”سائين تون کلين پئي، هتي اسان لاءِ ته ڄڻ قيامت
اچي وئي هئي، زلزلو اچي ويو هو. امان ويچاري ته
اصل ڏندڻجي ويئي هئي.“
”۽ ادي!“ رعنا اشتياق وچان پڇيو.
”ادي ڪڇي ته ڪو نه ٿي، باقي چپ آهستي آهستي هليس
پئي. لڳي ٿو آيت الڪرسيءَ جو ورد پئي ڪيائين.“
نسيم چيو.
”ٻي خبر چار؟“ رعنا پڇيو. ”منهنجي ڪاليج مان ڪو خط
وغيره.“
”هاڻ خطن تي هري آهين.“ نسيم کلي چيو. ”تنهنجو
ڪاليج چار پنج ڏينهن ته بند هو.“
”ڇو؟“ رعنا پڇيو.
”هڙتال ٿي هئي. ۽ ها، هو افضل آهي نه، زخمي ٿي پيو
هو.“
رعنا اٿي ويهي رهي. هن جي جسم مان ڄڻ ته ساهه
نڪريويو. هوءَ لاهور مان سوچيندي آئي هئي ته افضل
سان ملندي ۽ هن کي پنهنجي سفر جي باري ۾ ٻڌائيندي.
هن جون ڳالهيون ٻڌندي. کيس هڙتال جي باري ۾ معلوم
ته ٿيو هو پر ڪانفرنس دوران مختلف ماڻهن سان ملڻ
ملائڻ ۽ ڪم ڪار ۾ ايتري ته مصروف هئي، جو کيس وڌيڪ
ڪجهه به معلومات ڪانه ملي هئي.
”پوءِ؟“ هن آهستي پڇيو.
”اسپتال ۾ هو، هاڻ گهر ۾ آهي.“ نسيم هن کي
حيرانيءَ مان ڏسندي چيو.
رعنا جو پريشان ٿيڻ هن کي عجيب لڳي رهيو هو.
”سڀاڻي ته موڪل ڪندين نه؟“ هن پڇيو.
”نه، سڀاڻي آءٌ ضرور ڪاليج وينديس.“ رعنا چيو ۽
ٿڌو ساهه ڀري وري ليٽي پئي.
افضل گرم گرم بستري ۾ ليٽيو پيو هو ۽ سوچي رهيو هو
ته ڪاليج وڃي يا نه. . . . ’شايد رعنا آئي هجي.‘
در تي هلڪو ٺڪاءُ ٿيو. هن ڪنڌ کڻي مٿي ڏٺو.
”امان.“ هن رڙ ڪئي ۽ سوڙ مان نڪري وڃي ماءُ کي
چنبڙيو. جنهن هڪ اکر به نه ڪڇيو. هن کي چميون
ڏيندي رهي. هن جي مٿي تي هٿ ڦيرائيندي رهي.
”ابا، ليڊر صاحب، ٺيڪ ته آهيو نه؟“ پيءُ هن ڏانهن
فخر واري انداز سان ڏسندي اندر آيو. هن ڊوڙي وڃي
پيءُ کي ڀاڪر پاتو ۽ در کان ٻاهر ليئو وڌائين.
”ٻيو ڪو به، ڪو نه آيو آهي، ڪو نه آندو اٿائون.“
پڻس چيو ۽ ڪرسيءَ تي ويهي سهڪڻ لڳو. رٽائرمنٽ کان
پوءِ ٻنين جو بار هن تي اچي پيو هو، تنهن هن کي
سهڪائي وڌو هو. سرڪاري نوڪريءَ ۾ ڪرسيءَ تي ويهي
کائڻ ۽ هي هيڏو ڪم! هاري ناري، ڪمدار ڪڙا،ڪامورا،
ڄٽ ڄاموٽ سان منهن ڏيڻ، راڄوڻي فيصلا ۽ گهر جا
مسئلا، هو واقعي پوڙهو ٿي ويو هو. افضل جو پوڙهو
دوست.
”بابا، بنان ٻڌڏائڻ جي اچي ويا آهيو؟“ افضل ماءُ
کي کٽ تي آڻي وهاريو.
”غلطي ٿي وئي – ليڊر صاحب.“پڻس کلي چيو. هو ڏاڍو
ڦڪو ٿيو. کيس پيءُ جو اهو انداز ڏاڍو وڻندو هو.
بقول هن جي سندس پيءُ جو سينس آف هيومر، يعني
خوشدلي ۽ خوشطبعي هئا، جن هن کي اديب بنائي وڌو
هو.
”امان، تون چپ ڇو آهين؟“ هن ماءُ کي چيو، جيڪا کيس
چتائي ڏسي رهي هئي. هن جو جملو ٻڌي اچي اوڇنگارن ۾
ڇٽي. ”ابا، ائين نه ڪر –ائين نه ڪر.“ هوءَ هر هر
چئي رهي هئي ۽ افضل هن کي ڀاڪر پائي حيران ٿي پيءُ
ڏانهن ڏسي رهيو هو.
”ماڻهين کي ماين چيو آهي ته تنهنجو پٽ ليڊر ٿي ويو
آهي سو هاڻ ويندو جيل ۾.“ پڻس مرڪندي چيو.
”الله نه ڪري – الله نه ڪري، منهنجو ٻچڙو شل وڏي
حياتي ماڻي.“ چوندي چوندي هوءَ ڏندڻجي ويئي –
پهرين ته افضل کي ڳالهه ئي سمجهه ۾ ڪا نه آئي پر
هڪدم وائڙو ٿي وٺي رڙ ڪيائين ”امان.“
”ڇا ٿيو؟ ڇا ٿيو؟“ پڻس پريشان ٿي ويو.
”ڏندڻجي ويئي آهي.“ مائي ڦاپوءَ پريشانيءَ واري
انداز ۾ چيو. هوءَ به ڪا اچي در ۾ بيٺي هئي.
”جلدي ڪر افضل – ڪو ڊاڪٽر وٺي آءُ.“ پيءُ چيو.
”ڊاڪٽر پاسي ۾ ئي آهي، آءُ وٺي ٿو اچانس.“ افضل
سهڪندو ٻاهر نڪتو.
”قمر تو کي ڇا ٿي ويو؟ ڳوٺان ته پٽ سان ملڻ آئي
هئينءَ. ڪيڏي چاهه سان پنهنجي لاڏلي کي ڏسڻ لاءِ
نڪتي هئينءَ. . . . هن جي ڌڪ جو ٻڌي تنهنجي ننڊ
ڦٽي پيئي هئي. . . . ۽ هاڻ . . . هاڻ تو کي ڇا ٿي
ويو؟“ پيءُ پريشان ٿي ويو. هاڻ هيءَ ئي ته سندس
حياتيءَ جو سهارو هئي. اولاد وڏو ٿي وڃي ته پوءِ
هن سان راند نه ٿي ڪري سگهجي.پوءِ زندگي گذارڻ
لاءِ اهڙن دوستن ۽ ساٿين تي ڀاڙڻو ٿو پوي، جن سان
حياتيءَ جو ساٿ هجي. اهڙيون گهڙيون گڏ گهاريل هجن،
جن جو واس هو هميشہ وٺندا رهندا. اهڙو وقت، جڏهن
ماڻهو مستقبل کانوڌيڪ ماضيءَ ۾ دلچسپي وٺڻ لڳندو
آهي، تڏهن ساٿي به اهڙا گهرجن، جن سان ماضي گڏ
گهاريل هجي. قمر به ته هن جو ماضي هئي، چاليهين
ورهين جو ساٿ هو. ڪا هڪ ٻن ڏينهن جي ڳالهه ڪا نه
هئي. گرميون، سرديون، سفر، ڏک ڏاکڙا،خوشيون سڀ گڏ
گذاريل هيون. هڪ ٻئي جي طبيعت مان واقف هئا. دل جو
حال احوال اوريندا رهندا هئا. – ۽ هاڻ جڏهن جواني
ساٿ ڇڏي وئي، امنگون ۽ جذبات ختم ٿي ويا، دوست
بنائڻ ۽ نوان رشتا قائم ڪرڻ جا وقت گذري ويا، تڏهن
هن کي بيهوش ٿيندو ڏسي هو پريشان ٿي ويو.
”بابا، هوش آيو؟“ افضل موٽي آيو هو – اڪيلو.
”ڊاڪٽر؟“ پڻس سوال ڪيو.
”اچي ٿو – ڪنهن مريض کي ڏسي پيو.“ افضل نراسائيءَ
مان چيو.
”پر، هن جي حالت ته خطرناڪ آهي. اصل چري پري به ڪا
نه ٿي.“ هن چيو.
”ابا، بدن ته ڏس برف ٿيندو پيو وڃي.“ مائي ڦاپوءَ
بدن ڇهندي چيو.
”امان. . . . امان.“ افضل پريشان ٿي ويو.
”مسٽر افضل.“ ڊاڪٽر اچي ويو.
هو سڀ پاسي ٿي بيٺا – ڊاڪٽر اسٽيٿسڪوپ سان ڇاتي
جانچي. بلڊ پريشر ڏٺو، نبض ڏسندو رهيو، پوءِ هڪدم
چيائين. ”جلد کان جلد اسپتال پهچو. مان توهان کي
اونداهيءَ ۾ رکڻ نه ٿو چاهيان. پيرالسز جو اٽيڪ
ٿيو آهي. برين هيمريج جي ڪري.“
افضل جي اکين اڳيان اوندهه ڇانئجي ويئي. هو کٽ جي
پائي کي جهلي پاڻ کي ڪرڻ کان بچائڻ لڳو.
”ان ڪري شهر آئي هئينءَ. . . . مون کي اڪيلو ڪرڻ.“
پڻس ڀڻڪندي چيو ۽ خالي نظرن سان پٽ ڏانهن ڏسڻ لڳو.
رعنا ڪاليج پهتي. بس ۾ افضل نظر ڪو نه آيس. ’خبر
ناهي ڪهڙي حال ۾ هوندو؟“ هن جنهن کي سڀ کان پهرين
ڏسڻ ٿي چاهيو، اهو ئي ڪو نه هو. بس مان لهندي هن
جي دل اهيو ٿي ته سندس ساڙهيءَ جو پلئه بس ۾ اٽڪي
پوي ۽ افضل وڌي اچي ان کي ڇڏائي. پر هو ته هئو ئي
ڪو نه. نه ڪو هن بس ۾ ڪنهن کان پڇيو ئي هو. هن کان
البته ڪن استادن ضرور اهو پڇيو هو ته ڪانفرنس ۾ ڇا
وهيو ڇا واپريو.
”هوپ ليس ايز يويوئل.“ هن مرڪندي بحٿ جي وٿي بند
ڪري ڇڏي هئي.
”توهين ته هليا ويا، پٺيان زبردست هڙتال ٿي
ويئي.“ ڪريم صاحب چيو هو.
”اسان جي وڃڻ سان ٻيو ڇا ٿيندو.“ هن روايتي انداز
برقرار رکيو هو. هن چاهيو ٿي ته ان معاملي تي ڪا
وڌيڪ ٽيڪا ٽپڻي ٿئي. من انهيءَ بهاني افضل جو نالو
اچي! پر ڪنهن به ڪجهه ڪو نه ڪڇيو. پوءِ هوءَ به چپ
ٿي ويئي.
بس مان لهي هوءَ سڌي پنهنجي ڪمري ڏانهن هلي وئي ۽
يڪدم پنا ڪڍي رپورٽ لکڻ ويٺي. هن چاهيو ٿي ته
سرڪاري ڪم ختم ڪري پوءِ وڃي ڪا سار سنڀال لهي. پر
اڃا هن هڪ پنو مس لکيو هو ته ياسمين اچي ويئي.
”اڙي، توهان ڪڏهن آيا؟“ هن کي ڏسي ياسمين کي ڏاڍي
خوشي ٿي هئي. ”آءٌ ته ائين ئي هتان لنگهي هوس.“
”اچ چري – ڪالهه رات آئي آهيان.“ رعنا مرڪندي اٿي
هن کي ڀاڪر پاتو.
”گهر وارا ته ڏاڍا پريشان هئا.“ ياسمين چيو.
”هروڀرو، اهڙا واقعا ته پيا ٿين.“ رعنا چيو.
”جيسين هرن.، هن چيو. ”ڀلا ڪيئن رهيو ٽرپ؟“
”ڏاڍو مزو آيو.“ رعنا چيو.
”هتان ڪو ٻيو به هو يا . . . “ ياسمين پڇيو.
”نه ڪو به ڪونه هو. خبر ناهي منهنجو نالو ڪيئن اچي
ويو؟“ رعنا چيو. وري دل ۾ چيائين ’ٻيو ڪو هجي ها
ته ڏاڍو مزو ٿئي ها. پر ٻيو ڪير هجي ها؟‘
”آءٌ آئي هوس افضل کي ڏسڻ.“ ياسمين جي لفظن هن کي
ڇرڪائي وڌو.
”پوءِ؟“ هن پڇڻ ٿي چاهيو ته ڇا ٿيو.
”هو آهي ئي ڪو نه – آءٌ گهرٿي وڃانس.“ ياسمين چيو.
”تو گهر ڏٺو اٿس؟“ رعنا شوق وچان پڇيو.
”ها، ڇو نه –“ ياسمين حيرت مان چيو.
”ائين ٿي پڇيم.“ رعنا ڪنڌ جهڪائي چيو. هن چاهيو ٿي
ته هوءَ به وڃي افضل سان ملي. جنهن پهرين ئي
ملاقات ۾ هن کي منزل ڪوٺي، هن جي اندر جي بيٺل
پاڻيءَ ۾ هلچل مچائي ڇڏي هئي.
”ياسمين.، هن اوچتو چيو.
”جي.“ ياسمين وراڻيو.
”ڪجهه به نه.. . پهرين هل ته هن جي شعبي مان
پڇون.“ آخر هن چيو.
”اتي آءٌ ڏسي آئي آهيان.“ ياسمين وراڻيو.
”ته پوءِ آفيس مان پڇي وٺون – متان ڪو اطلاع ڏنو
هجيس“ رعنا اٿندي چيو.
پوءِ ٻئي گڏجي ٻاهر نڪتيون ۽ ورانڊي مان ٿينديون
آفيس ۾ پهتيون. ڪلارڪ هنن کي ڏسي اٿي بيٺو.
”افضل صاحب آيو آهي؟، رعنا پڇيو.
هن جواب ۾ اخبار کڻي هن جي آڏو ڪئي. لفظ هن جي
اکين اڳيان تروار بڻجي نچڻ لڳا. ياسمين جهڪي ڏٺو ۽
رڙ نڪري ويس،”ويچارو.“
اخبار ۾ انتقال پرملال جي سري هيٺ افضل جي والده
جي اوچتي وفات جو ذڪر هو ۽ اهو به لکيل هو ته هن
کي افضل جي اباڻي ڳوٺ ۾ دفن ڪيو ويندو.
رعنا وڌيڪ اخبار جهلي نه سگهي.
”ڪيڏو نه ماءُ سان پيار هوس!“ ياسمين چيو. هر
ڪهاڻي ۾ ماءُ جو ڀرپور ڪردار چٽيندو هو. اڄ ته
پريس ڪلب ۾ دعوت به هوس – پر هن جي ماءُ ته ڳوٺ
هئي؟ شايد بيمار ٿي آئي هجي! خبر نه ٿي پوي. هو
آرٽسٽ آهي، خبر ناهي ڇا محسوس ڪيو هوندائين.“
هوءَ چوندي رهي پر رعنا ڪجهه به ڪو نه پئي ٻڌو. هن
کي ڏاڍو ڏک ٿيو هو. هوءَ واپس وڃڻ لڳي. ياسمين
سندس پويان پويان آفيس ۾ آئي. ”آءٌ وڃان ٿي.“ هن
چيو.
”ويهه، چانهه پي –“ رعنا بي دليءَ وچان چيو – هن
کي هي سڀ ڪجهه عجيب لڳي رهيو هو. افضل کي هينئر
اهڙن دوستن جي ضرورت هوندي جيڪي هن کي دلداري ڏئي
سگهن. ’پر آءٌ. . . . ته ڪجهه به ناهيان.‘
ياسمين وڃي چُڪي هئي.’مون کي وڃڻ گهربو هو ڇا؟ ٻيا
اسٽاف وارا ته ضرور ويندا. آءٌ هنن سان وڃان ڇا؟‘
هوءَ سوچيندي رهجي ويئي.
ماڻهن جو هجوم گڏ ٿي ويو هو دوست يار خبر پڙهندي
ئي پهچي ويا هئا. افضل گهر ۾ اندر هو. پڻس ٻاهر
گلم تي ويٺوهو. سليم هڪ طرف ڪنڌ جهڪايو ويٺو هو.
ايمبولينس اچي ويئي هئي ۽ هاڻ ٿوري دير ۾ هو لاش
کڻائي ڳوٺ وڃڻ وارا هئا.
”چاچا، افضل کي سڏيو.“ سليم چيو.
”هون.“ ڏکويل خان محمد بي خياليءَ کان ڪنڌ مٿي کڻي
چيو، ”ابا، تون پاڻ سڏينس.“ هن اندر وڃڻ کان نٽايو
پئي. ليڪن ڪجهه سوچي پاڻ اٿيو، ”چڱو سڏيانس ٿو.“
هو اٿيو ۽ گهر ۾ اندر داخل ٿيو.
افضل ماءُ جي کٽ جي سيرانديءَ اوڪڙو ويٺو هو هن جو
ڪنڌ کٽ جي اوپري تي رکيو هو ۽ اکيون بند هئس. مائي
ڦاپوءَ پاڙي جون ٻيون ڪيتريون عورتون ماءُ پٽ جي
وڇوڙي جو منظر ڏسي پنهنجن پيارن جي وڇوڙن کي ياد
ڪري اوڇنگارون ڏئي، يا سڏڪي پنهنجي ڏک جو اظهار
ڪري رهيون هيون. خان محمد کي اندر ايندوڏسي هنن
مان ڪيترين منهن تي رئي جو پلئه ڏئي ڇڏيو ۽ ڪن
اشاري ۾مائي ڦاپوءَ کان پڇيو ته هو ڪير آهي؟ مائي
ڦاپوءَ ڪو جواب ڪو نه ڏنو – هن کي افضل سان پٽن
وانگر پيار هو. هن کي اها به خبر هئي ته افضل کي
پنهنجي ماءُ سان ڪيڏو پيار هو – هن افضل جي هن
صدمي جو سور چڱيءَ طرح سمجهيو ٿي. پر هن کي هڪ طرح
جو اطمينان به هو. هوءَ پنهنجي دل ۾ چئي رهي هئي
ته چڱو ٿيو، ’ماءُ پيءُ جي مرڻ جي ته پر آهي.الله
ٺريءَ آنڊي کڻي ورتس. ڪو اولاد جو ڏک نه
ڏيکاريائينس.
”ابا، سليم سڏي پيو.“پيءُ جي آواز ۾ عجيب ڦيرو ڏسي
افضل جو هانو ٿي ڦاٽڻ لڳو. هن سان سڄي زندگي پيءُ
ائين ڳالهايو هو ڄڻ پيءُ نه ڪو دوست هجيس، ڏاڍو بي
تڪلف دوست – پر اڄ هن کيس هڪ اهڙي انسان واري لهجي
۾ سڏ ڪيو هئو، جنهن جي نظرن جي آڏو سندس گهر ڦرجي
ويو هجي. هن جون نگاهون جهڪيل هيون ۽ هٿ صاف طور
تي ڪنبندا پئي نظر آيا.
”بابا.“ افضل رڙ ڪري هن کي چنبڙي ويو ۽ ٻئي اچي
اوڇنگارن ۾ پيا. ”چريا، تون ته ڄائين ڪالهه،
منهنجو ساٿ چاليهن ورهين جو هئو.“ هن جي آواز مان
سور جو احساس بکي رهيو هو.
’آهي يا هئو!‘ افضل جي ذهن ۾ جملو گونججي رهيو هو
۽ نظرون کٽ تي اگهور ننڊ ۾ستل ماءُ تي هوس.
”هاڻي کڻون – ڳوٺ پهچڻو آهي.“ خان محمد چيو ۽ هن
کي ٻانهن کان وٺي ٻاهر نڪتو.
افضل کي ڏسي سڀ مڙي آيا. ڀاڪرين پئجي ويس. روئڻ
لڳا، همدردي ڪرڻ لڳا. هيءَ همدردي ڏسي افضل کي
ڏاڍو سڪون مليو. هن جي دل چاهيو ٿي ته سڀني کي پاڻ
تسلي ڏئي.
”افضل هاڻي دير نه ڪريو.“ سليم چيو. افضل ڪو به
جواب ڪو نه ڏنو. هن ڏانهن ڏٺائين. سليم ۽ افضل جا
ٻيا دوست گهر ۾ اندر اوڇنگارون ڏيندڙ عورتن جي
وچان اسٽريچر تي لاش کڻي ٻاهر آيا. لاش ايمبولينس
۾ رکيائون ۽ در بند ڪري پنهنجين گاڏين ۾ وڃي ويٺا.
خان محمد کي ايمبولينس ۾ وهاريائون، جتي هو ان وقت
کي ياد ڪري رهيو هو. جڏهن هو شادي ڪري پنهنجي
ڪنوار کي 1934ع جي ڪنور ٽيبل شيورليٽ ۾ گلن سان
جنجهي، پنهنجي ڳوٺ وٺي ويو هو.سڀ زمانو خواب ٿي
ويو. ڪوڙ ٿي ويو. گذري ويو، هاڻ ڪا به گهڙي واپس
اچڻ جهڙي نه هئي. صرف ياد اچي سگهي ٿي.ڇو جو ياد
تي ڪا به بندش، ڪو به پهرو ڪونهي.
افضل سليم سان گڏ ڪار ۾ چڙهيو پئي ته هڪ ٽئڪسي
تيزيءَ سان اچي بيٺي ۽ ان مان ياسمين تمام پريشان
انداز ۾ هيٺ لٿي.هوءَ ڊوڙي افضل ڏانهن آئي. هن کي
ايندو ڏسي افضل سوچيو ’امان جي موت تي همدردي ڪرڻ
آئي آهي‘ ماءُ جي موت جو خيال بڙڇي بنجي هن جي
سيني ۾ ٽنبجي ويو.
ياسمين هنجي آڏو اچي چپ چاپ بيهي رهي. هن جي ٽمندڙ
اکين مان صاف ظاهر هو ته هوءَ ڇا چئي رهي هئي. هن
هڪ ٻڙڪ واتان نه ڪڇيو. ايمبولينس، ڪارن جو ميڙ،
درن ۽ درين مان ليئا پائيندڙ عورتون، افضل جي در
وٽ اوڇنگارن ۾ گم مائي، ڦاپو، هن نظاري سندس جسم ۾
ڏڪڻي وجهي ڇڏي. آخرڪار وڏي مشڪل سان هن جي وات مان
نڪتو؛ ”افضل.“ وري چيائين، ”هي سڀ ڇا ٿي ويو؟“
هن جي انهيءَ جملي افضل جي صبر جا بند ٽوڙي ڇڏيا.
هو سڏڪا ڀري روئڻ لڳو. ياسمين بي اختيار هن کي
ڀاڪر پائي پنهنجي سيني سان لڳايو. ”ادا. . . .
ادا. . . .“ هن جي وات مان سڏڪن جيان لفظ نڪري
رهيا هئا. افضل کي ائين لڳي رهيو هو ڄڻ هو پنهنجي
ٻالپڻي ۾ ماءُ جي سيني سان لڳي روئي رهيو هجي. هڪ
لمحي لاءِ هن کي ڏاڍو سڪون محسوس ٿيو. دل کي ٺاپر
آيس – دل جي ڌڙڪڻ جي رفتار ٺيڪ ٿيڻ لڳس.
”اسين ڳوٺ پيا وڃون.“ افضل آخرڪار چيو.
”جلدي ايندا نه؟“ هن آهستي چيو – خبر ناهي ڇو
ياسمين کي هن سان اوچتو هڪ عجيب قسم جو پيار محسوس
ٿيڻ لڳو هو. هن کي افضل سان ڀاڪر پائي ائين لڳو
هو، ڄڻ ته ڪو هو سندس سڳو ڀاءُ هجي، رت هجي. هن
کي افضل جي سڏڪندڙ چهري ۾ اهڙي ته مصوميت نظر آئي
هئي، جو دل ٿي چيس ته اها تصوير هميشه لاءِ
پنهنجين اکين ۾ وهاري ڇڏي. هي مون کي ڇا ٿيندو پيو
وڃي.‘ هن سوچيو ۽ افضل کي ڇڏي ٽئڪسيءَ ڏانهن وڌي.
وري مڙي افضل کي ڪار ۾ وهندو ڏٺائين.
ايمبولينس ۾ افضل جو پيءُ سوچي رهيو هو، ”شهر به
انسانن کان خالي ڪونهي.“
ياسمين آئي ته نسيم کٽ تي پيل هنڌ کي ٽيڪ ڏيو ڪجهه
پڙهي رهي هئي.
”افضل موٽيو؟“ هن ياسمين کي ايندو ڏسي پهريون سوال
ڪيو.
”نه، اڃا ته ڪو نه آيو آهي.“ ياسمين وراڻيو.
”سليم چيو پئي ته ڪنهن اخبار ۾ به ڪم ٿو ڪري.“
نسيم پڇيو.
”ها.“ ياسمين کٽ تي وهندي چيو. ”پر اتان به موڪل
ورتي اٿس.“
”اچي ته هن کان پڇي ته ماءُ جي مرڻ جو غم ڪيئن ٿي
محسوس ڪيائين!“ نسيم چيو
”اهي ڳالهيون پڇڻ سان نه اينديون نسيم.“ ياسمين
پنهنجي سيني تي هٿ رکندي ائين چيو ڄڻ ته اڃا اتي
افضل جي ڳوڙهن جي آلاڻ محسوس ٿي رهي هجيس.
”هڪ دفعو سليم سان گڏ اچڻو هوس، پر خبر ناهي ڇو نه
آيو!“نسيم حيرت وچان چيو.
”تو رکي به ڏاڍي عزت هوس، جو تو وٽ اچي.“ ياسمين
هنجي هٿ مان ڪتاب وٺي ڏسڻ لڳي. نسيم ڪو جواب ڪو نه
ڏنو.
”اڙي ياسمين!“ رعنا هن کي ورانڊي مان ئي
ڏٺو.”انهيءَ ڏينهن ويئي هئينءَ؟“ هن پڇيو.
”نه وڃان ها ته سٺو ٿئي ها.“ ياسمين چيو.
”ڇو، مليو ڪو نه ڇا؟“ رعنا اندر ايندي رئي سان هٿ
اگهندي چيو شايد ٻاهر هوءَ ڪو ڪم ڪار ڪري رهي هئي.
”مليو – ڏاڍو ڏکويل هو.“ هن وراڻيو.
”ڏک ۾ ماڻهو عجيب ڇو لڳندا آهن؟“ نسيم چيو وري
پنهنجي منهن وراڻيائين ”شايد ڏک انسان تان تصنع ۽
ڪوڙ جي اها چادر لاهي ٿو ڇڏي، جيڪا هو هر وقت
اوڙهيو ٿو هلندو وتي.“
”منهنجي جتي ڪٿي آهي، ڪنهن کنئي آهي؟ هن بدنصيب جي
قسمت ۾ ته جتي به ڪانهي.“ رشيده ڪاوڙ کان ڳاڙهي
پيلي ٿيندي اندر آئي.پر سڀني جي چهرن تي ڳمڀيرتا
جا ڪڪر ڇانيل ڏسي بيهي رهي. ياسمين اٿي بيٺي.
”ڇا ٿيو اٿو؟“ آخر هن پڇيو.
”افضل جي ماءُ گذاري ويئي.“ رعنا اهڙي لهجي ۾ چيو
جو رشيده سان گڏ نسيم ۽ ياسمين به حيران ٿي ويا.
”افضل – ڪير افضل؟“ رشيده پڇيو.
”آپا، افضل اديب آهي.“ ياسمين چيو.
”پر، توهان کي ايڏو ڏک ڇو ٿيو آهي؟“ رشيده چيو.
”هو مون سان گڏ ڪاليج ۾ ليڪچرار آهي.“ رعنا چيو.
”پوءِ وڃي فاتحه ڪري اچ.“ رشيده چيو.
”هينئر ته هو ڳوٺ ويل آهي.“ ياسمين ٻڌايو.
”تون ڪڏهن ٿي ٽريننگ لاءِ لاهور وڃين؟“ نسيم رعنا
کان پڇيو.
”پهرينءَ کان ٽريننگ شروع آهي ۽ اڄ،“ هن واچ ۾ ڊيٽ
ڏٺي، ”پنجويهين آهي.“
”ٽڪيٽ ڪڏهن جي اٿئي؟“ نسيم پڇيو.
”ستاويهين جي.“ رعنا آهستي چيو.
”توهان جا ته مزا آهن، رڳو چڪر.“ ياسمين چيو.
”ها،اهو رولڙو به چڱو آهي، هنه.“ رشيده چيو ۽ ٻاهر
هلي وئي.
”اتي مون کي چيو ته هوائون، جڏهن ڪانفرنس ۾وئي
هوس. مون کي اها خبر ڪانه هئي ته ڪو ايترو جلدي
گهرائيندا.“ رعنا آهستي چيو۽ هنن کي ڳالهيون ڪندو
ڇڏي ٻاهر هلي وئي.
ورانڊي جي ڇت تي ڪافي ڄارو چڙهي ويو هو، سو وڏي
ڪاٺيءَ ۾ ڪپڙو هڻي هوءَ ورانڊو صاف ڪرڻ ۾ لڳي
ويئي. هميشه جيان هن ”اهي اڱڻ منهنجي لاڏل جا
وسندا“ جهونگارڻ چاهيو پر جهونگاري نه سگهي.ڪا
شيءِ سندس نڙيءَ ۾ اٽڪي رهي هئي.لڳس ٿي ڄڻ دل تي
ڪو بار هجيس. پر اهو هلڪو ڪيئن ٿئي؟ اها خبر ڪا نه
هوس. هن ته چاهيو ٿي ته افضل جي گهر وڃي. ٻيا
استاد به ته ويا هئا، پر هوءَ نه وڃي سگهي. هن ۾
اهڙي همت ڪا نه هئي، جو ايڏي وڏي ڏک جي موقعي تي
افضل سان اکيون اکين ۾ ملائي سگهي. هن ته چاهيو ٿي
ته افضل جا سڀ ڏک پنهنجي جهوليءَ ۾ ڀري وٺي. ليڪن
ڪيئن؟ اهو جواب وٽس ڪو نه هو.هن ڪيترا دفعا ان
ڳالهه جي باري ۾ نسيم سان به ڳالهائڻ چاهيو هو، پر
وري به سندس چپ نه ٿي کليا. ’آخر نسيم ڇا سمجهندي
هوءَ ننڍي آهي. . . . ‘ اهو سوچي هوءَ خاموش ٿي
ويندي هئي. رشيده سان ڳالهه ڪرڻ جو تصور ئي نه ٿي
ڪري سگهي. باقي ماءُ . . . . هن نه ٿي چاهيو ته
سندس خاطر مورڳو ماءُ کي تڙيون پون. ان ڪري جو
هوءَ ڳالهه ٻڌي ضرور گهر ۾ ڪڍي ۽ پوءِ . . رعنا
سوچيو. ’ته اها ڳالهه ڪڏهن ڪا نه نڪرندي.‘ هن پاڻ
کي گهر ۾ ڏاڍو اڪيلو محسوس ڪيو، جتي ڪيترائي انسان
هئاپر سڀ هڪ ٻئي کان جدا.
لاهور ۾ هن کي ٽي مهينا رهڻو هو. ’جي وڃڻ کان اڳ
افضل سان ملاقات ٿي وڃي ته ڪيڏو نه چڱو ٿئي،‘ هن
سوچيو ۽ رئي جي پلاند سان اکين ۾ سرڪي ايندڙ لڙڪن
کي جذب ڪرڻ لڳي.
حصو ٻيو
سيون اپ تيزگام ڪراچيءَ کان راولپنڊي وڃڻ لاءِ
پليٽ فارم نمبر هڪ تي لڳي چُڪي هئي.پليٽ فارم تي
ماڻهن جي اچ وڃ تيزيءَ سان ٿي رهي هئي. گهورڙيا،
ڪباب ڊبل روٽيءَ وارا، يونيفارم ۾ ريلوي ريسٽورنٽ
جا ٻيرا ۽ ٽرين جي ڊائننگ ڪار جا بيرا هٿن تي ڏهه
ڏهه کاڌي جي سامان سان ڀريل ٽري کڻي، هيڏانهن
هوڏانهن اچ وڃ ڪري رهيا هئا. اڇي سوٽ ڪوٽ ۽ ٽوپلن
۾ ملبوس صاحبلوڪن واري زماني جي آخري نشاني بنيل
ٽي ٽي، گارڊ، ڪنڊڪٽر ۽ ريلوي جا آفيسر پنهنجي
راڄڌانيءَ ۾ مزي سان ڳالهيون ٻولهيون ڪري رهيا
هئا. مستري لوهي ڏنڊن سان گاڏين جي ڦيٿن کي وڄائي
ڏسي رهيا هئا ته ڪٿي ڪو پرزو ته لوز ڪو نه ٿي ويو
آهي – ڪراچيءَ کان آيل مسافر گاڏين مان لهي کاڌي
پيتي جو سامان وٺي رهيا هئا. عورتون گاڏن جي درين
مان پنهنجن مردن کي فرمائشون ڪري رهيون هيون. ٻئي
طرف ڪيترا ماڻهو پنهنجن عزيزن کان موڪلائڻ آيا هئا
۽ درين وٽان ٻاهران بيهي آهستي آهستي ڳالهيون ڪري
رهيا هئا. يا کاڌي پيتي جون شيون ۽ پليٽ فارم تي
موجود دڪانن مان حيدرآباد جون شيشي جون چوڙيون
خريد ڪري تحفا ڏئي رهيا هئا.
رعنا کي به اختر ڇڏڻ آيوهو. هوءَ پنهنجي ڪمپارٽمنٽ
۾ پنهنجي برٿ تي بسترو وڇائي ويهي رهي. اختر هن
سان گڏ ويٺو هو.
”تون پڙهائيءَ ۾ ڌيان ڏجئين.“ هن ڪجهه نه سمجهي
آخر ڳالهائڻ لاءِ چيو. زندگيءَ ۾ پهريون دفعو هوءَ
ايڏي عرصي لاءِ ٻاهر وڃي رهي هئي.سو به جيڪڏهن
نسيم نه هجي ها ته هوند کيس موڪل به ڪا نه ملي ها.
ماءُ ته پهرئين سفر جي ڪوڙاڻ کي ياد ڪري روئي ڏنو
هو. پر نيٺ ڪجهه عقل ۽ ڪجهه وقت جي تقاضا کي نظر ۾
رکندي هن کي وڃڻ جي اجازت ڏني هئائين.
”ها.“ اختر چيو. هو هميشه گهٽ ڳالهائيندو هو.
”نسيم جي کاڌي پيتي جو خيال رکجو.“ رعنا ائين چيو
ڄڻ نسيم ڪا ننڍڙو ٻار هجي.
”ها –“ اختر وراڻيو – رعنا کي اها به خبر هئي ته
هن سان سوال جواب ڪرڻ اجايو آهي پر تڏهن به هن
چاهيو ٿي ته ڪجهه ڳالهائي. ’افضل جي ڪا ڳالهه ٿئي
ته ڪيڏو نه چڱو!‘ هن سوچيو. هن جي افضل سان ملاقات
ڪو نه ٿي سگهي هئي ڇو جو هو اڃا ڳوٺان ڪو نه موٽيو
هو.
گاڏيءَ هيانو ڏاريندڙ آواز ۾ رنڀ ڪئي ۽ پليٽ فارم
تي ڄڻ زلزلواچي ويو. گارڊ جي سيٽيءَ جو تيز آواز
آيو اختر اٿيو – رعنا اٿي، ڀاڪر پائي چمي ڏنائينس
۽ هو جلدي اٿي گاڏيءَ مان هيٺ لٿو.رعنا در ۾ اچي
بيٺي.
”اختر سڌو گهر وڃجئين.“ هن در ۾ اچي بيهندي چيو.
گاڏي ٻي وسل سان سرڪڻ لڳي. ڪيترا قدم گاڏيءَ سان
گڏوگڏ هلڻ لڳا. رومال ۽ هٿ لڏڻ لڳا. رعنا به هٿ
لوڏڻ لڳي. اختر به هٿ لوڏي رهيو هو. گاڏيءَ جي
رفتار تيز ٿي ويئي. پليٽ فارم پري ٿيندو ويو.
حيدرآباد جو قلعو پري ٿيندو ويو. پليٽ فارم تي
بيٺل ماڻهو ننڍڙا ٿيندا ويا. اختر به ننڍڙي نشان ۾
بدلجي ويو.آهستي آهستي منگهه نظرن کان لڪندا ويا.
سڄو منظر گم ٿي ويو. رعنا جي اکين مان ڳوڙها نڪري
سندس قميص تي ڪري پيا.
منظر بدلجي ويو. هوءَ گاڏيءَ ۾اندر اچي پنهنجي برٿ
تي ويٺي. رات جا اٺ ٿيا هئا. سياري جا اٺ معنيٰ
آڌي رات. دريون سڀ بند هيون. هن جي سامهون ۽ کاٻي
پاسي واري برٿ تي ٻه نوجوان ويٺل هئا.هڪ مٿين برٿ
تي پوڙهي عورت ليٽيل هئي، جيڪا شايد هيٺان ويٺل
نوجوان جي ماءُ هئي، جو هو هر هر اٿي کيس ڪجهه نه
ڪجهه چئي رهيو هو ۽ کائڻ لاءِ ڪجهه ڏئي رهيو هو.
هن پنهنجو پاڻ کي ڏاڍو اڪيلو محسوس ڪيو. ’اڄ
جيڪڏهن افضل مون سان گڏ هجي ها ته!‘ هوءَ وڌيڪ نه
سوچي سگهي.
”توهان لاهور پيا وڃو؟“ کاٻي پاسي واري سيٽ تان هڪ
نوجوان پڇيو.
”ها.“ هن مختصر جواب ڏنو.
”ٽيچرس ٽريننگ ڪورس ۾!“ هن پڇيو.
”ها!“ رعنا جي جواب ۾ سوال لڪل هو.
”مان به انهيءَ سلسلي ۾ پيو وڃان– ڪراچيءَ ۾
ليڪچرار آهيان.“ نوجوان چيو.
رعناپهريون دفعو غور سان هن ڏانهن ڏٺو.پهرين نظر ۾
ته هو هڪ خوش شڪل سادو سودو شخص ٿي لڳو –خبر ناهي
ڇو هن کي ڏسي رعنا کي ائين لڳو، ڄڻ هن تي اعتماد
ڪري پئي سگهي.
”مون کي اقبال چوندا آهن.“ هن وري چيو.
”منهنجو نالو رعنا آهي.“ رعنا چيو ۽ ڪتاب کولي
ٽرين جي ڪڏهن جهڪي ته ڪڏهن تيز ٿيندڙ روشنيءَ ۾
پڙهڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳي.‘ ٽي مهينا ڪيئن گذرندا؟ آءٌ
ويندي شرط افضل کي خط لکنديس. خبر ناهي ته هو ڇا
سوچيندو هوندو! ضرور خط لکنديس. نسيم هينئر ڇا
ڪندي هوندي؟‘ رشيده جي ياد ايندي، هن سان ڪيتري
ڪاوڙ جي باوجود، هن جي دل ۾ آيو ته هڪدم زنجير ڇڪي
ٽرين روڪي واپس گهر هلي وڃي ۽ وڃي هنن مان ڪنهن جي
گرم گرم هنڌ ۾ آرام سان سمهي. ’لاهور ۾ ڪيئن
رهنديس؟‘ هن جو ذهن سوال ڪندو ڪندو ننڊ ۾ گم ٿي
ويو.
افضل ڳوٺان واپس اچي ويو.وڏا مرحلا، وڏيون منزلون
طئي ڪيون هئائين.موت ڪا صرف هڪ گهڙي ته ناهي! موت
جي به مسافري آهي. منزلون آهن۽ هر منزل موت آهي.
هو ته اهو سڄو وقت موت جي حالت ۾ هو. کيس ڪا به
ڳالهه ياد ڪا نه هئي.رڳو ايتري ڳالهه ياد هوس ته
جڏهن ماءُ کي قبر ۾ لاهي، هو واپس گهر پهتو هو ته
انوشائيءَ جي حالت ۾ هڪ ڪمري ۾ کٽ تي ڪري پيو
هو.سرديءَ ۾ به هن جا لڱ باهه جيان ٻري رهيا هئا.
هو ڪنڊڙو ٿيو ستو پيو هو. سندس سڄووجود ڏڪي رهيو
هو. ان وقت هن محسوس ڪيو هو ته ڪنهن مٿس سوڙ وجهي
ڇڏي هئي. ڪو سڏڪا ڀريندو سندس مٿان اچي بيٺو هو، ۽
سندس ڪنبندڙ جسم تي ڳري سوڙ وجهي ڇڏي هوائين. پوءِ
هن اهو به محسوس ڪيو هو ته هڪ ڪنبندڙ هٿ سندس
پيشانيءَ تي اچي لڳو هو. کيس ان مان ايڏو ته آسيس
پئي مليو جو پاڻ به هٿ ان هٿ تي رکيائين.
حميده ڄڻ ته ڇڄي پئي، ڀڄي ڀري پئي. هوءَکيس
ڳراٽڙيون پائي روئي رهي هئي. هن جا ڳوڙها ۽ گرم
گرم ساهه افضل جي من جي مونجهه کي ڏاڍو سهارو ڏئي
رهيا هئا. هن کي ائين لڳو هو ڄڻ ته سندس غم اڌواڌ
لهي ويو هجي. واقعي گڏجي کڻڻ سان غم جو بار به
گهٽجيو وڃي. هو پاڻ به چڱيءَ طرح رنوهو. ٻارن
وانگر اوڇنگارون ڏئي، سڏڪا ڀري اندر جي غم کي
ڳوڙهن جي صورت ۾ ٻاهر ڪڍيو هئائين. هن حميده جي
سيني ۾ منهن لڪائي سڏڪا پئي ڀريا ۽ حميده هن جي
مٿان وري وئي هئي. ڄڻ ته هن کي دنيا جي هر غم، هر
مصيبت کان لڪائي رهي هجي. هوءَ منهن کان چوٽيءَ
تائين عورت بنجي هن جو غم ونڊائي رهي هئي ۽ هر هر
افضل جي منهن کي مٿي ڪري چمي رهي هئي. هن جا ڳوڙها
پنهجن چپن سان اگهي رهي هئي. پنهنجو منهن هن جي
منهن سان ملي رهي هئي. ايتري قدر جو اهو اندازو
لڳائڻ به مشڪل هو ته ڪنهن جا ڳوڙها ڪٿان شروع ٿين
ٿا ۽ ڪٿي ختم ٿين ٿا. هن جي پيار جي گرميءَ ۾ افضل
گم ٿي ويو.هن کي ننڊ کڻي وئي.
هو جڏهن ننڊ مان اٿيو هو تڏهن به کيس اهو احساس
ٿيو هو ته سوڙ ۾ صرف سندس بدن جي گرمي ئي ڪا نه
هئي، بلڪه ڪنهن ٻئي جي ساهه جي خوشبوءِ به هئي.
’رعنا ته آئي به ڪانه،‘ هن ڏک مان سوچيو. کيس اها
ڳالهه سمجهه ۾ ڪو نه پئي آئي ته صبح هو يا شام،
هو ڪٿي ستل هو – هتي ڇو آيو هو؟ پر کيس اهو ياد هو
ته رعنا ڪا نه آئي.
هو جڏهن ڪمري کان ٻاهر نڪتو هو ته حميده کي اتي
بيٺل ڏٺو هئائين، جيڪا هن کي ڏسندي ئي زندگيءَ ۾
پهريون دفعو ڇال ڏئي وٺي ڀڳي.افضل کي هن تي ڏاڍو
پيار آيو.
”بابا ڪٿي آهي؟“ هن پڦيءَ کان پڇيو، جيڪا چلم ۾
تماڪ وجهي رهي هئي.
”ٻاهر اوطاق ۾ آهي،“ آيو هو پر تون ستو پيو هئين.“
هن وراڻيو.
”آءٌ به وڃان ٿو.“ هن اطلاع ڏنو، جيڪو بلڪل بي
معنيٰ لڳس. هن گهر جي ماحول سان هن جو رابطو ماءُ
جي وسيلي هو، جيڪا هينئر ڪا نه هئي. هن کي ٻڌائڻو
پوندو هو ته ڪيڏانهن ٿو وڃي ۽ ڪيڏانهن نه – هاڻ ڪو
فرق ڪونه ٿي پيو.
”چانهه پيئو.“ حميده پريان چيو.
”هو اڱڻ ۾ پيل کٽ تي ويهي رهيو.
حميده آهستي آهستي چانهه کڻي آئي. هن هٿ وڌائي
جيئن ڪوپ ورتو، تيئن آڱريون حميده جي هٿ سان
ٽڪرايس. حميده ڇرڪي کڻي نظرون جهڪايون.
”حميده“ افضل پڦيءَ کي صفي ڏانهن ويندو ڏسي چيو.
”جي.“ حميده آهستي چيو.
”تون مون سان گڏ هل.“ هن جي وات مان بي اختيار
نڪتو.
”وٺي هلو.“ حميده اهي لفظ چئي وٺي ڀڳي.
افضل کي ڏاڍو سڪون محسوس ٿيو – هن ڏٺو ته گهر جو
ڪو به فرد اتي ڪو نه هو. شايد هو وڏي گهر ۾ هئا،
جتي تڏو پيل هو. ’مون کي حميده واقعي پيار ڏئي
سگهي ٿي.‘ هن سوچيو، ’امان به ته اهو ٿي چاهيو.‘
هن جا قدم ٻاهر وڃي رهيا هئا. ’ڇا امان جو روح اهو
سڀ ڪجهه ڏسندو هوندو!‘ هن وري سوچيو. ’رعنا ته پڇڻ
به ڪو نه آئي. پر اچي ها ته به ڇا! منهنجي قسمت ۾
ته حميده ئي آهي. خبر ناهي ڇو سڀ خبر هوندي به
اسين دوکا ٿا کائون، دوکا ٿا ڏيون. هوءَ وري ڪهڙو
منهنجي انتظار ۾ هوندي؟ ايڏي عمر انهيءَ انتظار ۾
ٿوروئي هئي ته ڪو اچي کيس ٻه لفظ چئي پيار سيکاري.
اسين آهيون ئي سادا سودا: اهو سوچيندو هو اوطاق ۾
ويو هئو، جتي، ڪٿي ڪٿي جاماڻهو ساڻس همدردي ڪري
رهيا هئا. آخر زماني جي پر هئي. نه ته جت باهه ٻري
ات سيڪ اچي. ٻين کي ڪهڙي خبر ۽ جي ڪجهه رنا به ٿي
ته حقيقت ۾ پرائي پٿر تي هرڪوپنهنجا ڏک روئندو
آهي.
رات جو جڏهن هو سمهڻ لاءِ ليٽيو هو ته پڻس ڀر ۾
اچي ويٺو هوس.
”افضل شادي ڪر.“ هن چيو هو.
”جي بابا.“ افضل آهستي چيو هو.
”حميده سان؟“پڻس سوال ڪيو هو.
”ها.“ افضل مختصر جواب ڏنو هو.
”چاليهي کان پوءِ – ماڻهين جو روح خوش ٿيندو.“
هن ٿڌو ساهه ڀري چيو هو.
”ها.“افضل چئي پاسو ورائي ڇڏيو هو. ’مرڻ کانپوءِ
به خوش ٿو رکڻ چاهينس!‘ هن سوچيو.
ماما حسن ۽ چاچا عدلو – سري اچي خان محمد جي ڀر ۾
ويٺا.
”ابا، الله اهڙو اولاد شل سڀني کي ڏي وڏي ڀاڳن
واري هئي قمر.“ ماما حسن چيو.
”وڏي ڀاڳن واري هئي.“ خان محمد جو آواز نه هو
اوڇنگار هئي. ”ادا عدلو، منهنجي اکين آڏو اوندهه
اچي وئي آهي.“
”هو وڏو مالڪ آهي، بي نياز بي پرواهه.“ چاچاعدلوءَ
هٿ آسمان ڏانهن کڻي چيو.
”بي شڪ،بي شڪ.“ خان محمد ۽ ماما حسن هڪ آواز ۾
چيو.
”وڃڻو هر ڪنهن کي آهي، ڪو اڳي ڪو پوءِ.“ چاچا
عدلوءَ وري چيو.
”بي شڪ، بي شڪ.“ خان محمد ۽ ماما حسن هڪ آواز ۾
چيو. ’خبر ناهي هيءَ جديد سائنس ڪڏهن موت کي قبضي
۾ ڪندي. افضل سوچيو.
هنن جون ڳالهيون کيس ذهني آرام ڏئي رهيون هيون.
هن چاهيو ٿي ته هو ڳالهائيندا رهن، جيئن هو جاڳندو
رهي ۽ انهن خوابن مان نه اڙجي وڃي، جن تي هاڻي
سندس ڪو زور ڪو نه هو.
”ڀلا افضل شهر ويندو ڇا؟“ چاچا عدلوءَ پڇيو.
”ضرور، اتي نوڪري ٿو ڪري.“ ماما حسن جواب ڏنو.
”چاليهه ڏينهن گذرن ته موڙ ٻڌونس.“ چاچا عدلوءَ
چيو.
”ڪيڏا نه ارمان هئس پٽ جي سهرن ڏسڻ جا. خبر ناهي
ڇا ٿي ويو. هتان ته چڱي ڀلي هلي هئي. افضل کي
ڏسندي ئي خبر ناهي ڇا ٿي ويس؟ رب جا راز آهن، رب
ئي ڄاڻي.“ خان محمد ائين پئي ڳالهايو ڄڻ کيس اڃا
به ان تي پڪ نه ايندي هجي ته ڪا سندس زال مري،
مڻين مٽيءَ هيٺ دفن ٿي چُڪي آهي.
”ادا، موت برحق آهي – ڀاڳ واري هئي جو ڪو ڏک ڪو نه
ڏٺائين.“ چاچا عدلوءَ چيو. |