سيڪشن؛  ناول

ڪتاب: درد جي خوشبو

صفحو :13

پڄاڻي

’جون 5_9 سڄا سارا ڏهه سال _، ڊاڪٽر رعنا سوچيو ۽ آئيني ۾ پنهنجين لوندڙين جي ڪارن وارن کي اڇن ۾ بدليل ڏسندي رهي. ’هي اڃا به وڌندا‘ هن سوچيو، ’پر آءٌ ڪا پوڙهي ٿوروئي آهيان؟ اڃا ته آءٌ پوڙهي ڪو نه ٿي آهيان. مون کي ته نٿو لڳي. ڪا به ڳالهه نه بدلي آهي.‘ هن پنهنجو پاڻ کي تسلي ڏني. پر حقيقت هن کي اندر ۾ سيرون وجهي رهي هئي. هوءَ چاليهه  سال ٽپي چڪي هئي. سڄا سارا چاليهه سال. گذريل ڏينهن ته ماضي بنجي چڪا هئا پر ڪي ڳالهيون اڃا اهڙيون هيون، جيڪي هن جي سيني تي نقش هيون. هوءَ 1965ع ۾ آمريڪا وئي هئي ۽ 1969ع ۾ موٽي آئي هئي. ڀريا چار سال، سو به امريڪا جهڙي تيز رفتار ملڪ ۾ ڊوڙون پائيندي، پنا ورائيندي، ٽائيپ ڪندي گذري ويس. وقت جي اڏرڻ جو خيال به ڪو نه رهيس. بس گهر ڏانهن خط لکڻ جي اون هوندي هئي ۽ هر وقت دعا ڪندي رهندي هئي ته ڪا ابتي سبتي خبر نه مليس‘ خير هجي.‘ هوءَ سوچيندي رهندي هئي_ اقبال جا خط ايندا هئس جنهن جي هر سٽ مان کيس شوق ملاقات جي باهه ٻرندي نظر ايندي هئي. نسيم جا خط ايندا هئا، جيڪي پهرين جذباتي ۽ پوءِ معلوماتي ٿيندا ويا. اهي خط هن لاءِ وطن کان ايندڙ اخبار هوندا هئا. انهن ۾ ماءُ جي خراب ٿيندڙ طبيعت، رشيده جا جهيڙا، نسيم جو رُکو رويو. تنهن کان سواءِ ملڪي خبرون ۽ مسلا، جن کي هوءَ پري رهندي به پنهنجو سمجهندي هئي،  ڇو جو کيس خبرهئي ته آخر ورڻو ايڏانهن هوس. اهڙيون خبرون اخبارن مان به ملنديون هئس، پر وطن مان ايندڙ خطن جو مزو ئي ٻيو هو. رشيد صاحب جا خط هوندا هئا، جن ۾ هن جون آسون ۽ اميدون ته هوءَ جلد ڊاڪٽر ٿي ايندي ته هو کيس ٽريننگ سينٽر ۾ چڱو عهدو وٺارائي ڏيندو، جو هو به ڊاڪٽر ٿي چڪو هو. ’لانگ ٽرم پلاننگ پيو ڪري.‘ رعنا هن جا خط پڙهي سوچيندي هئي. شروع شروع ۾ ته سليم ۽ ياسمين جا خط به آيا هئس. پر هن کي انتظارهو. ڪنهن اهڙي خط جو انتظار جيڪو ڪڏهن به ڪو نه اچڻو هو.

’افضل ڪٿي آهي؟ ڇا پيو ڪري؟‘ اهي سوال سندس ذهن ۾ مانڌاڻ مچايو ويٺا هئا. هن چاهيو ٿي ته خط لکي اهو به معلوم ڪري، پر پاڻ ۾ اهڙي همت ڪا نه ٿي سمجهيائين ائين هوءَ چار سال گذاري وطن واپس پهتي.

ڪراچيءَ پهچي بنا ڪنهن اطلاع جي مهراڻ ايڪسپريس ۾ ويهي جڏهن حيدرآباد جي اسٽيشن تي پهتي هئي ۽ پليٽ فارم تي لهندي ئي سامهون قلعي تي نظر پئي هئس ته اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو هئس. سنڌ جي شاندار ماضيءَ جا اهڃاڻ ڏسي هن جي دل ۾ هڪ عجيب احساس اڀريو هو. ’هي قلعو ڪيڏو نه شاندار هوندو پنهنجي وقت ۾! قلعي جا وارث وقت جي ڌنڌ ۾ گم ٿي ويا آهن. جيستائين اسان جي دل ۾ ان جي عظمت جا نشان آهن، تيسين ان کي  فخر کان ڳاٽ اوچو ڪري بيهڻ جو پورو پورو حق آهي.‘ پوءِ جڏهن هوءَ اسٽيشن کان ٻاهر نڪتي هئي ۽ ٽانگو بيهاري سامان رکائي گهر رواني ٿي هئي ته سڄي واٽ قلعو سندس آڏو هڪ اهڙي باعزت باغيءَ جيان ڳاٽ اوچو ڪري بيٺل نظر آيو، جنهن جو ڪنڌ ڦاسيءَ جو تختو به نه جهڪائي سگهيو هجي. ’ٻيا ملڪ پنهنجا تاريخي اهڃاڻ ڪيئن نه سيني سان سانڍي رکندا آهن! پنهنجي ماضيءَ جي بچاءَ ۾ هو پنهنجو بچاءُ ڏسندا آهن. تڏهن ته سچي دنيا جا ملڪ ’موئن جي دڙي‘ کي بچائڻ لاءِ پيا مٿا مونا هڻن. جي هو ان کي صرف سنڌوءَ جي سڀيتا ڪري سمجهن ته پوءِ ڇو ان لاءِ اربين روپيا خرچ ڪن، ڪانفرنسون ۽ سمپوزيم ڪن!‘ هن دل ۾ دنياجي انهن جديد، مڪينيڪل مٿي ڦريلن جو خيال ڪيو، جيڪي پنهنجي ماضيءَ کي ڄاڻڻ لاءِ پنهنجون زندگيون وقف ڪيو ويٺا آهن. هن کي پنهنجو لاهور جي ٽريننگ وارو دور ياد آيو، جڏهن هن کي اتي جا قديم آثار ڏسڻ جو موقعو مليو هو. ’واقعي هو پنهنجي ماضيءَ جي ورثي جي حفاظت ڪري ڄاڻن. مسلمان بادشاهه ته خير، پر هنن پنجاب جي مهاراجا رنجيت سنگهه جي هر نشانيءَ کي به سيني سان سانڍي رکيو آهي.رنجيت سنگهه جو گهوڙو به محفوظ ڪيو اٿن. هن جون تصويرون، هن جي خاندان جون تصويرون ۽ هر شيءِ.‘ هن وري ميرن جي قبن جي باري ۾ سوچيو جيڪي ڊهڻ وارا اچي ٿيا آهن.

هن کي اهو ڏسي حيرت ٿي هئي ته چار سال اڳ هوءَ جيڪا شئي جت ڏسي وئي هئي سا اتي ئي هئي.ڪو به منظر ڪو نه بدليو هو. ڪو نئون رستو، ڪا نئين عمارت، ڪجهه به نه _ ڄڻ ته وقت هڪ ئي هنڌ بيٺو هو. ڪو به ڪيڏانهن هڪ انچ به ڪو نه سرڪيو هو. ڪا تبديلي، ڪو ڦيرو، ڪجهه به نه. هن محسوس ڪيو ته هوءَ پاڻ به ساڳي آهي.حيدرآبادجي شهر وانگر _ ’خدا ڪري گهر ۾ سڀ ساڳيا هجن.‘ هن دعا گهري هئي ۽ جڏهن گهر جي در تي پهتي هئي ته اختر تي نظر پئي هئس، جيڪو هٿ ۾ ڪنهن شيءِ جو پڙو کنيو پئي آيو. ’ماشا الله، ڪافي وڏو ٿي ويو آهي.‘ هن چئن سالن کان پوءِ ڀاءُ کي ڏسندي دل ۾ چيو هو. اختر هن کي ڏسي پُڙو کڻي ڦٽو ڪيو هو ۽ چنبڙي ويو هئس. پوءِ ته سڄو گهر در کان ٻاهر نڪري آيو هو. ڀاڪر، چميون، خبرون، ڳالهيون. هن سان جواب، هن سان سوال. هوءَ جڏهن گهر ۾ داخل ٿي هئي ته نسيم جي ڪمري ۾ ڪنهن جي موجودگي محسوس ٿي هئس. هن جي دل جي ڌڙڪڻ تيز ٿي وئي هئي.’ڪير . . . .افضل . . . .ڪيئن ملندو. . . . ڪيئن ملانس، جيڪو دل جي ايڏو نزديڪ رهيو هجي، تنهن سان ڪيئن ملجي؟ هن سان وڇوڙو ته ٿيو ئي ڪونهي. بس هلو چئبو،‘ هوءَ سوچڻ لڳي. اندر واقعي ڪو هو.هن نسيم سان اوڏانهن وڃڻ چاهيو پر ماءُ وڏي ڪمري ۾ گهلي ويس. هوءَ ڪمزور ته ٿي وئي هئي، پر ايترو زور هئس جو ڌيءَ کي پاڻ سان وٺي وڃي. رعنا نسيم جي ڪمري جي دروازي ڏانهن ڏٺو.

”نسيم سان ڪو ملڻ آيو آهي.“ ماءُ چيو ۽ کيس پاڻ سان گڏ وهاريائين. هن جي لهجي مان ائين پئي لڳو ڄڻ هوءَ اهو محسوس ڪندي هجي ته نسيم غلط ڪم پئي ڪري. رعنا نسيم ڏانهن نهاريو. نسيم سوال سمجهي وئي.

”منهنجو فئن آهي.“ هن چيو.

”يعني چاهڻ وارو_“ رعنا ٺهه ڦهه چيو. پر ڏٺائين ته اهو جملو ڪنهن کي به ڪو نه وڻيو.

”مئڊم اهو منهنجو ذاتي مسئلو آهي.“ نسيم جي کهري جملي هن کي ڪنبائي ڇڏيو. هن رشيده ڏانهن ڏٺو جيڪا پڻ هن کان منهن لڪائي رهي هئي. پوءِ هن اختر ڏانهن ڏٺو جيڪو صورتحال نازڪ ڏسي ٿڪ جو بهانو ڪري سمهي رهيو هو. ٻئي ڏينهن هن کي ڪافي ڳالهيون معلوم ٿيون هيون.

هن کي خبر پئي هئي ته جانيءَ ياسمين سان شادي ڪري ڇڏي هئي ۽ ڪڏهن ڪڏهن وٽن ايندو هو. سليم روڊ ايڪسيڊنٽ جو بک ٿي ويو هو ۽ اقبال ڪافي ڏينهن کان وٽن ڪو نه آيو هو. اها خبر هئن ته ڪجهه وقت اسپتال ۾ داخل هو. ڇو؟ سا خبر نه هئي. اهو سڀ ڪجهه ٻڌي هن کي ڏک ٿيو هو. ايتريون تبديليون سندس خدشات کان به وڌيڪ هيون. خاص ڪري نسيم جو رويو، جيڪا کيس جان کان به وڌيڪ پياري هئي. کيس اهو به معلوم ٿيو هو ته نسيم کي اجائي غرور، خود پسندي ٽوڪبازيءَ سڀني کان پري ڪري ڇڏيو هو. هن لکڻ به ڇڏي  ڏنو هو _ بس اهي ڳالهيون هيون، ۽ افضل؟

هن کي ان سوال جو جواب به ملي ويو هو. افضل سنگاپور ۾ ئي ڪنهن فرم ۾ نوڪري ڪري ورتي هئي ۽ اتي ئي رهجي پيو هو. خط لکندو هو. نسيم هن جا خط بنا پڙهي ڦٽا ڪندي هئي ۽ رشيده لڪي لڪي اهي خط پڙهندي هئي. رشيده کيس ٻڌايو ته افضل تمام مايوس ٿي چڪوآهي. هن جو هر خط هن جي مايوسيءَ جا ووڌيڪ داستان کنيو ايندو هو.

رعنا کي محسوس ٿيو ته هن جو اهو خيال غلط هو ته ڪو ڪا به ڳالهه ڪا نه بدلي هئي. ڪافي ڳالهيون بدلجي چڪيون هيون. هن رشيد صاحب کي پنهنجي اچڻ جي  تار ڪئي هئي. هن جي دل جي ڪنهن ڪنڊ ۾ اهو به خيال هئو ته اقبال سان ملي. پر ڪٿي؟ هن وٽ وڃي ته ڪا نه ٿي سگهي. نه ڪو هن کي اطلاع ڪرڻ ٿي چاهيائين.پر هڪ اتفاق اهڙو ٿيو جو اقبال کي هن جي اچڻ جي خبر پئجي وئي.هن کي هڪ مذاڪري ۾ شرڪت ڪرڻي پئي، جنهن جون تصويرون اخبارن ۾ ڇپيون ۽ ان جي ٻئي ڏينهن اقبال جو خط پهتو هو. مس رعنا،

توهان خير سان آيا، مون کي اهو معلوم ڪري ڏاڍي خوشي ٿي. پر مان ان حالت ۾ ناهيان جو توهان سان ملي سگهان، خبر ناهي مان ياد به آهيان ڪي نه.

فقط اقبال

’اهڙي ڪهڙي حالت آهيس جو ملي به نٿو سگهي؟ خبر ناهي ڇا ٿو سوچي!‘

هن کي خط پڙهي ڏاڍو افسوس ٿيو. هوءَ سوچيندي رهي. کيس ڪجهه به سمجهه ۾ ڪو نه آيو. هن جي دل جي ڪنهن ڪنڊ ۾ اقبال سان ملڻ جو خيال هو _ هن وري به کيس ڏسڻ ٿي چاهيو، پر ڇا ڪري ٿي سگهي.

ڊاڪٽريٽ ڪرڻ کان پوءِ هن جو ڪم اڃا به وڌي ويو هو. هر ڳالهه ۾ ڪاليج انتظاميه هن جي راءِ وٺندي هئي ۽ هوءَ وري رشيد صاحب جي راءِ ضرور معلوم ڪندي هئي.کيس خبر هئي ته ان شخص مان هوءَ اڃا به گهڻا فائدا وٺي سگهي ٿي، ڇو جو هو اهڙي هنڌ تي ويٺو هو جتان سڀ فيصلا ٿيندا هئا. هن نه ٿي چاهيو ته هوءَ اهي تعلقات ختم ڪري. تنهن ڪري هوءَ خط و ڪتابت رکندي ايندي هئي _ گهر ۾ ته هونئن به مزو ڪو نه ٿي آيس. اڳ هو گهڻو وقت نسيم سان ڳالهين ۾ گذاريندي هئي ۽ هاڻ . . . . نسيم سان ملڻ وارن جو هجوم ايترو ته وڌي ويو هو، جو هنن کي پنهنجي باري م ڳالهائڻ جو موقعو ئي نه ٿي مليو. نسيم وٽ ايندڙ نوان چهرا اڃا به قابل برداشت هئا، ليڪن خود نسيم جيڪو نئون چهرو پنهنجي منهن تي چاڙهي ڇڏيو هو، تنهن کي هوءَ برداشت ڪري نه ٿي سگهي.

”نسيم شادي ڇو نه ٿي ڪري، جي ڪو شخص وڻيس ٿو ته کڻي ان سان ڪري.“ هن هڪ ڏينهن ماءُ کي چيو هو.

”تون پاڻ ڇو نه ٿي ڪرين؟ هاڻ ته وار به اڇا ٿي ويا اٿئي.“ نسيم وراڻيو، جيڪا پنهنجي ڪمري ۽ هن ڪمري جي وچ واري در ۾ بيٺي هئي ۽ رعنا جي نظر مٿس ڪا نه پئي هئي. رعنا بيوسيءَ مان ماءُ ڏانهن ڏٺو هو، جنهن کٽ تي پاسو ورائي منهن ٻئي طرف ڪري ڇڏيو هو.

هن سوال کان رعنا جو خود ساهه ٿي نڪتو. هن نه ٿي چاهيو ته ڪير کانئس اهو سوال ڪري. هن ڪنهن کي ٻڌائڻ نه ٿي چاهيو ته سندس اندر ۾ڇا وهي واپري رهيو هو. کيس خبر هئي ته بغير شاديءَ جي هوءَ هڪ اهڙي ڪتاب وانگر آهي، جيڪو ڪڏهن به پڙهيو نه ويو هجي. هوءَ صحرا ۾ نچندڙ ان مور وانگر آهي، جنهن کي ڪو به نه ڏسندو هجي ۽ هاڻ ته هن کي اڪيلي زندگي سو ميلن جي اڪيلي ڊوڙ وانگر لڳي رهي هئي. کيس جيئڻ لاءِ ڪنهن سهاري جي ضرورت به پئي محسوس ٿي. پر هوءَ ڇا ڪري؟ جيڪا ڳالهه هن جي دل  ۽ دماغ تي قبضو ڪيو ويٺي هئي، تنهن کي ڪيئن ڪڍي؟ ڪيئن ڪري؟ هن وٽ ڪو جواب ڪو نه هو. ائين وقت اڏامندو رهيو.

جڏهن کيس سنگاپور ۾ هڪ تعليمي ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت ملي هئي. تڏهن هوءَ ڏاڍي خوش ٿي. خبر ناهي ڇو هن جي دل  جي رفتار تيز ٿي وئي هئي _ هن هڪدم ’ها‘ جو جواب موڪليو ۽ تيارين ۾ لڳي وئي. 14جون 1975ع تي هوءَ سنگاپور هلي ويئي.

ويٽنام ۾ امريڪا جي شڪست، چين سان ٺاهه ۽ دوستي، فارموسا سان ناتا ختم، چنڊ تي انساني قدمن جا نشان، دل جي تبديليءَجو آپريشن، موت سان مقابلو، هڪ کنڊ کان ٻئي کنڊ تائين مار ڪندڙ ميزائيل، طاقت جي رساڪشي، عربن جي تيل تي تيز نظرون، ون يونٽ جو ٽٽڻ، بنگله ديش، فلسطينين جون وڌندڙ ڪئمپون، بمباري، عوامي راڄ ۽ بادشاهتن جا خاتما، شاهي محلن جا واسي دربدر ٺوڪرون کائي موت جي حوالي، انقلابن جا ڦاٽندڙ جبل، هجوم، هنگاما، انقلابي عدالتون، سفيرن جا قتل، ڦريون، ڌاڙا، قتل وارداتون، حادثا، ٻڌي اگهه ۾ موت، ايجادون، تيل جو بدل، غير قانوني طور لانچن ۾ ويندڙن جا موت، بند ڀڄڻ، پليون ٽٽڻ، رستا تباهه ٿيڻ. سڀ ٺيڪ آهي جا آواز، امن امان بحال،ڪٽوهڙ ۽ ڍلو  سڀ ڌاڙيل مارجي ويا. صورتحال مڪمل ڪنٽرول ۾، نيشنل هاءِ وي، سپر هاءِ وي، سپر حادثا، سڀ ٺيڪ آهي، سڀ ٺيڪ آهي.

رعنا سوچيندي سوچيندي پريشان ٿي وئي. ’ڇا ڪجي؟‘  هن سوچيو. ’هت ته زندگي وري به، ساڳي آهي. ڀلي ڪيترو وقت ٻاهر گذاري اچجي وري به اچڻو ته هت آهي. هت ئي ته دفن ٿيڻو آهي. جيئري به. مئي به، جيئري پنهنجي ذات ۾ دفن ته مئي قبر ۾. ڇا ڪجهه به ڪرڻ لاءِ ڪونهي؟ نسيم کي ڇا  ٿي ويو آهي؟ ڇا سليم جي موت هن تي ڪو اثر وڌو آهي؟ پر سليم سان ته هن ڪو به واعدو ڪيو ڪو نه هو. پوءِ لکڻ ڇو ڇڏي ڏنو اٿس؟ افضل به لکڻ ڇڏي ڏنو هوندو؟‘ هن افسوس وچان سوچيو.افسوس اهو هئس جو سنگاپور وڃي به هوءَ افضل سان نه ملي سگهي هئي.

هوءَ سورنهن ڏينهن اتي رهي هئي ۽ پهرين ڏينهن دل پڪي ڪري، پڪو پهه ڪري وڪٽوريه . . . . تي هڪ عظيم الشان بلڊنگ ۾ هن جي فرم جي آفيس ۾ وئي هئي. لفٽ ۾ چڙهي جڏهن هوءَ چوويهين ماڙ تي پهتي هئي ته آفيس جي بند  دروازي وٽ بيهي هن جي دل ۾ آيو هو ته موٽي وڃي. خبرناهي هو ڪيئن هوندو؟ ڇا ڪندو هوندو؟ ٻي شادي ڪري ڇڏي هوندائين! هوءَ کيس ڇا چوندي؟ سڃاڻندو به ڪي نه؟ پنهنجو جملو ياد به هوندس ڪي نه؟ هاڻ ته ڪافي بدلجي چڪو هوندو.ڏهه سال ٿي ويا آهن. هڪ جملي جو ئي ته رشتو آهي.‘ صرف هڪ جملو، جيڪو انڊلٺ وانگر فضا ۾ پل ٺاهيو بيٺو هو. . . . .

هوءَ آفيس جي شاندار ڪمري ۾ گهڙي هئي ته کيس اتي هڪ خوبصورت ڇوڪري ويٺل نظر آئي هئي، جنهن جا نقش ته بلڪل هندستاني هئا. هن کيس ٻڌايو هو ته افضل ويسٽ انڊيز ويو آهي. بزنس جي سلسلي ۾ ٽوئر تي _ ’ڇا قدرت کي اسان جو ملڻ منظور ناهي؟‘ هن سوچيو هو. حيران ٿي هئي ته آخر ڇو،هو نه ٿا ملي سگهن؟ چاهيندي به. هن کان وڌيڪ ته هوءَ ڪجهه نه ٿي ڪري سگهي. ’ان کان وڌيڪ ڇا ڪري ڇا ڪريان؟‘ هوءَ بيوسيءَ کان روئڻهارڪي ٿي وئي. هن سيڪريٽريءَ جو آواز به ڪو نه ٻڌو، جيڪا کانئس نالو پڇي رهي هئي. ڪم پڇي رهي هئي.

هوءَ واپس هلي  آئي. هڪ اهڙي شخص وانگر جيڪو جوئا جي ميز تي سڀ ڪجهه هارائي چڪو هجي. هوءَ موٽي آئي. هن دل ۾ جيڪي جملا گهڙيا هئا. اهي ور ور ڪري کيس ڏنگي رهيا هئا. هن کي خبر هئي ته اهي جملا هاڻ صرف دل ۾ رهندا ۽ جيئن ڪنهن ڀڳل رڪارڊ تي سئي اٽڪي پوندي آهي ۽ بار بار ساڳيو لفظ پيو وڄندو آهي، تيئن هي جملا هن جي دل ۾ بار بار پيا وڄندا.

هوءَ ڏاڍي مايوس ٿي هئي. هن جي اتان دل کٽي ٿي پئي هئي. شايد هن جي لاشعور ۾ اهو خيال موجود هو ته  هوءَ سنگاپور ۾ افضل سان ملندي، هن سان گڏ گهمندي ۽ هن کي پاڻ سان گڏ واپس وٺي ايندي. بيشڪ هن سان وڏي ٽريجڊي ٿي آهي پر زندگي وڌندي رهي ٿي. هڪ هنڌ بيهي نه ٿي. انسان کي به اڳيان وڌڻو پوي ٿو _ آخر هو ڪيئن ماضيءَ جي ڄار ۾ ڦاٿل رهندو! زندهه رهڻ لاءِ  اڳتي وڌڻو پوي ٿو.

پر افضل وري به نه مليس. هوءَ ايلزبيٿ واڪ تي سمنڊ جي لهرن کي ڏسندي سوچيندي رهي ته ڇا اهي لهرون کانئس وڌيڪ بي قرار آهن؟ هن کي ڪو به جواب ڪو نه مليو هو.هن آفيس مان اهو ڪو نه پڇيو هو ته افضل ڪڏهن ايندو؟ بس اها پڪ ٿي وئي هئس ته هاڻ ڪڏهن ملاقات ڪا نه ٿيندي پر ڇا هو هينئر کيس قبول به ڪري ها؟ ’اهڙي سهڻي ته سيڪريٽري اٿس!‘ هن پنهنجي موٽ کائيندڙ عمر تي حسرت سان سوچيو. ’سڀ ڪجهه بدلجي ويو آهي. هو به بدلجي ويو هوندو!‘

ائين مايوسيءَ ۾ ئي وقت گذاري، هڪ مشن وانگر ميٽنگن ۾ شرڪت ڪندي رهي ۽ هڪ ڏينهن چپ چاپ واپس وطن وري آئي جت وقت خبر ناهي ڪنهن جي انتظار ۾ هڪ هنڌ ڄمي ويو هو.

سنگاپور مان آئي هن کي مهينو کن ٿي ويو هو. هن  ايندي شرط لکڻ پڙهڻ جو ڪم شروع ڪري ڇڏيو هو. هن چاهيو ٿي ته هوءَ، 1965ع کان 1975ع دوران ملڪ ۾ جيڪي وهيو واپريو آهي،تنهن جي اقتصادي اثرات تي ڪتاب لکي ته جيئن اهو اڳتي هلي ملڪ جي اقتصادي رٿابنديءَ لاءِ ڪم  اچي. گهر سان هن جي دلچسپي رڳو ماءُ جي حد تائين هئي، جيڪا سنڌي عام گهريلو عورتن وانگر پنهنجيون بيماريون اندر ۾ سانڍي هاڻ ته پاڻ هڪ مڪمل  بيماري بنجي چڪي هئي، هاڻ ته چرڻ جهڙي به ڪا نه هئي. اها رعنائي هئي جيڪا هن جو هر طرح خيال رکندي هئي. رشيده جي طبيعت جو آتش فشان ايترا ڀيرا ته ڦاٽو هو جو هاڻ اتي به برف چمڻ لڳي هئي ۽ نسيم، جڏهن کان اختر ڊاڪٽر ٿي فوج ۾ ويو هو، بلڪل خود مختيار ٿي وئي هئي. ڪنهن کي جهل ڪو نه ٿي ڏنائين. رعنا کي اهي ڏينهن ياد ايندا هئا ته،دل ڀرجي ايندي هئس، جڏهن نسيم هن جي پيارجو جواب  پيار سان ڏيندي هئي، سڄيون سڄيون راتيون لکندي رهندي هئي ۽ هوءَ سندس ڪپڙا ڪٻٽن ۾ درست ڪري رکندي هئي. هنڌ وڇائي ڏيندي هئس، وارن ۾ڦڻي ڏيندي هئس، گڏ ريشمي گليءَجا چڪر هڻنديون هيون _ هاڻ اها ئي رعنا جيڪا ڪنهن سان ڳالهائڻ پنهنجي گهٽتائي سمجهندي هئي، هٺيلي سخت مزاج، خاموش، پنهنجوپاڻ تي سختي سهڻ واري هوندي هئي، سا هر ڳالهه تي هنجون هارڻ لاءِ تيار هئي. ٻئي طرف نسيم کي ٻين کي تڪليف ڏيڻ ۽ ٻين جي جذبات کي ٺيس پهچائڻ ۾ مزو ايندو هو. هوءَ به ڪنهن جو به ته خيال  ڪو نه ڪندي هئي. شايد هن کي احساس ٿي ويو هو ته سندس سونهن جي آڏو هر ڪو جهڪي ٿو. تنهن ڪري هن پراين سان گڏ پنهنجن سان به ساڳيو رويو رکيو هو.

رعنا  هن سان گهٽ ڳالهائيندي هئي. کيس هر وقت اهو ڊپ هوندو هو ته ڪو ابتو سبتو جواب نه ڏئي وجهي. شايد وڌندڙ عمر هن جي اندر۾ ڪو نئون احساس پيدا ڪري وڌو هو. اهڙواحساس جيڪو انسان کي بجاءِ مستقبل جي ماضيءَ ۾ جهاتيون وجهڻ تي مجبور ڪندو آهي. هوءَ نه چاهيندي هئي ته سندس اها پياري ننڍي ڀيڻ سندس منهن مقابل ٿئي، جنهن کي ياد ڪندي هن امريڪا ۾ ڪئين راتيون ڇرڪ ڀري، جاڳندي ڪاٽيون هيون.هن کي بس اهو خيال هو ته هوءَ ڪنهن جي به منزل ڪانهي. ڪنهن جي به نه. هاڻ ته اقبال به ڪو نه هو. خبر ناهي ته ڪٿي گم ٿي چڪو هو؛ ڪو خط به ڪو نه ٿي لکيائين. ڪو احوال به ڪو نه ڏنو هئائين نه خبر ڏنائين. اهي سڀ ڳالهيون سوچي هن امريڪا جي هڪ يونيورسٽيءَ ۾ ٽيچنگ لاءِ درخواست ڪئي هئي. هن کي ان جو اميد ڀريو جواب مليو هو ۽ هن سوچيو هو ته چند سالن لاءِ هوءَ ٻاهر هلي ويندي.

آچر جو ڏينهن هو. سخت گرمي هئي. سج صبح ساڻ کائڻ ٿي آيو. نسيم پنهنجي ڪمري ۾ ڪا مئگزين پڙهي رهي هئي، جنهن ۾ سندس انٽرويو ڇپيو هو. رشيده، اختر جو خط پڙهي رهي هئي، جيڪو هن ڪنهن سرحدي چوڪيءَ تان لکيو هو. ماءُ  کاڏيءَ کي هٿ ڏيو نهنجي کٽ تي ڪنهن سوچ ۾ گم هئي ۽ ڊاڪٽر رعنا ڪپڙو ڪاٺيءَ ۾ ٻڌي ورانڊي جي ڇت تان ڄارو لاهي رهي هئي.

’هيڏيون ساريون ٿي ويون،‘ ماءُ جون نظرون رشيده جي چانديءَ جيان چلڪندڙ وارن تان ٿينديون، رعنا جي مٿي تي وڃي پهتيون. جتي سينڌ ۾ پيشاني وٽ وارن تي هڪ وڏو اڇو گول بنجي چڪو هو.ائين لڳي رهيو هو، ڄڻ جواني هن جي پيشانيءَ تي پير رکي سينڌ ڏانهن ٽپي وئي هجي ۽ ويندي ويندي پنهنجي قدمن جا نشان اڇي دائري جي صورت ۾ ڇڏي وئي هجي. ’هاڻ ڪير ڪندو؟‘ هن ڏک وچان سوچيو، ’ڏوهه منهنجو آهي، پر پاڻ به ته ڪو نه چيائون.‘ هن جي نظرن ۾ ڪو درد هو، جيڪو خط پڙهندي، وچان وچان مٿي نگاهون کڻندي رشيده کي به نظر پئي آيو.

’مون ته چيو هو. منهنجو ته آيو هو . . . . مون ته چاهيو پئي.‘ رشيده نگاهن ئي نگاهن ۾ احتجاج ڪري رهي هئي. ماءُ هن جي نگاهن کي برداشت نه ڪري سگهي ۽ کڻي اکيون پوريائين.

’پر هن ڪهڙو ڏوهه ڪيو؟‘ رشيده رعنا لاءِ سوچيو، جيڪا ورانڊي ۾ اسٽول تي چڙهي ڇت تان ڄارو صاف ڪري رهي هئي. هوءَ ته هاڻ لاڏل جي اڱڻ وسڻ جو به نه ڳائيندي هئي. ’بس، اها به بس ٿي وئي.‘ رشيده کي پنهنجي دل ۾ رعنا لاءِ پيار جا جذبا اٿلندا محسوس ٿيا.

”منهنجو ڪو خط ته ڪو نه آيو؟“ نسيم پنهنجي ڪمري مان زور سان پڇيو. رعنا کي ائين لڳو ڄڻ اها خاموشي ٽوڙي نسيم ڪو غلط ڪم ڪيو هجي. هن نه ٿي چاهيو ته هن وقت ڪو به ڳالهائي. بس ماٺ هجي، هوءَ سوچيندي رهي، ’خط ڪنهن جو ايندو؟‘ هن ڄڻ پنهنجو پاڻ کي چيو. اختر لکي پيو مجبور آهي، ڀاءُ آهي، گهر جو ڀاتي آهي. باقي ٻيو ڪير لکندو؟ فضل . . . . افضل _ ’هن جي ذهن تي افضل جي شبيهه اڀرڻ لڳي.‘

”رعنا، هاڻ جلدي ڪر، وهنجي تيار ٿي. ميلاد آهي.ڪو نه هلندينءَ ڇا؟، رشيده پڇيو.

”ميلاد به ڪو وڃڻ جو آهي؟“ نسيم اندران چيو.رشيده کي خار وٺي ويا. اصل پاڻ تي قابو نه رهيس. ”اڙي هاڻ تون ته ماٺ ڪر، سڄو ڏينهن پئي اجايو بڪ بڪ ڪرين. اسان سان ڳالهائڻ لاءِ بس اهي جملا اٿئي. وڃي ماٺ ڪري پنهنجن. . . . سان ويهه. انٽرويو ڏي، فوٽو ڪڍاءِ، ڏاڍي سهڻي آهين، زماني کي ٻڌاءِ، اسان جو ڇا!“

رعنا ڪجهه به ڪونه ڪڇي. البته نسيم ماٺ ٿي ويئي. هن لاپرواهيءَ کي اختيار ڪري رشيده جي ڊپ کي دل مان ڪڍڻ جي جيڪا ڪوشش ڪئي هئي، اها رشيده هڪ پل ۾ ڊاهي وڌي ۽ هن کي ماٺ ڏسي اڃا به ڪاوڙ تيز ٿيڻ لڳس. هن اڄ پنهنجي سڄي باهه ڪڍڻ ٿي چاهي، جيڪا گذريل عرصي کان دل ۾ سانڍيندي آئي هئي. هن پنهنجي هر محروميءَ جو بدلو ٿي وٺڻ چاهيو. جڏهن کيس ڪجهه حاصل نه ٿيو هو، جبل جيڏي زندگي اڪيلي گذاري ڇڏي هئائين، تڏهن نسيم کي ائين دوستن ۽ ساٿين جي ميڙ ۾ ڪيئن ٿي ڏسي سگهي. هن جي گهر سان لاتعلقي ۽ ڌارين سان ڪچهري ڪيئن ٿي سهي سگهي. بس چپ هئي پر هاڻ اها چپ ٽٽي پئي هئي، ”تون وڃي رل، گهراءِ ٻه ٽي ڪچهري ڪرڻ وارا. باقي اسان جي وچ ۾ ڇو ٿي پوين؟‘ هن رعنا کي به پنهنجي صف ۾ شامل ڪيو.نسيم جي ڀيٽ ۾ هوءَ رعنا کي پنهنجي وڌيڪ ويجهو محسوس ڪرڻ لڳي هئي. هڪ ئي غم وارا ٻه انسان.

”در تي ڪو ڏسي، ٺڪاءُ پيو ٿئي؟“ ماءُ اندران چيو. جهيڙي ۾ هنن در تي ٿيندڙ ٺڪاءُ به ڪو نه ٻڌو هو. رشيده اٿي در ڏانهن وڌي ته نسيم ڊوڙي وڃي پهتي. ”منهنجو خط هوندو.“هن کي خبر ناهي ته ڪهڙي خط جو انتظار هو.

’خبر ناهي ڪنهن جي خط جو انتظار اٿس؟ مون کي  به ته آهي.‘

رعنا ڇت ڇنڊيندي سوچيو. مٽي ۽ ڄارو سندس مٿي تي ڪري رهيا هئا ۽ سڄو منهن دز جي ويو هئس. ‘اهو جيڪو روز اچي ٿو، چڱو ڇوڪرو آهي. خبر ناهي هيءَ ڇا ٿي چاهي.‘ هن وري سوچيو. ’هن کي به ته ڪجهه چوڻ گهرجي؟ نه ته وقت اورانگهي ويندس ۽ پوءِ پڇتائي به نه سگهندي.‘ رعنا سوچيو. ’نسيم جي من ۾ ڇا آهي؟ اهو نسيم ڄاڻي ٿي.‘

”ڪنهن جو خط آهي؟“ هن جي ڪنن ۾ نسيم جو آواز آيو.

’اقبال جو يا جانيءَ جو، يا ڪنهن ٻئي جو؟‘ هن اسٽول تي اوڪرو ويهي جهڪي ٻاهر ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي.

”سنگاپور جو خط آهي.“ رشيده جي دل مان آواز نڪتو. ان ۾ خوشي به هئي ته درد به _ ”رعنا، تنهنجي نالي . . . . “

”منهنجي نالي؟“ رعنا اسٽول تان لٿي ته سهي، پر ٽنگون ايتريون ته ڏڪي رهيون هئس، جو لڳس ٿي ته ڄاڻ ڪري. ’مون کي خط لکيو آهي ڪنهن!‘ هن سوچيو ”پر اتي سواءِ افضل جي ٻيو ته ڪير ڪونهي، جيڪو مون کي سڃاڻي ۽ افضل وري خط ڪيئن لکندو؟‘ هنجو دماغ تيزيءَ سان ڪم ڪرڻ لڳو.

هن نسيم ڏانهن ڏٺو جيڪا حيرت سان ڀريل نگاهن سان ڏانهس ڏسندي ڪمري ۾ هلي وئي. وري رشيده جي ڪنبندڙ هٿن ۾ ڌٻندڙ خط  کي ڏٺائين، هن هٿ وڌائي خط ڏيڻ جي ڪيس.پر رعنا هٿ وڌائي وٺڻ جو ڪو نه ڪيو.

”لکڻي افضل جي آهي.“ رشيده حيرت وچان چيو. هن کي شايد اها حيرت هئي ته افضل رعنا کي ڇو خط لکيو هو. هن کي ته ٻنهي جي وچ ۾ ڪنهن واسطي جي ڪا به خبر ڪا نه هئي. ‘شايد سنگاپور ۾ مليا هجن.‘ هن سوچيو ”پر، رعنا ته اهڙي ڪا به ڳالهه ڪا نه ڪئي.‘ هن خط رعنا جي هٿ ۾ ڏنو جيڪا بت بڻي بيٺي هئي.

رعنا خط وٺي هٿ ڇنڊيندي ڪمري ۾ گهڙي. هن کي سمجهه ۾ نه پي آيوته خط ڪٿي ويهي پڙهي.هن کي ائين ٿي لڳو ڄڻ خط کيس بي پرده ڪري وجهندو. ڇا لکيل هوندو؟ اهو سوال کيس پريشان ڪري رهيو هو.

’خبر ناهي هن ڇا سوچيو هوندو!‘ هن جي اندر ۾ هورا کورا ٿيڻ لڳي. ’اها خبر پڪ پئي هوندس ته آءٌ وٽس آئي هئس،هن خط ڊريسنگ ٽيبل تي رکيو ۽ ٽوال کڻي مٿي تان ڄارو هٽائڻ لڳي.

”ڇا لکيواٿس امان!“ ماءُ هن کان پڇيو.

هن جي دل ۾ آيو ته چويس ته اهو منهجوذاتي مسئلو آهي،پر ڪجهه سوچي چپ ٿي ويئي. هن ڏٺو ته نسيم تيار ٿي، ڪيڏانهن وڃي رهي هئي ۽ رشيده هن ڏانهن بيوسيءَ وچان ڏسي رهي هئي. ’اها وڃي ته ان جي ڪمري ۾ وڃي خط پڙهان.‘ رعنا سوچيو. ۽ اٿي هن جي ڪمري ڏانهن وئي پر اُت تالو ڏسي ڏاڍي مايوس ٿي.هوءَ ورانڊي ۾ ئي ويهي رهي.’ڇا لکيو هوندائين؟ ڪيئن پڙهان.‘ هن بي وسيءَ وچان خط ۾ نهاريو جيڪو ڄڻ کيس تنگ ڪري رهيو هو.

هوءَ وري اٿي ڪمري ۾ آئي ۽ پنهنجو فائيل کولي لکپڙهه ڪڍي ويٺي. هن چاهيو ٿي ته ڪنهن به نموني سان ڌيان هٽائي. پر وري  به هن خط ڏانهن ئي ٿي ڌيان ويس. کيس اها به خبر هئي ته خود رشيده ۽ ماڻس به انهيءَ انتظار ۾ هيون ته هوءَ خط پڙهي. ان کان اڳ ته هن کي ڪو اهڙو خط ڪو نه آيو هو، جيڪو هن پڙهي سڄي گهر کي نه ٻڌايو هجي. پوءِ هن خط ۾ اهڙي ڪهڙي ڳالهه هئي، جيڪا هوءَ پنهنجو پاڻ کان به لڪائي رهي هئي _ هن خط نه کوليو، پئڊ کڻي ڪجهه لکڻ ويهي رهي.

”ايترو جلدي؟“ ماءُ حيران ٿي چيو.

”پر تو ته اهڙي ڳالهه ئي ڪا نه ڪئي؟ “ نسيم به حيرت ظاهر ڪئي.

”بس امان، اسان جي نصيب ۾ آهن جدايون. . . . خبر ناهي ڪيستائين پئي اهو ڏسنديس.“ ماءُ اکين مان ڳوڙها اگهندي چيو. هاڻ هن جي دل به ڪافي پڪي ٿي وئي هئي. هاڻ ته هُن کي اها به پڪ ٿي وئي هئي  ته هن گهر ۾ سندس ڪا به حيثيت ڪا نه هئي. هوءَ پنهنجي مڙس سميت گهر ۾ بس زندگي گذاري رهي هئي. رشيده چپ ٿي چُڪي هئي. نسيم بدلجي چڪي هئي ۽ رعنا ڄڻ ته ڀري چُڪي هئي. هوءَ هر هر فرار حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي. پنهنجي ماحول مان نڪرڻ جو پڪو پهه ڪري ڇڏيو هئائين. ڇو؟ ظاهر آهي ته هوءَ مطمئن ڪو نه هئي. ڪنهن اڻ ڄاڻايل منزل ڏانهن ڊُڪون پائي رهي هئي _ تڏهن ته هن ايترو جلد وڃڻ جو فيصلو ڪري ورتو هو. وڃڻ جو پروگرام ته هئس، پر ايترو جلد ته ڪو نه هو.

رشيده چاهيوٿي ته هوءَ رعنا کي روڪي. کيس چوي ته هاڻ جيڪڏهن وئي ته وري اهو گهر ڪو نه ملندس. هتي ڪو به ڪو نه رهندو، جيڪي رهندا سي به بت بڻجي ويندا؟ زندگيءَ سان ڳانڍاپي جو هتي ڪو وسيلو ڪو نه هو، هن گهر ۾ ڪو  گل ڦٽڻو ڪو نه هو. سڀ ٿُڙ بڻجي ويا هئا. اختر ته پنهنجو گهر ٺاهيندو! هنن جو ڪير هو؟ ’رعنا، تون نه شادي ڪرين ها!‘ هن سوچيو.پر ڪجهه به چئي نه سگهي. لفظ هن جي چپن تي اچي رڪجي ٿي ويا. بي آواز بنجي ٿي ويا. بس اکيون هيون جيڪي ڳوڙهن جي زبان سان ڳالهائي رهيون هيون.

”امان، ٽن سالن جو ڪانٽريڪٽ آهي، سوچيان ٿي ڪجهه پئسا به بچائي اچان.“ رعناڄڻ ته ماءُ کي خوش ڪرڻ چاهيو.

’ڪنهن جي لاءِ ٿي بچت ڪرين!‘ رشيده دل ۾ سوچيو. ‘ٽي سال . . . .ٽي سال . . . ٽي سال. . . . ‘ ماءُ جي دل ۾ آواز اچڻ لڳا. رعنا اٿي وري ڪمري ۾وئي ۽ ڊريسنگ ٽيبل جي سامهون بيهي وارن کي برش ڪرڻ لڳي. پيشانيءَ وٽ اڇن وارن جي هڪ چڳ هر هر هن جي منهن تي ڪري رهي هئي. هن برش هڻي ان کي ٺيڪ ڪرڻ ٿي چاهيو پر هوءَ بغاوت ڪيو بيٺي هئي. هن کي اهڙي ڪاوڙ آئي جو دل چاهيس ٿي ته ڪئنچي کڻي ڪپي ڇڏيس. ’” پر ٻيا به ته اڇا وار آهن؟‘ هن ڏکويل نگاهن سان پنهنجيءَ ڳچيءَ تي وڌي آيل گوشت کي ڏٺو ۽ وري پرس مان خط ڪڍي، اهو جملو پڙهيائين، جنهن کيس هڪ دفعو وري بزدل بنائي ڇڏيو هو.

”رعنا، تو کي ياد هوندو ته مون تو کي پنهنجي منزل ڪوٺيو هو. مون ڪوڙ ڪو نه ڳالهايو هو. ڇا ٿيو ۽ ڇو ٿيو؟ تنهن لاءِ صرف آءٌ ڏوهاري نه آهيان، نڪو  شرمندوآهيان، ڏکويل البت آهيان. تنهنجي اچڻ جي خبر پيم. جيڪڏهن مون کي اهو احساس ئي هجي ها ته تون اڃا مون کي ياد ڪرين پئي ته گهڻا ڏينهن اڳ تو وٽ اچي وڃان ها. پر . . . . آءٌ اچان پيو _ منهنجو انتظار ڪندينءَ نه. . . . “

انهيءَ کان وڌيڪ هن پڙهڻ نه ٿي چاهيو. هن ۾ ايڏي همت ئي ڪو نه هئي جو افضل سان منهن مقابل ٿي سگهي. ’هن مون کي جهڙو ڏٺو هو، هاڻ آءٌ تهڙي ڪو نه آهيان. هو به  بدلجي ويو هوندو. پر . . . .پر آءٌ عورت آهيان.‘ هن وري اڇن وارن ۽ اکين جي ڪنڊن تي پيدا ٿيل گهنجن کي ڏٺو هن کي اکين جون ڪنڊون آليون ٿينديون محسوس ٿيون.

”رعنا“ هن کي نسيم جو اواز ڄڻ ته ڪنهن کوهه مان ايندي محسوس ٿيو.

هن ڇرڪي نهاريو. نسيم خبر ناهي ڪيڏي مهل سندس ڀر ۾ اچي بيٺي هئي.

”تڏهن ٿي وڃين!“ نسيم هن جي دل جو چور پڪڙي ورتو. ”ڊڄڻي،“ هوءَ زور سان ڀاڪر پائي چنبڙي ويس ”ايڏي ڊڄڻي . . . سا به رعنا.“ نسيم چئي رهي هئي_ نسيم جي ڀاڪر پائڻ سان رعنا کي ڄڻ ته وڃايل دولت هٿ اچي وئي هئي. هوءَ هر هر نسيم جو منهن چمي رهي هئي.

”ڪيڏانهن ڀڄندينءَ. . . اتي پهچڻ ڪو ڏکيو ڪم ڪونهي. ڏکيو هجي ته به ڪرڻ وارا ڪري ڏيکاريندا.“ هن خط هٿ مان ڦري ورتس. رعنا خط وٺڻ جي ڪوشش ڪو نه ڪئي.ٻئي هٿ منهن تي ڏئي ڇڏيائين. نسيم هن جا ٻئي هٿ منهن تان زوريءَ هٽائيندي چيو، ”منزلون ماڻڻ سڌڙين جو ڪم ناهي، ۽ سڪ وارا فاصلا ڪو نه ماپيندا آهن. تون ڪيستائين پنهنجو پاڻ کان لڪندينءَ،ڀڄندينءَ. . .. تون ڀلي وڃ، ڊڄڻي.“  جملو پورو ڪري نسيم ائين ٿڌو ساهه ڀريو، جيئن پنهنجي ڪنهن لکڻيءَ کي پورو ڪرڻ کان پوءِ ڀريندي هئي. _ هوءَ ٻاهر هلي وئي.

رعناهڪ هٿ سان ڳوڙها اگهندي ميز تي پيل بئگ ۾ ڪپڙا رکڻ لڳي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org