آءٌ ڇا ڪريان ها؟‘
افضل سوچيو، ’شايد هيءَ حقيقت آهي، باقي سڀ
پاڇولا.‘
’ماڻهو اجايون ڳالهيون ٿا ڪن.‘ حميده افضل جي سيني
تي ڪنڌ رکي، هن جي ڇاتيءَ تي آڱريون ڦيريندي
سوچيو، ’لکي ته الائي ڇا ٿو، پر عزت ته ڪيڏي اٿس،
چاچا به چوندو آهي ته خاندان جو نڪ آهي.‘ هن
غيرارادي طور افضل جي نڪ تي هٿ رکندي سوچيو.افضل
سندس هٿ جهلي چپن تي رکيو ۽ آهستي آهستي آڱرين تي
چميون ڏيڻ لڳس. ’ڪيترا ماڻهو ٿا اچنس، ڇوڪر،
استاد، آفيسر، ڇوڪريون، ڪيڏي نه عزت اٿس.آهي ته
منهنجو، ڪڏهن وڙهي به ڪو نه. رڳو ٿو پيار ڪري. آپا
رشيده کي به ته وڻي ٿو.مون کي به ته وڻي ٿو _ نسيم
کلي نه ڳالهائيس. هن ۾ ۽ ياسمين ۾ فرق آهي. ياسمين
سٺي آهي، نسيم به سٺي آهي.هو ته منهنجو آهي‘ حميده
هن کي چنبڙي وئي.
’پيار جي کوٽ به پيار ٿو پوري ڪري سگهي.‘ افضل پنا
هڪ هٿ سان ڀر ۾ رکيل ٽپائيءَ تي رکندي سوچيو،
’پيار جي گهاءَ جو ملم به پيار آهي. امان هئي ته
اها خبر ڪا نه هئم ته ڪو ٻيو به پيار ڪري سگهي ٿو.
رعناسان ته صرف هڪ جملو ڳالهايو هئم. هڪ جملو _
الائجي ڇو؟ وري ته مليائي ڪو نه آهيون. حميده جو
مون سان ايترو پيار! مون کي ته خبر ئي ڪو نه هئي.‘
هن حميده کي ڇڪي پنهنجي سيني کان مٿي ڪيو ۽ هن جو
ڳل پنهنجي ڳل تي رکيائين.
’مائي ڦاپو ته عجيب ڳالهيون ٿي ڪري. چوي ٿي ته مڙس
کي گهڻو وقت اڪيلو نه ڇڏجي. ڀلا اڪيلا ڇا ڪندا
هوندا؟‘ حميده هن جي ڳل تي ڳل رکي
سوچيو،’ڪرڻوهوندن ته ڪير روڪيندن. باقي آپا رشيده
۽ نسيم ۾ فرق آهي. آپا رشيده مون کي ڪيتريون چميون
ڏيندي آهي. نسيم ڪڏهن مون کي چمي ڪو نه ڏني. مائي
ڦاپو ته آهي پوڙهي.عقل هجيس ته اهڙيون ڳالهيون نه
ڪري. چوي ٿي ته مڙس کي هٿ ڪرڻ لاءِ ڪو تعويذ ڪر _
بيبيءَ جو پڙهيل پاڻي پيارينس. نه، اهو ته آءٌ
ڪڏهن نه ڪريان_ ڪو ابتو اثر ٿي پوي ته ڇا ڪيو؟‘ هن
ڪنهن اڻ ڄاتل ڊپ کان زور سان افضل کي ڀاڪر پاتو.
’حميده، تون خاموش رهي مون تي ڏاڍيون پابنديون
وجهي رهي آهين،‘ افضل سوچيو. ’ڪهڙي خبر ته تو کي
منهنجون ڪهڙيون ڳالهيون پسند هجن! آخر تون ڳوٺ جي
ڇوڪري آهين. تون پڪ مون وٽ ڇوڪرين جو اچڻ پسندنه
ڪندي هوندينءَ_‘ افضل هن جي ڪنڌ ۽ پٺيءَ تي هٿ
ڦيرائي سوچي رهيو هو. ’آءٌ به تو کي گهڻو وقت ڪو
نه ڏيان، ڪاليج، دوست اخبار، نسيم جو گهر_ رات جو
سمهڻ ٿو اچان_ مون ته چڻ تو کي مائي ڦاپوءَ سان
ڳالهيون ڪرڻ لاءِ هت آندو آهي. بابا هليو اچي ها
ته ڪيترو چڱو ٿئي ها! هو ته تو کي وندرايو ويٺو
هجي ها_ پر هو ته پنهنجي من جي پيڙا کي پيو ڀوڳي.
نه هن جو ڏک آءٌ ونڊائي سگهان ٿونه ڪو ٻيو. هو ته
هاڻ انتظار پيو ڪري. پنهنجي ساٿيءَ سان ملڻ جو _
آءٌ ڇا ڪريان؟ آءٌ تو کي ڪجهه ته ڏئي ڪو نه سگهيو
آهيان. تون ته مون سان تڏهن ملينءَ جڏهن منهنجو
پيار زخمي ٿي چڪو هو. امان سان گڏ اهو به مون کان
رسي ويو هو. تڏهن به آءٌ پنهنجي دل جي خلوص ۽
گهراين سان توکي چاهيان ٿو. تنهنجو ساٿ مون لاءِ
زندگيءَ جي خوشين جو بهانو آهي. تو چپ رهي ان
پيار کي اڃا به وڌائي ڇڏيو آهي. آءٌ تو کي ڪيئن
خوش رکان،ڪيئن خوش رکان؟‘ هن جي ڀاڪر جو دٻاءُ
وڌندو ويو.
’جيجيءَ سان پيار هئس. ڪيئن ڳوٺ ايندو هو ۽ اچڻ
شرط هن سان چهٽي ويندو هو. بس ڄڻ سڀ ڪجهه ملي
ويندو هئس. ماءٌ پٽ جو پيار ته هوندو آهي، پر هن
جو ته ڪو ڏاڍو پيار هو، جيجيءَ جڏهن ٻڌو ته افضل
زخمي ٿيو آهي ته ريهه ڪري اٿي هئي. مٿي جي
لوندڻيءَ وٽان نس اڀري آئي هئس. هر هر پئي چيائين
ته افضل وٽ هلو، منهنجي ٻچي وٽ هلو. چاچا ڪيترو ٿي
چيس ته افضل ٺيڪ آهي. افضل ٺيڪ آهي. هن شايد
اسپتال ۾ وٺي وڃڻ نه ٿي گهريو _ ٿيو به ائين.‘
حميده جي اکين مان ڳوڙها نڪري افضل جي ڳلن تي
ڪريا. ’آهين ته منهنجو _ منهنجو آهين.‘
’چري زبان سان نه ٿي ڪڇي، اکين سان ٿي ڳالهائي.
شايد روئي پئي! ٻڌايو مانس ته اسڪالرشپ تي ٻاهر
ٿووڃان ته ڪجهه به ڪو نه ڪڇي _ رڳو ڏسندي رهي
‘افضل سوچيو، اهو ڪو نه پڇيئين ته ڪڏهن ويندس. رڳو
چيائين ته ڪڏهن ايندا؟ حميده، ايتري ماٺ، ايتري
خاموشي، ڇا ان جي پويان ڪو طوفان ته لڪل ناهي؟ هڪ
دفعي ئي ظاهر ڪري ڇڏ. . . . هڪ دفعي ئي ظاهر ڪري
ڇڏ.“ افضل هن کي زور سان پاڻ سان چنبڙائيندي
سوچيو.
’ايڏو پيار ٿو ڪري، مون کان سواءِ رهي ڪيئن
سگهندو؟ اتي رهندو ڪيئن؟‘ حميده سوچيو.
”ٻڌو“ هن چيو.
افضل اکيون کولي پنهنجي مٿان هن جي جهڪيل نيڻن ۾
نهاريو.
حميده زور سان هن جي چپن تي پنهنجا چپ رکيا ۽ پوءِ
هن جي ڇاتيءَ ۾ منهن هڻي سمهي رهي.
سڄي رات افضل عجيب عجيب خواب ڏسندو رهيو هو. مختلف
خواب _ ٽڪر ٽڪر خواب. ڪڏهين هڪ هنڌان ته ڪڏهين ٻئي
هنڌان. مختلف چهرن جون فلمون _ هڪ هڪ چهرو، ڪڏهن
خوش، سهڻو. ڪڏهن رنج. هيبائتو.انهن چهرن جي ميڙ ۾
ڪنهن مهل هن کي پنهنجي ماءُ جي چهري جي جهلڪ به
نظر آئي ٿي ۽ هن خواب ۾وري وري ماءُ کي ڏسڻجي ڪوشش
پئي ڪئي. پر ڪو به چهرو هڪ هنڌ رڪيو ڪو نه ٿي.
هلندو ٿي ويو. اڳيان اچي وري پٺتي هٽي غائب ٿي ويو
ٿي _ وري هن کي ائين ٿي لڳو ڄڻ هو هوائي جهاز ۾
چڙهيو آهي ۽ سندس آسپاس سمورين سيٽن تي صرف رعنا
ويٺي آهي _ ”نه نه حميده آهي. . . . .“ هن چتائي
هاريو ته نسيم ٿي نظر آيس. هن اکيون مهٽي خواب
مان جان ڇڏائڻ ٿي چاهي. کيس ائين لڳو ڄڻ هوائي
جهاز طوفان ۾ ڦاسي چڪو آهي. جهاز جي لوڏن مان هن
جي دل ڪچي ٿيڻ لڳي. موت جي خوف هن جو رت خشڪ ڪري
ڇڏيو. هن جا لڱ ڪانڊارجي ويا، ساهه منجهڻ لڳس ۽ اک
کلي ويس.
صبح ٿي چڪو هو. رڌڻي ۾ ٿانون جي کڙ کڙ حميده جي
موجودگيءَ جي چغلي هڻي رهي هئي. هن ٽائيم پيس تي
نظر وڌي اٺ ٿيا هئا. هوٽپ ڏئي اٿي کڙو ٿيو. اڄ ته
کيس تمام گهڻو ڪم ڪرڻو هو. ٻئي ڏينهن تي سندس
روانگي هئي.
”نيرن.“ حميده هاف فراءِ بيدو ۽ ماني کڻي آئي.
”تون به ويهه، مون سان کاءُ.“ افضل چيو ۽ هڪ
گراهه ڀڃي، ٺاهي هن جي وات ۾ وڌائين. هن جون اکيون
کل ۽ خوشيءَ جو ڀريل پيالو بڻجي ويون.افضل جي دل ۾
آيو ته انهن کي هڪ ئي ڳيت ۾ پي وڃي.
”ڏس.“ هن چيو.
”هان!“ حميده پڇيو.
”منهنجا ٻه ڪتاب ڇپجن پيا. هڪ ناول، هڪ ڪهاڻين جو
مجموعو.“ هن رڪجي وري چيو. ”انهن جا پئسا ليم اچي
ڳوٺ ڏئي ويندو. اهي تون کڻجاءِ.“
حميده جي چهري مان لڳو پئي ته هن کي اهڙي ڳالهه نه
ٿي وڻي، جنهن مان افضل جي هتي نه هجڻ جي خبر پوي.
پر هوءَ چپ رهي.
”۽ ها، پگهار مهيني سر ملندو رهندو. بابا پاڻهي
انهيءَ جو بندوبست ڪندو، “ هن چيو، ”پر خبر ناهي
بابا ڇو نه آيو آهي؟ مون کي ته سڀاڻي وڃڻو آهي.“
”بابا اڃا ڇو نه پهتو آهي!“افضل پيءُ جي نه پهچڻ
تي حيرت ظاهر ڪئي.
”توهين خط ته لکندا نه؟“ حميده پڇيو.
”بيوقوف.“ افضل پيار سان هن جي پيشانيءَ تي لڙي
آيل وارن کي مٿي ڪندي چيو.
”تنهنجي لاءِ ايتريون شيون آڻيندس!“ هن وري چيو.
”ماني وقت تي کائجو.“حميده آهستي چيو.
”امان به هميشه ائين چوندي هئي.‘ افضل ٿڌو ساهه
ڀري سوچيو، ”اڄ آپا رشيده وٽ هلندينءَ؟“ هن پڇيو.
”نسيم جن وٽ نه!“ حميده جي وات مان نڪري ويو پر
وري هن کڻي چپ ڪئي.
”ابا ڪنوار کي گڏ وٺيو وڃ.“ مائي ڦاپوءَ ٻاهران
چيو. هوءَ شايد ورانڊي ۾ ويٺي هئي ۽ سندن ڳالهيون
ٻڌي رهي هئي.
”ڪيئن ڪنوار!“ افضل هن کي ڪرائيءَ کان جهليندي
پڇيو.
”ڀلي.“ حميده اهڙيءَ طرح چيو، ڄڻ چوندي هجي ته
توهين مون کي ڪٿي ٿا وٺي هلو ۽ افضل کي نسيم سان
ڳالهايل لفظ ياد اچي ويا. جڏهن هن نسيم کي چيو هو
ته تون کڻي هل ته هن حيرت مان ڏانهس نهاريو هو ۽
چيو هئائين. ”وقت ايندو ته آءُ هلي وينديس.“
”ڪنهن سان؟“ هن پڇيو هئس.
”اهو ٻڌائڻ لاءِ ٻڌل ناهيان.“نسيم ڏاڍي لاپرواهيءَ
مان چيو هو ۽ هن کي ڏاڍو افسوس ٿيو هو ته هن اهڙي
ڳالهه ڇو ڪئي.
”خبر ناهي اتي ڪهڙيون حالتون هجن. پهرين وڃان ته
سهي ۽ تون به ته. . . .“ هن حميده جي پيٽ ڏانهن
نهاريو.
”ابا اڃا ته مهيني کن جو پيٽ اٿس . . .. “ مائي
ڦاپوءَ خبر ناهي ڪيئن ٻاهران ئي تاڙي ورتو ۽ حميده
وٺي ڊوڙ پاتي ۽ جيئن ڪمري کان ٻاهر ٿي نڪتي تيئن
پير چانئٺ ۾ اٽڪي پيس ۽ در کان ٻاهر وڃي ورانڊي
۾ڦهڪو ڪيائين.
”بسم الله، بسم الله.“مائي ڦاپو چوندي ڊوڙي اچي
کيس ڀاڪر ۾ کنيو. افضل به ڊُڪندو ٻاهر نڪتو ۽ جيئن
ئي حميده جي هيڊي چهري تي نظر پيس ته ڏڪي ويو.
”ڇا ٿيو؟ ڇا ٿيو؟ سنڀال ته سهي.“ هن به وڃي هٿ وڌس
۽ کٽ تي ليٽايائونس. حميده سور کان ٻيڻي ٿيندي پئي
وئي.
”ابا، ڪچو ٻار آهي.“ مائي ڦاپوءَ چيو.
”اسپتال هلون؟“ افضل حميده کان پڇيو. پر هن ڪو به
جواب ڪو نه ڏنو. هن کي ڊپ اچي ورايو. حميده جي
تڪليف ۽ بدلجندڙ رنگ هن کي پريشان ڪري وڌو ٻئي
ڏينهن کيس وڃڻو هو. هاڻ ڇا ڪري، ڇا نه ڪري! هو
سوچي ڪو نه ٿي سگهيو، ’بابا اچي ها ته ڪيترو نه
سٺو ٿئي ها‘ هن سوچيو! ”هل اسپتال هلون.“ هن چيو ۽
تڪڙو تڪڙو رڪشا روڪڻ لاءِ ٻاهر نڪتو. مائي ڦاپو
حميده کي آٿت ڏيندي رهي.
اسپتال ۾ پرائيويٽ ڪمري ۾ حميده پلنگ تي ليٽي پئي
هئي ۽ افضل ڀر ۾ پيل ڪرسيءَ تي ويٺو هو. هن جو
منهن لٿو پيو هو. ڊاڪٽر جو چوڻ هو ته ڌڪي جي ڪري
ٻار تي اثر پيو آهي. سو يا ته بيهي يا وڃي. افضل
ڊاڪٽر کي صاف چيو هو ته کيس ٻار جي پرواهه ناهي،
پر زال جي زندگي گهرجيس. تنهن تي ڊاڪٽر ڪجهه ڏينهن
لاءِ اسپتال ۾ رهڻ جو چيو هئو. هن ٻڌايس ته هو ٻئي
ڏينهن سينگاپور وڃڻ وارو آهي. تنهن تي ڊاڪٽر چيو
هئس ته في الحال ڪو خاص خطرو ڪو نه هو. هو وڃي
سگهيو ٿي، پر حميده کي ننڊ جي گوري ڏئي ڇڏي
هئائين.
”اڙي ابا ڇا ٿيو؟“ پڻس حيران پريشان ڪمري جي در تي
بيٺو هو.
”بابا!“ هو اٿي کڙو ٿيو.پيءُ جي ان سوال هن جي همت
کسي وڌي. هن جي دل ۾ آيو ته روئي ڏي. ”ڪري پئي.“
هن مختصر جواب ڏنو.
ڳري هئي ڇا؟“ پڻس پڇيو.
”ها“ هن وراڻيو.
”ابا، خيال ڪرين ها!“ پڻس چيو ۽ بستري تي بي سڌ
ليٽيل حميده ڏانهن ڏٺائين، ”ڊاڪٽر ڇا چيو؟“
”ڪو خطرو ڪونهي مڙئي خير آهي _“ افضل ان بهاني سان
پنهنجو پاڻ کي حوصلو ٿي ڏنو.
”۽ تون؟“ پڻس پڇيو.
”آءٌ ويندس_“ افضل جي جواب هن کي حيران ڪري وڌو،
’ته افضل زال کي هن حالت ۾ ڇڏي ويندو!“
افضل پيءُ جي نظرن مان سمجهي ويو ته هو خوش ناهي _
پر هن ڪافي سوچيو هئو. هن جي اڳيان وڏي زندگي هئي.
خبر ناهي ته ڪهڙو وقت اچڻ وارو هئو. هن کي هونئن
به دنيا جي گهمڻ جو شوق هئو. هن کي پنهنجين لکڻين
لاءِ نيون راهون، نوان رستا، نئين سوچ ۽ تازي هوا
جي ضرورت هئي.هن مختلف چهرا، مختلف ماڻهو، مختلف
ٻوليون ۽ مختلف ريتون رسمون ڏسڻ ٿي چاهيون. هن نه
ٿي چاهيو ته هن جون سڀ لکڻيون هڪجهڙيون ٿي وڃن:
هن اهو پنهنجو اخلاقي ۽ انساني فرض ٿي سمجهو ته
هو پنهنجي ذهن مان ٻين کي فائدو رسائي. هن اهڙو
ادب تخليق ڪرڻ ٿي چاهيو، جيڪو پوشيده انساني رازن
تان پڙدو کڻي. جيڪو زندگيءَ جي گونا گونين کي
واضح ڪري. هن پنهنجين پراڻين لکڻين کان هٽي لکڻ ٿي
گهريو ۽ اها ڄاڻ، هن ڪتابن کان وڌيڪ، تصورات کان
وڌيڪ، انسانن مان سڌي سنئين حاصل ڪرڻ ٿي چاهي. هن
سوچيو هو ته زندگي رڳو موسمن جي تبديلي ۽ آفيس جي
وقت جي بدلجڻ جو نالو ناهي. اهي به ته زندهه آهن،
جيڪي سمنڊن جي سينن کي چيريندا رهن ٿا، جيڪي
برفاني جبلن جي آسمانن سان ڳالهيون ڪندڙ چوٽين
تائين پهچن ٿا ۽ اهي به جيڪي سرڪش آبشارن ۽
گليشيرن جو شڪار ٿي وڃن ٿا. وهيل مڇين جا شڪاري ۽
شارڪ جي ڏندن جا شڪار، اها به زندگي آهي _ خطرن
سان پُر، مهماتي زندگي، جنهن جي هر گهڙي، هر پل
زندهه رهڻ جو احساس ڏيارين ٿا _ اهو احساس تڏهن
پيدا ٿيندو، جڏهن خود انهن مهمن ۾ حصو ورتو وڃي _
هن خود انهن شين ۾ حصو وٺڻ ٿي چاهيو. ’حميده ٺيڪ
ٿي ويندي. ڊاڪٽر چوي پيو‘ هن سوچيو _ ’ياد ٻيا به
ايندا_ نسيم، آپا رشيده، بابا .. . ها، امان ته
آهي ئي ڪا نه جو منهنجو فڪر ٿئيس؟ هن وري سوچيو،
’سڀ اتي آهن، سڀ اتي آهن، رڳو وقت پيو وڃي _
هينئر ڏکيو پيو لڳي پر جڏهن ٿي ايندس ته سڀ آسان
پيو محسوس ٿيندو. اهي ڏکيا ڏينهن ئي ته مستقبل ۾
منهنجا تجربات بڻجڻ وارا آهن.“
”ابا در تي آهي“ پڻس چيو. هن چتائي ڏٺس_ سندس
سامهون ڪلهن لڙڪيل، اڇن وارن وارو هڪ پوڙهو شخص
بيٺو هو، جنهن جي اکين جي گهرائيءَ ۾ هن کي سواءِ
پيڙا ۽ حيرت جي ٻيو ڪجهه به نظر ڪو نه ٿي آيو _ هو
اٿي ٻاهر نڪتو.
”اڙي ڇا ٿيو يار؟“ ٻاهر جاني بيٺو هو.
”يار وائف ڌڪو کاڌو آهي.هئي پرگننٽ.“ افضل چيو.
”خدا خير ڪندو يار، صبح جو هلين پيو يا؟“ جاني هن
کي ڇڏڻ لاءِ ڪراچي ايئرپورٽ تائين وڃڻو هو.
”ها.“ هن مختصر جواب ڏنو.
”آءٌ تنهنجو پڇڻ نسيم جن وٽ ويو هئس.“ جانيءَ چيو.
افضل کي اها ڳالهه ڪانه وڻي.
”اتان نسيم کي کڻي لطيف آباد پهچايم، پنجين نمبر ۾
ڪو مائٽ اٿن الاهي ڇا؟“هن مڪمل معلومات ڏني. ”پوءِ
تنهنجي گهر ويس ته هيءَ خبر پيم.“
”هلڻو ڪيئن ناهي_ وقت سر اچجاءِ“ افضل چيو.
”پئسي ڏوڪڙ جي ضرورت!“ هن خلوص مان پڇيو.
”اونهون به،“ افضل ناڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيندي چيو.
”يار آءُ هلان، وري نسيم کي واپس پهچائڻو آهي.“
جانيءَ چيو، ”تنهنجي لاءِ پڇي ته!“ جانيءَ اهو
محسوس ڪندي ته افضل کي سندس نسيم جو ذڪر ڪرڻ خراب
لڳو آهي، هروڀرو هن کي راضي ڪرڻ لاءِ پڇيو.
”ڪا ضرورت ناهي ٻڌائڻ جي، ها.، افضل چيو. جاني ڪار
جي چاٻين جو ڇلو آڱرين ۾ ڦيرائيندوهليو ويو _ هو
اتي ئي بينچ تي ويهي رهيو. ’نسيم وري هن جي ڪار ۾
ڇو ويٺي! هونئن ته ڏاڍي آدرشي بڻجندي آهي. سليم جي
ڪار ۾ ڪا نه چڙهي؟‘ هن سوچيو، ’پر تنهن ۾ منهنجو
ڇا؟‘ هن وري سوچيو، ’شام جو هنن وٽ ويندس پر
موڪلائيندس ڪونه _ ائين ئي هليو ايندس، موڪلائڻ
وڏي همت جو ڪم آهي.‘
هن ڊاڪٽر کي ايندو ڏٺو ته اٿي کڙو ٿيو ۽ هن جي
پويان ڪمري ۾ داخل ٿيو. ڊاڪٽر حميده جو بلڊ پريشر
ڏٺو ۽ اسٽيٿسڪوپ سان ڇاتي پٺا تپاسيائين پوءِ هڪ
پني تي انجيڪشن لکي هنن کي ڏنائين ۽ هو بنا ڪڇڻ جي
انجيڪشن وٺڻ لاءِ ٻاهر نڪتو.
”ڊاڪٽر صاحب، منهنجي ٻچڙي خطري کان ته ٻاهر آهي
نه؟“ پيءُ ڊاڪٽر کان پڇيو.
”چئي نه ٿو سگهجي_ ٻار ڪچو آهي. بليڊنگ ته گهڻي ڪا
نه ٿي آهي.پر مون کي ڪجهه خراب ڳالهه پئي لڳي. ان
ڪري جو ايڏو ڪچو ٻار ڌڪي ۾ رهڻ مشڪل آهي. پر. . .
.. “ ڊاڪٽر ڳالهه اڌ ۾ ڇڏي، ”انجيڪشن هڪدم هڻائجو.
آءٌ وري چڪر هڻندس.“ هن چيو ۽ هليو ويو.
’بيوقوف، زال کي هن حال ۾ ڇڏي هليو ويندو.اها خبر
ڪو نه اٿس ته زندگيءَ جو ساٿ اها زال ڏيندس. ٻيا
سڀ پاڇولا آهن.سڀ پنهنجو پاڻ ۾ گم رهندا. دوست ته
دوست پر اولاد به پنهنجو پاڻ ۾ گم ٿي ويندو. ساٿي
ته اها اٿس. زندگيءَ جي سفر ۾ اُن جي ساٿ جي ضرورت
پوندس_ قمر هوندي هئي ته دل ڀري پئي هوندي هئي _
هاڻ سڀ ڪجهه ساڳيو آهي پر هوءَ ڪانهي ته آءٌ اڪيلو
آهيان_ اڪيلو، سو به هن عمر ۾ جڏهن ڪو نئون دوست
بڻجي نه ٿو سگهي.‘
”اي ادا، هاڻ تون آرام ڪر، آءٌ اچي وئي آهيان.“
مائي ڦاپو ٽفن باڪس نيو ڪمري ۾ گهڙي. ”هتي چيلهه
سڌي ڪر يا ڀلي گهر وڃ.“
”آءٌ ويٺو آهيان.“ هن چيو ۽ سوچيائين، ”هن عمر ۾
چيلهه ڪٿان سڌي ٿيندي!“ پوءِ ڪرسيءَ کي ٽيڪ ڏئي
اکيون کڻي بند ڪيائين.
افضل لاءِ ٻئي پاسا ڳرا هئا.جيترو سوچيائين ٿي
اوترو منجهندو ٿي ويو. هڪ طرف رشتن جو ڄار هئو ته
ٻئي طرف مستقبل جو خيال ۽ دنيا کي ڏسڻ جو شوق.
عهدي ۾ اضافو، نالو _ اڻ ڏٺل کي ڏسڻ جو شوق،
’حميده ٺيڪ ٿي ويندي، هي ويٺي ويٺي ڇا ٿي ويو؟
اتفاق ۽ حادثا ائين ئي ته ٿيندا آهن. اهي ئي
زندگيءَ ۾ تبديليون آڻيندا آهن. پر . . . . پر
انهن حادثن کي منهن ڏيڻ ئي ته مڙسي آهي _ جيڪڏهن
انهن کان شڪست کائبي ته پوءِ دنيا ۾ ڪيئن رهبو؟
آءٌ حميده سان گڏ رهي جيڪي ڪجهه به آهيان ان تي
راضي رهان يا حميده کي ڇڏي اڳتي وڌان _ اوج تي
رسان _ اهو ڏسي خوش ڪير ٿيندو؟ خوش ته پنهنجا
ٿيندا آهن. ڌاريان ته تاڙين وڄائڻ وارا آهن. هر
وقت هٿ تاڙين لاءِ تيار ۽ آءٌ ڇا ان ايڪٽر وانگي
بنجان جنهن جي ڪاميابين تي به ماڻهو تاڙيون
وڄائيندا آهن ۽ شڪست ۽ ٽرئجڊيءَ تي به! هو رڳو
خوشين ۾ شريڪ ٿيندا ۽ غم ۽ تڪليف ۾ ائين گم ٿي
ويندا جيئن اوندهه ۾ پاڇو گم ٿي ويندو آهي.‘
’اسڪالرشپ وري به ملي ويندي‘ هن سوچيو، ’پر حميده
کي جيڪڏهن ڪجهه ٿي ويو ته اها ڪٿان ايندي!‘
”سڄو ڏينهن رڳوٺاهه جوڙ لڳي پئي اٿس_“ رشيده جي
ڪُرڙي آواز هن کي ڇرڪائي وڌو. ”ڪا خبر اٿس ته گهر
۾ به ڪو مري پيو يا جيئي پيو.“
هوءَ ورانڊي مان ئي نسيم تي وار ڪري رهي هئي، جيڪا
اڃان هاڻ موٽي هئي. افضل شام کان ئي وڏي ڪمري ۾
ويٺو هو ۽ پنهنجين سوچن ۾ گم هئو. نسيم جي ماءُ
اهو خيال ڪرڻ بنان ته ڪو کيس ٻڌي پيو يا نه،
ڳالهائي رهي هئي. هوءَ افضل جي موجودگيءَ جو فائدو
وٺي رهي هئي. گهر ۾ ٻيو ته ڪو به ساڻس ڪو نه
ڳالهائيندو هو ۽ جي ڪو ڳالهائيندو به هو ته اهي به
رڳو ڏڙهيون هونديون هيون _ هڪ رعنا هئي، جيڪا قرب
ڏيندي هئس. باقي مڙس ته پاڻ به ڪو نه ڳالهائيندو
هو. يا ته ستو پيو هوندو هو يا وري ٻاهر هليو
ويندو هو. رڳو ڪڏهن ڪڏهن ايترو پڇندو هو ته ڪير
ڪيڏانهن ويو، يا ڪٿي آهي؟
نسيم لاپرواهيءَ سان ڪمري ۾ گهڙي. ماڻس پڇيو،
”امان تون ڪٿي هئينءَ؟“
”عذرا وٽ وئي هئس.“هن چيو۽ اندرئين در مان ٿي
پنهنجي ڪمري ۾ هلي وئي. ڄڻ ڪنهن کي به ڪو نه،
ڏٺائين. افضل کي ڏاڍو خراب لڳو! ’اها به خبر اٿس
ته سڀاڻي آءُ وڃان پيو. وڏي عرصي لاءِ ٻاهر رهندس
_ پر ڪا به پرواهه ڪو نه اٿس _ ٻيو ته ٺهيو ڀل
حميده جو کڻي پڇي ها_‘
”ابا تو کي ڇا ٻڌايان.“ ماءُ جي آواز هن جي سوچ جو
سلسلوٽوڙيو ”ڏاڍي سٻاجهي هوندي هئي.“ افضل کي اهو
به ياد نه رهيو ته هن ڪنهن جي متعلق پئي ڳالهايو.
”ڪڏهن ضد يا تيسو نه ڪيائين.“ ماءُ چيو _ ”جيڪو
ڏبو هئس کائيندي هئي، جيڪي چئبو هئس پهريندي هئي.“
”هاڻ به ته هر ڳالهه توهان جي پسند جي ٿي ڪري!“
نسيم ڪمري ۾ ايندي چيو، “ هڪ ڏينهن اهو به ايندو
جو موت به توهان جي پسند جو ملندس.“
”الله نه ڪري ڇوري، ڪهڙيون وايون ٿي ڪڍين.“ ماءُ
ڪاوڙ وچان چيو. ”منهنجي ٻچڙي پرديس ۾ آهي، اهڙا
نڀاڳا اکر ته نه ڪڍ.“
’الله نه ڪري.‘ نيم به ته دل ۾ چيو ۽ افضل ڏانهن
ڏٺائين، جنهن جو خراب موڊ ڄڻ ته هن جي چهري تي
لنبيو پيو هو.
”ڇو صاحب، خاموش آهيو؟ زال جي بيماريءَ جي ڪري
پريشان آهيو يا سڀاڻي زال کان دور ٿيڻ جو غم
اٿوَ؟“ هن لاپرواهيءَ واري انداز ۾ پڇيو.
افضل ڪو به جواب ڪو نه ڏنو.هوءَ ڀر ۾ پيل ڪرسيءَ
تي اچي ويٺي. سندس جسم افضل جي ايترو ويجهو هو جو
هو ان جي گرميءَ کي محسوس ڪرڻ لڳو. هن نسيم ڏانهن
ڏٺو.
”اڙي هن کي ته ڪاوڙ آهي!“ نسيم کلي چيو. هوڏانهن
سليم ڪاوڙجي ويو ته، هوڏانهن! هن اک جي اشاري سان
ٻاهر ڏٺو، جنهن مان مراد رشيده هئس. ”ڪجي ته ڇا
ڪجي؟“ هن ڪرسيءَ تان اٿندي چيو. ته وڃي ٿا لکون
پڙهون ٻيو ڇا؟“ هو اٿي وري افضل ڏانهن ڏسي پنهنجي
ڪمري ۾ هلي وئي.
”ادا،“ رشيده اندر ايندي چيو، ”حميده ڀاڀيءَ کي
هتي ڇڏيو وڃ. نه اسان جي به دل وندري ويندي، تو کي
به سڪون رهندو.“
”نه آپا، هوءَ ڀلي ته ڳوٺ وڃي،“ افضل اٿندي چيو،
”بابا جي به اها مرضي آهي.“
”ڀلا هاڻ آرام ته آيس نه؟“ هن پڇيو.
”هونئن ته ٺيڪ آهي. پر ڊاڪٽر جي معائني جي آخري
رپورٽ تائين ڪجهه چئي نٿو سگهجي“ افضل چيو.
”الله ڪري جيڪي چهرا ڇڏيو پيو وڃين، هي وري اچي
ڏسين.“رشيده جي اکين ۾ پاڻي اچي ويو. ”صبح جو ته
ٿيندو وڃج.“ هن وري چيو.
”ها ابا، صبح جو ضرور اچج_“ ماءُ به چيو_ رشيده
ڪرڙين اکين سان هن ڏانهن ڏٺو ۽ هن کڻي نظرون ٻاهر
ڦيرايون.
”ضرور“ افضل ڳرن قدمن سان واپس وريو.
افضل کي پنهنجا قدم مڻ مڻ جا لڳي رهيا هئا _ هن کي
ائين لڳي رهيو هو ڄڻ هو اڪيلو هجي. هن هيڏي ساري
پرهجوم دنيا ۾ هو پاڻ کي بلڪل اڪيلو، بنا ڪنهن
ساٿيءَ جي محسوس ڪري رهيو هيو. اسٽيشن روڊ تي
هلندي هن کي صرف آواز ايندا محسوس ٿي رهيا هئا.پر
نظر ڪجهه ڪو نه ٿي آيس. ٿڌن ڏينهن ۾ به سندس ڪالر
پگهر سان پسي ويا هئا _ دل ٻڏي رهي هئس. ’منهنجو
ڪير آهي؟ امان. . . ‘ هن جي دل مان دانهن نڪتي. هن
سمجهيو ته ڀر پاسي مان هلندڙن به هن جو آواز ٻڌي
ورتو هوندو.ليڪن ڪنهن به ڪو نه ٻڌو هو، هن جي دل
جو آواز ڪنهن به ڪو نه ٻڌو هو.
نسيم جن وٽان ٿي، هو اسپتال وڃي رهيو هو. کيس چڱي
ريت ڄاڻ هئي ته حميده جي حالت ٺيڪ نه آهي، پر اهي
ڳالهيون ڄڻ ته هن کي اوپريون لڳي رهيون هيون.
’ماڻهو ڪڏهن ڪڏهن پاڻ کي به اوپرو لڳندو آهي؟‘ هن
سوچيو،
’ڇا ان ڪري جو امان جي موت منهنجي دل ٽوڙي آهي؟ هن
کي اهو وقت ياد آيو جڏهن آخري ڀيرو ماءُ جو پرسڪون
چهرو ڏٺو هئائين. ائين لڳو ٿي ڄڻ هوءَ گهري ننڊ ۾
آهي. نسيم جي لاتعلقي . . . . پر هن سان منهنجو
چند ڏينهن جو ته ساٿ آهي _ آءٌ سڃاڻانس به ڪهڙو؟
اديب هجڻ جي ناتي سان نه! هن جو ڪهڙو ڏوهه آهي؟ هن
جي گهر وارن کڻي مٿي تي چاڙهيم، شايد امان جي موت
جو ٻڌي هنن کي مون سان همدردي ٿي هئي! آپا رشيده
جو رويو . . . . لڳي ٿو ته هن به ڪو ڌڪ کاڌو آهي.
پيار جي بکي آهي پر هوءَ پيار ڪرڻ ٿي چاهي اهو نه
ٿي چاهي ته ڪو ساڻس پيار ڪري. اهڙي ماڻهو کي ڇا
چئجي؟ ماءُ ويچاري، اختر ۽ پيءُ ڄڻ ته رڳو ڀراءُ
ڪرڻ لاءِ ويٺا آهن. جيئن ’ڊرامن ۾ ڀرتيءَ جا ڪردار
به هوندا آهن. ته پوءِ ڪهڙي ڳالهه آهي؟ ڪاليج ۾ به
ڪو مزو ڪونهي. رعنا به ته ڪانهي _ مون هن کي گهر ۾
ٻڌو آهي ڏٺو ناهي، ڪيئن لڳندي هوندي؟ رعنا مون کان
پوءِ ايندي، ڪيترا ڏينهن ٿيا آهن. ڏٺي ئي ڪا نه
اٿم_ خوابن ۾ به ته نه ٿي اچي. ڪيترو چاهيم، خواب
۾ نه ملي وڃي ها. خواب به ڪيڏا نه اهم آهن.
زندگيءَ جو رخ بدلايو ڇڏين. نه ڪا خبر نه ڪو خواب،
نه ڪي اوٺي آئيا.‘ هن جي ذهن تي شاهه جو شعر تري
آيو. وري سوچيائين، جيڪڏهن خواب نه هجن ته آءٌ
شايد زندهه نه رهي سگهان. هن دنيا ۾ ته سواءِ ڏک
ڏولاون جي ٻيو ڪجهه نظر ڪو نه ٿو اچي. هي
ناانصافيون، هي ظلم ۽ ڏاڍ جا داستان. انسان، انسان
جو مالڪ انسان، انسانجو دشمن. پيار جون شڪايتون
موت _ موت _ صرف هڪ حقيقت _ باقي ڪوڙ، دولاب فريب
۽ مڪر. هڪڙن کي خوش ڪرڻ لاءِ ٻين کي ڏنڀ ٻين جي
ڪلهي تي بندوق رکي هلائڻ.وڏا وڏا ايوان، طويل
ورانڊا، وسيع ويڪرا لان، روشنين سان جهنجهيل
عمارتون، تن جي گرم گرم آسودن ڪمرن ۾ اگهاڙين
سوسائٽي گرلز جي هٿن ۾ شمپئن ۽ وهسڪي جا جام _
ٿڙندڙ قدمن سان ننڊاکڙي آواز ۾، اڌوراڻي ٻوليءَ ۾
تقرير ڪندڙ علم ۽ عقل جا پورا منارا _ هر هنڌ مڪر
۽ دغا _ ڪائو ۽ ڪچ اگهي پيو. سچا شرم کان منهن
ويڙهيو ڪوڙ کان خيرات پيا وٺن. ته پوءِ آخر هن
دنيا جي ضرورت ئي ڪهڙي هئي. ان جي جت سچ ۽ حقيقت
صرف موت آهي.ڇا خوابن کانسواءِ ڪو انسان رهي سگهي
ٿو؟ پر هاڻ ته خوابن تي به پنهنجو قبضو نه رهيو
آهي. ڪاش منهنجا خواب مون کي موٽي ملن جتي آءٌ
هجان، منهنجو ننڍپڻ هجي، امان هجي جيڪا صبح جو
سوير سگريءَ تي ڊبل روٽيءَ جا ٽڪر سيڪي انهن تي
مکڻ لڳائي، کنڊ ٻرڪي مون کي ڏي ۽ پوءِ ڪپڙا
ڍڪارائي، ڳچيءَ ۾ ڪتابن جو ٿيلهو وجهيم ۽ هٿ تي
ٻه آنا رکي چوي‘ الله جي آسري! آءٌ کلندو ڪڏندو،
دوست ساٿين سان مطمئن انداز ۾ اسڪول وڃان ۽ اهو
فڪر نه هجيم ته پٺيان ڇا آهي! امان هئي ته فڪر ئي
ڪو نه هو. تڏهن ته رعنا کي منزل چئي ڇڏيم _ ۽
نتيجو ڇا ٿيو؟ هاڻ به رعنا ياد اٿم پر خبر ناهي
ذهن جي ڪهڙي پوشيده گوشي ۾ ويهي رهي آهي، جو هر هر
جهاتيون پايو دل ۾ ولوڙ وجهيووڃي.
‘ رعنا کي آخر مون منزل ڇو چيو؟‘ هو سوچي رهيو هو،
’وڻندي ته هئي مون کي پر ڪڏهن ڳالهه ٻولهه به ڪونه
ڪيم ڪا ملاقات ڪا نه هئي. ان ڏينهن . . . . ان
ڏينهن هوءَ مون وٽ آئي ڇو هئي؟ بس اچي ويٺي. ڪيڏي
نه سهڻي پئيلڳي. دل چيو پئي ته ڀاڪر پائي هنج ۾
وهاريانس ۽ چپ چپن تي رکي سڄي سونهن هڪ ئي سرڪ ۾
پي وڃان. هن به ته منهنجي جملي تي ناراضگي ظاهر ڪو
نه ڪئي پر مون اهو چيو ڇو؟ ان جو مون وٽ ڪو واضح
جواب به ته ڪونهي. هاڻ هوءَ ايندي ته آءٌ نه
هوندس.سڄا سارا نو مهينا _ خط به نه ٿو لکي
سگهانس. بظاهر ته ڪو واسطو ئي ڪو نه ٿو لڳي. خبر
ناهي هن کي اهو به معلوم آهي ڪي نه ته ڪو آءٌ سندس
گهر ويندو آهيان. جي اها خبر هوندس ته منهنجي
شاديءَ جي به خبرهوندس. هن ڇا سوچيوهوندو؟ ڪجهه به
نه. هن کي ته آءٌ ياد به ڪو نه هوندس. نه مون سان
وري ڪڏهن ملي ۽ نه ئي امان جي فاتحه به ڪيائين.
ٻيا ساٿي ته سڀ آيا هئا.‘ هن ٻين لاءِ سوچڻ نه ٿي
چاهيو. ’ڪيڏيون نه پياريون ادائون اٿس، منهن تي
جواب ڏيڻ، ڪنهن جو رک رکاءُ ڪو نه ڪري، مون پلاند
ته بس مان ڇڏايو باقي خيال هئم ته ڪٿي دل ۾ نه
ڪري. پر ڪري پئي ها؟ آهي! ڪمال ڪڏهن ياسمين به ته
ڪو نه ٻڌايو ته هوءَ نسيم جي ڀيڻ آهي. نسيم ۽ هن ۾
ڪيڏو فرق آهي، هيءَ لاتعلق ۽ هوءَ . . . . ’هر ڪو
ماڻهو موتيءَ داڻو، هر ڪا دل هيري جي کاڻ‘ تنوير
عباسيءَ سچ چيو آهي.سچل ڪاليج واري مشاعري ۾ ڪيڏو
نه سٺو شعر پڙهيو هئائين.
هن کي سچل ڪاليج ۾ ٿيل هڪ مشاعرو ياد اچي ويو،
جنهن ۾ شيخ اياز پنهنجو مشهور بيت.
جاڳ ڀٽائي گهوٽ، سنڌڙيءَ ٿي توکي سڏي،
مرن پيون ماريون، قابو آهن ڪوٽ،
اچ ته تنهنجي اوٽ ڏاڍن کي ڏاري وجهون.
۽ ٻيو گيت
”ڀونءِ نه ايندي ڀانءَ، الا مان اڏري ويندوسانءِ.“
شمشيرالحيدريءَ پنهنجو مشهور قطعو پڙهيو هو.
”دل جي پُرشوق دلاسن تي هليا آياسين،
سونهن وارن جي سلامن تي هليا آياسين.
ڪنهن به شهنشاهه جو فرمان اسان تي نه هليو،
نينهن وارن جي نياپن تي هليا آياسين.“
امداد حسينيءَ اتي مشهور رومانوي نظم پڙهي هئي.
عشق جي راهن مٿي ڪاوا اُڀا،
تون نه هل تنهنجو صبا جهڙو خرم،
تون ته کل جان بهاران تون ته کل،
هر طرف آهي گلن جو قتل عام.
نياز همايونيءَ پنهنجا بيت ڳائي ٻڌايا هئا ۽ گيت
ٻڌايو هئائين.
شال نه ٿيان غدار سندءِ، ڀل ڊاڪو ٿيان يا چور ٿيان
عبدالله خواب جو نظم.
وادي مهراڻ جا شل ميڪندا وسندا رهن.
گدائي صاحب جو نظم.
بهار ايندو قرار ايندو،
ٿرن تي ٿيندا وسڪارا،
سنگهارن تي سڪار ايندو.
’۽ فيض بخشاپوري غالب سنڌ،‘ هن کلي ڏنو ظاهر آهي
ٻيو لطيف ته ممڪن ڪونهي، تنهن ڪري اهو ئي نالو
رکيائين.
’مان هو ديوانو ٿو زنجير گهري جنهن کان پناهه.‘
انهيءَ موقعي تي تنوير عباسيءَ جيڪو نظم پڙهيو
هو.سو هن کي ايترو ته وڻيو هو جو ياد رهجي ويو
هئس_ هن کي هونئن به پنهنجا اديب شاعر وڻندا هئا.
انهن کي ڏسي ته هن لکڻ شروع ڪيو هو، کيس به ته
ڏاڍو مان مليو هئو.
هن وري سوچيو ’چند سالن جي عرصي ۾ ڪيڏي نه تبديلي
اچي وئي آهي. اپريل جي مهيني ۾ جشن روح رهاڻ پيا
ملهائين. آءٌ ته هتي ڪو نه هوندس.جيڪي هوندا انهن
کان پڇبو.‘ هو سوچيندو سوچيندو اسپتال اچي پهتو،
ڪو ماڻهو ڪنهن لاءِ چڱو ته ڪو وري ڪنهن لاءِ. جيڪو
ماڻهو منهنجي لاءِ چڱو آهي، سو ضروري ناهي ته ٻين
لاءِ به چڱو هجي.‘
هن کي اسپتال جي ورانڊي ۾ سليم بيٺل نظر آيو. ڏاڍو
اٻاڻڪو پئي لڳو. کيس ڏسي اڳتي وڌيو.
”ڪيئن!“هن پڇيو. |