سيڪشن؛  ناول

ڪتاب: درد جي خوشبو

صفحو :6

”ڏک ڏئي ته وئي.“ خان محمد اچي روئڻ ۾ ڇٽو هو. افضل وري پاسو ورايو. ٽيجهي کان پوءِ ٻه ڏينهن هو ڳوٺ ۾ هو. صبح شام ماءُ جي قبر تي وڃي گل چاڙهيندو هو. ٻه گهڙيون ات ويهندو هو ته آرام ايندو هوس. گهر ۾ به گهڻو ڪري سندس سامهون مرحومه جون ڳالهيون پيون ٿينديون هيون ۽ کيس ڪئين  اهڙيون ڳالهيون معلوم ٿيون، جيڪي هونئن کانئس پوشيده هيون. هن حميده جي لاءِ ڪافي ٺاهيو جوڙيوهو. چوندي هئي ته جڏهن حميده سندس گهر ۾ ايندي ته اتي نئين روشني ٿي ويندي. هن کي افضل جو ڇڙو رهڻ سخت ناپسند هو ۽ هوءَ کيس هر وقت پاڻ وٽ ڏسڻ چاهيندي هئي. لڪي لڪي روئندي هئي.

حميده جو جملو، ’وٺي هلو.‘ هر وقت هن جي ذهن ۾ گونجندو رهندو هو. هن جي مرضي ٿيندي هئي ته وري هن کان اهو جملو چوارائي پر ڪيئن؟ هو ڄاڻي ٻجهي انهن پاسن کان لنگهندو هو جتي حميده جي هجڻ جو شڪ به هوندو هوس. هاڻ هو  هر وقت حميده کي ڏسڻ چاهيندو هو.

اهو ئي حال حميده جو به هو. هوءَ پاڇي وانگر ساڻس گڏ رهندي هئي. پيڇو ڪندي رهندي هوس.

ان ڏينهن، جڏهن هو واپس شهر اچي رهيو هو، حميده سندس اڳيان اچي بيهي رهي هئي، چڻ چوندي هجي ته اصل وڃڻ ڪو نه ڏينديس.

”پوءِ هلبو؟“ هن ڏکويل مرڪ سان چيو.حميده ڪجهه به ڪونه ڪڇيو.وڏين وڏين اکين سان هن ڏانهن ڏسندي رهي – اکين ۾ افضل کي پنهنجو عڪس بلڪل چٽيءَ طرح ئي نظر آيو. هن کي ائين لڳو ڄڻ سندس ڪنهن ناول جو ڪو ڪردار جيئرو ٿي آيو هجي. هن هٿ وڌايو ته جيئن حميده کي ڇهي – ڄڻ ته پنهنجي وجود جو احساس ٿي ڪرڻ چاهيائين.

حميده هن جو هٿ جهلي پنهنجي اکين تي رکيو ۽ پوءِ وٺي ڀڳي. هن جو هٿ ڳوڙهن سان پسي ويو هو. هو سامان کڻي ٻاهر نڪتو. پڦي، مامي،ماسي ۽ چاچي سڀني کانئس موڪلايو. پر هاڻ اهي نگاهون ڪو نه هيون، جيڪي هن کي هر قدم سان دعائون ڏينديون هلنديون هيون. هن کي انهن نگاهن جي ڏاڍي کوٽ محسوس ٿي رهي هئي. هن جهڪي پيءُ کان موڪلايو.

”ابا، پهچ جو اطلاع ڏج،“ پڻس چيو ۽ چپن ئي چپن ۾ آيتون پڙهندو رهيو. هو وڌي ٽانگي ۾ چڙهيو.

”الله جي حوالي.“ چاچا عدلوءَ چيو. ٽانگو هلڻ لڳو ۽ هو سڀني کي پاڻ کان پري ٿيندي ڏسندو رهيو.

افضل جي گهر ڪافي اديب۽ استاد دوست اچي گڏ ٿيا هئا. انهن مان ڪيترا اهڙا هئا، جيڪي هن وٽ ڳوٺ به آيا هئا ۽ ڪيترا اهڙا  هئا، جيڪي ڳوٺ نه وڃي سگهيا هئا ۽ هينئر پنهنجين مجبورين جو اظهار ڪري رهيا هئا. افضل هنن جي ڳالهين کي ٻڌي رهيو هو. ’دنيا جون رسمون ڪيڏيون نه عجيب آهن! جيڪڏهن  هڪ ٻئي سان همدردي ڪرڻ جو طريقو نه هجي ته ماڻهو ايڏا ڏک خبر ناهي ته ڪيئن برداشت ڪري سگهن.‘ هن سوچيو. ’واقعي ڏک ونڊڻ سان انهن جي تڪليف جو زور گهٽجيو وڃي.‘

”ڪاليج ويو هئين؟“ سليم پڇيس.

”ها صبح  جو ڪاليج، شام جو اخبار نار جو رينگٽ وري چالو.“ افضل اڀي گوڏي تي ڳل رکندي چيو. وري خاموش ٿي ويو. دوست هڪ ٻئي ۾ڳالهيون ڪرڻ لڳا. سليم سري هن جي ويجهوآيو.

”اڄ نسيم جي گهر هلبو؟“ هن پڇيو.

”هل، اڄ منهنجو آف آهي.“ افضل اهڙين نظرن سان هن ڏانهن ڏسندي چيو، ڄڻ چئي رهيو هجيس ته معاملو پنهنجو ڦاٿل اٿئي، هروڀرو ٿو مون کي وچ ۾ آڻين.

”هتان اٿي هلنداسين. سليم چيو.

”يار، تنهنجو فادر اڪيلو ڳوٺ ۾ رهي ڇا ڪندو؟ هت ڇو نه وٺي آئينس.“ هڪ دوست پڇيو.

”هت اڪيلو رهي ڇا ڪري ها؟ ڳوٺ ۾ ته هن جو سڀ ڪجهه آهي. سڀ ڪجهه.“ افضل وري اُداس ٿي ويو. هن پيءُ تي گهڻو ئي زور ڀريو هو ته هاڻ وٽس هلي رهي، پر هن نابري واري هئي. چيو هئائين ته هو اها جڳهه ڪو نه ڇڏيندو جتي جي ڪنڊ ڪنڊ ۾ هن جي زندگيءَ جي ساٿيءَ جو واس سمايل آهي. هن جون يادون انهن ئي وڏن ويڪرن اڱڻن، ساون سرء ۽ نم جي وڻن، ۽ ڪچين اوڏڪين ڀتين جي ويڪرين پيڙهين ۾ دفن هيون. هت هن جي ماءُ، پيءُ ۽ انهن جي ماءُ پيءُ ۽ انهن جي ماءُ پيءُ جادم ڏنل هئا. هن پنهنجا آخري دم به انهيءَ هنڌ، انهيءَ ماڳ کي ارپي ڇڏيا هئا. سو هو ڪيئن ٿي اهو ماڳ ڇڏي سگهيو.هن چيو هو ته ’افضل، تون اڃا زندهه رهندين، تو کي اڃا ڪافي سفرڪاٽڻو آهي. آءٌ منزل جي ويجهو آهيان. هڪ ساٿي ته هليو ويو، باقي وقت هن جي يادن ۾ گم رهي ڪاٽي ڇڏيندس.‘ هن افضل کي ٻنيءَ جا ڪاغذ به ڏئي ڇڏيا هئا، جيڪي افضل بي ڌيانيءَ وچان پيتيءَ جي ڪنهن ڪنڊ ۾ ڦٽا ڪري ڇڏيا هئا. هن خود به سوچيو هو ته سندس پيءُ جو ڳوٺ ۾ رهڻ ئي بهتر هو، جت پنهنجا ته هئا. شهر ۾ اچي هو ويتر اڪيلائي محسوس ڪري ها. هتي ڪير هو جو اچي ساڻس ملي ها يا ڪچهري ڪري ها؟ ماڻهو ماڻهوءَ مان  وندرجندو آهي ۽ هتي . . .  هتي ته ماڻهو ماڻهوءَ مان بيزار آهي. تنهن ڪري هن لاءِ ڳوٺ ۾ رهڻ ئي بهتر هو.

”ادا؛ اسين هاڻ هلون ٿا.“ آهستي آهستي  هن جا دوست وڃڻ لڳا.

”چڱو ادا، توهان جي مهرباني.“ افضل گلم تان اٿي هڪ هڪ کان موڪلايو. آخر هو سڀ هليا ويا.

”يار سليم، اڳ به هت اڪيلو رهندو هوس.. . . پر هاڻ.“ هن ان ڪنڊ ڏانهن ڏٺو، جت کٽ تي سندس ماءُ آخري ساهه کنيو هو.

”ٿيو به ته جهٽ، هڪ چڱو ڀلو ماڻهو . . . . “ سليم حيرت جو اظهار ڪيو.

”هوءَ مون تي ڪک به ڪو نه سهندي هئي سليم. . . .“ افضل وراڻيو.

”ادا، ماءُ جي دل آهي. سهي ته پهاڙ به جالي وڃي، نه ته ڏس ائين ويٺي ويٺي.“ سليم وري چيو.”هاڻ تون شادي ڪر.“

”هاابا، اهو ته آءٌ به چوانس ٿي.“ مائي ڦاپو به اچي پهتي هئي. ”ماءُ جي روح کي آرام ملي ويندو.“

”ها افضل ها.“ سليم زور ڀريو.

”اها به ٿي ويندي.“ افضل چيو.

”ڪڏهن؟ ڪنهن سان؟“ سليم اشتياق مان پڇيو.

”ننڍپڻ جي مڱ اٿم.“ افضل چيو.

”انڊر اسٽِنڊنگ آهي يا . . . .“ سليم چيو.

”دل ۽ دماغ ساڳيا اٿئون.رت به ساڳيو آهي. ماسيءَ جي ڌيءَ آهي. نپايل به امان جي آهي.“ افضل چيو.

”ته واهه يار، ٻيو ڇا گهرجي؟“ سليم وري چيو.

”ابا ڪڏهن ڪندين؟“ مائي ڦاپوءَ پڇيو.

”چاليهي کان پوءِ. . . .“ افضل چيو. ڇو جو هاڻ ته مون کي ٽن مهينن جي اندر ٽريننگ پروگرام لاءِ سنگاپور وڃڻو آهي نه؟“

”ها، ڪهڙي يونيورسٽي آهي؟ اسٽيٽ يونيورسٽي سينگاپور.“سليم ياد ڪندي چيو.

”ڪالهه پرنسپال صاحب ڪاغذ مٿي موڪليا آهن.“

آءٌ ڀانيان ته شادي ڪري پوءِ وڃان.“ افضل چيو.

”ڀاڀيءَ کي وٺي ويندين ڇا؟“ سليم پڇيو.

”نه، پر پويان گهر هجڻ جو احساس ته هوندو نه!“ افضل وراڻيو.

”يار، گهڻا ڏينهن ٿيا آهن، ڪجهه لکيو ڪو نه اٿئي.“ سليم ائين ئي چيو.

”هينئر موڊ آهي. لکندس – ڀلا هلون؟“ افضل پڇيو.

”ها ها . . . . مون کي ته ڳالهه ئي وسري ويئي هئي.“ سليم اٿندي چيو – ٻئي ٻاهر نڪتا.

”ماسي ڦاپو، آءٌ رات جي ماني ٻاهر کائي ايندس.“ هن مائي ڦاپوءَ کي چيو، جنهن جي منهن مان ائين ٿي لڳو، چڻ اها ڳالهه نه وڻي هجيس.

”يار ٿورو پنڌ ڪريون.“ افضل چيو.

هو ٻئي فٽ پاٿ وٺي هلڻ لڳا. ڇولن واري جي گاڏي وٽ هنن کي جاني ڪار ۾ ويٺي ڇولا کائيندي نظر آيو.

”ڏاڍو بد افعالو آهي.“ سليم چيو.

”ڇڏ يار، رستي تي ڇولا کائڻ ۾ ڪهڙي بدافعالي آهي؟“ افضل چيو.

”اڙي اچو، چڻا کائو. . . . افضل.“ جانيءَ سڏ ڪيو.

”نه جاني نه. . .  . “ افضل چيو.

”پر تون لهي ڇو ويو آهين؟“ جانيءَ هن جي پيلي چهري کي ڏسندي چيو.

”خبر ڪا نه اٿئي، افضل جي والده گذاري وئي.“سليم چيو ۽ جانيءَ جي وات مان رڙ نڪري ويئي. ڇولن جي پليٽ هٿن مان ڇڏائجي ويس. جيئن تيئن ڪري هو ڪار مان لٿو ۽ افضل کي چنبڙي ويو. هن جي اوڇنگارن جو آواز ايندڙ ويندڙن کي حيران ڪري رهيو هو. افضل هن جي پٺي ٺاپري هن کي ائين ماٺ ڪرائي رهيو هو، ڄڻ ته سندس نه بلڪه جانيءَ جي ماءُ گذاري وئي هجي.

”مون کي نه ٻڌايئي. . . . مون کي نه ٻڌايئي.“ جاني شڪايت ڪري رهيو هو.

”اهڙو اوچتو واقعو ٿيو جو مون کي خود خبر نه ٿي پئي ته ڇا ڪجي.“ افضل چيو.

”تون ڪيڏانهن پيو وڃين؟“ هن پڇيو.

”آءٌ سليم سان گڏ نسيم ڏانهن  پيو وڃان.“ افضل چيو.

”هوءَ ليکڪ! آءٌ به هلان؟“ جانيءَ پڇيو ۽ افضل سليم ڏانهن ڏٺو. سليم ڪنڌ  ڌوڻ ڪري ها ڪئي.

”هل.“ افضل چيو.

”وهو گاڏيءَ ۾.“ هن ڇولن واري کي پئسا ڏيندي ڪار جا در کوليندي چيو.

”قميص ته صاف ڪر.“ افضل ڪار ۾ وهندي چيو.

”گريس واري ڪپڙي سان!“ جانيءَ چيو ۽ هو کلڻ لڳا.

”جاني ڪڏهن سڌرندين!“ افضل کلي چيو.

”ماڻهو کرڻ جي مند ڪانهي، ته سڌري به سگهي ٿو،“ جانيءَ گاڏي اسٽارٽ ڪندي چيو ۽ روانا ٿيا.

 

نسيم هنن کي پنهنجي ڪمري ۾ وٺي وئي. پهريون دفعو زندگيءَ ۾ هن کي پنهنجي اندر ۾ هڪ ڪمزور جذبو اڀرندي محسوس ٿي رهيو هو. هن جا لفظ هن جي جذبن جو ساٿ نه ڏئي رهيا هئا. افضل سان همدردي ڪرڻ چاهيائين ٿي پر سمجهه ۾ نه ٿي آيس ته ڇا چوي.هن سڀني کي پنهنجي ڪمري ۾ وهاريو.

”چانهه پيئندا؟“ هن پڇيو.

’اڙي هيءَ به عام ڇوڪري آهي، تڪلفات پئي ڪري!‘ افضل سوچيو، ’چوڻ ڪجهه ٿي چاهي، چوي  ڪجهه ٿي.‘

جاني هن کي ڏسندو ئي رهجي ويو. ’ڀيڻسان ڏاڍي ٺاهوڪي آهي. هن سوچيو.

”هنن کي نه وٺي اچان ها ته چڱو هو.“ سليم سوچيو.

”چانهه پيئندا؟“ هن وري پڇيو ۽ افضل ڏانهن ڏٺائين.

”ها، ڀلي.“ سليم چيو ۽ هوءَ اٿي کڙي ٿي.

”توهان ته ويهو نه.“افضل چيو. هن مڙي افضل ڏانهن ڏٺو.

”اچان ٿي، وهان ٿي.“ هن چيو ۽ ٻاهر نڪري ويئي.

افضل سليم ڏانهن ڏٺو.

”سليم.“ ٻاهران ڪڙڪو ٿيو.

”اڙي آپا.“ سليم جي وات مان نڪتو. هو اٿي کڙو ٿيو. در ۾ رشيده بيٺي هئي.

”آپا هي افضل آهي.“ سليم هڪدم تعارف ڪرايو.

”افضل.“ رشيده جو لهجو ڪجهه بدلجي ويو.

 افضل هن کي ڏسي اٿي بيهي رهيو. رشيده کي ڏسي هن جي دل ۾ خبر ناهي ڇو احترام جا جذبا اڀرڻ لڳا. رشيده جي موٽ کاڌل جوانيءَ ۾ هن کي ڪڻڪ جي پڪل سنگن جو روپ نظر آيو. هن جي اونهين اکين ۾ کيس پنهنجي ماءُ جون آس ڀريل اکيون ليئا پائيندي نظر آيون. هڪ لمحي لاءِ هن کي لڳو ڄڻ سندس ماءُ سندس آڏو بيٺي هجي. شايد اهڙا ئي جذبا رشيده پنهنجي سيني ۾ اڀامندا محسوس ڪيا. ’هن جي ماءُ گذاري وئي آهي؟’ هن سوچيو ۽ افضل کي پنهنجي ويجهو محسوس ڪرڻ لڳي.

”ادا الله صبر ڏيندءِ“ رشده ٿڌي لهجي ۾ چيو ۽ مڙي موٽي وئي. افضل جي اکين مان ٻه ڳوڙها ڪري پيا.

”نسيم، مون پڪوڙا ٺاهيا آهن. افضل کي کاراءِ.، هن جي بي تڪليف لهجي نسيم تي ڇا اثر ڪيو سو ته ٺهيو پر افضل ڇڄي پيو. هو سڏڪا ڀري رهيو هو. ’اهڙي قرب ۽ اهڙي پيار سان به ڪو ڳالهائي سگهي ٿو!‘ هن جي دل مان آواز اچي رهيا هئا.

’امان – امان – امان‘ هو اڇنگارون ڏئي روئي رهيو هو.

”صبر بابا صبر.“ رشيده موٽ کاڌي. هن بي اختيار افضل کي ڳراٽڙي وڌي ته سندس اکين مان به ڳوڙهن جي رم جهم شروع ٿي ويئي. ڳوڙهن تڪلف ۽ غيريت جي ڪوٽ ۾ ڏار وجهي ڇڏيا.هو هڪ پل ۾ پنهنجو ٿي ويو. سليم ۽ جاني حيران هئا ته اها ڪهڙي ٻولي آهي، جيڪا پٿر کي به ميڻ ڪريو ڇڏي!

نسيم چانهه کڻي آئي هئي ۽ حيرانيءَ وچان رشيده کي ڳوڙها ڳاڙيندو ڏسي رهي هئي.”چانهه پيئو.“ هن چيو. ٽري ۾ پڪوڙا رکيا هئا.

رشيده پنهنجي گنديءَ جي پلاند سان افضل جا ڳوڙها اگهيا. هن معصوم نوجوان لاءِ هن جي دل ۾ عجيب و غريب جذبا اٿلون کائي رهيا هئا. خبر ناهي افضل جي روپ ۾ هوءَ ڇا  ڏسي رهي هئي! هن پنهنجي هٿ سان پڪوڙو کڻي افضل جي وات ۾ وڌو.

”تنهنجي ناول تي ٿورو ڳالهائبو.“ سليم کي هي منظر نه وڻيو، تنهن ڪري موضوع بدلائڻ ٿي چاهيائين.

’هاڻ ڇا ڳالهائبو؟‘ افضل سوچيو، ’هت ڪهڙوادبي خول چارهبو. هي پنهنجا ٿي ويا، هنن سان ڪهڙو ناول نگار ٿي هلبو. ڪڏهن امان مون کي ناول نگار سمجهيو هو؟ هن لاءِ آءٌ افضل هوس. هنن لاءِ به ته آءٌ افضل آهيان. صرف افضل، جيڪو پٽ، ڀاءُ يا ٻيو ڪجهه ٿي سگهي ٿو پر ناولسٽ نه.‘ هن دروازي ۾ ڏٺو جتي نسيم جي ماءُ بيٺي هئي. هوءَ اوڇنگارن جو آواز ٻڌي آئي هئي.

”اسان جي امان.“ نسيم چيو.

”ابا، اولاد کي مائٽ جو ڏک ڏسڻو آهي، اها زماني جي پر آهي. تقدير – قسمت جي راند – شل مائٽ اولاد جو ڏک نه ڏسي“ هن دلداري ڏنس. افضل چپ رهيو. هو ته ناول تي بحث ڪرڻ آيوهو. اها خبر ڪو نه هوس ته کيس ڪو ڀريل ڪنبو ائين ئي ملي ويندو.

”اسان وٽ ايندو رهج.“ ماءُ چيو، ”الله سلامت رکيوَ اسين اوهان جي هٿن ۾ سرها ٿيون.“ هوءَ چوندي هلي وئي.

”آءٌ وڃان.“ جانيءَ چيو.

”آءٌ هلان ٿو.“ افضل چيو ۽ اٿي کڙو ٿيو.

”ويهو ته سهي.“ نسيم چيو ”ڪا ڳالهه ئي ڪا نه ٿي“

”آءٌ وري ايندس.“ – افضل چيو ۽ رشيده ڏانهن ڏسندو هنن سان گڏ هليو ويو. رشيده نسيم ڏانهن ڏٺو وري نظرون جهڪائي ٻاهر ڪري ويئي. هن کي افضل ڏاڍو وڻيو هو.

 

رات جا ڏهه لڳا هئا، فل پيج هيڊنگ به ٺهي چُڪي هئي. چار ڪالمي خبر به ٺهي وئي هئي. نئين پاليسيءَ تحت اخبار جو ڪم يارهين بجي تائين ختم ڪرڻو هوندو هو. ڇو جو يارهين بجي واري ٽرين تي اخبارون چاڙهبيون هيون، جيڪا اٻاوڙي تائين هر شهر کي اخبار پهچائيندي هئي. افضل پين هٿ مان رکي، صديق کي ڏٺو، جيڪو ڌيان سان پروف جانچي رهيو هو. ”ڪيئن، اڃا ميٽر کپي ڇا؟“ هن پڇيو.

”نه سائين، هاڻ توهين وڃو ته وڃو.“ هن وراڻيو.

”آءٌ ته ويٺو اهيان، ائين پڇيم پئي.“ افضل وراڻيو فون جي گهنٽي وڳي. ”هلو.“ ٻئي طرف کان نسيم هئي. واهه سائين، منهنجي برٿ ڊي آهي ۽ توهين اڃا ڪو نه آيا آهيو.“ هوءَ چئي رهي هئي.

افضل کي ياد ئي ڪو نه رهيو هو ته ڪو اڄ نسيم جي برٿ ڊي آهي. هن ته واعدو ڪيو هو ته جي ضرورت پئي ته هو موڪل وٺي به پهچندو. ”هن جي وات مان صرف اهو نڪتو. ”اڙي .  . . .اڙي . . . .“

”جلدي پهچو، اديءَ جو پارو ستين آسمان تي آهي.“ نسيم اڌ ڪاوڙيل انداز ۾ چيو

”اچان پيو. . . . بس اچان پيو.“ افضل هن جي جواب جو انتظار ڪرڻ بنان فون رکندي چيو ۽ اٿي کڙو ٿيو –

”آئون وڃان پيو.“ هن چيو

”ڀلي.، صديق معاملي کي ڪجهه ڪجهه سمجهندي چيو ۽ هن کي تيز تيز ويندو ڏسندو رهيو.

”اي سائين ڪي ٻه چار خبرون هجن ته کڻي ڏيو. . . . “ بخش علي فورمين هميشه وانگر بيٺو هو.

”فورمين ته ناهين ڪو چورمين آهين.“ صديق چيو – ”هان وٺ هي خبرون، هن کيسي مان ٻه چار خبرونڪڍي هن کي ڏيندي چيو.

اهي خبرون هنکي ڏهين جي نوٽ ۽ چانهه جي ڪوپ سان گڏ ملنديون هيون، تنهن ڪري افضل کان لڪي هلائيندو هو – ۽ ٻئي ڏينهن افضل کي خبر به نه پوندي هئي ته ڪو سندس غير موجودگيءَ جو فائدو وٺي ڪي غلط سلط خبرون به هلايون وڃن ٿيون. جڏهن ته صديق ٽيهن ورهين جو گاگهه صحافي، سو به هفتيوار اخبارجو سکيل، جنهن جو سڄو ڪم بليڪ ميلنگ ۽ مختيارڪارن، صوبيدارن جون بدليون ۽ مقرريون ڇاپيندي هلندو هو. هن کي خبر هوندي هئي ته ڪهڙي ماڻهوءَ جي ڪهڙي ڏکندڙ رڳ آهي ۽ ان کي ڪيئن استعمال ڪيو وڃي. ڪئين دفعا اخبار جي مالڪ هن جي ڏنل خبرن جي پاداش ۾ ڊفيميشن جا ڪيس معافيون وٺي ختم ڪرايا هئا ۽ ڪڏهن ته گولين جو نشانو بنجندي رهجي ويو هو. حالت ته اها هئي جو صديق پنج ست  رپيا وٺي مالڪ جي خلاف به خبرون هلائي ڇڏيندو هو. بي ڌيانيءَ جو حال اهڙو  هوس جو ڪئين خبرون پنهنجي سمجهه مطابق بنا ڪنهن تصديق جي هلائي ڇڏيندو هو ۽ پوءِ انفرميشن وارا اشتهار بند ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏيندا هئا ۽ ڳالهه ڊڪليئريشن رد ٿيڻ تائين وڃي پهچندي هئي. وڏي ڳالهه ته افضل اڃا نئون هو تنهن ڪري هو بيپرواهي سان پيو ڪم هلائيندو هو. تنهن کان پوءِ افضل جي هوندي چانهه پاڻيءَ جو خرچ به افضل ٿي ڀريو – اها هن جي وڏي ڪمزوري هئي.

”سائين ڪم خلاص.“ بخش عليءَ رڙ ڪئي.

 

افضل نسيم وٽ پهتو ته گهر جا سڀ ڀاتي اڱڻ ۾ هڪ وڏي ميز جي چوڌاري بيٺا هئا ۽ هن جو ئي انتظار ڪري رهيا هئا. گهر جي ڀاتين کان سواءِ ياسمين ۽ ڪجهه اهڙا نوان چهرا  موجود هئا، جيڪي اڳ هن جا ڏٺل ڪو نه هئا.

”ايڏي دير؟“ رشيده رڙ ڪري چيو.

”شايد ڪم وڌي ويو اٿس.“ ياسمين چيو.

”امان، ايڏي پابندي؟“ ماءُ حيرت کان چيو.

”ڇو نه وجهان پابندي؟“ رشيده چيو. نسيم کي اچي ڊپ لڳو ته ڪٿي جهيڙو نه شروع ٿي وڃي. هن اختر کي اشارو ڪيو ته ويجهو اچي. اختر هن جي ويجهو آيو.

”امان کي آهستي چئه ته بحث نه ڪري.“ هن چيس، اختر ڪنڌ ڌوڻي هائوڪار ڪئي ۽ ماءُ ڏانهن ويو.

”فلمن  ۾ ته هيرو هن موقعي تي حسب حال گانو ڳائيندا هن.“ ياسمين کلي چيو.

”هاڻ ڪيڪ ته وڍ.“رشيده تيز لهجي ۾ نسيم ڏانهن ڏسندي چيو ۽ نسيم جو هٿ مشيني انداز ۾ ڪيڪ ڪاٽڻ لڳو.

تاڙيون وڄائيندي افضل جي دل ۾ کل جو ڦونهارو ڦٽڻ لڳو، هن کل کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ کيس لڳو چڻ اها ڪنن مان ٻاهر نڪري ايندي.

”کل ڇو پيا روڪيو؟“ ياسمين چيو.

”ڪير؟“ افضل اڻڄاڻ بڻجڻ جي ڪوشش ڪندي چيو.

”ڪوڙ ڳالهائيندي ڪو نه ٿو ٺهين.“ نسيم چيو.

”تو مون کي  ٻيو دفعو ڪوڙو چيوآهي.، افضل ڪوڙي ڪاوڙ وچان چيو.

”غلط، مون تو کي فلرٽ ڪوٺيو هو.“ نسيم تصحيح ڪندي چيو.

”ڪجهه کائو به يا رڳو بحث سان پيٽ ڀرايندئو!“ ياسمين پليٽ ۾ هٿ وڌو.

”هي وٺ.“ رشيده افضل جي آڏو ڀريل پليٽ کڻي رکي.

”ايترو؟“ افضل حيران ٿي چيو.

”ڇو؟“ رشيده هن ڏانهن اهڙين نگاهن سان ڏسندي چيو، ڄڻ ته چوندي هجيس ته پليٽ ۾ ئي ايترو ٿي ماپيو نه ته اڃا به گهڻو وجهي ها.

افضل کان جواب ڪو نه پڳو.

”واهه ڙي قسمت.“ نسيم آهستي چيو.

”ڇا ٿيو قسمت کي؟“ياسمين پڇيو.

”سڄي عمر خدمت ڪئي سون، ڏڙهيون کاڌيونسين. هت ڏسو ته هر شيءِ،“ هن افضل ڏانهن اشارو ڪندي چيو، ”هٿ سان ٿي ٺهي ملي.“

”نيت جا ڀاڙا ٿا ملن.“ ياسمين آسمان ڏانهن ڏسندي چيو. مهمان آهستي آهستي کائي پي روانا ٿيا. باقي وڃي گهر جا ڀاتي بچيا. هو سڀ گڏجي ڪمري ۾ وڃي ويٺا. افضل نسيم جا ڪتاب کڻي ڏسڻ لڳو.

”ڀلا هن بحث جو ڇا ٿيو، جيڪو بقول سليم جي توهان کي مون سان ڪرڻو هو.“ نسيم هن جي ڀرم وڃي بيٺي.

”ڪهڙو سليم!“ افضل حيرانيءَ وچان هن ڏانهن نهاريو.

”واهه، مذاق نه ڪريو. منهنجي ناول تي ڪو بحث ڪرڻو هو“ نسيم چيو. حالانڪه افضل هنن وٽ ڪيترائي دفعا وري به اچي چڪو هو پر هن ڪڏهن به ناول جي باري ۾ ڪا ڳالهه نه  ڪڍي هئي.

”نسيم، تون لکندي به آهين ڇا؟“ افضل پڇيو.

”نه، تو وانگر ڪو نه لکندي آهيان.“ نسيم وراڻيو.

”هي وري ڪهڙي جهيڙي ۾ اچي پيا آهيو؟“ ماءُ وچ ۾ پوندي چيو.

”تون ته ماٺ ڪر،هروڀرو وچ ۾ ٽنبي پئي آهين.“ رشيده رڙ ڪندي چيو. هاڻ هوءَ افضل جو به ڪو خيال ڪو نه رکندي هئي. ”هڪڙو اسان جي دل پئي روئي، مٿان تون آهين جو پئي جهڳي هڻين.، هوءَ اصل ڪاوڙجي پئي.

”دل ڇو پئي روئي آپا، خوشيءَ جي موقعن تي اهڙيون ڳالهيون ڪبيون آهن ڇا!“ افضل چيو ۽ هن کڻي چپ ڪئي.

ڪال بيل جو آواز آيو.

”ادا سليم آيوآهي.“ اختر اطلاع ڏنو.

”وٺي اچينس.“ نسيم چيو.

سليم اڱڻ مان ٿيندو ڪمري ۾ گهڙيو. افضل کي ڏسي پيشانيءَ تي ڪجهه ليڪون اڀريس پر جلدي غائب ٿي ويون.

”اَبا، ٿورو سوير اچين ها؟“ ماءُ کي اندر ۾ کاٽ لڳو.

”ڇو؟“ سليم حيرانيءَ وچان هيڏانهن هوڏانهن ڏسندي پڇيو. هن کي اهو ته محسوس ٿيو پئي ته هت ڪجهه ٿيو آهي.نارنگيءَ جون کلون، ڪيڪ جا خالي پڙا، خالي پليٽون ۽ ان قسم جو ٻيو سامان ٻڌائي رهيو هو ته هتان ڪنهن تقريب جو لنگهه ٿيو هو. هن کي پنهنجي بي عزتيءَ جو احساس ٿيو. افضل هڪ هفتي ۾ اهڙو پيارو ٿي ويو جو هن کي دعوت ڏنائون، باقي آءٌ جو سالن کان ايندو ويندو آهيان ته ڄڻ ڪا ڳالهه ئي ڪانهي. پر هن ڪوشش ڪئي ته ان سور کي پي وڃي.

”پبلشر جو ڪم  اديبن سان.“ ياسمين چيو.

”۽ هتي ته افضل کي سليم ياد به ڪو نه هو.“ چرچي طور، نسيم چيو. سليم جي منهن تي هڪ رنگ آيوپئي ته هڪ ويو پئي.

”رات جا ٻارنهن ٿيڻ واراآهن.“ افضل سليم کي چيو. هن جي چوڻ جو مقصد هو ته هاڻ هلڻ گهرجي، پر سليم سمجهيو ته هو کيس اهو ياد ڏياري رهيو آهي ته هو هن بيگاهه وقت تي ڪيئن آيوآهي.

”آءٌ لنگهيس پئي، بتي ٻريل ڏٺم، درکليل ڏٺم، تڏهن هليو آيس. سليم چيو.

هن جي لهجي جو تاءُ افضل سان گڏ ٻين به محسوس ڪيو.

”ڪيڪ کاءُ.. . . ڪيڪ کاءُ، مٺاڻ چڱو اٿئي.“ نسيم خوشدليءَ وچان چيو ۽ هن به ناڪار نه ڪئي. ڪيڪ جو ٽڪرو کنيائين.

”ماني کائيندا؟“ رشيده سڀني کان پڇيو.

”نه نه،. . . هرگز نه.“ افضل ۽ ياسمين گڏيل آواز ۾ چيو.

”الاهي پيٽ نور سان ڀريل اٿو ڇا؟“ ماءُ چيو، وري رشيده ڏانهن ڏٺائين ته متان ڪڇي پر هوءَ خاموش هئي.

”گهر ۾ هڪ ڀاتي گهٽ آهي ته به مزو ڪو نه ٿو اچي.“

سليم پنهنجي قرب داري ڏيکارڻ لاءِ چيو.

”پر  هنن جو والد ته ڪنهن به ڳالهه ۾ شريڪ ڪو نه ٿيندو آهي. هينئر به ورانڊي جي ڪنڊ وٺيو ستو پيو آهي.“ افضل چيو.

”اڄ خط آيواٿس.“ نسيم چيو ۽ ماءُ ڏانهن ڏٺائين، جيڪا اکين جي ڪنڊن کي رئي جي  پلاند سان اگهي رهي هئي. ”ڪنهن جو؟“ افضل پڇيو.

”اڙي، تو کي خبر ڪانهي ڇا ته نسيم ادي رعنا جي ڀيڻ آهي.“ سليم حيرت وچان چيو، ”هوءَ لاهور ويل آهي، ٽريننگ تي.“

رعنا. . . . رعنا . . . رعنا. ..... رعنا، افضل جو دماغ چڪرائجي ويو. هن کي ته تصور ۾ به اهو ڪو نه هو ته ڪو هو اڻڄاڻائي وچان رعنا جي گهر جو ڀاتي بڻجي چڪو آهي. . . . ’تڏهن. . . اهو فون نسيم ڪيو هو، جو آواز سڃاتل پئي لڳو.’ هن سوچيو ’رعنا. . . رعنا . . . هر هر منهنجي آڏو ڇو ٿي اچي.. . . . . رعنا.‘ هن جي وجود  ۾ هلچل مچي وئي ڄڻ ڪو طوفان اچي ويو.

”هلين ته تو کي ۽ ياسمين کي ڇڏيندو وڃان.“ سليم چئي رهيو هو.

”ياسمين ته هت رهندي.“ نسيم چيو.

”ته پاڻ هلون.“ افضل گم سم اَنداز ۾ هن سان گڏ هليو ويو ۽ نسيم هن جي انهيءَ رخ تي حيران ٿيندي رهجي ويئي.

رعنا ٺهي ٺڪي ٻاهر نڪتي. هاسٽل ۾ هن سان گڏ چار ٻيون ليڊي ٽيچرس به آيل هيون، جن مان ٻه مشرقي پاڪستان مان، هڪ پشاور مان ۽ هڪ ڪوئٽيا مان هيون.ساڳي طرح هنن سان ٽريننگ ڪورس ۾ پنج مرد استاد به شامل هئا، جن مان ڪراچيءَ مان ته اقبال آيو هو، باقي هڪ مشرقي پاڪستان مان، هڪ پشاور مان، هڪ راولپنڊيءَ مان ۽ هڪ ڪوئٽيا مان آيل هئا. هو به پنجاب يونيورسٽيءَ جي ساڳي هاسٽل جي هڪ جدا حصي ۾ رهيل هئا.

مال روڊ تي يونيورسٽيءَ جي مک عمارت جي پويان ڳاڙهين سرن جي هيءَ هاسٽل ڏاڍي آرام واري هئي. خاص ڪري رعنا جن کي ته ڏاڍي سهوليت هئي جو هو هاسٽل جي پوئين پاسي واري در مان جنهن وقت به چاهينديون هيون. انارڪلي ۽ بانو بازار ۾ هليون  وينديون هيون. تنهن کان سواءِ شهر جي وچ ۾ هئڻ جو احساس به هوندو هون.

رعنا کي شروع شروع ۾ ته گهر جي ڏاڍي اون هوندي هئي پر مشرقي پاڪستان مان آيلن کي ڏسي هن جي دل کي ٺاپر اچي وئي هئي ۽ اهو سوچي ته 24 ڪلاڪن جي فاصلي تي ته آهيان. هن جي دل کي خودبخود صبر اچي ويو هئو. تنهن کان سواءِ سڄو ڏينهن ته ٽريننگ ڪورس ۾ گذرندو هون ۽ شام جو اقبال هن کي خوش ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪندو رهندو هو.هو سندس هٺيلي سڀاءَ کي چڱيءَ ريت پروڙي ويو هو، تنهن ڪري سندس ڪنهن به  ڳالهه کي دل ۾ ڪو نه ڪندو هو. ڪوشش ڪري سندس ها ۾ ها ملائيندو رهندو هو – هن کيس پنهنجي باري ۾ سڀڪجهه ٻڌائي ڇڏيو  هو. هو وچولي درجي جو، چڱي خاندان جو فرد هو – پڙهائڻ جو پيشو پنهنجي شوق سان اختيار ڪيو هئائين. پر هن رعنا کي اهو ڪو نه ٻڌايو ته کيس هوءَ پهرين نظر ۾ ڏاڍي چڱي لڳي هئي.

”ڏاڍي دير ڪئي اٿو.“ اقبال هن کي هاسٽل جي ڏاڪڻين تان لهڻ وقت چيو.

”خبر به اٿوَ ته اسان جي سبت اهڙي ٿيندي آهي.“

رعنا کلي چيو.

”هلي ڪيپريءَ ۾ ڪجهه کائون.“ اقبال چيو.

”پنجويهه روپيه ملي ٿو ڊي – اي ۽ هليا آهيو . . . .“ رعنا کلي چيو.

”کڻي ٻه ويلا نه کائيندس.“ اقبال به اعتراف ڪيو.هنن کي پنهنجي گهٽ پئسي واري هجڻ تي شرم ڪونه ٿي آيو. ٻنهي جو حال هڪٻئي جي سامهون هو. بس اڇا ڪپڙا ۽ ٽي وقت ماني تي جيئرا هئا.

”نه نه پراڻي انارڪليءَ ۾ ڀت جي پليٽ تي دال وجهارائي کائيندا ته سستي ۾ جان ڇٽندي.“ رعناچيس.

”ها، کاڌو ته سستو آهي پر پوءِ دوا جو خرچ ڪير ڀريندو؟ هتي ڪير آهي جو ٽهل ٽڪور ڪندو؟“ اقبال وراڻيو.

”ڪا ڪرنٽي نرس وٺي اينداسون.“ رعنا هن ڏانهن ڏسي چيو.

”نرس منهنجي پسند جي هجي ته پوءِ بيمار ڇا، مرڻ لاءِ به تيار آهيان.، اقبال خلوص سان چيو.

”مرڻ جو لفظ ايڏو ڏکيو نه آهي، جيڏو ان جو احساس–“ رعنا وراڻيو.هن کي هڪدم افضل ياد اچي ويو، جنهن جي ماءُ جي مرڻ جي موقعي تي هوءَ هن وٽ نه وڃي سگهي هئي. ’سڄو ڏوهه هن جو آهي.‘ هن سوچيو، ’اهڙو جملو چيائين جو مونکي بزدل بنائي ڇڏيائين–چرئي کي اها به خبر ڪانهي ته ڪنهن عورت کي سڌو سنئون سهڻو ڪوٺبو ته هوءَ بزدل ٿي ويندي؟‘ هن هڪ خوبصورت جملو چئي پنهنجو هن سان واسطو پيدا ڪري وڌو هو. هڪ جملي جي پل هئي جيڪا افضل هن جي ۽ پنهنجي درميان جوڙي ڇڏي هئي. اها ٻي ڳالهه آهي ته هن ۾ اهڙي همت نه هئي جو هڪ جملي جي سهاري بي ڌڙڪ پار هلي وڃي.نه ڪو وري افضل سان ڪا تفصيلي ملاقات ئي ٿي سگهي هوس.

”اڙي اڄ ته 19 جنوري آهي.“ هن چيو.

”ڇو، ان ۾ حيرت جي ڪهڙي ڳالهه آهي؟“ اقبال چيو.

”اڄ نسيم جو برٿ ڊي آهي.“ هن چيو.

”توهانجي ڀيڻ جو؟“ اقبال پڇيو.

”ها.“ هن چيو ۽ هڪ لمحي لاءِ خاموش ٿي وئي ۽ وري آهستي چيائين. ”خط ته لکي ڇڏيو هئم.“

هو مال روڊ تي نڪري آيا. يونيورسٽيءَ جي خاموش پڪين ديوارن مان نڪري گوڙ ۽ هجوم سان ڀريل رستو بلڪل جدا ڏيک ڏئي رهيو هو. هرڪو پنهنجي  ۾ ئي مست، هيڏانهن کان هوڏانهن اچ وڃ ڪري رهيو هو. پراڻي انارڪليءَ مان نئين انارڪليءَ ڏانهن ويندڙ ماڻهو، ٽولنٽن مارڪيٽ مان خريداريون ڪري نڪرندڙ جوڙا، سامهون ميوزيم ۾ ويندڙ سياح ۽ اسڪالر، ڪيمره ڪلهن ۾ وجهيو فوٽو ڪڍندڙ، سنڌ جا وڏيرا وڏين وڏين ڪارن ۾، ڀلا آخر مغربي پاڪستان جي گادي هئي. لاهور اڃا به مغليه دور ۾ هو. جهانگير جي راڄڌاني. ’هي هينئر ته ڪنهن آفيس ۾ صاحبن جي اڳيان ڏند ٽيڙيندا ۽ شام ٿينديئي هيرامنڊي ۾ وڃي ڪنهن ڳائڻيءَ جي قدمن ۾ ڪرندا.‘ اقبال سوچيو.

”ڇا پيو سوچين؟“ رعنا پڇيو.

”وڏيرن جا حال پيو ڏسان.“ هن چيو.

”مجبور آهن، لاهور صوبي جي گادي آهي، هر ڪم لاءِ هتي اچڻو ٿو پوين“ رعنا چيو.

”۽ پوءِ ٻين ڪمن لاءِ . . . .“ اقبال جملو پورو نه ڪيو.

”اها انساني فطرت آهي، ضرورت آهي، ڪمزوري آهي.“

رعنا وراڻيو.

”تڏهن به . . . . “ اقبال کي سمجهه ۾ نه ٿي آيو ته هن موضوع کي ڪيئن وڌائي.

”توهان فڪرمند نه ٿيو،نه ڪو ڪڏهن وڏيرا ٿيندا،نه هي ڪم ڪندا.“ رعنا کلي چيو.

هو رستو پار ڪري ڪيپري ريسٽورنٽ ۾پهچي ويا ۽ هڪ ڪنڊائتي ميز تي وڃي ويٺا.

”استحصال جا به ڪئي طريقا آهن.“ اقبال چيو.

”ڊائريڪٽ ۽ ان ڊائريڪٽ.“ رعنا کلندي چيو، ”ڪهڙن چڪرن ۾ پئجي ويا آهيو.“

”هي ٽريننگ به رڳو ميل ميلاپ جو ذريعو آهي.“ اقبال چيو،رعنا جواب نه ڏنو.

”ٽي مهينا وڏو عرصو آهي.“ رعنا چيو.

”ان جو دارومدار گذارڻ وارن تي آهي.“ اقبال چيو.

رعنا هن جي اکين ۾ ڏٺو جتي کيس ڪو پيغام نظر اچي رهيو هو.

”ٻڌو ته سهي، منهنجو هڪ جاني دوست توهان جي ڪاليج ۾ آهي.“ هن رعنا ڏانهن سواليه نگاهن سان ڏٺو.

”ڪهڙو؟“ رعنا جي دل جي ڌڙڪڻ تيز ٿي ويئي.

”افضل – مشهور اديب آهي.ڏاڍو پيارو، دل وارو، سچو، مان ڇا ٻڌايان.“ هن چيو.

’تون ڇا ٻڌائيندين!‘ رعنا دل ۾چيو. ’وري افضل – وري افضل . . . وري افضل‘ رعنا جي دماغ ۾ آواز پئي آيا. کائي، پي، واندا ٿي هو ٻاهر نڪتا.

”هلو لارنس گارڊن مان چڪر هڻي اچون.“ اقبال چيو. هن ڪو به جواب نه ڏنو ۽ اقبال سڏ ڪري ٽئڪسي روڪي.

لارنس گارڊنس ۾ پهچي رعنا زور سان ساهه کنيو. ٿڌ هن جي ڦڦڙن تائين پهچي وئي.

”هي بنگالي به عجيب انسان آهن!“ اقبال چيو.

”شڪايت انهن جي ڪريو جن سان چڱا هليا هجو.“  رعنا هيڏي ساري باغ کي سنسان ڏسندي چيو.

”سامهون گلستان فاطمه پيو ٺهي ۽ هو شاليمار جو نقل. . .. “ اقبال چيو ۽ رعنا ڳالهه ڪٽيندي جملو پورو ڪيو ”۽ هي  شمله پهاڙي.“ پوءِ کلڻ لڳي. ”مون کي ائين پيا معلومات ڏيو ڄڻ آءٌ اڳ هت ڪا نه آئي آهيان.“

”مون کي خبر آهي، گڏجي آيا هئاسين.“ اقبال چيو.

”توهان کان سواءِ اڳي به هتي آئي آهيان. خبر ناهي ڪنهن سان.“رعنا اڳ ڪانفرنس واري موقعي تي به هتي آئي هئي.

”ڪنهن سان گڏ؟“ اقبال پڇيو.

”تنهن سان توهان جو ڪهڙو واسطو؟“ رعنا ٺهه پهه چيو. هن کي پنهنجي معاملات ۾ ٻين جي دخل اندازي ڪا نه وڻندي هئي؛ پر ڪافي عرصي کان خبر ناهي ڇو هن ۾ برداشت جو مادو پيدا ٿيندو پئي ويو. اڄ وري هن ۾ ساڳيو جذبو اچي ويو هو.

”ڀلا افضل سان ملاقات ٿيندي آهي؟“ اقبال ڳالهه بدلائڻ خاطر چيو. هن کي خبر ڪا نه هئي ته ان جو نتيجو ڪهڙو نڪرندو. ”هو مون سان گڏ نوابشاهه ۾ پڙهيوآهي خوجا صاحب واري ڊي سي هاءِ اسڪول ۾. واقعي اسين خوشنصيب آهيون، جو خوجا صاحب جهڙي استاد وٽ پڙهياآهيون.ماڻهو ته ناهي فرشتو آهي. پنهنجو تن من ڌن سڀ اسڪول لاءِ وقف ڪري ڇڏيو اٿس.“

رعنا ڪجهه به ٻڌي ڪو نه رهي هئي. ’افضل جو نالو ڪيستائين منهنجي آڏو ايندو!‘

”قلفي کائيندئو؟“ اقبال پڇي رهيو هو.

”ڇا مرضي اٿئي، بيمار ٿيڻ جو ارادو آهي ڇا؟“ رعنا ڪنهن گهري خيال ۾ پنهنجائپ سان چيو. هن جي پنهنجائپ واري لهجي اقبال جي من ۾ خوشيءَ جو عجيب احساس پيدا ڪري وڌو.

”سيءُ ٿو ٿئي، واپس هلون.“ اوچتو رعنا کي سردي اچي لڳي.

”ڀلي هلو. ٻيو ته ڪو پروگرام ڪونهي؟“ هن واپس ورندي چيو.

”ٽريننگ جي پوري ٿيڻ تي مريءَ وٺي هلندا.“ رعنا چيو.“ ٽئڪسيلا به هلنداسين.“

اقبال هن ڏانهن نهاري چيو. ”ضرور.“ وري دل ۾ چيائين ’بت ڏسڻا آهن ته تو کان بهتر ڪهڙو بت هوندو؟“ مٿو ٽيڪڻ تي ٿي دل ٿئي‘– رعنا ڪجهه به ڏسي نه رهي هئي. پنهنجو پاڻ ۾ گم هئي. ائين هو واپس ٿيا.

نسيم جو خط آيو هو، رعنا هر هر پئي پڙهيو. هن کي خط مان پنهنجي گهر جي مخصوص خوشبوءِ پئي آئي،ماءُ جي خوشبو، ڀيڻ ۽ ڀاءُ جي خوشبو. هن تصور ۾ پيءُ کي مفلر ڪنن کي ويڙهي ورانڊي ۾ ليٽيل ڏٺو. هن اکيون بند ڪري گهر جي ڪنڊ ڪنڊ کي ڏٺو. سندس ڪنن ۾ ڪو آهستي آهستي چئي رهيو هو، ’اهي اڱڻ منهنجي لاڏل جا وسندا.‘ هوءَ آهستي آهستي جهونگارڻ لڳي، خبر ناهي ڪيئن اختر سندس هنج ۾ اچي ويو هو. ننڍڙي پينگهي ۾ هونگڙيون ڏيندو، صبح ساڻ ڪبوتر وانگي هو هو ڪندو ٻاتي ٻوليءَ ۾ فرمائشون ڪندو،روئندو، کلندو، ٺينگ ٽپا ڏيندو. اسڪول جي چانئٺ تي پهچڻ وارو اختر، جيڪو هن پنهنجي من جي مراد وانگي سانڍيو هو. انهيءَ لاءِ ته هوءَ ڳائيندي هئي. سندس اها جهونگار هن لاءِ ئي ته هوندي هئي.

نسيم لکيو هو ته گهر وارا کيس ڏاڍو ياد ٿا ڪن، خاص ڪري سالگره واري موقعي تي ته سندس ياد سڄي گهر کي پنهنجي پڙ ۾ وٺي ڇڏيو هو.

”مون کي ياد ڪرڻ وارا صرف گهر تائين محدود آهن يا ڪو ٻيو به آهي؟“ هن سوچيو.

”ڇا آءٌ جنهن کي ياد ڪريان پئي، اهو مون کي ياد ڪندو هوندو؟ حالتون اسان ۾ جيڪي ڦيرا آڻي ٿيون ڇڏين، انهن مان ڪڏهن جان ڇڏائجي: مون ته چاهيو ٿي ته هن سان ملان، هن کي چوان ته صرف تون اهو شخص آهين، جنهن جي لهجي منهنجي من ۾ مانڌاڻ مچائي ڇڏي. پر ايتري همت ئي نه هئم. وري هن به ته ڪو قدم اڳتي ڪو نه وڌايو بس هڪ جملو چئي ماٺ ٿي ويو. وري آيو به ڪو نه. اهو به نه سمجهيائين ته مان ڪيئن هر هر وٽس ويندس. اديب کي ائين نه ٿيڻ کپي. هوءَ چري به ته تيز آهي. اها به ڪنهن ڏينهن پادر کائيندي. الله پناهه ڏئيس.‘ هن خط کي سيني سان لڳائيندي آهستي چيو.

”رعنا بي بي، کهانا.“ هاسٽل جي پٽيوالي هن جي اڳيان ماني رکي. هن پهريون دفعو هاسٽل جي ماني گهرائي هئي، ڇو جو هن نه ٿي چاهيو ته ٻاهر وڃي.خبر ناهي ته ڇو نسيم جو خط ملندي ئي هن جي طبيعت ۾ سستي اچي وئي هئي. گهمڻ ڦرڻ جو جوش نڪري ويو هوس. دل چاهيو ٿي ته سوڙ وجهي سمهي پوي ۽ گهر وارن کي تصور ۾ ڏسي.خط جا اکر سچ بنجي سندس سامهون اچي وڃن ۽ هو پنهنجي پياري ڀيڻ سان اندرجو حال اوري.پر خط ۾ ايتري قوت ڪٿان ايندي؟ اهو ته صرف ٻڌائي سگهي ٿو ٻڌي نٿو سگهي.

’آءٌ نسيم کي سڀڪجهه ٻڌائينديس.‘ هن سوچيو. هتي به ڪو ساٿي هجي ها؟ وري سندس ڌيان اقبال ڏانهن ويو. ’پنهنجي ته ڪا راءِ ڪا نه اٿس.جيڪي چوان ٿي ان تي ها ٿو ڪري. ڄڻ ته منهنجي هر ڳالهه صحيح آهي. آءٌ غلط ڳالهه ڪري ئي ڪونه ٿي سگهان، آءٌ‘ هن کلي ڏنو. ’ڊاڪٽر ٿيڻ ٿي چاهيم.ماسترياڻي ٿي ويس.‘ هن جي چهري تي ڪوڙاڻ جا اهڃاڻ اڀريا، جيڪا سندس اندر ۾ کاٽ هڻي ڪنهن اهڙي اونهائيءَ ۾ گم ٿي وئي هئي، جتان ڪنهن ڪنهن موقعي تي ئي ٻاهر نڪرندي هئي – هن انٽر سائنس فرسٽ ڪلاس ۾ ڪئي هئي. ميڊيڪل ۾ داخلا ملڻ واري هوس ته پيءُ اچي پينشن جي خبر ٻڌائي. رشيده ته نه وڌيڪ پڙهيو نه نوڪري ڪيائين، سو هن وڃي پرائمري اسڪول وسايو – نسيم ننڍي هئي،هن کي به سهاري جي ضرورت هئي وري اختر به ننڍڙو هو. پيءُ جي پينشن تي لهڻ کان پوءِ  هن پنهنجو پاڻ کي ڌيءَ نه پر پٽ محسوس ڪرڻ شروع ڪيو هو. ’پنهنجي لاءِ ته سڀڪو جيئي ٿو‘ ڪو ٻين لاءِ جيئي ته خبر پوي.‘ هن جي ڪن ۾ آواز ايندا هئا. هن پنهنجي پڙهائي به جاري رکي. پرائيويٽ طور پڙهي. ڪاليج ۾ وڃن جو شوق من ۾ ئي رهيس. آخرڪار ڪاليج ۾ اچي پهتي هئي.سندس رويو زندگيءَ ڏانهن سخت کان سخت تر ٿيندو ويو – هن سوچڻ بند ڪيو. هن نه ٿي چاهيو ته هوءَ اهي ڳالهيون سوچي. هوءَ پنهنجي سوچ کان ڊني پئي.پوڙهي ماءُ، شايد ڪڏهن جوان هئي.پيار لاءِ سڪندڙ رشيده، جنهن لاءِ ڪو ملم ڳولڻ جي ڪنهن به ڪوشش ڪو نه ڪئي هئي، سا ناڪاميءَ جو ٻلو پنهنجي سيني تي هڻي ٻين مان ڪسرون ڪڍڻ لڳي هئي. ناڪاميءَ جو زهر هن جي نس نس ۾ گهڙي ويو هو. مٿان نسيم جي اڀرندڙ جواني ۽ اختر جو مستقبل!

هوءَ پاڻ ڇا هئي ۽ ڇو هئي؟ هڪ اڻ پورو سوال. ويراني ۾ ڦٽل ڪو سهڻو گل. باقي چار سال يا اٺ سال يا ڏهه سال! ڪيترا به، پر ڳڻپ ته ٿي سگهي ٿي. دنيا جي هر ڳالهه کي مذاق ۾ ٽارڻ واري – ’بيوقوف،‘ هن جي ذهن تي اقبال جو چهرو تري آيو. ’نادان،‘ وري افضل جي تصوير ٺهڻ ۽ ڊهڻ لڳي.

ماني ٿڌي ٿي چڪي هئي. هن جي بک به مري چُڪي هئي. ٻيون ساٿياڻيون واپس اچي پنهنجون خريد ڪيل شيون هڪ ٻئي کي ڏيکاري، داد طلب ڪري رهيون هيون. بنگالي روشن آرا سونارديش کي ياد ڪري هلڪن سرن ۾ گيت جهونگاري رهي هئي. جنهن جا ٻول ته رعنا کي سمجهه ۾ نه ٿي آيا پر لئي ۾ ٻڏي هوءَ به پنهنجو پاڻ کي پدما جي لهرن تي لڏندي محسوس ڪري رهي هئي. هن جو وجود هلڪو ٿيندو پئي ويو. ٻين سڀني کان بي خبر، سڀني جي وچ ۾ هوندي به اڪيلي.

”ڪسي ياد ڪر رهي هو، اپني ساجن ڪو؟“ ڪوئٽيا مان آيل اشرف هن کي ٻانهن ۾ چهنڊڙي هڻي خيالن مان ٻاهر ڪڍندي چيو. سڀئي کلڻ لڳيون، سڀني کي ’ساجن‘ هئا هن جو ڪو ’ساجن‘ ڪو نه هو. هن ڪجهه ڪو نه چيو. چپ ڪري کين ڏسندي رهي.

”ڪڇ تو بول، بلا لائين“ هن وري چيس. هنن سمجهيو ته اقبال لاءِ اُداس آهي.

رعنا هنن جي غلط فهمي دور ڪرڻ ٿي گهري، پر ڪجهه سوچي چپ رهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org