سيڪشن؛  ناول

ڪتاب: درد جي خوشبو

صفحو :1

درد جي خوشبو

 

قاضي خادم

پيش لفظ

منهنجي نظر ۾ ادب جي ڪا به صنف ناول جي ڀيٽ ۾ مڪمل چئي نه ٿي سگهجي. افساني ۽ ڊرامي سان ته ڪي پابنديون لاڳو آهن. جن ۾ وقت جي پابندي، خيال جي پابندي ۽ پيشڪش لاءِ هڪ مُدو شامل آهن. پر  ناول سان اهڙي ڪا به پابندي ڪانهي. اهو ئي سبب آهي جو ناول هڪ طرف ادبي چاهه جي اڃ اجهائي ٿو ته ٻئي طرف هڪ مخصوص دور جي معاشري جي پاسباني به ڪري ٿو. عام انساني سڀاءَ متعلق ڄاڻ به ڏئي ٿو ته معاشري ۾ رهندڙ مختلف فردن جي پاڻ ۾ لڳ لاڳاپي، دوستي دشمني، پيار ۽ نفرت، بهادريءَ ۽ بزدليءَ کي به واضح ڪري ٿو.

اهو ئي سبب آهي جو ناول لکڻ افساني توڙي ڊرامي لکڻ کان ڏکيو ڪم آهي. ناول نگار کي صرف ڏات نه پر ڏانوَ جي به ضرورت آهي. هن کي پنهنجي قصي ۾ پيش ايندڙ واقعات جي باري ۾ مڪمل ڄاڻ هئڻ ضروري آهي. ملڪي رسمن رواجن، عادتن ۽ خصلتن جي مڪمل معلومات هجڻ ضروري آهي. معاشري جي جنهن رخ کي واضح ڪرڻو هجي ان جي ننڍن ننڍن تفصيلن جي به ڄاڻ هئڻ گهرجي.

ان ڪري ئي دنيا ۾ هر سال هزارين ناول اهڙا ڇپجن ٿا جيڪي دلچسپيءَ سان پڙهيا به وڃن ٿا پر انهن کي ڪا مستقل حيثيت حاصل نه ٿي ٿئي. ڪي چند ناول اهڙا ڇپجن ٿا جيڪي انساني سڀاءَ جي حقيقي تصوير چٽين ٿا.

سنڌي ٻوليءَ ۾ تمام ٿورا ناول لکجي رهيا آهن. نه هجڻ جيترا. تنهن جا ڪارڻ ڪيترا ئي آهن. پر سڀ کان وڏو ڪارڻ اهو آهي، جو پڙهڻ وارا گهٽ آهن، ڪتابن جي کپت ڪونه ٿي ٿئي. تنهن ڪري ڪتاب ڇپجن گهٽ ٿا. ليکڪن کي ناول لکڻ ۽ ڇپارائڻ ۾ ڪو مالي فائدو به نظر ڪونه ٿو اچي. ظاهر آهي ته جنهن شئي جي ضرورت نه هوندي ته ان جي پئداوار خودبخود گهٽجي ويندي.

پر اهو سڀ ڪجهه ڇو آهي؟ ڇا ان جو سبب اهو نه آهي ته اسان پنهنجن ٻارڙن ۾ پڙهڻ جي عادت ڪونه ٿا وجهون! جڏهن ننڍپڻ ۾ هنن کي پنهنجي پسند ۽ ضرورت جو مواد ڪو نه ملي ٿو، ۽ هنن ۾ پڙهڻ جي عادت ڪونه ٿي پوي ته پوءِ هو وڏا ٿي ڪيئن پڙهي سگهندا؟ اسان کي مسئلا ڳچيءَ وٽان حل ڪرڻ جو شوق آهي. وڏيون وڏيون ڳالهيون، وڏا بحث، ميٽنگون، مذاڪرا- پر اهو نٿا سوچيون ته جيڪڏهن اسين قومي سطح تي صرف ڏهن سالن لاءِ ڪا اهڙي رٿا تيار ڪريون جنهن ۾ پنجن ورهين جي ٻار کان وٺي 15 ورهين جي عمر وارن نوجوانن کي سندن پسند ۽ عمر مطابق ڪهاڻيون، شعر، مضمون ۽ قصا مهيا ڪري ڏيون ته اهي ئي اڳتي هلي اسان جا پڙهندڙ ثابت ٿيندا. هڪ دفعو هنن ۾ پڙهڻ جي عادت ته وجهي ڏسو، پوءِ ڏسو ته ڪتابن جي کپت ڪيئن نه ٿي ٿئي. نه ته ڪهڙو سبب آهي جو اڄ کان ٽيهه چاليهه ورهيه اڳ سوَن جي تعداد ۾ مختلف موضوعن تي سنڌي ڪتاب ڇپجندا هئا ۽ ڪن ڪن ڪتابن جون هڪ مهيني ۾ ٻه ايڊيشنون ڇپجنديون هيون – پوڪر داس شڪارپوريءَ جا ڇپايل قصا ۽ ناول ۽ مرحوم محمد عثمان ڏيپلائيءَ جا ناول ان جو بهترين مثال آهن.

اقتصادي ڪشمڪش جي هن دور ۾ اپيلن سان ڪم نه هلندو. ماڻهن کي سندن مزاج ۽ گهرج مطابق مواد ڏيو. هنن کي مايوس نه ڪريو، هنن کي احساس ڏياريو ته سندن خرچ سجايو آهي. پوءِ ڏسو ته ڪتاب ڪيئن نه ٿا وڪجن. جڏهن وڪبا ته ڇپبا به ضرور ۽ جڏهن ڇپبا ته لکبا به ضرور. ڳالهه صرف اها آهي ته مسئلي کي ڇت کان نه پر پيڙهه کان وٺڻو آهي.

منهنجو هي ٻيو طبعزاد ناول آهي. هن کان اڳ 1977ع ۾ پيار ۽ سپنا ڇپيو هو، ۽ مون کي خوشي آهي جو چئن سالن جي اندر اندر منهنجو هي ٻيو ناول ڇپجي رهيو آهي. حالانڪه منهنجي دل ۾ اڃا به ڪا چهنڊڙي لڳي پئي آهي. آءٌ ڪو شاهڪار تخليق نه ٿو ڪرڻ چاهيان، اهڙو شاهڪار جنهن کي ڪو به نه پڙهي. آءٌ ته صرف پنهنجي معاشري جي عام انسانن جي زندگي، هنن جي هلت چلت، سوچ جو انداز ۽ پنهنجن مسئلن کي پاڻ نبيرڻ واري رخ کي پيش ڪرڻ ٿو چاهيان.

منهنجو خيال اهو آهي ته زندگي وڏن واقعن يا حادثن جو نالو ناهي. پر زندگيءَ جو اصل مزو ننڍن ننڍن مسئلن ۽ مختصر واقعن جي گڏيل تاثر ۾ آهي. پوءِ ڪڏهن اهي خوشيون آڻين ٿيون ته ڪڏهن ڏک ۽ تڪليفون. پر ڪي ڏک ۽ سور اهڙا به ٿيندا آهن، جو ماڻهو چاهيندو آهي ته پنهنجون خوشيون انهن تي گهوري ڇڏي.

هي ناول به اهڙن ئي ڪردارن ۽  واقعن تي ٻڌل آهي، جنهن ۾ هر ڪردار پنهنجي اندر جي پيڙا ڀوڳي ٿو، پر انهيءَ ۾ ڪنهن ٻئي کي ڀاڱي ڀائيوار نٿو بڻائي.

آءٌ هن ناول جي ڇپائيءَ لاءِ دوست فيروز ميمڻ جو شڪر گذار آهيان، جنهن ناول ڇپائڻ جو وڏي خرچ وارو هي ڪم پنهنجي ذمي  کنيو ۽ وقت ۽ واعدي تي پورو لهندو آيو. تنهن کان  سواءِ آءٌ عيسيٰ خان جو به ٿورائتو آهيان جنهن ڇپائيءَ جي ڪم ۾ ڏاڍو تعاون ڪيو.

آءٌ پنهنجي پٽن طارق ۽ شفقت جو به ٿورائتو آهيان، جن گرمين ۽ فاصلي جي پرواهه نه ڪندي صبح شام پروف  آندا ۽ نيا ٿي، هنن جي مدد کان سواءِ هي ناول ايترو جلدي ڪونه ڇپجي سگهي ها.

- قاضي خادم

1981-5-22

حصو پهريون

 

رات ڪافي گذري چُڪي هئي. ٿڌ به وڌي وئي هئي. نسيم اڃا به رائيٽنگ ٽيبل تي ويٺي لکيو. هوءَ ڇا لکي رهي هئي، تنهن جو وٽس ڪو به جواب ڪو نه هئو. پر هوءَ لکي رهي هئي. شايد هن پنهنجي من جي آنڌ مانڌ کي  ڪوري ڪاغذ تي اوتڻ ٿي چاهيو. لکڻ مان هن کي سڪون جو ملندو هو! هوءَ بنا ڪجهه سوچڻ جي پنهنجي من جي پيڙا کي پني تي لاهي ڦٽو ڪندي هئي ۽ ائين لڳندو هئس ڄڻ ته سيني تان ڪا ڇپ لهي وئي هجيس. لکڻ کان پوءِ هوءَ آرام ۽ سک جو ساهه کڻندي هئي. تڏهن ئي ته لکڻ دوران هوءَ اهو به محسوس نه ڪري سگهندي هئي ته جيڪي ڪجهه هوءَ لکي رهي آهي اهو آهي ڇا؟ افسانو آهي يا ناول يا اڃا ڪا ٻي شئي. ها البته جڏهن هن جون لکڻيون ڇپيل روپ ۾ ٻين جي هٿن تائين پهچنديون هيون ته بازارن ۾ باهه لڳي ويندي هئي. ڪيترن ڌڱن جا هانوَ ڏري پوندا هئا. ڪيترن ڪوڙن ۽ ڪانئرن جا شيشي جا گهر ڊهي پوندا هئا. ڪيترين حويلين جون اوچيون ديوارون پل ۾ ڌوڙ ٿي اُڏامي وينديون هيون – پوءِ هن جي خلاف فتوائون نڪرنديون هيون . هن جي ماضيءَ تي ڏند ڪرٽيا ويندا هئا ۽ هن جو حال تنقيدن جو نشانو بڻجي ويندو هئو – تڏهن هن جي من جي  آنڌ مانڌ ڍري ٿيندي هئي، هن جي اندر ۾ شانت جا جذبا اُڀرندا هئا. هوءَ آرام سان پنهنجي بستري تي پنهنجن خوابن جي هنج ۾ ننڊ ڪندي هئي ۽ ائين ڀائيندي هئي ڄڻ ڪو وڏو سفر ڪري آئي هجي. سندس انگ انگ ٿڪل جذبن ۽ وکريل خوابن جي ديس مان ٿي آيو هجي. پوءِ انهن کي سهيڙيندي سموهيندي هوءَ وڏا ساهه ڀريندي هئي ۽ مٽن مائٽن دوستن ساٿين سان کلي ڳالهائيندي هئي. تڏهن ئي ته هن جون سرتيون سهيليون چونديون هيون ته ڪا به تخليق ڪرڻ کان اڳ نسيم جي حالت اهڙي نه هوندي آهي جو هوءَ ڪنهن سان ماڻهپي سان منهن ڏئي ڳالهائي سگهي - ۽ نسيم انهن ڳالهين کي ٻڌي هڪ اڻڄاڻ لذت ۾ گم ٿي ويندي هئي. مخالفت هن ۾ زندگيءَ جو ڀرپور احساس پيدا ڪري ڇڏيندي هئي. مخالفت – باقي تعريف . . . . تعريف ۽ ساراهه مان هن کي ٻوسٽ ٿيندي هئي، ڇو جو هن کي خبر هئي ته تعريف صرف انهن شين جي ٿيندي آهي، جن کان ماڻهو اڳواٽ واقف هوندا آهن. جديد ۽ نئين ڳالهه پهرين ته تنقيد کي دعوت ڏيندي آهي. جيستائين ذهن ان تي هرن – پراڻين ۽ فرسوده روايتن کي ٽوڙڻ جيڏو ڏکيو ڪم آهي، اوترو ئي ڏکيو ڪم، بلڪه ان کان به وڌيڪ ڏکيو ڪم، نيون روايتون قائم ڪرڻ آهي. ڏکيو به ۽ جان جوکم وارو به. تڏهن ته نسيم کي پنهنجي وجود جي اظهار لاءِ ايڏيون تڪليفون سهڻيون ٿي پيون. هن جڏهن پراڻين رسمن جي بيٺل ڍنڍ ۾ پنهنجن نون خيالن جو پٿر اڇلايو ته سڄي ماحول ۾ ان بيٺل ڍنڍ جي پاڻيءَ ۾ ٿيل هلچل جي ڪري ڌپ پکڙجي ويئي. صدين جي سانت جنهن ڌپ کي ڍنڍ جي اندر ۾ لڪائي ڇڏيو هئو، سا هاڻ ٻاهر نڪري آئي هئي. نسيم هن ۾ مسلسل پٿر هڻڻ شروع ڪيا. ڌپ وڌي، پکڙي ۽ گهٽجڻ لڳي پر نسيم جو وجود زهر بڻجي ويو.

هوءَ ڪا به ڳالهه برداشت ڪري نه سگهندي هئي. هن جو رويو تمام تلخ ٿيندو پئي ويو. هن کان ٻيائي ۽ ٻچاپڙائي برداشت ڪونه ٿيندي هئي. هن ۾ سماجي شعور جي اهڙي لهر اچي وئي هئي، جو هن اهو فيصلو ڪري ڇڏيو هئو ته هوءَ چاهي پنهنجي جان ئي  ڇو نه وڃائي ويهي، پر انهن ناانصافين جي خلاف جهاد ڪندي رهندي، جن هن ڌرتيءَ جي ڌيئرن ۽ پٽن کي اڻ ڏٺي عذاب ۾ وجهي ڇڏيو هو. تنهن ڪري هوءَ پنهنجي  من جي پيڙا کي ڪورن ڪاغذن تي اوتيندي رهندي هئي- ۽ اڄ به هن تي اهڙو ئي موڊ ڇانيل هو. هوءَ لکي رهي هئي، تمام تڪڙي، بي اختيار هن جا خيال لفظن جو روپ ڌاري هن جي بال پين مان وهي رهيا هئا ۽ اڇي ڪاغذ جي سيني تي گلڪاريون ڪري رهيا هئا. هن جا چپ ڀڪوڙيل هئا ۽ پيشانيءَ تي پگهر جا ڦڙا ڦٿڪي رهيا  هئس. ساهه جي رفتار تيز ٿي وئي هئس. کليل وار ڪلهن  تان ٿي سيني تائين اچي پهتا هئس. پر هن کي ايتري به سڌ ڪا نه هئي جو کڻي وارن کي ڌوڻو ڏئي پويان ڪري.  ذهن کان قلم تائين خيالن جو پٽڙيل شيهو اڇي پني تي پلٽجي رهيو هئو! ’ڇوڪري آهي يا بلا.‘ هن جي باري ۾ چوٻول هوندو هو. ’عذاب آهي،‘ ڪو چوندو هو، ’بي حيا آهي، پنهنجي خاندان سان گڏ ٻين جا نڪ به ڪپيندي ٿي وتي‘.

البته ماڊرن پبليڪيشن جو مالڪ سليم هن جون لکڻيون ڇاپيندو هو ۽ هر ڀيري پنهنجي هڪڙي پبليڪيشن جي ڊڪليئريشن رد ڪرائيندو هئو. پر جيئن ته نسيم جون لکڻيون هن لاءِ ’هاٽ ڪيڪ‘ جي حيثيت رکنديون هيون تنهن ڪري هو مختلف نالن سان رسالا ڪڍندو رهندو هو. ٻيو ته نسيم لاءِ هن جي دل جي ڪا ڪنڊ نرم به هئي. نسيم هينئر ڇا لکي رهي هئي سا ته هن کي به خبر ڪا نه هئي پر لکڻ ۾ جو هيترو گهڻو وقت ورتو هوائين تنهنڪري اها پڪ هوس ته ڪا اڻ ٿيڻي ٿيڻ واري آهي.

نسيم جو قلم تيز کان تيز تر ٿيندو ويو، سندس ساهه جي رفتار به تيز کان تيز ٿيندي پئي وئي- ائين پئي لڳو ڄڻ ته هوءَ تيز تيز ڊوڙي رهي هجي. قلم جي رفتار تيز ٿيندي وئي پنا ميز تان ڪارا ٿيندا پري پري تائين هيٺ پکڙجندا رهيا. گهڙيال جي ٽڪ ٽڪ جو آواز جيڪو عام طرح هن جي دل جي ڌڙڪڻ سان گڏوگڏ ڌڙڪندو هو سو به هن جي لکڻ جي ڀيٽ ۾ ڪجهه سست ٿي چڪو هو. پر هوءَ کاٻي ٻانهن جي ٺونٺ ميز تي رکيو هٿ سان پنهنجي مٿي کي ٽيڪ ڏيو، ساڄي هٿ سان تيز رفتاريءَ سان اڇي ڪاغذ کي ڪارو ڪري رهي هئي. لکندي لکندي هن جا ڀڪوڙيل چپ کليا ۽ هاڻ هوءَ مٿين ڏندن سان هيٺئين چپ کي چڪ هڻي لکي رهي هئي. سندس اکين ۾ ڪجهه آلاڻ اچي وئي هئي، قلم جي رفتار ڪجهه وڌيڪ تيز ٿي ويئي هئي. تيز، تيز اڃا به تيز، هن جي ساهه جي رفتار به قلم سان گڏ تيز ٿيندي وئي.آخر هن جي قلم کي هڪ جهٽڪو آيو. هن جو هٿ رڪجي ويو.خاموشي ڇانئجي ويئي. هر طرف سانت ٿي وئي. صرف گهڙيال جي ٽڪ . . .  ٽڪ جو آواز هو . . .  هن جي سيني مان هڪ ٿڌو ساهه ائين ڀڙڪو ڏئي نڪتو ڄڻ ڪو ڪبوتر پنهنجي کڏڙيءَ مان ڀڙڪو ڏئي اُڏاڻو هجي ۽ پٺيان پرن جي زور تي ٿڌي هوا ڇڏي هليو ويو هجي. ڪجهه گهڙين لاءِ کيس ائين لڳو ڄڻ سندس سيني اندر دل نه هجي صرف ٿڌي هوا هجي ٻيو ڪجهه به نه.

هن جي ذهن تان بار لهي ويو. دل ۾ ٿڌڪار ٿي وئي. هن قلم آڱرين مان ڪڍي ميز تي ڦٽو ڪيو ۽ آڱوٺي، ڏسڻي ۽ وچين آڱر تي پيل ڳاڙهن نيلن جو خيال ڪرڻ بنا، ۽ بغير پنن ڏانهن ڏٺي، ڪرسيءَ تان اٿي ۽ پهريون ڀيرو اڌ کليل دريءَ مان ايندڙ برفاني هوائن جي سرد ڇهاءَ کي محسوس ڪيائين. هن جي بدن کي ڪنبڻي وٺي ويئي. هن کي زور سان پنهنجي وجود جو احساس ٿيو. هن کي اهو به محسوس ٿيو ته سندس کاٻي ٻانهن سمهي رهي هئي. کيس پنهنجي ٻانهن جسم جو هڪ بي جان حصو محسوس ٿيڻ لڳي. هن دريءَ کي بند ڪونه ڪيو. سندس ذهن ۾ عجيب جرڦل ٻرڻ لڳي ويا. هوءَ بي سڌ ٿي کٽ تي وڃي ڪري. هنڌ وڇائڻ جو به خيال ڪو نه رهيس. ٽنگون ٽنڊڙيون ڪري بنا ڪنهن اوڇڻ جي سمهي رهي.

’ڏاڍي ردي ڇوڪري آهي.‘ رعنا در مان ليئو پائي هن کي ڏٺو ۽ ڪنڊ ۾ رکيل سوڙ کڻي هن جي مٿان وجهي ڇڏيائين.پوءِ هن جي منهن تان وار هٽائي پيشانيءَ تي چمي ڏنائينس ۽ ياسين سڳوري پڙهي مٿانئس ڪڙو چاڙهيندي شوڪارا ڏيندي هلي وئي.

صبح ساڻ اڃا گهر جا ڀاتي گرم گرم سوڙن ۾ گم هئا ته رعنا هميشه جيان اٿي گهر جي ڇنڊ ڦوڪ ۾ لڳي ويئي. پنهنجو هنڌ ويڙهي کٽ جي پيرانديءَ رکيائين ۽ صفائيءَ جو ڪپڙو کڻي درن ۽ درين کي ڇنڊي صاف ڪرڻ لڳي. ’اهي اڱڻ منهنجي لاڏل جا وسندا،‘ هوءَ ڪم به ڪري رهي هئي ۽ آهستي آهستي جهونگاري به رهي هئي. سندس ڌيان ڪنهن ٻئي طرف هئو، اکيون ڪنهن اهڙي شئي ڏانهن ڏسي رهيون هيون، جيڪا اتي موجود نه هئي ۽ چپن تي اهڙي مرڪ هئس، جنهن جو ذائقو هن جي لاءِ بلڪل نئون هئو. وڏي ڪمري جي صفائي ڪري، ورانڊي مان  ٿيندي هوءَ نسيم جي ڪمري ۾ گهڙي. ڪمرو ٿڌو برف ٿيو پيو هئو. دري کليل هئي ۽ نسيم جو هنڌ به وڇايل  ڪونه هئو. هوءَ سوڙ جي هيٺان ٽنڊڙي ٿي هڪ هڙ وانگر ستي پئي هئي. پٽ تي پنا ئي پنا نظر اچي رهيا هئا.

رعنا جي منهن تي مرڪ جا پاڇولا اڃا به تيز ٿي ويا. هن کي  نسيم جي لاپرواهه انداز سان پيار هوندو هئو. هن نسيم کي ڪڏهن به پنهنجي ننڍي ڀيڻ ڪو نه سمجهيو، بلڪه دوست ۽ ساٿي سمجهندي هئس. رشيده جي برعڪس، جنهن کي هن ڪڏهن به وڏي ڀيڻ ڪو نه سمجهيو هئو. جيڪا نه صرف هن جي لاءِ پر سڄي گهر لاءِ هڪ مسلسل عذاب هئي، رشيده جو خيال ايندي ئي رعنا جو موڊ خراب ٿي ويو. هن جهڪي پٽ تان پنا کڻڻ شروع ڪيا. هڪ هڪ ڪري پنن جو هڪ ٿهو ٺاهي ميز تي رکيائين، پر هميشہ جي ابتڙ پڙهڻ جي ڪوشش ڪونه ڪيائين. کيس اڄ ڪاليج ۾ وڃڻ جي تڪڙ هئي.  من  ۾ اڻ تڻ هئس ته ڇا  ٿيندو؟ هوءَ ڪيئن افضل جي سامهون ويندي. ڪالهوڪي ملاقات کان پوءِ تمام بولڊ ۽ بهادر هئڻ جي باوجود هن پنهنجي اندر ۾ همت جا ڪوٽ ڪرندا پئي محسوس ڪيا. افضل ڪيئن نه کيس مرڪي چيو هئو، ’رعنا، ڪڏهن ڪڏهن ماڻهومنزل کي به پويان ڇڏي ويندا آهن. مون کي به پنهنجي منزل جي ڳولا هئي پر اها خبر نه هئم ته منزل منهنجي ايترو ويجهو آهي.‘

رعنا ڪرسيءَ تي ويهي  رهي. افضل نه صرف سندس ڪاليج ۾ ليڪچرار هئو، بلڪه هڪ  تمام مشهور اديب به هئو. هن کي ادب جو آل رائونڊر ڪوٺيو ويندو هئو. سندس شخصيت جو ماٺار ان سمنڊ جا اهڃاڻ ڏيندو هئو، جنهن جي تهه ۾ ڪئين طوفان ڪر موڙي رهيا هجن. هو چپ چپ ۽ گم سم رهندو هئو. ڪنهن ڏانهن به نه ڏسندو هئو. ليڪن سندس ڳالهيون جنهن به ٻڌيون هيون، سو اهو ئي چوندو هئو ته هن جي ڳالهين ۾ جادو آهي. ’جادو آهي.‘ رعنا ڪڏهن به هن ڳالهه تي يقين ڪونه ڪيو نه ڪو وري هن ڪڏهن افضل سان ڪا نويڪلائيءَ ۾ ملاقات  ئي ڪئي هئي، جو هن سان ڪا واقفيت ٿي سگهيس – اهو ته اوچتو ڪالهه جڏهن هوءَ ڪاليج جي اسٽاف بس مان تڪڙي لهي رهي هئي ته ساڙهيءَ جو پلئه بس  جي در ۾ اٽڪي پيو هئس ۽ هن جي حيرت جي انتها نه رهي، جڏهن هن افضل کي ڏاڍي لاتعلقيءَ سان سندس ساڙهيءَ جو پلئه بس جي در مان ڇڏائيندي ڏٺو. ائين پئي لڳو ڄڻ هو اهو به نه ڏسي رهيو هجي ته اها ساڙهي ڪنهن جي آهي. ڄڻ ته واٽ تي ڪو پٿر پيو هجي ۽ هو هٽائي رهيو هجي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org